سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:9 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 

 

 

عطا محمد ڀنڀرو جون سنڌي ترجما نگاريءَ ۾ خدمتون

(هڪ نظر)

 

عطا محمد ڀنڀرو جو نالو سنڌي ادب جي اهم مترجمن ۾ شمار ٿيئي ٿو. سندس جنم محمد بخش ڀنڀري جي گھر 1937ع ۾ ڳوٺ محمد بچل ڀنڀرو خيرپورميرس ۾ ٿيو. سندس سڃاڻپ مترجم، مؤرخ ۽ محقق جي آهي. ٻاراڻي ادب ۾ هڪ سئو کان مٿي ڪهاڻيون لکيائين، جن جا ڪي ڪتاب ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل آهن. ترجما نگاريءَ ۾ سندس ڪم خاص مڃيل آهي. هن تاريخ، تهذيب تمدن، جاگرافي، سياست، سماجيات، مذهب تحقيق ۽ ادب ۾ انيڪ ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، جن مان چند جا نالا هن ريت آهن، ”ڀٽ جو گهوٽ“، ”سرتاج شاعر شاھ عبدالطيف“، ”سنڌ جو مهراڻ“، ”سنڌؤ جو سفر“ ، ”سنڌ جا قديم آثار“، ”سنڌي لکت جا بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپا“ ، ”حُر گوريلا جنگ“ ، ”سنڌ جيئن مون ڌٺي“، ”سنڌو شينهن دريا“، ”سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي“، ”سنڌؤ ڪناري وساريل شهر“، ”سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو“، ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“، ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“، ”سنڌ منهنجي نظر ۾ “ ۽ ٻيا آهن.

ترجما نگاريءَ جي اهميت ۽ اصول

دنيا جي سماجن جي سڌرڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ ٻولي هڪ اهم وسيلو آهي. زبان جي تاريخ انسان جي تاريخ آهي مختلف ٻولين جي سهڪار سان ئي دنيا جون قومون ترقي ڪنديون آهن، جنهن جي لاءِ باهمي رابطي ۾ ترجما نگاريءَ جو عمل هڪ وڏو ذريعو آهي. جتي به ڪنهن ٻولي ۽ ادب جو ذڪر ايندو آهي اتي انهيءَ قوم  ۽ نسل جو ذڪر به ضرور اچي ٿو. ٻولين جي ڳانڍاپي ۾ ترجمو ئي هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن سان اسان کي ٻين ملڪن ۽ قومن جي سياسي، سماجي، ادبي، علمي ۽ تاريخي ۽ مذهبي حالتن جي پروڙ پوي ٿي. انهن قومن جي نظرياتي ۽ عملي جدوجهد، قومن جي جاکوڙ ۽ ادبي ۽ فني لاڙن ۽ اسلوبن جي معلومات ملي ٿي. خاص طور: علمي ۽ ادبي ڪتابن جي ترجمن سان ترجمو ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ علمي ۽ ادبي شاهوڪاري پڻ اچي ٿي ته انهيءَ ٻوليءَ جي وڌڻ ۽ ويجهڻ سبب فڪري ۽ فني قوتن ۾ اضافو ٿيئي ٿو. انهيءَ لاءِ نجم عباسي لکي ٿو ته، ”مترجم جڏهن ڪو ادبي شاهڪار پڙهندو آهي ته، ان کي ترجمو ڪندو آهي جڳ مشهور لکڻين کي پنهنجي ٻوليءَ جو ويس ڍڪائيندو آهي. اهڙيون لکڻيون جن ۾ پنهنجي ٻوليءَ وارن لاءِ ڪا نظرياتي، عملي ۽ ڪارائتي ڳالھ معلوم ٿيندي آهي سا ترجمو ڪئي ويندي آهي.“  (1)

ڏٺو وڃي ته ادب جي شاهوڪاريءَ جو دارومدار نه فقط ٻوليءَ جي اصلوڪين لکڻين تي آهي، پر ٻين ٻولين جي اعلىٰ ترجمن تي پڻ آهي. هڪ ٻوليءَ ۾ مختلف موضوعن تي ڪيل ترجما انهيءَ ٻوليءَ ۽ ادب جي وسعت ڄاڻائين ٿا. هاڻي ترجمي ڪرڻ جا ڪهڙا طريقا آهن؟ مترجم/ سنڌيڪار جون ڪهڙيون جوابداريون آهن؟ ۽ ٻيا ڪيترائي سوال ڪنهن ڪتاب جي ترجمي جي پروڙ لاءِ ذهن ۾ اچن ٿا، پر هتي موضوع جي مناسبت سان مختصراً چند سٽون ترجما نگاريءَ بابت ڏنيون اٿم.

ادب ۾ نثر ۽ نظم ٻنهي شاخن جي ترجمي ڪرڻ جا طريقا، اصول ۽ گهرجون الڳ الڳ آهن. مقرر ماپن ۽ معيار مطابق ئي ترجمي جي عمل جو پورائو ڪرڻ مترجم جي جوبداري آهي. ترجمو اصل جو نقل آهي، پر مترجم کي اصل جو نقل پيش ڪندي به انهيءَ کي اصل جهڙو ڪري پيش ڪرڻو آهي انهيءَ لاءِ سندس جو ٻنهي ٻولين تي عبور حاصل هئڻ ضروري آهي، ترجمان مفسر به آهي ته شارح پڻ، تخليق ڪار به آهي ته مترجم پڻ. کيس گهڻي احتياط سوچ ۽ سمجھ سان گڏ وڏيءَ محنت جي ضرورت آهي، کيس ڪتاب جي اصليت Originality)) کي به قائم رکڻو آهي. مترجم جي قلم جو ڪمال، تخليقي قوت، ادبي ۽ تحقيقي صلاحيتون، عملي ڪاوشون ۽ خاص طور اصلي فن پاري سان سچائي ۽ ترجمي ڪرڻ جي اصولن جو پورائو، کيس ڪاميابيءَ ڏي موڙيندا آهن. هن جي سڄي جستجو اها هئڻ گهرجي ته سندس ذاتي لکڻيءَ جي ڇاپ ترجمي ۾ ڪاهي نه پوي ۽ نه ئي مواد ۾ تبديلي اچي ۽ يا ڪو واڌاءُ جو امڪان رهي.

ترجما آزاد ۽ لفظي ڪيا وڃن ٿا. لفظي ترجما فقط سائنسي، علمي، لغت ۽ گرامر جي ڪتابن جا ٿيندا آهن ته آزاد ترجما نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن ۾ ڪيا ويندا آهن. نثر جا ترجما اکر به اکر ڪرڻ مشڪل آهن، جو ڪٿي ڪي اصطلاح، تشبيهون ۽ روايتي لفظ اهڙا هوندا آهن، جيڪي ترجمن ۾ جيئن جو تيئن جي بنياد تي نٿا اچي سگهن. مترجم جي لاءِ ٻنهي ٻولين جي گرامر ۽ لفظن جي ڀنڊار جي معلومات هئڻ ضروري آهي. کيس انهيءَ ماحول يا مزاج جنهن تحت اصل ليکڪ لکيو آهي جي پرک پڻ هجي ته جيئن هُو لکندڙ جي فن پاري کي صحيح سمجهي ۽ ٻين کي سمجهائي سگهي.

سنڌيءَ ۾ اهم ترجما ۽ ارتقا

سنڌي ٻولي هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جي نثر جو بنياد ترجمي تي ٻڌل آهي. باقائده نثر جو تحريري ۽ لکت ۾ موجود نمونو آخوند عزيز الله جو قرآن پاڪ جو ڪيل سنڌي ترجمو شمار ٿيئي ٿو. انهيءَ کان پوءِ ڪيترائي ديني ڪتاب ترجمو ٿيا. انگريز دؤر ۾ موجوده، صورتخطي رائج ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڪتاب ٻين ٻولين جيئن عربي، فارسي، سنسڪرت، اردو ۽ انگريزيءَ تان ترجما ٿيا. انگريز دؤر ۾ سنڌي عربي صورتخطي رائج ٿيڻ، پرنٽنگ پريسون قائم ٿيڻ ۽ اسڪولن جي لاءِ درسي نصاب شايع ٿيڻ سان گڏ ئي علمي ۽ ادبي ڪتابن جي ترجمن تي ڌيان ڏنو ويو. داستان، قصا، ناول ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب ترجمو ٿيا. ناول جي صنف ۾ پهريون ناول ”راسيلاس“ ديوان نولراءِ، شوقيرام آڏواڻي ۽ اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي ترجمو ڪيو ته پهريون مضمونن جو مجموعو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بيڪن جي مضمونن تان ”مقالات الحڪمت“ جي عنوان سان ڪيو، ان کانپوءِ مرزا صاحب گهڻي ۾ گهڻا ناٽڪ ۽ ناول ترجمو ڪيا. جيئن ”سچي محبت“، ”گليور جو سير ۽ سفر“، ”شهزادو بهرام“ ۽ ٻيا. ٻين موضوعن تي پڻ انيڪ ڪتاب ترجما ڪيائين. داستان گوئيءَ جي حوالي سان آخوند لطف الله جي ”چار درويش“ حاجي امام بخش خادم جي ”الف ليليٰ“ وڏي مشهوري ماڻي ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن هن ڪم ۾ هٿ ونڊايو. انهن ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻي، ديوان ڪوڙومل، لعل چند امرڏنومل جڳتياڻي، احمد غلام علي چاڳلا، عثمان علي انصاري، خانچند درياڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، ميلارام منگتاڻي ۽ ٻيا ڪيترا مترجم آهن. 1947ع کان پوءِ جي مترجمن ۾ مخدوم امير احمد، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، احسان بدوي، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، اياز قادري، اڪرم انصاري، نور الدين سرڪي، عطا محمد ڀنڀرو، نجم عباسي، وليرام ولڀ، حسين بادشاھ، دادا سنڌي، فضل احمد بچاڻي، يوسف سنڌي،  ننگر چنا جو پورهيو شامل آهي.

ترجمن سان سنڌ جي شعور ۾ واڌ

سنڌي ادب ۾ هزارين ڪتاب ترجمو ڪيل مختلف موضوعن جيئن طب، قانون، فلسفو، تاريخ، ادب، (ناول، ناٽڪ، ڪهاڻيون، مضمون، آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون) ۽ ٻين موضوعن تي ملن ٿا. جن پڙهندڙن ۾ سياسي، سماجي، اخلاقي، ديني ۽ ادبي شعور ته آندو آهي پر انهن ترجمن جي مقبوليت مان سنڌ واسين جي لساني حڪمت عمليءَ جو شعور، علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جي به ڄاڻ ملي آهي. انهن مترجمن جديد مغربي تهذيب ۽ ادب جي پنهنجي پڙهندڙن سان آشنائي ڪرائي ۽ سنڌ ۾ فڪري، سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جا بنياد رکيا. دنيا جي ادبي فڪرن ۽ لاڙن کي سنڌيءَ ۾ آندو. اصل ليکڪن جون سوچون، آدرش ۽ معلومات پرڏيهي ٻوليءَ مان پنهنجي زبان ۾ آندا. ترجمن وسيلي سنڌي ادب ڪيترن ئي مرحلن مان لنگهيو آهي، ولي رام ولڀ هن حوالي سان لکيو آهي ته،

”اسان جي ٻوليءَ جو ادب به فڪر، ٽيڪنيڪ، فارم ۽ ڪنٽينيٽ جي جن مرحلن مان گذري جنهن منزل تي پهتو آهي. انهيءَ کي ڏسبو ته اسان بيشڪ پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخي، جاگرافيائي، سياسي، معاشي، مذهبي ۽ سماجي حالتن جو ڪچو مال استمعال ڪيو آهي، پر ساڳئي وقت پرڏيهي ادب جي مختلف ذهني ۽ فڪري لاڙن ۽ نظرين کي قبولي فارم ۽ ٽيڪنيڪ جا تجربا به ڪيا آهن اهڙي قسم جا تجربا اسان کي هڪٻئي جي ويجهو آڻين ٿا ۽ هڪ ٻئي جي ڳانڊاپي ۾ مدد ڪن ٿا. اسان کي پرڏيهي ادب جي هر صنف جي شاهڪار ڪتابن کي ترجمو ڪرائڻ گھرجي“. (2)

مٿي وليرام صاحب ترجمن جي شعوري اهميت ۽ افاديت ڄاڻائي آهي جنهن مان ظاهر ٿيئي ٿو ته، ترجما نگاريءَ جو عمل ٻولين جي لاڳاپي ۽ علم ادب جي ترقيءَ لاءِ انتهائي مفيد آهي. عطامحمد ڀنڀرو جون خدمتون هن ڏس ۾ اهم آهن.

هيٺ سندن چند ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:

ڀٽ جو گهوٽ: عطا محمد ڀنڀري صاحب جو پهريون ترجمو ڪيل ڪتاب آهي جيڪو ڊاڪٽرايڇ.ٽي سارلي جي شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ بابت تحقيقي مقالي جو ترجمو آهي. عطا محمد ڀنڀري هن ڪتاب کي 1992ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ساڳئي سال ۾ شايع ڪيو. ڊاڪٽر ايڇ.ٽي سارلي جي مقالي جو انگريزيءَ ۾ عنوان “Shah Abdul Latif of Bhit” آهي. ڊاڪٽر ايڇ.ٽي سارلي اسڪاٽ لينڊ جو رهاڪو انڊين سول سروس ۾ 1930ع ڌاري ڪليڪٽر جي عهدي تي مقرر هو. جنهن سنڌ جي هن عظيم شاعر جي شاعريءَ جي تحقيقي اڀياس کي ترجيح ڏيندي سندس شاعريءَ بابت مقالو لکي برطانيه مان پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هُو شاھ صاحب جي اهم شارحن ۾ شمار ٿيئي ٿو ته گڏ انگريزي ٻوليءَ معرفت شاھ لطيف کي پوريءَ دنيا ۾ پُر دلائل نموني متعارف ڪرائڻ وارو محقق پڻ. هيءُ ترجمو شاھ لطيف جي رسالي جي شارحن ۽ شائقين ۽ محققن لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ وڏي وٿ آهي. 620 صفحن جو ”ڀٽ جو گهوٽ“ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو، تاريخ جي عنوان سان ڇهن بابن تي مشتمل آهي جنهن ۾ شاھ کان اڳ سنڌ جون حالتون، مغلن ۽ ڪلهوڙن جو دؤر سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ جا دنيا سان لاڳاپا، ڍل ۽ محصول جا سرشتا، ملڪ جو طبقاتي نظام ۽ شاھ لطيف جو تعارف ڏنل آهي.

ٻيو ڀاڱو، ادب ۽ تنقيد جي عنوان سان ستن بابن تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ عظيم شاعر جو جنم، سندس علم ۽ ڄاڻ، شاعريءَ جو موسيقيءَ سان ربط، شاھ جي سنڌي بيتن سان گڏ ترجمو ٿيل انگريزيءَ ۾ شاعري ۽ سندس فن بابت وضاحتون، سنڌي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جا اثر، شاھ جي شاعراڻي ٻوليءَ جو مشاهدو، تصوف جي وضاحت، اسلامي تصوف، سنڌ ۾ تصوف شاھ لطيف ۽ ٻين بزرگ شاعرن جو ذڪر آهي.

ٽيون ڀاڱو، ڊاڪٽر سارليءَ جي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل شاھ جي بيتن تي مشتمل آهي ۽ اهي چونڊ سنڌي بيت پڻ ڏنل آهي. مجموعي طور هيءُ مقالو شاھ لطيف جي فن فڪر، ان وقت جي حالتن ۽ شاھ جي شاعراڻي ٻولي لوڪ داستانن ۽ ٻين موضوعن تي مشتمل آهي. جنهن جو طاقتور پهلو ”تصوف“ آهي. عطا محمد صاحب هن تحقيق کي انگريزيءَ مان آسان، عام فهم ۽ شانائتي لفظن ۾ ترجمو ڪيو آهي جو ڪنهن به حال کان ترجمو ٿيل ڪتاب نٿو لڳي ايئن لڳي ٿو ته ”لطيف شناسيءَ“ جي شناس خود مترجم وٽ پڻ موجود آهي. ڊاڪٽر سارليءَ چواڻيءَ ته، ”ڪوبه مترجم پنهنجي ڪم کي تيسيتائين مڪمل ڪونه سمجھندو جيستائين هُو پنهنجي پڙهندڙن کي اصل کي پاڻ هٿ ڪرڻ لاءِ آماده نه ڪندو“. (3) سو ڊاڪٽر سارليءَ جو شاھ لطيف جي شاعريءَ جو ڪيل انگريزي ترجمو ۽ مڪمل مقالو توڻي سنڌيءَ ۾ هي ترجمو لطيف شناسيءَ جي اڀياس لاءِ پڙهندڙن کي متوجھ ڪري ٿو.

جيئن ته ترجمو اصل جو نقل آهي، پر سٺو ۽ سوادي ترجمو ڪڏهن ڪڏهن اصل کان پڻ گوءِ کڻي ويندڙ لڳي ٿو. ڪتاب مان ڪي حوالا انهيءَ چٽائيءَ لاءِ ڏجن ٿا.

”صوفياڻي ۽ روحانيت واري شاعريءَ ۾ علامتون ۽ ڳجھيون معنائون ان جون خاص خوبيون آهن ۽ ان جي ٻولي به اعليٰ معيار جي هوندي آهي. (4)

”تصوف جي تاريخ ڏاڍي پيچيدي آهي. جنهن ۾ گھڻن عقيدن جو ميلاپ ۽ ڳانڍاپو آهي. جيڪي مختلف طريقن سان محدود ذريعن کان آيا هئا“.
(ص  
295)

”صوفياڻو عشق جنهن سان سڄو رسالو ڀريو پيو آهي سو به اندروني طور مذهبي رنگ ۾ رنگيل آهي. ان جو مقصد احترام سان ان طاقت جي عبادت ڪرڻ آهي، جيڪا انساني ڪوشش کان مٿڀري آهي. (5) 1992ع ۾ ڪيل هيءُ ترجمو شاھ لطيف جي فن ۽ فڪر بابت اڄ تقريباً چاليهن سالن کان پوءِ پڻ سنڌ ۾ پنهنجي موضوع جي حوالي سان اهميت ۽ افاديت وارو قرار ڏنو وڃي ٿو“.

سنڌؤَ جو سفر: عطا محمد ڀنڀرو جو ڪتاب 1994ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ شايع ڪيو جو اصل اليگزينڊر برنس 1831ع ۾ لکيو هو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت ضروري معلومات ڏئي ٿو ته سنڌ، هند، ايران ۽ افغانستان جي سياسي حالتن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي. مترجم موجب ته، انگريزن ڪنهن مصلحت ۽ دورانديشيءَ کان ڪم وٺي پهريائين 1843ع تي سنڌ ۾ قبضو ڪري 1848ع ۾ پنجاب فتح ڪري پوءِ 1857ع ۾ دهليءَ تي دنگو ڄمايو. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ۾ هنن سنڌؤَ ذريعي فوجي اهميت وارا ماڳ ڏسڻ پئي گھريا. اليگزينڊر برنس، ان دؤر جي سنڌؤَ جي وهڪري جو اکين ڏٺو شاهد هو. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي جنهن جي پهرين ڀاڱي ۾ پنج باب ۽ ٻئي ۾ سورنهن باب آهن. جن ۾ ٺٽي، حيدرآبا، بکر، سيوهڻ، سان گڏ لاهور جو ذڪر آهي جو برنس سنڌ کان لاهور ۽ راويءَ تائين سفر ڪيو هو. سنڌؤَ جي ڇوڙ وارو علائقو ۽ ليکڪ جا مشاهدا بيان ڪيل آهن. هڪ لحاظ کان هيءُ تاريخي ۽ جاگرافيائي ڄاڻ ڏيندڙ سفرنامو به آهي. برنس جي سنڌين بابت راءِ کي عطا محمد هن ريت بيان ڪيو آهي.

”جنگ جي ميدان ۾ سنڌي ڏاڍا جھونجھار، اِڙٻنگ ۽ ارڏا مڙس آهن، جيڪڏهن اسان ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ويهي نتيجن کي جاچينداسين ته سڀني پاڙيسري ملڪن ۾ بهادريءَ جي لحاظ کان سنڌي عظمت جا مالڪ آهن. سنڌي جنگ جي فن ۾ هڪ مهان قوم آهي. ايشيا جي ٻين قومن جي برخلاف سنڌي پيادل جنگ ڪرڻ جا شوقين آهن“. (6)

سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو: جي آر هنٽر جو لکيل ڪتاب عطا محمد ڀنڀرو ترجمو ڪيو جو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 1995ع ۾ شايع ڪيو. ڊاڪٽر هنٽر هيءُ ڪتاب 1929ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو. هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي لکتن جو ٻين لکتن سان سُٻنڌ، جدول ۾ ڏنل علامتي نشانين جي ڇنڊڇاڻ، قديم سنڌو لکت جي علامتي نشانين جون جدولون، موهن جي دڙي جي مهرن جا نمبر پليٽون ۽ ٻيا موضوع ڏنل آهن.

سنڌ جي قديم آثارن ۽ سڀيتا تي ڪم ڪندڙن ۾ هينري ڪزنس، سرجان مارشل، نوني گوپال مجمدار ۽ ٻيا آهن ته سنڌو لکت بابت ايس آر راءُ، مها ديوان، آسڪو پارپولا، سڊني سمٿ، جي.آر هنٽر ۽ ٻين جو ڪم ملي ٿو. جي.آر.هنٽر جو هيءُ ڪتاب موضوع توڙي مواد جي حوالي سان ڪارائتو آهي جنهن کي عطا محمد صاحب سهڻائيءَ سان ترجمو ڪيو آهي لکي ٿو ته، ”کوٽاين ۽ کوجنائن مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته جهڙا سڪا موهن جي دڙي مان مليا آهن. اهڙا دنيا جي ڪنهن به قديم آثار مان ڪو نه مليا آهن. حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ جي ماڻهن ئي سڀ کان پهرين سڪن جوڙڻ جي شروعات ڪئي“ اڳيان هنٽر جي حوالي سان ڄاڻايو اٿن ته،

1.                         سنڌو  لکت صوتي (Phonetic) آهي.

2.                       هن جو بڻ بنياد تصويري ۽ تصوري آهي.

3.                       هيءَ لکت ٽي هزار قبل مسيح کان به گهڻو آڳاٽي آهي. (7)

سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو: ڪتاب جنرل هيگ جو لکيل آهي. ڀنڀرو صاحب جو ڪيل ترجمو 1995ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران شايع ٿيو آهي. ڪل نون بابن ۽ پنجن ضميمن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي بابت سڪندر جي حملي جي وقت کان وٺي معلومات ڏنل آهي. جنرل هيگ پهريون مصنف هو جنهن هن علائقي بابت معياري معلومات ڏني. هن ۾ ماموئي فقيرن جون اڳڪٿيون تاريخي حوالي سان ڄاڻايل آهن. هيءُ ڪتاب سنڌ جي ميداني علائقن، درياهن جي پراڻن ٻيٽن سنڌوءَ جي قديم وهڪرن ۽ هاڻوڪي وهڪري ۽ انهيءَ جي ايراضيءَ جي تفصيل بابت آهي. ليکڪ لکي ٿو ته، ”ڇوڙ واري علائقي جي جاگرافي ۽ ان منجهان وهندڙ ڦاٽن جو مختصر احوال هن ريت آهي ته، ”هتان جا ماڻهو پنهنجي جاگرافيائي نقطئه نظر کان سنڌو ماٿريءَ جي هيٺين حصي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائيندا هئا، جن مان هڪ سروUpper Country  ۽ ٻيو وچولو Middle Country ۽ ٽيون لاڙ Sloping descending country آهي، جيڪو لهوارو ٿيندو ۽ هيٺ سمنڊ ڏانهن هلندو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت سيوهڻ کان چاليھ ميل مٿي ستاويھ ڊگريون اتر، ويڪرائي ڦاڪ تي، اتر سنڌ جو علائقو آهي. ان علائقي جي هيٺيئن دنگ کان وٺي حيدرآباد تائين ”وچولو“ سڏيو ويندو آهي ۽ حيدرآباد کان وٺي سمنڊ تائين ساري پرڳڻي کي لاڙ چوندا آهن سنڌ جي ڇوڙ وارو اهو تاريخي علائقو آهي جنهن کي سڪندر جي حملي دؤران، ان جي مؤرخن جو پهريون نظرون پيون هيون“. اڳيان لکي ٿو ته، ”سنڌي جنهن خطي کي لاڙ“ سڏيندا آهن، سو گهڻي ڀاڱي ”پٽاليني“
 (
Patalene)  واري جوءِ سان ڀيت آهي ۽ اهوئي سنڌوءَ جو ڇوڙوارو علائقو آهي جيڪو يونانين جي وقت ۾ موجود هو“.   (8)

هيءُ ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي سان هڪ منفرد ڪتاب آهي جنهن جو ترجمو احسن طريقي سان ٿيل آهي.

سنڌ جو مهراڻ: ڪتاب ليکڪ راورٽي جو لکيل آهي عطا محمد جي ڪيل هن ترجمي کي 1995ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري شايع ڪيو. راورٽيءَ جي هن ڪتاب ۾ سنڌ کان سواءِ پنجاب جي درياهن جو به ذڪر آهي، پر مهراڻ  آف سنڌ/سنڌ جو مهراڻ هيءُ ڪتاب خاص طور سنڌو درياھ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏئي ٿو. وقت سان تبديل ٿيندڙ درياھ جي وهڪرن کي سهڻي نموني سان سمجهايو ويو آهي.

سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي: ڊاڪٽر ڊيورٽيءَ جو لکيل آهي. عطا محمد ڀنڀرو جو ڪيل هيءُ ترجمو سنڌيڪا ڪراچي 1999ع ۾ شايع ڪيو. 426 صفحن جي هن ڪتاب جا 9 باب آهن. انگريزن طرفان سنڌ ۾ مقرر فرانسيسي عملدار ڊيورٽيءَ انگريزن جي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ طور طريقن کي بيان ڪيو آهي. سندس موجب 1613ع ۾ تجارتي مقصد لاءِ آيل انگريز قوم 1848ع تائين پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ چالاڪين ۽ هوشيارين سان رستو قائم رکيو، جو مستقل سندن حڪومتي دؤر تائين قائم رهيو. ليکڪ انهيءَ دؤر جي واقعن ۽ حقيقتن جو تاريخي ۽ سياسي پس منظر پنهنجي ذاتي تجربي، مشاهدي ۽ ڄاڻ سان بي ڊپائي ۽ غير جانبداريءَ سان هن ڪتاب ۾ آندو آهي. ڪتاب جي اهميت فهرست ۽ مواد مان ئي پڌري آهي. انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو سنڌ سان واپار، انگريزن جا لڪل مقصد، 1805ع ۾ سنڌ اچڻ ۽ حيدرآباد جي ٽالپر درٻار ۾ انگريز نمائندن جو مقرر ٿيڻ، سنڌ انگريز لاڳاپا 1816-1826ع. انگريز سياحن جو 1827ع کان اچڻ. سنڌ جي ميرن مٿان دٻاءُ، ميرن سان معاهدو، افغان جنگ دؤران انگريزن جا سنڌ سان لاڳاپا 1839-1842ع تائين، انگريزن جو سنڌ تي قبضو، حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن سان لاڳاپا، افغانستان مان انگريز فوج جي تباھ حال واپسي، مياڻيءَ جي جنگ کان اڳ وارا واقعا ۽ ٻيا احوال شامل آهن.

عطا محمد صاحب هڪ اهم موضوع تي تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب ترجمو ڪيو آهي. هن ڪنهن پرڏيهي ٻوليءَ جي ڪتاب کي جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڍڪايو آهي تڏهن انهيءَ ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ نه فقط انهيءَ کي آسان سمجھ ۾ ايندڙ سنڌيءَ ۾ آهي، پر هن وڏي ڪوشش اها به ڪئي آهي ته ڏکين لفظن کان پاسو ڪري ۽ ٺهڪندڙ سنڌي لفظ ۽ محاورا استعمال ڪري، ”جيئن ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا“، ”گھوٽ ماءُ کان اهنر ماءُ تڪڙي“، ”هوڏانهن باھ هيڏانهن پاڻي“، ”مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ“، ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ ۽ ٻيا آهن. جن سان ڪتاب اصل جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ سڄو ڪتاب تاريخي حقيقتن کي سولائيءَ سان سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. بيهڪ جون نشانيون توڻي جملن ۾ لفظن جو استعمال ايترو ته هنڊائتو آهي جو اهو مڃڻو پوي ٿو ته هيءُ ڪتاب ڪنهن به حال ۾ ترجمو نٿو لڳي اهائي ڪنهن مترجم جي ڪاميابي آهي هيٺ چند حوالا ڏجن ٿا.

”ميرن ۾ ٻي اهڙي ڳالھ هئي جو سندن فياض طبعيت ۾ هڪ محافظ وارو جذبو پيدا ٿي ويو هو. مير جڏهن انگريز سرڪار سان ڪار وهنوار ڪندا هئا ته سندن رويو ٻارن جھڙو هوندو هو. هنن جو پنهنجي سنڌي عملدارن تي پورو ويساھ ڪونه هوندو هو ۽ انهن کي انگريزن سان مذاڪرات ڪرڻ جو اختيار ڪونه هوندو هو. انهيءَ ڪم لاءِ هنن ايران جي ڌارين ماڻهن کي مقرر ڪيو، جيڪي انگريز سفيرن ۽ نمائندن سان سياسي ڳالهيون ڪندا هئا“. (9)

”اهو به سچ هو ته هن مختصر مدت دؤران ويچارا مير ڏاڍا ڏهڪائجي ويا هئا. چوڌاري جيڪي ڪجھ ٿي رهيو هو يا جيڪي ڪنن ٻڌو هئائون تنهن سندن ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون. اُلڪي ۽ اُڊڪي ڪري سندن ڪَنُ اُٻڙا ٿي ويا هئا. اڳي رڳو کين غلط فهميون هيون، پر هاڻي ويساھ وسهي رهيا هئا ته سندن خير ڪونه آهي“. (10)

هيءُ ڪتاب موضوع، مواد ۽ ترجمي جي خوبين جي ڪري سنڌي ادب، تاريخ ۽ تحقيق ۾ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.

حُر گوريلا جنگ: ايڇ ٽي ليمبرڪ جي مشهور ڪتاب ”دي ٽيررسٽ“ جو ترجمو آهي. ايڇ ٽي ليمبرڪ سنڌ تي انگريز دؤر جو اهو حاڪم هو جنهن ڌرتيءَ ڌڻين تي ٽانڊا ٻاري ڇڏيا ۽ حُرن جي خلاف ٿي ٻه لک مرد توڙي عورتون ۽ ٻار دربدر ٺوڪرون کائڻ لاءِ پري جي جيلن ۾ بند ڪرايائين ۽ حُرن کي مڪمل طور ٽيررسٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪتاب لکيائين جنهن ۾ سندن لاءِ هڪ خراب ترين تصور پوريءَ دنيا کي ڏنائين (هن ڪتاب جي ناڪاري اثر کان پوءِ هن تحريڪ جو مثبت رخ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ”سانگهڙ“
ناول معرفت ڏنو آهي هن سي ڪلاس جيل حيدرآباد ۾ حر قيدين سان ملاقاتون ڪيون جن کي حر جي انهن اڳواڻن ٿي ويل اصل واقعن جو پتو هو، انهيءَ کي بنياد بنائي ڏيپلائي صاحب ”سانگهڙ“ جهڙو شاندار ناول لکيو جو ليمبرڪ جي نفرت انگيز بيان کان پوءِ پهريون دفعو حُرن کي محب وطن پيش ڪندڙ ڪتاب آهي) ڀنڀرو صاحب هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري انگريزن جي سنڌين ۽ خاص طور حُرن بابت سوچ کي سنڌواسين سان ونڊ ڪيو آهي. حر گوريلا جنگ، حُر تحريڪ جي هڪ طاقتور فرد سائين الله رکيو رحيم ڏني جي واتان پير صاحب پاڳارو جي مزاحمتي تحريڪ جي حال احوال ۽ ٻين قلمي دستاويزن جي ميڙن چونڊيءَ تي مرتب ڪيل آهي. حرن خلاف ڪارواين جي ڊگهي سلسلي ۽ سندن ناقابل شڪست سگھ، سهپ ۽ سندن گوريلا ڪارواين جي بي رحميءَ کي ڄاڻائي ٿو. حُر مدافعتي تحريڪ ڪڏهن به هيڻي ٻولي نه ٻولي نه ڪڏهن مايوس ٿيا. پنهنجي مقصد تي قائم رهيا ته، انگريز ملڪ ڇڏي وڃي ۽ سندن پير جي گادي بحال ٿيئي“. ليمبرڪ
1946ع تائين پنهنجي ڪرسيءَ تي موجود هوندي پنهنجون مڪمل صلاحتون حُرن کي ڪچلڻ ۾ لڳايون ۽ هن اهو ڪتاب هڪ اديب، مؤرخ ۽ محقق طور نه پر حرن کي دهشتگرد ۽ هڪ ڳجهي زيرِ زمين تحريڪ سڏيندي سندن تحريڪ جي اهم ماڻهن جا نالا ۽ ڪم معلوم ڪري سندن ئي واتان هن تحريڪ جون اَوڻايون پيش ڪيون آهن. الھ رکيو رحيم ڏني ڏي موڪليل پنهنجي پيغام ۾ قيديءَ کي چوي ٿو ته، “بابي مون کي ٿڌي ٿانهري ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيائين جيڪڏهن ڪجھ ٿيئي ته هوءِ هواءِ ڪري ڪو اوڻو پير نه کڻجان جيستائين مٿان کان حڪم نٿا ملن، تيستائين اُٻهرو نه ٿجانءِ سڀني ڳالهين جو اڳواٽ بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ ڪڏهن به ايمان نه لوڙجهان ۽ سندس ڳالهائڻ مهل مان ايئن سمجهي رهيو هوس ڄڻ سڄي حُر جماعت جي سگھ بڻجي ويو آهيان“.(11)

روشني پبليڪيشن پاران 2002ع ۾ ڇپايل هيءُ ڪتاب موضوع جي حوالي سان هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو جنهن ۾ هڪ انگريز عملدار طرفان سنڌ جي حالتن ۽ حُر تحريڪ جو بيان آهي. هن ۾ چڱا ۽ مٺا ڪيترائي آفيسر ۽ ڏيهي ماڻهو ذڪر ڪيل آهن. عطا محمد جو هيءُ ڪتاب به موضوع ۽ مواد مطابق اهميت جوڳو آهي.

سنڌؤَ ڪناري وساريل شهر: جا سهڙيندڙ مائيڪل جئنسن، ميري ميولا ۽ گونٽر اربن آهن. عطا محمد ڀنڀري جي ڪيل هن ترجمي کي سنڌيڪا اڪيڊمي 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پرڏيهي ليکڪن گونٽر، رچرڊ ايڇ ميڊو، مونيڪ، ائنميري شمل، پاسڪل سيليئر، سر جان مارشل، آسڪو پارپولا، مائيڪل جانسن، جارج ايلف ڊيلس سان گڏ پاڪستان جي محمد رفيق مغل ۽ ايم.اي حليم جا تحقيقي ليک سنڌ جي ماڳن، پراڻين وسندين، جيئن مهر ڳڙھ، هڙاپا، موهن جو دڙو، ثقافت ۽ سنڌؤَ جي سڀيتا جي ٻين موضوعن تي آهن. ”سنڌو سڀيتا جي ابتدا“ جي ليک ۾ ليکڪ لکي ٿو ته، ”سنڌو سڀيتا جا ماڻهو سنکن، ڪوڏن، چيني مٽي ۽ ٺڪر جي چوڙين جا مهان ڪاريگر هئا. اهو به معلوم ٿيئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جا هيءُ ماڻهو ميڻن، پٿر جي مختلف شين ۽ اُڪير ڪري مهر جوڙڻ ۾ پڻ ڏات ڌڻي هئا. ٽامون رجائي انهيءَ مان استعمال جي مختلف شين ٺاهڻ جو به وٽن ڏانءُ هو. هتي ڪيتريون شيون جھجھي انداز ۾ تيار ڪيون وينديون هيون جيڪي نهايت معياري هونديون هيون“. (12) هن ڪتاب ۾ سنڌونديءَ جي تهذيب جي بُڻ بنياد کان وٺي هيئت، عروج ۽ زوال جو تحقيقي جائزو ڏنل آهي.

سنڌ جيئن مون ڏٺي: ٽي.پوسٽنس جو لکيل ڪتاب ارڙهن بابن ۽ ضميمن تي مشتمل آهي. عطا محمد جي ڪيل هن ترجمي کي سنڌيڪا اڪيڊمي 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي. موضوع جي حوالي سان هيءُ ڪتاب پڻ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، قومن، ذاتين، ريتن رسمن، شهرن ۽ ڳوٺن جي ڄاڻ سان گڏ قديم دؤر کان عرب، سومرا، سما، ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا، ٽالپر ۽ انگريز دؤر جي راڄڌانيءَ جي احوال تي مشتمل آهي. ننڍي کنڊ ۾ انگريز دؤر ۾ جيڪي به انگريز عملدار آيا انهن هتي رهڻ جي عرصي دؤران سنڌ جي تاريخ، تمدن، حالتن، ماضي ۽ حال تي پنهنجون يادگيريون قلمبند ڪيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ انگلينڊ ۾ پڻ ڪتاب ڇپيا ته ڪي سنڌ ۾ پڻ شايع ٿيا. اهڙن ليکڪن ۾ ٽي.پوسٽنس جو نالو پڻ اهم آهي، سندس لکيل ڪتابن ۾ هن ڪتاب “Personal Observation on Sindh” کي خاص حيثيت حاصل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ بابت ڪيترين ڳالهين جو ذڪر تفصيلي آهي. سنڌ جي شهرن ۽ قومن، تمدني ۽ ثقافتي رُخن کي وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي. هيءُ هڪ شخص جي ذاتي راءِ دنيا جي هڪ قديم وسنديءَ جي تهذيب بابت آهي جنهن ۾ هن ڳچ مواد هڪ هنڌ جائيتو ڏنو آهي. ڪيترن ئي موضوعن تي ساڻس اختلاف به ڪري سگھجي ٿو ڇو جو سندس ڪن ڳالهين بابت معلومات ڪٿي ڪٿي اڻ پوري به آهي. اهڙن انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن سان بين الاقوامي طور جيتري معلومات ٻين ملڪن ۾ سنڌين بابت پهتي انهيءَ سان هن خطي جي رهواسين بابت ڪي ناڪاري اثر پڻ پيا ته ڪي هاڪاري رخ پڻ هن خطي جا سامهون آيا. عطا محمد سنڌ جي بابت لکيل انگريز دؤر جي ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪري سنڌي پڙهندڙن کي پرڏيهي ليکڪن جي خيالن جي شناسائي ڏني آهي. ٽي.پوسٽنس جا خيال بلوچ قبيلي متعلق هن ريت آهن.

”ٻروچن جو چوڻ آهي ته سندن نسلي واسطو يهودين سان ڪونه آهي سندن تمنا اها آهي ته کين عرب نسل جو سمجھيو وڃي، پر مان سمجھان ٿو ته سندن عادتون ڏيکارن ٿيون ته اهي عرب ڪونه آهن. منهن مهانڊن ڍنگ ۽ ڊپ مان معلوم ٿيئي ٿو سندن نسلي واسطو يهودين سان آهي“. (13)

”عام ماڻهن کان وٺي سنڌ جي حڪمرانن تائين سڀ ماڻهو اڻ پڙهيل ڄٽ آهن انڪري وحشي ۽ جھنگلي پيا ڀانئبا. هن قسم جو ٻوسٽ وارو وايو منڊل، ٻروچن جي ڪيس ۽ ڪلور ڌاڙن ۽ ڦرلٽ ۽ سندن ڀوائتي ۽ خونخوار هلت چلت ڪري ويتر نفرت جوڳو بڻجي ويو آهي“. (ص 58)

”سنڌ ۾ هڪ ٻئي کي کيڪارڻ جو طريقو به پنهنجو ۽ منفرد آهي جنهن مان معلوم ٿيندو ته ماڻهو سادا سودا ۽ سٻاجھڙا آهن“. (14)

”ٽالپر خاص شڪار جا شوقين آهن ۽ هٿيارن ۽ گھوڙن جا گھڻا شوقين ڏسبا، پنهنجا ماڻهو ايران ۽ ترڪيءَ موڪليندا آهن ته اُتان بندوقن جون نريون ۽ ترارين جا سٺا ڦر هٿ ڪري سگھن ۽ اهڙي قسم جا هٿيار وٽن اڳيئي اڻ ڳڻيا آهن“. (15)

هيءُ ڪتاب سنڌ جي بابت انيڪ موضوعن تي تفصيلي معلومات ڏيندڙ آهي. چند غلط بيانين جي باوجود موضوع جي ڄاڻ مطابق ڪارآمد به آهي عطا محمد جي ترجمن ۾ ”سنڌ جيئن مون ڏٺي“ ڪتاب جي هڪ خاص اهميت آهي.

سنڌ منهنجي نظر ۾: رچرڊ ايف برٽن جي لکيل ڪتاب کي عطا محمد ڀنڀرو ترجمو ڪيو ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پهريون ڇاپو 2007ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جي فهرست جا عنوان، مسٽر جان بل ۽ منهنجو ممبئيءَ ۾ لهڻ. سنڌ جو اڳوڻو ۽ هاڻوڪو سفر، ڪراچي سنڌ جو قديم ۽ جديد شهر، فوجي ڇانوڻي، ڪلفٽن، گذري، بندر ۽ واڳن وارو تلاءُ، ڪراچيءَ کان روانگي، ڀنڀور واري ڏند ڪٿا، سنڌ جو رڻ پٽ، ٺٽو ۽ ان جي ڀر واري مقدس ٽڪري، قديم دؤر ۾ ٺٽي جي فتح، اڳڪٿين ڪرڻ وارا بنا سرن جي ست فقير، سنڌ جو سنڌو دريا، سنڌي ماڻهو سندس خوبيون، خاصيتون ۽ خاص ڳالھ ته هو ڇا پيئندو آهي، سنڌي عورت خاص ڪري سندس شخصيت ۽ لباس ۽ ٻيا موضوع آهن.

سنڌ منهنجي نظر ۾، جيڪو احوال آهي انهيءَ نموني جا احوال ٻين به ڪن انگريز عملدارن پنهنجي سنڌ رهڻ دؤران لکيا آهن پر جي ڌيان سان پڙهيو وڃي ته هر ڪتاب هڪٻئي کان مختلف آهي.

سو هن ڪتاب جو احوال پڻ مختلف نوع جو ۽ معلوماتي آهي. سنڌ جي ماڻهن بابت لکي ٿو ته، ”عام سنڌيءَ جو لباس اڇي قميص آهي جا ڪجھ ننڍي هوندي آهي هيٺ تي ڪانچ پائيندو آهي جيڪا مُرن وٽ سوڙهي هوندي آهي پر جابلو ماڻهن جي ڪانچن جا پانچا ويڪرا هوندا آهن“. ”هن جي ڏهاڙي جي کاڌ خوراڪ ۾ ٻاجھري جي ٿلهي ماني هوندي آهي، مانيءَ جو رنگ سائو ٿيئي ٿو، کائڻ ۾ ايڏو ذائقو ڪونه اٿس. چيو ويندو آهي ته هيءَ ماني تاثير ۾ گرم ٿيندي آهي تنهن ڪري سياري ۾ کاڌي ويندي آهي“. هتان جو قومي مشروب کير ۽ پاڻي آهي پر انهن کي گڏائي ڪونه پيتو ويندو آهي هي ماڻهو پلاءُ جا ڏاڍا شوقين ٿيندا آهن“.

”سنڌي ماڻهو سست ۽ ڪاهل انهيءَ ڪري آهن جو هُو نشو ڪندا آهن اهڙي نشي جو رواج ساريءَ سنڌ ۾ موجود آهي“. (16)

هن ڪتاب جي فهرست موضوعن جي مطابق آهي. تفصيل رچرڊ برٽن ڪٿي ڪٿي سنڌي قوم کي سچار، ايماندار، واعدي وفا ۽ غيرت وارو ڏسيو آهي ته ڪٿي هن کين ڀنگ جي نشي ۾ الوٽ، آفيم ۽ چرس واپرائيندڙ ۽ عورت ذات جي عزت نه ڪندڙ ۽ سندن حقن جي حق تلفي ڪندڙ ۽ گھٽ سڌريل به ڄاڻايو آهي. سندس موجب ته هندو وياجي طبقي جي مسلمانن کي پيڙڻ خلاف جي قانون عمل ۾ نه آندا ويا ۽ مسلمانن کي تعليم جو شعور نه ڏنو ويو ته هن خطي ۾ مسلمانن کي تباهيءَ کان ڪير به بچائي نٿو سگھي.

مجموعي طور هيءُ ڪتاب سنڌ جي انهيءَ وقت جي حالتن خاص طور ڪراچي، ٺٽي، ڀنڀور ۽ سنڌو دريا سان گڏ سنڌي مسلمانن ۽ هندوئن جي حالتن شخصيت، لباس ۽ تمدن جي ڄاڻ ڏئي ٿو جنهن جو ترجمو وڻندڙ ٿيل آهي.

سنڌو لکت جي ڀاڃ: ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 2007ع ۾ شايع ڪيو آهي. اصل ڪتاب جو محقق ايس.آر.راءُ آهي ۽ هن ڪتاب کي انگريزيءَ مان عطا محمد ضعيف العمريءَ جي باوجود وڏيءَ محنت سان ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ڪل 3 باب آهن. پهريون سنڌو لکت جي علامتي نشانين بابت، ٻيو مهرڪنڪار ڊنس ۽ ٽيون باب مختلف ٻوليءَ جي ماهرين جي سنڌو لکت جي پڙهڻين ۽ ليکڪ جي مقرر ڪيل پڙهڻين تي آڌاريل آهي، جن ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي محقق شامل آهن.

ايس.آر.راءُ جي حوالي سان ڀنڀرو صاحب لکي ٿو ته،

”سنڌو ماٿريءَ جي مهرن تي نظر ايندڙ ٻولي سنڌي آهي“. ”هيءَ قديم لکت ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندي هئي. جي.آر هنٽر پهريون ماڻهو آهي، جنهن معلوم ڪري ورتو آهي ته هي لکت ساڄي کان کاٻي طرف ويندي هئي“.

”سنڌي لکت کي ڀڃڻ ۾ ڏکيائي انڪري محسوس ٿي رهي آهي جو هن لکت جي تحرير ٿورين نشانين تي مشتمل آهي ۽ تحريرن جو تعداد به ٿورو لڌو ويو آهي. سمير ۽ مصر جون لکتون انڪري پڙهجي سگھيون آهن، جو انهن جون تحريرون ڊگھيون ۽ لکڻيون به جھجھي انگ ۾ هٿ لڳيون آهن. نظر ايئن ٿو اچي ته سنڌو لکت جي طرف ۾ ڦير ڦار 1400 ق.م ۾ آئي آهي“.

قديم زماني ۾ سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل ۽ علم جا اڪابر هئا، جيڪي پنهنجي پٺيان 320 اهڙيون نشانيون ڇڏي ويا آهن، جن کي ڪٿي اُڪريل ۽ ڪٿي ٺپيل صورت ۾ ڏسي سگھجي ٿو. سنڌو لکت جون مُهرون قديم ماڳن تان کوٽائي دؤران هٿ لڳيون آهن جن جو واسطو واپار وڙي ۽ راڄ نيتڪ ڪاروهنوار سان ڏسجي ٿو. سنڌو لکت جي مهرن تي نظر ايندڙ تصوير ۽ تحرير اهڙي ته  سهڻي ۽ من موهڻي آهي جو انهن جو دنيا ۾ مثال ئي موجود ڪونه آهي. هن حقيقت مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته ان دؤر جا سنڌي ڏاڍا سياڻا، سيبتا ۽ سپورنج ماڻهو ۽ ڏاها ۽ ڏات جا ڌڻي هئا“. (17)

ان کان سواءِ ڀنڀرو صاحب جي ڪتابن ۾ ”سُکاري سنڌ-ڏکارا ماڻهو“ جيمس مئڪمرڊو جي ڪتاب جو ترجمو آهي، جو پڻ هڪ انگريز فوجيءَ طرفان سنڌ جي تاريخ، تمدني حالتن، معاشي پس منظر، ڏکن ڏولاون، حڪمرانين جي سازشن ۽ گھرو ويڙھ بابت لکيل هڪ اهم دستاويز آهي.

شاھ عبدالطيف بابت ڊاڪٽر ايڇ.ٽي سورلي جو هڪ ٻيو ڪتاب Musa Pervagans لکيو جنهن جو ترجمو عطا محمد ”سرتاج شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي“ جي عنوان سان ڪيو آهي، جنهن ۾ دنيا جي مشهور شاعرن جي شاعريءَ سان شاھ عبدالطيف جي شاعريءَ جي ڀيٽ ڪندي سندس شاعريءَ کي اُتم ڄاڻايل آهي.

”سنڌو شينهن درياھ“ ڪتاب نين فيئرلي جو لکيل آهي، جو خاص سنڌو درياھ جي خوبين ۽ ان جي درياهي سفر يعني شروعات کان عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي بيان بابت آهي جنهن جو ترجمو عطا محمد ڀنڀرو 1999ع ۾ ڪيو.

سنڌ جي حالتن، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ ۽ ٻين موضوعن بابت جيڪي شروعاتي معلوماتي ماخذ اسان وٽ موجود آهن سي عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ آهن. انگريز حڪومت سنڌ ۾ اچڻ شرط هتي جي سرزمين، قوم ۽ ٻوليءَ بابت اڀياس کي اهميت ڏيندي انهن قديم ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ته گڏ خود انهن حڪمرانن پڻ سنڌ بابت احوال قلمبند ڪيو، جيڪي ڪافي ڪتاب آهن سي اسان وٽ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل نه هئا. ورهاڱي کان پوءِ عطا محمد ڀنڀرو صاحب انهن ڪتابن جي اهميت کي ڄاڻندي انيڪ ڪتاب انگريز دؤر جا اهم موضوعن تي مشتمل ترجما ڪيا آهن.

عطا محمد جي ڪيل ترجمن جي افاديت: عطا محمد ڀنڀرو جي انگريزي ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتابن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هن صاحب هڪ ڪل وقتي مترجم طور 1992ع کان 2020ع تائين سنڌي ترجمانگاريءَ جي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڀنڀرو صاحب جي چاليهن سالن جي هن ترجمي جي علمي ۽ ادبي سفر ۾ هن ڪيترن ئي ڪارائتن موضوعن تي مشتمل عام فهم ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ارپيا آهن جن جي هڪ خاص الڳ حيثيت ۽ افاديت شمار ٿيئي ٿي. جيئن ته اسان وٽ سڌريل ملڪن جيان ترجمانگاريءَ جهڙي اهم شعبي جو ڪوبه خاص طور سيل يا ادارو موجود نه آهي انهيءَ لحاظ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عطا محمد ڀنڀرو صاحب جو هيڏي وڏي مقدار وارو ڪم هڪ شخص جو نه پر هڪ اداري جو ڪم آهي.

نتيجو: عطامحمد ڀنڀري صاحب جي ڪتابن جو مطالعو اها معلومات ڏئي ٿو ته هن سنڌ جي تاريخ، قديم آثارن، ماڳن، مڪانن ۽ سڀيتا سان گڏ سنڌو درياھ، سنڌي ٻوليءَ جي بنياد، لکتن، ادب ۽ ٻين ڪيترن اهم موضوعن تي مشتمل ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي. اهو احوال هن کان اڳ ان ريت سنڌيءَ ۾ موجود نه هو. سندس اهي ڪتاب هن ڌرتيءَ جي صدين جي تاريخي، جاگرافيائي، سياسي، سماجي، معاشي، مذهبي ۽ ادبي حالتن جي ڄاڻ ڏين ٿا، جن مان سنڌي قوم جي فڪري لاڙن، نظرين، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي خبر تاريخ جي دؤرن جي حوالي سان پئي ٿي. عطا محمد صاحب جي ڪيل سنڌي ترجمن سان اڄ اسان وٽ محفوظ ٿيو آهي.

عطا محمد صاحب جا ڪيل ترجما اهو به ڄاڻائين ٿا ته هن صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جي سهڻن لفظن ۽ انهن لفظن جي جملن ۾ هندائتي استعمال تي گرفت حاصل هئي. جنهن سان سندس تحريري اسلوب جي ڏات ۽ ڏانءُ ملي اوچين خوبين سان واڳجي ويا آهن.

عطا محمد ڀنڀرو جا ترجما ٻوليءَ جي حوالي سان آسان ۽ روان سنڌيءَ ۾ آهن، جن جا موضوع ڏکيا هوندي پڻ ڀنڀرو صاحب کين انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندي وڏيءَ محنت سان سلوڻي سنڌيءَ ۾ آڻي هر طبقي جي پڙهندڙن لاءِ سُکيائي آندي آهي. سندس اسلوبِ بيان وڻندڙ ۽ جاذب نظر آهي. عطا محمد ڀنڀرو مستقل مزاجي، محنت ۽ مڪمل ڪمٽمينٽ سان پنهنجي پورهيي جو تسلسل ڪتابن جي وڏي انگ جي صورت ۾ علم ۽ ادب کي آڇيو آهي. سندس خدمتون ترجمي جي ميدان ۾ مڃڻ جوڳيون آهن. هن 90 سالن جي عمر ۾ اربع جي ڏينهن 3 جون 2020ع تي وفات ڪئي. سندس فن هميشه زنده رهندو.

حوالا:

1. عباسي، نجم ڊاڪٽر، ”پهاڙن ۾ پڪار“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1996ع، ص 8

2. وليرام ولڀ/قراۡةالعين، ”سيتاهرن“ (ناول)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1997ع، ص 9

3. ڀنڀرو، عطا محمد (مترجم) ”ڀٽ جو گھوٽ“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع، ص 392

4. ساڳيو، ص 257


 

 

5. ساڳيو، ص 294

6. ڀنڀرو، عطا محمد (مترجم) ”سنڌوءَ جو سفر“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1994ع، ص 10-149

7. ڀنڀرو، عطا محمد (مترجم) ”سنڌو لکت جو بين الوقوامي لکتن سان لاڳاپو“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 1995ع، ص 12

8. ڀنڀرو، عطا محمد ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“، ”سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو“، حيدرآباد، 1995ع، ص 9 ۽10

9. ڀنڀرو، عطا محمد، ”سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي 1999ع، ص-352

10.         ساڳيو، ص 391

11.          ڀنڀرو، عطا محمد (مترجم) ”حُر گوريلا جنگ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع، ص-91

12.         ڀنڀرو، عطا محمد، (مترجم) ”سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2005ع، ص 149

13.         ڀنڀرو، عطا محمد، (مترجم)، ”سنڌ جيئن مون ڏٺي“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع،  ص، 46

14.         ساڳيو، ص 59

15.         ساڳيو، ص 149

16.         ڀنڀرو، عطا محمد، (مترجم) ”سنڌ منهنجي نظر ۾“ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2007ع، ص 280 ۽ 281

17.         ڀنڀرو، عطا محمد، (مترجم) ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2007ع، ص 14 ۽ 15.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org