سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1  1958ع

 

صفحو :3

محبوب جي پريشاني

بازار وڪاندي اي چاندي،

دل ڍولئي ڪيتي ماندي،

ڏکڙا نهين لهندا، وو ڍوليا، .....

ڏکڙا نهين لهندا، جيوي ڍوليا، .....

- ڍول جاني، ساڏي ويڙهي آوين، ڪرين مهرباني.

ننڍيءَ نينگر کي ڏسي

بازار وڪاندي ني اَنب، وي،

ڇوٽي ڏيک نا ڪنب، وي،

عملان دي پوري، وو ڍوليا، ....

عملان دي پوري، جيوي ڍوليا، .....

- ڍول لمي دا، چولا ٻيٺي سيندي آن، ڳاٽي ڀني دا.

ڀيڻ – ڀاءُ جو وڇوڙو

بازار وڪاندي اي ميڻ، وي،

مئين تان ستان ڀراوان دي ڀيڻ، وي،

ڪلهڙا نه رولين، وو ڍوليا، ...

ڪلهڙا نه رولين، جيوي ڍوليا، ....

- ڍول ماهي، رو رو ڏيکان راهين، ڏک آندي ڪاهي.

گڏ گذارڻ جي خواهش

بازار وڪاندي اي دال، وي،

ميڏا ڍوليا هووي ميڏي نال، وي،

ڪلهڙا نه رولي، وو ڍوليا، ....

ڪلهڙا نه رولي، جيوي ڍوليا، .....

- ڍول مکڻا، تيڏي در تي آوان، متان ڇوڙين سکڻا.

دعا

بازار وڪاندِي اي ماني،

ميڏي ڍولئي دِي وَسي خاني،

حڪم هلاوي، وو ڍوليا، ....

حڪم هلاوي، جيوي ڍوليا، .....

- ڍول غازي، ڦَٽي ويندا دل ڪون،کٽي ويندا بازي.

 

فراق

بازار وڪاندا اي کير، وي،

لڳا جان جگر وچ تير، وي،

ڦٽ نهين ڇُٽدا، وو ڍوليا، ...

ڦٽ نهين ڇُٽدا، جيوي ڍوليا، ....

- ڍول سائين، ساڏي ويڙهي آوين، ڏيوان جيءُ وچ جاهين.

عاشق جي پوشاڪ

بازار وڪاندي اي اَنبلي،

ميڏي ڍولئي هي ويڙهي ڪمبلي،

ٽوران ٽردا آندا، وو ڍوليا، ....

ٽوران ٽُردا آندا، جيوي ڍوليا، ....

- ڍول همدم، ساڏي ويڙهي آوين، ميٽين درد تي غم.

گڏ رهڻ جي تمنا

بازار وڪاندي ني تالي،

ميڏي دل ڍولئي دي نالي،

وڇڙ نه ويسان، وو ڍوليا، ....

وڇڙ نه ويسان، جيوي ڍوليا، ....

- ڍوليا لاڙدا، ويڙهي ويڙهي گهمدا، ڍوليا، دليان ساڙ دا.

ڪنگڻ جي فرمائش

بازار وڪاندي ني ڪولي،

ميڪون ڪنگڻ گهڙا ڏي پولي،

دهري نه پيسان، وو ڍوليا، ...

دوهري نه پيسان، جيوي ڍوليا، ....

- ڍول جاني، ميڪون آ ڳل لاوين، تيڏي مهرباني.

نظم

هري درياني ”دلگير“

منهنجي دنيا نياري

هِن هُن سان ڇا منهنجو مطلب، منهنجي دنيا نياري،

منهنجي دنيا نياري، سڄڻو، منهنجي دنيا نياري!

 

دل جا دروازا مون کوليا، هر هڪ لءِ هڪجهڙا،

ڇو ويچاريان، تنهن ۾ گهڙندا ماڻهو ڪهڙا ڪهڙا:

هر هڪ لءِ هت جاءِ جهجهيري، هر هڪ تان مان واري:

هِن هُن سان ڇا منهنجو مطلب، منهنجي دنيا نياري.

منهنجو مذهب ’پيار ڪرڻ‘ آ، پيار ڪريان هر هڪ کي،

منهنجو پيار اجهل ۽ اڻکٽ، خوب ڀريان هر هڪ کي،

پيار ئي منهنجو مالڪ خالق، پيار سندي ڌُن جاري:

هِن هُن سان ڇا منهنجو مطلب، منهنجي دنيا نياري.

سورج بڻجي نور پکيڙيان، جڳ ٿئي روشن سارو،

گل جان ڏيان سرهاڻ سڀن کي، مشڪي گلشن سارو،

ڇو ويچاريان، ڪنهن کي ڏيان ٿو جوت سڳنڌي پياري؟

هِن هُن سان ڇا منهنجو مطلب، منهنجي دنيا نياري.

بادل بڻجي جهومان جهمڪان، ديس ديس ۾ وسندو،

جت ڪٿ موتي مفت ورهايان، هيج منجهان نت هسندو،

راحت جي ڳوڙهن مان پيدا ڪيان سڀ لءِ گلڪاري:

هِن هُن سان ڇا منهنجو مطلب، منهنجي دنيا نياري.

آهيان مان آزاد پکيئڙو، هر ٻنڌن کان آجو،

وڻ وڻ تي مان نچندو ٽپندو، ڳايان گيت وفا جو،

ڪنهن جي لءِ هي ڳيت ٿوڳايان، ڳالهه نه مون ويچاري:

هِن هُن سان ڇا منهنجو مطلب، منهنجي دنيا نياري.

جت ڪٿ جشن منايان ٿو مان، جت ڪٿ محفل منهنجي،

منهنجي منزل آهه نه ڪائي، جت ڪٿ منزل منهنجي،

هر هڪ کان بيگانو آهيان، هر هڪ سان ٿم ياري:

هِن هُن سان ڇا منهنجو مطلب، منهنجي دنيا نياري،

- منهنجي دنيا نياري، سڄڻو، منهنجي دنيا نياري!

هوند راج ”دکايل“

ڪونج

ڪيڏي قطار ٽوڙيئه،

هڪ ساٿ مان وڇوڙيئه،

جهٽ پٽ بندوق ڇوڙيئه،

داغي نيشان ڇوڙيئه:

ايڏي مفاصلي تي،

ڪونجن جي قافلي تي!

ساٿين سان گڏ سفر تي،

ويئي ٿي ڪنهن ڪپر تي،

گولي چٽيندي پر تي،

آڻي هينئر ڇٻر تي:

تو، بيرحم شڪاري،

هڪ وار ساڻ واري!

ور ور ڪندي نماڻي،

ڦڙ ڦڙ ڪندي اڏاڻي،

ليڪن ڪِري ٿي ساڻي،

آڪاس جا اماڻي:

مشڪل اڃا صبر هو،

صياد جو فڪر هو.

پرواز جي نه طاقت،

تفريح يا طراوت:

ويجهي نه ڪا حمايت،

ساٿي نه ڪو سلامت:

سيني ۾ هاڻ تڙڦڻ،

دل ۾ هزار الجهڻ.

ڦٿڪي گهڻو رخم کان،

صيّاد جي ستم کان،

وانجي رهي رحم کان،

محروم ٿي ملم کان:

آڻي ٻري پکين تي،

لڙڪن جي لڙهه اکين تي.

قدرت جا ساز سهڻا،

ميدان هي ڪشادا،

ساٿين سوا وڻن ٿا،

ساوا نه هي چراگا:

ٿي دور نغمه خواني،

هيءُ سير آسماني.

چرپر ڏسي شڪاري،

هلڪي ڇلانگ ماري،

چپ چپ ڪري پٿاري،

اف، بي پناهه ڄاري!

ڊوڙي جهلي جهڙيءَ ۾،

سڪرات جي گهڙيءَ ۾.

ٿي ڪم تڙپ بدن ۾،

صياد جي چنبن ۾،

باقي رهيو نه تن ۾،

ڪو دم هوالوطن ۾:

ڪيڏو نه غم، ”دکايل“،

جيوت جو دم، ”دکايل“!

لکميچند ”پريم“

اي شاعر

تُنهنجي غمناڪ نگاهن جو قسم، اي شاعر!

ڪيئن تقدير ڪيو تو سان ستم، اي شاعر!

گرچ دنيا جو رکين خُوب فهم، اي شاعر!

سڏجي پر تنهنجو تخيّل ٿو وهم، اي شاعر!

تُنهنجي دل ۾ ٿو قيامت ڀريو طوفان رهي،

تنهنجو هِردو ٿو آمر- بُوند لءِ حيران رهي.

پنهنجي جيوت جِي تون هر وقت ٿو خيرات ڪرين،

ٻين کي جيئدان ڏئي، پاڻ خوشيءَ سان ٿو مرين؛

تون رقيبن ۽ قريبن جو نٿو ڌيان ڌرين،

هر بشر جا ٿو خزاني سان پيو جهول ڀرين:

درد وارن جي دکي دلجو آ دارون تو وٽ،

ٿيون خزان ۾ به رهن مست بهارون تو وٽ.

تون رهين فرش ٿو، ته به عرش تي پهچي ٿو سگهين،

چنڊ تارن سان وڃي راند تون کيڏي ٿو سگهين،

بادلن جي به بتيلن ۾ تون ڊوڙي ٿو سگهين،

راز قدرت جو نه ڪنهن سمجهيو، تون سمجهي ٿو سگهين:

ڪوئي ڪجهه ڀي پيو چوي، تُنهنجو يقين آ هڪ ئي:

’پيار جي پوش سان هر ذرّه ڍڪي قدرت ٿي.‘

تو زماني کي ڏني اهه سچائي ۽ وفا،

موٽ ۾ تو کي ملي آهه ڪچائي ۽ جفا؛

خود ثنائيءَ جي اثر کان رهين آجو ٿو صفا،

فيض مخلوق جو سمجهين ٿو سندءِ لاءِ شفا:

ايتري هوندي به رسوا بڻي، پاڳل سڏجين،

پاڻ کان پاڻ رُسي، پاڻ ئي پيو ٿو پرچين.

شعر تنهنجي ته زماني ۾ انقلاب آندا،

تنهنجي تخليق غضبناڪ نوان باب آندا،

تنهنجي ڪوِتا نه اَمن- دُوت بيحساب آندا،

تنهنجي رچنا ته زمانا به لاجواب آندا:

اڄ به تنهنجي ئي لکاوٽ تي زمانو ٿو هلي،

اڄ به چوطرف سندءِ جوئِي فسانو ٿو هلي.

تنهنجي هر شعر لءِ دنيا کي احترام آهي،

ڇو ته هر بند ڄڻڪ پيار جو پيغام آهي؛

ليڪ افسوس! خوديءَ جو بشر غلام آهي،

تنهنجي حالت کان بيخبر سڄو نظام آهي:

تنهنجي تقدير جڏهن تو تي رحم کائيندي،

”پريم“، سِيني سان تڏهن خود بخود لڳائيندي.

آزاد نظم

نعيم الله ”درد“دريشاڻي

زندگي

زندگي هڪ جام آ-

زهر سان ٽمٽار جام.

هر قدم تي تلخيون،

هر قدم تي سختيون،

ڪونه هڪ لمحو ملي ٿو عيش جو،

راحت ۽ فرحت سندو،

عيش ڀي غم آهه ڄڻ:

۽ غمن جو ذڪر ڪهڙو؟

لمحي لمحي گهاءَ کائي ٿي نوان دل –

ناتوان دل!

 

زندگي هڪ جام آ-

زهر سان ٽمٽار جام–

پر اهوآ خوش نصيب،

جيڪو پڻ سقراط جان

کلندي کلندي پِي وڃي،

زهر سان ٽمٽار جام!

نيون طرزون

”بشير“ مورياڻي

سانيٽ

جذبن جي حقيقت

رات جذبن جي گلستان ۾ گذاري آيس،

راڳ ڳايا پئي تمنا، ۽ خوشيءَ ڇيڄ وڌا؛

رنگ ۽ نور نگاهن ۾ هم آغوش ٿيا،

غير فاني سي گهڙيون، هاءِ، جي گهاري آيس!

 

تو کنيا نيڻ ته چوڌاري پکڙجي ويو نور،

تو ڏنو مرڪي ته چوڌاري ستارا مرڪيا،

تو اشارو ئي ڪيو مس ته سوين باغ ٽڙيا،

تنهنجي آئي ته مليو زخمي زمانن کي سرور.

 

ذهن سوچي ٿو ته جذبن جي حقيقت ڇا آ:

شايد آ منهنجي خيالن جي اها بيخوابي،

شايد آ تنهنجي محبت جي حسين چانڊوڪي؛

پر ٻڌائج ته اها تنهنجي محبت ڇا آ؟

 

بحر جي لهر آ، يا راڳ جي هڪ لَي آهي،

يا خوشي، غم جي مرڪب ڪا اها شي آهي؟

هري درياني ”دلگير“

سانيٽ

بيماريءَ جي بستري تان

پرهه جي هِيرَ بڻي روز سويرو ٿِي اچين،

صبح جو روز  اچين سونهن جي سرهاڻ کڻي،

روح جي تازگي، دنيا جي خوشي ساڻ کڻي؛

پيار جا پشپ کڻي، روز سويرو ٿي اچين.

 

نرم هٿڙن کي وجهي منهنجي تون وارن ۾، مٺي،

پيار پاٻوهه سان آهستي اچي جاڳائين،

رنگ ۽ روپ جي سپنن کي اچي جهنجهلائين،

ڄڻ ته جنبش ٿِي وجهين رات جي تارن ۾، مٺي!

 

ٿي اچين عرش تان جنت جي بهارن کي کڻي،

دل جي ويرانيءَ ۾ ڀري ٿي ڇڏين گلزاريءَ کي؛

تون جو آڻين ٿي محبت جي سهارن کي کڻي،

ٿو لڳان پيار ڪرڻ پنهنجي مان بيماريءَ کي.

 

منهنجي لءِ عرش تان تارا به ڇني آڻين ٿي،

ڇا ڏٺو مون ۾ اٿئِي، تون ئي رڳو ڄاڻين ٿي!

نعيم الله ”درد“ دريشاڻي

سانيٽ

تو سواءَ

جيوَن به زهر آهه، پرين، موت دور دور،

دل کي قرار ڪونه ميسر مگر به آ؛

تنهنجي حسين شوخ شڪل آ سامهون سدا،

هاءِ، رکي رکي ٿو اُٿي دل ۾ ڪوئي سور!

هاءِ، رکي رکي ٿو اچين ياد تون، پرين!

رڻ پٽ اندر اچِي وڃي جئن اوچتو بهار،

يا ڪنهن غريب شخص کي ڪوئي ڏئي اڌار؛

۽ مون تي ڇانئجي ٿووري هڪ جنون، پرين!

 

جي ياد ٿواچيم، ڪڏهن بيوفا ٿئين،

منهنجي وفا تي ڪونه ڏنو ڪوئي ڌيان تو،

۽ عاجزيءَ تي منهنجي ڏنئه ڪونه دان ڪو،

هن پُر خلوص دل کي به ٺڪرائي تون وئين:

مطلب ته حال منهنجو عجيب آهه تو سوا،

دل ٿي جلي، هڻي ٿي سندءِ ياد پر ڇنڊا.

غزل

هري درياني (دلگير“

وقت ڪهڙي تي بهار آيو هلِي – ڏِس ته سهي!

بند بلبل ٿِي، ويُس گهر به جلِي – ڏِس ته سهي!

هر جڳهه قيد، ۽ هر موڙ تي ڦاسِي ٿو پَسان،

ڇا اِنهيءَ کي ٿا سَڏن تُنهنجي ڳَلِي؟ - ڏِسُ ته سهي!

باغ ۾ کولي سي سِينن کي سِڪن ٿيون سج لاءِ،

شرمگين ڪانه رهي ڪابه ڪَلِي – ڏس ته سهي!

گُل ٽُڪي چنهب سان بلبل ٿِي رڙي ’هاءِ ڙي گُل!‘

حُسن سان عشق عجب چال چلِي – ڏس ته سهي!

هيٺ شبنم ۾ وجهن عڪس ستارا ٿا مٿان،

عرش جو فرش سان ويو روُح رَلِي – ڏس ته سهي!

زندگي سڀ کان نئين، سڀ کان پُراڻي آهي،

پر پرولِي نه سندس ڪنهن به سلِي – ڏس ته سهي!

زندگي سڀ کان نئين، سڀ کان پُراڻي آهي،

پر پرولِي نه سندس ڪنهن به سلِي – ڏس ته سهي!

رات پرڀات هٿان تو ئِي ٿي پيغام مُڪا،

روبرو هاڻ وڃين ڪئن ٿو اَلِي؟- ڏس ته سهي!

جام کان پُڇ ته شراب آيو چپن تائين ڪئن:

مون جهليومانس، مگر مَي نه جهَلِي - ڏس ته سهي!

واٽ تنهنجي ٿو تڪيان، ٻاري ڏيا اکڙين ۾،

ختم ٿي عمر، نه مون آس پَلِي – ڏس ته سهي!

شرم کان هيٺ اکين کي تو جهڪايو ڇا لاءِ؟

نيڻ کڻ، مون سان نه ڳالهاءِ ڀَلِي – ڏس ته سهي!

پيو وري گهاءُکُلي دلجو، جڏهن آئين تون،

زخم لءِ ڏينم نه مرهم تون ڀلِي – ڏس ته سهي!

تنهنجو ”دلگير“ غريب آيو کڻي تڇ تحفو،

هارُ لڙڪن جو، قبولج نه ڀلي – ڏس ته سهي!

بشير ”مورياڻي“

منهنجي نيڻن ۾ ته جهاتي پائي ڏس،

پاڻ کي تن ۾ ڏسي شرمائي ڏس.

گيت ڪو هلڪن سرن ۾ڳائي ڏس،

خود بخود شرمائي ڏس، گهٻرائي ڏس.

ڪنهن خيالي موت جي منهن ۾وڃي،

زندگيءَ جو راز ڪوئي پائي ڏس.

زندگي! پنهنجي طلبگارن کي ڀل،

ڪجهه اڃا ترسائي ڏس، تڙپائي ڏس.

مرڪندڙ چانڊوڪين جي چاهه ۾،

رات جي اوندهه مان جهاتي پائي ڏس.

پنهنجي من – چاتر جي خاطر، اي ”بشير“،

نير نيڻن جوبه تون برسائي ڏس.

”تنوير“ عباسي

روشني دل جِي دکن آهي لُٽي، او سهڻا!

رات چوڏهينءَ جي سوا تنهنجي ٻُٽي، او سهڻا!

 

چنڊ جي سونهن ڏنو ساهه انهيءَ دم، سائين،

تنهنجي منهن مان ٿي جڏهن باک ڦٽي، او سهڻا!

 

عمر ڀر پئندي به اڃ ڪين لٿي هئي منهنجي،

۽ نه مَي تنهنجي اکين مان ئي کٽي، او سهڻا!

 

تنهنجي خاطر ئي غمن ۾ ٿي ڏنم دم ائين مرڪي،

خشڪ واريءَ ۾ ڪنول جئن پيا ڦٽي، او سهڻا!

 

رات جو ڏينهن جوغم، ڏينهن جوهئي رات جي تات،

عمر کٽندي وئي، مصيبت نه کٽي، او سهڻا!

 

هيءَ گهڙي اهي فقط هڪڙي گهڙيءَ لءِ مهمان،

جي هٿن مان وئي کسڪي ته ڇٽي، او سهڻا!

”انيس“ انصاري

خدائي ملي آ وئي بندگيءَ ۾،

ڪٿي سر جهڪي آ ويو بيخوديءَ ۾.

هتي بندگي ۽ هتي ئي خدائي،

خليليءَ کان وڌ آ مزو آزريءَ ۾.

خدائيءَ کي حاصل نه آ سوز الفت،

هي لذت لڪل آ فقط بندگيءَ ۾.

ڏکن سان محبت، مسرت کان نفرت-

هي سڀڪجهه مليو آ سندءِ دوستيءَ ۾.

نه سر کيجهڪايم زماني جي اڏو،

خوديءَجي جهلڪ آ سندم بيڪسيءَ ۾.

مِلِي هِير، جيڪا گهلِي ٿي اُڏائي،

مٽي قبر منهنجي جي ان جي ڳليءَ ۾.

وهِي لڙڪ جيڪو ٿا ڪن راز ظاهر،

بيان ٿي سگهي ٿو ڪٿي شاعريءَ ۾!

محمد حسن ”ساز“

ڪو ويو زندگي وبال ڪري،

منهنجي هستيءَ کي پائمال ڪري.

هو ته منهنجو نٿو خيال ڪري،

ڪووڃي هن سان منهنجو حال ڪري.

جنهن کي حاصل ڪرڻ نه هوآسان،

مون ڪيوتنهن کيهٿ ڪمال ڪري.

سو رئڻ جو قمام آهي، جڏهن،

هڪڙو انسان ٿو انتقالڪري.

سر ڏيڻ وارا اڄ به آهن، پر،

ڪو ته ’ٻيجل‘ بني سوال ڪري!

توکي آخر ملي ٿو ڇا، ظالم،

حسرتون ڪنهن جون پائمال ڪري؟

ظرف ڪنهن جو اي ”ساز“ ڏس پهرين،

غم جو اظهار ڪج سنڀال ڪري.

شمشير الحيدري

فقط اِشاري ڇڏيو، ته وه وا،

مئا جياري ڇڏيو، ته وه وا!

اسين اوهان جي اکين ۾ آهيون،

وري نهاري ڇڏيو ته وه وا!

اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو،

اوهين وساري ڇڏيو ته وه وا!

نظر جا قيدي اڳي ئي آهيون،

اڃا به ماري ڇڏيوته وه وا!

اوهان جي هٿ ۾ به زهر هوندو،

مگر پياري ڇڏيو ته وه وا!

اسان جي حسرت، اوهان جي مرضي-

ائين ئي ٽاري ڇڏيو ته وه وا!

هي آب اکين جو آب آهي،

بحر بيهاري ڇڏيو ته وه وا!

هي ڪير ميخاني ۾ اچي ويو،

ذرا ڌڪاري ڇڏيو ته وه وا!

گهُري ٿو ”شمشير“ حق جيئڻ جو،

انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وه وا!

قطعا

عبدالقيوم ”صائب“

(1)

جن ڏين ۾ تيل جي بدران ٻري پاڻي سگهي،

اچ ته تن ۾ آب چشمن جو هلي او تي اچون؛

جهت جهَڪي ٿئي روشني، هر حال۾ پهچي اتي،

نور نيڻن جو نچوئي، ڪرڻي ڪرڻي ۾ رچون.

(2)

مرڪ سان مکڙي وڃائي ٿي ڇڏي پنهنجو وجود،

گل ٿي بڻجي، ۽ وڌائي ٿي چمن جو رنگ وبو:

فائدو ٻئي جو به ٿئي، پنهنجو به ٿئي نام و نمود،

ڪم جواهڙو ٿو ڪري،سو ڪئن نه ٿيندو سرخرو!

(3)

ساز جي هر تار ۾ ڪنهن گيت جو سنگيت آهه،

سُر سوين نڪري سگهن ٿا آڱرين جي چهنب سان؛

ڏک جي ڌرتيءَ مان خوشيءَ جو چشمو اڀري ٿو سگهي،

پر رياضت جي ضرورت آهه ان ۾ بي گمان.

ادب لطيف

جهامنداس ڀاٽيا

حُسن

(1)

حُسن جو هڳاءُ هر پاسي کان پيواچي؛ هَسَ رَسَ ۽ وَس جا ويس ڪري پيو نچي: ڪٿ ڏس ته اک مڌر آلاپ پئي آلاپي، ته وري ڪٿ ڳَل هڪلَ ڪيون پيا هونگارين ۽ جهونگارين؛ مگر حضرت حسن ته مُرڪ ۽ لُڙڪ ۾ لهيو، سينگار جو سمورو ساج ۽ رومان جو راڄ آڻيو اُلٽائي.

حسن آهي ڇا؟

ڇوهي جي ڇاڇَ ۾ مهاساگر جي مستيءَ جو الستي عڪس ملڻ مشڪل آهي؛ وڻ جي پاڇي پويان پوڻ مان ڪو سندس ميوو هٿ نٿو اچي سگهي.

حسن حقيقت آهي؛ حسن جي قيمت آهي؛ حسن نعمت آهي؛ عبرت آهي حسن جو افسانو، بلند آهي حسن جو ترانو.

حسن اَمل آهي؛ نقل آهي، ته به اُن ۾نسل جو نور آهي. حسن جو نقل، عقل اُتاري نٿو سگهي؛ عمل اُپائي نٿو سگهي.

حسن موجود آهي مڪان ۾، ته به لامڪان آهي؛ هر زمان ۾ آهي سندس شان، ته به بي زمان آهي؛ وجود آهي، ته به بي وجود آهي. پوءِ به انسان کيس ڳوليندو ٿو رهي. ڪٿ؟ جت جاءِ نه آهه جُهدَ سان پهچڻ جي!

ڏسڻ وارا ڏسي وٺن ٿا کيس: لبيس ۾ نه، مگر الستي ويس ۾؛ عشق جي ديس ۾. سرمون سَلَمَ جو اکين ۾واري، هو ٻهاري وٺن ٿا حسن سارو.

ڪنهن ويلَ، ميلَ اکين جي مان،اُڀري ٿي عبرت ۽ حيرت. اکيون ته اُپائڻ نپائڻ واريون ڪين آهن: تڏهين ڪير ٿو ڪڙو ڪڙي تي چاڙهي؛ ڪير ٿو وري ٻارڻ ٻاري؟

حسن جي ڪوٺڙي، جت پرين پاڻ پردا لاهي ۽ چاڙهي ويٺو آهي، سا آهي ڪٿ؟

وسيع آهه ميدان حسن جو. ڀَڄَ – ڊُڪَ جو تکو ڪڏهين ڪين پُڄي؛ ڍلو ڊڙڪي ۾ پئجو وڃي؛ شهباز به هوند کانئس پوئتي پئجي وڃي؛ ساهه ته پٽي ئي ڪين؛ بانڪو بهادر ڪو هجي، جو حوصلو رکي ساڻس بازي کيلي!

حسن جي هونگار هر تند ۽ تار مان ٿي وهي نڪري. مرد خواهه نار، ٻڍي خواهه ٻار جي موڙ جهوڙ مان جهلڪا ڏيندي ايندي. اُڀَرَ ۽ اَسَرَ کيس قالب ۾ قيد ڪري ٿا ڇڏين. ناپيد کي موري، کيس کڻي حد اندر ٿا بندين.

”هيڏانهن، هوڏانهن، هِت خواهه هُت، آهي حسن ميان“. حُسن سدا چئي ’جيان – جيان‘، انسان چوي ’مان ٿيان – ٿيان‘. مرڻ ڌاران مشڪل مگر انسان جو ٿيڻ، ڏيڻ ڌاران ڏکيو؛ حسن جو ڏنگيو، سدا سکيو!

(2)

ڪانءُ، جو’ڪان – ڪان‘ ڪندو مٿي ۾ سور وجهيو ٿو ڇڏي، تنهن ۾ به حسن آهي! غليظ، گدلو، گند تي هرکيو ڪريو پوي،ته به منجهس سمجهه جو ڪيڏو نه خزانو سمايل آهي! سنگت جو قائل آهي.

ڪوئل ڪاري ڪيڏي نه آهي، ته سندس لات مٽي ۽ موچاري به ايڏي آهي: ان ۾ به حسن هيڪاندو آهي.

شير، جو خوف جو سبب آهي، تنهن ۾ به شاهاڻو دٻدٻو هجي، ان ۾ڪهڙو عجب آهي: حسن کان او به واندو نه آهي.

زهريلو نانگ به پنهنجي مَڻ جي مُرڪ سان هرڻ کي هرکي، کيس شهيد ٿيڻ لاءِ شيدا بنايو ڇڏي.

مڙني ۾ مَڻِ ۽ ڪَڻ، ڪا نه ڪا، رتيءَ خواهه ماسي جيتري، اوس آهي ئي آهي.

باغبان ڀتر پيو ڀوريندو، ته به ڀونءَ جي ڀلائيءَ صفائيءَ لاءِ پيو جوڳ هلائيندو، ۽ ڪيڻ ڪاهيندو؛ پوک حسن جي پيو پوکيندو.

باغي، ٺهيل جڙيل نظام کي حسن جي سانگي پيو ڊاهڻ جي ڪندو.

مصوّر ڪاغذ ڪارا ڪندو، حسن جي پلٽ پلٽڻ لاءِ.

ڏينهن ڏکندو سهي ۽ الهي ٿو، مگر رات، حسن جي سموري سجاوٽ سجائي، شاعر کي راز ٻڌائي، سندس سيني جو سرندو هلائي، کيس آلاپ اٿارڻ لءِ مجبور ٿي ڪري.

قدرت جڏهين وڻ ٽڻ کي اڀوڳو ۽ اڻڀو پسي، تڏهن،پنهنجيءَ ڪيميائي ڪاريگريءَ سان بوندون برسائي، کين سهڻو ستابو۽ سڻڀو بنايو ڇڏي.

ڪلاڪار سور ۾ نور پيو پسي؛ ۽ رسي ٿو انهيءَ راهه مان راڻي کي، جنهن جي مومل بنجي هو سوز مان ڏينهن رات تنوار تائيندو، گيت ڳائيندو ٿو رهي. اهي راڳ بيجان ۾ جان وجهيو ڇڏين: ڪڏهين پٿر کي سجاڳ ڪري، منجهس اهو حسن کڻي پلٽين، جو ڏسندڙ دنگ ٿيو وڃي؛ ۽ ڪڏهين منجهن گذريل وقت جون يادگيريون تازيون رکي، انسان کي انهيءَ پار پهچائي، جت وڃڻ جو وِت ساري نٿو سگهي.

حسن ئي آهي، جو جهان کي جهليو بيٺو آهي. حسن ئي آهي، جنهن جي حڪم جي پيروي ٻار خواهه ٻڍو، نر خواهه ناري، خوشيءَ سان ڪندا ٿا رهن.

ساري الاجي ڪنهن جي؟ .... ٻاري الاجي ڪنهن جي؟

- حسن جي، ڪي سندس پوڄارن جي؟

(3)

وِسُ جو والي حسن آهي.

شاعر، ڪلاڪار، نٽراج، سنگ تراش، مُلڪي مجنون – مڙيئي مَڻيءَ تي موهت آهن. هوڊاهن ٿا ۽ ٺاهن ٿا: کين ڪو ماحول وڻي ٿو ته ٺاهن ٿا؛ پر جي کين نٿوپسند پوي ته ان کي پَٽِ ٿا کڻي هڻن. پوءِ،  .... ويٺا تارون تاڻين سريلي رسيلي سٽاوَ لاءِ، جنهن مان جهان ننڊ مان سجاڳ ٿِي سونهن جي مُنهن ٿو پئي.

حسن جي سلطنت سدا قائم ۽ دائم آهي.

نڪي رنگ ڪو سندس دنگ آهي، نڪي روپ ڪو سندس ونگ آهي. شاعر ڪُروپ ۽ ڪُجسي ۾ ڪڻيا ٿو پسي؛ سفيديءَ کي وقتي سنگهي به نٿو. تڏهين حسن آهي ڇا؟ حسن آهي ڪٿ؟

حسن ئي جوڙ ۽ ڊاهه جي رٿ ۽ رچنا ۾ رنبيو پيو آهي:

جا دل دنيا جي ديدار سان بيدار ٿي، بيقرار ٿي، ’بهتر دنيا‘ جي بناوت جو سپنو لهندي ٿي رهي، تنهن جي روح مان ٻي دنيا ٺهندي، سندس اکين ۾ اچي ٿي واسو ڪري. اُها دل حال ۾ خيال پنهنجو نه پسي، پاسو ڪري خالَ ۾ ٿي وسي، ۽ بغاوت جي ننگر ۾ ٿي اچي لنگر هڻي.

هن جي بغاوت اگرچه بي آواز ۽ بي ساز آهي، ته به اها بي راز نه آهي:

هن کي حسن جي بُکَ آهي.

حسن جي بُک آهي وِسُ کي، مگر حسن کي به بُک آهي.

انسان کي بکون بيشمار، جن سنا مقابلو ڪندي، سندس مڙهُه مقام ۾ پهچيو وڃي، .... پوءِ حسن جي بک هو لاهڻ جي ڪئن ڪري؟

انسان اصل ۾ ته ’آدمي‘ آهي؛ ’ماڻهو‘ ٿيڻ جي هو ڪوشش ڪڏهين ڪڏهين ڪري به ٿو، پر وري هن جي ولوڙ مان ڪي به ڪين ٿو: باقي ”انسان“ ته اڃا تمام دور ديس جو رهواسي آهي!

حسن جنهن تي هرک هاري، سو پاڻ سنواري انسانيت پساري ٿو.

بُک آهي حسن کي ’انساني‘ دل جي!

ڪير ڪنڌُ سندس ڀيٽ ڪندو؟

حسن حياءَ وارو، شرميلو، رسيلو، اول ته نيچيءَ نگاهه سان نهوڙڻ جي ڪندو، نه ته رندو رنداڻي اهڙو هلائيندو جو ڇلر سڀ لهي ويندس؛ ... ۽ پوءِ پاڻ لِڪ لِڪ پيو ڪندو، مگر لِڪڻ جي جاءِ جڙنديس ئي ڪين. وِيرَ به سنديس وار کان انڪار ڪري نه سگهندا. مگر، جڏهين ڏسندو ته سندس مقابلو ڪندڙ قابل قياس جي آهي، ته کيس قول ڪري سندس ملم پٽي پيو ڪندو؛ کيس شفاياب ڪري، سهڻو ۽ اوجل بنائي، سينگاري پيو سينگاريندو.

هجرت حسن ته ڪري ئي ڪين؛ ديرو دمائي رهندو ويهِي.

(4)

حسن جو قال ڪهڙو، خيال ڪهڙو، حال ڪهڙو، مال ڪهڙو، افعال ڪهڙو؟

نه سنهڙو اهي حسن، نه ويڪرو آهي حسن، نه ڊگهو آهي ۽ نه منڌرو؛ حسن آهي لطيف! حسن آهي نفيس، ته به آهي رئيس سڀني صفتن جو:

خيال سندس آهي خستوريءَ کان خاصو؛ سندس ماسي ۾ محبوبي مڻيا آهي، ته وري ڪاسي ۾ ڪائناتي ڪڻيا؛ لنبائيءَ ۽ چوڙائيءَ کان آجو آهي، اگرچه گهرائيءَ ۽ اونهائيءَ جو ته باجو آهي.

مٺو آهي حسن، تکو آهي حسن، کٽو آهي حسن، ڪڙو آهي حسن؛ ته به سوادي آهي حسن، جو سندس لذت کان غني خواهه غريب بيزار نٿو ٿئي. حسن کي ڪو ڇڏي نٿو ڏئي؛ حسن ڌاران سڀڪو بر ۽ بيران پيو ٿئي.

عجيب آهي حسن: ڏس ته کٿيءَ ۾ پيو کِلي؛ وري نهار ته ٻئي پار مخمل ۾ پيو مرجهائي! ڪٿ بکن ۾ پيو بکي، ڪٿ سکن ۾ پيو سڙي! ڪهڙي آهي سندس صفت، جنهن جي الفت مست ڪيا آهن ڪئين ڪڻ وارا؛ جنهن جي محبت مان ڪيا آهن ڪئين مڻيا وارا!

نيشان بي نيشان آهن حسن جا: لاجواب آهه سندس لوڏ؛ ڪوڏ سندس وري آهي ڪائناتي ڪاريگر واري!

قهّار آهي حسن! .... ستّار آهي حسن!

ڪرٽَ سندس کي ڏندَ ڪينهن: مُڏي مگر مِٺي ڇُري آهي سندس، جنهن سان پيو هو چيري ۽ چچري، وڍي ۽ جدا ڪري. ستاريءَ سندس جو ته ڪاٿوئي ڪونهي: هِڪَ ئي نظر سان نهال ڪيو ڇڏي؛ ڊٺل کي اک – ڇنڀ ۾ اَڏيو اَڏي!

حسن زندگي آهي، ته حسن موت به آهي.

زندگيءَ جو زور ۽ مور حسن تي آهي. سندس ڇوڙ به حسن ۾ آهي.

حسن ڌاران هوند دنيا ۾ اونداهه اچيو وڃي. حُسن ساري سِٽ ۽ سٽاوَ جو روح آهي. انهيءَ ڌاران ساري سرشٽي جيڪر بيڪار ۽ بيڌار ٿي وڃي.

ڪئين حُسن کان خالي، موالي، بي راهه ٿي، دنيا کي گمراهه ڪندا، بي زيبي بنائيندا وتن، جنهن ۾ هو پاڻ لءِ به آخر ڦٽ لعنت ڌاران ڪي ڪين ٿا لهن:

اهڙن انسانن کي بغاوت آهي اندر ۾، هلندڙ سلسلي سان.

هو به پوڄاري آهن حسن جا، مگر سندن مشاهدو مڪمل صورت وٺي سگهيو ئي ڪينهي.

حسن کان ڪا راهه خالي نٿي ڏسجي. حُسن مان ئي ڪُلُّ حسن کي پسي ٿو سگهجي.

حسن، صورت جو ديدار آهي ڪئن؟

سيرت کي به صورت آهي. هڪ هڪ خصلت خواهه علت کي آڪارو آهي: ديدن کي ديدار، روح کي قرار.

اکين جو اسرار آهي عجيبن جو. ڪئن نه هيتريءَ ۾ هيڏو سارو سايو سنسار جو سمائجي ٿو وڃي! ڇا اهو حسن جو اظهار نه آهي؟

حسن آڌار آهي:

امڙ، ٻار ڏسي پيئ ٺرندي، نه ته پئي ڳرندي. وِسُ کان وڌيڪ حسين آهي سندس جان جگر! دنيا کڻي چوي ته منجهس نه لل نه لڇڻ، نه صورت نه سيرت؛ پوءِ به حيرت آهي جو هوءَ سندس صورت نه ڏسي ته مريووڃي!

پڇوس کڻي ته ’امڙ، تو ڪهڙو حسن ڏٺو آهي هن ۾؟‘

چوندي، ’ابا، حسن جي تعريف زبان کان زور آهي‘.

حسن چوڻ جو نه آهي: راڳ ٻڌڻ جو آهي، سواد چکڻ جو آهي، حسن ڏسڻ جو آهي: سونهن جون سرڪيون ڀريندو رهه، ته روح رڄيو نه رڄجي؛ ڏسيو پيو ڏس، پَسيو پيو پَس!

اک – ڇنڀ جي وٿ نٿو ڏئي ....... لڳاتار پيو نيڻن ۾ نهاري:

لڙڪ لاهيندو رهه، مرڪ ٺاهيندو رهه: مطلب ديدن جو داستان آهي اصل عجيبن جو آستان.

ديد عيد ٿي ڪري ديدار تي، مگر اهو به چَل پَل جو چٽڪو:

حسن جو واءُ کليو، ته سندس سرهاڻ جو هل هليو! صورت پردي پويان وئي، ته به حسن جو هڳاءُ نه ويو؛ جواريءَ جو داءُ ويو، ته به سونهري رنگ سون جو – ان جي چمڪ ڌمڪ سندس چت مان نه وئي. اکين ۾ اوت ان جي اٿندي رهندي ..... ويهڻ وهه ٿي پوندس ..... خماري سندس ويندي زور وٺندي – ڏينهن سوائي، رات ڏيڍ وڻي!

صورت جو سار، موت جو آڪار- آهي ڀي، ناهي ڀي.

صورت ساز آهي؛ گونگي نه آهي مورت؛ ان ۾ آغازو آهي راز جو، ان ۾ پرواز آهي؛ ديد ۾ آواز آهي، جو ٿو ٻڌي ۽ ٻڌائي؛ دڳ لائي ٿو درد جي!

حسن آيو، ته ڄڻ درد ڄائو:

ٻار جي ڄمڻ تي خوشيون ۽ شادمانا، مگر حسن جي ڄم تي غم؛ دم پيو کڻ ته ڄڻ غم پيو وڻج. ته به حاڪم حڪيم، شاهه گدا، غريب غني، ٻار ٻڍا، نر ناريون، واريون وڃن حسن جي هٻڪار تان؛ گفتار ۽ رفتار سندس کين گهايو ڇڏي؛ للڪار ۽ لٽڪار سندس کين اُڏايو ڇڏي – ات، جت آهي اڏ عجيبن جي!

ڪلاڪار! ”حسن“ تو لڌو، يا توکي حسن ٻڌو؟

حسن کي نه ڪو ٻڌي ٿو سگهي، ۽ نه ڳنهي ٿو سگهي: حسن آزاد آهي!

(6)

حسن تڏهين ڇا ۾ سمايل آهي؟

حسن وصل ۾ نه آهي، وڇوڙي ۾ به نه آهي؛ سفيدي ۾ نه آهي، ته وري سوجهري ۾ به نه آهي؛ چمڪ ۾ نه آهي، ته ڇمڪ ۾ به ڪينهي؛ گهيري ۾ نه آهي، ته وري ڪو ڦيري ۾ آهي ڪئن؟ جي ڊول ۾ نه آهي، ته وري ڪو ڊيل۾ آهي ڪئن؟ لِڪَ ۾ نه آهي، ته کول ۾ به ڪينهي: آهي به اِت، نه آهي به اُت، ..... تڏهين آهي ڪٿ؟

- هِت هُت، جِت ڪِٿ!

دل جي دور ۾ آهي، ڪي وقت جي ڀورَ ۾؛ گُل جي رنگ ۾، يا سندس بناوت جي ونگ ۾؛ سرهاڻ جي طراوت ۾ آهي، ڪي بدبوءِ جي عفونت ۾؛ دوست جي محبت ۾ آهي، يا دشمن جي حرڪت ۾: ڳڻ ڳڻي ڪيتري ڳڻجي، ته به ”حسن“ جي فهرست جي نمبر شماري ڪري سگهجي ئي ڪين.

حسن سُور به آهي، ته نُور به آهي؛ خالي به آهي، ته ڀرپور به آهي؛ رحمت به آهي، ته زحمت به؛ گنج به آهي، ته رنج به: مطلب بي انت، بي پايان آهي حسن جو خزانو ۽ توشه خانو؛ نشانو به وري سندس آهي بلند.

او باغي، ڪٿ آهي تنهنجي بغاوت؟ او وقت، ڪٿ آهي تنهنجي شامت؟ او پارسا، ڪٿ آهي تنهنجي پرلءِ ۽ قيامت؟

لعنت زربفت خلعت آهي عاشق لاءِ حسن جي: ڦٽڪار ۾ هو ڇٽڪار ٿو لهي ڇوٽڪاري جي؛ حرمت ۽ عصمت آهي حسن جو افسانو؛ بيرنگيءَ جو رنگيلو، رسيلو، روماني سريلو آهي سندس آشيانو. مڪاني لذّت ٿو ڏئي، لامڪاني محويت وارو ٿو ٿئي.

او حسن، ڪٿ آهي جوهر تنهنجو؟

ڪهڙو گوهر آبدار تنهنجو تجلو ۽ تيج ڏيکاري سگهندو؟ ڪهڙو شاهه تنهنجو آگهه بنائي سگهندو؟

ذرڙو، ننڍي کان ننڍڙو، ٿو تجلّو تجلائي طور جو؛ جو آهي نشانو نوراني نُور جو!

غافل انسان شاغل آهي دَرَ ۽ تَرَ ڀيٽڻ ۾، جت گهاٽ آهي گهڙيءَ پل جو.

ڪلاڪار، حسن جي ڦاٽَ ۾ اکيون اَڙائي ٿو ويهي، تڏهين ته هو لهي ٿو لک الک جي اُلي جي، جنهن ڌاران سندس اُپائڻ اڀوڳو، الوڻو، بي جَسُ ۽ بي رَس ٿيو پوي. حسن کيس پاڻ ٿو ڏيکاري پنهنجي رائي، تڏهن هر طرف سندس سايي ۽ سهاري هيٺ سفر ڪندو ٿو رهي!

”لهي ڪو مون کي، هوش همت سان!“ – اها آهي حسن جي للڪار.

ڪلاڪار ايها جهونگار قبولي، ڳوليندو، ڦوليندو، ڦوليو نٿو سمائي؛

دم دم ۾ ديدار ڪري، چوندو ٿو رهي: ”هي نه آهي، ... هو اڃا به دور آهي!“


(1) اَنبلي = گدامڙي.

(2) پولي = پورا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com