مير سجاد اختر ٽالپر
سرپرائيز
تيز مينهن هئڻ ڪري، اڄ هوءَ به گهر وڃي نه سگهي
هئي، مون کي ۽ هن کي اسٽيج تي ڪم ڪندي چوٿون سال
هو، پر مدتن کان ڄڻ اڻڄاڻ هئاسين، هوءَ گهر نه وڃڻ
ڪري، سخت پريشان هئي، مينهن به گهٽجڻ بجاءِ وڌيڪ
تيز ٿيندو ٿي ويو.
”لڳي ٿو ته رات اسٽوڊيو ۾ گذارڻي پوندي.“
”جي سر“ وري هڪدم چيائين، ”نو سر مون کي هر حال ۾
گهر پهچڻو آهي…“
هدايتڪار جميل جي مٿين ڳالهه تي، هن گهٻراهٽ ۾
جواب ڏنو.
”اڄ مينهن جو نمونو ئي اهڙو آهي جو لڳي ٿو سڄي رات
نه بيهندو… “
هدايتڪار جميل، تيز مينهن کي ۽ آسمان ۾ لڪ لڳل
ڪڪرن کي ڏسندي چيو. هن ڪو به جواب ڪونه ڏنو، هن جي
چهري تي پريشاني صاف بکي رهي هئي، هن جي پريشاني
گهٽ ۾ گهٽ مون کي بي چين ڪري وڌو هو.
هن وقت پڇيو، ”سر ٽائيم ڇا ٿيو آهي؟؟“
”رات جا اٺ…!“
”او…! سر مان وڃان ٿي…!!“
”او…! سر مان وڃان ٿي… “
”هيڙهي مينهن ۾… سا به اڪيلي، نه، قطعي نه
ڇڏيندومائين.... عقيل تون گڏيو وڃيس.......“
هدايتڪار جميل مون کي چيو.
هن مون ڏانهن عاجزيءَ سان ڏٺو.
مون کي اڳ ئي هن جي پريشاني بي چين ڪريو ويٺي هئي
سو مو جهٽ ۾ هاڪار ڪئي. ۽ تيز مينهن ۾ نڪري
پياسين، هوءَ تيز تيز هلي رهي هئي.
”ٿورو آهستي هلو ڪٿي ترڪي نه پئو.“ مون هن جي وک
سان وک ملائيندي چيو. هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ ڪنڌ
جهڪائي ساڳي رفتار سان اڳتي وڌندي ويئي، ڪافي پنڌ
کان پوءِ رڪشا مليو، رڪشا تي چڙهي هن جي گهر
ٻاهران بيٺاسين. هن رڪشا واري کي ڪرايو ڏيڻ جي
ڪئي، مون رڪشا واري کي وٺڻ کان منع ڪري ڇڏي، هوءَ
خاموشيءَ سان گهر هلي وئي. آءٌ تيز مينهن ۾ ان جي
بي مروتيءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيس.
صبح مينهن جي ڪري، روڊ ۽ رستن تي تمام گهڻو پاڻي
بيهي ويو هو ۽ مون به سڄي رات پنهنجي ڪوارٽر مان
پاڻي ڪڍندي گذاري هئي. مينهن جي پاڻيءَ جي ڪري
ٽريفڪ به معمول کان ڪافي گهٽ هئي، آسمان اڃا به
ڪڪرن سان لتيل هو. موسم جي صورتحال ڏسي مون اندازو
لڳايو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان وارو شو پندرنهن ڏينهن
ليٽ ٿي ويندو، پر تڏهن به اسٽوڊيو پهچڻو هو. آءٌ
به تڪڙو تڪڙو مني بس تي چڙهي، النور اسٽوڊيو پهتس
ته هوءَ اڳ ۾ ئي ويٺل هئي.
”اچ اچ......، هدايتڪار جميل چيو ۽ گهڙيءَ کي
ڏسندي چيائين، ڏاڍي دير ڪئي اٿئي.....“
هدايتڪار جميل جي ڳالهائڻ تي هن منهن مٿي ڪري مون
کي گهڙيءَ کن لاءِ ڏٺو ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري اسڪرپٽ
پڙهڻ ۾ لڳي وئي.
”سر شايد مٿي ۾ سور اٿم، سڄي رات ڪوارٽر مان پاڻي
ڪڍندو رهيو آهيان، تنهن ڪري لڳي ٿو ته هلڪو هلڪو
بخار به ٿي پيو اٿم، تنهنڪري اڄوڪي ريهرسل ۾ حصو
وٺي نه سگهندس......“ مون هدايتڪار کي پنهنجي
مجبوري ٻڌائي.
”پوءِ ته يار ماري ڇڏيئي، ريهرسل لاءِ سڀئي تيار
هئا.........!!!!“ هدايتڪار جميل پريشانيءَ وچان
وراڻيو.
مون چيو، ”سر، طبيعت ٺيڪ نه هئڻ ڪري، آءٌ صحيح
طريقي سان ڊائلاگ ڊليور نه ڪري سگهندس.“
”چڱو ڀلا ائين ٿا ڪريون ته تون پهرئين سين جي
ريهرسل ڪري وڃ....“
هدايتڪار جميل ڪجهه نرمي ڪندي وراڻيو.
پهرئين سين ۾ هوءَ منهنجي مدِمقابل هئي، سين اوڪي
ڪرائي آءٌ واپس ڪوارٽر هليو آيس. چند ڪلاڪن کان
پوءِ هدايتڪار جميل، مس روزينه، مس شڪيلا، فريد،
لالا جان، ڪاڪو ڀيرو، نواز ۽ فرحت وارا سڀ منهنجي
طبيعت پڇڻ منهنجي ڪوارٽر تي اچي پهتا، پر هوءَ نه
آئي هئي، ڏاڍو ڏک ٿيم، هُو سڀ منهنجي عيادت ڪري
ڪجهه دير کان پوءِ هليا ويا، مون کي انهيءَ رويي
تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. ڪجهه ڏينهن بخار ۾ سڙي پِڄري،
نيٺ ٺيڪ ٿي ويس. ساندهه ٽن ڏينهن جي ريهرسل لاءِ
اسٽوڊيو پهتس، ٻين سڀني سان هوءَ به گڏ ويٺي هئي،
اوهين ويهو، آءٌ اسڪرپٽ واري فائل گهر وساري آيو
آهيان. جهٽ ۾ کڻي ٿو اچان. مون کي ايندو ڏسي،
هدايتڪار جميل اهو چئي هليو ويو.
مون ايندي شرط هن کي چيو:
”ڏاڍا بي مروت آهيو.....؟“
”ها مون وٽ بي مروتي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي....“
هن آڱرين ۾ پينسل سان کيڏيندي چيو.
”گهٽ ۾ گهٽ انساني همدرديءَ خاطر ڏسڻ اچو
ها.......!!!“
مون ور ڏيئي وري پڇيو.
”انسان سڀئي بيمار آهن ڪنهنجي ڪنهنجي عيادت
ڪجي..........؟“
هن انتهائي رکائيءَ سان جواب ڏنو.
”لڳي ٿو پريشان ٿا رهو...........“
”آءٌ.........“
”ها.......“
”نه ته......“
”پوءِ هن اڪيلائي ۽ خاموشيءَ جو مطلب....“
”بس ائين ئي.......“
”ڇو ڪم ۾ دل نٿي لڳي ڇا......؟“
منهنجي ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي هئي، ڪاوڙ جي جاءِ
همدردي وٺي ورتي هئي.
”نه، اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي....“
”پوءِ پهرين ريهرسل ۾ اڌ کان وڌيڪ ڊائلاگ ڀلجي ويا
هئا........“
”مون چڱي طرح ياد نه ڪيا هئا......“
”ڇو.........!؟“
”بس ائين ئي.............“
”اهو ته منهنجي سوال جو جواب ناهي .....“
”مون کي ڄاڻ هئي ته هوءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي. پر
مون هن جي ان ڪوڙ تي هن کي ڪجهه نه چيو.“
”اپسيٽ رهڻ ڇڏي ڏيو...........طبيعت خراب ٿي
پوندئو......... “
مون اکيون ٽيڏيون ڪندي هن کي چيو.
منهنجي انهيءَ حالت تي هن کان ٽهڪ نڪري ويو.
”اها ٿي نه ڳالهه..........!“
ٽيبل تي زور سان هٿ هڻندي چيم.
”ڪهڙي ڳالهه تي پيا ٽهڪ ڏجن؟“ هدايتڪار جميل هال ۾
گهڙندي چيو.
”بس سائين ڊرامي ”دنيا آهي گول“ جي ريهرسل پيا
ڪريون.....“ مون موٽ ۾ چيو.
انهيءَ ريهرسل کان پوءِ، اسين هڪ ٻئي سان ويجها
ٿيندا وياسين. منهنجي اکين، جاڳ ۾ به سپنا آڻڻ
شروع ڪري ڏنا هئا، هوءَ منهنجي ايتري ته ويجهو ٿي
وئي هئي جو آءٌ خيالن ئي خيالن ۾ هوائن ۾ اُڏامڻ
لڳو هئس. هوٽل پيراڊائيز اسان جي ڪچهرين جو مرڪز
هو.
اڄ پنهنجن سپنن کي ساڀيان ڪرڻ جو روپ ڏيڻ جو فيصلو
ڪيو هئم، تنهن ڪري ڪنهن دوست کان ڪپڙا ته ڪنهن کان
ڀلوڙ جُتي، روپيو روپيو جمع ڪري ورتل سينٽ جي پوري
بوتل پنهنجو پاڻ تي نائي ڇڏي هئم. نائيان به ڇو
نه، اڄ منهنجي زندگيءَ جو خاص ڏينهن هو. آءٌ تيار
ٿي هوٽل پيراڊائيز تي پهتس، ته هوءَ اڳ جيان مون
کان اڳ ۾ ئي ويٺي هئي.
”هيلو...“ هن کي خيالن ۾ گم ڏسي، پنهنجو احساس
ڏياريندي چيم.
”ڏاڍي دير ڪيوَ......“ هن شڪايتي لهجي ۾ مون ڏانهن
نهاريندي چيو.
”ايتري ته دير نه ٿي آهي......“ مون وضاحت ڪندي
چيو.
”واهه....! اڄ ڏاڍا سمارٽ پيا لڳو......... لڳي ٿو
ته لائٽ هائوس مان ڇڪو لڳي ويو اٿئو.......“. هن
تعريف سان گڏ، هلڪو طنز ڪندي چيو.
”نه جناب، اهڙي به ڳالهه ڪونهي.......!“ مون ٿورو
خفگيءَ ۾ چيو.
”اڇا.......................................!!“
هن اڇا کي ٿورو ڊگهيري چيو.
”ها........“
مون موٽ ۾ جواب ڏنو.
”ٻڌ....... اڄ توکي آءٌ سرپرائيز ڏيڻ ٿي چاهيان
....“
هن تجسس واري لهجي ۾ چيو.
”مون کي.....!“
مون پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو.
”ها جناب.....“
هن پنهنجي ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو.
”واهه جو ڪوايڪسيڊنٽ آهي، اڄ مون به اوهان کي هڪ
سرپرائيز ڏيڻ جو سوچيو هو....!!!“
مون حيرت ۽ خوشي گاڏڙ لهجي ۾ چيو.
”اڇا........! ٺيڪ آهي پهرين اوهان پنهنجو
سرپرائيز ڏيو.........“
هن اکيون ٻوٽيندي چيو.
مون هن کي ائين ڪندي ڏٺو ته چيم،
”نه.......، ائين وري ڪيئن......!؟ پهرين سرپرائيز
اوهان ڏينديون...“
هن ٿورو معصوميت ۾ چيو:
”ڏسو.......تنگ ڪرڻ چڱي ڳالهه ڪونهي...... آءٌ به
ڏسان ته سهي، اوهان مون لاءِ ڪهڙو سرپرائيز آندو
آهي...........؟“
مون ٿورو ڪنڌ جهڪائي چيو.
”ليڊيز فرسٽ........“
هن هٿيار ڦٽا ڪندي چيو،
”چڱو ..... پهرين آءٌ ئي ٿي سرپرائيز ڏيان.....
اکيون ٻوٽيو....“
مون هڪدم اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
ڪجهه وقت کان پوءِ چيائين،
”هاڻ اکيون کوليو....“
مون اکيون کوليون ته ويل چيئر تي نوجوان منهنجي
سامهون ويٺل هو.
هن تعارف ڪرائيندي چيو،
”منهنجو پهريون ۽ آخري پيار مشتاق آهي اسان ٻنهي
هڪ ٻئي سان ڪورٽ مئريج ڪئي آهي. ايڪسيڊنٽ ته هن
کان، هن کان ٽنگون کسي ڇڏيون پر اسان جي پيار ۾
ڏار نه وجهي سگهيو.“
هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ منهنجي اکين جا اُڻيل
سپنا، آهستي آهستي اُکڙبا پئي ويا، جسم تي لڳل
سينٽ مان خوشبوءِ جي بدران بدبوءِ پئي آئي، اکين
جي چمڪ هاڻ گول انڌاري دائرن ۾ تبديل ٿيندي ويئي.
هن مون کي ٻانهن مان جهلي لوڏيو.
”عقيل صاحب... عقيل صاحب.“
مون ڇرڪي ٻنهي ڏانهن نهاريو.
”عقيل صاحب، هاڻي اوهان پنهنجو سرپرائيز
ڏيو.......“
مون زمين جي پاتال مان ڄڻ اونايو
”منهنجو سرپرائيز....................!!“
هنن ٻنهي زور ڀري چيو:
”ها ها.............“
مون ٽيبل تان اُٿندي چيو:
”منهنجو سرپرائيز ڪٿي ڪري پيو آهي، ڳولڻ ٿو
وڃانس...............“
نسرين الطاف
ٻاهر ٻاڦ نه نڪري!!
هوءَ
جڏهن رَئي جي ڪُنڊ وات ۾ وجهي اکيون هيٺ ڪري کلندي هئي، ته ڄڻ چنڊ ڪڪرن مان لڪي ليئا پيو پائي ۽
سندس ٽهڪ ڄڻ ته پاڻيءَ
جا جهرڻا وهندا هجن جلترنگ وڄندا هجن يا ڪنهن
ويراني ۾ ڪنهن بانسريءَ جو مَڌَر آواز سماعتن سان ٽڪرائجندو هجي.
پرهه
ٿوري وڏي ٿي ته ماڻس سان گڏ حويليءَ
۾ وڏي سانئڻ جا ڪم ڪندي هئي.
هوءَ ان حويليءَ جا ٽڪر کائي جواني جي آڳنڌ تي پهتي هئي. ماڻس هڪ ڏينهن
اوچتو گذاري وئي رات جو سُتي
وري نه
اُٿي، اها ننڊ سندس اَبدي
ننڊ بڻجي
وئي. پرهه ته ڄڻ ماءُ
کان سواءِ
اَڌ مُئي ٿي وئي.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ
حويليءَ مان جيجي وڏي جو نياپو آيو ته پرهه حويلي اچ. پيءَ چيس:
”ماڻهين ته مري وئي ڪيترا ڏينهن گهر ۾
ويهنديئن تون ڪم ڪرڻ حويلي وڃ جيجيءَ
سڏيو اٿئي.“
هوءَ
حويلي وڃي ساڳي ڪِرت سان لڳي وئي. ڊوڙي ڊوڙي جيجن جا ڪم ڪندي هئي. جواني ته ڄڻ پرهه
تي انڊلٺي رنگن جيان آئي هئي. ان ڏينهن جيجي سانئڻ
چيس وڏي سائينءَ کي ڪمري ۾ پاڻي ڏئي اچ. سائينءَ جي پرهه تي نظر پئي ۽ پوءِ سانئڻ ڪڏهن چانھ ڪڏهن پاڻي لاءِ پرهه کي سائين وڏي وٽ ڪمري ۾ موڪليندي ھئي ۽
پرهه
ان ڪمري مان اڌ مُئي ٿي ٿيڙ کائيندي نڪرندي هئي. سائين ننڍي
ورانڊي مان لنگهندي
پرهه کي ڏسندي سوچيو آءٌ پيو ٻاهر نشاني لاءِ شڪار ڳولهيان منهنجي
سک جو سامان ته
گهر ۾ موجود آھي.
هاڻي ننڍي جيجي به ننڍي سائينءَ
ڏي پاڻي ۽ چانھ لاءِ پرهه
کي ڪمري ۾ موڪليندي هئي ۽ پرهه
وڏي سائين ۽ ننڍي سائينءَ
جي واري واري سان پئي خدمت ڪندي هئي.
ان ڏينهن پرهه
کي ڏاڍيون اُلٽيون آيون هيون، رموءَ
ڳوٺ ۾ دوا سُتيون
ڪندڙ ماسي سياڻيءَ
کي ڏيکارڻ ويو ته ان سُرٻاٽن
۾ چيس
”ڇوري الائي ڪنهن سان ڪارو مُنهن ڪري آئي اٿئي، پيٽ سان آھي.“
رموءَ
سڌو پرهه جي چوٽيءَ ۾ هٿ وڌو
”ٻڌائي
ڪنهن سان ڪارو مُنهن
ڪيو اٿئي.“ ٿڦڙون ڌڪ لَتون مُڪون
چنبا پرهه
مار کائي اَڌ مُئي ٿي پئي،
تڏهن رڳو ٽي لفظ وات مان نڪتس جيجي،
وڏو سائين ننڍو سائين
رمو ڌڪ هڻندي چيس
”پاڪن
کي نه
سڏ!
ان جو نالو کڻ جنهن سان ستي آھين. جنهن سان ڪارو مونهن ڪري دانگي ملي اٿئي.“
پر…پرهه وري ڪجھ نه ڪڇي.
رموءَ
کي ان وقت
ان گهڙي آخري سهارو وڏو سائين نظر آيو، هُو ھٿ ٻڌي وڃي وڏي سائينءَ اڳيان بيٺو.
سائين ڳالھ ڪرڻ جھڙي نه آھي،
پر توهان اسان جا وڏا مرشد ۽ سائين آھيو،
اسان غريبن جا مالڪ آھيو.
مون واري ڇوري پرهه
ڳورهاري ٿي وئي آھي.
ڇوريءَ کي ڏاڍو ماريو اٿم رتو رت ڪري ڇڏيو اٿم، پر ان ڀيڻ جي.
…جو نالو نٿي کڻي. باقي جيجيءَ کي توهان کي ۽ ننڍي سائينءَ کي پاڻ ڇڏائڻ لاءِ سڏي پئي.“
وڏي سائينءَ
مُنهن تي پڪاڻ آڻيندي چيو:
”رمو جواني آھي خطا ٿي وئي هوندس جيڪو ٿيڻو ھو سو ٿي ويو هڪ
توکي خبر ٻي مون
کي خبر ان ڳالھ کي اتي دفن ڪري ڇڏ…
ڪا ڳالھ ڪانهي مان اندران وڏي جيجيءَ
کان دوا وٺي موڪليان ٿو کارائينس مسئلو حل ٿي
ويندو.“
اندران ٻانهي مُٺ
۾ پڙي کڻي آئي…
رموءَ کي پُڙي هٿ ۾ ڏيندي چيائين:
”رات
کير ۾ وجهي پيارجئينس ٻيڙا
ئي
پار ٿي ويندا.
صبح جو سڄي ڳوٺ ۾ خبر باهه
جيان پکڙجي وئي ته پرهه
رات پيٽ جي سُور ۾ گذاري وئي…
هيلين گائودي
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
چاڙهيوس ڦاهيءَ تي!
ڀائڙا! مون کي هن مان ڪو به ڏک نه پهتو آهي. هُو
جيڪي ڪجهه ماڻهن کي ٻڌائي ٿو، تنهن تي مون کي ڪو
اعتراض بنهه ناهي. مان هڪ ڀيري کيس پرچار ڪندي ٻڌو
هو. مون کي سندس ڳالهيون ايڏيون ته وڻيون جو مان
ذري گهٽ سندس مريد ٿيڻ وارو هئس، پر بچي ويس. شام
جو جڏهن ته پنهنجي سؤٽ کي، اهو جيڪو گهوڙن جو نال
ٺاهيندو آهي، چيم، ”اڙي ڇورا! تون به هن جون
ڳالهيون ٻڌڻ ويندو ڪر. سچ پچ ته هو وڏو داناءُ آهي
پاڻ جيڪو ڳالهائي ٿو سو سورنهن آنا سچ آهي. ڳالهين
۾ ته ڪوڙ ۽ دوکي جي ڪا بُوءِ ئي ڪونهي. مان ته
سندس ڳالهيون ٻڌي روئي پيس ۽ سوچيم ته هوٽل بند
ڪري هن جو مريد ٿيان، جيئن هُو هر وقت اکين اڳيان
رهي. هن ٻڌايو پئي ته، ”پاڙيسرين سان محبت ڪريو
غريبن جي مدد ڪريو. جن توهان کي آزاريو آهي تن کي
معاف ڪري ڇڏيو ۽ توهان وٽ جيڪي ڪجهه آهي خيرات ڪري
منهنجي ڪڍ لڳي پئو.“
ادا! مان ته هڪ معمولي نانوائي آهيان ۽ نه ئي گهڻو
پڙهيل ڳڙهيل، پر پوءِ به هن کي ڳالهائيندو ٻڌي
منهنجي دل ميڻ وانگر رجڻ لڳي. هن جي ڳالهين منهنجي
ذهن تي چڙهيل ورهين جو بار لاهي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي
مان پاڻ کي ڏاڍو هلڪو ۽ تازو توانو پيو محسوس
ڪريان. سو مان پنهنجي سؤٽ کي چئي رهيو هوس ته، ٻڏي
مر! سڄو ڏينهن وتين ٿو چوندو ته فلاڻو منهنجو
هيترو قرضي آهي، فلاڻي کان هيترو وياج وٺندس ۽
فلاڻي تي هيترو ڏنڊ پوندو، پئسن ڏوڪڙن انڌو ڪري
ڇڏيو اٿئي. منهنجي ته اها صلاح اٿئي ته جيڪي ڪجهه
اٿئي سو غريبن ۽ اٻوجهن ۾ ورهائي ڇڏ ۽ ٻارن ٻچن
کان موڪلائي توڪلائي هن جي ڪڍ لڳي پئو.
اهو ته بيمارن ۽ جن ورتل کي به شفا ٿو ڏئي. کيس
وڏي طاقت آهي، جو وٽس جيڪو به وڃي ٿو سو چڱو ڀلو
ٿيو موٽيو اچي. پاڻ وارا طبيب ته ڏس! اصل ڦرلٽ
لايو ويٺا آهن. انهن کي ته رڳو ڏوڪڙ گهرجن. ڀلي
پوءِ ڪو چاقُ ٿئي يا نه؟ جڏهن وٽن ڪو سخت بيمار
ٿيندو آهي ته نهنڪار ڪندي چوندا آهن ته ڏاڍي دير
ڪئي اٿَوَ، هاڻي چاڙهو ته ڪونه ٿيندو. ۽ ها! توکي
ته خبر ئي آهي ته منهنجي گهرواري سڄا سارا ٻه سال
بيمار رهڻ کان پوءِ مري وئي. مان کيس مڙني ڊاڪٽرن
وٽ وٺي ويس ۽ مٿس سموري ميڙا چونڊي خرچ ڪيم، پر
ڪنهن جي به ڦڪين فرق نه ڪيو، هي سچار انسان جيڪڏهن
انهن ڏينهنِ ۾ هجي ها ته مان کيس پيرين پئي چوانس
ها، ”سائين! منهنجي گهرواريءَ کي چڱو ڀلو ڪر“ ۽
پوءِ هوءَ سندس قميص جي پلوَ کي ڇُهي ها ته چاق
چڱي ڀلي ٿي وڃي ها. بس! اها ته مون کي ئي خبر آهي
ته ويچاريءَ ڪيڏا ڏُک ڏٺا. منهنجي دل چاهي ٿي ته
هاڻي هُو سڀني کي چڱو ڀلو ڪري خبر ٿي! ڊاڪٽرن ته
اصل هن خلاف باهه ٻاري ڏني آهي، چون ٿا ته هُو ٺڳُ
۽ جادوگر آهي. سندن وسُ پُڄي ته جيڪر ويچاري کي
ڪچو چٻاڙي ڇڏين. اها ته حقيقت آهي ته جيڪو شخص
ماڻهن جي مدد ڪندو آهي ۽ کين ڏکن کا ڇوٽڪاريو ڏيڻ
چاهيندو آهي، تنهن کي گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو
آهي. منهنجو ته اهو خيال آهي ته هُو بيمارن کي خوش
ڪري ۽ مُردن کي به ٻيهر جيئاري، پر جيڪا پنجن
مانين واري ڳالهه آهي سا چِڙ ڏياري ٿي. کيس اهڙي
حرڪت هرگز نه ڪرڻ گهرجي. نانوائيءَ جي حيثيت سان
مان ته رڳو ايترو چوندس ته اها نانوائين سان سراسر
زيادتي آهي.
تون ڀلا اهو پنجن مانين وارو واقعو نه ٻڌو
ڇا.....؟ حيرت آ! هڙئي نانوائي ان واقعي جي ڪري
آپي کان ٻاهر نڪتا ٿا وڃن. خير...... ٻڌو اٿم ته
هڪ وڏو ٽولو سندس ڪڍ لڳو هلندو، هڪ رڻ پٽ ۾ وڃي
پهتو، پاڻ اتي ڪيرن ئي بيمارن کي چڱو ڀلو ڪيائين.
شام ٿيڻ تي سندس شاگردن کيس چيو، ”سائين! هنن کي
موڪل ڏيو ته گهر ڀيڙا ٿين ۽ وڃي کاڌي پيتي جو
بندوبست ڪن“ پر هن شاگردن کي چيو، ”نه نه اهي ڀلي
اُتي ئي هجن، توهان سڀني کي ماني کارايو.“ تنهن تي
شاگردن وراڻيو، ”پر اسان وٽ ته رڳو پنج مانيون ۽
ٻه مڇيون آهن.“ هن وراڻيو، ”مانيون ۽ مڇيون هڪ دم
مون وٽ کڻي اچو“ پوءِ هن ماڻهن کي ڇٻر تي ويهڻ
لاءِ چيو ۽ مانيون ۽ مڇيون هٿ ۾ کڻي آسمان ڏانهن
نهاريائين، پوءِ هڪ گرهه پنهنجي وات ۾ وڌائين ۽
شاگردن کي حڪم ڏنائين ته اهي هڙئي مانيون ۽ مڇيون
ماڻهن ۾ ورهايو. ماڻهن ڍؤ ڪري کاڌو، پوءِ شاگردن
مانيءَ جا بچيل ٽڪر ۽ مڇيءَ جا ڪنڊا ۽ هڏا ميڙي
کارن ۾ وڌا. پوءِ ٻارنهن کارا ڀرجي ويا . مرد ته
پنج هزار کن هئا، باقي عورتون ۽ ٻار ته ڳاڻاٽي کان
ٻاهر هئا.
تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته ڀلا نانوائي انهن ڳالهين تي
چڙن يا نه؟! ائين ٿيو ته پوءِ هرڪو پنج مانيون ۽
ٻه مڇيون کڻي وٽس ويندو ۽ هزار ماڻهن کي
کارائيندو، نانواين جو پوءِ ڇا ٿيندو؟؟ مڇين جي ته
ايڏي وڏي ڳالهه ڪونهي، اهي ته پاڻ ئي پاڻيءَ ۾
پيدا ٿين ۽ وڌن ويجهن ٿيون، جنهن کي وڻي سو کڻي
پڪڙي اچي، پر هڪڙو نانوائي ويچارو ڇا ڪري؟ هُو اٽو
به وٺي، نوڪر به بيهاري کيس پگهار به ڏئي ۽ ٽيڪس
به ڀري. باقي جيڪڏهن ٻه چار ڏوڪڙ بچن سي ويچارو
پاڻ تي خرچ ڪري! پوءَ وٽس بچندو به ڇا؟ هُو ته
آسمان کي تڪي هزارين ماڻهن کي کارائي ٿو، نه اٽي
جو خرچ، نه نوڪر چاڪر نه محنت، هُو ڀلي ماڻهن کي
ماني کارائي، پر ايترو خيال ضرور رکڻ گهرجيس ته
هُو ائين ڪري غريب نانوائين جي روزيءَ تي لت ڏئي
رهيو آهي. هن کي ائين هرگز ڪرڻ نه گهرجي. جيڪڏهن
کيس مانيون پچائڻ جو شوق آهي ته کولي هوٽل ۽ اسان
وانگر نوڪر چاڪر کي ۽ ٽيڪس به ڀري. هاڻي اسان وٽ
جيڪي ماڻهو اچن ٿا، چون ٿا، ”مار! هن سڙيل مانيءَ
جا ايڏا پئسا.....؟ توهان کي گهرجي ته اها ماني
جيڪر مفت ۾ ورهايو! باقي هن شخص واري ماني ته کائي
ڏسو! صاف سٿري ۽ ايڏي ته مزيدار جو بس کائيندو
وڃجي.“
اها حالت ڏسي اسان مانيءَ جو اگهه گهٽائي ڇڏيو
آهي. مان قسم کڻي چوان ٿو ته اسان نانوائي گهاٽي ۾
پيا وڃون. مون کي ته ڀؤ آهي ته ڪٿي هوٽل ئي بند نه
ٿي وڃن! اهو معاملو جيڪڏهن ائين ئي هلندو رهيو ته
پوءِ نانواين جو ڪاروبار ته ٺپ ٿي ويندو. ٻڌڻ ۾
آيو آهي ته هن هڪ جاءِ تي ستن مانين ۽ ڪجهه مڇين
مان چار هزار ماڻهو کارايا ۽ مڇيءَ جي ڪنڊن ۽ هڏن
۽ مانيءَ جي ٽڪرن مان فقط چار کارا ڀرجي سگهيا.
لڳي ٿو ته هاڻ هن جي ڪرامت گهٽبي پئي وڃي. پر هن
اسان نانوائين سان ڏاڍي جُٺ ڪري ڇڏي آهي پڪ سان هن
کي نانوائين سان ڪو وير آهي. مهاڻا به کيس پٽيندا
ٿا وتن. پوءِ به انهن مهاڻن جي مڇي جيئن تيئن ڪري
هلي ٿي وڃي. باقي اسان جا ته اصل لاهه ئي نڪري ويا
آهن.
ادا! ”مان ته ڪراڙو مڙس ٿي ويو آهيان ۽ آهيان به
ڇڙو ڇانڊ، نه زال نه ٻار ٻچا، نه ماءُ پيءُ ۽ نه
ڪي مٽ مائٽ، سؤٽ ۽ ماسات به وڃي پاڻ ڄاڻين مون کي
ڪنهن جي به گهرج ڪانهي، مان پنهنجي نوڪر کي چيو
آهي ته منهنجو هوٽل تون وٺ ۽ وڃي پاڻ ئي مٿا کٿا
ڏئي. مون ۾ هاڻ ڪم ڪرڻ جي سگهه ناهي رهي. دل چئي
پئي ته پنهنجو مال ملڪيت غريبن ۾ ونڊي ورهائي هڪ
الله ڪري سندس ڪڍ لڳي پوان، پاڙيسرين سان پيار
ڪريان ۽ اهي هڙئي ڪم ڪريان جن جي هُو پرچار ڪندو
ٿو وتي، پر نانوائين سان هن جيڪا تعدي ڪئي آهي
تنهن تي مون کي سخت چڙ آهي. منهنجي خيال ۾ هُو اهو
سڀ ڪجهه ڪري اسان جي ڌنڌي کي تباهه ڪرڻ ٿو چاهي.
مان اهو هرگز برداشت نٿو ڪري سگهان.“
اسان نانوائي مڙي سڙي گورنر وٽ وياسين ۽ دانهيوسين
ته هن اسان جي ڌنڌي کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي، ۽
ماڻهن کي به بغاوت لاءِ ڀڙڪائيندو ٿو وتي، پر توکي
خبر آهي ته اُهي حاڪم ڪيڏا نه سست آهن. ادا! توکي
منهنجي ڀلي ڀت خبر آهي ته، ”مان جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“
واري اصول تي هلندڙ ماڻهو آهيان. مون کي ڪنهن سان
جهيڙو جهٽو ڪرڻ جو ڪو شوق ڪونهي. باقي جيڪڏهن اهو
يوروشلم ۾ آيو ته پوءِ مان وچ رستي تي بيهي واڪا
ڪري چوندس ته، ”چاڙهيوس ڦاهيءَ تي.....! چاڙهيوس
ڦاهيءَ تي.......! چاڙهيوس ڦاهيءَ تي........!“
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ويهه تولا سون
رفيعه، موبائيل جي گهنٽيءَ تي ننڊاکڙين اکين سان
فون ڏي هٿ وڌائيندي سُست نموني سان چيو، ”هيلو!!“
سامهونءَ جو آواز ٻڌي کَنَ پل ۾ ننڊ اڏامي ويس،
سندس سڀ کان سٺي ۽ پياري ساهيڙي شهناز جي فون هئي.
هوءَ گهڻيون ساهيڙيون ڪڏهن به ڪونه رکندي آهي فقط
ٻه يا ٽي جيڪي دل کي سيبائيندڙ، صلاح مشوري ۽ خيال
شيئر ڪرڻ سان گڏ رازدار ۽ پُرخلوص هجن، شهناز جو
شمار انهن ۾ ئي هو. هوءَ سندس ننڍپڻ جي ڪلاس فيلو
۽ دِل گهُري دوست رهي آهي، ان کانسواءِ سُئي گئس
ڪالونيءَ جون ٻه ساهيڙيون به اٿس. هن جو گهر وارو
سئي گئس ڪمپنيءَ ۾ آفيسر آهي سندس رهائش گذريل
ويهن سالن کان سُئي گئس جي ڪالونيءَ ۾ آهي، هتي
عورتون شادين، غمين، موقعن مهلن تي ميل ميلاپ سان
گڏ هر ٻئي مهيني ’ڪميٽي پارٽي‘، ’افطار پارٽي‘،
’عيد ملن پارٽي‘، ’پروموشن پارٽي‘ نموني جون
دعوتون ڪنديون آهن، جن ۾ سڀ آفيسرن جون زالون شرڪت
ڪن ٿيون. ايئن هتي به رازدار ساهيڙيون پاڙي ۾ هئس.
شهناز سان خير عافيت ڪندي کيس هوءَ فڪرمند لڳي.
هڪدم پڇيائين، ”شهني! ڪجهه پريشان پئي لڳين؟“
”رفي، ڇا ٻڌايان؟ ڪم واري مائي سڀ سونا زيور چوري
ڪري وئي آهي ۽ شڪ نه پر يقين آهي ته ان ئي کنيا
آهن کيس جيل ۾ به وجهرايو آهي، پر قسمن مٿان قسم
پئي کڻي. پوليس کي ته اچي تماشو لڳو آهي. هڪڙا
پئسا انهيءَ کان پئي ڦري ٻيا وري اسان جي گهر جا
ڦيرا پئي کائي ته جيئن اسان وٽان چانهن پاڻي نڪري.
مون کي ٿورو ڊپ به پيو ٿيئي جي انهيءَ وٽ چوري
ناهي ته پوءِ ڪا اسان کي بددعا نه لڳي رب به الائي
ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي“، ٿوريءَ ساهيءَ کان پوءِ
چوڻ لڳي.
”نثار چوي ٿو ته هن ماسيءَ کان سواءِ ڪير ٻيو
ماڻهو آهي به ڪونه ۽ ٻيو ته ڪمري ۾ به هيءَ هڪ ئي
ايندي آهي. باقي چوري ڪئي اٿس ته پوليس چيو آهي ٻن
ڏينهن ۾ خبر پئي ويندي“.
رفيعه سڄي ڳالهه تحمل سان ٻڌندي چيس، ”شهناز! مون
کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته نوڪرياڻيءَ کي ڪهڙي خبر ته
تون زيور ڪاٿي ٿي رکين؟ ڇا تون ان جي سامهون ڪڍندي
هُئينءَ؟“
”اها ئي ساڳي ڳالهه پوليس انسپيڪٽر ڪئي، ڇا تون
پوين جنم ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل هئين ڇا؟“
رفيعه ٽيلفونڪ ماحول جي ڳنڀيرتا کي گهٽائيندي چيو،
”ڏس! راڻي اها ته عام عقل جي ڳالهه آهي، منهنجي ۽
پوليس جي ڪا به هوشياري ڪونهي، توکي ته خبر آهي ته
انهن ڪم ڪندڙ ماسين جي گهرن جي اٿي ويٺي ۽ ماحول
ڪهڙي قسم جو هجي ٿو. نشائي مرد روز ماين کي موچڙا
ڪُٽ ڪن جو کين نشي لاءِ پئسو گهرجي، سندن ٻارن ۾
به ڪا تهذيب ۽ تميز ڪونهي، ان کانپوءِ هر ماسي ٻن
ٽن گهرن ۾ ڪم ڪندي به پندرهن کان ويهن هزارن تائين
مَسَ ٿي ڪمائي، آخر اهي ايترو پئسو ڪاٿئون آڻين،
جو هن مهانگائيءَ جي جُنَ کي مُنهن ڏين ته گڏ مردن
جي نشي جي پئسي جي پورت به ڪَن، مارَ موچڙي کان
پوءِ اهي عورتون ايتريون ته بي حس ٿي وينديون آهن
جو ڪجهه به ڪري سگهن ٿيون. هٿ جي صفائي ڏيکارڻ ته
سندن لاءِ ساڄي هٿ جي راند آهي“، شهناز ذري گهٽ
روئڻهارڪي آواز ۾ چيو ته، ”رفي، توکي خبر آهي
امان جيڪو منهنجي ڏاجي لاءِ ادا ڪاشان کان دبئيءَ
مان ڀاري سونو سيٽ گهرايو هو. ماسي نعمت اهو به
پار ڪري وئي، ڏس ته سهي نڀاڳي ڪيتري نه چالاڪ
نڪتي، وڏي پوتي پائي پاڻ کي ڍڪي ايئن خود کي نيڪ
پروين ظاهر ڪندي هئي ڄڻ ان کان وڌيڪ ڪو امانتدار
ئي ڪونهي، آئون ته سڄو گهر سندس حوالي ڪندي هيس.
امان مون کي اڪثر چوندي رهي، ”شهني پنهنجو ڪمرو
بند ڪري ويندي ڪر“. پر منهنجو هڪڙو ئي جواب هوندو
هو ته، ”امان! ماسي نعمت اهڙي ڪانهي جهڙي توهان
سمجهو ٿا!“. وڏي ڳالهه توکي ته خبر آهي ته نثار
ڪيترو آرام ۽ اهتمام سان آفيس تيار ٿي ويندو آهي.
آئون ڪمرو بند ڪري جي ڊيوٽيءَ تي وڃان ته پوءِ هن
کي نه فقط ڏکيائي ٿيئي پر گڏ چِڙ به ڏاڍي اچيس. هن
کي ته انهن ڪم وارين ماسين لاءِ ايترو ته سافٽ
ڪارنر آهي جو سدائين چوندو، ”ويچاريون اهي غريب
محنت ڪش مايون ڇا کائين ٿيون؟ ڇا کڻي وڃن ٿيون؟
وري توهان بي اعتباري به ڪيو ته سندن عزتِ نفس
مجروح ڪونه ٿيندي؟“
رفيعه ساڪت ٿي سندس روئداد پئي ٻڌي. شهناز وري
روئڻهاري آواز ۾ چوڻ لڳي، ”هاڻي سندس جي اعتبار
مون سان هيءَ حالت ڪئي آهي گهٽ ۾ گهٽ ويهه تولا
سون جو زيور کڄي ويو آهي. تون ٻڌائي اڄ جي دور ۾
ويهه تولا سون جي ڪيتري قيمت آهي؟ نڀاڳي هڪ ٻه
شيون کڻي ها ته به روئي روئي ايترو بي حال نه ٿيان
ها!“ سڄو هفتو رُني آهيان فقط چار چوڙيون ۽ ٻه ٽي
منڊيون بچيون اٿم. امان به لاڙڪاڻي مان مون وٽ آئي
آهي. امان ۽ بابا ئي صلاح ڏني ته مائيءَ کي پوليس
۾ ڏيو. نثار ته صفا راضي ڪونه هو. بس يار تون دعا
ڪر ته ڪو سامان ورائجي ملي ۽ ڪا ڪم واري به ڏيار“.
رفيعه سڄي سراپجي وئي. کيس اندازو ئي نه هو ته
شهناز جو ڪو ويهن تولن جو نقصان ٿي ويو آهي. ٻي
ڳالهه ته وٽس هاڻي هن وقت ڪا ڪم واري به ڪونهي.
آفيس مان هفتي جي موڪل ورتي اٿائين، گهر جو سڄو ڪم
مٿس ڪري پيو آهي. هوءَ کيس تسلي ڏيندي چوڻ لڳي،
”شهني! آئون پوري ڪوشش ڪنديس ته توکي ڪا سٺي ماسي
ڏيرايان، پر ڪجهه ڏينهن صبر ڪر، جو پوليس توهان
سان رابطي ۾ آهي نئين ماسي متان ڊڄي ڪم ڇڏي وڃي“.
”ها! رفيعه بلڪل سورنهن آنا سچ ٿي چوين. هن وقت
امان به موجود آهي ۽ مون موڪل به ورتي آهي ڪجهه
ڏينهن گذرن پوءِ ڪوشش ڪجانءِ“.
”شهني تون ڪوبه فڪر نه ڪر همٿ ۽ حوصلو نه ڇڏ الله
سڀ سڻائي ڪندو. انشاء الله چوري ملي ويندي. اهي
ماسيون سڀ سٺيون ناهن هونديون منهنجا به ٻه ٽي تلخ
تجربا ٿيا آهن ياد ڪونه اٿيئي ڇهه ست سال اڳ مون
توکي ٻڌايو هو ته جڏهن آئون منهنجو ننڍڙو راشد کڻي
نرسريءَ ۾ ڇڏي پريان ڪاليج ويندي هيس تڏهن جلدي
صبح جو گهران نڪرڻ مهل مون کان به بي ڌياني ٿي
ويندي هئي. پرس ۾ پئسا رکڻ لاءِ الماڙي جو خانو
کوليندي هيس اها ماسي زڪيه ٻه ٽي دفعا ڏسي ڇڏيا ۽
کيس اها به خبر پئجي وئي ته آئون چاٻيون ڪٿي ٿي
رکان! مون ڪو فڪر ڪونه ڪيو جو آئون زڪيه تي انڌو
اعتماد ڪندي هئس، ظاهري طور هوءَ ڪم به دل و جان
سان ڪندي هئي وڏي ڳالهه راشد کي به ڏاڍو ڀائيندي
هئي. مون کي ڪڏهن وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته آئون
ڪنهن تقريب يا اوڙي پاڙي يا مرڻي پرڻي وڃان ٿي ته
هوءَ پويان ان مان ڪجهه نه ڪجهه پئسا پار پئي ڪري.
جڏهن منهنجو شڪ پَڪَ ۾ بدلجي ويو. تڏهن پوءِ هڪڙو
ئي ڪم ڪيم جو بهانو ٺاهي کيس ڪڍي ڇڏيم، سهيل ته
ناراض ٿيو ته هاڻي بک مري وينداسين. روز ماني تيار
ڪونه هوندي، ڇو پنهنجي دشمن ٿي آهين؟. پر مون به
پڪو ڪم ڪيو پهريائين هڪ سٺي مائي ڳولهي پوءِ زڪيه
مان هٿ ڪڍيو. وڃڻ مهل يقين ڪر ماسي زڪيه ايتريون
ته منٿون ڪيون ته، ”مون کي توهان جو آسرو آهي مون
کي نه ڪڍو“ پر آئون پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيس، ٻن
ٽن مهينن ۾ چاليهارو هزار چورائي وئي، هاڻي تون
ٻڌائي اهڙيءَ ماسيءَ لاءِ ڪٿان دِل جي ڪشادگي
آڻيان جا روز روز چوري ڪري ’ڪِني آڱر وڍي ڀلي‘، سو
راڻي ڪنهن کي به اندر نه ڏجي، پنهنجي شيءَ جي
حفاظت ڪرڻ پاڻ جو ئي ڪم آهي. پاڻ به نوڪرين ۾
اهڙيون قابو ٿيون آهيون ڄڻ انهن اڳيان پيري پيون
پئون. تون دلجاءِ ڪر آئون تنهنجي لاءِ دل و جان
سان ماسيءَ لاءِ ڪوشش ڪريان ٿي“. شهناز ٿورائتي
ٿيندي چوڻ لڳي،
” بس رفو تنهنجو ئي آسرو اٿم، صفا بيمار ٿي پئي
آهيان ڪم ته پڄي ئي نٿو ڪم لاءِ ماڻهوءَ جي ڪوشش
پوري ڪجانءِ“
رفيعه ڪلاڪ جي ڊگهيءَ فون کانپوءِ هٿ منهن ڌوئي
نيرن جي تياريءَ ۾ لڳي. اڄ سندس ڪم واري به ڳوٺ
ڪنهن شاديءَ ۾ ويل هئي ٻار به جاڳي ويا هئا. جلدي
جلدي هٿ هلائيندي نيرن ٺاهيندي به سندس سڄو ڌيان
شهناز جي چوريءَ واري واقعي ڏانهن هئس. کيس ياد
اچڻ لڳو ته هڪ ڪليگ کيس ٻڌايو هو ته هتي ته ماسين
جا باقائده گروهه آهن جيڪي سڀ هڪٻئي کي سپورٽ
ڪنديون آهن. ڪابه ڪنهن ٻيءَ جي جڳهه تي ڪم لاءِ
ڪونه لڳندي ته متان اڳيئن جي روزيءَ تي لت ڏيڻ سان
کيس بد دعا لڳي. باقي جيڪي به ڏوهه ڪنديون هيون
انهن ۾ کين ڪنهن به پٽ پاراتي يا بددعا جو ڪو ڊپ
ڪونه ٿيندو هو اهو ڄڻ سندن حق هو. انهيءَ ۾ ڪي ته
اهڙيون هيون جيڪي چوريءَ ۽ ڦر کان سواءِ قتل ڪندي
به نه هٻڪن اهڙين ڪرمنل ماين جا ڪي واقعا ڪراچي،
اسلام آباد ۽ لاهور جهڙن شهرن ۾ ٿين ٿا، جتي گهر
جي عورت کي کاڌي ۾ ننڊ جي دوا گهٽ مقدار ۾ پوءِ
آهستي آهستي وڌيڪ ڏئي بعضي زهر ڏيئي گهر مان سڄو
قيمتي سامان کڻي وينديون آهن، جن سان گڏ ڏوهه ۾
مرد به شامل هجن ٿا، اهڙو هڪ واقعو سندس ڪليگ
ٻڌايو ته رفيعه جا ته لونءَ ئي ڪانڊارجي ويا. هوءَ
ڏاڍو ڊڄندي هئي سندس ڪالوني محفوظ هئي. گيٽيڊ
ڪالوني ۽ ٻاهر گارڊ هئڻ سبب انهن جي آس پاس ڪو به
ناخوشگوار واقعو ڪڏهن پيش ڪونه آيو.
سڀني کي نيرن ڏيئي وري فون کڻي شهناز لاءِ ماسيءَ
جي ڳولها لاءِ فونون ڪرڻ لڳي، اڄ سهيل به موڪل هئڻ
ڪري گهر ۾ موجود هو ۽ هن اخبار پڙهندي به رفيعه ۽
شهناز جي سڄي گفتگو ٻڌي هئي جيئن ئي رفيعه فون ختم
ڪئي اچي سندس پاسي ۾ ويٺو.
”راڻي! ڇو ٿي پنهنجي مٿي تي وڏا بار کڻين هيءُ
شهر آهي ڳوٺ ڪانهي جو هر هڪ کي هڪٻئي جي خبر هجي.
هتي ته ڪنهن کي ڪا خبر ڪونهي ته ڀر واري گهر ۾ ڇا
پيو ٿيئي؟ ڪو پاڙيسري ڪنهن جي دانهن ڪوڪ تي نه پيو
پهچي، اڄ ڪنهن تي ڪو ڀروسو ڪونهي تو ڪا مائي ڏيارڻ
جي غلطي نه ڪجانءِ!!“.
”پر سهيل هوءَ منهنجي تمام سٺي ساهيڙي آهي توهان
کي به خبر آهي، ڏس ڪيڏيءَ تڪليف ۾ آهي آئون به ڪو
ته ٻوٽو ٻاري دوستيءَ جو حق ادا ڪيان“.
”يار، مون کي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي تون منهنجي
ڳالهه فالو ڇو نٿين ڪرين؟ واقعي سياڻا صحيح چوندا
آهن ته، ”ذال ذات جو عقل کڙيءَ ۾ آهي“.
”باءِ دي وي اهي ڪهڙا سياڻا چئي ويا آهن، جن جي
چوڻيءَ کي صدين کان توهين سنڌي مرد استعمال ڪري
اسان عورتن جو دِل ساڙيندا آهيو. منهنجي دِل گهُري
ساهيڙي ڪيڏي پريشان آهي گهڙي گهڙي سندس آواز جهيڻو
پئي ٿيو. منهنجي ته دل ۾ وَڍَ ٿا پون. ڪيئن هاڻي
وري هيءَ ويهه تولا سون ٺهرائيندي؟ دِل ٿي چاهي ته
ماسيءَ نعمت کي پٽي هينئين پاراتو ڏيان. الله ڪو
شهنيءَ جي ٿوري کٽئي گهڻي برڪت وجهي“.
سهيل ڏٺو مار معاملو ته جذباتي آهي سو کيس ٿڌو
ڪندي چوڻ لڳو، ”رفيعه آئون اَرَهو ڪونه آهيان ته
تون نيڪي نه ڪرين، پر هن وقت حالتون صحيح ڪونهن.
ادي شهناز جو به ته ڏوهه مڃ جنهن ايترو سارو سون
گهر ۾ رکيو. هن دؤر ۾ گهرن ۾ گهڻو سون ۽ پئسو نه
رکڻ گهرجي ۽ ٻيو نوڪرياڻيءَ تي انڌو اعتبار ڪيائين
تون ڇا ٿي سمجهين! پنهنجي وڍئي جو ڪو ويڄ طبيب
آهي؟، ايتري سادگي رکڻ جو هيڏو وڏو نقصان ملي، اهو
صحيح آهي؟ سائين! اڄ ڪنهن جي ساک کڻڻ جو زمانو
ڪونهي صبح تنهنجي ڏياريل ماسي ڪو غلط ڪم ڪري ته
ذمه دار ڪير ٿيندو؟“
رفيعه کيس گهڻو ئي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هوءَ
ننڍپڻ جي دوستي ۽ انساني همدرديءَ تحت هُن جي ڪم
اچي رهي آهي، پر مڙسينهس جو هڪ ئي موقف هو ته،
”هيءُ وڏو شهر آهي جتي ڏوهاري عورتون به گهريلو
ماسين جي صورت ۾ موجود آهن، ڪنهن جي ڪا به ساک
ڪونهي ان ڪري انهيءَ ڪم ۾ هٿ نه وجهه.
رفيعه جي ڳولها ڪندي به ترت
ڪا ماسي ملي ڪانه سگهي. ٿورن ڏينهن ۾ شهناز جي آئي
فون ته ماسيءَ پنهنجو ڏوهه مڃيو آهي ۽ سوناري وٽ
به وٺي هلي، جنهن اڌ رقم ۾ سون ورتو ۽ اڃا سون کي
ڳاريو به ڪو نه هو. شهناز پنهنجو سون سڃاتو، پر
پهرين اهو پوليس ڪسٽڊيءَ ۾ ويو، سوناري تي به ڪيس
ٿيو، هيڏيءَ وڏي ريڙهه پيڙهه کانپوءِ به هٿ ۾ ڪجهه
ڪونه آيو آهي. هاڻي به سامان جڏهن ملي تڏهن خبر
پوي اهو به چيائين ته، ”امان هاڻي ڳوٺان ڪم لاءِ
ننڍو ڇوڪرو آندو آهي ان ڪري فڪر نه ڪجانءِ في
الحال ڪم ڪار لاءِ ماڻهوءَ جو بندوبست ٿي ويو
آهي“.
رفيعه سک جو ساهه کنيو.
انهيءَ واقعي کانپوءِ ته هوءَ هيڪاري محتاط ٿي
وئي. هر ماسيءَ تان ڄڻ اعتبار کڄي ويس، پر مجبوري
وري به مجبوري آهي سو ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه.
نوڪرياڻيءَ ۽ مالڪڻ جي نه ٽٽندڙ تعلق کي تسليم
ڪندي ڳوٺان ڇهن ڏينهن کانپوءِ واپس آيل ماسيءَ جي
پيرن ۾ خود کي ڄڻ ڪرندو محسوس ڪيائين، مستقل پوري
هفتي جي گهر جي ڪم سندس لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا هئا. |