سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1  1958ع

 

صفحو :15

محترم، اوهان کي شايد خبر نه آهي ته اسين ”مهراڻ“ جو ڪهڙيءَ طرح انتظار ڪندا آهيون. جڏهين ٽي مهينا پورا ٿيڻ تي هوندا آهن، تڏهين ڳوٺ جي ايجنٽ کان اڳ ۾ پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏيندا آهيون. انهيءَ کان سواءِ، جيڪو به دوست حيدرآباد ڏانهن ويندڙ هوندواهي، تنهن کي پئسا ڏيندا آهيون ۽ منٿون به ڪندا آهيون؛ پوءِ به جڏهين هو خالي موٽندوآهي، تڏهين ايترو ته ارمان ٿيندو آهي جو ڄڻ ته ڪنهن دلي دوست وعدو ڪري وري انهيءَ کي نه پاريو هجي!

خير، محترم، اهي آهن اسان کي ”مهراڻ“ لاءِ سِڪون ۽ اوسيڙا. اوهان جو هيءُ پرچو (سوانح نمبر) پيٽ کان ويلو کسي جڏهين خريد ڪيم، تڏهين اها اُميد هيم ته اهڙين شخصيتن سان متعارف ٿيندس، جن جي زندگي منهنجي لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندي.ورق گرداني ڪندي، جڏهين علمائن جي حيثيتن تي نظر پيم،تڏهين .... ڪهڙي ڳالهه ڪجي! شل نه ڪنهن ڪڏهن  نماز جا پنج وقت پورا پڙهيا هجن، يا رات جي پوئين حصي ۾ جاڳي هجي – بس، اُن جو ڀائٽيو ويٺو سندس سوانح عمري لکڻ! ”هو ڏاڍو ڪرامت جو صاحب هو؛ هن جا ڪئين مريد هئا؛ هن جا فلاڻي صاحب سان اختلاف ٿي پيا، انهيءَ ڪري هن کي مارائي ڇڏيائين“، وغيره. يا، ڪنهن وڏيءَ ڄمار واري ڪو هڪ اڌ شعر يا ڏوهيڙو چيو، ته هوبه يوسف جي خريدارن ۾ ضرور شمار ٿئي!

منهنجا محترم ايڊيٽر صاحب،اوهان کي خبر آهي ته هن سائنسي دور ۾ انسان پنهنجي عقل سان ڪيترو اڳتي وڌي چڪو آهي؟ دعا ثواب ۽ ڪرامت جون ڳالهيون، سوچيندڙ لاءِ، فرسوده قصا پيا لڳن. هيءُ ’سوانح نمبر‘ پري کان ڏسڻ ۾ ته سمنڊ پيو معلوم ٿئي، جنهن مان املهه موتين ملڻ جي اُميد هوندي آهي، پر آهي رڳي رڃ، جنهن جي آسري تي پياسي ڊوڙندو رهي ٿو، پر پياس ڪٿان به نٿي ٻجهيس. البت، انهيءَ ڊوڙڻ جي دوران ۾، ڪٿ ڪٿ ڪي دُٻا نظر اچن ٿا،سي به رڃ جي اَڇ جي آسري ۾ ٻلانگهون واريو، پڙهندڙ نظر انداز ڪريو وڃي. جڏهين پڙهندڙ صفا نااُميد ٿو ٿئي، تڏهين مجبور ٿي، کيس اُنهن دٻن ڏانهن واپس موٽڻو ٿو پوي. انهن دُٻن لاءِ سنون سڌن لفطن ۾ ائين کڻي چئجي ته هيٺين ماڻهن جون سوانح عمريون، جي واقعي ”مهراڻ“ جي شانوٽان آهن ۽ اسان لاءِ سبق آموز ٿي سگهن ٿيون، سي هي آهن: مولانا عبيدالله سنڌي، مولوي دين محمد وفائي، حضرت صبغة الله شاهه، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، جناب عبدالمجيد سنڌي، محترم جي. ايم. سيد، محترم محمد عثمان ڏيپلائي ۽ مسٽر محمد ايوب کهڙو.

محترم، معاف ڪجو... ڀلا، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب توڙي سنڌ جي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ هِندن جون خدمتون بنهه وسارڻ جون آهن ڇا؟ ڇا، هندن سنڌ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو؟ ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا محافظ ڪير هئا؟ اهي هندو، جن گنگا کان سنڌوءَ کي عزيز سمجهيو، جن پنهنجي فنا ٿيل جسم جي خاڪ به سنڌ جي حوالي ڪئي، - ڇا اُنهن جي خلوص کي اسين ائين ئي احسان فراموشيءَ سان رد ڪري سگهون ٿا؟ .... اها ڪُور چشمي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اسان جي ادبي دارن ۾ به اهي مذهبي رڳڙا جهڳڙا، اهي تنگ نظريءَ جا طوق، ته پوءِ انسانيت جا قدر تباهه نه ٿيندا؟

محترم، آءٌ ڪولمبو بحث ڪرڻ نٿو چاهيان؛ دراصل جڏهين ”مهراڻ“ تي پنهنجي حجت جو حق ٿو ساريان، تڏهين ٿي دل ايتريقدر ڪڙهيم! دل ته چاهي ٿي ته ”مهراڻ“ ۾ جيڪي شاعر صاحب پيش ٿيا آهن، انهن جي انتخاب تي به ڪجهه لکان؛ پر قصو وڌي ويندو. اُميد اٿم ته جيڪي صاحب ايڏي شوق ۽ چاهه سان ”مهراڻ“ خريد ڪن ٿا، تن ۾ ايتري لياقت ضرور هوندي جو هو انهن شعرن کي پرکي سگهن. سمع خراشي معاف!

- ”پٿر“سنڌي، ميرپور بٺورو، سنڌ

- جناب ايڊيٽر صاحب ”مهراڻ“، السلام عليڪم. ”مهراڻ“ جو ضخيم سوانح نمبر ڏسي بيحد خوشي ٿي. سنڌي زبان ۾پنهنجي قسم جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي. اُميد ته هاڻ ”مهراڻ“ خواهه ٻين رسالن جا اهڙا خاص نمبر نڪرندا، جن جي وسيلي سنڌ جي جواهرن جا حالات قلمبند ٿي ويندا، ۽ موجوده خواهه آئينده نسلن جي معلومات لاءِ ڪارگر ۽ مفيد ٿيندا.

هن سوانح نمبر جي وسيلي ڪيترن ئي اهڙن بزرگن جون سوانحون عوام اڳيان آيون، ۽ ڪن بزرگن جي سوانحن جا اهڙا واقعا ظاهر ٿيا، جن کان عوام اڳي ناشنا هئا؛ ان ڪري، بلاشبهي، اسين ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي هن ڪارنامي تي فخر ڪري سگهون ٿا.

البت، ”مهراڻ“ جي خوبين جي تعريف ڪرڻ بعد، نهايت ضروري آهي ته اسين ان جي ڪمين ۽ ڪوتاهين تي به نظر ڪريون؛ ڇاڪاڻ ته هيءُ رسالو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سنگ بنياد آهي، ۽ يقيناً هن توڙي ٻين رسالن جا اڃا اهڙا ٻيا به سوانحي ذخيرا شايع ٿيندا، جن جي آڌار تي پوءِ ڪي ’تذڪره المشاهير‘ به تيار ٿيندا.

هن سوانح نمبر ۾ سڀ کان وڏي ڪوتاهي اها آهي ته خود مرتب صاحب طرفان انهن سوانحن تي ڪابه خاص نظر ڪانه ڪئي ويئي آهي، جيڪا بلڪل ضروري هئي: جيڪي ڪي لکندڙن لکيو آهي، سو بيڌڙڪ کڻي شايع ڪيو اٿن. ان جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو:

ڪيترن ئي بدمعاش ۽ رهزن انسانن کي وڏا پاڪباز ۽ معتبر، بلڪ وڏا ڪانيءَ ڪرامت جا مالڪ بنائي ڇڏيو ويو آهي. انهن کي ڏسندڙ ۽ ڄاڻندڙ اڄ به موجود آهن، سي جڏهن اهي احوال پڙهندا، تڏهن ”مهراڻ“ تي ڪهڙي قسم جا وظيفا پڙهندا؟ پِير فقير اسان جي عوام تي ڪرامتن ۽ گپوڙن جو رعب ويهاري، کين ڪافي ڦريندا رهيا، ۽ ڦريندا رهن ٿا. ايتريقدر جو انهن جي وسيلي خود سندن لڄون به لٽيندا رهن ٿا. وري ويچاري عوام جي دماغ کي هنن رهزنن اهڙو ته مسحور بنايو آهي، جو هو ٻين حرڪتن کي ته ٺهيو، پر لڄن لُٽڻ کي به الٽو فخر سان پيا سهندا آهن.اهڙيءَ حالت ۾،سنڌ جي تعليمي سطح کي سامهون رکندي، سنڌي ادبي بورڊ لاءِ لازم هو ته ڪم از ڪم انهن دل ۽ دماغ جي رهزنن جي گپوڙن کي زور وٺائڻ ۽ عام ۾ ڦهلائڻ جو ڪڌو ڪم نه ڪري ها.

اڄوڪي زماني ۾ اهو نهايت ضروري آهي ته نئينءَ ٽهيءَ کي خاص طرح، ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو ٻڍن طوطن کي به، اها حقيقت ذهن نشين ڪرائجي ته ڪوبه انسان خدائي طاقتن جا تصرف نٿو رکي، ۽ نڪي ئي ڪرامتون ڪرڻ سندس وس ۾ آهن. اهي ڪرامتن جون جيڪي به ڳالهيون ٻڌبيون آهن، سي گهڻو ڪري ته گپوڙا هوندا آهن، ۽ ڪي وري اتفاق ٿين ٿا. هر شخص جي زندگيءَ ۾اهڙا اتفاق ٿين ٿا، جو هو ڪا تمنا رکندڙ هوندو آهي ته ’اتفاق سان‘ پوري ٿيندي آهي؛ ڪنهن کي دعا ڪندو آهي ته اتفاق سان اها ڳالهه ائين ٿي ويندي اهي؛ ڪنهن کي پٽيندو آهي ته اتفاق سان اهو مقهور ٿيندو آهي؛ مگر انهيءَ کي ڪرامت ياغيبي طاقت هرگز سڏي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهڙا اتفاق هڪ فيصدي مس ٿيندا آهن- بلڪ آءٌ ته انهن کي هڪ في هزار سمجهندس؛ ڇاڪاڻ ته هر انسان جون بيشمار دعائون، بيشمار پِٽون، ۽ بيشمار تمنائون ته رائگان ئي وينديون آهن!

حيدرآباد ۾ هڪڙو سوامي برهمانند هوندو هو، جو سلهه جي علاج جا وڏا هوڪا ڏيندو هو، ۽ اخبار ۾ شايع ڪندو هو ته بيمار نمبر فلاڻو هيئن چڱو ڀلوٿيو، ۽ بيمار نمبر فلاڻو هن طرح شفاياب ٿيو: انهيءَ تي هڪ دفعي مشهور منهن – ڦَٽ اخبار ”پرتاب“ لکيو ته ”اهي پنج سيڪڙو نمبر ته چاڪ ٿيا، پر باقي پنجانوي سيڪڙو نمبر وارا بيمار ڪيڏانهن ويا؟“ سو، ساڳيءَ طرح، انهن پيرن فقيرن جي ڪرامتن جي گپوڙن کي جيڪڏهن ملاحظه ويهي ڪبو ته اهي سندن عمر جي اڪثر پِٽن ۽ دعائن جو هڪ سيڪڙو به مس هونديون، ۽ اهي محض اتفاق هوندا.

اڄ علم، عقل۽ انسانيت جو دورآهي.اڄ دنيا جا سمجهدار طبقا، ڪرامتن  روحاني طاقتن جي عنايتن کان مايوس ٿي، انسانن جي بهتريءَ خاطر، ’انسان جي ڪوشش‘ کي ئي صحيح طريقو سمجهن ٿا، ۽ هر انسان کي انسان سمجهڻ جي تلقين ڪن ٿا؛ ڪنهن به انسان کي غيبي طاقتن جو مالڪ سمجهڻ کي بد ترين جهالت سمجهن ٿا.

اهو نهايت ضروري آهي ته ”مهراڻ“ جي نه فقط آئينده سوانح نمبرن ۾، بلڪ ڪنهن به نمبر ۾، اهڙيون غليظ ۽ قوم جي دماغ کي تباهه ڪندڙ چيزون شايع نه ٿين. ازان سواءِ، ”مهراڻ“ هڪ علمي ادبي پرچو آهي، ڪو خانقاهن جو مبلغ نه آهي، ڪو پيرن فقيرن جو ڍنڍوري ڪونهي؛ نڪي، انهن جي اثر رسوخ ۽ پيدائش وڌائڻ جو خليفو آهي: پيرن فقيرن جي خليفن کي ڪوبه حق ڪونهي جو هو هن علم جي روشني پکيڙيندڙ رسالي کي پنهنجي مرشدن کي خوش ڪرڻ جو اوزار بنائي، وٽن سرخرو ٿين!

(2) اڪثر سوانح عمريون مبالغي سان ڀريل آهن، ۽ ’بورڊ‘ وارن تي لازم هو ته هو اهي مبالغا ڪٽين ها- (خود منهنجي سوانح ۾ به ڪجهه مبالغا آهن، ۽ جيڪڏهن اها سوانح ڇپجڻ کان اڳ مون کي ڏيکاري وڃي ها، ته آءٌ ان مان ڪافي ڪاٽ ڪوٽ ڪريان ها).

(3) سوانح نمبر ۾ هڪ اها به ڪوتاهي آهي جو ڪافي ادبي، علمي ۽ سياسي شخصيتن جي هڪ مڪمل فهرست ناهي، انهن جون سوانحون هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل ڪانه آهي – بلڪ جيڪي سوانحون پاڻهي آيون آهن، سي ئي درج ڪيل آهن. اهي به پوريءَ ترتيب سان نه – حالانڪ گهربو ائين هو ته اول ئي مشاهير سنڌ جي هڪ فهرست ٺاهي، ان کي باب وار وراهيو وڃي ها؛ پوءِ اهي سوانحون پاڻيهي هٿ نه اچن ها ته خاص طرح لکرايون وڃن ها.

(4) سڀ کان وڏي افسوسناڪ ڪوتاهي هن نمبر ۾ اها آهي جو هڪ به غير مسلم بزرگ جو ذڪر نه ڪيل آهي – نه هندوءَ جو، نه پارسيءَ جو، نه ڪرستان جو، نه اڇوت جو- گويا ”مهراڻ“ جا فرزند صرف سنڌي مسلمان آهن، ۽ غير مسلم ڄڻ ته ان سان ڪوبه ناتو ڪونه ٿا رکن- حالانڪ اڄ به اهي غير مسلم، سنڌي ثقافت جي واڌاري لاءِ بهترين ڪوششون ڪن پيا.

(5) ٻي وڏي ڪوتاهي اها به آهي ته هڪ به عورت جي سوانح (نالي ماتر، مائي فاطمه جکريءَ کان سواءِ) هن ۾ درج ٿيل ڪانه آهي. حالانڪه اڄ ته سنڌ ۾ ڪافي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمت ڪندڙ عورتون  موجود آهن، بلڪ اڳ به گهڻيون ئي اهڙيون عورتون ٿي گذريون آهن، جن جون سوانح عمريون محفوظ ڪرڻ نهايت ضروري ڪم آهي.

(6) ڪيترين اهم شخصيتن جا تذڪرا بنهه مختصر آهن، - حالانڪ اهو نهايت ضروري هو ته انهن کي وڌيڪ صفحا ڏجن ها؛ ۽ ڪن غير اهم هستين کي وري ضرورت کان وڌيڪ صفحا ڏنا ويا آهن.

مون پنهنجي راءِ خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڏني آهي، ۽ اُميد اٿم ته ”مهراڻ“ جا ڪارپرداز ٿڌي سيني سان انهن گذارشن تي غور ڪندا.

- ع. م. ڏيپلائي

- سائين جويا صاحب، ”مهراڻ“ جي نئين پرچي جو انتظار ڪندي ڪندي، ذري گهٽ نااميدي وٺي ويئي هئي ته شايد ”مهراڻ“ هميشہ لاءِ بند ٿي ويو! اهڙا هُل اڳيئي پيا ٻڌندا هئاسون. خدا خدا ڪري، ’سوانح نمبر‘ مليو. ايترو ضخيم جلد ڏسي، اول ته ڏاڍي خوشي ٿي. آءٌ ته سمجهان ٿو ته پاڪستان ۾ ايترو ضخيم نمبر خيرڪو ڪنهن ٻوليءَ ۾ نڪتو آهي. ”نقوش“ وارن جو به پهريون سوانح نمبر هن جيترو ئي هو. ڏسڻ سان سمجهيو هوم ته ايتري ساري ديرمدار کان پوءِ شايد پڙهندرن جي نااميدين کي شڪست ڏيڻ خاطر ئي ائين ڪيو ويو آهي؛ پر پڙهڻ کان پوءِ اميدن جا جيڪي ترورا ذهن ۾ باقي وڃي رهيا هئا، سي مات ٿي ويا.

ادبي بورڊ ۽ ”مهراڻ“ سان منهنجو قريبي ۽ قلبي تعلق رهيو آهي. ’بورڊ‘ جي اسڪيمن ۽ ”مهراڻ“ جي ترتيب جي داخلي ڳالهين سان به ڪجهه واسطو رهيو اٿم. يقين ڪريو ته مون کي هيءُ پهريون ڀيرو صدمو رسيو آهي. سچ پچ ته وسهڻ ۾ ئي نٿواچي ته بورڊ جي زير سايي اوهان جي نگرانيءَ، ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ادارت ۽ هدايت هيٺ، پيسي ۽ پورهيي جو ايترو نقصان ڪيئن ٿيو آهي! ”مهراڻ“ سنڌ جي اڀرندڙ نسل کي هن کان اڳ صحتمند ذهني خوراڪ ميسر ڪري رهيو هو: اچانڪ ان ۾ ايترو انحطاط ۽ - معاف ڪجو – پستي اچي وڃي، سو ڪيترو نه افسوس جو مقام آهي! هڪ طرف هڪ طويل عرصي تائين سنڌ جي پڙهندڙن کي ”مهراڻ“ ڪجهه به پيش نه ڪيو، ۽ ٻئي طرف جڏهن ڪجهه پيش ڪيائين ته هڪ اهڙو”سوانح نمبر“، جو ’سوانح نمبر‘ ته ڪجا، پر ادبي لحاظ کان ان کي ’سوانح نمبر‘ سڏڻ ئي ادب جي انهيءَ صنف جي توهين۽ تضحيڪ آهي. ايترو ته مان به سمجهان ٿو ته انهيءَ ۾ اوهان جو ڪوبه هٿ نه آهي؛- پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙي اديب ۽ اهل نظر شخص جي زير هدايت اهڙي چيز پيش ٿئي، سا نهايت ئي ڏک جي ڳالهه آهي. ويهين صديءَ ۾، ڪنهن زبان ۾، ”مهراڻ“ جهڙي رسالي طرفان ان قسم جو ادب پيش ٿئي، ان زبان جو آئيندو ڪيترو نه اونداهو آهي، سو اوهين به محسوس ڪندا هوندا. ”مهراڻ“ جي هن نمبر کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته اسين ’ادب‘ ۾ ڪيترو نه يتيم، فرومايه ۽ زنگ آلوده بنجي چڪا آهيون.

سوانح لکڻ (Biography) جي صنف ٻين زبانن ۾ ايتري عروج تي پهتل آهي، جو انهن کي پڙهڻ سان ذهن کي هڪ نئين روشني نصيب ٿئي ٿي. هر زبان جي ادب ۾ سوانح جي عنصر کي اولين مقام حاصل رهيو آهي. درحقيقت گذريل وقت ۾ ناول ۽ افسانا، سوانح جي ڍنگ ۾ لکيا ويندا هئا- ۽ رفته رفته انهن صنفن پنهنجو پنهنجو اسلوب اختيار ڪيو آهي. خود پراڻي شاعريءَ ۾ سوانح جو عنصر نهايت نمايان آهي. زنده زبانن ۾ سوانح جي صنف کي هڪ ممتاز مقام حاصل آهي. صدين جو لکيل ’پلوٽارج‘ جو ”لائيوز آف اِلسٽرئس مين“ (Plutarch's Lives of illustrious men) اڄ تائين ڪلاسيڪل شاهڪار آهي. ڊاڪٽر جانس  جون لکيل ”شاعرن جون سوانح عمريون“ انگريزي ادب ۾ هڪ خاص مقام رکن ٿيون. خود اردوءَ ۾ ”نقوش“ جو نمبر ته اوهان ڏٺو هوندو: سواءِ چند چيزن جي، باقي سموريون سوانحون نهايت چڱيون پيش ڪيل هيون.

’سوانح‘ محض ڄم، تعليم، شادي، رهائش ۽ موت جو تاريخون لکڻ کي ڪين ٿو چئجي: سوانح جي صنف ۾، ڪردار جي شخصي زندگيءَ جي آئيني ۾، سموري ماحول، سموري سماج، مختلف تحريڪن، لاڙن ۽ حالتن جو عڪس ۽ مطالعو هوندو آهي. سوانح لکڻ جو اسلوب ٻين سڀني ادب جي صنفن کان نرالو آهي. منجهس هڪ ندرت، زندگي ۽ تجزيو هوندوآهي. ڪنهن سوانح پڙهڻ کان پوءِ جيڪڏهن محض اهو خيال ٿئي ته ڪابه خاص ڳالهه معلوم نه ٿي، ته پوءِ اها سوانح ڪين چئجي. سوانح مان ته اها ڪيفيت پيدا ٿيڻ گهرجي، جنهن مان تجزيي ۽ تجربي جي روشني حاصل ٿئي، جنهن ۾ لغزشن ۽ ڪامرانين جو امتزاج هجي، ۽ جنهن اندر تحريڪن ۽ رجحانن جي آميزش، ذهني اوسر ۽ شخصي نيرنگين جي عڪاسي هجي. ڪنهن شخص جي زندگيءَ تي قلم کڻن سان سندس زندگيءَجي مختلف پهلوئن جو تجزيو ڪرڻو پوي ٿو؛ انهن جي محرڪات جو جائزو وٺڻو پوي ٿو؛ داخلي ۽ خارجي اثرن جو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو؛ سندس زندگيءَ ۾ سماجي، سياسي، مذهبن ۽ نسلي قدرن جي اهميت ۽ تاثير جو اڀياس ڪرڻو پوي ٿو: انهن سمورين ڳالهين کي هڪ موثر، دلچسپ ۽ همه گير نموني قلمبند ڪرڻ سان ئي شخصيت نگاريءَ جا فرض پورا ٿيندا.

”مهراڻ“ جي سوانح نمبر ۾ هڪ به اهڙي سوانح ڪانهي، جيڪا سوانح جي فن جي معيارن تي پوري هجي.انڌن ۾ ڪاڻيون سوانحون، منهنجي نظر ۾، فقط ٽي يا چار مس آهن، جن ۾ سوانح جي فن جون ڪجهه قدر چڱيون جهلڪون موجود آهن. آءٌ جيڪر نالا کڻڻ کان پرهيز ڪريان، پر جئن ته هت موازني جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي، ان ڪري بيان ڪرڻ ۾ ڪا قباحت ڪين ٿو سمجهان.

شمشير الحيدري صاحب جي لکيل محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي سوانح، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون لکيل پير صاحب پاڳاري ۽ مولوي عبدالله لغاريءَ جون حياتيون، ۽ ابن الياس صاحب جي لکيل حيدر بخش جتوئيءَ جي سوانح: مون کي ته اهي چار چيزون ئي ڪجهه معياري نظر آيون آهن، حالانڪ انهن سوانحن ۾ محض شخصيتن جو هڪ ئي پهلو نمايان آهي – شخصيت جو داخلي (Subjective) پَهلو؛ خارجي اثرن جي محض ڪٿي ڪٿي ڪا جهلڪ نظر اچي ٿي. ابن الياس صاحب جي لکيل سوانح اڃا به تشنه رهجي ويئي آهي، ۽ ائين ٿو ڀانئجي ته انهيءَ جو سبب تڪڙ ۾ لکڻ ئي آهي.  ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ادب ۾ چڱي حيثيت رکي ٿو، ان ڪري، سندس مقام کي پيش نظر رکندي، ايترو چوندس ته جيتوڻيڪ فني نقطه نگاهه کان سندن ٻئي سوانحون نسبتاً مڪمل ۽ همه گير آهن، پر سندس نگارش ۾ اها شگفتگي ڪانهي، جيڪا سوانح جي فن لاءِ هڪ لازمي امر اهي، ۽ جنهن جي اميد ڊاڪٽر صاحب مان هر حالت ۾ رکي سگهجي ٿي.

مجموعي طرح، اهوئي تاثر وڃي ٿو باقي رهي ته هيءُ پرچو هڪ قسم جي ماضيءَ ۽ حال جي Trade Directory (’واپاري معلومات جو ڪتاب‘) آهي، جنهن مان گذريل توڙي موجوده مختلف قسم جي ماڻهن جا نالا، سرناما، ڄم ۽ موت جون تاريخون، ۽ سندن ڌنڌن جو ٿورو احوال، ڏنل آهي.مون کي مٿيان لفظ چوندي ڏک به ڏاڍو ٿو ٿئي، پر ائين چوڻ کان رهي به نٿو سگهان.

”مهراڻ“ جي شايع ٿيڻ سان سنڌي ادب کي تازگي ملڻ لڳي هئي. گذريل چند سالن کان سنڌ جي پڙهيل طبقي کي ڪابه اهڙي چيز نه ملي هئي، جنهن مان هنن کي زندگيءَ جي نوَن قدرن تي ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جو موقعو ملي. ”مهراڻ“ جي اچڻ سان کين هڪ اهڙي غذا  ملڻ لڳي هئي، جنهن کي ’حياتين‘ يا ’وٽئمنس‘ سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي. پر، گذريل سال کان، بورڊ جي اختياريءَ وارن، ڪافي بي توجهيءَ ۽ بخيليءَ کان ڪم وٺندي، ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن کي انهيءَ صحتمند خوراڪ کان بنهه حوصله شڪن حد تائين محروم پئي رکيو آهي.

آخر ۾ ايترو چوندس ته جيڪڏهن واقعي ادبي بورڊ کي نئين نسل ۽ ايندڙ نسل کي موجوده جمود مان ڪڍڻ، ۽ ڪو صحتمند ادب ڏيڻ جو فڪر آهي، ته ”مهراڻ“ کي موجوده غير يقيني صورتحال مان ڪڍي، باضابطه ۽ پائدار شروعاتي ماحول ۾ ساهه کڻن جو موقعو ڏنو وڃي. ان مان ڪم از ڪم هڪ فائدو ته ضرور ٿيندو ته سنڌ جي پڙهندڙن ۽ نئين نسل جي لکندڙن – شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن – کي ڪنهن ٻئي غير صحتمند، بيمار، بلڪ زهريلي ادب کي زوريءَ نڙيءَ کان لنگهائي، پاڻ مدقوق بنائڻو ڪين پوندو!

منهنجي تلخ گوئي جڏهن ته مخلصانه آهي، تنهنڪري ڪنهن عذر پيش ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانه ٿو سمجهان.

”رُوي سخن کسي کي طرف هو تو رو سياه!“

اوهان جو،

- سراج

786

پيغامن جا جواب

پيارا سڄڻو!

اوهان جا پيغام سوانح عدد جي باري ۾ پهتا، جي سواءِ ڪنهن ڪاٽ ڪوٽ جي شايع ڪجن ٿا. سوانح نمبر سان ايڊيٽرن توڙي اسسٽنٽ ايڊيٽر جو ڪوبه واسطو ڪونه هو. اڻ ڄاڻائيءَ ۽ سهو کان سندن نالو خواهه مخواهه مخزن جي جلد تي ڄاڻايوويو هو.ان جي سربستي جوابداري تاليف ۽ تنظيم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪلهن تي هئي، جنهن پڻ ان جي تصحيح ۽ تحسين ۾ ڪافي ڪوشش ورتي هوندي – ڇا ڪجي مضمون پوري وقت تي نه پهتا – جنهن ڪري هر هڪ کي سنديس اهميت آهر جاءِ نه ڏني ويئي – اسين بالڪل اوهان سان متفق آهيون، ته ڪن مقالن کي درج نه ڪجي ها، يا انهن کي اجائي اطاعت نه ڏجي ها. پر گذشة را صلوات – سوانح جو جيڪو ٻيو نمبر نڪرندو تنهن ۾ انهن عيبن جي تلافي ڪئي ويندي.

مسٽر سراج الحق جي خط جا پڇاڙيءَ وارا فقرا به ڪڍيا ويا آهن، جو انهن ۾ خواهه مخواهه جلهه آهي.سوانح نمبر کان اڳي جيڪو مهراڻ جو نمبر نڪتو، ان جي تعريف مولوي ڏيپلائيءَ جهڙي صريح سچ چوندڙ به ڪئي آهي ۽ هاڻ به ڪيترن صاحبن ڪئي آهي. سراج صاحب کي صحيح صورت خطي به لکڻ ڪانه ٿي اچي سو هليو آهي ٻين تي حملوڪرڻ. سندس سخن کي ڪوبه سچ ڪونهي – باقي سوانح نمبر جي صحّت ۽ سقم لاءِ اسين تلا هي ناهيون.

ميان محمّد اشرف جي مدح اصل ناقص صورت ۾ بورڊ وارن کي ٺٽي مان هٿ آئي هئي. مون ان ۾ شروعاتي بيت بمبئي ڇاپي مان گڏيا ۽ حتي المقدور عربيءَ جي درستي ڪئي، پر منجهس ايتري قدر ته تصحيف ۽ تحريف هئي جو ڪن عبارتن کي درست نه ڪري سگهيس .... جويي صاحب جو مضمون ايڊيٽر جي مطالعه ۽ منظوريءَ بغير وڌو ويو هو. اهڙيءَ طرح ”جهرڪن جو شهر“ ۽ ٻيا پوچ مضمون.

”پٿر“ سنڌيءَ جيڪو پٿر اڇلايو آهي، سو ”سوانح نمبر“ جي باري ۾، جنهن سان ايڊيٽرن جو ڪوبه تعلق ناهي. سندس دماغ ۾ پٿر ٿا ڏسجن – اک کولي ته قصو ڪهڙيءَ طرح آهي؟

مسٽر ڪَنَيي جو خط به بي خبريءَ ۾ لکيل آهي – اسان کي يقين آهي ته مرتب صاحب يعني ڊاڪٽر نبي بخش ضرور هندو اديبن ۽ شاعرن ڏي سندين سوانح عمرين بابت لکيو هوندو، پر انهن وٽان ڪوبه جواب نه پهتو – اميد ته ”سوانح“ جي ٻئي عدد ۾ انهيءَ اوڻائيءَ جي تلافي ڪئي ويندي-

زياده خير والسلام.

اوهان جو نيازمند

”ع“

(ايڊيٽر)

 


 

سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال، اسٽيشن روڊ حيدرآباد (سنڌ) وٽان هيٺيان ڪتاب ملي سگهن ٿا. ڪتب فروشن ۽ ايجنٽن کي 25 في صدي ڪميشن ڏني ٿي وڃي.

1_ سير ڪوهستان

0-8-1

2_ گل شڪر

0-0-3

3_ حيات النبي

0-8-3

4_ تاريخ معصومي (سنڌي)

0-0-5

5_ ڪليات حمل

0-0-4

6_ ديوان بيدل

0-0-6

7_ چچ نامو (سنڌي)

0-0-3

8_ بلو کوکر

0-0-4

9_ گل ڦل (2 حصا گڏ)

0-8-1

10_ خوش خصلت خاتون

0-12-1

11_ جهان آرا

0-4-2

12_ آفتاب ادب

0-0-5

13_ تاريخ ريگستان

0-8-2

14_ سنڌ جو سينگار

0-12-2

15_ سون ورنيون دليون

0-12-2

16_ راسيلاس

0-0-4

17_ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

0-0-1

18_ سنڌ جو سفر

 

19_ هدايت الانشاء

0-0-5

20_ گل

0-5-1

21_ ايسپ جون آکاڻيون

0-8-2

22_ تن ۽ تندرستي

0-0-3

23_ ديوان قليچ

0-0-7

24_ تحفة الڪرام

0-0-7

25_ ڪلام حسين بخش شاهه

0-0-1

26_ ڪليات گدا

0-0-5

27_ ڪنوار جو آئينو

0-8-2

28_ قديم سنڌ

0-8-5

29_ سنڌ جي اقتصادي تاريخ

0-0-4

30_ جنت السنڌ

0-0-10

31_ سچل سرمست

0-0-6

32_ ڪليات خادم

0-0-4

33_ چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

0-0-4

34_ آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

0-8-3

35_ برهانپور کي سندهي اولياء (اڙدو)

0-0-6

36_ سنڌ جي تاريخ، جلد 6،ڪلهوڙا، حصو اول (اڙدو)

0-0-8

37_ ” ”       ” حصو دوم

0-0-8

38_ مثنوي چنيسر نامہ (فارسي)

0-8-3

39_ تحفة الطاهرين (فارسي)

0-8-3

40_ مقالات الشعراء (فارسي)

0-0-20

41_ مجموعہ مثنويات هير و رانجها (فارسي)

0-0-5

42_ مثنوي مظهر الاثار (فارسي)

0-8-3

43_ تڪملہ مقالات الشعراء (فارسي)

0-0-12

44_ ديوان عطا (فارسي)

0-8-8

45_ "Persian Poets of Sindh"

0-0-15

46_ چچ نامه (فارسي)

0-0-10

47_ سهڻي ميهار

0-0-1

48_ گل خندان

0-0-3

49_ ويرتا جا ورق

0-0-1

50_ ٽڙندڙ مکڙيون

0-4-1

51_ چڻگون

0-8-1

52_ هند جوسير

0-12-1

* هندستان ۾، ميشرس رائٽرس ايمپوريم، پيِپلس بلڊنگ، سر فيروز شاهه مهتا روڊ، بمبئي وٽان،  ”مهراڻ“ رسالو ۽ بورڊ جا ٻيا ڪتاب ملي سگهن ٿا.


(1) مولوي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پيغام مان شخصي حملن وارا فقرا ڪڍيا ويا آهن، جي محض بي بنياد ۽ واهيات آهن. ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر نبي بخش صاحب اهي ڪرامتن جا احوال ايمانداريءَ سان مراسلن جي جوابداريءَ تي شايع ڪيا آهن. مرتب جو فرض آهي ته موڪليل احوال ائين جوائين ڇڏي ڏئي – اهو بالڪل هڪ واهيات الزام آهي ته ڊاڪٽر بلوچ يا ڊاڪٽر دائودپوٽو خرافات ۽ ڪرامات جو پرده اندر پرچار ڪن ٿا. پر مولوي صاحب کي اڃا ڍءُ نٿو ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com