سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ  01/ 2024ع

ايديٽر: ثمينه ميمڻ

 

سوچ – لوچ

 

نئين سال جون واڌايون:

ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن کي نئين سال 2024ع جون مبارڪون ان اميد سان ته ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن ۽ لکندڙن لاءِ نئون سال سٺو ثابت ٿيندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي انهيءَ دعا سان ته:

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

نئين سال 2024ع جي پهرئين ٽه ماهي جو پهريون ’مهراڻ‘ 1/2024ع جو پرچو توهان جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي.

ٽه ماهي ’مهراڻ‘ سڀني لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو انتهائي شڪر گذار آهي، جن وٽان سدائين سُٺي موٽ ملي آهي ۽ اميد آهي ته ڏات ڌڻي هميشه جيان هن تاريخي رسالي سان پنهنجو سهڪار جاري رکندا، جيئن ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن کي ادب جي ميدان ۾ مختلف صنفن سان گڏ تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان بهتر کان بهتر لکڻيون پڙهندڙن لاءِ مهيا ڪري سگهجن.

نئين سال سان سنڌ جي عوام کي به اُهي اميدون آهن ته اليڪشن 2024ع جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ سنڌ حڪومت سنڌ جي ترقيءَ خاص طور صحت جي ميدان، تعليم ۽ سنڌي ادبي بورڊ سميت سنڌ حڪومت جي ماتحتيءَ ۾ ايندڙ ادارن ۾ بهتريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ وقتائتا قدم کنيا ويندا ۽ اهڙا فيصلا ڪيا ويندا، جنهن سان ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ مدد ملي. گڏوگڏ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ پڪن روڊن رستن جي تعمير سان سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بنيادي صحت مرڪزن جي سڌاري لاءِ پڻ سرڪار کي اقدام ڪرڻ گهرجن، جن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جيئن سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتون ميسر ٿي سگهن.

گذريل سال 2023ع ۾ سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت، تعليم، صحت ۽ تحقيق ۽ تاريخ جي شعبي ۾ وڏا خال پئجي ويا آهن. انهن شعبن ۾ ڪم ڪندڙ خدمت گذارن ۾ سيد علي مير شاهه، قمر مورائي، مير عبدالرحيم المعروف مير حاجن ٽالپر، گل حسن ڪلمتي، سرور نواز ٻگهيو، ولي رام ولڀ، سُگهڙ تاج محمد هاليپوٽو ۽ سيد گل محمد شاهه هيءُ جهان ڇڏي دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويا. ڌڻيءَ در دعا آهي ته کين جوارِ رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي.

بورڊ آف گورنرس جو اجلاس:

تاريخ 18- ڊسمبر 2023ع تي چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ جي صدارت هيٺ بورڊ آف گورنرس جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر ڪريم احمد خواجا، محترم سرفراز راڄڙ، ۽ محترمه نذير ناز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اداري جي بهتريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪمن ڪارين جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو ويو، ۽ مختلف تجويزن تي غور ويچار ڪرڻ کان پوءِ ميمبرن جي گڏيل راءِ سان ٿيل ڪمن ڪارين جي منظوري پڻ ڏني وئي.

پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:

سُگهڙ مرحوم نورمحمد ’نورل‘ مري:

تازو 8 جنوري 2024ع سومر جي ڏينهن تي اسان جو سٺو سُگهڙ ۽ شاعر نورمحمد نورل ولد ڄامن خان مري بلوچ اسان کان وڇڙي دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو. حاجي نورل ڳوٺ کاهي، تعلقو کپرو ضلعي سانگهڙ جو رهواسي هئو. سندس خاندان ۾ شاهه لطيف جا ڪيترا ڄاڻو ۽ حافظ پيدا ٿيا، جن ۾ حاجي مڱيڻو مري، حاجي الله بخش مري، فقير يار محمد ’يارعلي‘ ۽ حاجي صاحب جو وڏو ڀاءُ رئيس امير دوست ’امير‘ مري خاص هئا. سندن ڏاڏو رئيس محمد اسمٰعيل خان (جنهن کي خانصاحب منظور علي خان ۽ مرحوم ڍول فقير به پنهنجو استاد سمجهندا ۽ چوندا هئا) راڳ جو وڏو ڄاڻو هو، سندس استاد نورعلي شاهه هو، جنهن جي نورشاهي ڀيروي مشهور هئي. سندن وڏو ڀاءُ خان محمد مرحوم به وڏو راڳي هو ۽ کيس منٺار فقير ايوارڊ پڻ مليل هو.

حاجي صاحب ڪچهريءَ جو خان، تڏي جو سخي ۽ يارن جو يار هو، سندن ولادت پهرين جنوري 1960ع تي ٿي هُو ڪلاسيڪي شاعريءَ جو سٺو شاعر پڻ هئو، هُو پنهنجي اوطاق تي ڪچهريون ڪرائڻ جو به شوقين هو، الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.

انيتا شاهه لڪياري:

سنڌ جي نامياري ڪالم نگار، سماج سڌارڪ، اديب ۽ شاعره انيتا شاهه لڪياري 8 جنوري 2024ع تي حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي لاڏاڻو ڪري وئي.

انيتا شاهه 15 نومبر 1974ع ۾ جنم ورتو، سندس وڏا اصل خداآباد ضلعي دادو جا آهن. انيتا شاهه شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي، 1998ع ۾ ۽ ايم.بي.اي مارڪيٽنگ ۽ 2002ع ۾ ۽ ايم.اي سوشيالاجيءَ جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، ان کان علاوه 2002ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو، 2007-2006ع ۾ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ ڪاليج پارڪ آمريڪا مان هيوبرٽ فيلوشپ دوران عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيڊ ڊولپمنٽ ۽ پراڊڪش، ڪهاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس پڻ ڪيا. ان کانسواءِ سنڌ ۾ عورتن جي ڏاڍ ۽ قتلام بابت مونوگراف به لکيل اٿس.

پاڻ لکڻين جي حوالي سان 1994ع کان روزاني ”ڪاوش“ ۾ ڪالمن لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس لکڻين جا موضوع خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻي عورت جي حوالي سان سماجي ۽ معاشي ترقي بابت آهن، هوءَ ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾ پڻ باقاعدگي سان لکندي رهي آهي، سندس نالو ناميارين ليکڪائن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو

محمد حسن ’مصروف‘ چانڊيو:

تازو سنڌي غزل جو پختو شاعر مرحوم حاجي محمد حسن ’مصروف‘
چانڊيو ولد حاجي محمد رحيم چانڊيو ڳوٺ شير خان چانڊيو تعلقو ڪُنري ضلعي عمرڪوٽ ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم اسان جي انهن زميندارن ۾ شامل هئو جن جو علم و ادب سان پختو تعلق رهيو آهي. پاڻ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ تسلسل سان لکيائين، سنڌ سطح جا مشاعرا پڙهيائين ۽ پاڻ مڃايائين. غزل کان علاوه شاعري جي ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد سيف الله ’خالف‘ پلي هئو. مصروف 3- نومبر 1978ع تي پيدا ٿيو، الله پاڪ کيس 2009ع ۾ حج جي سعادت نصيب ڪئي، پاڻ 10 جنوري 2024ع تي وفات ڪيائين.

گُلبانو مرزا:

سنڌي ادبي بورڊ جي سينئر ملازم گُلبانو مرزا 26 جنوري 2024ع تي لاڏاڻو ڪري ويئي. گلبانو مرزا جو جنم 10 جنوري 1979ع ۾ ٽنڊو آغا حيدرآباد ۾ ٿيو، شروعاتي تعليم پڻ ٽنڊي آغا جي سرڪاري اسڪول مان ۽ گريجوئيشن بنات گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم.اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندس مقرري پهرين جون 2009ع ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور تي ٿي ۽ 5 مئي 2023ع کان ماهوار ”سرتيون“ جي ايڊيٽر طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين.

پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو:

سنڌ جي نامياري تعليمي ماهر، محقق، تاريخدان، استاد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو 14 فيبروري 2024ع تي 76 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جو جنم 15 مارچ 1948ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج جي تعليم شڪارپور ۾ ئي حاصل ڪئي. 1976ع ۾ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان مسلم هسٽري شعبي مان حاصل ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مسلم هسٽري شعبي ۾ ليڪچرار پڻ مقرر ٿي. 1995ع ۾ مسلم هسٽري شعبي ۾ چيئرمين طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنائون. 1996ع کا 2004ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فيڪلٽي آف اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين پڻ رهي. ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو کي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه پاران گولڊن جوبلي موقعي تي ”بهترين استاد“ جي حيثيت سان گولڊ ميڊل ۽ مڃتا ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. 2003ع ۾ سندس ڪتاب ”سنڌ جي سياسي تاريخ“ پڻ شايع ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ جي هاڻوڪي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر پڻ رهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٿيندڙ مختلف وقتن تي ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ پڻ تحقيقي مقالا پيش ڪيائين. ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جون ٻولي ۽ ادب لاءِ علمي ادبي خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن.

سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين، مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب ۽ بورڊ آف گورنرس جا ميمبر صاحبان، سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ جو سمورو سٿ هنن اهلِ قلم صاحبن جي وڇوڙي تي سندس پونيئرن سان غم ۾ شريڪ آهي.

دُرستگي

* گذريل ’مهراڻ‘ پرچي 4/2023ع ۾ ايڊيٽوريل صفحي ’پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا‘ ۾ سنڌي زبان جي مشهور شاعر سيد گل محمد شاهه بخاريءَ جو جنم ڀومي ڪنڌڪوٽ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته سندس جنم شهدادڪوٽ آهي.

* ’مهراڻ‘ 4/2023ع ۾ شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ صفحي 142 تي نامياري شاعر امر اقبال جي ڪالم ۾ ٻه غزل شايع ٿيل آهن. جنهن ۾ پهريون غزل عنوان ’نينهن جا ناتا‘ سندن غزل نه آهي. انهيءَ لاءِ محترم امر اقبال کان معذرت خواهه آهيون.

ثمينه ميمڻ

  ايڊيٽر ’مهراڻ‘

 

لافاني ڪلام

 

صوفي ’بايزيد‘

 

(1266هه – 1226هه)

 

*

هيءَ دل آهي ماندي، پنهنجي يار- پيارل ٻاجهون.

ڪاري هن ڪُن ۾، ارادي آندي.

اديون عشق عجيب جي، بره ۾ آهيان باندي.

مان مون کي ڪن پرين، ورهن کان واندي.

بحر ۾ ”بايزيد“ چئي، ڪنگ ٿيندا اچي ڪانڌي!

 (ڪتاب:  ’وڻجارن وايون‘، مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

*

 

صوفي دلپ

 

(1777 - 1841)

 

*

ڇا کي وڌو پاڻ ۾، ترڪن واڻين وير،

جي پير ۾ پاڻي ڌڻي، تان ڪندڙ ڪير؟

ڪک پن ۾ پڌرو، آهي پريان سنڌو پير،

انڌا لهن ڪينڪي، ڀونءِ سندو ڀير،

ڪو سڄو پسي سير، ”دلپت“ چوي دوست جو.

*

ڀوري ڀڄ نه ڀنڀور کان، تون تان نه وڃ نه هڻ وڻڪار،

دونها دکائي درد جا، سوز سڄڻن جو سار،

ويهه نه هٿ ويسلي، هوڏانهن ڪاهون ڪر ڪوهيار.

 

 

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
 

حاجي پلي

 

(1733ع – 1813ع)

 

سرمارئي (بيت)

عمر اوٺي آيو جنهن خبر آندي خاصي،

وٺا مينهن ملير  تي ويڙهه سڀئي واسي،

هتي منهنجي ’حاجي‘ چئي ماءُ نڪا ماسي،

کاڄ کائينديس ڪين ڪي بک اٿم باسي،

جن لاءِ اندر اُداسي، سي رهن ريلن ڪنڌيين.

 

عمر اوٺي آيو، جنهن آندي خبر کري،

وٺا مينهن ملير تي ڍونگر جيئن ڍري،

مارو ماڳين آيا ويڙهيچا وري،

تازي ڦٽ فراق جي چوري ڪيس چري،

وڃان ڪيم مري، شل اڪنڊيل اباڻن کي.

 

(ڪتاب:  ’مهراڻي جا مور‘، مصنف: معمور يوسفاڻي)

*

 

مهراج پراڻناٿ

 

(1617 - 1688)

 

*

تون رسائين ته رسن، توکي پسن نيڻ،

ڪوڏ ٿئي ڪنن کي، توهنجا سڻن مٺڙا ويڻ.

*

مون ڪارڻ سيل مونهنجي، هن ۾ وڌائون پاڻ،

ڪو ڪوڙيون ڪري ڪري نيٺ اٿي ويا نرواڻ.

 

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)


 

پير حاجي اسحاق جان سرهندي ساقي

 

غزل

هنيون اڄ حبيبن لئي حيران آه،

محبن لئي من منهنجو مستان آہ.

 

وصل ويل آئي نه ڪر بيوفائي،

نه جانب جدائي تنهنجو شان آہ.

 

اچين جي هلي تون، رهين جي ملي تون،

ڏسين جي کلي تون به بستان آہ.

 

جيڻ جڳ ۾ ’ساقي‘ آهي اتفاقي،

بقادار، باقي، سو سبحان آہ.

 

(ڪتاب:  ’مهراڻي جا مور‘، مصنف: معمور يوسفاڻي)

*

در محمّد هيسباڻي

(1896 – 1977ع)

ڪلام

اي رفيقا خيال منهنجو ناهي يڪجا ڇا ڪيان،

  پور پرين جا پون ٿا دل اندر دم دم نوان.

 

ناز نيڻن جا ڏسي، داناءَ دل ٿي بي وسي،

حسن جي جلون جلايو، ساهه سارو باهه جيان.

يار جي نازڪ نظر، دل کي ڪيو شوقون شڪار،

بيخير جهر جهنگ ڦران، فرياد هيءُ ڪنهن کي ڏيان.

 

ڪين ٿي وسري ڪڏهه، محبوب جي صورت عجيب،

ويجهڙائي يار جي، ويتر وڌائي سڪ عيان،

بي وفا دنيا اندر، ڀايان نه ساعت ڪا سُکي،

دم اهو برحق ڀلو، رهجي اچي جو يار سان،

”درمحمّد“ ڳالهه دل جي، آ گهڻي پر ڪَرِ قطع،

حال ڀائي ناهي ڪو، ڪنهن سان قصو سارو سليان.

 

 (ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

نواب گدا علي خان لغاري

(1896 – 1925ع)

ڪلام

محبوب جي شبيهه جو مٽ ماهتاب ناهي،

جلوي جمال جو مٽ هي آفتاب ناهي.

رخسار رمز واڌو نرمل نجيب جي،

ڪاتب لکي ڇا سگهندو، تنهنجو حساب ناهي.

ابرن جي سونهن ڏسي ٿيا هڪدم حريف حيران،

ڏسن جن محمّديؐ رخ تن تي عتاب ناهي.

سڪ ختم النبي ؐ جي رک اي ”گدا علي“ تون

مسِند نشين جنهن جو شهِ بو تراب ناهي؟

 

 (ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

*

نيڪ محمد باطن

(ولادت: 1872ع)

ڪلام

اي صنوبر قد سڄڻ، چمڪين ٿو جيئن ’چي نون، ڊي‘،

آه معنبر زلف تنهنجو چپ مثال ’کي، نون، ڊي‘.

آهين سج تون عاشقن جو، چنڊ معشوقن سندو،

هادي الراه هديٰ، سچ آهي تون سان ’ميم، کي‘.

’ميم‘ کي اندر ڪڍيل آہ ’خي ۽ طوئي‘ خوبي اندر،

درد هي مونکي ڏنو آهي ڀرونءَ، جيئن ’سين پي‘.

’سين پي‘ پر سال کان، پيوند ڪيو ڏنگ ڏيل ۾،

تنهن سبب شب روز جاري آه اکين مان ’ري ۽ تي‘.

’ري ۽ تي‘ نيو ’سين، ڀي‘، بيهوش آهيان دمبدم،

آه علاجِ درد تو وٽ، اي مٺا منجهه ’چي ۽ پ‘.

’چي ۽ پي‘ تي ’چي ۽ پي‘ رکيل رهي تا صبحدم،

آبِ- شر شيشي مان جاري، بند ٿيل هوئي ’دال، ري‘.

اي گل- رعنا خدا لڳ، رات هڪ مهمان جيئن،

پاڻ سان نِي، جهٽ نقل ڪريان چپن ’چي، ميم، يي‘.

نقش ٿئي ’چي، ميم، يي‘ تعويذ تحفو تا عمر،

ٿئي دفع سڀ درد دل تان، دور ٿئي سڀ ’ڊي ۽ پي‘.

گفتِ گلرو، ”باطنا“ هيئن، مون ٻڌو آواز غيب،

”باطني“ شمس الشعريٰ تي ٿيو راضي، ’ري ۽ بي‘.

 

(ڪتاب:  ’مهراڻي جا مور‘، مصنف: معمور يوسفاڻي)

سيّد حافظ شاهه ”ناطق“

 

(1928ع – 1974ع)

 

ڪلام

اچ اڱڻ منهنجي عجيبا پرت مان پيرا ڀري،

تو سوا سهڻا سڪايل جي نٿي ساعت سري.

درد دل ۾ ڪئين دکيا ٻيا سور سامهون ٿيا سوين،

هجر ۾ هاري هنجون هت هاڻ هيڻين تي ڳري.

اڄ نهوڙي نيهن نيو ناسور نوڪن نيٺ ڪيا،

دل مٿي دائم برهه جي باهه ٻهڳڻ ٿي ٻري.

رات جو تارا تڪيندي ڏينهن ڏسڪڻ ۾ وڃي،

آهه! آهيان عشق جي اوکي اچي ويو منجهه اري.

حال ”حافظ“ جو پسي وائي وڃڻ جي ڪيم ڪر،

دم لبن تي آهه هاڻي پل نه ٿي هڪڙو پري.

 

 (ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

*

عبدالمجيد ’ماجد‘ اهروي

 

(1330هه – 1997ع)

*

ڪيم نه ڪتڻ جي ڪار،

ساريون راتيون سمهي وڃايم.

ڏور ارٽ ۾ وڌم نه ڏانئي،

ويٺيس وقت ڪتڻ جو وڃائي،

نــــــــيـــــڙم ننـــــڊ خـــــــــمـــــار،

سمهي سمهي سور پرايم.

ڪتيم ڪجهه نه، ٿلهو نڪي ٿورو،

ڪين ڪپهه جو ڦوليم ڦورو،

ٿـــــــيـــــڙس آءُ بيــــــــــڪـــــار،

مٿان ڏينهن ڏهاڳ جو آيم.

سرتين ساجهر ارٽ سان اوريو،

سر ڪاپي تان گهوري گهوريو،

مون نه ڪئي ڪـــــا سار،

ڪين ڪتيم ۽ ڪين ڪتايم.

ڍرڪي مالهه هاڻي ارٽ پيو الڙي،

ڪين اڙايم ارٽ سان دلڙي،

وئــــــــــڙيـــــم ســـــڀ ڄمـــــار،

”ماجد“ مونين لئون ڪين لايم.

(ڪتاب:  ’وڻجارن وايون‘، مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

*

پير عطا الله ”عطا“ سرهندي

 

(1358هه – 2014ع)

*

 

سڄڻ ڇو سدائين تون مون کان لڪين ٿو؟

اچان جي ٿو دلبر ته در تان ڌِڪين ٿو!

 

سڪان آءٌ ٿو تنهنجي ديدار لئه،

مگر تون نه منهنجي ڏسڻ لئه سڪين ٿو؟

 

سدائين رهڻ تنهنجو ٿيندو هو هت،

هينئر ڪا گهڙي ڇو نه مون وٽ ٽڪين ٿو؟

 

گهرائيندو مون کي به هوئين يار نت،

ڇڏي ٿئي ڏنو ڇو نه هاڻي ڇڪين ٿو؟

 

”عطا“ جهڙي عاشق کي بلڪل ڇڏي،

ٻين کي اي سهڻا ڀلا ڇو تڪين ٿو؟

 

 (ڪتاب:  ’وڻجارن وايون‘، مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

 

غمدل فقير

 

(1867ع – 1972ع)

 

*

محبوب ناز پرور رخسار تنهنجو ڪافي،

دارون درد ڦٽي جو ديدا تنهنجو ڪافي.

 

هي دانهن مٺي جي دلبر سڻ دوست دلربا،

دلگير کي دلاسو دلدار تنهنجو ڪافي.

 

رخ ماهتاب تنهنجو نيڻن روشن نظارو،

ابرو سندي عبتن مان انوار تنهنجو ڪافي.

 

”غمدل“ سدا اُداسي گلزار تو چمن ۾،

گلشن منجهان هڪ گل جو خوش بهار تنهنجو ڪافي.

 

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)

حافظ حامد ٽکڙائي

 

(1832 - 1897)

 

*

دل گهريا دوست دادلا سڄڻان،

مون سري ڪين تو سوا سڄڻان.

عاشقن جي  ته اصل عادت آهي،

عاجزي، عرض، التجا سڄڻان.

ڇو نه هن نظم تان نثار ڪري،

گوهر آفرين گدا سڄڻان.

*

عمر لاهه عاجز تان ظالم زنجير،

ڏي موڪل ته مارن ملان منجهه ملير،

ڳران ڳالهيون ڳڻ سنڀاليو سندن،

وسن مينهن وانگر منجهان نيڻ نير.

 

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)

*

محرم مجاهد

 

(وفات: 1983-1-31)

 

غزل

غفلت کي ڇڏي هاڻ ٿي هشيار مجاهد،

مظلوم ۽ مسڪين جو غمخوار مجاهد.

سُستيءَ کي ڇڏي، هوش ۽ همت سان هتي اڄ،

ظالم جي لڙڻ لاءِ ٿي تيار مجاهد.

پاسو نه وٺج رئيس، وڏيري ڪنهن وڏي جو،

مزدور ۽ هاريءَ جو ٿي يار مجاهد.

زردار ڪيو ظلم، وڏو آهي زمان ۾،

بوتن کان رهج باز ۽ بيزار مجاهد.

ٿي شام و سحر ملڪ ۽ ملت جو محافظ،

بي وقت رهج ڪيم تون، بيڪار ’مجاهد‘.

 

 (ڪتاب:  ’مهراڻي جا مور‘، مصنف: معمور يوسفاڻي)

سيّد جهنگل شاهه مست

 

(1904ع – 1967ع)

 

ڪلام

اچي ٿي حال ۾ حاضر، قلندر لال لاهوتي.

سوا تنهنجي نه ٻيو ڪو در، قلندر لال لاهوتي.

تون آن پيارو پيغمبر جو، سخي سردار سروَر جو،

تون، حسبي نسبي حيدر جو، قلندر لال لاهوتي.

تنهنجي دربار آ عالي، قلندر لال لڄ پالي،

موٽي ويندس نه گهر خالي، قلندر لال لاهوتي.

تنهنجي در تي جهڪن سارا، سڪندر شاهه ۽ دارا،

ڪيئي ارباب ۽ اڪبر،  قلندر لال لاهوتي.

چوي ”جهنگل شاهه“ توکي هرهر، ملي معافي مٺا منّور،

آهيان عاجز تنهنجو سڳدر، قلندر لال لاهوتي.

 

 (ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم طالب الموليٰ)

*

حسين بخش ”خادم سروري“

 

(1930ع – 1992ع)

*

مرد نه آهن ممات، جوڳي رڳي ٿا جُوءِ مٽائن.

مرڻ اڳ مئا سي نه مرندا، آهن هميشه حيات،

قالو بليٰ جو ٿا قرب ڪمائن....

پاڻ وڃائي پرين پسن ٿا، حقي ڏسي حسنات،

قرب ۾ هو ٿا ڪنڌڙو ڪپائن....

راتو ڏينهان تن کي آهي، وحدت وائي وات،

رمز رندي جي ٿا راند رچائن....

لا اِلــٰھ وارا لانگها لنگهي سڀ- الله ڪري اثبات،

حال حقيقيءَ جو هُل ٿا مچائن.....

هردم مون کي تن جي آهي، طلب اندر ۾ تات،

قرب ڪري من پاڻ پسائن....

”خادم“ هردم حب سان رهجي، ’راهونڊن‘ وٽ رات،

پاڻ ڀلا ٿا ڀال ڀلائن.....

 

 (ڪتاب:  ’وڻجارن وايون‘، مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)

ترخان دؤر 1600ع ۾ پڄاڻي تي پهتو جڏهن اڪبر بادشاهه جي آخري اڌ ۽ سترهين صدي عيسوي ۾ مغل حڪمراني دوران، ڪلمتي هيٺاهين سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور برادري هئي جيڪا ملير جي علائقي تي حاوي هئي. انهن جي طاقت ۽ اهميت کي تسليم ڪندي اورنگزيب بادشاهه کين دوستن جو درجو ڏنو هو ۽ ڪلمتي سردارن بجار ۽ بابر کي 14 رجب 1103هجري (1691ع) مطابق معاهدي جي هڪ دستاويز تي دستخط ڪئي. ان مطابق ڪلمتي سردار لاهري بندر ۽ ٿاڻي ڀوڏيسر وچ ۾ قافلن کي تحفظ مهيا ڪرڻ جا پابند هئا. ساڳي سال اورنگزيب بادشاهه انهن کي ساڪرو ۾ جاگير ۽ انعام جي صورت ۾ دام وظيفي طور ڏيڻا ڪيا. ظاهر آهي ته ڪلمتين جي طاقت ان وقت عروج تي هئي خاص طور ان لحاظ کان ته رياستي ذميواري کين ڏني وئي. اهي صرف ساڪري ضلعي ۾ طاقتور نه هئا پر سنڌ جي سموري سامونڊي پٽي ۾ کين اثر حاصل هو. لاهري بندر ان وقت بين الاقوامي واپار جو مرڪز هو جڏهن ته سنڌ کان گجرات ڏانهن زميني واپار ڀوڏيسر مان گذرندو هو. ڀوڏيسر سرحدي شهر هو جيڪو هينئر تعلقي ننگرپارڪر جو حصو آهي.

1691ع ۾ جاگير ملڻ کان پوءِ ڪلمتين جي مکيه ڪٽنبن حب ملير کان ساڪرو ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي جتي وڌيڪ مستحڪم ۽ ٻارهن مهينا پاڻي (بگهياڙ جي صورت ۾) موجود هو. اهو سنڌوندي جو مکيه ڊيلٽائي وهڪرو هو. ارڙهين صدي عيسوي جي پهرين اڌ تائين عام طور ٺٽي ۽ خاص طور ساڪرو ۽ ملير ضلعن ۾ ڪلمتي طاقتور هئا. اورنگزيب بادشاهه جيڪي جاگيرون ڪلمتين کي ڏنيون انهن کي 27 ربيع الاول 1162هجري (1749ع) سنڌ جي عباسي حڪمرانن مستقل ڪيو، جيڪي مغلن کان پوءِ سنڌ جا حڪمران بڻيا. پر سياسي ڪارڻن سبب (ٻن برادرين کي وڙهائڻ خاطر) نون حڪمرانن جوکين تي هٿ رکيو،  جيڪي هونئن ڪلمتين جا پراڻا اتحادي هئا ۽ پر هينئر سندن مخالف هئا. هنن ڪلمتين کي ڏکڻ ۾ ساڪري طرف جي حب ملير علائقي تي پنهنجو قبضو وڌايو. ڪلمتي هينئر به اتي آباد آهن. ٽالپرن جي دؤر ۾ توازن پيدا ڪيو ويو، جن ڪلمتين ۽ جوکين جي وچ ۾ اتحاد ڪرايو. ٽالپرن ڪلمتي مَلڪن کي عطا ڪيل زمين به مستقل ڪئي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڪتاب ”سنڌ ثقافتي اڀياس“، ص 182-183 تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org