سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1  1958ع

 

صفحو :5

بهاريءَ جي اکين اڳيان جيوڻ جو اُداس چهرو کڙو ٿي ويو، جو آنسن ٻڏل اکڙين ۽ ڀريل گلي سان چئي رهيو هو: ’بتي اُجهامي ويئي، ... تيل کپي ويو‘، ’زندگيءَ جي جوت‘... ’خون – پسينو‘ ... ’ديپ ڦڙڦڙائي رهيو آهي‘... ’مون کي معاف ڪريو، سرڪار! .... مون تي رحم ڪريو ....!‘

بهاريءَ جون رڳون سيٽجي ويئون ۽ ۽ ساهه جو دورو تيز ٿي ويو. ’جيوڻ جي بتي اُجهامڻ تي هن پنهنجي جيون ۾ روشنيءَ جي جهلڪ ڏٺي هئي: جيوڻ جي جيون کي انڌيري ۾ ڌڪيلي، هن پاڻ کي روشنيءَ جو درشن ڪرائڻ ٿي چاهيو!‘ ... ”نه، نه!“ هن ڀيڪوڙيل ڏندن ۾ ڪجهه زور سان ڀڻڪيو، ۽ پوءِ اُٻهرائيءَ مان اُٿي، پيسا کڻي، تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.

مزدور – بستيءَ ۾پهچڻ بعد، هن کي جيوڻ جو گهر ڳولڻ ۾ ڪا خاص دير ڪين لڳي.

هڪ ڪچي مڪان جي دروازي وٽ،منهن گوڏن ۾ ڇپائي، ڪو غريب پنهنجي مجبوريءَ تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. اندران ڪنهن ٻالڪ جي روئڻ جو آواز پئي آيو. بهاريءَ جهٽ سهي ڪيو، - اهوئي جيوڻ جو گهر هو.

بهاري، هڪ ڏوهاريءَ جيان، هلڪا قدم کڻندو، سندس ويجهو پهتو. کيسي مان پيسا ڪڍي، هن جيوڻ جي پيرن وٽ رکي ڇڏيا. کڙڪو ٻڌندي ئي جيوڻ جيئن ڪنڌ مٿي کنيو، سندس وار کڙا ٿي ويا. ڏڪندي ڏڪندي هو اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ڀريل دل سان چيائين:

”سلام، سرڪار!“

بهاري ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيو. صرف سندس اکين مان همدرديءَ جي گهري راز ڀريا ٻه گرم آنسو نڪري، جيوڻ جي پيرن لڳ ڪري پيا، جن ۾ سمايل هو – ’هڪ غريب جو، غريب لاءِ پيار‘.

نبي بخش دائودپوٽو

ذليل انسان

هوٽل تي وڃڻ اڄڪلهه هڪ رواجي ڳالهه ٿي پيئي آهي. سوين وچولي درجي جا ڪلارڪ ۽ منشي، ڪيترا پورهيت ۽ مزور، هوٽل تي نظر ايندا. امير به هوٽل تي وڃن، پر البت ٺاٺ باٺ واريءَ تي.

اسان جي به اها هير ٿي ويئي آهي. منجهند جو آفيس ۾ رسيس ٿئي ئي مس، ته ٺڪ سڌو هوٽل تي. وري پيون به رڳي چانهه. ٻنپهرن تائين آفيس ۾ ڪم ڪندي ڪندي اکيون ٻاهر نڪري اينديون اٿئون، سو ڪجهه بک ۽ ڪجهه ٿڪاوٽ جي ڪري هوٽل تي وڃڻو ئي پوي ٿو. هوٽل تي هونئن ته گهڻيون شيون ملنديون، پر پنهنجي صرف چانهه سان لڳي – سستي جو آ، ۽ وري گرم ۽ مٺي! بک کي ته ڄڻ اڏايو ڇڏي. تنهن ڏينهن هوٽل تي وڃي رهيا هئاسين – مان، انور ۽ رشيد. غني آفيس ڪونه آيو هو؛ چي ’ڪجهه ناچاڪائي اٿم‘. هوٽل تي پهتاسين، ۽ نيم موجب وڃي ڪُنڊ وَسائي سين. ڪنڊ ۾ نڪو ڏسي نڪو وائسي، تنهنڪري بي الڪي چانهه پي سگهندا آهيون. انور ٻيءَ ٽيبل تان اخبار کڻي آيو. بيئرر اڃا اسان تي نازل ڪو نه ٿيو هو، تنهنڪري اخبار جاچڻ لڳاسين. اخبار ۾ به ڏاڍيون ڪي خبرون هيون:

- ”اڄ وڏو وزير ٽن مهينن جي دوري تي وڃي رهيو آهي. اتان اناج جي حالت جاچي، اچي ملڪ ۾ پيل ڏڪار لاءِ ڪجهه قدم کڻندو“؛

- ”فلاڻي سيٺ جي ڪو شاهينگ ڳنڍ ڪپي ويو“؛

- ”گورنر اڄ ٻِيڙين جي ڪارخاني جو بنياد وڌو“؛

- ”فلاڻي مزور خودڪشي ڪئي، ۽ خودڪشيءَ جي سبب جاچڻ لاءِ پوليس سندس مائٽن کي لاڪپ ڪيو آهي“؛ وغيره وغيره.

سڄيءَ اخبار تي مٿاڇري نظر ڊوڙائيسين، پر ملڪ ۾ پيل ڏڪار جي ڪا خبر نه آيل هئي! نه وري اهو پئي معلوم ٿيو ته گهڻا مئا، گهڻا بچيا ... ۽ اگر مئا، ته ڪير؟ مون کي عجب لڳو ته الاجي ملڪ ۾ ڏڪار هو يا نه، يا سڀ ماڻهو ڪوڙا هئا جو ڏڪر ڏڪر ٿي پڪاريائون: يا ته بک وگهي مرڻ هڪ رواجي ڳالهه هئي ۽ ڪافي پراڻي ٿي چڪي هئي، تنهنڪري اخبار ۾ اچڻ جهڙي نه هئي! پتوئي نٿي پيو. ماڻهن جي واتان پئي ٻڌوسين ته اميد تي جيئڻ وارا نااميد ٿي رهيا آهن. اسان جهڙن جو وچولو طبقو ته اڳي ئي ڪجهه اَنّ ۽ ڪجهه چانهه تي گذر ڪري رهيو هو. اميرن جي سا خبر نه آهي.

اوچتو رشيد هڪ خبر ٻڌائي: چي، ”هڪ مائي پنهنجو ننڍو ٻار ماري، پاڻ الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي آهي. پوليس سندس ڳولا زناني مارڪيٽ ۾ شروع ڪئي آهي. اميد ته جلد پتو پئجي ويندو.“

ٻار جي موت جو ٻڌي، انور ڄڻ ڇرڪ ڀريو، چي، ”ٻار کي ماريو اٿس؟ - ابهم کي! ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه، - عورت ۽ وحشي! پالي نٿي سگهيس شايد.ڪهڙي خبر، اهو ٻار وڏي هوندي وڏو ماڻهو ٿئي ها!“ مون کان رهيو نه ٿيو. چيم، ”جهڙو تون ٿيو آهين! ڪلارڪ آهين، شايد فائيلن جي قبر مليئي!“ انور چپ ٿي ويو، ۽ رشيد وچ ۾ ٽپي پيو. چي، ”ڇڏ يار، ڇا تاريخ ڦري ويئي ڪيئن؟ هٽلر ڪير هو، مسولني ڪير ۽ رضا شاه پهلوي ڪير؟ اُهي به ته غريب هئا – پوءِ ڪيئن وڌيا؟ اسين پوءِ ڇو نٿا وڌي سگهون؟ پر ڪنهن جي ڀاڳ سان ريس ڪهڙي!“ رشيد ٻه منٽ خاموش رهيو.وري چيائين: ”خير، ڇڏيو ان ڳالهه کي، اچو ته مان توهان کي ڪجهه گشت جو احوال ٻڌايان.“ رشيد شروع ڪيو:

”گشت جي موسم هجي. آءٌ، وڏو صاحب ۽ ننڍو صاحب – سڀ وياسين گشت تي.گشت هو خرچ جي حساب ڪتاب جي چڪاس بابت. گشت آهي مست، جنهن کي لڳي سوڦري. گشت جو جيڪو فائدو نه وٺي، سو ته ڪلارڪ، ڪلارڪ جو پُٽ ئي نه چئبو. وڃي لٿاسين. وڏو صاحب ۽ ننڍو صاحب ته وڃي رهيا بنگلن ۾، ۽ مون کي رهايائون اتي جي هيڊ ڪلارڪ صاحب وٽ.

”هيڊ ڪلارڪ مون کي پنهنجي گهر مان هڪ ڪوٺي رهڻ لاءِ ڏني. اها ڪوٺي هيڊ ڪلارڪ اڪثر ڪري اوطاق طور ڪم آڻيندو هو. آيو، ويو – مڙيوئي ڪوٺيءَ ۾پيئي ڪچهري لڳندي هئي. ڪوٺيءَ کي ٻه در هئا – هڪ گهر طرف اندر، ۽ ٻيو ٻاهر رستي طرف. گهر وارو دروازو ٻاهران بند هو، تنهنڪري ڪوبه ماڻهو هر وقت ڪوٺيءَ ۾ اچي ٿي سگهيو.

”هيڊ ڪلارڪ پاڻ هو پنجاهه کن جو، پر ڏسڻ ۾ ڪافي پوڙهو ٿي آيو. اکين تي ٿلها کوپا چڙهيل هئس. ڏسڻ جو سادو، پر اندر جو جهڙو ڪارو. قسم ۽ قرآن کڻي ته ’آءٌ رشوت نه وٺان‘. رشوت نه وٺي، ته سؤ ٽيهن روپين مان ههڙي وقت ۾ هوند پورت ڪيئن ڪري!

”هن منهنجي چڱي خدمت ڪئي. ٽي ويلا ماني، شام جو چانهه، ۽ رات جو کير به نصيب ٿيڻ لڳم. تنهن کان سواءِ ٻي هر چيز جو خيال رکيو ٿي ويو: پنج منٽ گذريا نه آهن ته ٺڪ پان، سگريٽ، يا ٻيو ڪجهه. صبح ۽ شام جووڏي صاحب ۽ ننڍي صاحب ڏي وڃڻ لاءِ سائيڪل به هٿ ڪري ڏنائينم. پنهنجي وڏي پٽ کي چئي ڇڏيو هئائين ته هر وقت منهنجي حاضريءَ ۾ رهي. هونئن ته اسين ڪلارڪ مولائي ماڻهو ٿيون – مٿي تي ٽوپي رکون ئي ڪين، عزت لهي ته ڄڻ نه لٿي – پر هتي آءٌ هيڊ ڪلارڪ تي رعب ڄمائڻ لڳو هوس، ۽ خاص خاص چيزن جي فرمائش ڪندو هوس؛ ۽ منهنجون فرمائشون لاچار پوريون ڪيون وينديون هيون.

”هيءُ پوڙهو هيڊ ڪلارڪ اهڙو، جو وَٺَ ئي نه ڏي! ڏاڍو ڇيڇاڙيومانس. چي، ’رشوت وٺڻ حرام آهي. آءٌ بالڪل نه وٺان – رتيءَ برابر به سوئر!‘ رشوت نه وٺي ته پنهنجا ٻار ٻچا ڪيئن پاليندو هوندو؟ پگهار مورڳو هڪ سو ٽيهه، ۽ مٿان وري اسان جهڙن مولاين جون مهمانيون: پڪ اندر ئي اندر ڳجهو چور هوندو. اگر مهماني نه جهلي ها ته ڏنڊا ڪونه هڻونس ها- وڌ ۾ وڌ بدلي. بدليءَ تي البت سامان جي ڀڄ – ڀور ٿئيس ها، يا خرچ اچيس ها، پر جاگيرون ڪونه لٽجنس ها. ماڻهن ۾ هُلايو هئائين ته ’پوڙهو آهيان؛ ڳوٺ آهي اباڻو وطن، مرجي اتي ته چڱو‘. واه جا چڱائي – مري ها، ٽڪا وٺي ها! ٻاهر نمازي، اندر جو پليت! چي، ’اشراف آهيان‘- واه جا اشرافت! آخر تائين ڪونه سليائين ته ڪو رشوت وٺي! وڏو اندر جو چور، لچو ۽ بدمعاش هوندو؛ ڳجها کاٽ هڻندو هوندو. پر استاد بيهه، - پاڻ به اهڙيءَ طرح پڳاسون جو واه واه – ياد ڪندو!

”گهڻا ڏينهن سير سواد وٺڻ ڪري، ڪم اينگهجي پيو. جيتوڻيڪ ڪم نالي ماتر ڪندا هئاسين، پر هيل ته اها به پَٽي؛ سو هفتو کن رهي پياسين. آءٌ ته ڦنڊي پيو هوس.نه ڪم نه ڪار،مزي سان پئي ماني ملي. ٻاهر ڏڪر ته ڏڪر ئي سهي: ڪڻڪ ڪيتري به سير هجي، پاڻ کي ملِي ٿي. ۽ اسان جو ڪم هو کائڻ – بس.

”ڳچ وقت رهڻ ڪري مون کي سندس گهر جي ڪجهه حالت معلوم ٿي.گهر جي جاءِ خاص نه هيس. اندر وري گند: ڪٿي ڇيڻا پيا هوندا، ته ڪٿي ٻهاري – مڙيو ئي گذرپئي ڪيائون. گهر ۾ ڪل اَٺ ڀاتي هئس: ٽي ننڍا پٽ، چئن، اٺن ۽ ڏهن سالن جا؛ ٻه ڌيئر، هڪ ٻارهن جي ۽ ٻي پندرهن کن جي؛ هڪ پاڻ، هڪ جوڻس ۽ هڪ نهڻس. ٻڌم ته جوان پٽس تازو وبا جي مرض ۾ مري ويو هو.هڪ دفعي گهر وارو اندريون دروازو صرف ٻيڪڙيو پيو هو؛ مون سعيو ڪري کولي ڇڏيو، ۽ گهرجي حالت جاچيمانس. زالس هميشہ بستري داخل هوندي هئي – سڄي سائي – الائي سلهه جو مرض هوس يا ڇا. نهڻس ننڍي نيٽي هئي، پر البت ناچاڪ لڳندي هئي.باقي ڌيئرس جهڙا گل! نئين جواني، ... ڏسڻ سان اکيون پئي ٺريون- جيڪر ويٺو ڏسجين!

”مون کي جيڪو عجب لڳوسو هن ڳالهه جو: ڪيڏي نه رشوت وٺندو هوندو – مهيني ۾ پنج سؤ ته واه جو ٿيندڙ هوندس – پر گهَر جي توڙي پنهنجي حالت سا ئي بُري! گهر ۾ توڙي پاڻ کي خاص ڪري ڪپڙو به ڪونه هوس؛ ڌيئر ته اڌ – اگهاڙيون ويٺيون هونديون هئس. پهرين ته مون سمجهيو ته فاحش هونديون؛ پر اهڙي ثابتي نه مليم. ڪيئن به هجي، ڇا اڌ – اگهاڙيون، فاحش نه هونديون؟ ٻڌو هوم ته گهر ۾ ٿورو ڪي گهڻو پورهيو به ڪنديون هيون. زالس اڳي ئي سائي، ويتر پوڙهو دوا درمل تي پيسا خرچيس ڪونه، سو مردو ٿيندي ٿي ويئي. ٻار ڏسينس ته ڳريا پيا هئس. ههڙو چڱو چوکو مون هچا کي پئي کارايائون، سو گهر ۾ ته پاڻ چڱو کائيندا هوندا. پر منحوسَ جا ٻار، - ڪيترو به چڱو کارائين، ظاهر ڪٿي ٿو ٿئي! پاڻ ڏسينس ته نه ڦڙ تي نه چالاڪي. آفيس ۾ ڇا ڪم ڪندو هوندو؟ اهڙن ماڻهن تي مون کي ڏاڍا خار لڳندا آهن.

”هڪ ڏينهن سندس اَٺن سالن وارو پٽ ٻاهر رڙندو آيو. وڏيءَ ڀيڻس ماريو هوس.وڏو ڀاڻس ڳليءَ ۾ بيٺو هو. راند به نه پئي ڪيائين. ننڍي ڀاءُ کي روئندو ڏسي، پرچائڻ لڳس.  ’ڇاهي ڪمون، ڪهڙي ڇوڪري ماريئه؟‘ ڪمونءَ وراڻيس ته ’اديءَ ماريو اٿم. ڏاڍي بک لڳي هئم، ماني گهُريمانس ته ماريائين. ئي پيئي: ”ڪيڏڙو ٿيو آهين، رڳو مڪڙ وانگر پيو کائين ... ڪڻڪ ڏس ته وڃي زر لڳي آهي! مرين به نٿو؟“‘ ڪهڙي نه ڏائڻ هيس ڀيڻس! مانيءَ ڳڀو ڏئيس ها، ته سڀ بک ڪونه مرن ها. ڪڻڪ ته ملڪ ۾ جام هئي، البت پيسو ٿورو هو: سو پڻس ڪري وڌيڪ رشوت وٺي ها!

”وڏو ڇوڪر به منهنجي حاضريءَ ۾لڳوپيو هوندو هو. هڪ ڏينهن پڇيومانس ته ’اسڪول نه وڃين ڇا؟‘ چي، ’ويندو هوس، هاڻي نٿو وڃان. في نه ڀري هيم؛ ابا کان گهريم، ماريائين. چيائين ته ”وڃي جهنم ۾ پؤ، نه پڙهه“.‘ ننڍو ڇوڪر اڃا ننڍو ٿيندنِ، پر اهو به منحوس – سڄو ڏينهن پيو ’رِين رِين‘ ڪندو!

”ڪهڙي به گهر جي حالت هين، پر سڀ منحوس پوڙهي جي ڪري. مري ها ته معصوم ڳڻتيءَ کان ڇٽي پون ها. دل جو ڏاڍو ڪنجوس. ڪڏهن پٽن کي گهمائڻ به نه وٺي ويو. ڪيڏي نه رشوت وٺندو هوندو، پر اها سڀ وڃي الائي ڪيڏي ٿي!

”پر استاد، پاڻ به اهڙن منحوسن سان چڱيءَ طرح پڄون! اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ٽي سو روپيا گهريامانس – هڪ سو پنهنجي لاءِ، ۽ ٻه سو صاحبن لاءِ. نه ته بدلِي! ذري گهٽ روئي ويٺو – جهڙي هچا! چي، ’پيسو هجيم ها ته ههڙي حال ۾ ڏسوم ها‘، وغيره وغيره. اگر پيسو نه هوس ته ڀلا مون کي کارايائين ڪٿان ٿي – سو به چڱو چوکو؟ ڪوڙو هو، ذليل! مون چيس ٽي سوروپيا ضرور وٺندس – شيئر. ڪٿان به آڻ: وڃي چوري ڪر، يا وڃي وڌيڪ رشوت وٺ. روئي ويٺو! پر آءٌ ڪٿي ڇڏڻ وارو هوس؟ نيٺ ٻئي ڏينهن سو روپيا آڻي ڏنائين، سي به چيائين ته ڳهه گروي رکي آيو آهيان؛ باقي چيائين ٻئي دفعي. پر ڪيئن به ڪيائين، وڃي پوي جهنم ۾؛ اسان کي پيسن سان ڪم، سو مليا. ڪراچيءَ اچي خوب پيتوسي کاڌوسي. ٻئي دفعي پنج سو جو چَڪ هڻندومانس!“

رشيد بس ڪئي. اسين اٿياسين. رشيد بل ڏنو، ۽ اسين آفيس ڏانهن روانا ٿياسين. رستي تي چرچا گهٻا ٿيا، پر الاجي ڇو سڀ ڦڪا ٿي لڳا. آءٌ پنهنجي آفيس پهتس. دل ڪم تي نه لڳيم، موڪلائي آيس.

دل ڳري ڳري پئي معلوم ٿي ... دماغ پريشان. ٻيو دفعو چانهه پيتم، پر بيسود. خيالن ۾ هڪ برباد ٿيندڙ خاندان هو، ۽ هڪ ويران ٿيندڙ گهر: ’نياڻيون، انگ – اگهاڙيون، ۽ معصوم ڪمسن – ڇا اهي ائين ئي رهندا؟ هيڊ ڪلارڪ رشوت ڇو نٿو کائي؟ پنهنجي خاندان کي بچائي ڇو نٿو؟ ... ڇو؟‘

خيال ڦري رهيا هئا. ’انسان‘ ياد آيم: ’انسانَ به ته اهڙيءَ حالت ۾ آهن‘ آخر اهي لچايون ڏاڍايون ڪيستائين؟ ... وقت اچي رهيو آهي، جڏهن اسين سڀ انسان – هاري ناري، مزور ۽ ڪاسبي، پورهيت ۽ مظلوم – گڏجي اٿنداسين: پاڻ کي بدلائينداسين، ۽ سڀني ”رشيد“ جهڙن کي به بدلائينداسين‘.

ڪيرت ٻاٻاڻي

درد، جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو

هو ماسترن واري ڪمري ۾ داخل ٿيو ته کيس هڪ ميرو، ڦاٽل ۽ مروٽيل سروٽيل ڪاغذ جو ٽڪرو مليو. پني کي سنواري، ان تي پينسل سان لکيل ڪچا ۽ اَڏا ابتا اکر پڙهيائين – هڪ دفعو، ٻه دفعا، ٽي دفعا – ور ور ڪري چٺيءَ ٽڪر پڙهيائين. ڪجهه هيئن لکيل هو:

”پياري نرملا،

”مان تو کي ڪيترو نه ڀانيان ٿو! تو کي گهڻوئي ٿو ياد ڪريان، پر تو ته شايد مون کي ڀُلائي ڇڏيو آهي. مان تو کي رسيس جي وقت ڳوليندو آهيان، پر تون ڪٿي به نه لڀندي آهين. اڄ مون سان ضرور ملجانءِ. – تنهنجو،هريش“

ٻارهن سالن جي هن معصوم ٻالڪ جو معصوم خط پڙهي، هو هڪ طرف تپرس ۾ پيو ته ٻئي طرف مونجهاري ۾ ويڙهجي ويو. اهو خط کيس انهيءَ مراد سان مليوهو ته هو ان جو نيڪال ڪري؛ ڇوڪري کي تنبيهه ڪري، جنهن جي سر تي پريم جو ديوتا سوير ئي سوار ٿيو هو. اهڙي خط جو هو ڪهڙونيڪال ڪري، اُن سوچ ۾ هو ٻڏي ويو.هن کي پهريون خيال اهو اُتري آيو ته ڇوڪري ۽ خط کي اسڪول جي هيڊ ماستر جي حوالي ڪري، جئن هوئي پنهنجي هٿن سان انهيءَ معاملي کي فيصل ڪري؛ پر اوچتو سندس خيال کي ڇٻي اچي وئي. اسڪولي جيوَن جو هڪ واقعو بجليءَ جي چمڪاٽ جيان سندس اکين اڳيان ڦري آيو. هوبهو اهڙو واقعو – منوهر ۽ گوپي، گوپي ۽ منوهر!

گوپي ۽ منوهر سندس هم – ڪلاسي هئا. گوپي ڪلاس جي شيرڻي ليکي ويندي هئي. ڪنهن ڇوڪري کي ساهس نه ٿيندو هو جو سندس سامهون بيهي سگهي. هن سان چرچو ۽ کِل ڪرڻ ته ڏور رهيو، پر ساڻس چپ چورڻ جي همت به ڪن جزوين کي ٿيندي هئي. هرڪو هن کان ذري گهٽ ڪنبدو ۽ ڪَن هڻندو هو.هوءَ اهڙي رعب سان هلندي هئي، جو لاٽ جي پٽ کي به آخر ۾ نه آڻيندي هئي. ڀرسان ڪير لنگهي ويندو هوس، ته مجال آهي جو اک کڻي به نهاريس! رستي تي اڙٻنگ ڇوڪرا ڪيترا به چرچا ۽ مسخريون ڪري سندس ڌيان نه ڇڪائي سگهندا هئا؛ ۽ جي اتفاق سان ڪنهن ڏانهن ڪَوڙي نظر کڻي اڇليندي هئي ته اهو ڇوڪرو رڍ وانگر ٻين جي پٺيان لڪي هلڻ شروع ڪندو هو. جيڪڏهين ڪنهن ڇوڪري جي ڀرسان لنگهندي هئي، ته هو پنهنجي پاسي ۾ سچ پچ شيرڻيءَ کي محسوس ڪري ڊنل هرڻيءَ وانگر چار وکون پٺتي هٽي ويندو هو. رستي تان ويندي، اکيون ۽ لوندڙيون ’هوشيار‘ جي حالت ۾ ائين سڌيون ڪري هلندي هئي، جئن قواعد ۾ سپاهي: مجال جو اک کڻي ڇنڀي يا ڪنهن تي پاسيري نظر اڇلائي! ڪنهن رستي يا گهٽيءَ مان گذرندي هئي ته ڪيترائي شائق سندس انهيءَ شهاڻي رعب جو نماءُ ڏسڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهندا هئا.

هوڏانهن منوهر گوپيءَ جي اُبتي ڪاپي هو. نالو منوهر هوس، پر اسڪول جا سنگتي کيس ’پوپري‘ ڪري پڪاريند اهئا. ڪنهن ڇوڪريءَ جو نالو سندس اڳيان وٺجي ته سندس ڳلن تي رت مڙي ايندو هو ۽ ڪَنَ جون پاپڙيون به سرخ ٿي وينديون هيس. ڇوڪرين کان ڏهه ڪوهه ڏور ڀڄندو هو. جي ڪا ڇوڪري ڀرسان لنگهندي هيس ته پاسيرو ٿي ويندو هو، يا ڪجهه قدم پٺتي هٽي ويندو هو. گهر ۾ ڪا ڇوڪري ايندي هين ته پاڻ ڪونه ڪو بهانو ڪري ٻاهر کسڪي ويندو هو. ڪلاس ۾پڻ ڇوڪرين جي بينچن کان گهڻو گهڻو پٺتي وڃي ويهندو هو. ڇوڪرا کيس تنگ ڪرڻ لاءِ پويون بينچون والاري ڇڏيندا هئا، ته هو اَپدا هيٺ اچي ويندو هو. پنهنجي بينچ تي هميشہ اکيون هيٺ ڪري ويهندو هو. رستي تان هلندي، پري کان ڪا ڇوڪري ڏسندو هو ته نظرون ڌرتيءَ ۾ کُپائي ڇڏيندو هو.مجال آهي جو ڪنهن وقت اکيون مٿي ڪري ڪنهن ڇوڪريءَ جي چهري ۾ چتائي سگهي! سامهون ايندڙ ڇوڪري جيسين گهڻو پري نه هلي ويندي هئي، تيسين پنهنجون اکيون سڌيون ڪري نه سگهندو هو.

-  ۽ گوپيءَ ۽ منوهر جو پاڻ ۾ پريم هو! اهڙي ڳالهه کيس منوهر ٻڌائي هئي. منوهر سندس پاڙيسري هو، سندس متر هو، ۽ سندس دل – گهُريو دوست پڻ. اهڙي ڪا ڳالهه ڪانه هئي، جا منوهر کانئس ڇپائي رکي هجي. پهريون دفعو جڏهين منوهر ساڻس اها ڳالهه ڪئي ته کيس ويسهه ۾ نه آئي ۽ هو وسميه ۾ پئجي ويو هو. هن سوچيو هو: ’منوهر ۽ پريم! ... گوپي ۽ پريم! ... منوهر ۽ گوپي! .... منوهر ۽ گوپي ۽ پريم!‘ ڳالهه اعتبار کان ٻاهر هئي؛ پر جنهن سچائيءَ سان منوهر اها ڳالهه چئي هئي، تنهن ۾ شڪ جي گنجائش نٿي رهي.

منوهر رام جي گهر ويندو هو. رام نه صرف سندس دوست ۽ هم – ڪلاسي هو،بلڪ پاڙيسري پڻ. ۽ گوپي، رام جي ڀيڻ جي ساهيڙيءَ جي ناتي، نت نيم رام جي گهر ايندي هئي. منوهر پهريان ڪجهه ڏينهن رام جي گهر ايندي ڇرڪيو، پوءِ شرمايو، ۽ آخر ۾ اکيون هيٺ ڪري ويهندو هو. هو آهستي آهستي گوپيءَ کي ترڇين نظرن سان جاچيندو ٿي رهيو. گوپي، جا ڪلاس ۾ سڀني لاءِ شيرڻي هئي، سا کيس هت بالڪل اڌ ڀت لڳندي هئي. کيس اعتبار ۾ نٿي آيو ته گوپيءَ جو پڻ ههڙو روپ ٿي سگهي ٿو! هوءَ اسڪول واري گوپي نه پر بلڪل عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ گوپي هئي، جا رام جي گهر ۾ هرڻيءَ وانگر ٺينگ ٽپا پيئي ڏيندي هئي، ۽ کل ۽ ٽهڪڙو پئي وسائيندي هئي.اهڙو انوکو ۽ نرالو گوپيءَ جو روپ، منوهر کي پهرين اسنڀؤ لڳندو هو، پوءِ تپرس ۾ وجهندڙ لڳو، ۽ آخر عجيب ڪشش ڏيندڙ ڀاسيو. گوپي منوهر ڏانهن نهاريندي هئي، مشڪندي هئي، بعضي بعضي ناز سان نگاهون اڇلائيندي هئي، - ۽ ويچاري منوهر جي سانيتڪيءَ دل جي دنيا ۾ خوفناڪ زلزلو مچائي، ان جي ڀتين کي بنياد کان ڌوڏي ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيندي هئي.

۽ منوهر؟ ٿوري وقت ۾ منوهر جي ڪايا پلٽجي ويئي. منوهر ساڳيو منوهر نه رهيو. هو هڪ وچتر ڪردار بڻجي پيو. کيس جيترو گوپيءَ جي نراليت تي تعجب لڳندو هو، اوترو ئي پنهنجي بدليل شخصيت تي. ڪڏهين ڪڏهين کيس اعتبار ۾ نه ايندو هو ته ٻاهر وارو منوهر ۽ هيءُ منوهر ڪو ساڳيون شخصيتون آهن! کيس انهن ٻن شخصيتن ۾ ڪو سنٻنڌ نظر نه ايندو هو، ڪو ميل – ميلاپ سمجهه ۾ نه ايندو هو. رام جي گهر هو پنهنجو پاڻ کي سمجهي نه سگهندو هو.

منوهر نت نيم رام جي گهر ويندو هو، ۽ گوپي پڻ وس پڄندي ڀيرو نه ڀڃندي هئي. ٻئي ڄڻا پوري وقت تي هڪٻئي جو انتظار ڪندا هئا، ۽ عين ساڳئي وقت اُتي موجود هوندا هئا. هڪٻئي کي ڏسندي، هو شرمائجي ويند اهئا. هڪٻئي سان نظرون ٽڪرجڻ تي هنن جي چپن تي مسڪراهٽون ماکي هاري ڇڏينديون هيون، ۽ ترڇين نظرن سان هڪٻئي کي ڏسي، اکين جو ڍؤ ڪندا هئا؛ پر هڪٻئي سان ڳالهائيندي هچڪندا هئا. جيترو وقت هو اُتي موجود هوندا هئا، اوترو وقت هنن جي دلين جي ڌڙڪ ۽ اکين جي لڪڇپ جاري هوندي هئي. ڪيترا مهينا هو،نديءَ جي ٻن ڪنارن وانگر، هڪٻئي جي سامهون يڪايڪ هلندي به هڪٻئي ۾ ملي نه سگهيا هئا. هو پنهنجي سيني ۾ اٿاهه پريم جو درياءُ سمائي، خاموشيءَ جي مُهر لڳائي، خوابن جي دنيا ۾ دور دور هلندا ٿي ويا. هڪٻئي جي بلڪل ويجهو هوندي به دور هئا؛ ۽ هڪٻئي کان دور هوندي به ويجهائي محسوس ڪندا رهيا.

هڪڙي ڏينهن  منوهر هن وٽ ڊوڙندو آيو هو. سندس من ۾ وياڪلتا، ۽ چهري تي پريشاني هئي. ائين ٿي ڏٺو ته سندس دل ڪنهن ڳري بوجي هيٺ دٻجي رهي هئي. دل جو بار لاهڻ لاءِ هو بي صبر ۽ اتاولو ٿي رهيو هو. هن هر هر ڪرسيءَ تي ويهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر من اندر ايتري ته لوڇ ۽ بي آرامي هيس جو ڪٿي به ٽڪاءُ نٿي آيس. هر هر اُٿ – ويهه ٿي ڪيائين. جڏهين پنهنجي من جي سموري آترويلا جو ورنن هن سان ڪيائين، تڏهين من هلڪو ٿيس ۽ آرام آيس. پهريون ئي دفعو پنهنجي پريم جو راز پنهنجي سيني مان ڪڍندي، هڪ طرف دل جي ڌڪ – ڌڪ ٿي محسوس ڪيائين، ته ٻئي طرف پريم جو بوجو هلڪو ٿيندو ٿي محسوس ڪيائين. منوهر جي دل جي ڪيفيت ڪجهه عجيب هئي. هو ايترو وقت پريم تي خاموشيءَ جي مهر لڳائي، پريشان ٿي رهيو هو. سندس دل جا اُڌما کيس وياڪل ڪري رهيا هئا. سندس دل جي ڌڙڪ کيس تڙڦائي رهي هئي. هن پنهنجي دل جو راز ڪنهن وٽ کولي رکڻ ٿي گهريو. هن پنهنجي پريم جي پشپن کي ڪنهن جي اڳيان ڀيٽ رکڻ ٿي گهريو. هن چاهيو ٿي ته پنهنجي دل جا بند ٽوڙي، سيلاب بڻجي، ڪنهن جي دل پريم ساگر ۾ ٻوڙي ڇڏي. هن جي دل، اَجهل بڻجي، پريم جي پالوٽ ڪرڻ ٿي گهري. هن پنهنجي دل کي کولي گوپيءَ جي اڳيان رکڻ ٿي گهريو – جئن هن وٽان پريم جي موٽ پائي، هو دل کي تسڪين ڏئي ۽ آنند جي ساگر مان سرڪيون ڀري.

هڪ ڏينهن، ٽاڪ منجهند جو، اونهاري جي تتل ڏينهن جئن اسڪول بند ٿيو، تئن ٻار نچندا ٽپندا ٻاهر نڪتا. سج آسمان مان پگهاريل باهه پئي وسائي. ڌرتيءَ نهائينءَ وانگر گرم هوا جون ڦوڪون پئي ڏنيون. منوهر بي اختيار ڪنهن جي پٺيان ڌيري ڌيري هلندو رهيو. هو، بيخيال، ڪنهن جي جستجو ۾ هو. سندس من ۾ جوشيلي ساگر وانگر ڇولين جو ايترو ته زور هو، جو کيس خبر نٿي پيئي ته اهي من ۾ اٿندڙ ڇوليون کيس ڪيڏانهن گهلي رهيون هيون. اسڪول جو رستو طي ٿيو. شهر جو شاهي رستو پورو ٿيو. گهٽين پٺيان گهٽيون آيون ۽ وينديون رهيون. گوپي اڳيان، ۽ منوهر پٺيان. گرميءَ جي تابش ڪري گوپيءَ جي ڳلن تي باهه جهڙي لالائي ڦهلجي ويئي هئي. سندس سارو جسم تپت ۾ ڄڻ پڄري رهيو هو. منوهر مٿان سج جي گرم ترورن خوب حملو پئي ڪيو، ۽ سڄو پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. سندس پيشانيءَ تان پگهر جون شفاف بوندون گسڪي، گرم ڌرتيءَ سان ملي، بخار بڻجي ٿي ويون. پر منوهر جي دل جي حالت ڪجهه عجيب هئي. ٻاهر هيڏي گرميءَ هوندي به سندس جسم ۾ هلڪو سياٽ ٿي اڀريو. سندس دل جي ڌڙڪ ايتري تيز هئي، جو ڀرسان لنگهندڙ کي، گهڙيال جي ٽڪ – ٽڪ وانگر، دل جي ڌڪ – ڌڪ جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ اچي. هو پاڻ کان بيخبر، گوپيءَ کان بيخبر، هن جي پٺيان هلندو پئي ويو.

گوپي هينئر پنهنجي گهر کي ويجهي پوندي ٿي ويئي. منوهر پنهنجي دل جي رفتار سان قدم جي رفتار پڻ وڌائي. جئن هڪ گهٽيءَ ۾ گهڙيا، ته سنسناٽ لڳي پيئي هئي. منوهر تڪڙي وک وڌائي بجليءَ جي جهٽڪي جيان گوپيءَ جي اڳيان اچي بيٺو. کين خبر نه رهي ته ڪي خونخوار اکيون سندن مٿان ڦري رهيون آهن. هو ڇا چوي؟ کن لاءِ ٻئي پنڊ پهڻ وانگر ڄمي ويا. منوهر جي ڏڪندڙ بدن ۽ لرزندڙ زبان مان هڪ حرف به نه نڪتو. هن هڪ پني ٽڪر وڌائي گوپيءَ جي هٿ ۾ ڏنو، جنهن تي ٻه سادا جملا لکيل هئا: ’مان تو کي ڪيترو نه چاهيان ٿو! تون مون سان اڪيلائيءَ ۾ ملندينءَ؟‘ گوپي سراپجي وئي. سندس اکين مان باهه ٿي نڪتي. سندس چپ سرءَ جي سڪل پنن وانگر ٿي ڦڙڪيا. هن شوخ نگاهن سان منوهر کي ڏٺو – جئين شيرڻي پنهنجي شڪار کي ڏسندي آهي. جڏهين گوپيءَ گهر اندر پير پاتو ته مٿس باهه ٻري آئي.ڪي جو ڪي کيس ٻڌڻو پيو. هن ڪابه ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. سندس نيڻن مان مشڪل سان ٻه گرم آنسو نڪري هيٺ ڪريا.

۽ منوهر! گهايل پرندي وانگر، پنهنجي کنڀڙاٽين کي لڏائيندو، لمائيندو، نيم – بيهوشيءَ جي حالت ۾ پنهنجي گهر ۾ اچي کٽ تي ڪريو. ڪافي وقت سڌ ٻڌ وڃائي پيو هو. ڪن ڪلاڪن کان پوءِ هو جڏهين سامت ۾ آيو، ته ائين ٿي لڳو ته ڪنهن سندس دل کي چيڀاٽي وڌو آهي. سندس چهري تي اهڙا آثار ٿي ڏٺا، ڄڻ ڪن ڪلاڪن جي اندر هن جي چهري جي مکڙي مرجهائجي وئي هجي.

ٻئي صبح جو منوهر کي هيڊماستر جي ڪوٺيءَ ۾ سڏ ٿيو. جڏهين هو ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتو، تڏهين سندس چپن ۽ نراڙ تان رت وهي رهيو هو. سندس چهرو ڪوئلي وانگر ڪاراٽجي ويو هو، ۽ سندس ڀُوري بدن مان ڄڻ ڪنهن رت چوسي ورتو هو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو.

پاڻ ان وقت منوهر جي انتظار ۾ اسڪول جي پوئين ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو؛ ڇاڪاڻ ته کين پرون ته اڳ ۾ ئي پئجي ويا هئا. منوهر اونڌي ڪنڌ اچي سندس ڪلهن تي ڪريو، ۽ ننڍڙي ٻار وانگر سڏڪا ڀري رئڻ لڳو. پاڻ گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي، منوهر کي، ڪلهي جو سهارو ڏيئي، اسڪول جي احاطي کان ٻاهر آندائين، ۽ کيس سائيڪل تي ويهاري گهر پهچايائين. ان ئي ڏينهن منوهر بستري داخل ٿيو. گهر ۾ ٻڌايائين ته سائيڪل تان ڪريو آهي، پر ڳالهه ته وڄ وانگر پکڙجي ويئي. منوهر کي بخار آيو، جو وڌي مدي جو بخار ٿيو. مدي جي بخار ۾ هو ايترو وڦلندو ۽ رڙيون ڪندو هو، جو مائٽن جي ڳلن تان آنسو ئي نه سڪندا هئا. ڏيڍ مهيني جي پيڙا کان پوءِ هو بستري تان اٿيو؛ پر منوهر ساڳيو منوهر نه رهيو. اُن ڏينهن کان پوءِ هو وري اسڪول ۾ نه آيو. هو ڪنهن سان ملڻ نه چاهيندو هو. هو ماڻهن جي ويجهائي پسند نه ڪندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ معلوم نه آهي ته ڪيڏانهن الوپ ٿي ويندوهو. هن جي منهن تان مرڪ غائب هوندي هئي. ڪڏهين سندس منهن تي مشڪ ڏسبي هئي، ته سندس چهرو بلڪل عجيب لڳندو هو. ڪڏهين ڪڏهين ان کان پوءِ به منوهر ساڻس ملندو هو ته سندس اکين مان جهر جهر نِير وهي ايندو هو. هو منوهر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، همٿائيندو ۽ دلاسا ڏيندو هو، پر منوهر خاموش ويٺو رهندو هو، ۽ پوءِ اوچتو اُٿي هليوويندو هو.

- ۽ گوپي؟ ان ڏينهن کان پوءِ وري ڪنهن گوپيءَ کي نه ڏٺو. هن وري اسڪول ۾ پير نه ڌريو. ائين چيو ويندو هو ته کيس ناناڻي گهر موڪليو ويو هو. ائين به ٻڌبو هو ته ان ڏينهن کان گوپيءَ ڪنهن سان کِلي نه ڳالهايو هو. سندس شوخي ختم ٿي چڪي هئي. هوءَ ڪنهن اونهي درد جي هيٺ کوهِي گهمندي هئي. هن گهڻو ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. هوءَ اڪيلائي پسند ڪندي هئي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ، بيسُرت، ڪنهن اونهي پُور ۾ پيئي هوندي هئي. ڪڏهين ڪڏهين سندس اکين مان ڳوڙهن جي ڌارا ڦُٽي نڪرندي هئي. ۽ ائين به ٻڌبو هو ته کيس زوريءَ شادي ڪرائي ويئي هئي، ۽ ٿوري وقت ۾ هوءَ .......

يڪايڪ اسڪول جي گهنڊ پنهنجي سيني تي لڳندڙ ٺڪاون کان اهڙي ته زوردار چيخ ڪئي، جو هن کان ڇرڪ نڪري ويو. رسيس ختم ٿي چڪي هئي. هو ڪرسي ڇڏي بي اختيار ڪلاس طرف وڌيو. ڪيئن ۽ ڪيڏيءَ مهل هوڪلاس ۾ گهڙيو، تنهن جي سمڪ کيس نه رهي. هو ننڊ ۾هلندڙ شخص جيان پئي ڀاسيو. ڪلاس اندر داخل ٿيڻ سان هن زور سان چلايو – ”منوهر!“  سڀني ڇوڪرن کان ڇرڪ نڪري ويو. هنن ماستر جو اهڙو عجب روپ اڳ ۾ ڪڏهين ڪونه ڏٺو هو. هو منجهي پيا.

ڪجهه پلڪن کان پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. هاڻي کيس معلوم ٿيو ته هو ڪٿي آهي، ۽ ڇا ڪري ويٺو آهي. هن محسوس ڪيو ته دل جي پيڙا هيٺ هو سڌ ٻڌ وڃائي ويٺو هو، ۽ پنهنجي دل جي اندر درد کي نه سمائي سگهيو هو. هن پنهنجي هٿ وارو ڪاغذ هٿ ۾ ئي مروٽي سروٽي دريءَ کان ٻاهر اڇلايو، ۽ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري، هڪ اونهو ۽ ٿڌو ساهه ڀري، ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

رضيه سجاد ظهير

سنڌيڪار: سڪينا يار محمد

”موٽي نه اچجانءِ“

دنيا ۾ هر روز بيشمار روح ايندا رهن ٿا. ٻڌجي ٿو ته هن جهان ۾ اچڻ کان اڳ هر هڪ روح کي الله جي اڳيان حاضر ٿيڻو پوي ٿو، انهيءَ لاءِ ته جيئن کيس ٻڌايووڃي ته هو دنيا ۾ ڇا ٿي وڃڻو آهي. اهڙيءَ طرح، هڪ فلسفيءَ جو روح هو – ڳالهه ڳالهه تي ’ڇو‘ ۽ ’ڇا‘ پڇڻ وارو روح. جڏهن هو الله جي اڳيان حاضر ٿيو، تڏهن الله تعاليٰ کيس فرمايو، ”مبارڪ اٿئي، اي روح، جو آءٌ تو کي ’اشرف المخلوقات‘ بنائي، دنيا ۾ موڪلي رهيو آهيان“. اهو ٻڌندي ئي فلسفيءَ عرض ڪيو، ”پروردگار، تو ته مون کان زياده سهڻا سج، چنڊ ۽ تارا بنايا آهن، مون کان وڌيڪ پاڻيءَ بجليءَ ۽ هوا کي طاقت ڏني اٿيئي، ۽ مون کان وڏا وڏا جانور پيدا ڪيا اٿئي، ان هوندي به تون مون کي اشرف المخلوقات ڪيئن ٿو ڪوٺين؟“ هن جي اهڙيءَ گستاخيءَ تي، رحم ۽ ڪرم جي مالڪ مرڪي ڏنو؛ ڪائنات مان ٽهڪن جو آواز آيو، ۽ سج چنڊ تارن کِلي ڏنو: ’انسان، - ازل کان شوخ!‘ ڪائنات جي ٽهڪن ختم ٿيندي ئي، هڪ ڌنڌ ڇانئجڻ لڳو. فلسفيءَ گهٻرائجي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. اوچتو هڪ آواز آيو: ”ها، مون تو کي اشرف المخلوقات انهيءَ ڪري بنايو آهي جو جهان جي سڀني ساهوارن کان تو کي ٻه نعمتون زياده عطا فرمايون اٿم: ’هڪ احساس جي طاقت،‘ ۽ ٻي ’زبان‘- يعني جيڪي به محسوس ڪرين، سو زبان ۽ ٻوليءَ جي وسيلي ظاهر ڪرين ۽ ٻين کي چئي ۽ ٻڌائي سگهين.“

فلسفي وري ويچاري ڪجهه پڇڻ تي ئي هو، ته اوچتو ڪنهن جي هٿن کيس ڳچيءَ کان سوگهو جهلي زمين جي طرف ڌڪو ڏنو. آسمان جي بلنديءَ کان زمين جي هيٺانهينءَ طرف مسافري ڏاڍي اڻانگي هئي. فلسفيءَ جو روح آهستي آهستي زمين جي طرف لهڻ لڳو. جيئن جيئن زمين کي ويجهو پوندو ويو، تيئن تيئن کيس زمين جون رنگينيون زياده معلوم ٿيڻ لڳيون: نانگن وانگر ور وڪڙ کائيندڙ درياهه، ميلن جا ميل سرسبز کيت، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل، فضا ۾ اڏامندڙ هوائي جهاز، ڪارخانن مان نڪرندڙ پيچدار دونهان، وڏيون وڏيون عمارتون، بجليءَ رفتار ريلون، ۽ انهن مڙني جي وچ ۾ انسان جي بستي! مرد ۽ عورتون، سندن رسِ- ڀريا گيت، رنگين لباس، حسين تصويرون، لطيف شعر، ۽ معصوم ٻچن جو شور!

فلسفيءَ کي ائين معلوم ٿيو ته بنا ڪنهن ارادي جي سندس رفتار جيئن پوءِ تيز ٿيندي پئي وڃي- گويا زمين کيس پنهنجي طرف ڪشش ڪندڙ هئي. اوچتو سندس پير زمين سان وڃي لڳا، ۽ کيس پيرن هيٺان هڪ نفيس بخملي غاليچو محسوس ٿيو. چوطرف ڪرسين جون قطارون ڏسڻ ۾ آيون. سامهون هڪ خوبصورت پنڊال ٺهيل هو، جنهن ۾ بي انداز رنگا رنگي بلب لڳل هئا. اسٽيج تي ڪوچ پيل هئا، جن تي ڳچ ويٺل ماڻهن پاڻ ۾ سس پس پئي ڪئي. وڏي دروازي مان هڪٻئي پٺيان ماڻهو ايندا ڪرسين تي ويهندا پئي ويا. فلسفي، آسپاس نظر ڦيرائي، اڃا هڪ ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو ئي هو ته ڪنهن پٺيان قميص کان کڻي جهليس:

”اتي ڪيئن ٿا ويهو؟ سيٽون رزروڊ ٿيل آهن!“

”ڇا چيوَ؟“ فلسفيءَ ٻيهر ٻڌڻ جي خيال سان کانئس پڇيو.

”چيم ته اهي ڪرسيون انهن لاءِ آهن، جن مشاعري ڏسڻ لاءِ سو سو روپيا ڏنا آهن؛ اوهين به جيڪڏهين سو روپيا ڏيو ته اڃا به ٻه چار ڪرسيون خالي آهن.“

”مون وٽ رپيا ڪٿان آيا،“ فلسفيءَ گهٻرائجي چيو، ”آءٌ ته سڌو خدا وٽان پيو اچان، اتي ته روپئي ٻُپئي جي ڳالهه ئي ڪانه هئي! خدا جي ملڪيت ۾ جيڪڏهن روپيا هجن ها، ته ضرور پاڻ سان کنيو اچان ها. مون کي شعر سان زياده دلچسپي آهي؛ چڱي شعر جو داد به ڏيئي ڄاڻان؛ تنقيد کان به ٿورو گهڻو واقف آهيان: شعر جي تنقيد متعلق منهنجي ذاتي راءِ آهي ته .......“

”آءٌ اها بڪواس ٻڌڻ نٿو گهران، ..... هتان اٿي پٺيان وڃي ويهه.“

فلسفيءَ چوڌاري نهاريو، ۽ پوءِ آهستي آهستي اتان اٿي پٺيان وڃي ويٺو. کيس منڍ واريءَ ڪرسيءَ تان لوڌجڻ جو ڏاڍو ڏک هو؛ ڇو ته انهيءَ ڪرسيءَ تان سڀني شاعرن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگهيو ٿي. اوچتو اسٽيج تي هڪ ماڻهو اٿي بيٺو؛ مائڪرو فون تي هڪ شاعر جو نالو ورتائين. ايتري ۾ هڪ شاعر، پنهنجو نالو ٻڌندي ئي، اچي اسٽيج تي حاضر ٿيو. فلسفيءَ ڪنڌ مٿي ڪري شاعر کي ڏٺو. پورو پنو قد، بدن ۾ ڏٻرو، سانورو رنگ، جنهن ۾ هلڪي پِيلاڻ – جهڙو تتل ٽامون؛ اداس نگاهون، جن مان دائمي جستجو پئي نظر آئي. فلسفيءَ کي سندس شخصيت ڏاڍي پسند آئي.

- ”هت هزارين حاذقن دعوا ته ڪئي ڪيڏي اچي،

پوءِ به ڏس انسان اهو برباد ويران آ اڃا!“

”زبان بند ڪر، مذهب تي حملو برداشت ڪري نه سگهبو!“ هڪ وڏو گوڙ ٿي ويو.

”حضرات، مون ته ائين محسوس ڪيو آهي .....“ شاعر جواب ڏنو.

”تو جيڪي محسوس ڪيو آهي، سو پاڻ وٽ رک! ...“

جيئن پوءِ تيئن مخالفت وارا وڌندا ويا. فلسفي گهٻرائجي دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو: ’پروردگار فرمايوهو ته مون تو کي احساس ۽ زبان جي طاقت ڏني، يعني جيڪي محسوس ڪندين سو ظاهر ڪري سگهندين؛ پر هت ته قصو ئي الٽو لڳو پيو آهي! منهنجا مالڪ، هيءُ ڇا پيو ٿئي؟‘

”مون ته فقط اهو چيو آهي ته هزارها نبين ڪيڏيون نه بغاوتون ڪيون، پر پوءِ به انسان کي سک نصيب ڪينهي.“

”ڇا ٿو بڪين؟ نبين ’بغاوت‘ ڪئي! حضرت، ٻڌو ٿا؟ .... چوي ٿو ته نبين بغاوت ڪئي! ... غضب آ، مولانا! يعني نبين کي ’باغي‘ چوي ٿو- خدا جو قسم ڪفر ٿو بڪي! لاحول وَلا قوّة اِلا بِالله.....“

”معزز حضرات، اوهان بغاوت جي معنيٰ به سمجهي آهي؟“ شاعر مرڪندي چوڻ لڳو.

”اسين معنيٰ ٻعنيٰ نٿا ڄاڻون، بڪوات بند ڪر!“

”اوهين معنيٰ نٿا ڄاڻو ته اهو منهنجو قصور ڪينهي؛ مان پنهنجي زبان بند نه ڪندس.“ شاعر، پنهنجي گردن کي سڌو ڪندي، جوش ۾ اچي چوڻ لڳو: ”منهنجي زبان کي سچي ڳالهه چوڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي: مان زندگيءَ جو شاعر آهيان، ۽ جيستائين زندگي پنهنجي سموري حسن سان سينگارجي دنيا ۾ ظاهر نه ٿيندي، تيستائين آءٌ اهڙيءَ طرح محسوس ڪندس، ۽ ائين ئي چوندو رهندس!“

چئني طرفن گوڙ ٿي ويو:

”دهريو آهي!“

”ملحد آهي!“

”اشتراڪي معلوم ٿو ٿئي!“

”ڪڍوس! ... ماريوس!“

اوچتو ڪرسيون هڪٻئي مٿان ڪرڻ لڳيون. انسان هڪٻئي سان هٿين پوڻ لڳا. شاعر جو لباس ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ڌڪ جهليندو، ٿڙندو ۽ ڪرندو، هو پنهنجي ڳچ قدردانن جي حلقي ۾ اچي ٻاهر نڪرڻ تي هو، ته فلسفيءَ ڏٺو ته هو مُرڪندو پئي ويو! فلسفيءَ وٽان لنگهڻ مهل سندس لباس مان، جو چيرجي ڦاڙجي ذرا ذرا ٿي ويل هو، هڪ اڳڙيءَ جو ٽڪر فلسفيءَ جي پيرن ۾ اچي پيو. فلسفيءَ هڪدم کڻي ورتو. شاعر جي ذهين ۽ ڪمزور شڪل سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. سندس آواز جو جوش ۽ فطرتي خلوص سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳو. بي اختيار ٿي انهيءَ اڳڙيءَ کي اکين تي رکيائين. ۽ پوءِ .... سندس نگاهن مان ٻه لڙڪ وهي، انهيءَ اڳڙيءَ ۾ جذب ٿي ويا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com