2
1. وڏيري گهر - ابن حيات پنهور
2. انڌير نگري - ممتاز مرزا
3. بتي اجهامي ويئي ... - هريڪانت
4. ذليل انسان - نبي بخش
دائودپوٽو
5. درد جو، دل ۾ سمائجي نه سگهيو – ڪيرت ٻاٻاڻي
6. ”موٽي نه اچجانءِ“ - رضيه سجاد ظهير
سنڌيڪار: سڪينه
يار محمد
7. هڪ پيسي خاطر - ابراهيم جليس
سنڌيڪار: محمد
دائود بلوچ
8. ”ييس، سر!“ - رضيه سجاد
ظهير
سنڌيڪار: ڀيشم
هڪ ڏينهن جي
ڳالهه...
”انڌيءَ جوپٽ“ - غ.م. گ.
- ”آءٌ ڪُوڙو ته نه آهيان، منهنجي نظريي ۽ عمل ۾
ٻيائِي ته ڪانهي؛ منهنجي همدردي ظاهري، ۽ منهنجو
يقين ڦُس ڦسو ته نه آهي؟“
جڏهن ان جو جواب ڪجهه اُميد افزا ملي، ته اوهين
پنهنجوپاڻ کان ٻيو سوال ڪريو:
”ڇا مون پنهنجين صلاحيتن کي سڃاڻي هن طرف رخ ڪيو
هو؛ ڇا آءٌ شعور ۽ جذبي جي پوريءَ طاقت سان پنهنجي
حافظي ڏانهن وريو هوس؛ ڇا مون احساس جي مڙني تهن
کي اُکولي، ان جي پوري خزاني جو جائزو ورتو هو؛ ڇا
لکڻ وقت منهنجي سيني جو زخم کليل هو، ۽ منهنجون
نگاهون مستقبل جا منظر ڏسي رهيون هيون؟“
جيڪڏهن اوهان کي ان جو جواب هاڪار ۾ملي، ته پوءِ
اوهين ائين سمجهو ته اوهان جيڪي ڪجهه لکيو آهي سو
ٺيڪ آهي، ۽ ان جو منڪر يقيناً اوهان جو دشمن آهي.
– ممتاز حسين
ابن حيات پنهور
وڏيري گهر
”سائين، وس ڪيا اٿم، مڃي ئي نه؛ چي ’منهنجو هت گذر
ئي نه ٿيندو‘. آخر هيٺ – مٿانهيون ڏيندي، مس وڃي
پيرن تي بيهاريومانس. چيومانس، ’تون ڪونه پرڻيو
آهين، جڳ ٿو پرڻجي. پنهنجي اُجهائي خلق نه کلاءِ!
الله کان اولاد انهيءَ لاءِ نه گهربو آهي ته پٺيان
ٻنڀو ئي پوريو پيو هجي. ٻاهر جي سڄي کان گهر جو اڌ
به چڱو. ائين ته ڪير ڪونه چوندو ته فلاڻي جو پٽ
پراون درن تي رلي مئو‘. ٻڌايومانس، ’وڏيري وٽ اچ،
مان به منٿ ڪندوسانس. الله ڪو وساريو آهي! سهنجي
ٿي پوندي‘. پوءِ ته هائوڪيائين. چيائين، ’هل ته
تنهنجي پٺيان ٿو اچان‘.“
”جمن، وڏو آڙيڪاپ آهين! .....“ جمن اڃا ڳالهايو ئي
پئي ته وڏيري وچ ۾ مرڪندي چيو.
”سلاماليڪم،“ شفن اچي پيرن تي هٿ رکيا.
”شفن، مبارڪون هجنئي!“ وڏيري چيو.
”سائين، خير مبارڪون، الله پنهنجون ڏئيوَ“. ائين
چئي، کٽ جي پيرانديءَ کان پيل منجيءَ تي ٿي ويٺو.
”شفن، ڏي خبر، ڪيئن وڃي ايڏانهن اَٽڪئين؟“
”سائين، لکيي جا ليک آهن.“
”هاڻ ضرور انهن سان ڀڃي ٻارڻي پوندءِ!“
”ها سائين، جن وار وڇائي ڏنا، تن سان ويڇا ڪهڙا.“
”ڇورا، ڏسجئين متان سڀاڻي ......“
”نه سائين، خدا رکي، اهڙا ڪينهن.“
”هائو، تڏهن به- ’پنهنجي گهوٽ ته نشو ٿئيئي‘. جنڊو
– پاڙو ته نه لکي ڏنو اٿئي؟“
”نه سائين.“
”پوءِ ڇو ٿو اباڻا ڪک ڇڏي هڏا رلائين؟“
”سائين، چوندا آهن – ’ننگ پيا، رنگ ويا‘. اڳي ته
هوس ڇڙو ڇانڊ، ’جت پڪي تت کاڌي‘؛ هاڻي ته گذر جي
به ڪرڻي آهي.“
”خدا جا بندا، جيڪو هاٿيءَ کي مڻ ۽ ڪيڙيءَ کي ڪڻ
ٿو ڏئي، سو تو کي به اوس ڏيندو. اها ڳالهه نه ڪر،
چئو کڻي ته پنهنجي وس نه آهيان!“ وڏيري نڪ کي موڙو
ڏيندي ۽ ڪنڌ ڦيرائيندي چيو.
جمن وچ ۾ پئي ورندي ڏني:
”سائين، سچ ٿو چوي، ڇا ڪري، اڪيلو سر، ڪيڏانهن جي
ڪندو؟“
”ميان، خدا ڏيڻ واروآهي، سرونڊير به پيا پيٽ
پالين.“
”ڪٿي سائين، پنهنجي هلٽ وارا به پيا عذاب کائين،
سر ونڊير کي ڇا حاصل ٿيندو.“ جمن چيو، ”ڪَتي
ڳهندو، مس وڃي ٻه ڳوڻيون اَن جون ملنديس، جن مان
نڪي کڙ نڪي تيل.“
”حيدرآباد ۾ تڏهن سؤ – هزار ڪمائيندو؟“
”سائين، ٻيو نه، ته به اڙيءَ اهنجيءَ ساهرا پيا هٿ
ونڊائيندس. هن غريب وٽ ڇا رکيو آهي – نه ڍڳو نه
ڍور ...“ جمن ڳالهه کي وٽ ڏنو: ”اوهين نه جيڪر وڙ
ڪيوس، پنهنجو ماڻهو اٿوَ ..... هن جي ابي ڏاڏي به
ته اوهان وٽ جوڳ اڙهي!“
”اسان کي ساڳيون اکيون آهن؛ ڍڳو ڍور کپيس ته هينئر
به حاضر اٿس.“
”سائين، پوک هن کان ڪانه ٿيندي: نينگري اهڙي پرڻيو
آهي جو نڪي لائيءَ – لاباري جِي، نڪي ڀريءَ – ڀاڪر
جِي – شهري ماڻهو؛ باقي پاڻ واري کري تي نه ڪو
هٽڙو ڪڍائي ڏيوس! ... هينئر ڦٽيءَ – ڦريءَ جي مهل
آهي، پيو گذر ڪندو. چار اکرڙا ڄاڻي، تيل – تماڪ
پيو ڏيندو وٺندو.“
وڏيرو ٻه منٽ ماٺٿي ويو. ويرم رکي، شفن ڏانهن
نهاري چوڻ لڳو:
”شفن، ڇا صلاح اٿئي؟“
”سائين، مکڻ پئي مٿو سڙندو؟ ڏاڍيون دعائون ڪندو
سانوَ!“ شفن هٿ ٻڌي ورندي ڏني.
”چڱو، پرينهن آءٌ کري تي ايندس،“ وڏيرو اٿڻ
لڳو:”اچجانءِ ته اتي ويچارينداسون، خدا چڱي ڪندو،
ها، مانيءَ جي مهل آهي، ائين نه وڃجئين!“
وڏيري پٺ ڏني ته جمن چوڻ لڳو: ’ابا، ڏٺئي! ’همت
مردان، مدد خدا‘. وڏيرو پنهنجو مَٽ ٿئي – جهڙو
گيهه جو گهڙو! وسؤن اڙئي کي نه ورائيندو.“
”چاچا،“ شفن وراڻيو، ”الله به ڏسِي ٿو ڏئي.“
”ها ابا، تڏهن ته لولو اگهاڻل آهي! چڱو، اٿي چيلهه
ڊگهي ڪر: آءٌ گهوڙي کي پاڻي پياريو، ٽڪر ڀور کنيو
ٿو اچان.“
شفن هٿ منهن ڌوئي، اوطاق جي صفي ۾ پيل پراڻي کٽولي
تي ٻانهن سيرانديءَ ڏيئي ليٽي پيو. اڃا اک ئي ڪانه
لڳيس ته جمن سڏ ڪيس: ”شفن، سنئون ٿيءُ ....“
ماني کائي، ٻنهي ويهي حال ونڊيو. سج پوئين پهر تي
هو ته شفن موڪلائي روانو ٿيو.
* * *
”ڇا ٿي ڀائين!“ شفن زال کان پڇيو.
”جيڪا تنهنجي مرضي،“ جوڻس ورندي ڏني.
”وڏيرو ڏاڍو لائقن ڀريو آهي.ڪٿي نه اٽڪائي وڌئين،
ته پنهنجو وقت چڱو پيو گذرندو.“
”الله شل ائين ڪري!“ جوڻس دلي مان پاڻي اوتيندي
چيو.
”پڪ ڄاڻ! چا ٻڌايانءِ، وڏيرو ته نه آهي نه –
تاڃيءَ پيٽي پٽ! مون ته اڃا ڳالهه ئي ڪانه ڪئي،
رڳو جمن ٻڌايس ... الله به ڀل اهڙن کي اَڏي.“ شفن
مرڪندي ۽ پاڻي پيئندي چيو.
ٻئي ڏينهن سوير ئي شفن مانيءَ ڳڀو کائي، سٽون
سٽيندو، اچي کري ڀيڙو ٿيو.هاري ناري، ڪمدار
ڪاراوا، اڳي ئي وڏيري جي واٽ نهاري رهيا هئا. ڳچ
ڳچ دير کان پوءِ وڏيروبه اچي خير سان لٿو. سڀئي
اٿي کڙا ٿيا.
”سائين، الله آندو اٿوَ!“ ”سوير ڀرو ته اچو ها!“
”ڏينهن تتي نڪري پيا آهيو!“ مجمعي مان ٻن چئن
ماڻهن چيو.
”گهوڙو ته ڪيئن پيو رڦي!“ هڪڙي هاريءَ گهوڙي کي
گهمائيندي چيو.
”سوير ڀرو اچون ها، پر گهر ۾ چاڪائي ڪانه هئي.
پهريائين ته آيس ئي نٿي؛ اڃا وري جو نڪتس ته جيرام
در جهليو بيٺو هو، ڇڏي ئي نه: ’ڇهه آنا نفعي جا
وٺو، موڪل ڏيو ته کري تي هٽ ڪڍان‘! جيئن تيئن ڪري
جند ڇڏايم. واڻيو ماڻهو، موڪل سو ڏيانس ها، باقي
هاري ناري ڦري ناس ڪري ها.“ وڏيري ڪوٽ لاهيندي
ڳالهه ڪئي.
”شفن، چڱو جو آئين.“ شفن ڏانهن نهاريندي وڏيري
چيو. ”جمن اڃا ٿو اچي – بدبخت کي جيترو تاڪيد ڪر،
اوتري دير ڪري!“
”ڪمدار! منهنجي مرضي آهي ته هت کڻي هَٽ کولائجي –
هاري ناري سڀ کي سهنج ٿيندو- ڪيئن ٿو ڀائين؟“
وڏيري ڪمدار کان پڇيو.
”واه سائين، ڏاڍي لءِ ٿي ويندي!“ ڪمدار چيو،
”رکندؤ ڇا؟“
”صلاح ڏي.“
”في الحال کڻي وکر وانو ...“
”خرچ گهڻو ايندو؟“
”چار پنج سؤ کوڙ ٿيندا؛ رڳو سهيڙڻ وارو سو
هجي....“
ساعت رکي، وڏيري، کيسي مان قلم ۽ پنو ڪڍي، چٺي لکڻ
شروع ڪئي.
”شفن، هيءَ چٺي وٺ، جمن کي ڏجئين. سڀاڻي ٻئي ڄڻا،
گاڏي ڪاهي، هو تومل وٽ وڃجو، پاڻهي اوهان کي سامان
وٺي ڏيندو ۽ سمجهائيندو.“
شفن چٺي وٺي، پيرن تي هٿ رکي، لک لک دعائون ڪندو،
الله جا لطف ڳائيندو، ڳوٺ روانو ٿيو.
شفن واٽ تي ئي هو ته جمن گڏجي ويس. چٺي ڪڍي
ڏنائينس، ۽ چيائين، ”وڏيري تنهنجي پڇا پئي ڪئي.“
”ابا، وڏيري جي جاءِ تي چاڪائي ڪانه هئي. چاچهنءَ
سان ڳالهه ڪيم، سا ته اوڏيءَ مهل تيارٿي. چي،
’جنهنجو نمڪ ٿا کائون، تنهن جو خير ته گهرون!‘
ڏٺم ته ڳالهه واجبي ٿي ڪري، سو چيومانس، ’جي وڃين
ٿي ته نينگريءَ شفن جي گهر واريءَ کي به وٺيو وڃ‘.
ٻار ته ٿيا اوڏانهن روانا، پوءِته پاڙي مان ٽڪر
پچرايو اجهو هينئر کايو پيو اچان.“
”وڏيرو ناراض ته ڪونه هو؟“ جمن اڳڀرو هلي، سڏ ڪري
پڇيس.
”نه، چاچا، ڀلا، سڀاڻي ايندين يا نه؟“ شفن کانئس
پڇيو.
”ڌڻي خير ڪري ... دعا ڪر، چرڪو سگهو اچي نڪرندس.“
”سلاماليڪم،“ جمن سلام ورايو.
”جمن، ڏاڍيدير ڪيئي؟“ وڏيري پڇيو.
”سائين، مس واندو ٿيو آهيان!“ جمن اک ڀڃندي جواب
ڏنو.
”هلئون؟“ وڏيري هڪدم پڇيو.
”ها، ڀلي هلو.“
”چڱو، گهوڙي تي سنج وجهه.“
وڏيري گهوڙي تي لانگ ورائيندي جمن کي چيو: ”خاطري
آهي نه؟“
”ڀوتار، تڏهن ڪيئن ٿو ڀائين!“ جمن ورندي ڏني.
وڏيرو گهوڙو هڪلي اچي ڳوٺ پهتو. دروازي تي اچي سڏ
ڪيائين:
”جنان!“
”سائين، آيس.“ جنان اچڻ سان ڇانگرا ڪري چوڻ
لڳي،”سائين، مٺائي!“
”هيڏانهن ته ڏس، پگهر ته سڪڻ ڏي!“ وڏيري قميص مٿي
کڻندي چيو.
”صدقي وڃان، دشمنن کي ڏينهن لڳي ها ته پوءِ ....
شل ٿي ويو آهين!“ ائين چئي، جنان مٿي تان رئو لاهي
هوا ڪرڻ لڳي.
”ڪيئن، آهي حال ۾؟“ وڏيري اک ڀڃندي کانئس پڇيو.
”اجها ڏسجئين کڻي، ... لالڙي آ لالڙي!“ جنان چيو:
”خدا جا به رنگ آهن، ڦاٿي ته ڪٿي آ! ڇا ڄاڻي
ويچاري، - وات مان ٿو کير وهيس، مهينو به مس
سامائي ٿيو هوندس. تو کي ته دعائون پيئي ڪري. چي،
’چاچي، الله وڏيري کي وڌائي، اسان غريبن کي هٽ ٿو
ڪڍرائي ڏئي‘!“
وڏيري کلي ڏنو: ”چڱو، رات ته رهائينس.“
”رات ڪانه رهندي؛ وس ڪيا اٿم تڏهن ته آئي آهي!“
جنان چيو.
”چڱو ڀلا، گهڙيءَ کان پوءِ، - ساڳيءَ جاءِ تي ...
آءٌ هلان ٿو.“
جنان وڏيري کان ٿي واپس موٽي آئي.
”چاچي، هت ته الله خير ڪيو آ، هاڻي اٿي ته هلئون،
اوير ٿي ٿئي.“ نينگريءَ چيس.
”ها اما، الله جون لک ڀلايون. چاچهن ويچاري کي به
الائي ڪنهن ٻُڌايو، منهنجو ته ساهه ئي مٺ ۾ اچي
ويو! سوير وڏيري سڏ ڪيو: چيائين، ’نينگري قسمت سان
آئي آهي، رات ٽڪي، پنهنجوگهر اٿس، سڀاڻي ٿي
وڃجو‘.“
”ڏس، چاچي، گهر هيڪلو آهي، مڙس کان به موڪلايو
ڪينهيم: الله خير ڪري، وري ٻيءَ ساعت.“نينگريءَ
چيو.
”چڱو اما، جيڪا تنهنجي مرضي.“ جنان کيس ورندي ڏني.
گهڙي کن رکي، موڪلائي، جڏهن ٻاهر نڪتيون، تڏهن
جنان چيس، ”امڙ، وڏيري کان موڪلائينديون هلون،
متان دل ۾ ڪري.“ جنان وٺي اچي کيس انهيءَ جاءِ تي
پهتي.
اندر لنگهڻ سان جڏهن نينگريءَ جي وڏيري تي نگاهه
پيئي، ڄڻ ساهه ئي بت مان ڇڏائي ويس. وڏيرو هڪ پلنگ
تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو ويٺوهو. نينگري پلنگ ڀرسان هڪ
کٽ تي ڪنڌهيٺ ڪري ويهي رهي.
”جنان، ڇو تڪڙ ڪئي اٿوَ، رات رهي پئو!“
”سائين، اوهان کان ڪهڙو حجاب آهي،“ جنان چيو،
”ويچاري بنا موڪل آئي آهي، متان مڙسس نه رنج ٿئي.“
”شفن ته اسان جو پنهنجو ماڻهو آهي، اسان کان ارهو
ٿيندو؟“ ائين چوندي، وڏيري ٽپائيءَ مٿان پيل شيشي
مان گلاس ۾ اوتيندي ٻه ٽي ڍڪ ڀريا ۽ سگريٽ دکايو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ وڏيري جنان کي اشارو ڏنو.
جنان اڃا دروازو ئي مس مَٽِي، ته وڏيري کڻي در
ٻيڪڙيو ...
ٻئي ڏينهن، شفن چپ چاپ ڳوٺ ڇڏي، شهر ڏانهن لڏي
ويو.
ممتاز مرزا
انڌير نگري
ڪاري رات، چئني طرف ماٺ لڳي پيئي هئي. هڪ ڳوٺاڻو
ڪلهي تي ڪهاڙي رکيو پئي آيو. قد جو قداور، بدن ۾
ڀريل، ڪارا شهپر، اکيون ڳاڙهيون، هڪ ڀرون هيٺ ٻيو
مٿي – تڪڙو تڪڙو پِير صاحب جي اوطاق ڏانهن پئي
آيو.
”سائين! ... او سائين!“
”ڪير آهين؟ هليو آ.“
”بادشاهي برقرار!“
”اڙي صالُو آهين! هلي آ ... ويهه نه، بيٺو ڇو
آهين. مون تنهنجي ئي پئي واٽ ڏٺي.“
”لک لائق، قبلا، ڪهڙو حڪم آهي ٻانهي لاءِ؟“
”تون ويهه ته – ڪم پيا پوءِ ٿيندا، گهڻن ڏينهن کان
پوءِ آيو آهين ... اڙي اوري اچي ويهه، پَٽ تي ڇو
ويٺو آهين، - تو سان ڪهڙي ٻيائي آهي!“
”مولا خير ڪريئي ...“
”ڪر خبر، صالو، ڳوٺ جو ڪهڙو حال آهي؟ .. ڇڏ ڇڏ،
اجايو زور ڇو ٿو ڏئين!“
”ڀتار، ڪيترن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ خدمت جو موقعو
مليو آهي.“
”تنهنجي مرضي. ڀلا، ٻڌاءِ ملڪ جو ڪهڙوحال آهي؟
ٿورو پِنيءَ کي زور ڏي- آ ... او اِتي.“
”دعا آهي تنهنجي، ملڪ ۾ فرحت لڳي پيئي آهي. اڳي
جهيڙا جهڳڙا ٿيندا هئا، هاڻي ته ٺاپر لڳي وئي
آهي.“
”هون.“
”جئين، سچ نه پڇين ته اهي سڀئي ڳالهيون ماستر جي
مهربانيءَ سان ٿيون آهن. واه واه، ماڙهو دلبر
آهي!“
”ڪهڙو ماستر- اهو جيڪو نئون آيو آهي؟“
”ها سائين، ڏاڍو لائق ماڙهو آهي. جڏهن کان نه ڳوٺ
۾ آيو آهي، تڏهن کان ... بس ڳالهه ئي نه پڇ، توکي
ڇا ٻڌايان!“
”ڪجهه ته ٻُڌاءِ.“
”سائين، اُنهيءَ ڏينهن ڇا ٿيو جو منهنجو پُٽ گلو
اشڪول نه ويو: ڇورو جو اشڪول نه پهتو ته ويچارو
ماستر از خود مون وٽ ڪهي آيو، ۽ چيائين: ’ادا
صالو، اسين سنڌي ماڙهو ائين رهجي وينداسين. ملڪ
الائجي ڪٿان وڃي نڪتو آهي، اسين ته جتان هليا
هئاسون اُتي ئي بيٺا آهيون. تعليم ڏس ڇاڇا نه ٿي
ڪري – ماڙهوءَ کي ڇا مان ڇا ڪيو ڇڏي!‘ سائين، مون
کي ڳالهه دل سان لڳي. مون پڇيومانس ته ’منهنجو پٽ
تپيدار ٿي سگهندو؟‘ کلي جواب ڏنائين ته ’اها
معمولي ڳالهه آهي، تنهنجو پٽ انهيءَ کان به وڌيڪ
ٿي سگهي ٿو‘. ڌڻي، بس پوءِ ته رت ٽهڪڻ لڳو، ڇوري
کي ٻه ٽي ٿڦون وهائي ڪڍيم. ماستر چيو ته ’ادا
صالو، مارڻ اجايو ڪم آهي؛ پيار محبت سان سڀڪجهه ٿي
سگهي ٿو.‘ پوءِ سائين، گلوءَ کي ڳڙاٽڙي پائي ساڻ
وٺي ويو. اڄ تائين گلوءَ وري نه نٽايو! اڳتي جي
خدا کي خبر.“
”ٻيو ڇا چيائين؟“
”چئي گهڻو ڪجهه ٿو، پر ...“
”پر ڇا، صالو، تون يڪدم ماٺ ۾ اچي وئين.“
”سائين، توهين ته ...“
”وري به چپ ٿي وئين، صالو.“
”سائين، اسين غريب ماڙهو، اوهين سر جا سائين، پر
اسان لاءِ جهڙا اوهين آهيو تهڙا نه آهيو ....“
”صالو!“
”جي، جئين، ڳالهه سچي ٿو ڪريان، مٺيان لڳيئي ته
ڀلي لڳيئي. اَئيءَ ويل تون اسان جي ڪم ڪڏهين به نه
ايندين. اڳئين سال جڏهن جمعي جي زال بيمار ٿي،
تڏهن هن تو کان ڪجهه قرض گهريو. جيتوڻيڪ هو تنهنجي
زمينن تي ڪم ڪندو هو، تو هن کي لتون هڻي ڪڍرائي
ڇڏيو، ۽ ....“
”چوين ڇا ٿو!“
”سائين، اسين چور ماڙهو، ڳالهه ڪريون سنئين سڌي؛
دل ۾ ڳالهه رکڻ مردود جو ڪم.“
”صالو، انهيءَ بڪ سان ماستر جو ڪهڙو واسطو؟“
”ٻڌ نه، سائين! اُنهيءَ ڏينهن مموءَ جي ڌيءَ بيمار
ٿي پيئي: ماستر به اُن جي ڀرسان رهندو آهي،
اُنهيءَ ڏسي چيو ته ڍٻل نمونيا ٿي پيئي اٿس، شهر
نه کڻي ويندؤس ته بچندي ڪين؛ مموءَ چيو ته پيسو
ڪين اٿم؛ ماستر پنهنجي هڙؤن ٽيهه روپيا ڪڍي ڏنس!“
”ها صالو، اها ڳالهه آهي.“
”بچين، ماڻهوءَ ملوڪ آهي.“
”ماڻهو ته ڀلي ملوڪ هجي، پر ٻي ڳالهه ٻُڌ.“
”جي سائين.“
”خبر اٿيئي ته ماستر ٻيو ڇا ٿو چوي؟“
”هائو، مون کي سڌ آهي: ماستر پيو چوي ٿو ته ’محنت
ڪريو، پڙهو لکو‘، ۽ چوي ٿو ته ’حياتي....“
”بس ميان بس، انهيءَ ڳالهه کي ڇڏ – هاڻي منهنجي به
ٻُڌ.“
”حڪم، ٻانهو حاضر آهي.“
”صالو،“
”سائين،“
”اهو ماستر آهي نه...“
”ها، جئين، ماستر ....“
”تو کي ڇا ٻڌايان، تون ته هن جي ساراهه جا ڍُڪ پيو
ڀرين، الائجي اعتبار ڪرين يا نه.“
”ڌڻي، باقي اسين تنهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪريون
– تون ته اسان جو اَبو آهين! باقي ساراهه جا ڍُڪ،
سي ته حق تي ٿو ڀريان. هڪ دفعو ته ڪچهري ڪري
ڏسينس!“
”اڙي صالو، اهڙا زور ته نه ڏي .... ٽنگون ٿو
ڪڍين!“
”نه سائين، ائين ئي ٿورو موج ۾ اچي ويو هوس.“
”صالو!“
”حڪم، ڌڻي!“
”ٻڌ، صالو، انهيءَ تنهنجي ماستر مون کي .....“
”ها، جئين، منهنجي ماستر ڇا ڪيو؟“
”صالو، هن مون کي ڀريءَ سٿ ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو آهي!“
”گهٽ وڌ! ... ۽ تو کي، جئين! تو غلط سڻيو آهي،
ماستر ته ڪنهن کي مٺو ڪين ٿو ڀانئي – پوءِ ڇو نه
ڪو هن جو دشمن هجي.“
”انهيءَ جي معنيٰ آءٌ ڪوڙ ٿو ڳالهايان؟“
”نه سائين، توبهه توبهه، مون ڪڏهن چيو ته تون ڪوڙ
ٿو ڳالهائين! جي ائين آهي ته هينئر ئي وٽس وڃان
ٿو.“
”ٻڌ، صالو، - ۽ گاريون به ڏنيون اٿس!“
”گاريون ڏيڻ ته ڪميڻن جو ڪم آهي. قبلا، تنهنجي سر
جو خير، باقي هن هڪڙي ماستر جي چئي سان ڪو دنيا ته
ڪانه پري ويندي!“
”دنيا جي ڳالهه آهي؟ اڙي ميان، هو مردود وتي ٿو
ڳوٺ راڄ ۾ اسان کي خوار خراب ڪندو، ۽ اسان جي
مريدن کي کاريندو. هن خسيس ماستر جو ٻوٿ ٻڌڻ وارو
ڪو آهي ئي ڪونه!“
”بچين، تنهنجي حڪم جي دير آهي، باقي ٻوٿ ته اهڙو
ٻڌندوسانس جو تون پاڻ امين ٿيندين.“
”حڪم ڇا ڪريان، اوهان ماڻهن ۾ ڪا غيرت هجي ته ههڙا
بيدين هجن ڪٿي؟ غضب ته اهو جو هو وتي ٿو سڄي سادات
ذات کي گاريون ڏيندو: چوي ٿو ته اهي پير فقير سڀ
ڦورو آهن، مڪار آهن، انهن ۾ ڪجهه به نه آهي، توهين
اجايو اچي انهن جي لڙهه لڳا آهيو، پِير پرستي سنڌ
جي ماڻهن تي وڏي لعنت آهي: پير نڪما آهن، حرامخور
آهن، بدمعاش آهن! ... ٻڌئي، صالو!“
”منهنجو ته رت پيو ٽهڪي .... آءٌ هن کي خفا خون
ڪري ڇڏيندس!“
”منهنجو رت پيو ٽهڪي؟ .... تنهنجو ته ماستر آهي
نه، - تو کان ڇا پڄندو!“
”بچي مرشد، ٻيا سڀ پوءِ آهن. ماستر آهي ته ڇا ٿيو؟
اهلبيتن کي گاريونڏئي، ۽ اسين ماٺ ڪري ٻڌون –
پنهنجي قيام ڪاري ڪريون! اهڙا سوين هجن ته به
صالوءَ جي ڪهاڙي مرشدن جي منڪرن جي صفائي ڪندي
رهندي!“
”صالو،“
”حڪم ڪر، مرشد! رت پيو ٽهڪي .....“
”۽ ها، خبردار، رت زمين تي ڪِرڻ نه گهرجي! ....
رات به ڪاري آهي، اها به تنهنجو ساٿ ڏيندي – پر
جئن چنڊ نه اُڀري!“
”اڄ ته چنڊ به ڪونه اُڀرندو – مرشد جو حڪم آهي!
... پر.“
”پر چؤ، .... بيهي ڇو رهين؟ ڇا ٿو چوڻ چاهين؟“
”............“
”ڇا پيو سوچين، صالو؟“
”ماستر کي هڪ نينگري به آهي، قبلا.“
”نينگري؟“
”هائو.“
”عمر ڪيڏي اٿس؟“
”آءٌ ڀانيان ٿو سامايل آهي.“
”سامايل آهي؟ پوءِ ته ٺيڪ آهي! .... تون هاڻ جلدي
وڃ.“
”چڱو، مرشد، دعا ڪجانءِ.“
”الله تهار!“
”ٻيڙائي پار!“
”پيرين پئي، موڪلائي، صالو هليو ويو. پير صاحب هڪ
وڏو ٽهڪ ڏنو، جو رات جي گنڀيرتا ۾ گم ٿي ويو.چئني
طرف موت جهڙي خاموشي هئي، جنهن ۾ ڪنهن دردناڪ
حادثي جو اشارو هو.
هريڪانت
بتي اُجهامي ويئي .....
”هل، جوان!“
ٽانگي واري، پنهنجي ٿڪل گهوڙي جي پٺي ٺپيندي، لغام
ڇڪيو. اشارو پائيندي ئي سمجهو جانورَ منزل ڏانهن
رخ رکيو. رات جي آخرين گاڏيءَ جو انتظار ڪندي، ڏهه
اچي وڳا هئا. جيوڻ کي ڪا سواري ڪين ملي هئي، ۽ هو
نراش دل کڻي گهر موٽي رهيوهو. سڄي ڏينهن جي هڻ –
هڻ بعد ويچارو سوا روپيو مس ڪمائي سگهيوهو. اُن
سوا روپئي مان ئي هن کي پنهنجي ڪٽنب جي ڇهن ڀاتين
۾ گگدام جانور جو پيٽ ڀرڻو هو.
صبح کان سانجهيءَ تائين، جيوڻ شهر جي ڪنڊڪڙڇ ۾
ڀٽڪي سواريءَ لاءِ ٻاڏائيندو هو، ليڪن مشڪل سان ئي
کيس ڪا سواري نصيب ٿيندي هئي. آخر ڇو؟ ڪارڻ
سوچيندي ئي، جيوڻ حسرت ڀريل نگاهن سان پنهنجي
پراڻي ٽانگي ڏانهن نهاريندوهو. ڦاٽل ميرا گديلا،
ڏٻرو ڪمزور گهوڙو، ۽ ڍلي بيڍنگي رفتار ئي شايد
سندس ڪم نصيبيءَ جو ڪارڻ هئا.هن ڪيترائي دفعا
پنهنجي ٽانگي جي مرمت ڪرائڻ جو ويچار ڪيو هو، ليڪن
اهو ويچار، صرف ويچار ئي پئي رهيو.
شهر جون اونچيون اونچيون عمارتون، ڳتيل بازاريون ۽
ٻهڪندڙ سڙڪون پار ڪري، جيوڻ بستيءَ ڏانهن ويندڙ
ڪچي رستي ڏي لغام ڦيرايو. ٿڪل گگدام ڪيترو نه
سمجهو هو؛ شايد هن ڀليءَ ريت ڄاتو ٿي ته سندس غريب
مالڪ کي گذريل رات کان روٽي نصيب ڪين ٿي هئي.
پنهنجي رحمدل مالڪ جي پيٽ ۾ جلندڙ بک جي آگ
اُجهائڻ لاءِ نهايت تيز رفتار سان ڊوڙي، هو کيس
منزل تي پهچائڻ جو جتن ڪري رهيوهو.
اوچتو، ٽانگي ۾لڳل ننڍڙي بتي ڦڙڦڙائڻ لڳي. جيوڻ
ڇرڪ ڀري وسامندڙ بتيءَ ڏانهن نهاريو. الائي ڇو،
سند دل ڌڙڪي اُٿي. جوت جي ٽمٽمائڻ ۾ کيس ڪنهن
مصيبت جا آثار نظر آيا. ڏسندي ڏسندي، هوا جي هڪ
تيز جهونڪي سان بتي اُجهامي ويئي، ۽ .... ۽ پوليس
جي ڊيڄاريندڙ سيٽيءَ جوهڪ سڃاتل آواز ٻڌي جيوڻ جا
وار کڙا ٿي ويا. سندس ڏڪندڙ هٿ الائي ڇو وَر ۾ ٻڌل
سَوا روپئي ڏانهن کڄي ويا. هن جون سنهڙيون ۽ ڪمزور
آڱريون پتل ۽ ٽامي جي اُنهن تڇ سڪن کي ائين جهٽي
پيئون، گويا اُهي سِڪا هميشه هميشه لاءِ کانئس
کسجي رهيا هئا. ڊپ ڀريل نگاهن سان هن پٺيان
نهاريو. فانوس جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ چمڪندڙ بٽڻن
واري رعبدار وردي پهريل هڪ سپاهي، لنبا قدم کڻندو،
ڏانهس وڌي رهيو هو. سندس پير ۾ پيل لنبي مضبوط بوٽ
جي ٺڪ – ٺڪ جيوڻ جي ڪمزور دل ۾ خوف جو پڙاڏو ٿي
گونجايو. هن جي هٿن مان لغام ازخود ڍرو ٿي ويو، ۽
سڙڪ جي هڪ ڪناري ٽانگو بيهي رهيو.
”سلام، سرڪار!“ سپاهيءَ جي ويجهو ايندي ئي، جيوڻ
نماڻائيءَ سان خوشامد ڪئي: ”ڪيڏهان هلندا، سرڪار؟“
”ڪيڏانهن هلندس؟ بي ايمان، پڇين ٿو ڪيڏانهن هلندس!
... ٿاڻي تي هلڻو آهي، ٿاڻي تي! بتي ڇو نه ٻاري
اٿيئي؟“ سپاهيءَ رعب ڄمائيندي چيو.
”بتي....“ جيوڻ نراش نگاهن سان بتيءَ ڏانهن ڏٺو.
”اُجهامي ويئي، سرڪار .... بتي اُجهامي ويئي ....“
”ڇو ....؟“ سپاهيءَ زمين تي لت هڻندي زور سان ڪڙڪو
ڪيو.
’ڇو؟‘ جيوڻ جي خالي دماغ ۾ زور زور سان گونجي
اُٿيو: ’ڇو .... ڇو ... ڇو ...؟‘ کن پلڪ جي
خاموشيءَ بعد، هن گنڀير آواز ۾ جواب ڏنو: ”تيل کپي
ويو، حضور ... بتيءَ جو تيل کپي ويو ....!“
”تيل کپي ويو؟“ جمعدار گرم ٿيندي چيو: ”اهو به ڪو
جواب آهي، بيوقوف! بتيءَ جو خيال ڇو نٿا رکو؟“
جيوڻ جي هرديه – آڪاش ۾ جذبات جو هڪ طوفان مچلجي
اُٿيو. من جي ڀاونائن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي به،
ڏڪندي چئي ويٺو:
”- زندگيءَ جي جوت قائم رکڻ ڪاڻ ... اسان کي
پنهنجو خون – پسينو جلائڻو ٿو پوي، سرڪار! اسان جي
قسمت جو ديپ ئي ڦڙ ڦڙائي رهيو آهي، - ٽانگي جي
بتيءَ جو ڪيترو خيال رکون، سرڪار! ....“
سپاهي خاموش رهيو.
جيوڻ، آلين اکين سان ڏانهس نهاريندي، التجا ڀري
نوع ۾ چيو: ”منهنجا معصوم ٻچا بک کان ٻاڏائي رهيا
هوندا، سرڪار! ڪالهه رات کان کين روٽي ڪين ملي
آهي. منهنجو ننڍڙو رامو ... کير چڪيءَ لاءِ ٻاڏائي
رهيو هوندو، سرڪار ... مون تي رحم ڪريو!“
ٻڍڙي جيوڻ جي ڀريل گلي مان غربت ۽ غريبيءَ جو دل –
ڀڄائيندڙ داستان سُڻي، سپاهيءَ جي دل ويچار – ساگر
۾ غوطا کائڻ لڳي. جيوڻ جي مجبوريءَ ۾ کيس پنهنجي
غريبيءَ جي ڌنڌلي تصوير نظر آئي. سندس ڪٺور دل به
هڪوار ڀِڄي پيئي.آخر هو به ته غريب هو! ستر روپين
ماهوار منجهان کيس به ڇهن ڀاتين جو پيٽ پالڻو
پوندو هو. پنهنجن معصوم ڪمزور ٻارن کي اڻپورو کاڌو
ملندو ڏسي، سندس دل سسڪيون ڀريندي هئي. پنهنجي
ننڍڙي ڌيءَ اُما جي گل جهڙي مکڙي کي خزان جي ڦول
جيان ڏينهون ڏينهن زرد ٿيندو ڏسي، هن جي دل کي هڪ
گهري چوٽ رسندي هئي. اڄ صبح کان اَما کي سخت بخار
هو؛ ليڪن غريبيءَ ۽ مجبوريءَ جي ڪٺور زنجيرن ۾
جڪڙيلبهاري سندس علاج ڪرائڻ کان عاجز هو. ’اُف،
زندگي ڪيتري نه ڀاري آهي – هڪ غريب جي زندگي!‘ اهي
ئي ڳڻتيون ڪندو، بهاري، سڄي ڏينهن جي ٿڪائيندڙ
ڊيوٽيءَ بعد، هٿين خالي ۽ غم – ڀريل دل کڻي، گهر
موٽي رهيو هو. اوچتو رستي ۾هن ڏٺو، جيوڻ جي ٽانگي
جي بتي اُجهامي ويئي.جيوڻ جي بتي وسامي وڃڻ تي هن
جي دماغ ۾ آشا جي هڪ ڌنڌلي تصوير چمڪي اُٿي.بنا
بتيءَ ٽانگي هلائڻ جي ڏوهه جوهن پورو پورو فائدو
وٺڻ ٿي چاهيو. هن کي پنهنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ پسا
گهربا هئا – ڪهڙيءَ به ريت، ڪهڙي به طريقي. پيسن
جو ڌيان ايندي ئي، هو گويا گهريءَ ننڊ مان سجاڳ
ٿيو. پاڻ سنڀاليندي ۽ پيشانيءَ جو پگهر اُگهندي،
هو چِلائي اُٿيو:
”اوهان ماڻهن جو دماغ اصل ٺڪاڻي ڪين آهي: بنا
بتيءَ ٽانگو هلائي، قاعدي قانون جو اُلنگهن ڪرڻ جا
اصل عادتي ٿي پيا آهيو! ....“
”حضور، ...“ جيوڻ ٻاڏايو.
”آءٌ توکي اصل ڪين ڇڏيندس. اجهو ٿو ٿاڻي تي رجوع
ڪري، ڏهه روپيا ڏنڊ ڀرايائين، بي ايمان! هل، هل
ٿاڻي تي ...!“
ڏنڊ جو نالو ٻڌندي ئي، جيوڻ جي جان ڏڪي اُٿي.
پنهنجي ڦاٽل ٽوپي لاهي کڻي بهاريءَ جي پيرن تي
رکيائين، ۽ ڏڪندي چيائين: ”سرڪار، آءٌ بيحد مسڪين
آهيان، سرڪار! مون کي معاف ڪريو .....“
بهاريءَ جي دل ٻڏڻ ترڻ لڳي. ٻڍڙي تي سچ ته کيس ڪهل
اچي رهي هئي. ليڪن هن کي به ته پنهنجي ڌيءَ جي
علاج لاءِ پيسا کپندا هئا، ۽ اهي پيسا هو سختي ۽
رعب ڄمائي جيوڻ مان ئي حاصل ڪري سگهيو ٿي. جيوڻ جي
ڳالهين مان خفي ٿيندي، بيزاريءَ مان چيائين: ”آءٌ
اها بڪواس ٻڌڻ تي هريل ڪين آهيان. چيم، مون کي صرف
تنهنجي ڏوهه سان مطلب آهي. اوهان ماڻهو بالڪل
بيپرواهه آهيو. قاعدي قانون جي ڪا پرواهه ئي نٿا
ڪريو! اڄ ته تو کي ضرور چالان ڪرائيندس.“
جيوڻ کيس ليلايو، ٻاڏايو، ليڪن بهاريءَ جي دل ڌيءُ
جي موهه ۾ جڪڙجي ڪٺور بڻجي چڪي هئي.لاچار، ڏڪندڙ
هٿن سان جيوڻ ور ۾ ٻڌل پيسا ڪڍيا. آنسن ڀريل نگاهن
سان هڪوار اُنهن پيسن ڏانهن ڏسندي، هن پنهنجو
ڏڪندڙ هٿ سپاهيءَ ڏانهن وڌايو، ۽ ڀريل گلي سان
چيو: ”سڄي ڏينهن جي ڪمائي...“!
سپاهي ٿورو هٻڪيو. هڪوار جيوڻ جي آنسن ڀريل اکڙين
ڏانهن ڏٺائين، ۽ پوءِ هڪدم دل ڏاڍي ڪري، آسپاس نظر
ورائي، پيسا کڻي ورتائين؛ ۽ آخرين دفعو رعب
ڏيکاريندي چيائين: ”هيءُ دفعو معاف ٿو ڪيانءِ،
ليڪن آئيندي خبردار رهج ... وڃ!“
جيوڻ، هڪ لُٽيل مسافر جيان، نراس ۽ پريشان، پنهنجي
ٽانگي ڏانهن وڌيو، ۽ سندس گهوڙي آهستي آهستي هلڻ
شروع ڪيو.
سامهون، دور دور، سڙڪ تي ڦهليل انڌڪار سان گڏ،
جيوڻ کي پنهنجو جيون به انڌيارو نظر اچي
رهيوهو.گهر پهچي، هوپنهنجن معصوم بکايل ٻارن کي
ڪهڙوجواب ڏيندو؟ دروازي تي اکيون پائي ويٺل زال جي
آشا ڀريل نگاهن کيڪهڙو آٿت ڏيندو؟ اهي ئي ڳالهيون
سوچيندي، پنهنجي غريبي، مجبوري ۽ بيڪسيءَ تي آنسو
وهائيندي، هو پنهنجي گهر کي اوڏو پوندو ٿي ويو.
هٿ ۾ جهليل سوا روپئي جي چمڪندڙ سڪن ڏانهن ڏسندي،
سپاهيءَ کي پنهنجي جيت تي خوشيءَ جو احساس
ٿيو.ليڪن ٻئي کن ۾ سامهون انڌياري ۾ ويندڙ ٽانگي
جي کٽ – کٽ جي گهري آواز سندس جان ۾ سياٽو آڻي
ڇڏيو. ٽانگي جي ڦيٿن مان نڪرندڙ گنڀير چيڪاٽ،
گويا، سپاهيءَ جي ظلم جي شڪايت ڪندي، جيوڻ جي
مجبوريءَ ۽ بيڪسيءَ جو دک ڀريو گيت ٿي ڳاتو.
بهاريءَ جي دل کيس ڦٽڪارڻ لڳي. لاشڪ اڄ هن
بيرحميءَ جو ڪم ڪيو هو. ليڪن، ... هو به ته مجبور
هو: سندس مٺڙي ڌيءَ جو بيمار هئي! بيمار ڌيءَ جي
مرجهايل چهري جو تصوّر ٿيندي ئي هن جا قدم تڪڙو
تڪڙو گهر طرف کڄي ويا.
گهر جي نزديڪ پهچندي ئي بهاريءَ جون ٽنگون ڌڏڻ
لڳيون. هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ دل ڌڙڪي اُٿي.سندس من ۾ سهسين
شنڪائن جو هڪ طوفان اُڏائڻ لڳو. آهستي آهستي هن
چانئٺ اندر پير ڌريو. تڪڙا ۽ اٻهرا قدم کڻندو، هو
سامهون صندل تي سمهيل ڌيءَ ڏانهن وڌيو. سندس
پگهريل پيشانيءَ تي هٿ رکندي ئي هن جي من ۾ اُٿندڙ
شنڪائن جو طوفان شانت ٿي ويو. سندس پتنيءَ کيس
ٻڌايو ته اَما جو بخار لهي چڪو هو؛ پاڙي ۾ رهندڙ
راڌيءَ ڏانهن رهيل سلائيءَ جي پيسن مان هن اَما جي
دوا پڻ ورتي هئي.
بهاريءَ سامت جوهڪ لنبو ساهه کنيو؛ ۽ خاڪي بشرٽ جي
کيسي مان سوا روپيو ڪڍي ڀرسان رکي ڇڏيو. لالٽين جي
جهڪي پرڪاش ۾ اهي سڪا چمڪڻ لڳا. بهاري يڪ – ٽڪ
انهن ڏانهن گهورڻ لڳو. آهستي آهستي هن ائين محسوس
ڪيو، گويا اهي سڪا تمام زور سان چمڪڻ لڳا هئا.
انهن جو تجلّو ايترو ته وڌي ويو جوبهاري انهن
ڏانهن نهاري سگهڻ جي همت به ساري نٿي سگهيو. سندس
اکيون ازخود بند ٿي ويئون، ۽ وويڪ ڀڙڪي اُٿيو.
’پنهنجي مطلب سڌ ڪرڻ لاءِ هن اڄ معصوم ٻالڪن جي
وات مان روٽي کسي هئي، غريبن جي پيٽ تي لت هنئي
هئي ....ڪيتري نه گراوٽ!‘ |