محترم مولائي شيدائي صاحب هيءُ ڪتاب اَٺن بابن ۾
ورهايو آهي:
پهرئين باب ۾ قديم سنڌ جو جاگرافيڪل جائزو، ۽ ان
سان گڏ موجود سنڌ جون حدون، اراضي، طبعي حالات،
معدنيات، زراعت، آثا قديمه، مهاڀارت ۽ رامائڻ دور
واري سنڌ، ۽ ڌارين قومن مان مصرين، ڪلدانين، سٿين،
بابلي ۽ اشوري، ايرانين ۽ فينقيا وارن جون ڪاهون
ڏيکاريل آهن. ان کان سواءِ يونانين جي حڪومت، نظام
۽ حاڪمن جي هلت چلت تي به تبصرو ڪيوويو آهي.ٻاهرين
قومن جي اچڻ ڪري سنڌ تي جن مذهبن جو اثر ٿيو، تن
مان مجوسيت،عيسائيت، ٻڌ ۽ جين جا اثرات بيان ڪيا
ويا آهن. ان ئي باب ۾ ٻڌ ڌرم جو زوال، ۽ عرب ۽ هند
جي تعلقات سان گڏ حضور ڪريم ﷺ جن جي ولادت جوذڪر
ڪيل آهي. آخر ۾ سنڌ جا بتخانا بيان ڪيل آهن، جن
مان ديبل، برهمڻ آباد، ملتان، نگر ڪوٽ، هنگلاج ۽
قلات مکيه آهن. انهن جي محل وقوع بيان ڪرڻ سان گڏ،
ان وقت جي رسمن رواجن ۽ قديم ڌرمي حالتن جو ذڪر پڻ
ڪيل اهي. اهو باب 98 صفحا آهي.
ٻئي باب ۾ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي ڪمال ۽
زوال، عربن جي آمد ۽ فتوحات، عربي بيٺڪن، دور بنو
اميه ۽ دور بنو عباس جي گورنرن جا تاريخي حالات،
طاهرين ۽ هبارين جي نظام حڪمراني،۽ عرب رياستن مان
منصوره، ملتان، توران، مڪران وغيره جو ذڪر آهي.عرب
دور ۾ عربي – سنڌي تهذيب ۽ مذهبي حالات، حڪومت جو
نظام، روينيو ۽ عدالتي نظام، علمي ۽ ادبي ۽ ديني
حالت، ۽ اسلامي تبليغ ۽ اشاعت جو ذڪر پڻ ڪيو ويو
آهي. آخر ۾ سنڌ ۾ تصوف جي ابتدا ۽ سنڌي زبان متعلق
مختصر تبصرو ڪيل آهي.
تصوّف متعلق نهايت اختصار ۽ اجمال کان ڪم ورتل
آهي. تصوف محض ’وحدت الوجود‘ کي چيو ويو آهي، ۽
وحدت الوجود کي ويدانت کان متاثر سمجهيو ويو آهي.
ان لاءِ چند مستشرقين جا حوالا ڏنل آهن، جن جي
ڪتابن ۾ خاص طرح منصور حلاّج کي جادوگر ۽ ساحر
ڏيکاريوويو آهي، ۽ اهو سندس سارو صوفيانه نظريو
هندستان جي سير جي پيداوار ٻڌايو ويو آهي (ص 210).
ان سان گڏ شيخ اڪبر کي به ياد ڪيو ويو آهي، پر
مفصل طور نه ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ تصوف جا اثرات
ڪڏهن کان آيا، ۽ ڪيئن آيا؛ فقط چند شاعرن جا نالا
ڏنل آهن. تصوف هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي ههڙيءَ
علمي ۽ معياري تصنيف ۾ ڪجهه بسط ۽ تفصيل سان لکيو
وڃي ها. تصوف اهڙو موضوع آهي، جنهن جي مدح ۽ ذم،
يا تائيد ۽ ترديد ۾ تمام گهڻو لکيو ويو آهي. طرفين
جا دلائل ۽ مقالا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وزندار
آهن. ’وحدت الوجود‘ ۽ ’وحدت الشهود‘ ٻه اهڙا متضاد
پهلو آهن،جن تي اڄ تائين اهل فڪر حضرات ۾ فڪري
تضاد موجود آهي. اگرچه شاهه ولي الله ان اختلاف کي
محض ’لفظي اختلاف‘ سڏيو آهي ۽ ’معنوي تضاد‘ جو
قائل نه آهي، تاهم ڪابه بصرت افزا توجيهه موجود نه
آهي، جا هنن ٻنهي نظرين ۾ تطبيق پيدا ڪري. شيخ
اڪبر ۽ ان جا پوئلڳ، امام رباني ۽ ان جا مقلد، اڄ
تائين پنهنجي پنهنجي مشرب ۽ مسلڪ تي قائم آهن.
تصوف تي ابن تيميہ جو ڪجهه لکيو آهي، اهوعلمي دنيا
کان ڳجهو نه آهي. امام ابن تيميہ جي نظر
۾غزاليءَجهڙو بزرگ به فلسفه ۽ زندقه ۾ مبتلا نظر
اچي ٿو. ابن جوزيءَ جي ”تلبيس الابليس“ پڙهڻ کان
پوءِ صوفين جي گمراهيءَ ۽ فڪري ۽ عملي زوال جو
احساس ٿئي ٿو. ان طرح، سنڌ ۾ تصوف جي آمد، فڪري
ارتقا، هتي جي مذهبن ۽ ڌرمن سان اختلاط، ويدنات جي
اثر، ۽ ان سان گڏ وحدت الوجود جا فڪري گروهه، شاهه
۽ سچل جو وحدت الوجود جي واسطي سان وحدت الوجود
جونظريو قبول ڪيو اٿس؛ پر سچل جو نظريو منصور ۽
عطار وارو آهي. انهن سڀني مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ
گهرجي ها، ته پوءِ اهو موضوع ڪجهه وڌيڪ افادي ۽
علمي سڏجي ها. اميد ته مولائي صاحب ضرور ان جي
تلافي ڪنهن ايندڙ تصنيف ۾ ڪندو. اهو باب 212 صفحي
تي پورو ٿئي ٿو.
ٽيون باب 312 صفحي کان شروع ٿئي ٿو. ان ۾ خارجي،
قرامطيءَ ۽ غزنوي خاندان جي حڪومت ۽ سندن نظام تي
تبصري کان پوءِ، محمود غزنويءَ جي فتوحات ۽ علم
پروريءَ جو بيان ڪيل آهي. ان ئي باب ۾ سنڌ ۾
اردوءَ جي ابتدا، عربي – سنڌي قبيلا، سماٽ قبيلا،
۽ عربن جي دور ۾ هندو رياستون، مکيه عنوان آهن.
آخر ۾ تغلق ۽ غلام خاندان جي دور حڪمرانيءَ ۽ مغلن
جي ڪاهن جي ذڪر کان پوءِ، ان دور جي تجارت، تمدن ۽
تهذيبي مرڪزن جو ذڪر آهي.
چوٿون باب 305 صفحي کان شروع ٿئي ٿو. ان ۾ سومرن
جي خاندان، حڪومت، ان دور جي عشقيه داستانن، ۽ آخر
۾ ان دور جي بزرگن ۽ مشائخن جو ذڪر آهي.
پنجين باب ۾ ارغونن ۽ ترخان گهراڻي جي حڪومت، ۽ ان
سان گڏ ان دور جي تمدّني ۽ عمراني اثرات کي بيان
ڪيو ويو آهي.
ڇهين باب کي بلوچن ۽ مغلن جي متعلق بيان ڪرڻ سان
شروع ڪيو ويو آهي. ان ئي باب ۾ ڪلهوڙن جي آغاز،
حڪومت ۽ حاڪمن، ۽ سندن دور جي سياسي حالتن تي
تبصرو ڪيو ويو آهي. ان باب ۾ٽالپرن جي حالات،
ٽالپرن جي شجرن، بلوچ خاندانن جي شجرن، سنڌ ۾
مغربي سياحن جي اچڻ، ان دور جي معاشي حالات، ۽
نظام حڪمرانيءَ تي بحث ڪيل آهي.
ستين باب کي ٽالپرن جي حڪومت ۽ حاڪمن جي فهرست سان
شروع ڪيو ويو آهي. ان باب ۾ ميرن جا مختلف قبيلا
به ڳڻيا ويا آهن. آخر ۾ انگريزن جي آمد، شاهه شجاع
جي ڪاهه، خالصن ۽ انگريزن جي جارحانه اقدامات،
انگريزن جي عهدنامن ۽ کوسن جي ٿر ۾ ڦرلٽ جو بيان
ڪيو ويو آهي. مير مراد علي خان جي وفات تي اهو باب
ختم ڪيو ويو آهي.
آخري باب ۾ انگريزن جي غلبي ۽ ميرن جي هار متعلق
مفصل بحث ڪيو ويو آهي. اهو باب ميرن جي دور جي
ثقافتي خدمتن تي ختم ٿئي ٿو.
انهن اَٺن بابن ۾ نهايت ڪارآمد ۽ معلومات افزا
مواد ملي ٿو. اميد ته سنڌ جا اهل ذوق ماڻهو هن
ڪتاب جو خير مقدم ڪندا، ۽ آئينده جا مورخ هن ڪتاب
کي مفيد ۽ ڪارائتو پيشڪار تصوّر ڪندا.
- غ.م.گ.
مقالات الشعراء (فارسي).
– مؤلف مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي؛ مقدمه و تصحيح و
حاشيه: سيد حسام الدين راشدي؛ صفحا
42+36+1018=1096؛ سائيز ڊيمي؛ ڇاپو سهڻو، چٽو ۽
وڻندڙ؛ پنو اوچو، جلد پڪو، گردش پوش عمدو؛ قيمت
ويهه روپيا؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو
هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي
بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ،
حيدرآباد، سنڌ.
مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي ڪلهوڙا دور جو لائق ۽
فائق مصنف ٿي گذريو آهي، جنهن علم ۽ ادب، ملڪ ۽
وطن جي خدمت ڪندي، سڄي ڄمار تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاري
ڇڏي. هن جي علمي مرتبي جي ڪري کيس ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي پنهنجو درٻاري مورخ ڪري رکيو، ۽ ”تاريخ
عباسيه“ لکارائي. سنڌ جي هن پياري مصنف ڪيترائي
ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ته ضايع ٿي ويا آهن، پر جن
جو اڃا پتو پوي ٿو تن جو انداز به 42 کن آهي؛ انهن
مان ”تحفة الڪرام“، ”مقالات الشعراء“، ”تاريخ
عباسيه“ ۽ ”بوستان بهار“ اهيت رکن ٿا. اهي ڪتاب
جيڪڏهين زبون ٿي وڃن ها يا ماڳهين لکيا ئي نه وڃن
ها، ته سنڌ جي علمي،ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ وڏو خال
رهجي وڃي ها.
”مقالات الشعراء“ سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو تذڪرو
آهي. هيءُ ڪتاب مصنف جي اصل نسخي توڙي برٽش ميوزم
واري نسخي ۽ ٻين تاريخي، ادبي ۽ ضروري ڪتابن کي
اڳيان رکي ترتيب ڏنو ويو آهي. منجهس 719 شاعرن جو
احوال ۽ ڪلام ڏنل آهي. ضروري هنڌن تي مختصر حاشيه
آرائي به ڪئي وئي آهي، ۽ مفهوم کي واضح ۽ چٽو ڪرڻ
تي ڌيان ڏنو ويو آهي. شروع ۾ شعر ۽ شاعريءَ جي
اهميت ظاهر ڪرڻ لاءِ، ڪيترن بزرگ شاعرن جا رايا
ڏنا ويا آهن- جهڙوڪ:
پايہء شعر ببين کہ چون ز نبي، |
نفيء بعث پيمبري کردند، |
بهر تصحيح نسبت قرآن، |
تهمت او بشاعري کردند. |
|
(مولانا جامي) |
شعر ترا سدره نشاني دهد، |
سلطنتِ ملکِ معاني دهد. |
شعر بر آرد با ميرت نام، |
کہ ’الشعراءُ اُمراهُ الکلام‘. |
|
(نظامي گنجوي) |
شرع و شعر و عرش از هم خواستند، |
کار عالمزين سہ حرف آراستند. |
|
(شيخ فريدالدين ”عطار“ |
شاعري جزويست از پيغمبري، |
ابلهانش کفر خوانند از خري. |
|
(مولانا رومي) |
تذڪري کي، شاعرن جي تخلص مطابق، الف - بي – وار
مرتب ڪيو ويو آهي- حالانڪ ائين ڪرڻ نه کپندو هو،
بلڪ شاعريءَ جا دور قائم ڪري، ان مطابق شاعرن کي
پنهنجي پنهنجي دور ۾ مناسب جاءِ ڏني وڃي ها ته
بهتر.
ڪتاب کي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي، جن مان ڪي
تصويرون ته پهريون ڀيرو شايع ٿيون آهن. اهي
تصويرون پنجاب ميوزم، برٽش ميوزم، ڇاپيل ڪتابن ۽
شخصي ڪتبخانن مان هٿ ڪيون ويون آهن، جن لاءِ مرتب
(سيد حسام الدين راشدي) جس لهڻو؛ پر هڪڙيءَ تصوير
تي ’مِس پرنٽ‘ ڏاڍو لطف پيدا ڪيو آهي جو مرزا
ڪامران کي همايون جو پٽ ڏيکاريو ويو آهي! ڪتاب جي
شروع ۾ علي شير ’قانع‘ جي تحرير جو عڪس به ڏنل
آهي.
’قانع جڏهين ”يد بيضا“ ۽ ”ڪلمات الشعراء“ جهڙا
تذڪرا نظر مان ڪڍيا ۽ انهن ۾ سنڌ وارن جو ذڪر نالي
ماتر ٿيل ڏٺائين، تڏهين کيس خيال ٿيو ته هن ڏس ۾
سنڌ وارن سان بي انصافي ڪئي ويئي اهي؛ تنهنڪري قلم
کڻي، رات ڏينهن هڪ ڪري، ههڙو املهه تذڪرو جوڙي
ورتائين. هن تذڪري ۾ تنقيد ۽ تحقيق کي گهٽ جاءِ
ڏني ويئي آهي، ۽ سنڌ جا رهاڪو هجڻ لاءِ ڪوبه معيار
قائم ڪونه ڪيو ويو آهي؛ بلڪ جنهن به شاعر سنڌ ۾
قدم رکيو، ان جو احوال منجهس درج ڪيو ويو آهي. ان
لحاظ سان، ”خادم“ سدارنگاڻيءَ جي انگريزي تصنيف،
”پرشن پوئٽس آف سنڌ
(Persian Poets of Sindh)،
وڌيڪ مناسب معلوم ٿئي ٿي.
هن تذڪري ۾ اڪثر شاعرن بابت ٻڌايوويو آهي ته هو
اصل ۾ ڪير هو، ڪٿان ۽ ڪهڙي سانگي سان سنڌ ۾ آيو، ۽
ڪڏهين وفات ڪيائين؛ ان سان گڏ سندس تصنيفات ۽ ڪلام
جو نمونو به ڏنوويو آهي. ’قانع‘ پنهنجو بيان مفصل
ڏنو آهي، جو 531 کان 646 صفحن تي پکڙيل آهي. ڪمال
اهو آهي جو ان تذڪري ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو
احوال پڻ ڏنل آهي – حالانڪ ڀٽائيءَ ڀلاري فارسي
شاعري اصل ڪانه ڪئي آهي. ’قانع‘ ان جو سبب
ڄاڻايوآهي ته هن اهوبيان تبرڪ ۽ ثواب خاطر ڏنو
اهي. اهو اصول تذڪري نويسيءَ جي خلاف آهي. جيڪڏهين
ثواب ئي کٽڻو هو، ته شاهه صاحب تي الڳ ڪتاب لکيو
وڃي ها.
هي ڪتاب اهڙي دور ۾ لکيوويو هو، جنهن ۾ ”فارسي
گهوڙي چاڙهسي“ واري چوڻي ٺهڪي ٿي آئي. فارسيءَ جو
ايڏو مان هو، ته فارسي دانن جي ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه
به ڪونه هو. اهڙيءَ طرح، ’قانع‘ کان سواءِ، مير
غلام علي ”مائل“ ۽ مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“
”تڪملہ“ لکيا، جن مان ’مائل‘ واري ڪتاب جو پتو
ڪونه ٿوپوي؛ خليل صاحب وارو ڪتابڙوقلمي صورت ۾
موجود آهي،جنهن ۾ انگريزي دور جي فارسي گو شاعرن
جو ذڪر آهي.
اسان جي خيال ۾ سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو، جديد
اصولن مطابق، مولانا شبلي نعمانيءَ جي ”شعر العجم“
واري نموني تي، سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون ۽ مڪمل تذڪرو
لکڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ شاعريءَ جا دور قائم ڪري،
هر هڪ شاعر کي پنهنجي دور ۽ درجي آهر جاءِ ڏني
وڃي. اهو به ڏيکاريووڃي ته فلاڻي صنف سخن سنڌ
۾ڪڏهين ۽ ڪنهن رائج ڪئي. تاڪ سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ
جي ارتقا جو پتو پئجي سگهي. اهڙو ڪتاب جوڙيندي،
’سنڌي‘ هئڻ لاءِ به ڪو معيار ضرور مقرر ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهين اهڙو ڪتاب تيار ڪرايو ويو،ته نه رڳو سنڌي
طبقي کي فائدو پهچندو، بلڪ ٻين ادبي حلقن لاءِ پڻ
دلچسپيءَ جو سبب بڻبو.
سنڌيءَ ۾ تذڪري تيار ڪرڻ لاءِ جن ڳالهين ڏانهن
ڌيان ڇڪايو ويو آهي، تن ڳالهين جي ”مقالات
الشعراء“ ۾ گهٽتائي نظر اچي ٿي؛ تاهم ايترو ضرور
چئبو ته ’قانع‘ هي ڪتاب لکي، معلومات جو وڏو ذخيرو
هڪ هنڌ ڪٺو ڪري، سنڌ کي زير احسان بنايو آهي. مرتب
جي مٿاڪٽ ۽ پبلشر جي همت به مبارڪن جون مستحق آهن.
”سنڌي ادبي بورڊ“ سنڌ جي تهذيب کي هر طرح اظهار
ڪرڻ ۾ جيڪا طرز اختيار ڪئي آهي، سا هن ڪتاب جي
گردپوش مان به عيان آهي: هن کان اڳ ”ڪليات حمل“ تي
لاڙ جي اجرڪ ۽ ”تاريخ ريگستان“ تي ٿر جي کٿي ڏني
ويئي هئي، ته هن ڀيري وري ’مقالات‘ تي ٺٽي جي
لونگيءَ جو دلڪش عڪس پيش ڪيو ويو آهي.
اسان جي ملڪي لئبررين کي عام طرح، ۽ سنڌ جي
ڪتبخانن کي خاص طور، هيءُ ڪتاب خريد ڪري، ادبي
بورڊ جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو ملڪ ۽
ملت جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهي.
- ع. ص.
ڪليات ”گدا“.
– مؤلف رشيد احمد لاشاري؛ صفحا 412؛ سائيز ڊيمي؛
ڇپائي معياري، پنو اوچو، جلد پڪو، غلاف سادو پر
سهڻو؛ قيمت پنج روپيا؛ ڇاپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال، اسٽيشن
روڊ، حيدرآباد، سنڌ.
مرحوم غلام محمد شاهه ”گدا“ جو ڪلام هيلتائين،
سنڌجي عام روايت موجب، ڪن شخصي ڪتبخانن جي زينت
بڻيل هو، جتان عام ماڻهن کي ڪوبه فائدو پهچي ڪونه
ٿي سگهيو؛ رشيد صاحب اهي مختلف نسخا هٿ ڪري، ڀيٽي،
ٺاهي جوڙي ۽ سهڻي ترتيب ڏيئي، پيش ڪيو آهي. ڪلام
کي مختلف عنوان – سنڌي غزل، نعت و منقبت، متفرقات،
اردو ڪلام ۽ فارسي ڪلام – ڏيئي، محنت ۽ عرق ريزيءَ
کان ڪم وٺي، دفيني مان ڪڍي ’خزانه عامره‘ ۾داخل
ڪيو آهي.
گدا شاهه جو ڪلام جديد شاعريءَ جو دلپسند مرقعو
آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سندس ڪلام رڳو فن جي نذر ٿي
رهجي نه ويو آهي، بلڪ احساسات، جذبات ۽ ماحول جي
عڪاسي پڻ ڪري ٿو. هڪ طرف منجهس رواني، سادگي،
سلاست، فصاحت ۽ بلاغت آهي، ته ٻئي طرف وري بيان جي
ندرت،زبان جي بندش، تشبيهات ۽ تلميحات جو برمحل
استعمال ٿيل اهي.
گدا شاهه جو ڪلام نه رڳو عام فهم،سادو، سليس ۽
مايہ دار آهي، پر پنهنجي دور جي نمايندگي ڪندڙ به
آهي. ادبي ذوق رکندڙ هر هڪ شخص کي نه رڳو ان جو
مطالبو ڪرڻ گهرجي، بلڪ پنهنجي ڪتبخاني جي زينت
بنائڻ گهرجي. سنڌ جي عام ڪتبخانن ۾ هن ڪتاب جو هئڻ
ضروري آهي،تاڪ جيڪي خريد ڪري نه سگهن، سي به پڙهي
سگهن.
ڪتاب جي منڍ ۾ گدا شاهه جي تحرير جو عڪس ڏنو ويو
آهي. ڪليات جو مقدمو 85 صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾
گدا شاهه جي حياتيءَ ۽ ڪلام تي ڪافي روشني وڌي
ويئي آهي، ۽ سندس فني خوبين کي نروار ڪري ڏيکاريو
ويو آهي.
مؤلف مقدمو لکندي ڪافي محنت ڪئي آهي، ۽ منجهس مفيد
بحثن کي جاءِ ڏني آهي، جن مان ادب جي ڪيترين ئي
ناحيتن تي روشني پوي ٿي، ۽ معلومات ۾واڌارو ٿئي
ٿو. سنڌي ڪلام واري حصي کي، پڙهندڙن لاءِ آسان
بنائڻ جي خيال کان، حاشيہ چاڙهيو ويو آهي، ۽
انهيءَ حاشيہ ۾ لفطن جي معنيٰ تي زياده زور
ڏنوويوآهي. البت حاشيہ جي اڀياس مان ڏسبو ته ڪٿي
ڪٿي معنائون اڻپوريون ۽ غلط ڏنيون ويون آهن. مثال
طور، صفحي 235 تي ”زال“ کي ’رستم جو پيءُ‘ ،۽ صفحي
252 تي ’رستم جو ڏاڏو‘ لکيو ويو آهي (پهرين معنيٰ
صحيح، ۽ پوئين غلط آهي)؛ صفحي 203 تي ”همايون“ کي
’هما‘ ۽ ’يون‘ جو مرڪب ٻڌائي، ’هما‘ جي معنيٰ ڏني
ويئي آهي، پر ’يون‘ لاءِ ڪا سمجهاڻي نه ڏني ويئي
آهي. ”چنار“ کي ’ٻٻر‘ جو وڻ چيو ويو آهي، حالانڪ
ٻٻر ۽ چنار جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جي تفاوت آهي.
چنار هڪڙو سهڻو ۽ سوڀياوان وڻ ٿئي ٿو.ان جون
ٽاريون ڳاڙهه سريون، پن هٿ جي چنبي وانگر، ۽ گل
سرخ ٿين ٿا. هن وڻ جا ٻه قسم ٿين ٿا- هڪڙو سرو
وانگر اُڀ ڏي اڀرندو ويندو آهي ۽ پکڙبو گهٽ آهي، ۽
ٻئي جون شاخون پکڙجي ڇانو ڪري بيهنديون آهن. هيءُ
وڻ گهاٽو ٿئي ٿو، ۽ هن جي ڇانو ٿڌي ٿئي ٿي. ازان
سواءِ، ٻيون به اهڙيون غلطيون حاشيہ ۾ رهجي ويل
آهن، جن جو ازالو اميد ته مولف توڙي ناشر جي طرفان
ڪتاب جي آئينده اشاعت ۾ ڪيو ويندو.
ڪتاب ۾ ڪجهه ڇاپي جون غلطيون به آهن – جهڙوڪ
’هاٿيءَ‘ بدران ’ٿاهي‘، ’تبحر‘ بدران ’تجر‘، ۽
’چنڊ‘ بدران ’جنڊ‘، وغيره.
مقدمه نگار هر طرح مقدمي کي مفيد ۽ ڪارآمد بنائڻ ۾
وسان ڪين گهٽايو آهي، پر جيئن سنڌ جي سدا حيات
شاعر فرمايو آهي ته ”اديون عبداللطيف چئي، اڃا مون
۾ گهٽ“، تنهن وانگر ڪمال جي دعوا ڪنهن کي ڪانهي:
فاضل مقدمه نگار کان ڪي سهوون ٿي ويئون اهن، جن
ڏانهن هتي اشارو ڪري ڇڏڻ مناسب آهي.
هڪ هنڌ لکيو ويو آهي، ”هيٺان ماڻهو ’سانگيءَ‘ جا
صحبتي ڪري شمار ڪيا وڃن ٿا“. سوال آهي ته مقدمو
”ڪليات ’گدا‘“ تي لکيو ويو آهي، ان سان ’سانگيءَ‘
جي صحبتين جو ڪهڙو لاڳاپو؛البت ائين چوڻ وڌيڪ
سونهي ها ته ’هيٺيان ماڻهو ”گدا“ جا همعصر ڪري
ليکيا وڃن ٿا‘.
اڳتي هلي ’سانگي‘ ۽ ’گدا‘ جي ڪلام جي ڀيٽ ڪئي ويئي
آهي. ’گدا‘، ’سانگيءَ‘ جو استاد هو. هڪ ته استاد ۽
شاگرد جي ڀيٽ ڪنهن به حالت ۾ نٿي سونهي؛ ٻيو ته
انهيءَ ڀيٽ ۾ ’سانگيءَ‘ سان البت زيادتي به ڪئي
ويئي آهي. هئڻ هينئن گهربو هو جو ان دور جي
شاعراڻين خصوصيتن کي نروار ۽ چٽو ڪري ڏيکاريو وڃي
ها، ۽ ’گدا‘ جي ڪلام کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکي،
ان جو شاعراڻو مقام متعين ڪيو وڃي ها. ائين ڪرڻ
سان مقدمہ جو مقام بلند ٿئي ها، ۽ ’گدا‘ جي دور جي
شاعراڻين خصوصيتن جو اندازو لڳائي سگهجي ها. ان
کان سواءِ، خود گدا شاهه جي ڪلام لاءِ مؤلف متضاد
دعوائون ڪيون آهن. ڪڏهين ان کي چاڙهي وڃي آسمان تي
بيهاريو اٿس، ته ڪڏهين وري ان کي آڻي ڌرتيءَ تي
ڦٽو ڪيواٿس. هن سلسلي ۾ اعتدال کان ڪم ورتو وڃي
ها، ته زيادهه بهتر ٿئي ها.
ڪتاب ۾ ڪي تاريخي غلطيون به نظر چڙهنديون: جهڙوڪ
حضرت علي رضه کي ’شاهه خراسان‘، ۽ قاسم هالائيءَ ۽
گدا کي مير حسن عليءَ جو استاد ڪري لکيوويو آهي-
حالانڪ حضرت امام موسيٰ رضا کي ’شاه خراسان‘ سڏيو
ويندو اهي، ۽ ان جو مقبرو مشهد مقدس ۾ آهي؛ مير
حسن علي صاحب ڪنهن کي به استاد ڪري ڪين ورتو، بلڪ
جيڪڏهين ڪوبه سندس ڪلام تي اصلاح ڏيڻ جي ڪندو هو
ته پاڻ ان کان پري گذارڻ لڳندو هو، يا ان کي منهن
تي چئي ڏيندو هو ته اسان وٽ اهڙي حجت اڻ سهائيندڙ
آهي ۽ اسين نٿا گهرون ته اسان جي ڪلام ۾ ٻئي ڪنهن
جو دخل هجي. هڪڙي هنڌ ڏيکاريل آهي ته گدا شاهه،
مير محمد ولد مير غلام عليءَ جي ڳوٺ ۾ لڏي وڃي
ويٺو؛ حالانڪ اهو مير صاحب ڪلڪتي ۾ گذاري ويو هو.
گدا شاهه اصل ۾ مير محمد خان ولد مير مراد علي خان
جي ڳوٺ ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو هو. ٻئي هنڌ ڏيکاريو
ويو آهي ته سيد عبدالحسين هندوستانيءَ کي دهليءَ
مان گهرايو ويو هو، جو ’سانگيءَ‘ جي اردو ۽ فارسي
غزلن جي اصلاح ڪندو هو- حالانڪ ائين ڪونهي، بلڪ
’مولوي ابوالحسن ولد مولوي مهدي حسن لکنوي‘ کي مير
حسن علي خان گهرايو هو،۽ اهوئي شخص هو جيڪو
’سانگي‘، ’گدا‘ ۽ ٻين شاعرن جي اردو ۽ فارسي ڪلام
جي اصلاح ڪندو هو. هن شخص کي ٽنڊي آغا ۾ رهايو ويو
هو.
آخر ۾ مؤلف ’ڪليات‘ لاءِ هيءَ دعوا ڪئي آهي ته ان
۾ شاعر جي مڪمل ڪلام کي جمع ڪيوويو آهي. مگر،
ميرزا گل حسن صاحب ڪربلائيءَ جي قول موجب، بورڊ
وارو ڇپايل هيءُ نسخو ڪامل نه آهي؛ رڳو سيد حسام
الدين راشدي صاحب واري نسخي ۾ ئي ان کان ٽيهارو کن
وڌيڪ غزل موجود آهن.
سنڌ جي غير مطبوعه شعري ادب جي اشاعت جو ڪم جو
بورڊ هٿ ۾ کنيو آهي، سو هر طرح قابل ستائش آهي.
اميد آهي ته آئنده پڻ بورڊ، گهربل اهتمام سان، ٻيا
به ڪيترائي اهڙي قسم جا اهم سنڌي ديوان ۽ ڪليات،
جيڪي هن وقت محض قلمي صورت ۾ اسان وٽ موجود اهن،
شايع ڪري، سنڌي علم و ادب جي شائقن کان مزيد جس
کٽندو رهندو.
- ع. ص
رڳون ٿيون رباب.
– مصنف ”تنوير“ عباسي؛ مرتب غلام رباني سنڌي؛ صفحا
100؛ سائيز ڊيمي؛ ڇاپو صاف ۽ سهڻو؛ پنو اوچو، جلد
پڪو، گردپوش دلڪش؛ قيمت چار روپيا؛ شايع ڪندڙ:
”سنڌي ڪتاب گهر“، حيدرآباد سنڌ.
”رڳون ٿيون رباب“، سنڌ جي مشهور نوجوان شاعر
”تنوير“ عباسيءَ جي ڪلام جو پهريون مجموعو آهي.
ڪتاب ٽن حصن – گيت، نظم ۽ غزل - ۾ ورهايل آهي. گيت
هندي ادب جي صنف سخن جي نمايندگي ڪري ٿو، ۽ سنڌي
ادب ۾ هنديت جي امتزاج ۽ ميلاپ جو سهڻو سنگم آهي.
سنڌيءَ ۾ گيت نئين شاعريءَ جو مکيه حصو آهي. هن ڏس
۾ برده سنڌي، شيخ اياز، گوورڌن محبوباڻي ۽ دلگير
درياڻيءَ چڱو پاڻ موکيو آهي.”تنوير“ به گيت سان
لنو لاتي آهي، ۽ ان ۾ هنديت جي جاءِ تي سنڌيت پيدا
ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ورتي اٿس. جنهن ۾ پاڻ گهڻي قدر
ڪامياب ويو آهي.
همت آڏو پهڻَ مکڻ جيان رجندو رهندو آهي؛
همت جو سج چڙهندو رهندو آهي، لهندو ناهي؛
وقت جون واڳون تنهنجي هٿ ۾، جئن به وڻئي تئن موڙ:
جيئن به وڻئي تئن موڙ، او قيدي،
پنهنجو پاڻ پتوڙ!
او قيدي! هيءَ آزادي ڀي پنندي ڪين ملي ٿي؛
رت ۽ ماس جي قربانيءَ ري راضي ڪين ٿئي ٿي؛
زور لڳائي، خون وهائي، زنجيرن کي ٽوڙ:
زنجيرن کي ٽوڙ، اوقيدي،
پنهنجو پاڻ پتوڙ!
ساهه کي منهنجي سيءُ لڳي ٿو، تنهنجي جدائي ماري؛
ڏک جي ڏڪڻيءَ کي روڪيان ٿو محبت جو مچ ٻاري؛
سياري جون هي لنبيون راتيون ڪيئن اڪيلي گهاريان؟
تنهنجا سور پچايان، سهڻا! تو کي پل پل ساريان.
ڪونه ٻڏائي وات، اسين اڻ سونهان سونهون!
هوريان، ڏاڍيان، رڙهندي رڙهندي، |
ڪِرندي، ٿڙندي ۽ ٿاٻڙندي، |
ڳولهي لهبي واٽ.....
اوندهه ۾ ڪيئن گهارينداسين؟ |
نيٺ ته گڏجي ٻارينداسين، |
واچوڙن ۾ لاٽ .....
کنوڻيون اک نه ملائي سگهنديون، |
پنهنجو سر نه جهڪائي سگهنديون- |
رکبو اوچو ڳاٽ ....
نظم ۽ غزل، عروضي شاعريءَ سان لاڳاپو رکن ٿا. علم
عروض اسان وٽ فارسيءَ جي ذريعي آيو. عربي، فارسي ۽
اردوءَ جي اڀياس ڪري، اسان جي نئين شاعريءَ ۾
عربيت، فارسيت ۽ اردويت جو عنصر غالب پئي رهندو
آيو آهي؛ پر نئين شاعريءَ جي علمبردارن ان ۾ مناسب
ڦيرڦار آڻي، منجهس سنڌي ماحول ۽ فضا پيدا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندي، تشبيهون ۽ تلميحون، اشارا ۽ ڪنايا،
حادثا ۽ واقعا – سڀ ڪجهه پنهنجي وطن جي مختلف گوشن
مان چونڊڻ شروع ڪيا آهن. ”تنوير“ به پنهنجي ڪلام
ذريعي نئين شاعريءَ جي نمايندگي ڪرڻ جي فنڪارانه
ڪوشش ڪئي آهي.
فنڪار پنهنجي ماحول جو عڪاس ٿئي ٿو، ۽ ان جي فردي
توڙي اجتماعي زندگي، خارجي توڙي اندروني طرح،
پنهنجي ماحول کان متاثر ٿئي ٿي. هو يا ته پنهنجي
پسگردائيءَ جو پرچارڪ ٿي پوي ٿو، يا ته ماحول سندس
خيالات و فنڪار جي آماجگاهه بڻجيو پوي. اهڙيءَ طرح
يا ته ماحول جون خصوصيتون منجهس پيدا ٿي پون ٿيون،
يا سندس اصول ۽ نظريا ماڳهين ماحول جو مکيه جزو
بڻجيو پون ”تنوير“ به هڪ فنڪار آهي، ۽ انجو ڪلام
پڙهي ڏسبو ته هو، ماحول تي غالب ٿيڻ بدران، ماحول
کان متاثر ٿيل نظر ايندو؛ ان ڪري هو فرضي حسن جي
پرستش کام ڪلام شروع ڪري ٿو، ۽ حالات سان گڏ بدلبو
رهي ٿو. انهيءَ فرضي حسن جي پرستش کان ڪلام شروع
ڪري ٿو، ۽ حالات سان گڏ بدلبو رهي ٿو. انهيءَ ڪري
منجهس قوميت، وطنيت ۽ سنڌيت پيدا ٿي پيئي آهي، ۽
سندس شاعري انهيءَ محور تي ڦرندي رهي آهي. اهو هن
جي ذهني فضا جو اڀياس آهي، جنهن سندس خيالات کي
جنم ڏيئي علمي، عملي ۽ فڪري سرگرمين کي موڙي، ڪنهن
خاص پيچ تي آڻي بيهاريو آهي. هن جي شروعات غزل جي
رواجي سطح تان ٿئي ٿي:
اوهان جو ته ڪم ڏک ڏيڻ آهي، سائين، |
نه سوچيو سهڻ وارا سهندا نه سهندا. |
اوهان ٿا ڪُهو جن کي اُبتيءَ ڇريءَ سان، |
اُهي ڪجهه ته لڇندا، اُهي ڪجهه ته ڪڇندا! |
اوهان دار ٺاهي وٺو، پوءِ ڏسجو، |
هزارين ئي منصور پيدا ٿي پوندا. |
تو کي ڪهڙي ڄاڻ ڏکن جي، |
نينهن تو ڪنهن سان آهه نه لاتو. |
اڄ هوت مليو آهي، سالن جون سڪون لهنديون، |
هيءُ وقت نه پوءِ ايندو، هن وقت کي ترسايو! |
اڳتي وڌي، ”تنوير“ وقت جي نئينءَ تحريڪ سان وابسته
ٿي وڃي ٿو، جنهن جو موجوده روپ ”سنڌي ادبي سنگت“
آهي. هن، اهڙيءَ تحريڪ جو اثر قبول ڪرڻ کانپوءِ،
”موهن جو دڙو“، ”ڀٽائيءَ ڏانهن“، ”مارئيءَ ڏانهن“،
”سهڻيءَ ڏانهن“، ”سسئيءَ ڏانهن“، ”ٻيجل ڏانهن“ ۽
”نئون دستور“ جهڙا يادگار نظم تخليق ڪيا، جن ۾ سنڌ
جي ماضيءَ جي عظمت جا گيت ڳائي، سنڌکي پنجاب جي
ٻانهن ٻڌي ٻانهي بنائڻ وارين دکدائڪ حالتن کي
ورجائي ۽ مٿن ڳوڙها ڳاڙي، آخر ۾، جوڙجڪ ماتحت اسان
کي ڇا مليو، تنهن جي مٺي طنز ڪري ٿو.هن دور ۾ اهو
سندس شاعريءَ جو لب لباب ٿي پوي ٿو:
- اي اسان جي چمڪندڙ ماضيءَ جي پيرن جا نشان!
تنهنجي ويرانيءَ ۾ چئُه ايڏي ڪشش آئي ڪٿان؟
- تنهنجي ويرانيءَ ۽ برباديءَ کي وسعت ٿي ملي،
سنڌ ساري ڄاڻ جو ٿي تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي!
(موهن جو دڙو)
هاءِ صد ارمان، سندءِ اهل چمن کي ڇا ٿيو؟
سنڌين جي جذبہ حب وطن کي ڇا ٿيو؟
تنهنجي لوئيءَ جا هي دشمن، ۽ هنن جو ٿر سان وير؛
هي غلام آهن ’عمر‘ جا، تنهنجي لءِ آهن هي غير:
اچ، هنن جي عيش جون سڀ محفلون برهم ڪريون،
اچ ته ٻئي گڏجي اسين هن قوم جو ماتم ڪريون!
(مارئيءَ ڏانهن)
توسان پرديسي رٺا، مون سان رٺا ديسي، مگر،
تنهنجي لءِ ۽ منهنجي لءِ پرديسي ئي ٿيا درد سر؛
درد جي اظهار لءِ ورتي جنون جي تو پناهه،
هت جنون لءِ قيد، ۽ عقل و خرد هڪڙو گناهه؛
تنهنجو مرقد ۾ پنهونءَ سان ٿيو وڃي آخر نباهه،
سان اڃا تائين پريشان حال، مضطر ۽ تباهه:
تو وٽان تنهنجي پنهل کي ويا کڻي تنهنجا ئي ڏير،
سچ ٻڌائج، سنڌ منهنجيءَ کي کڻي ويو آهي ڪير؟
(سسئيءَ ڏانهن)
اسان کي ماڳ جي بدران مليا ڌڪا ٿاٻا،
اسان کي، دوست، سرِ رهگذار ڪجهه ته مليو!
اسان چمن کان ته مايوس ٿي ويا هئاسين،
خزان ملي، نه مليو جي بهار، ڪجهه ته مليو!
اسان ته بوند گهري ٿي، اسان کي باهه ملي،
فلڪ ڏنو جي هي برق و شرار، ڪجهه ته مليو.
(نئون دستور)
ان بعد هو، جوش ۾ اچي، سڀڪنهن کي پنهنجو ساٿي
سمجهي، اڳتي قدم وڌائي ٿو؛ پر جڏهين ڏسي ٿو ته
ساٿين جو وڏو عنصر فقط زبان تائين ساٿ ڏيڻ کان
وڌيڪ وک کڻڻ لاءِ تيار ناهي، تڏهين حق ۽ سچ جي
ڳولا ۾ نڪري ٿو، عمل ۽ جدوجهد لاءِ پڪاري ٿو، نئون
ساز گهري ٿو، ۽، نذرالاسلام وانگر، نغمن سان باهه
ٻارڻ جي تمنا رکي ٿو. جڏهين وري کيس درد ۽ رنج جو
احساس ٿئي ٿو، تڏهن، ’انوريءَ‘ وانگر، هر هڪ مصيبت
جو پاڻ کي شڪار سمجهڻ لڳي ٿو، ۽ ان مان جند ڇڏائڻ
لاءِ، حسن جي ٿڌڪار بخشيندڙ وارن ۾ پناهه ڳوليندي
۽ آٿت وٺندي،هڪڙي ٿڪل ۽ حياتيءَ جي بازي هارايل
شخص سمان، چئي ٿو ڏئي ته اسان دنيا کي گهڻو ئي
ڪجهه ڏنو، پر حالات جي پيچرن، ۽ ورن وڪڙن ۾ اهڙو
منجهي پياسين جو منزل، ماڳ ۽ مقصد ئي دل تان لهي
ويا-
دوست، اچ، اڄ ته وٺون سمجهي مزاجِ عالم،
يار جي زلفِ پريشان کي ڏسي رهنداسين.
ظلم جي هٿ مان پلوَ پنهنجا ڇڏائي ته وٺون،
حالتِ جيب و گريبان کي ڏسي رهنداسين.
شوقِ ساحل ۾ ٿا موجن جي حوالي ٿيون اڄ،
آيو طوفان، ته طوفان کي ڏسي رهنداسين.
*
”تنوير“، اسان کي ٿو ميٺاڄ ملي سچ ۾:
جنهن ڳالهه ۾ڪوڙ آهي، سا ڳالهه ڪَڙي آهي.
هر سونهن ڀري شي ڏي ڇڪجي ته وڃي ٿي پر،
ڇڪتاڻ ۾ رهندي، دل ڪنهن ڏي نه لڙي آهي.
سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آ،
ڪير ٿو ڪنهن سان سُور وراهي.
*
ساهه ۾ اڄ باهه لڳائڻ جي طلب آهه،
ساز جي آواز سان وجهه ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ؛
ڇيڙ کڻي ساز سڄڻ، ميڙ کڻي سِرَ،
آهي جي هڪ مڱڻو ته دنيا ئي سڄي راءُ!
*
ڪِرن ٿيون بجليون جن تي فلڪ جون،
اهي منهنجا ئي ڪاشانا ٿين ٿا.
*
گهڙي کن ٿڌيءَ ڇانو ۾ ٿڪ ڀڳوسين؛
اُسن ۽ لُڪن کي وساري ڇڏيوسين.
ٻرياسين ٻه پل، پر وسامڻ کان اڳ ۾،
هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.
پياسين منجهي ڪاڪ ۾ ايترو اڄ،
جو مومل کي دل تان وساري ڇڏيوسين!
فني لحاظ کان به ”تنوير“ جو ڪلام هروڀرو هيٺانهين
درجي جو نه آهي: هن جي شاعري هروڀرو فن جي نذر ٿي
رهجي نه وئي آهي، تنهنڪري دماغ کان وڌيڪ دل تي اثر
ڪري ٿي.
آخر ۾، ڪتاب جي ڇپائيءَ ۽ ظاهري نفاستن کي نه
ساراهڻ به ظلم ٿيندو.جهڙو آهي ڪلام، اهڙي ئي
اهتمام سان ان کي ڇاپيو ۽ سينگاريو ويو آهي. سچ پچ
ته سنڌيءَ ۾ هيءُ پهريون ئي مجموعو آهي، جنهن کي
ايتري سليقي ۽ سجاوٽ سان شايع ڪيوويو آهي. البت،
ڪوَر پيج تي عورت جي هٿ ۾ رباب ڏنل تصوير ڪا ايتري
ٺهڪي ڪانه ٿي – بلڪ سنڌ جي ماحول ۾ ته اها ڳالهه
سري کان آهي ئي ڪانه. ان جي جڳهه تي جيڪڏهن ’ٻيجل‘
جو ڪو اثرائتو تصور پيش ڪيو وڃي ها، ته هوند اها
مناسبت ڪتاب جي سمورين خوبين کي هڪ خاص معيار ڏيئي
ڇڏي ها.
”تنوير“ جيڪو ”پيش لفظ“ جو انداز اختيار ڪيو آهي،
سو پڻ پنهنجيءَ جڳهه تي سندس طبيعت جي انفراديت
پسنديءَ جو نمونو آهي- ۽ سڄي ڪتاب تي اهو ئي اثر
غالب آهي.
جديد شعر و ادب جي اشاعت جي هن وقت سخت ضرورت آهي.
ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو سنڌ جي ٻين جديد شاعرن ۽ اديبن
– جهڙوڪ شيخ ”اياز“، هري ”دلگير“، ”برده“ سنڌي،
شمشير الحيدري، غلام رباني سنڌي، جمال ابڙو، علي
احمد بروهي، وغيره – جي ڪلام ۽ افسانن جا مجموعا
پڻ ڇپجي سگهن! اسان جي نوجوان حلقي کي، پنهنجي سر،
هن سلسلي ۾ ڪا نه ڪا تدبير ضرور سوچڻ گهرجي.
- ع. ص.
سنڌ جي اقتصادي تاريخ.
– مصنف ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻي، مترجم سراج الحق؛
صفحا 300؛ سائز ڊبل ڪرائون؛ ڇپائي صاف سهڻي، گيٽ
اپ دلڪش ۽ جاذب، غلاف رنگين ۽ سنڌي تهذيب جو آئينہ
بردار؛ قيمت چار روپيا؛ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ؛
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ابي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ
اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن
روڊ، حيدرآباد، سنڌ.
”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ
جي مشهور انگريزي تصنيف ”ايڪانامڪ ڪنڊيشنس اِن
سنڌ“ (1592 – 1842ع) جو سنڌي ترجمو آهي. سنڌي زبان
۾ هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شاندار
ماضيءَ جي اقتصاديات متعلق انگن اکرن سان بحث ڪيو
ويو آهي.
اها حقيقت آهي ته هر اقتصادي حالت جو تعلق ان جي
گذشته دور جي اقتصادي ماحول سان رهي ٿو؛ لهٰذا
تيستائين ڪنهن به ملڪ جي اقتصادي ماحول جو صحيح
طور جائزو نٿو وٺي سگهي، جيستائين ڪه ان جي ماضيءَ
جي اقتصادي تاريخ جو مطالعو نه ڪيو ويو آهي. هيءُ
ڪتاب، مترجم جي نوٽ ۽ مصنف جي پيش لفظ کان سواءِ،
265 صفحن تي مشتمل آهي. آخر ۾ ٽالپرن جي فوجي
طاقت، جاگيرداري معيشت جي نظام، 1938ع ۾ ڪراچيءَ
جي منڊيءَ جي خريد و فروخت جي انگن اکرن، ۽ ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ جي دور ۾ 17-18 صديءَ جي واپاري
جهازن جي آمدرفت تي ضميما آهن. ڪتاب جي خاتمي ۾،
پورن ڏهن صفحن تي، انهن انگريزي ڪتابن جي فهرست
ڏنل آهي، جن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ هيءُ ڪتاب مرتب
ڪيو ويو آهي. ڪتاب، ول ڊيورانٽ جي هنن لفظن سان
شروع ٿئي ٿو:
”اَسي في صد لکيل تاريخ، مصر جي اشڪال نويسين
وانگر، رڳو مذهبي اڳواڻن ۽ بادشاهن جي عظيم
ڪارنامن جي ساراهه سان ڀري پيئي آهي.“
”’تاريخ‘ مان اڪثر اها مراد ورتي ويئي آهي ته ان
۾، هڪ روزنامچي طور، رڳو سياسي ۽ فوجي واقعن جي
وچور ڏني وڃي، ۽ منجهس رڳو بادشاهن ۽ وزيرن، جنگين
۽ حڪومتن جا داستان ۽ افسانا بيان ڪيا وڃن. هر
ڪنهن تاريخ نويس، پنهنجيءَ پر ۾، گذريل زماني کي
سمجهائڻ ۽ ان جي تعبير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان
جي ڪن خاص صورتن تي زياده زور ڏيڻ سبب، انهن هميشه
ان جا ٻيا ڪيترا پهلو نظر انداز پئي ڪيا آهن. جامع
تاريخ لاءِ تحقيق ۽ کوجنا جا جيڪي علمي ۽ ادبي
طريقا ۽ صلاحيتون لازمي آهن، سي سڀيئي ڪنهن هڪ
مورخ کي هڪ ئي وقت بدرجه اتم ميسر هجن: زندگيءَ ۾،
اهو حسن اتفاق تقريباً ناممڪن آهي.“
تاريخي فن جي ان تجزيي ۽ تنقيد کان پوءِ، هروڀرو
اها راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي ته گذريل دور جا سڀ
تاريخي ڪتاب غير افادي آهن. ايترو آهي ته هر دور
۾، ان دور جي ادبي طريقن ۽ علمي زاوين آهر، چند
گنجائشن ۽ رعايتن کي اڳيان رکي ئي ڪجهه نه ڪجهه
تاريخ نويس لکندا آيا آهن. ماضيءَ جو اهو پراڻو
دفتر جيڪڏهن اسان وٽ نه هجي ها، ته پوءِ هوند اسان
نه ته پنهنجي حال متعلق ڪا صحيح راءِ قائم ڪري
سگهون ها، ۽ نڪو مستقبل متعلق سوچي سگهون ها.
البته، تاريخ کي سمجهڻ ۽ ان مان صحيح طور نتيجن کي
اخذ ڪرڻ لاءِ ذوق سليم ۽ طبع رسا جي ضرورت آهي.
بهرحال، تاريخ جي مطالعہ کان پوءِ ئي پتو پئجي
سگهي ٿو ته ماضيءَ ۽ حال جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي،
’حال‘ ڪيئن ’ماضيءَ‘ مان پيدا ٿئي ٿو، ۽ مستقبل
ڪيئن ٿو حال ۾ پرورش وٺي، وڌي ۽ ويجهي. تاريخ جي
فني ۽ تنقيدي مطالعه مان ئي پتو پوي ٿو ته گذريل
دور ۾ مُلڪي نظام ۽ مختلف معاشرا ڪيئن ٺهيا، ڪهڙن
هٿن ٺاهيا، ۽ ڪهڙين ضرورتن آهر ٺاهيا؛ ۽ پوءِ وري
ڪيئن انهن ڊٺل کنڊرن ۽ دڙن مان نئين دور جو آغاز
ٿيو، ۽ انساني ارتقا جو اهو دور به اڳتي هلي ڪنهن
هنڌ تي رڪجي ويو، ۽ ختم ٿي ڪري، نئين در جو بنياد
رکي ويو.
اهوئي سبب آهي جو ”ايام تاريخ“ متعلق ٻڌايل آهي ته
”تلڪ الايام ندا ولها بين الناس“؛ ۽ سنڌيءَ ۾ چيو
ويو آهي ته ”تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائي ٿي“.
تاريخ جو فلسفو ڇا آهي، ۽ تاريخ جو وري وري موٽي
اچڻ ڇا آهي: اهو مسئلو في الحال اسان جي موضوع کان
ٻاهر آهي؛ فقط ايترو اشارو ڪرڻ ڪافي ٿو نظر اچي ته
زندگي جڏهن ته بي ربط نه آهي، ۽ چند علمي ۽
عمراني، فڪري ۽ تهذيبي حد بندين ۾ وڌندي رهي آهي،
تڏهن ان ساري دور جي تصوير ڪشيءَ ۾ به هڪ حد تائين
سلسلو ۽ ربط قائم آهي، جنهن کي تاريخ زندگيءَ جي
جامع تصوير بنائي پيش ڪري ٿي. اها تاريخ ئي آهي،
جا زندگيءَ جي نرم گرم ڪارگذارين کي نهايت
چابڪدستيءَ ۽ ديانتداريءَ سان اسان جي آڏو آڻي ٿي،
۽ اسان جي ’حال‘ کي ’ماضيءَ‘ سان روشناس ڪري، روشن
’مستقبل‘ جو ڏس ڏئي ٿي.
اها ته ٿي تاريخ، پر ان جو لکندڙ مؤرخ ئي جوابدار
آهي ته هن پنهنجي فن کي ڪهڙيءَ حد تائين نباهيو ۽
صحتمند رکيو آهي. تاريخ نويس جو اهو منصبي فرض آهي
ته هو انسان ۽ ان جي ماحول جي انهن واسطن ۽ اثرن
کي پرکي ۽ جاچي، جن مان حال لاءِ ڪي صحتمند
روايتون ۽ نتيجا اخذ ڪري سگهجن. مورخ، انساني
زندگيءَ جي پوري داستان ۾ پيدا ٿيل اصلاحي ۽ عمي،
سياسي ۽ معاشي انقلابن ۽ ردوبدل کي، تحريڪن ۽
تنظيمن کي، سچ ۽ ڪچ کي، رسم ۽ رواج کي، تهذيب ۽
معاش کي، زوال ۽ ترقيءَ کي، پرکي ٿو ۽ جمع ڪري ٿو.
ان ڪري ئي ملڪ جي صحيح تاريخ جو مقصد ئي اهو ٿو
ٿئي ته ان جي رهواسين جي سماجي، اقتصادي، مذهبي ۽
عمراني حالتن جو مطالعو ڪيو وڃي؛ مختلف لاها چاڙها
ڏٺا وڃن، ۽ ڏسندي ڏسندي، زندگيءَ جي ابتدائي تهه
تائين پهچي وڃجي، جئن انسان جي گذريل تجربن جو
صحيح صحيح اندازو لڳائي سگهجي.
عالمن جي اها به متفق راءِ آهي ته ”انسان جي زندگي
جن قوتن جي اثر هيٺ رهي آهي، تن سڀني ۾ مذهب ۽
اقتصاديات جا اثر ٻين سڀني قوتن جي جملي اثر کان
هر حالت ۾ گهڻو وڌيڪ اهم رهيا آهن.“
مطلب ته، دنيا جي هر ملڪ وانگر، اسان جي سونهاريءَ
سنڌ به مٿين اصولن موجب سماجي، تمدني ۽ سياسي
حيثيت سان پنهنجي مخصوص معاشي حالتن جو هر دور ۾
انقلاب آفرين اثر قبول ڪندي آئي آهي. اڄ جنهن کي
سنڌي معاشرو سڏيو وڃي ٿو، اهو به، مٿي اصولن جي
ماتحت، صدين جي تبديلين ۽ انقلابن جي پيداوار آهي؛
لهاذا ان جو جائزو ۽ مطالعو تيسين تائين مڪمل نه
ٿي سگهندو، جيستائين اسان ماضيءَ جي اقتصادي حالتن
جو غائر نظر سان مطالعو نه ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ
جي فقط اڍائي صدين (1592ع – 1843ع) تائين جي
اقتصادي تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
اڳتي هلي لکيو ويو آهي ته ’سنڌ زرعي ملڪ آهي، ۽ ان
سان گڏ تجارت ۽ ڪاريگريءَ ۽ گهرو هنرن ۾ به برک
رهندي آئي آهي. سنڌ جي اقتصاديات انهن چند لفظن ۾
ئي لڪل آهي. انهن جي ڇنڊڇاڻ ۾ ئي سنڌ جي زرعي ۽
معاشي مسئلن جا تعلقات ڳنڍيل نطر اچن ٿا. انهن
چيزن جي ڪري ئي سنڌ ايامن کان متضاد قوتن جو
آماجگاهه رهي آهي. انهن سببن ڪري ئي سنڌ ۾ ڪڏهن
امن ته ڪڏهن جنگ، ڪڏهن صلح ته ڪڏهن فساد، ڪڏهن
آسودگي ته ڪڏهن مفلسي، ڪڏهن غلامي ته ڪڏهن آزاديءَ
جي ڪشمڪش رهندي آئي آهي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ
۾ انگريز واپارين جا سنڌ ڏٺي ۽ بيان ڪئي آهي، سا
هئي ٽڪر ٽڪر ٿيل ۽ غلام سنڌ، جنهن ۾ شهزادا ۽ نواب
وڙهي رهيا هئا؛ جنهن ۾ نه حسن هو، ۽ نه آسودگي‘.
انگريزن جي تحريرن جو ماحصل اهو آهي ته:
’سنڌ ايامن کان شڪار گاهن ۽ ٻيلن سان ڍڪيل ملڪ
آهي، جنهن ۾ واپار، هنر ۽ صنعت جو ڪوبه تحسين جوڳو
نظام ڪونه هو. سندس شهر گندا ۽ ڳوڙها هئا، ۽ سندس
حاڪم فساد انگيز ۽ شڪار پسند هئا. سندن خاص مشغولي
هئي پنهنجي پنهنجي مذهب جي تبليغ. ٻيا آهن پينو
جام، جي آئي وئي کي پيا لُٽين ۽ پَٽين! ماڻهو
جاهل، ڄٽ، مغرور، فسادي ۽ وحشي آهن، جن ۾ نه تهذيب
آهي ۽ نه تمدني خصلتون. هاري ناري اڌ – بکيا ۽ انگ
اگهاڙا: انهن ساري حياتيءَ ۾ غلاميءَ ۽ مفلسيءَ
کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪين ڏٺو آهي‘.
هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ واضح ٿئي ٿو ته
مٿيون بيان نهايت لغو ۽ غلط آهي. دراصل، ”17 ۽ 18
صديءَ ۾ سنڌ هڪ سکيو ستابو، خوشحال ۽ آسودو ملڪ
هو،سندس کيتي نهايت برڪت واري هئي. گهرو هنر ۽
ڪاريگريون ترقي پذير هيون. شهر ۽ ٻهراڙيون وسنديءَ
وار هئا. سندس وڻج ۽ واپار پري پري ڏيساورن سان
هلندڙ هو.واپاري سوماترا، جاوا ۽ هند چين تائين هڪ
طرف، ته ٻئي طرف بلخ، بخارا، ايران ۽ عرب تائين
ويند اهئا؛ ان کان سواءِ روم ۽ يورپ تائين به
واپار هلندڙ هو.“
چنانچه ان دور جي سنڌ جا آثار، ان دور جي عوامي
ادب، پهاڪن، آکاڻين ۽ شاعرانه نڪته سنجين ۾ موجود
آهن. نه معلوم ڇو سنڌ کي هر خيال سان پوئتي اڇلائڻ
جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. ٻيا ته ٺهيو، خود انگريزن به
هن ملڪ لاءِ علمي خلوص کان ڪم نه ورتو، ۽ محض
افسانه طرازي ڪري وڃي مٿي چڙهيا. ’اهوئي سبب آهي
جو معاشي مورخن، هندستان کان وڌيڪ سنڌ کي پئي نظر
انداز ڪيو آهي. خود مورلنڊ جهڙو لائق فائق محقق به
غلط فهميءَ ۾ اچي ڪري لکي ويٺو ته ”بکر کان وٺي
سمنڊ تائين، ساري سنڌ هڪ ويران بيابان آهي“. ان جي
بنا تي، مغليه دور جي معاشي جائزي وٺندي، سنڌ کي
نظر انداز ڪري ڇڏيائين.‘
هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته ’هيءُ
ننڍڙو ۽ ظاهري طور غير اهم ۽ دورافتاده صوبو،
هندوستان جي بنهه ڇيڙي تي ۽ سمنڊ جي ڪنٺي تائين
محدود، گذريل دور جي تجارتي دنيا ۾ نهايت برک ۽
مرتبي وارو صوبو هو. هندوستان جي سدا شاهوڪار
واپار ۽ تجارت ۾ سندس اهم حصو هو‘. چنانچه هيءُ
ڪتاب ان موضوع تي پهرين تصنيف سمجهڻ گهرجي.
هن ڪتاب جي ترتيب وقت فاصل مصنف ڪوشش ڪري ڪافي
مواد هٿ ڪيو آهي: ان ۾ ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جو
سمورو رڪارڊ، يورپي سياحن جا سفرناما، انڊيا آفيس
۽ پبلڪ لئبرري لنڊن جا پراڻا نسخا ۽ دستاويز، ڪَڇ
ريجنسي جا سرڪاري دفتر، ۽ ٻيا ڪيئي اهم معاشي
تاريخ جا ڪتاب ۽ مقالا اچي وڃن ٿا، جن کي مطالعہ
ڪري، پنهنجي موضوع مطابق، وڏيءَ محنت سان مصالح گڏ
ڪيو آهي. مترجم صاحب، مسٽر سراج الحق، جوهن فن ۾
ايم. اي. ڪري چڪو آهي. ان جي تمهيد هڪ فني ۽ علمي
چيز آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو:
”جنهن دور جو اڀياس هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي،
اهو سموريءَ دنيا لاءِ قرون وسطيٰ يا وچون دور
سڏجي ٿو. ان دور ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ هڪ نئون
معاشي ۽ اقتصادي رجحان اڀري رهيو هو. ۽ اهو رجحان
هو جاگيردارانه طاقتن ۽ نيم سرمائيدارانه قوتن جي
هڪٻئي تي فوقيت ۽ غلبي حاصل ڪرڻ جي ڪشمڪش. ان دور
۾ يورپ ۽ ايشيا جي قريب قريب سڀني ملڪن ۾
جاگيردارانه نظام معيشت مروج هو، جنهن ۾ سردار،
جاگيردار ۽ زميندار زمينن جي پيداوار جو اڪثر حصو
کڻڻ، عام رواجي طرح پنهنجو منصبي حق سمجهندا هئا،
۽ ڌرتيءَ جي ڇاتي چيري اَن ۽ ٻيون شيون پيدا ڪرڻ
وارن هارين کي محض گذاري ڪرڻ، ۽ پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب
کي آئيندي جي پورهئي ڪرڻ لاءِ جيئرو رکڻ جيتري
پيداوار نصيب ٿيندي هئي. نتيجي طور، پيداوار – يا
ٻين لفظن ۾ دولت – چند ماڻهن وٽ مرڪوز ٿيندي ٿي
رهي. ضرورت کان بيحد زياده دولت ٿورن وٽ گڏ ٿيڻ
سان، دولت جي مصرف جا ذريعا نسبتاً محدود ٿيڻ لڳا.
دولت جي مصرف جي تلاش ۾، جاگيردار طبقو زندگيءَ جي
آسائشن ۽ عيش و عشرت جون نيون نيون راهون هٿ ڪرڻ
لڳو: سندن انهيءَ دولت جي مصرف جي پورائي لاءِ،
عيش عشرت جا نوان نوان سامان، نيون نيون شيون ۽
مال ٺهڻ جو موقعو پيدا ٿيو. دستڪار ۽ ڪاريگر طبقو
فروغ پائڻ لڳو، نوان نوان فن ۽ هنر ترقي ڪرڻ لڳا.
عشرت جو سامان وڌڻ سان، نئين قسم جو مال وڌندڙ
مقدار ۾ پيدا ٿيڻ سان، دولت جاگيردار طبقي وٽان
منتقل ٿي هڪ اهڙي گروهه وٽ پهچڻ لڳي، جنهن کي
واپاري طبقو سڏيووڃي ٿو. وچئين دور جا شاهوڪار
سوداگر انهيءَ طبقي جي نمائندگي ڪندا هئا. اهو
واپاري طبقو اها ڪمايل دولت وري به ساڳين عشرت ۽
آسائش جي سامانن ۽ شين جي تيار ڪرائڻ ۾ سيڙائڻ
لڳو: پورهيتن ۽ ڪاريگرن کي مال تيار ڪرڻ جو ڪم
سونپي، انهن کي زندگيءَ جي ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ
اڳواٽ مُوڙي ڏيئي، مال تيار ڪرائي، دولتمند
جاگيردارن کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو هو. واپاري
طبقي کي ان مان ٻٽو نفعو ٿيندو هو: ڪاريگرن ۽
پورهيتن کي هو محض ايتري قيمت آڇيندو هو، جنهن ۾
هو وري پورهئي ڪرڻ لاءِ جيئرا رهندا چن، ۽ سندس
دارومدار به هن جي مال جي طلب تي رهندو اچي؛ ٻئي
طرف جاگيردارن کي هو ڳرين قيمتن تي اهو مال وڪڻندو
هو، جيڪي، پنهنجي دولت جي بي انداز فراوانيءَ ۽
عيش و آسائش جي شوق کان، قيمت تي ڌيان ئي ڪين
ڏيندا هئا، بلڪ معاشري ۾ پنهنجي پاڻ کي سرخرو ۽
ناميارو بنائڻ لاءِڳريون قيمتون آڇڻ پنهنجو امتياز
سمجهندا هئا.ان طرح، دولت واپاري طبقي وٽ مرڪوز
ٿيندي ويئي، ۽ رفتي رفتي اهو واپاري طبقو پنهنجي
چمڪندڙ واپار ۽ موڙيءَ جي بنياد تي، صنعتي تنظيم
تي ڇائنجي ويو، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ دولت جي لحاظ کان
ايتري قوت هٿ ڪري ويو جو هن جي مفاد ۽ جاگيردار
طبقي جي مفاد ۾ ٽَڪر جو امڪان پيدا ٿي پيو.“
اڳتي لکي ٿو:
’ٽالپرن جي دور ۾، ۽ انهن کان اڳ ڪلهوڙن جي دور ۾،
واپاري مفاد ۽ جاگيرداري مفاد ٽڪرجڻ جي حد تي اچي
پهتا هئا. ميرن جي دور ۾ ته اها ڪشمڪش موت ۽ حيات
جي ڪشمڪش هئي. جاگيردار، تاجر کي ختم ڪرڻ لاءِ هٿ
پير هڻي رهيو هو. هوڏانهن جاگيردار طبقي پنهنجي
هٿيارن، يعني ڍلن ۽ ڳرن محصولن، کي استعمال ڪيو؛ ۽
آخري طور، مذهب جي اختلاف کي اڳيان آڻي، ان دور جي
هندو واپاري طبقي کي زيربار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ ان قسم جو زوال ڪلهوڙن ۽
ميرن جي دور جي پيداوار آهي. ان دور ۾ شهر ڦٽي
ويا، ۽ نيم – صنعتي معيشت وري زرعي معيشت ڏانهن
ورڻ لڳي هئي‘. ’انگريزن به واپاري بنجي اچي سنڌ ۾
پير ڄمايا. سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ انهن اهي ئي جواز
جا دليل پيش ڪيا، جي واپارين جاگيرداري دور ۾ بار
بار دهرايا هئا. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي هندو
طبقي مان ديوان گدومل ۽ نائون مل انگريزن کي
مددڏني، ۽ ميرن جا پير سنڌ مان اکوڙي ڇڏيا.
انگريزن، سنڌ فتح ڪري، ان جي ساري پيداوار کي
پنهنجي ”حق ملڪيت“ تصور ڪري، انگلنڊ کي آسودو ڪيو،
۽ سنڌ کي قرون وسطيٰ واري معيشي دور ۾ اڇلائي دم
کنيو!‘
انگريزن متعلق لکي ٿو ته:
’انگريزن جو اهو مفاد رڳو انگريزن تائين محدود نه
هو. ان دور ۾ هر هنڌ سرمائيدار طبقن پئي ننڍن ۽
غلام ملڪن کي ڦريو ۽ لٽيو. اول اول هتي جي مقامي
صنعتن کي ختم ڪيائون، ۽ لنڪشائر، مينچيسٽر، لورپول
۽ برمنگهام جي صنعتن لاءِ هت مارڪيٽ پيدا ڪيائون؛
هتان خام مال – ڪپهه، شورو، نير ۽ چمڙو – هٿ ڪري
مٿي موڪليندا رهيا. ائين ڪرڻ مان سندن مقصد هو
جاگيرداري دور کي وري پيدا ڪرڻ، ۽ واپاري طبقي ۽
هنرمند گروهه ۽ هاري ناريءَ کي هيڻو ڪرڻ. ائين ڪرڻ
سان سندن ملڪ جو مال هت اچڻ لڳو. هتي جا هنر تباهه
ٿي ويا، ۽ هتي جا ڪاريگر بيروزگار ٿي ويا. ٻئي طرف
هتي جي جاگيردارن اهو مال وٺڻ ۽ استعمال ڪرڻ شروع
ڪيو.‘
چناچه-
’19 صديءَ جي ختم ٿيڻ تائين جاگيرن جي ورهاست،
زمينداري سرشتي جون تبديليون، ريلوي جو قائم ٿيڻ،
آبپاشيءَ جا سڌارا- اهي سموريون چيزون سنڌ کي ترقي
ڏيارڻ جي مقصد سان نه، پر انگريزن جي مفاد کي
مضبوط ڪرڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ جي مراد سان عمل ۾
آيون.‘
انهيءَ ساريءَ ڪشمڪش جي دور ۾ عوام جي ڪهڙي حالت
هوندي، ان جي ڪجهه وضاحت انهن عوامي گيتن، عوامي
آهُن ۽ انهن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ آهي، جي ان دور جي
پيداوار آهن- وڙهن سانَ، لتاڙجن ٻوڙا“.
اهو سارو نظام مختلف رنگ بدلائيندو ٿو رهي، پر اهل
نظر ته ”من انداز قدرت رامي شناسم“ ئي چوندا اچن
ٿا. هيءُ موجوده جاگيرداري دور تڏهن ختم ٿيندو،
جڏهن سنڌ جو ”معاشي نظام“ آزاد ٿيندو. اهڙي قسم جي
آزادي ڪيئن حاصل ٿيندي، ...... ان لاءِهن ڪتاب جو
مطالعو مفيد ۽ ضروري آهي.
- غ. م. گ
پهچ
(”مهراڻ“ جي اداري کي هيٺيان ڪتاب تبصري جي غرض
سان پهتل آهن، جن تي ايندڙاشاعت ۾ تبصرو ڪنداسين.
– ادارو)
(1) قديم سنڌ: مصنف ڀيرومل مهر چند آڏواڻي؛
صفحا 500؛ قيمت 0_8_5؛ ڇپيندڙ ”سنڌي ادبي بورڊ“.
(2) تحفة الڪرام (سنڌي ترجمو): مصنف مير علي
شير ”قانع“، مترجم مخدوم امير احمد، مرتب ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ؛ صفحا 871؛ قيمت 0_0_9؛ ڇپيندڙ:
”سنڌي ادبي بورڊ“.
(3) ڪنوار جو آئينو (ڊپٽي نذير احمد جي اردو
ڪتاب ”مرآت العروس“ جو ترجمو): مترجم عبدالڪريم
”تراب“؛ صفحا 260؛ قيمت 0_8_2؛ ڇپيندڙ: ”سنڌي ادبي
بورڊ“.
(4) بِلُو داد (افسانا): مصنف ”اياز“ قادري؛
صفحا 126؛ قيمت: 0_8_1.
(5) جنسار (ناول): مصنف قاضي فيض محمد؛ صفحا
327؛ قيمت چار روپيا.
(6) بُولِي (ناول): مصنف شيخ محمد حسن؛ صفحا
254؛ قيمت: 0-0-3.
(7) ڏوهاري ڪير (افسانا): صفحا 98؛ قيمت 0-0-1؛
ڇپيندڙ ”اداره سنڌي ادب“، ٽنڊو محمد خان.
(8) ڪم – چور (افسانا): مصنف امان الله پگهيو؛
صفحا 52؛ قيمت 0-12-0؛ ڇپيندڙ ”آواز سنڌ“
پبليڪيشن، نوابشاهه.
(9) لاکو ڦلاڻي: مصنف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛
صفحا 31؛ قيمت 0-0-1؛ ڇپيندڙ ”سنڌي مجلس“، شعبهء
سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، سنڌ.
(10) عورت ۽ سماج (ناول): مصنف مير محمد
نظاماڻي؛ صفحا 39؛ قيمت 0-0-1؛ ڇپيندڙ آر. ايم.
فتح ائنڊ برادرس، حيدرآباد، سنڌ.
(11) اسماءُ الله الحسنيٰ: مصنف غلام محمد
پنهور؛ صفحا 46؛ قيمت 0-8-.
(12) ”ڏيپلائيءَ“ جا ڪتاب: سن 1857ع جي آزادي جي
جنگ؛ جپاني گُڏي؛ غازي انور پاشا؛ ڪورٽ (ناٽڪ)؛
ڏُڪار (ناٽڪ)؛ ۽ انسان جي تاريخ.
(13) ”جيلاني پبليڪيشنس“، بدين، جا ڪتاب: چڱو ۽
مدو رکيل؛ ڪليات فاروقي؛ گهو گهو چواڻ؛ مناجات
ساقي؛ ۽ پورس جا هاٿي.
(14)
شاهه جو رسالو
(مهاڳ، معنيٰ ۽ شرح سان): مهتمم ڪلياڻ آڏواڻي
(ايم. اي)، پروفيسر ”جئه – هند“ ڪاليج، بمبئي؛
صفحا 500؛ سائيز ڊبل ڪرائون؛ ڪاغذ عمدو، دبيز؛
ڇپائي نفيس، عمدي ۽ معياري؛ جلد پڪو، مضبوط ۽
دلڪش؛ قيمت ٻارهن روپيا ۽ پنجاهه پيسا
(هندوستاني)؛ شايع ڪندڙ: هندوستان ڪتاب گهر،
بمبئي، ڀارت.
افسوس آهي جو ڀارت کان هيءَ بهترين پيشڪش اسان کي
عين اهڙي موقعي تي ملي، جڏهن ”مهراڻ“ جو سمورو
مواد ڇپائيءَ هيٺ اچي چڪو هو، ۽ تبصري لاءِ مناسب
وقت نٿي ملي سگهيو: ”مهراڻ“ جي ايندڙ اشاعت ۾ اسين
ان تي پوري بسط ۽ تفصيل سان تبصري جو انتظام
ڪنداسين.
– ادارو
[تبصري لاءِ، هر هڪ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون موڪلڻ
ضروري آهن.] |