”مهراڻ“ جا موتي
●”اوهين
ايستائين امن ۾ آهيو، جيستائين اوهان جي زبان امن
۾ آهي.“
- حضرت محمد ﷺ
●
”انسان جي قابليت، سندس هيٺ لڪل آهي.“
- حضرت علي
●
”علم جي طلب ۾ شرم مناسب ناهي؛ ڇو ته جهالت شرم
کان وڌيڪ بُري شيءِ آهي.“
- افلاطون
●
”علم سکڻ، عمل ڪرڻ، ۽ ٻين کي سيکارڻ – اهو مڙني
خوبين جومجموعو آهي.“
- غوث الاعظم
●
”اها علميت، جيڪا محض معلومات ياد رکڻ جو نالو
آهي، سا ڪنهن کي استاد بنجي وڃڻ جي لائق نٿي بنائي
سگهي.“
- ڪنفيوشس
●
”تجربو انسان جو بهترين علم آهي؛ ۽ زندگيءَ جون
ٺوڪرون، تعليم جو بهترين ذريعو.“
- اسپينسر
●
”انسان جو بهترين مطالعو ’انسان‘ آهي.“
- بسمرٿ
●
”هر شخص هڪ ضخيم ڪتاب آهي- بشرطيڪ اوهان کي پڙهڻ
ايندو هجي.“
- نامعلوم
●
”ڪنهن انسان جي عقل جو اندازو ان وقت لڳايو، جڏهن
هو ڪاوڙ ۾ هجي.“
- اقليدس
●
”هڪ انسان جي حقيقي ڪردار جي عظمت جوجائزو ان جي
عملن مان وٺي سگهجي ٿو.“
- ميڪالي
●
”جڏهن ڪنهن عالم کي بادشاهه يا اميرن وٽ ويندي
ڏسو، ته پڪ ڄاڻو ته هو چور آهي.“
- اسپينسر
●
”انسان لاءِ اها نهايت شرم جهڙي ڳالهه آهي جو هو
پنهنجي بيپرواهيءَ سببان وقت کان اڳ پوڙهو ٿي
وڃي،۽ اهو نه سوچي ته جيڪڏهن سندس جسم صحيح ۽ سالم
هجي ها ته هو ڇا ڇا نه ڪري سگهي ها.“
- سقراط
●
”صحت جي اصولن جي خلاف ورزي، جسماني گناهه آهي.“
- اسپينسر
●
”جيڪڏهن ڪو شخص تنهنجي اهڙيءَ چڱائيءَ کي ساراهي،
جا تو ۾ نه آهي، ته پڪ ڄاڻ ته هو تنهنجيءَ اهڙيءَ
برائيءَ جي گلا به ڪندو هوندو، جا تو ۾ نه هوندي.“
- اقليدس
●
”دوست جي ناڪاميءَ تي مغموم ٿيڻ ايتريقدر ڏکيو نه
آهي، جيتريقدر هن جي ڪاميابيءَ تي خوش ٿيڻ.“
- آسڪروائلڊ
●
”ٻين جي ترقيءَ تي حسد نه ڪريو، بلڪ سبق پرايو:
پاڻ به ترقي ڪريو، ۽ ٻين کي به موقعو ڏيو.“
- ايمرسن
●
”جيڪڏهن اوهين کلندا، ته دنيا اوهان جو ساٿ ڏيندي؛
۽ جيڪڏهن روئندا، ته اڪيلو روئڻو پوندو.“
- بيڪن
●
”ڪوبه نسل ان وقت تائين خوشحال نٿو بنجي سگهي،
جيستائين ڪ هو ائين نه سمجهي ته کيتيءَ ۾ هر هلائڻ
به ايترو ئي عزت وارو آهي، جيترو ويٺي ويٺي هڪ نظم
لکڻ.“
- واشنگٽن
●
”ادب اهو منظر آهي، جو ميز تي رکيل آهي؛ ۽ منظر
اهو ادب آهي، جو زمين تي پکڙيل آهي.“
- لين يو تانگ
●
”ڪي ماڻهو شڪايت ڪندا آهن ته گلن سان گڏ ڪنڊا ٿين
ٿا: آءٌ شڪر ڪندو آهيان ته ڪنڊن سان گڏ گل به
آهن.“
- آلفنسن ڪار
●
”پهرين اوهين ٻار کي ڳالهائڻ سيکاريو ٿا، ۽ پوءِ
ان کي خاموش رهڻ جي تلقين ٿا ڪريو!“
- جيوبرٽ
●
”سياستدان ايندڙ چونڊن جي باري ۾ سوچي ٿو، ۽ مدبر
ايندڙ نسل جي باري ۾.“
- جيمس ڪلارڪ
●
”تاريخ جي موجود تعليم جي سڀ کان وڏي خرابي اها
آهي ته ان مان تنگ نظري پيدا ٿئي ٿي. هيءَ ڳالهه
اسان جن دماغن ۾ ايتري قدر ته گهر ڪري ويئي آهي جو
اسين انساني برادريءَ جا کڻي سو ڀيرا قائل هجون،
پر پوءِ به پنهنجي محدود مفاد واري چوديواريءَ ۾
بند ٿي سوچيون ٿا: جيستائين اها چوديواري ٽٽي نه
آهي، انسان جو آئيندو اونداهو آهي.
”اڄڪلهه اسين ٻارن کي ائين ٻڌائيندا آهيون ته تون
دهليءَ جو رهاڪو آهين؛ پوءِ ائين ته تون هندستان ۾
آهين؛ پوءِ، ايشيا ۾ آهين؛ پوءِ، مشرق ۾ آهين؛ ۽
پوءِ ائين ٻڌائيندا آهيون ته تون دنيا ۾ آهين: ان
طرح، دنيا هن لاءِ ڪا تمام پري جي شي بنجي وڃي ٿي،
۽ هو پاڻ کي هڪ ننڍڙي علائقي ۽ ان جي محدود تهذيب
جو پابند بنائي ٿو ڇڏي. اسان کي گهرجي ته اسين
ٻارن جي لاءِ خاص قاسم جا نقشا جوڙيون: پهرين انهن
کي هڪ اهڙو گولو ڏيکارڻ کپي، جنهن تي صرف هڪڙو رنگ
هجي،۽ ٻارن کي ٻڌائڻ کپي ته هوُ دنيا جا رهاڪُو
پهرين آهن، ۽ هندوستان ۽ دهليءَ جا پوءِ؛ ۽ هيءَ
دنيا جيڪا الڳ الڳ ملڪن ۽ قومن ۾ ورڇيل آهي، سو
فقط سهولت جي خيال کان.“
- مولانا ابوالڪلام ”آزاد“
●
”هر انسان جي زندگيءَ جو ڪو نه ڪو خاص مقصد آهي:
زندگيءَ جي منزل قبر، يا ان جو اصل مقصد قبرستان
پهچائڻ نه آهي.“
- لانگ فيلو
●
”زندگي عيش ۽ عشرت کي نٿو چئجي، پر مقصد ۽ ان جي
امنگ جو نالو اهي: موت فنا ۽ نيستيءَ کي نٿو چئجي،
پر مقصد کان مايوس ۽ نااُميد ٿيڻ کي چئبو آهي.“
- خليل جبران
●
”بهشت ثوابن جي دنيا نه، بلڪ پاڪ دل جو ٻيو نالو
آهي: جهنم ۾ عذابن جو گهر نه آهي،بلڪ محبت کان
خالي دل جو ٻيو نالو آهي.“
- خليل جبران
●
”محبت صرف هڪ باهه نه آهي، جيڪا دل ۾ ڀڙڪندي رهي
ٿي، بلڪ هڪ تهذيبي جذبو ۽ هڪ سماجي تحريڪ پڻ آهي،
جنهن جي هڪ مڪمل تاريخ آهي.“
- ممتاز حسين
●
”ايترو اختصار نه ڪريو جو مطلب فوت ٿي وڃي.“
- روسو
●
”دنيا ۾ ڪوبه چڱو يا بُرو ڪم اهڙو نه آهي، جيڪو
انگريز ماڻهو نه ڪندا هجن؛ ليڪن اوهين انهن کي
ڪڏهن به غلطيءَ تي نه ڏسندا: هو هرڪو ڪم ڪنهن نه
ڪنهن ’اصول‘ جي بنياد تي ڪن ٿا: هو اوهان سان جنگ
ڪن ٿا، ته وطن پرستيءَ جي اصولن جي بنياد تي؛
اوهان کي لُٽين ٿا، ته ڪاروباري اصولن جي بنياد
تي؛ ۽ اوهان کي غلام بنائين ٿا، ته سلطنت شاهيءَ
جي اصول جي بنياد تي.“
- برنارڊشا
●
”مختلف تهذيبن ۾ اتفاق انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي،
جڏهن هر قوم ۽ تهذيبي گروهه جي هن حق کي تسليم ڪيو
وڃي ته هو پنهنجي زبان ۽ ادب کي آزاديءَ سان ۽
پنهنجي طريقي مطابق ترقي ڏيئي سگهي ٿو. اهڙي قسم
جي همه گير تهذيبي آزاديءَ جو بنياد، رجعت پرست ۽
لُٽيندڙ طبقي جي اقتدار جي خاتمي ۽ عوام جي حاڪميت
تي ئي رکي سگهجي ٿو.
”عوام جو اقتدار ئي قومي آزاديءَ جي قيام، استحڪام
۽ قومي تهذيب جي فروغ جو ضامن ٿي سگهي ٿو؛ ۽ ان جي
بنياد تي بين الاقوامي تهذيبي اشتراڪ ۽ اتفاق جي
عمارت جوڙي سگهجي ٿي- ڪنهن به زبان يا تهذيب کي
دٻائي نه، بلڪ هر قوم يا تهذيبي اقليتي گروهه جي
زبان ۽ ثقافت کي وڌڻ ويجهڻ جو پورو موقعو ڏيئي.“
- سيد سجّاد ظهير
●
” ڪنهن به مذهب جو زوال تڏهن ٿو شروع ٿئي، جڏهن
اهو وهمن جو مجموعو بنجي وڃي ٿو؛ ۽ پوءِ ان جي
نظام ۾ اها خرابي پيدا ٿي وڃي ٿي، جو ڪنهن هڪڙيءَ
سچائيءَ ۾ مبالغو ڪري ان کي ته آسمان تي چڙهايووڃي
ٿو، ۽ ٻين پڌرين حقيقتن کان لاپرواهي ڪئي وڃي ٿي.“
- مولوي عبدالحق
●
”اسان مان هر هڪ کي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن جسماني طور
فنا ٿيڻو آهي. هن دنيا ۾ زندهه رهڻ ۽ خوشين سان
همڪنار ٿيڻ جو فقط هڪ ئي طريقو آهي ته ڪم ڪيو وڃي،
ليڪن پنهنجي لاءِ نه بلڪ ٻين جي لاءِ. ’ٻيا‘ اهي،
جيڪي اسان جي مستقبل آهن- يعني اسان جا ايندڙ نسل،
زندگيءَ جي سچي خوشيءَ ۽ راحت جو راز انهيءَ ۾ لڪل
آهي ته انسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اهڙي
جدوجهد ۾ مصروف رهي، جنهن سان مستقبل پنهنجين مڙني
عظمتن ۽ مسرتن سان روشن ۽ درخشان ٿئي: ۽ جيڪو شخص
انهيءَ نصب العين مطابق عمل ڪري، ان کي پنهنجو پاڻ
کان هيءُ سوال ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي ته ’ڇا، ايندڙ
نسل مون کي داد ۽ تحسين بخشيندا.؟‘
”اهو شخص،جو ذاتي خواهشن کي پنهنجي جدوجهد جو محور
ٿو بنائي، سو ڪنهن به حالت ۾ اها دعوا نٿو ڪري
سگهي ته هو عوام جو خدمتگار آهي؛ ڇو ته درحقيقت هن
عوام جو نالووٺي، فقط پنهنجي ۽ پنهنجن عزيزن جي
خدمت ڪئي.اهڙن خدمتگذارن کان ته نانگ ۽ وڇون بهتر
آهن، جن بابت هيءَ حقيقت ته هرڪو ٿو ڄاڻي ته اهي
آخر ڏنگيندا آهن.“
- ڪمال اتا ترڪ
●
”انسان کي ’اَمَرُ‘ ٿي وڃڻ جي خيال سان جيڪا
دلچسپي رهندي پئي آئي آهي، ان جو ڪجهه نه ڪجهه
تعلق انساني مرضن جي علم سان آهي .... امر ٿي وڃڻ
جو اهو خيال اسان لاءِ بيحد اهم، بلڪ زندگيءَ ۽
موت جومسئلو بنجي ويو آهي ..... هيءَ حقيقت آهي ته
پنجاهه ورهين جي عمر کان مٿي پهچي، گهڻا ماڻهو
(مذهبي هجن يا ڪافر) موت کان نٿا ڊڄن؛ ان ڪري هو
جنت ۽ دوزخ جي فڪر کان به آجا ٿا رهن. اهڙن ماڻهن
جي واتان اسين ائين به چوندي ٻُڌندا آهيون ته
’ادا، منهنجي قبر تي هن قسم جو ڪتبو لڳائج‘، ’قبر
جي بيهڪ هن نموني جي هجي ته ڏاڍو چڱو‘- بلڪ اسين
انهن کي اهو بحث ڪندي به ٻڌندا آهيون ته ’مردي کي
دفن ڪرڻ بدران ان کي ساڙي ڇڏڻ بهتر آهي‘،
وغيره.منهنجو مطلب فقط اهڙن ماڻهن سان نه آهي، جن
جوعقيدو آهي ته مرڻ کان پوءِ هو سڌا جنت ۾هليا
ويندا، بلڪ ان ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن، جيڪي اهو
ڄاڻن ٿا ته زندگي موت سان گڏ ختم ٿي وڃي ٿي – يعني
شمع،وسامي وڃڻ کان پوءِ روشني نٿي ڏيئي سگهي. جديد
زماني جي ڪيترن ئي ڪاملن،انساني زندگيءَ جي
جاوداني هجڻ جي باري ۾ شڪ ظاهر ڪيو آهي- بلڪ هو
انهيءَ جهنجهٽ کي ئي فضول ٿا ڄاڻن.
”انساني زندگيءَ جي جاودان هجڻ يا ڪنهن فرد جي
اَمر ٿي وڃڻ واري تصوّر جي عيوض، ڳچ ماڻهن هڪ ’ٻئي
قسم جي دائمي بقا‘ جو تصور پيش ڪيو آهي، جيڪو وڌيڪ
وسهڻ جوڳو ۽ معقول آهي: ان ۾ ڪنهن جي نسل جي بقا،
ته ڪنهن جي ڪم ۽ ان جي اثر جي بقا شامل آهي.
مثلاً، ڪوبه فرد- يا اسين ۽ اوهين مري وڃون ته اها
ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، ليڪن اسين جيڪي ڪم ۽ ڪارناما
پنهنجي پوئتان ڇڏي ٿا وڃون، اهي زنده رهن ٿا، ۽
اسان جي معاشري جي فردن تي لڳاتار اثر وجهندا ٿا
رهن. ان جو مثال هيءُ ٿيو ته اسين ٽاريءَ مان گل
ڇني، ان جون پنکڙيون چپي چٿي، پَٽ تي اُڇلائي ٿا
ڇڏيون، پر ان گل جي خوشبوء هوا ۾رچيل رهي ٿي:
گويا، ماڻهوءَجي مري وڃڻ، ۽ پوئتان سندس ڪيل
ڪارنامن جي اثر جو باقي رهڻ، فاني انسان جي امر ٿي
وڃڻ واري مٿي ذڪر ڪيل تصوّر کان گهڻو وڌيڪ معقول،
جٽادار، ۽ بي لوث شي آهي. ان طرح، اسين چئي سگهون
ٿا ته ’لوئي پاس ٽيئر‘ ۽ ’ٿامس ايڊيسن‘ جهڙا موجد
اڃا تائين اسان ۾ زندهه آهن- ڇو ته انهن جا
ڪارناما ۽ انسان ذات لاءِڪيل سائنس جون مفيد
ايجادون زنده آهن: انهن جوجسم مري کپي ويو ته ڇا
ٿيو؟ انسان جو ’جسم‘ ته فقط ڪن ڪيميائي جزن جو
گهڙيءَ گهڙيءَ بدلجڻ وارو هڪ تصوراتي بوتو آهي، ۽
بس!
”عمل جي انهيءَ جٽادار هجڻ واريءَ خوبيءَ جي خيال
کان، انسان پنهنجي زندگيءَ ۽ پنهنجي هستيءَ کي
’مجموعي حيات‘ جي وهندڙ دريا جو هڪڙو قطرو ڪري ٿو
ليکي؛ ۽ انهيءَ مجموعي زندگيءَ کي سڌارڻ ۽ بهتر
کان بهتر بنائڻ لاءِ هن کان جيڪي ڪجهه ٿي سگهي ٿو،
ان ۾ هو پنهنجي وس پڄندي ڪابه ڪسر ڪانه ٿو ڇڏي. -
۽ سچ پچ ته جيڪڏهن انسان ٿورو به گهٽ خود غرض ٿئي،
ته ان لاءِ ايترو ئي گهڻو آهي.“
- ڪتاب ”اِمپارٽنس آف لِونگ“ تان ورتل اقتباس
●
”جنت جو رنگين تصوّر هر انسان جي دماغ ۾ ڄميل آهي.
جيڪڏهن اسين پنهنجن دماغن جون فلمون ڪنهن طرح ڏسي
سگهون، ته صاف نظر ايندو ته هر دماغ ۾ جنّت جي
تصوير خود هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي مذاق مطابق
بنيل هوندي.
”مون کان جيڪڏهن پڇيو وڃي، ته آءٌ جنت – يعني هڪ
بيحد خوشين ڀري دنيا – هڪ بهترين قسم جي باغ کي
بيان ڪندس، جنهن ۾ڪوبه گوڙ وڳوڙ نه هجي؛ ڪنهن به
قسم جي روڪ ٽوڪ نه هجي؛ صرف بلبلن جا نغما هجن،
سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڀريون هوائون هلندڙ هجن، گل ڦل جهومي
نچي رهيا هجن، ۽ مکڙيون مُرڪي رهيون هجن: انهيءَ
بهشت جهڙي بهترين باغ ۾ هڪ طرف منهنجو
ڪمروهجي،جنهن ۾سڄيءَ دنيا جا ڪتاب رکيل هجن؛ آءٌ
ڪڏهن ڪو شعر جهونگاريان، ۽ ڪڏهن ڪو مضمون مطالع
ڪريان؛ مون کي صبح ۽ شام جي گردش جو ڪوبه غم وهم
نه هجي، ۽ آءٌ هر قسم جي فڪر کان فارغ ۽ يڪسر آزاد
رهان؛ وغيره وغيره. ليڪن، جيڪڏهن اوهين ڪنهن
ڪاريگر واڍي کان جنّت جو تصوّر معلوم ڪندا ته هو
پنهنجي هنر ۽ پنهنجيءَ پسند جي مذاق جي روشنيءَ ۾
ٻڌائيندو ته ’مون کي هڪ اهڙيءَ جنّت جي ضرورت آهي،
جنهن ۾ بهترين قسم جو فرنيچر – اهڙو فرنيچر، جنهن
جهڙو سڄيءَ دنيا ۾ڪٿي به موجود نه هجي-، ڪنهن
عاليشان محلات ۾، موزون ۽ مناسب سليقي سان
سينگاريل هجي: پوءِ آءٌ انهيءَ دنيا ۾ حڪمران
هجان، يا ڪم از ڪم آزادگيءَ جي زندگي بسر ڪريان، ۽
مون کان ڪوبه پڇڻ ڳاڇڻ وارو نه هجي.‘
”اهوئي تصوّر جيڪڏهن هر هنر جو انسان پنهنجي
ڪاروباري معاملي ۾ به اڳيان رکي، ته هو پنهنجيءَ
هن ئي دنيا کي جنّت جو مثال بنائي سگهي ٿو. اهو هن
طرح، ته هو پنهنجي فنّ ۾ منفرد ۽ بيمثال رنگينيون
پيدا ڪرڻ جي فڪر ۾ لڳو رهي، ۽ ان مان حَظّ حاصل
ڪندو رهي- ايتريقدر جو ان ۾ مست ۽ مگن ٿي وڃي.
ڪوبه سبب ڪونهي جو هن جو اهوئي تصوّر کيس هڪ طرف
ڪامياب ۽ سرخرو نه بنائيندو رهي، ۽ ٻئي طرف هن جو
اهو ئي تصور هن لاءِ هوند ايتريون ته فراوانيون
پيدا ڪري ڇڏي، جو جيڪڏهن بنهه بي نياز نه، ته گهٽ
۾ گهٽ هو بينيازيءَ جي منزل جي ويجهو نه پهچي ئي
وڃي.“
- ڪتاب ”آرٽ آف لِونگ“ تان اقتباس
●
”صداقت انسان کي عظيم نٿي بنائي: انسان صداقت کي
بنائي ٿو.“
- ڪنفيوشس
●
”سچائيءَ خاطر پنهنجو گهر ٻار، مال ۽ دولت، سڀ
ڪجهه لٽائي ڇڏيو: ذلت جي زندگيءَ کان عزّت جو موت
بهتر آهي.“
- امام حسين رضه
●
”گهڻي وقت کان اسان پرڀات جو انتظار پئي ڪيو آهي،
ليڪن لمبي رات پوري نه ٿي آهي- ۽ شايد اڃا پوري نه
ٿئي: گهڻو وقت، ان جي مون کي خبر ناهي. ديس جي
آزاديءَ جي لڙائيءَ جا ڪيترا بهادر سپاهي شايد اها
پرڀات نه ڏسي سگهن،- پر اها پرڀات ايندي ضرور!
تيستائين، جدوجهد جي راهه کي روشن رکڻ لاءِ، جوت
جلائيندو ئي رهڻو آهي.... ۽ مان ڄاڻڻ ٿو گهران ته
اوهان مان ڪيترا بهادر اها جوت هڪٻئي جي ڪِرندڙ
هٿن مان وٺڻ لاءِ تيار آهن!“
- جواهر لعل نهرو
سنڌي نثر مان
مثالي ٽڪرا
- ”چالاڪ واپاري جڏهن پنهنجيءَ ڪنهن جنس کي ٻيڻي
چوڻي اگهه تي ڪڻندو آهي، تڏهن هو پاڻ کي هميشہ
گهاٽي ۾ ٻُڌائيندو آهي، ته جيئن سندس وسوڙل ۽ ساده
لوح گراهڪ پاڻ ڦُرائڻ تي آماده ٿي وڃي.
”دولت ۽ افلاس جي ڀيٽ، جنهن ۾ افلاس جي سلامتيءَ ۽
بيخوف و خطر زندگيءَ کي ساراهيو وڃي؛ ٻهراڙيءَ جي
زندگيءَ ۽ شهري زندگيءَ جي ڀيٽ، جنهن ۾ ٻهراڙيءَ
جي زندگيءَ جي سچائيءَ ۽ سادگيءَ کي اُڀاريو وڃي؛
علم ۽ جهالت جي ڀيٽ، جنهن ۾جهالت جي صدق ۽ معصوميت
جا ڳُڻ ڳايا وڃن؛ غلاميءَ ۽ آزادي جي ڀيٽ، جنهن
۾غلاميءَ جي بيفڪريءَ ۽ بي ميار ڪيفيت جون تعريفون
ڪيون وڃن: هي سمورا اوزار آهن، جن جي وسيلي موجوده
سماج جا ٺيڪيدار، ان چالاڪ ۽ ڦورو
واپاريءَوانگر،غريب ۽ پورهيت عوام کي کلم کلا ۽
بيڌڙڪ ڦريندا ۽ لُٽيندا ٿا رهن؛ ۽ انهيءَ عام ڦرلٽ
کي هميشہ چالو رکڻ لاءِ، عوام کي ائين ٻُڌائيندا
رهندا آهن ته سندن غربت، نيم وحشي زندگي، جهالت ۽
غلامي وغيره- اهي مڙيئي ايتريون ته املهه ۽ اڻلڀ
نعمتون آهن جو ڪن ڀاڳ وارن کي ٿيون نصيب ٿين. سندن
اصلي مقصد اهو ئي هوندو آهي ته ان طرح اهي غريب ۽
پورهيت انسان، پنهنجي بدحاليءَ تي صبر ۽ شڪر ڪري،
هميشہ راضي ويٺا رهن،۽ ڪڏهن ڀلجي به ائين نه سمجهن
ته سندن ظالم زميندار ۽ شاهوڪار حاڪم ڪو خوش گذاري
آهن.“
[احسان بدويءَ جي ڪتاب ”ناظم حڪمت“ تان ورتل؛
چونڊيندڙ: عبدالخالق ”جوڳي“، ڪوٽڙي،سنڌ]
- ”ياد رکو، ڪڏهن ظالم خلاف ڪن وزيرن يا حريفن
طرفان اوچتو جوش ۽ هنگامو کڙو ٿي پوندو آهي؛ پر
انهيءَ مان هرگز ڌوڪو نه کائجو، ڇو ته اهو جوش ظلم
کان ڇوٽڪاريءَ لاءِ نه بلڪ ظالم کان ذاتي بدلي
چڪائڻ واسطي هوندوآهي. ظاهر آهي ته اهڙي جوش خروش
مان قوم کي ڪوبه نفعو ناهي. حقيقي آزادي تڏهن
ملندي آهي،جڏهن خود آزاديءَ خاطر مڪمل احساس، پورو
جوش،سچو قدم ۽ صحيح عمل هجي.
”ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو موقعو وٺي، غلام قوم
کي، ڪو ڌاريون حڪمران، سندس اصلي حاڪم خلاف کڙو
ڪندوآهي. اهڙيءَ صورت ۾ قوم کي کڻي فتح به حاصل
ٿئي، مگر اها شڪست جي برابر هوندي آهي؛ ڇو ته اهو
ڌاريون حريص حاڪم به ظالم ئي هوندو آهي، ۽ اهي
سڀئي لچايون ۽ ڪچايون، چالاڪيون ۽ چالبازيون
ڄاڻندو آهي، جي سندس مغلوب ڀاءُ- يعني پهريون ظالم
– ڄاڻندو هو. اهڙي آزادي جيڪڏهن مفت ملي، تڏهن به
بيڪار، بلڪ نقصانڪار هوندي آهي؛ ڇو ته اهڙي آزادي
تمام جلد هڪ خوفناڪ ظلم جي صورت وٺندي آهي، جنهن
اڳيان زبردست ظالم جو ظلم به تِر جي ڏيکائي ڏيندو
آهي.“
[محمد صديق ٽالپر ”خالد“ جي ڪتاب ”بيدادي نگري“
تان ورتل؛
چونڊيندڙ: حسن علي ”نذير“ احمد زئي، حيدرآباد،
سنڌ]
- ”هڪڙو وڏو خرابيءَ جو سبب آهي قديم مذهبي خيال،
ته ’ماڻهو گنهگار پيدا ٿيل آهي، ۽ آدم جي اولاد
هئڻ سبب مٿئين درجي تان تڙجي هيٺ ڪريل اهي. حقيقت
هيءَ آهي ته ماڻهو ذات يا جنسيت ۽ قوميت جي نظر تي
ترقي ڪندو ۽ سڌرندو آيو آهي، پر انهيءَ جي سڌاري ۽
واڌاري کي انهيءَ مذهبي خيال پئي روڪيو آهي. جنهن
ماڻهوءَ کي خدا جوڙيو، سو اصل ڪين ڪِريو: هو رڳو
پاڻ کي ڪريل ۽ گهٽ ٿو سمجهي؛ پنهنجي بيقدري ڪري،
پاڻ کي گهٽ ڪيو اٿس ۽ هيتري خرابي پهچائي اٿس- نه
ته ڪِري فقط اهو ماڻهو ٿو، جو گناهه ٿو ڪري.
”اهو رڳو اڳوڻو مذهبي خيال آهي، جنهن ماڻهوءَ کي
نيچ ۽ نماڻو، محتاج ۽ مسڪين ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ
ڪتابن ۾ اهڙو ڪوبه حڪم ڪونهي ته پنهنجي ڌڻيءَ جي
آڏو نيچ غلام وانگي هلت ڪريو، ۽ خسيس پنڻن وانگي
مٿا ٽيڪي سوال ڪريو: اها پنهنجي بيقدري آهي؛ اها
خدا جي بيشڪري آهي؛ انهيءَ ڪري انساني شرف گهٽ ٿئي
ٿو. اسين حد کان وڌيڪ نيچائي ۽ ضعيفائي ۽ بيوسائي
ڏيکارڻ تي هري ويا آهيون، ۽ سجدن ڏيڻ ۽ هٿن ٻڌڻ ۽
سوالن ڪرڻ ۽ دعائن گهرڻ تي ٺهي ويا آهيون. ماڻهو
ائين ڪرڻ لاءِ نه پيدا ٿيو هو، پر پنهنجي شرف ۽
خدائي ذات ۽ طبيعت ڏيکارن ۽ ثابت ڪرڻ جي لاءِ پيدا
ٿيو هو.“
[شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ڪتاب ”چڱي
خيال جي ڪرامت“، ڀاڱو پهريون، تان ورتل؛
چونڊريندڙ: محمد جعفر سومرو، حيدرآباد، سنڌ]
- ”سياهه بادلن جو آسمان ۾ هلڻ، ۽ انهن جي هيبتناڪ
گجگوڙ ۽ ڪڙڪاٽ؛ بجليءَ جو چمڪاٽ ۽ بارش جو وسڻ؛
خطرناڪ طوفان جو لڳڻ، ان جي تيز رفتار ۽ گهوگهاٽ
جو آواز؛ هماليه جبل جون فلڪ بوس چوٽيون، ۽ انهن
تي برف جي نوراني چادرن جو پٿارجڻ؛ برف ۽ بارش جي
طوفانن جو لڳڻ؛ جبلن جي چوٽين ۽ ماٿرين تان پاڻيءَ
جو وهي، نئن ۽ نهرن جي صورت ۾ ميدانن تي لهي اچڻ،
۽ ڪٿي ملڪ کي سيراب ۽ آباد ڪرڻ، ته ڪٿي ملڪ کي
زيرآب ۽ برباد ڪرڻ؛ ڪٿي سبز گاهه ۽ فصلن جو پيدا
ٿيڻ، ته ڪٿي فصلن ۽ چراگاهن جو غرقاب ٿي ختم
ٿيڻ؛ڪٿي ويرانيءَ مان آبادي، ته ڪٿي آباديءَ مان
ويرانيءَ جو وجود ۾ اچڻ؛ ريگستانن ۾ چراگاهه،
جهنگل ۾ منگل؛ باغن ۾ بهاريون، گلن ۽ پنن جون
رنگينيون؛ چهچ ساون وڻن ۾ سڪل سڙيون ٽاريون، نفيس
۽ نازڪ ڇٻر جي غاليچن ۾ تکيون چڀندڙ ڊاڀوڙيون؛
لالُن جهڙن ڳاڙهن ٻيرن ۽ پيرُن جو ٺوٺ سُڪل ٽارين
جي وچ ۾ جهومڻ؛ ڪونجن جون قطارون، بلبلين جا ناز ۽
انداز، ڀونرن جي ’ڀون ڀون‘، ماکيءَ جي مکين جي
’زون زون‘، پري پري کان ايندڙ پرديسي پکين جون
لاتيون ۽ نراليون باتيون: غرض ته ڇا ڇا نه آهي هن
ڪائنات جي باغ بوستان ۾ غل ۽ شور، چهچٽو ۽ چوٻول!
”شمع جي روشنيءَ، ۽ ان جي ڪشش تي پرواني جو مست
ٿي، بي تحاشا پنهنجو پاڻ ان تي اڇلائڻ، پلڪ به پري
نه ٿيڻ، تڙپڻ ۽ ڦٿڪڻ، ڏيکاري ٿو ته هو ’وصال‘ ۾
حيات جاودان سمجهي ٿو؛ ۽ انهيءَ جدوجهد ۾ هو، جيئڻ
مرڻ کان بي
نياز ٿي، آرام يا مصيبت جو امتياز نه رکي، يار جي
وصال خاطر، پنهنجي جان خطري ۾ وجهي، پوئينءَ
گهڙيءَ تائين، لڳاتار ڪوشش سان،پنهنجو پاڻ فدا ڪري
ٿو: غرض ته حسن جي هر جلي تي عشق جوجذبو جو اتپن
ٿو ٿئي، سو ئي فقط زندگيءَ جو راز ٿو ٻڌائي: حسن ۽
عشق جي انهيءَباهمي ڪشش ۽ هماهميءَ جو ئي ته ٻيو
نالو زندگي آهي!“
[بيگم بادام ”ناتوان“ جي ڪتاب ”خوش خصلت خاتون“
تان ورتل
چونڊيندڙ: مريد علي بلوچ، ٽنڊو محمد خان، سنڌ]
- ”سمجهڻ گهرجي ته وهانءُ يا شادي ڪهڙي شي آهي.
شادي فقط هيءَ ڳالهه نه آهي ته رنگين ڪپڙا پهريا،
مهمان گڏ ٿيا، مال۽ سامان ۽ زيور مليا؛ پر شادي
ٿيڻ سان هڪ نئين دنيا شروع ٿئي ٿي، نون ماڻهن سان
معاملو ڪرڻ ۽ نئين گهر ۾ رهڻو پوي ٿو. جيئن
پهريائين پهريائين ڏاندن جي جڙن وهڙن تي پاڃاري
رکي ويندي آهي، تيئن ماڻهن جي جڙن وهڙن جي پاڃاري
آهي شادي، نڪاح ٿيو، ڇوڪري زال بڻي، ڇوڪرو مڙس
بڻيو: ان جي اهائي معنيٰ آهي ته ٻنهي کي پڪڙي دنيا
جي گاڏيءَ ۾ جوٽيوويو. هاڻي هيءَ گاڏي قبر جي منزل
تائين انهن کي ڇڪڻي پوندي. پوءِ بهتر آهي ته دل کي
مضبوط ڪري.انهيءَ ڳري بار جي برداري ڪئي وڃي.
حياتيءَ جا ڏينهن جيترا به آهن، اُهي مان شان، صلح
سانت ۽ اتفاق، يعني پاڻ ۾ ٻڌيءَ، قرب ۽ ميٺ محبت
سان ڪاٽيا وڃن؛ جيڪڏهن نه ته لڙائي، جهڳڙا بکيڙا،
گوڙ ۽ فساد، هاءِ ۽ واويلا ماتم کان دنيا جي مصيبت
اڃا به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ٿيندي آهي.“
[عبدالڪريم ”تراب“ جي ڪتاب ”ڪنوار جو آئينو“ تا
ورتل؛
چونڊيندڙ: حميده ڪي. بخاري، حيدرآباد، سنڌ]
- ”پرڀاتي پکيئڙو پيو لنوي.
”پرڀات ٿيڻ کان اڳ، جڏهن رات – روپي اجگر اڃا آڪاش
کي پنهنجي سرد سياهه ڪڙن ۾ وڪوڙيو ويٺو آهي، تڏهن
کيس پرڀات جو پيغام پهتو ڪٿان؟
”اي پرڀاتي پکيئڙا، ٻُڌائيندينم ته آڪاش ۽ پنن جي
ٻٽيءَ راتڙيءَ منجهان پورب کان پاراپي تنهنجي سپنن
۾ ڪيئن آيو؟
”سنسار تو تي ويسهه نه ڪيو، جڏهن تو پڪاريو ته
’سورج پنڌ ۾ آهي، رات وهامي ويئي!‘
”اي سُتا، اُٿي جاڳ!
”پنهنجو منهن کول، پرڪاش جي پهرين آشيرواد جي واٽ
نهار، ۽ پرڀاتي پکيئڙي ساڻ، آنند مئي شرڌا وچؤن،
تون به اُٿي لنوُ!“
[هريرام ديارام ماڙيوالا جي ڪتاب ”ڦُل چونڊ“ تان
ورتل؛
چونڊيندڙ: منوهر رنگواڻي، حيدرآباد، سنڌ]
- ”ادبي ۽ سڌريل زبان، قدرت جي هر هڪ ڪشس تي قبضو
ڪري سگهي ٿي؛ قدرت جا ڳجها ۽ پڌرا نظارا ادب دان
انسان جي ضابطي کان ٻاهر نه آهن.هڪڙو ادب دان
انسان، جيڪڏهن هڪ طرف پنهنجي ادبي زبان ۽ ساهتيه
جي وسيلي علوم ۽ فنون جا اصول ۽ فروغ، نڪتا ۽ راز،
خاص انداز ۾ علم وارن جي اڳيان رکي سگهي ٿو، ته
ٻئي طرف ٻئي انداز ۽ ٻئي نموني ۾ ڪي عام حقيقتون
عام لوڪن کي به سندين سمجهه آهر سمجهائي سگهي ٿو.
”دنيا جي انقلابن - ۽ صحيح انقلابن - ۾، تيغ برهنه
کان وڌيڪ ادبي ڪلام ۽ ساهت جي سخن جو هٿ رهيو آهي.
تاريخ جي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته دنيا جون حڪومتون
ترار کان ايترو ڪَؤ ڪونه کائينديون هيون، جيترو
قلم کان. قلم ادب نويسيءَ جو تيز اوزار آهي؛
انهيءَ ڪري ئي کيس ’شمشير قلم‘ سڏيو ويو آهي“.
[حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي ڪتاب ”آفتاب ادب“ تان
ورتل؛
چونڊيندڙ: نور احمد ”پرواز“، بدين، سنڌ]
علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون
تبصره نويس: ڊاڪٽر محمد اجمل
سنڌيڪار: حسين ”عادل“
”پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس“ جو پنجون ساليانو
اجلاس
(15-18 مارچ، 1958ع: سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد،
سنڌ)
”پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس“ جو پنجون ساليانو
اجلاس، هن سال، 15 کان 18 مارچ تائين حيدرآباد ۾
منعقد ٿيو. هند و پاڪ جي ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد
”مشرقي پيرس“ جي نالي سان مشهور هو، ۽ اڄ به منجهس
ٻاهرين ملڪن جهڙيون موهيندڙ خوبيون موجود آهن. هتي
جي ريت، بازيگر، ۽ وڻن سان ڇانيل ڪشادا رستا هڪ
عجيب لطف ۽ حسن پيدا ڪن ٿا.
اسان کي جيڪا مهمان نوازي آڇي وئي، تنهن هن اجلاس
کي نه فقط مزيدار ۽ پرجوش، پر انهيءَ سان گڏوگڏ
ترغيب ڏيندڙ، بيدار ڪندڙ ۽ نصيحت آميز پڻ بنايو.
پندرهين مارچ جي صبح جو مسٽر آءِ. آءِ. قاضيءَ
پنهنجي استقبالي تقرير پڙهي، جنهن ۾ هن موجوده دور
جي فلسفين کي تنبيهه ڪندي مشورو ڏنو ته کين گهرجي
ته فلسفي کي مخفي تعليم بنائڻ بدران، ”جمهوري
فلسفي“ جي تبليغ ڪن – هڪ اهڙي فلسفي جي، جنهن کي
رواجي ماڻهو سمجهي سگهي، ۽ جيڪو هن لاءِ ڪارآمد ٿي
سگهي. قاضي صاحب جي تقرير اگرچه فصيح هئي، مگر ان
کان ڪي ٿورا متاثر ٿيا!
ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ايم. ايم. احمد پنهنجي
صدارتي تقرير ۾، برڪلي جي بنيادي فلسفي جو ذڪر
ڪندي، حقيقت جو عيني نظريو پيش ڪيو.
تمدن ۽ فرد.
ساڳئي ڏينهن منجهند ڌاري ”تمدن ۽ فرد“ جي عنوان تي
هڪ سمپوزيم ٿيو، جنهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي
پروفيسر ڊاڪٽر حميدالدين، ايف. سي. ڪاليج لاهور جي
پروفيسر ڊاڪٽر سيلر ۽ وقت تي موجود صاحبن حصو
ورتو. ڊاڪٽر حميدالدين پنهنجي مضمون ۾ هيٺين
ڳالهين تي زور ڏنو: (الف) تمدّن جو علمي مطالعو
گهٽ ڪيو ويو آهي؛ (ب) اهو مطالعو جيتري قدر به ڪيو
ويو آهي، سو مغربي تمدن جي روشنيءَ ۾؛ اهوئي سبب
آهي جو انهن ملڪن جي تمدن تي، جيڪي فني اعتبار کان
مغرب جيترا ترقي يافته نه آهن، ”قديم تمدن“ جو
عنوان چسپان ڪيو ٿو وڃي؛ (ج) فني اعتبار کان مغرب
کان پوئتي پيل ملڪن جي تمدن تي خاص طور مذهبي
جماعتن جي پيڙيندڙ تضاد ۽ مذهبي تجربن جو زياده
اثر رهيو آهي. ڊاڪٽڙ حميدالدين شايد هيءُ پيش ڪرڻ
ٿي گهريو ته انهن ملڪن جو فني اعتبار کان پٺتي پوڻ
۽ دستڪاريءَ کان اڳتي نه وڌڻ جو سبب مذهب جو
ٻاهريون روپ آهي. موصوف پنهنجي تقرير ۾ آمريڪا جي
نفسياتي ماهر ريمنڊ بي. ڪاٽييل
(Raymond B. Cattell)
کان ”درجه بنديءَ جا اصول“ مستعار ڪيا.
ڊاڪٽر سيلر انهن مسئلن تي بحث ڪيو، جيڪي فني
اعتبار کان متقدم ملڪن جي ماڻهن کي پيش اچن ٿا. هن
اهو انديشو به ظاهر ڪيو ته اهڙي تمدن ۾ افراد جو
مشين
(Robot)
۾ تبديل ٿي وڃڻ جو خوف دامنگير رهي ٿو، ۽ اها
ڳالهه به ممڪن آهي ته هو تجارتي ذهنيت ڪري پنهنجي
آزادي به وڃائي ويهن؛ مگر علم نفسيات
(Psychology)
جي موجوده واڌاري ۽ ترقيءَ ڪي اهڙا طريقا به ڏسيا
آهن، جن جي وسيلي افراد پنهنجي ”روح جي حفاظت“ ڪري
سگهن ٿا، ۽ پنهنجي ”انفراديت“ به سڃاڻي سگهن ٿا.
موجود لکندڙن انهيءَ مسئلي جو حل يُنگ
(Jung)
جي نقطه نظر ۾ ڳولي لڌو آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ آزاد معاشرو
(Open society)
پنهنجي خصوصي علامت ڪري هڪ غلام معاشري کان مميز
ڪري ٿو سگهجي. پاڪستانيءَ تمدن کي اهڙن نعرن جي
ضرورت آهي، جيڪي سندس انفراديت کي ظاهر ڪن. اسين
انهن نعرن کي موجود مذهبي وضع سان شريڪ ڪري پاڻ کي
انهن خطرن کان بچائي سگهون ٿا، جيڪي صنعتي ترقي
پاڻ سان سلهاڙي آڻي ٿي.
انهن مضمونن هڪ ڌيان جوڳو بحث ڇيڙيو، جنهن ۾ منطق
جي پروفيسر اي. جي. آير
(A.J. Ayer)
(يونيورسٽي ڪاليج، لنڊن) پڻ حصو ورتو. پروفيسر آير
هيٺين ڳالهين جو ذڪر ڪيو: (1) تمدن سان اهڙو
ورتاءُ نه ڪرڻ گهرجي، جهڙو هوند ڪنهن جانور سان
ڪجي؛ تمدن افراد جي باهمي تعلقات جو نالو آهي؛ (2)
فني ترقيءَ کي مغربي تمدن ۾ اتفاقي امر نه سمجهڻ
گهرجي؛ فني ترقي مغربي تمدن جو هڪ ناگزير حصو ۽
انهيءَ تمدن جو خاص مظهر آهي؛۽ (3) فني ترقيءَ جي
خطرن کي بيان ڪرڻ ۾ گهڻو مبالغو ڪيو ٿو وڃي. حقيقت
۾ فني ترقيءَ انساني تڪليفن، مصيبتن ۽ ڏکن کي
گهڻيءَ حد تائين گهٽايو آهي. البت ايترو خطرو ضرور
آهي ته جيڪڏهين مشينن جي ترقي ساڳيءَ رفتار سان
جاري رهي ته شايد اسين منجهانئس ڪڪ ٿي پئون. ”مگر
آءٌ ڏکي ٿيڻ بدران ڪڪ ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“
منجهيل ڄار.
شام جو پروفيسر آير هڪ پبلڪ ليڪچر ڪيو، جنهن ۾ هن
پروفيسر جِي. اي. مور
(G.E. Moor)،
وٽجينسٽين
(Wittegenstein)،
گلبرٽ رائيل
(Gilbert Ryle)
۽ پروفيسر آسٽن
(Austin)
جي فلسفي جو بهترين اختصار ڏنو. اها افسوس جهڙي
ڳالهه آهي جو پروفيسر آير پنهنجي فلسفي جو ڪو ذڪر
نه ڪيو. هن موجوده فلسفيانه خيالن جي منجهيل ڄار
کي آسانيءَ ۽ نهايت سهڻي طريقي سان سلجهايو. هن
انهن سوالن جو به ذڪر ڪيو، جيڪي پروفيسر مور
فلسفين کان پڇي کين تنگ ڪندو هو- مثلاً هي سوال ته
”توهان جي انهيءَ مان مُراد ڇا آهي ته ’زمان غير
حقيقي آهي‘.“ في الواقع انهن جو مقصد سواءِ ان جي
ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي ته اهڙا واقعا اصل وجود
نٿا رکن، جيڪي هڪٻئي کان اڳ يا پوءِ يا ساڳئي وقت
ٿيندا هجن. اها ظاهر ظهور بيوقوفي آهي. جڏهين مور
پنهنجو مشهور مضمون ”بيروني دنيا جو ثبوت“ پڙهيو
پئي، تڏهين پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي چيائين، ”هيءُ
هڪڙو هٿ آهي“؛ ۽ پوءِ کاٻو هٿ مٿي کڻي چيائين،
”هيءُ ٻيو هٿ آهي“. هُن انهن ٻن عملن مان اهو
نتيجو ڪڍيو ته ٻاهرينءَ دنيا کي وجود آهي. (پر آءٌ
سمجهان ٿو ته پروفيسر آير، مور جي مضمون جو خاص
دليل نه ڏنو. منهنجي نزديڪ ان مضمون ۾ اهم ڳالهه
هيءُ سوال آهي ته ”جڏهين فلسفي ٻاهرينءَ دنيا جو
ثبوت تلاس ڪن ٿا، تڏهين انهن جو ’ثبوت‘ سان في
الواقع ڪهڙو مطلب هوندو آهي؟“ فرض ڪريو ته ”هن
ڪمري ۾ هڪ ميز آهي“: هاڻ جيڪڏهين ڪو ان جو ثبوت
گهري ته توهان فقط ايترو ڪري سگهو ٿا جوميز ڏانهن
اشارو ڪري چئو ته ”هيءَ ميز آهي“.) وٽجينسٽين، مور
جو ٻاهرينءَ دنيا جو وجود متعلق مٿيون دليل ٻڌي
چيو: ”جيڪي فلسفي مادّي جي وجود کان انڪار ٿا ڪن،
سي انهيءَ ڳالهه کان انڪار نٿا ڪن ته کين صدريءَ
هيٺان قميص پيل آهي“.
’معنيٰ‘ جو نظريو.
انهيءَ کان پوءِ پروفيسر آير، وٽجينسٽين جا
”معنيٰ“ متعلق ابتدائي رايا ٻڌايا، ۽ ايٽمي حقيقتن
(Atomic facts)
۽ ايٽمي رٿن
(Atomic propositions)
جي وچ ۾ فرق جي پنهنجي نقطهء نظر کان سمجهاڻي ڏني.
مگر هُن وٽجينسٽين جي انهن نظرين کي، جن جو بيان
سندس ڪتاب ”فلاسافيڪل انويسٽيگيشن“
(Philosophical Investigations)
۾ ڏنل آهي، وڌيڪ چٽائيءَ سان سمجهايو. وٽجينسٽين
انهيءَ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته لفظ جي ”معنيٰ“ ان جي
استعمال سان مقرر ٿئي ٿي. پروفيسر گلبرٽ رائيل
(Gilbert Ryle)
سندس انهيءَ راءِ کي قبولڪيو ۽ ان جو ذهني ڪيفيتن
(يعني علم نفسيات) جي زبان سان لاڳاپو ڏيکاريو. هن
جي ڪوشش خاص طرح اها هئي ته انساني مشين مان ’جن‘
(روح) کي هڪالي ڪڍي، جيڪو، ڊيڪارٽ جي نظر ۾، ذهن
متعلق سوچڻ وقت موجود رهي ٿو. (پروفيسر آير، گلبرٽ
رائيل جي هڪ بهترين مضمون
Theory of Meaning
جو ڪو حوالو نه ڏنو. هيءُ مضمون حقيقت ۾
Philosophical Investigations
جي هڪ جملي جو تفسير آهي.) جيڪڏهين توهان
وٽجينسٽين جي مٿينءَ راءِ کي اختيار ڪندا ته لغت
توهان جي رهنمائي ڪندي. توهان هيءُ سمجهڻ لڳندا ته
لفظ ڪيئن استعمال ٿين ٿا؛ ۽ هيءَ ڳالهه به ظاهر
ٿيندي ته لفظن ۾ جيڪو معلومي فرق آهي،سو سندن
استعمال جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. پروفيسر آسٽن
(Austin)
کي مٿينءَ راءِ جي مدد سان هيءَ خبر پيئي ته
(مثلاً) لفظ
Voluntary
۽
Involuntary
هڪٻئي جا واقعي ضد نه آهن. ساڳي طرح، پروفيسر آسٽن
”جيڪڏهين“
(If)
۽ ”سگهڻ“
(Can)
وارن جملن جو تجزيو ڪيو.
ڪلّيات
(Universals).
16 تاريخ، صبح جو، گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي
پروفيسر سي. اي. قادريءَ ”ڪليات“ جي عنوان تي
سمپوزيم جي شروعات ڪئي. قادري صاحب انهيءَ ڳالهه
تي زور آندو ته ”ڪليات، نامڪمل علامتون
(Incomplete symbols)
آهن“. هن پنهنجي دليل جي صحّت لاءِ وڌيڪ زور ان
ڳالهه تي ڏنو ته مجرد تصور
(Concepts)
جو تجربو ڪڏهين به نٿا ڪري سگهون، ۽ ٻيو ته تصور
ڪرڻ جو عمل ذهني عمل جي حيثيت ۾ هڪ خيالي شي آهي.
جيتري قدر ڪليات جي باري ۾ بنيادي سوال جو تعلق
آهي، ديوان اضفر، قادري صاحب سان اختلاف ڪيو. هن
چيو ته جيتوڻيڪ ڪليات کي ”متعلقي حقيقت“
(Autological reality)
نه آهي، تنهن هوندي به اهي هڪ ”معلومي
(Epistemological)
حقيقت“ جا حامل آهن. ڊاڪا يونيورسٽي جي پروفيسر
بيگم اختر امام ٻنهي مقررن سان اختلاف ڪيو، ۽
انهيءَ نظريي جي وڪالت ڪئي ته ڪليات، منطقي توڙي
معلومي حيثيت ۾، حقيقتون آهن.
گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي پروفيسر ڪرامت حسين،
ناميّت
(Nominalism)
۽ حقيقت پسندي
(Realism)
جي وچ وارو رستو اختيار ڪيو. هُن هڪ نئون نظريو
”ترڪيبي ڪليات“
(Synthetic universals)
بابت پيش ڪيو.
پروفيسر آير به بحث ۾ بهرو ورتو ۽ مسٽر قادريءَ
اتفاق سان ڪيو؛ ۽ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيائين
ته ”ڪليات جو انحصار انهيءَ سوال تي آهي ته ’بياني
(Predicative)
جملن کي ختم ڪري سگهجي ٿو يا نه؟‘“ پروفيسر آير،
قادريءَ جي انهيءَ راءِ تي ته انهن جملن کي ختم
ڪري ٿو سگهجي، تنقيد ڪئي. آمريڪا جي ڊاڪٽر فشي
(Fische)
بحث ۾ هڪ نئينءَ شي جو اضافو ڪيو.هن ٻڌايو ته
”ڪليات جو مسئلو حقيقت ۾ درجه بندي
(Taxonomy)
جي اصولن جو مسئلو آهي“. ڪن سائنسن جي درجه بندي
جي اصولن جي بنسبت، ٻين سائنسن جي وڌيڪ گهرج آهي،
۽ انهن سائنسن لاءِ اڄ به هيءُ اهم مسئلو آهي. جن
سائنسن کي انهن اصولن جي گهٽ ضرورت آهي، تن لاءِ
هيءُ مسئلو تقريباً بي معنيٰ آهي. پروفيسر ابنگاز
(Ebbinghaus)،
بيگم اختر امام جي ’ڪليات‘ متعلق راءِ سان اتفاق
ڪيو. هُن ٽنهي مقررن تي افلاطون جو ذڪر بحث ۾ آڻڻ
تي تنقيد ڪئي. پروفيسر ابنگاز جي خيال موجب
افلاطون جا نظريا
(Ideas)
ڪليات نه پر ”عام تصوّرات“ آهن.
امريڪن فلسفو.
شام جو ڊاڪٽر فشي
(Fische)
امريڪا جي فلسفي جا ارتقائي دور ٻڌايا. هُن امريڪا
جي فلسفي کي ”غير ڪسبي فلسفو“ سڏيو، ڇاڪاڻ ته
امريڪا جا فلسفي، فلسفي ۾ نه پر طبيعي يا سماجي
سائنسن ۾ تربيت يافته آهن. هنن جو واسطو گهڻو ڪري
سائنس جي فلسفي سان رهيو آهي. هو پنهنجي سائنس جي
تجزيي ۾ سائنسدان جي معمل (ليبارٽري) جي ڪم تي سڀ
کان وڌيڪ زور آڻين ٿا. هو ذهن ۽ معلوم شين جي
تعلّق بدران، قياس، تجربي ۽ نتيجن جي وچ ۾ تعلّق
ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
سندس مضمون جو شروعاتي حصو تمام سهڻو هو، مگر
ڊاڪٽر فشي ستت ئي فلسفي کي ڇڏي سماجيت جي حدن ۾
داخل ٿي ويو.هن امريڪا ۾ تعليم۽ ڪاشتڪاريءَ جي
ميدان ۾ تحقيق جي جوش و خروش جو ذڪر تمام چڱيءَ
طرح ڪيو. سندس مضمون هڪ سهڻو معلوماتي تجزيو هو.
ڊاڪٽر فشي، پيرس
(Pierce)
۽ وينڊل هومز
(Wendel Holms)
جو به ذڪر ڪيو؛ مگر وليم جيمس
(William James)
کي اصل وساري ڇڏيائين. آءٌ وڏي اميد رکيو ويٺو هوس
ته ڊاڪٽر فشي، جيمس، سنٽيئنا
(Santayana)
ڊيوي
(Dewey)،
سڊني هوڪ
(Sidney Hook)
۽ مورس ليزرووز
(Morris Lagerowitz)
جو ذڪر ضرور ڪندو – مگر نه، امريڪا جي ڪاشتڪاريءَ
جو موضوع هن لاءِ وڌيڪ سحر انگيز هو!
اجلاس جي مختلف ميڙن ۾ چار صدارتي خطبا پڙهيا ويا،
جن مان ٻه پنهنجو مٽ پاڻ هئا. راجشاهي يونيورسٽيءَ
جي علم نفسيات جي پروفيسر، ڊاڪٽر مغني، پاڪستان ۾
علم نفسيات جي ضرورت ۽ واڌاري جي اهميّت تي سهڻي
طريقي بحث ڪيو. گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي پروفيسر
سعيد شيخ ”مذهب جي فلسفي“ جي ميڙ جي صدارت ڪئي.
هُن، مذهب جي فلسفي جي وسعت جو ذڪر ڪندي، ان ڳالهه
تي زور آندو ته مذهب جي فلسفي کي ”مخصوص فقه“ ۽
”مخصوص فلسفه“ جي قياس آرائين کان آزاد ڪري، ان جو
بنياد ”مذهبي تجربه“ جي حقيقت تي رکڻ گهرجي.
هُن انهيءَ ڳالهه تي به زور آندو ته اهو شخص، جنهن
جو ڪنهن مذهب سان ڪو تعلق ڪونهي، مذهب جي قدر و
قيمت کي اصل نٿو سمجهي سگهي؛ تنهنڪري مذهب تي
تبصري ڪرڻ لاءِ هيءُ ضروري آهي ته هو مذهبي طرح
محسوس ڪرڻ جي قابل هجي. |