سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

 

 

 

مخدوم جعفر بوبڪائي جي تصوف بابت

اوائلي تصنيف ’ارشاد الصادقين‘

مخدوم جعفر بوبڪائي جو جنم ڏهين صدي هجريءَ جي پهرين اڌ سال 930/1523 ڌاري تسليم ڪيو ويو آهي، حالانڪ سندس سوانح ۾ ڪي اهڙا اشارا ملن ٿا، جن مان اندازو ٿئي ٿو ته هُو غالباً ان کان ڏهاڪو سال اڳ 920هه ڌاري ڄائو هوندو. هن هڪ علمي خاندان ۾ جنم ورتو، سندس والد مخدوم عبدالڪريم عرف مخدوم ميران پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ مدرس هو، جنهن جو ٺٽي شهر ۾ مشهور مدرسو هو. هُو خانداني لحاظ سان عباسي هئا، جن جي وڏن عرب مان هجرت ڪري سنڌ جي تاريخي ڳوٺ بوبڪ کي اچي آباد ڪيو هو، ان ڳالهه ۾ شڪ نٿو ڪري سگهجي ته لفظ بوبڪ جيڪو ابوبڪر جي بگڙيل صورت آهي، هن خاندان جي هڪ بزرگ فرد جو نالو هو جنهن جي نالي پويان هيءُ ڳوٺ سڏجڻ ۾ آيو.

مخدوم جعفر جي تعليم ۽ تربيت سندس والد جي نگرانيءَ ۾ ٺٽي ۾ ٿي ۽ ان مدرسي جي اها شهرت هئي جو همعصر مؤرخ مير معصوم لکي ٿو ته شاه حسن جيڪو سنڌ جي حڪمران شاه بيگ ارغون جو پٽ هو ۽ 928هه ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو، ڪجهه وقت لاءِ ان مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، بلڪ اهو به لکيو اٿس ته شاه حسن قاضي ڏتي سيوهاڻيءَ جي مدرسي مان به تعليم پرائي هئي. مير معصوم مخدوم ميران جي جن همعصر عالمن ۽ مشاهيرن جو ذڪر ڪيو آهي ان ۾ مخدوم بلال، قاضي ڏتو سيوهاڻي، قاضي قادن، سيد حيدر ۽ شيخ عبدالله درٻيلي وارو شامل آهن(1). مخدوم ميران جي علمي فضيلت سنڌ کان ٻاهر به پهتل هئي جو يارهين صديءَ جي شروع ۾ ’گلزار ابرار‘ جي مصنف سندس ۽ خود مخدوم جعفر جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهيو آهي(2)، مير علي شير قانع ’مقالات الشعراء‘ ۾ مخدوم ميران جو هي شعر نقل ڪيو آهي جنهن مان سندس صوفيانه مزاج جي خبر پوي ٿي: (3)

ميانهء من و جانان همين من است و نه غير

خدا شناس نماند ببند کعبه و دير.

ترجمو: محبوب ۽ منهنجي وچ ۾ اها آءٌ ئي حائل آهي، انهيءَ ڪري جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو اهو ڪعبي ۽ دير (مڙهيءَ) جي فرق ۾ نٿو ڦاسي.

تاريخ معصوميءَ موجب مخدوم ميران 949هه ۾ وفات ڪئي، اهو وقت هو جڏهن هندوستان جو بادشاهه همايون شير شاه سوريءَ کان ڀاڄ کائي 947هه کان 950هه تائين اٽڪل ٽي سال سنڌ ۾ دربدر هو ڇو ته شاه حسن ارغون سنڌ جو حڪمران کيس پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي رهائڻ لاءِ تيار نه هو. هڪ لحاظ سان اهو سخت انتشار ۽ افراتفريءَ جو زمانو هو حالانڪ شاه حسن پيءَ جي مرڻ کان پوءِ 928هه ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو هو ۽ ڪيتريون لڙايون ڪندي اقتدار قائم رکيو هئائين ۽ ان دوران پهريائين اُچ ۽ پوءِ ملتان 933هه ۾ فتح ڪيائين، ان کان پوءِ ڪڇ ۽ گجرات تي پڻ حملا ڪيائين.

تاريخ معصوميءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته شاه حسن علمي ۽ شاعرانه مزاج رکندڙ هو، بلڪ پاڻ به شاعر هو جو سندس تخلص سپاهي هو، سندس شاعريءَ جي قدردانيءَ جو وڏو ثبوت شاه جهانگير هاشميءَ جي مثنوي مظهرالآثار آهي جيڪا هن ٺٽي ۾ سال 940هه ۾ مڪمل ڪئي ان ۾ شاه حسن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيائين: (4)

شاه حسن خسرو شيرين سخن

انبته الله نباتاً حسن

ترجمو: شاه حسن شيرين سخن بادشاه آهي، الله تعاليٰ هن کي سهڻي نموني ۾ اُپايو ۽ نپايو آهي.

اهڙيءَ طرح شاه حسن ارغون جو ٻيو وڏو قدردان شاعر فخري هروي آهي جيڪو 947 کان 962هجري يعني مرڻ تائين ساڻس گڏ رهيو ۽ ’روضته السلاطين‘، ’جواهر العجائب‘ ۽ ’صنايع الحسن‘ لکيائين.

جواهر العجائب جيڪو عورت شاعرن بابت پهريون فارسي تذڪرو آهي، اڃان مڪمل ڪونه ڪيو هئائين ته شاه حسن وفات ڪئي، شاعر فخري هروي حالتن جو رخ سمجهي سڌو آگره پهچي ويو ۽ اهو لکيل تذڪرو اڪبر ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيائين. (5)

شاه حسن جي ايڏين علمي فضيلتن ۽ علمي ڪمالات جي باوجود لڳي ٿو ته هن سنڌ جي عالمن ۽ سندن مدرسن جي ڪا پرگهور نه لڌي، ايتريقدر جو اندازو ٿئي ٿو ته جڏهن مخدوم ميران جنهن جو مدرسو ٺٽي ۾ هو جنهن لاءِ مير معصوم لکي ٿو ته شاه حسن ان مدرسي ۾ ڪجهه وقت پڙهيو. هن جڏهن 949هه ۾ وفات ڪئي ته ان کان جلدي پوءِ سنڌ ۾ اندروني خلفشار ڪري اهو مدرسو بند ٿي ويو. اسان جي نظر ۾ اهوئي وڏي ۾ وڏو سبب آهي جو مخدوم جعفر نسبتاً نوجوانيءَ ۾ جڏهن پوريءَ ريت علمي تحصيل کان فارغ نه ٿيو هو ته سنڌ جا وڻ ڇڏي حجاز جو رخ رکيائين.

سنڌ جون اهي بگڙندڙ حالتون هيون جو قاضي قادن جهڙي عالم ۽ صوفيءَ کي جيڪو شاه بيگ ارغون کان پوءِ سندس پٽ سنڌ جي حڪمران شاه حسن کي گهڻو ويجهو هو، سن 947هه ۾ حرمين ڏانهن هميشه لاءِ هجرت ڪئي جتي هُو 958 ۾ وفات ڪري ويو.

مخدوم جعفر حرمين ۾ رهائش دوران هيٺين عالمن جو خاص طور ذڪر ڪيو آهي جن کان کيس مستفيض ٿيڻ جو موقعو مليو: (6)

(1)  شهاب الدين ابن حجر المڪي الهيتمي (وفات: 974هه)

(2) علي بن حسام الدين المتقي الهندي (وفات: 975هه)

(3) محمد بن طاهر پٽني گجراتي (وفات: 986هه)

(4) محمد بن ابي الحسن البڪري (994هه)

(5)  عبدالقادر بن ابراهيم بن محمود المدني

ابن حجر جو تعلق مصر سان هو ۽ شافعي مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ هو، محدث هو ۽ حديث جي علم بابت سندس ڪيتريون يادگار تصنيفون آهن.

علي متقي اصل ۾ جونپور جو هو، هُو گجرات ۽ ملتان کان ٿيندو حجاز پهتو هو، جتي شيخ ابوالحسن بڪريءَ ۽ ابن حجر مڪيءَ جو شاگرد ٿيو. مڪي ۾ هميشه لاءِ رهي پيو، علي متقي قادري سلسلي کان پوءِ شاذليه ۽ مدنيه سلسلي سان وابسته ٿيو، حديث ۾ سندس ڪارنامو ڪنزالعمال آهي جنهن ۾ هن جلال الدين سيوطيءَ جي جمع الجوامع کي فقهي اعتبار سان ترتيب ڏنو آهي. ان ڪري ابن حجر حديث جي معاملي ۾ ڏانهس رجوع ڪندو هو، علي متقي جي تصنيفن جو تعداد ڳچ آهي، تصوف ۾ به ڪيترا ڪتاب لکيائين. شاذليءَ طريقي جي شيخ ابن عطاءَ الله جي ’الحڪم‘ جي شرح به لکيائين. 1495 ۾ مڪي ۾ پنهنجي هم وطن ميران محمد جونپوريءَ جنهن مهدويت جو اعلان ڪيو هو ان جي خلاف هڪ الڳ ڪتاب لکيائين. (7) شاذلي طريقي جي اڳواڻ شيخ احمد زروق جي ڪتاب ’اصول طريقت‘ جي تشريح ڪندي هڪ الڳ ڪتاب لکيائين، شيخ علي متقيءَ جي شاگردن ۾ محمد بن طاهر پٽنيءَ شامل آهي، جيڪو پٽن گجرات جو هو پنهنجي تصنيف مجمع البحار جي ڪري مشهور آهي، هُو 986هه ۾ مهدوين جي هٿان شهيد ٿي ويو.

اسان هتي مخدوم جعفر جي استادن جو ذڪر ٿورو تفصيل سان ان ڪري ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته هُو اڪثر پنهنجي ڪتابن ۾ انهن کي ياد ڪري ٿو يا انهن جا حوالا ڏئي ٿو، هُو انهن سان بحث مباحثن کان بعد ڪن ڳالهين ۾ کانئن لکت ۾ تصديق حاصل ڪري ٿو. حجاز ۾ رهائش دوران مخدوم جعفر انهن استادن کان سواءِ جنهن ٻي وڏي شخصيت کان گهڻو متاثر ٿيو اهو جلال الدين سيوطي هو، جنهن 911هه ۾ وفات ڪئي هئي ۽ مخدوم صاحب جي اتي پهچڻ واري زماني ۾ هن جي تمام وڏي علمي هاڪ هئي. وڏي ڳالهه ته مخدوم جعفر جي استاد علي متقيءَ سيوطيءَ جي حديث جي ڪتاب کي نئين صورت ۾ مرتب ڪيو هو ۽ مخدوم جعفر سندس ان علمي ڪاوش کان ضرور واقف هو.

مخدوم جعفر حرمين ۾ ڪيترو عرصو رهيو، ان جو اندازو سندس هڪ تحرير مان ڪري سگهجي ٿو ته 959هه ۾ هُو اڃان اتي هو ۽ پنهنجي علمي ذوق جي تڪميل ڪري رهيو هو، اتي رهائش دوران سندس واسطو وقت جي وڏن عالمن سان پيو، جن ۾ خاص طور پنهنجي استاد شهاب الدين ابن حجرمڪي (وفات 974هه) جو بار بار ذڪر ڪري ٿو. مڪي پاڪ جو اهو مدرسو جنهن ۾ مخدوم جعفر جو  قيام هو گجرات جي سنڌي نسل جي مشهور شخصيت ۽ ان وقت جي وزير آصف خان جي مالي مدد سان هلندڙ هو جيڪو شيخ علي متقيءَ جو عقيدتمند هو. (8)

مخدوم جعفر عرب جي سرزمين تي ڪيترا سال قيام ڪيو ان بابت پڪ سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي. ليڪن سندس 41 ڪتابن مان صرف ٽي فارسيءَ ۾ آهن. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته هو ڪافي سال اتي مقيم هو. اهوئي سبب آهي جو سندس تحريرن ۾ ڪنهن حد تائين ابن تيميه ۽ خاص طور جلال الدين سيوطيءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو ۽ سندس فڪر تي به اهي آثار واضح لڳن ٿا.

مخدوم جعفر تي ٿيل نئين تحقيق موجب غالباً اهو سال 961هه يا ان کان جلدي پوءِ جو زمانو آهي جڏهن هُو حرمين کان سنڌ واپس ٿيو، ان جو وڏو سبب ان مدرسي جي مالي معاونت جو خاتمو هو. اهو واقعو مخدوم جعفر پاڻ پنهنجي عربي ۾ لکيل ڪتاب ’الحجة القويه‘ ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن جو اختصار هن ريت آهي: (9)

گجرات جو نامور وزير آصف خان (907-961) سنڌي نسل جو هو، جيڪو پنهنجي لياقت سببان گجرات جي بادشاهه محمود گجراتيءَ جو نهايت اعتماد وارو ۽ بااثر وزير هو ۽ ان عهدي تي رهندي هن مدرسي جي سرپرستي جاري رکي ليڪن ڪجهه سالن کان پوءِ بدقسمتيءَ سان بادشاهه جي نمڪ حرام غلام جي هٿان نه صرف بادشاهه قتل ٿي ويو بلڪ ان سان گڏ سندس ٽي وزير جن ۾ آصف خان اصل نالو عبدالعزيز بن محمد سنڌي شامل هو قتل ٿي ويا. مخدوم جعفر وڌيڪ لکي ٿو ته عبدالعزيز عالم ۽ صوفي هو جنهن پنهنجي زندگيءَ جا تيرهن سال مڪي مديني ۾ گذاريا هئا. ۽ اهو عرصو 942هه کان 955هه تائين هو. اهو مدرسو هو جنهن ۾ مشهور عالمِ دين ابن حجر مڪي ۽ شيخ علي متقي درس ڏيندا هئا، ۽ جتي مخدوم جعفر سمورو عرصو ترسيل هو. مطلب اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته جيستائين اهو گجراتي مدرسو جاري رهيو ته مخدوم صاحب اتي ئي رهيو، اهڙو اشارو سندس ڪتاب ’عجالته الطالبين‘ ۾ ملي ٿو، جتي اهو واضح ڪري لکيائين ته هن اهو ڪتاب حرمين مان واپس اچي سال 962هه ۾ بوبڪن ۾ لکي مڪمل ڪيو. ان لحاظ سان اندازو آهي ته مخدوم جعفر ڀريا ڏهه سال حجاز جي سرزمين تي گذاريا. انهيءَ پسمنظر ۾ اهوئي عقلمنديءَ وارو رستو هو ته مخدوم جعفر بوبڪ ۾ پنهنجي خانداني مدرسي کي اچي آباد ڪري جتي ٺٽي کان پري ماحول گهڻو پرامن هو.

مخدوم صاحب جي ڪن تحريرن مان اندازو ٿئي ٿو ته هُو سنڌ سان پاڙيسري ملڪ گجرات ويو هو، جيڪو سندس استادن علي متقيءَ ۽ شيخ طاهر پٽنيءَ جو ديس هو ڇو ته اتي پهچڻ کان پوءِ هو هڪ اهڙي فتويٰ ڏسي ان جو ذڪر ڪري ٿو جنهن مطابق اتي رهندڙ بوهري فرقي جي ماڻهن تي ان وقت جزيو لاڳو ڪيو ويو هو.

مخدوم جعفر بابت ٻي نهايت عام روايت جيڪا اڪثر تذڪرن ۾ ملي ٿي اها هيءَ اهي ته ٺٽي ڏانهن ويندي هالڪنڊي ۾ سندس ملاقات مخدوم نوح سان ٿي هئي. انهيءَ ملاقات ۾ مخدوم نوح جو الله تعاليٰ کي جسماني اکين سان ڏسڻ بابت سوال جواب ٿيو، مخدوم جعفر انهيءَ سوال جو مخدوم صاحب کي نهايت اطمينان بخش جواب ڏنو هو، جنهن ڪري مخدوم نوح چيو هو ته ”نه هيو جعفر ته مخدوم ٿيو ڪافر.“

هن گفتگوءَ مان ان وقت جي سنڌ جي علمي ماحول جي سنجيدگيءَ ۽ مخدوم نوح طرفان عالمانه راءِ جي احترام جو مظاهرو ٿئي ٿو.

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو:

مخدوم نوح پنهنجي ولايت جي اوائلي دور ۾ الاهي مشاهدي بابت ائين ڀانيو ته ڄڻ هُو
’ذاتِ حق‘ کي پنهنجي اکين سان ڏسي سگهي ٿو. اهو ٻڌي مخدوم جعفر هلي آيو ۽ اچي مخدوم صاحب کي ذهن نشين ڪرايائين ته الاهي مشاهدن جو تعلق ظاهري اکين سان نه بلڪ اندر جي اکين سان آهي، وڌيڪ سمجهائڻ خاطر مخدوم موصوف کي چيائين ته اکيون بند ڪريو ۽ پوءِ توجه ڪريو. مخدوم صاحب ائين ڪيو ته پاڻ اندروني توجهه سان وڌيڪ مشاهدو ٿيو ۽ مخدوم جعفر جي سڄي حقيقت کي محسوس ڪيائين، پوءِ ٻين جي هدايت خاطر مثال ڏئي چوندا هئا:(10)

نه آيو جعفر، ته نوح ٿيو ڪافر.

انهيءَ ساڳي حقيقت کي پنهنجي هيٺئين بيت ۾ بيان ڪيائون ته:

اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،

آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.

هيءَ حڪايت ايڏي مشهور ٿي جو ٻه صديون پوءِ تحفته الڪرام ۾ پڻ موجود آهي. (11)

مخدوم جعفر خدا کي جواب ۾ ڏسڻ ۽ رسول الله ﷺ جي خواب ۾  زيارت بابت پنهنجي ڪتاب ’ڪشف الحق‘ ۾ چڱيءَ طرح بحث ڪيو آهي. اتي هُو پنهنجي اها ساڳي راءِ قائم رکي ٿو ته خدا کي هنن جسماني اکين سان ڏسي نٿو سگهجي ۽ چوي ٿو ته اهو دل جو مشاهدو آهي. اهڙيءَ طرح خواب ۾ نبين ۽ رسولن جي ڏسڻ کي هُو ’رويا‘ قرار ڏئي ٿو، گويا خاص ڪيفيتن مان گذرڻ چوي ٿو. هن باري ۾ پنهنجي حرمين جي استاد شيخ محمد بڪريءَ جي راءِ کي به حمايت ۾ نقل ڪري ٿو ۽ ان جو حوالو ڏئي ٿو.

بيان العارفين ۾ هڪ ٻيو نقل ملي ٿو ته قطب نالي شخص هڪ رات بوبڪن ۾ ترسيل هو، جو طالبن کانئس پڇيو ته ڪنهن جو مريد آهين. جواب ڏنائين ته خدا جو مريد آهيان، اهو جواب ٻڌي کيس مخدوم جعفر وٽ وٺي اچي پيش ڪيائون. بلڪه جڏهن وٺي ٿي آيس ته اٽلو چوڻ لڳو خدا منهنجو مريد آهي، مخدوم جعفر کانئس پڇيو ته ائين ڇو چيئه؟ جواب ڏنائين ته مون جيڪي چيو آهي اهو معنوي لحاظ کان چيو آهي. جڏهن خدا  جو مريد چيم ته ان جو مطلب هو ته منهنجي دل ۾ خدا کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نه هئي، پر جڏهن اهو چيم ته خدا منهنجو مريد آهي ته ان جو مطلب هو ته خدا جيڪي ارادو ڪيو آهي يا ڪندو اهو ضرور ظاهر ٿيندو. آخر ۾ ظاهر ڪيائين ته هُو پاڻ مخدوم نوح جو مريد آهي. (12)

هتان هڪ ٻي اهم حقيقت طرف به اشارو ملي ٿوته ۽ اها هيءَ ته مخدوم جعفر جي مخدوم نوح سان ملاقات مان اندازو ٿئي ٿو ته نه صرف ٻئي همعصر آهن، بلڪ سندن عمرين ۾ به ڪوگهڻو فرق نٿو ٿي سگهي. مخدوم نوح طرفان مخدوم جعفر جي راءِ کي ايڏي احترام ۽ عزت سان ڏسڻ مان به ان طرف گمان وڃي ٿو. جيئن ته مخدوم نوح جو جنم 911هه ۽ سندس وفات 998هه آهي ۽ تازي تحقيق موجب مخدوم جعفر جي رحلت جو سال 1002هه آهي ان ڪري اهو بهتر گمان ڪري سگهجي ٿو ته مخدوم جعفر ڏهين صديءَ جي ٻي ڏهاڪي جي شروع ۾ 920هه ڌاري ڄائو هوندو.

مخدوم صاحب جون تصنيفون:

تازي تحقيق مقالي موجب مخدوم صاحب جي تصنيفات جو تعداد 41 آهي، جن مان ڪي تمام مختصر هڪ ٻن ورقن تي مشتمل آهن ته ڪي ضخيم به آهن، جن ۾ سڀ کان ضخيم ’المتانه‘ آهي جنهن کي مولانا قاسمي صاحب 1962 ۾ ايڊٽ ڪيو(13). مخدوم صاحب جون سڀ تصنيفون عربيءَ ۾ آهن، صرف ٽي ڪتاب فارسيءَ ۾ آهن جن ۾ موجوده ڪتاب کان سواءِ ’فتح الدارين‘ ۽ ’اقل و اعدل ڪلمات في حڪم فصوص الحڪم و الفتوحات‘ شامل آهن. مخدوم صاحب جو طبعي لاڙو فقه ۽ حديث طرف هو تنهن ڪري سندس تصنيفون ۽ تحريرون به اهڙي قسم جون آهن. اهڙيءَ طرح سندس علمي نشو و نما به اهڙي ماحول ۾ ٿي خاص طور حرمين ۾ رهڻ دوران هُو محدثن ۽ فقيهن کان گهڻو مستفيد ٿيو.

مخدوم جعفر محدث ۽ فقيہ طور ئي گهڻو مشهور ٿيو. اهوئي سبب آهي جو ٻارهين صديءَ ۾ مير علي شير قانع مقالات الشعراءَ ۾ فقط سندس ٻن تصنيفن ’عجالته الطالبين ۽ متانه (فقهي ڪتاب) جو ذڪر ڪيو. مخدوم صاحب انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾ صحيح ۽ ضعيف يا موضوع حديثن جي اهميت ۽ ضرورت کي واضح ڪندي پنهنجي استاد محمد بن طاهر پٽنيءَ جي ان موضوع تي لکيل ڪتاب ’تذڪرت الموضاعات‘ جي تعريف ڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ واضح ڪري ٿو ته سندس هيءُ ڪتاب ان جو گويا اختصار آهي. اهڙيءَ طرح حديثن جي موضوع تي هڪ ٻيو ڪتاب ’منهج العمال‘ مرتب ڪيائين، جيڪو وري پنهنجي ٻئي استاد علي متقيءَ جي ڪتاب ’ڪنزالعمال‘ جو انتخاب آهي.

مخدوم صاحب جي زماني ۾ يا کانئس اڳ لڳي ٿو ته سنڌ جي سماجي ۽ گهريلو زندگيءَ ۾ عورتن کي بنا سوچ ويچار اشارن ڪناين سان طلاق ڏيڻ جنهن ۾ ’مون ڇڏي‘ وغيره جهڙا الفاظ زالن کي خوامخواه تنگ ڪرڻ خاطر ڪم آڻيندا هئا. اهو هڪ سنجيده مسئلو بنجي چڪو هو جو ان باري ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ننڍا رسالا لکيائين ۽ هڪ لحاظ سان سندس مقصد هو ته ان مسئلي کي ائين کيل تماشو نه بنايو وڃي، ڇو ته ان سان واقعي طلاق ٿي وڃي ٿي وغيره. سنڌ ۾ اهو مسئلو ٻارهين صديءَ جي آخر تائين به انهيءَ حيثيت ۾ موجود هو جو مخدوم محمد هاشم جهڙو وڏو عالم ۽ فقيه به مخدوم جعفر جي ان راءِ جي تائيد ڪندي نظر اچي ٿو، ۽ هن سلسلي ۾ قلم کڻي ٿو. (14)

حديث ۽ فقه کان علاوه مخدوم جعفر جي تصنيفات ۾ ’نهج التعلم‘ ۽ ’المعاقد العقائد‘ خاص طور قابل ذڪر آهن. پهريون ڪتاب پنهنجي موضوع تي پهرين قسم جي تصنيف آهي، جنهن ۾ تعليم يعني شاگردن کي ڪيئن پڙهائڻ گهرجي يا تعليم جا بنيادي اصول بيان ڪيا ويا آهن، مخدوم صاحب ان ڪتاب جو اختصار ’حاصل النهج‘ نالي سان فارسيءَ ۾ 976/1568 ۾ تيار ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ آهي ته ايشيا ۾ سمرقند جي عالم زرنوجيءَ جي ان موضوع تي ڪتاب کان پوءِ هيءُ ٻيو ڪتاب آهي جنهن ۾ پڙهڻ پڙهائڻ ۽ استاد ۽ شاگرد بابت مواد ملي ٿو. جنهن ۾ تعليمي نفسيات بابت اشارا پڻ موجود آهن. (15)

مخدوم جعفر جي آخري عمر جي وڏي تصنيف المعاقد في الڪلام آهي جنهن جو موضوع عقائد ۽ ڪنهن حد تائين علم ڪلام آهي. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ان جو اختصار الاشارات نالي سان پڻ فراهم ڪري ٿو. هن ڪتاب جي آخر ۾ شيخ اڪبر ابن عربيءَ جي جڳ مشهور تصنيفات ’فصوص الحڪم‘ ۽ ’فتوحات مڪيه‘ بابت پنهنجي نهايت مختصر راءِ فارسيءَ ۾ ڏني اٿس، جيئن ته اها انتهائي مختصر پر اهم تحرير آهي جيڪا اسلامي دنيا جي هڪ وڏي صوفي بابت آهي، اسان ان کي موجوده ڪتاب ۾ جيئن جو تيئن شامل ڪيو آهي ته جيئن اها خبر پئجي سگهجي ته سورهينءَ صدي ۾ سنڌ جا فقيه عالم اسلامي دنيا جي وڏي صوفي ابن عربيءَ جي فڪر جي ڪن خاص  متنازع مسئلن بابت ڪهڙي راءِ رکندا هئا.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مخدوم جعفر پاڻ چوي ٿو ته حرمين ۾ رهائش دوران هن ابن عربيءَ بابت، پنهنجي استادن کان گهڻو ڪجهه پرايو هو بلڪ هُو سندن تحريرن کان به چڱيءَ طرح واقف ڏسجي ٿو. مثلاً هُو پنهنجي استاد شيخ محمد بڪري جي ابن عربي تي ٿيل تنقيد ’الذب القوم‘ جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو:

”اسان شيخ محمد بڪريءَ جي مجلس ۾ سال 959 ڌاري ويٺا هئاسون، اتي جيڪو بحث هلي رهيو هو، آخر ان تي  وڃي پورو ٿيو ته غلط عقيدي جو وهم ڏيکاريندڙ عبارت کي ذڪر ڪرڻ (بيان ڪرڻ) نه صرف غلط آهي بلڪه ان جي اهڙي مضمون جي تابعداري نه ڪجي. ان تي مون استاد صاحب کان ابن عربيءَ جي ڪتاب ’فصوص الحڪم‘ جي بعض عبارتن بابت پڇا ڪئي. مثلاً ”فرعون پاڪ ٿي ڪري مئو هو.“

استاد سائين فرمايو:

اهو مسئلو يا اهڙيون ٻيون ڳالهيون بالڪل باطل آهن، مان پنهنجي رسالي ’الذب عن القوم‘ ۾ اها ڳالهه لکي چڪو آهيان ته جن عبارتن جي ڪا ظاهري تاويل به ٿي ٿي سگهي ۽ اُهي انهن شرعي دليلن ۽ قرآني آيتن جي به برخلاف آهن، جن تي علماءَ ڪرام اعتماد ڪيو آهي، اهي سڀ باطل آهن، مان (جعفر بوبڪائي) ان تي عرض ڪيو هو ته سائين! پوءِ جڏهن اعتماد ئي نه رهيو، ته اهڙو ڪتاب ڇو پڙهجي. مطالعي خاطر سلوڪ ۽ تصوف جا ٻيا واضح ۽ چٽا ڪتاب به ڪافي آهن، مثلاً امام غزاليءَ جا ڪتاب ’اجياءَ علوم الدين‘ ۽ ’منهاج العابدين‘.

مخدوم جعفر جي هيءَ عبارت ’الاشارات اليٰ حل المعاقد والمڪالمات‘ ۾ ڏنل آهي. (16)

بهرحال هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مخدوم جعفر جي وقت ۾ توڙي ان کان اڳ سنڌ جا عالم ابن عربيءَ جي ’فصوص الحڪم‘ کان ضرور واقف هئا، جنهن جو هڪ پڪو پختو حوالو تاريخ معصومي ۾ ملي ٿو، مير معصوم لکي ٿو ته شيخ ميرڪ پورانيءَ جي ٻن فرزندن مان وڏو ميرڪ عبدالباقي تصوف خصوصاً ’فصوص‘ جي ڄاڻڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ ميرڪ ننڍي کي سڀني علمن ۾ مهارت هئي، اڳتي ٻڌائي ٿو ته ميرڪ عبدالباقي سن 983هه ۾ وفات ڪئي.

مخدوم صاحب ’ارشاد الصادقين‘ ۾ مصنف ڪٿي به اهڙو اشارو نه ڏنو آهي، جنهن مان خبر پئجي سگهي ته اهو ڪڏهن لکيو ويو، پر هن سلسلي ۾ اسان سنڌ کان ٻاهر لکيل همعصر تذڪري ’گلزار ابرار‘ جي ان روايت تي ڀروسو ڪري سگهون ٿا، جڏهن هُو لکي ٿو ته مخدوم جعفر پنهنجي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ ٻيا سڀ ڪتاب ڇڏي فقط ’احياءَ العلوم‘ عوارف المعارف ۽ فصل الخطاب وغيره مطالعو ڪندا هئا، اصلي الفاظ هن ريت آهن: (17)

”مسيح الزمان شيخ عيسيٰ قاسم مدظله کان روايت آهي ته حڪيم عثمان بوبڪائيءَ کان مون ٻڌو ته مخدوم صاحب جن آخر عمر ۾ منطق جا ڪتاب درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيا هئا ۽ احياءَ العلوم، عوارف المعارف ۽ فصل الخطاب وغيره سندن مطالعي ۾ رهندا هئا، ان کان علاوه ٻيو شغل نه هئن.“

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته ’گلزار ابرار‘ جو مصنف غوثي مانڊوي (وفات 1036هه) شيخ عيسيٰ برهانپوري (اصلي پاٽائي) جو همعصر ۽ عقيدتمند آهي ۽ اها ڳالهه هن پاڻ ٻڌي نقل ڪئي آهي. وري حڪيم عثمان بوبڪائي (اصلي درٻيلوي) مخدوم جعفر جو همعصر ۽ سندس والد مخدوم ميران جي مدرسي جو فارغ تحصيل آهي ۽ اها ڳالهه تاريخ معصومي واري بيان ڪئي آهي.

هاڻي ان بيان جي روشنيءَ ۾ جڏهن ارشاد الصادقين جو جائزو وٺجي ٿو ته اها ڳالهه گهڻي حد تائين درست معلوم ٿئي ٿي جو ان ۾ مخدوم جعفر واقعي امام غزاليءَ جي احياءَ العلوم شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي عوارف المعارف جا هن ڪتاب جي شروعات ۾ ٽي حوالا ڏئي ٿو ۽ تصوف کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ هنن ڪتابن کي وڌ ۾ وڌ معتبر ۽ صحيح سمجهي ٿو، ليڪن انهن سان گڏ ٻين ٻن ڪتابن ’منهاج العابدين‘ ۽ ’اربعين‘ جو پڻ نالو کڻي ٿو جيڪي پڻ امام غزاليءَ جا تمام مشهور ڪتاب آهن، البت فصل الخطاب جيڪو نقشبندي صوفي خواجه محمد پارسا جي تصنيف آهي ان جو نالو نٿو کڻي، جنهن مان اهو امڪان نڪري ٿو ته غوثي مانڊوي کان ٻڌڻ ۾ ڀُل ٿي آهي، اهو ڪو ٻيوڪتاب آهي جنهن جو صحيح نالو نه لکيو اٿس.

مخدوم جعفر ان ڪتاب ۾ جنهن ٻئي مصنف ۽ ڪتاب جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي، اهو شيخ زّروق (وفات 889هه) جو ڪتاب ’قواعد الطريق‘ آهي، ان لاءِ هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته شيخ زرّوق شاذلي طريقي جو بزرگ هو. هُو اصل ۾ مراڪش جي شهر فاس (هاڻي فيض) جو هو، نائين صديءَ جي هن صوفيءَ جو ڏهين صديءَ ۾ حجاز ۾ گهڻو اثر نظر اچي ٿو. مخدوم جعفر جڏهن حرمين ۾ هو ته هن ڏٺو ته سندس استاد شيخ علي متقي پڻ اتي پهچڻ کان پوءِ شاذلي طريقي ۾ بيعت ٿيل هو ۽ شيخ زرّوق جي ڪتاب قواعد الطريق جا اڪثر  حوالا ڏيندو هو، بلڪه ان کان متاثر ٿي پنهنجو ڪتاب ’تبيين الطريق‘ لکيو هئائين. مخدوم جعفر هن ڪتاب کان سواءِ شيخ زرّوق جو گهڻو ذڪر پنهنجي ٻئي ڪتاب
’ڪشف الحق‘ ۾ پڻ ڪيو آهي، جتي هن کي سَنَد طور پيش ڪري ٿو تاهم اهو نٿو چئي سگهجي ته هُو پاڻ شاذلي طريقي ۾ بيعت ٿيو هو يا نه، ڇو ته اهڙي صراحت ڪٿي ڪونه ڪئي اٿس.

البت هڪ اطلاع موجب مخدوم صاحب 961هه ۾ جڏهن هُو سنڌ واپس اچي رهيو هو ته استاد شيخ علي متقي کيس ٽن طريقن ۾ هن ريت اجازت ڏني آهي:

’حمد ۽ صلات کان پوءِ فقير علي بن حسام الدين عرض ٿو ڪري ته مون شيخ جعفر کي ٽن طريقن شاذليه، مدينه، قادريه ۾ ذڪر جي تلقين، دست بيعت ڪرڻ ۽ خرقه پوشيءَ جي اجازت ڏني.

اها عبارت شاهه فقير الله علوي جي ذاتي ڪتبخاني جي هڪ ڪتاب جي ورق تي لکيل آهي ۽ اهو ڪتاب آرشيف ملي ڪابل ۾ موجود آهي. (18)

شيخ زرّوق جي انهيءَ ڪتاب جي اهميت بابت هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته ڏهين صديءَ جي آخر ۾ دهليءَ منجهان جڏهن شيخ عبدالحق محدث دهلوي حجاز پهتو هو ته اتي شيخ علي متقيءَ جي خاص خليفي شيخ عبدالوهاب متقيءَ جي حلقئه ارادت ۾ شامل ٿيو جنهن کيس شاذلي طريقي ۾ اجازت ڏني. شيخ عبدالحق جڏهن 1000هه ۾ واپس دهلي آيو ته ان کان پوءِ شيخ زرّوق جي ان ڪتاب جنهن جو پورو نالو ’قواعد الطريق في الجمع بين الشريعته والطريقه‘ هو ان جو عربي ۾ ’تحصيل التعرف‘ ۽ فارسيءَ ۾ ’مُرج البحرين‘ نالي سان ترجمو ۽ تشريح ڪيائين، وڏي ڳالهه ته جڏهن پنهنجي وقت جي وڏي شيخ خواجه باقي باالله جيڪو مجدد الف ثانيءَ جوشيخ آهي، ان سان خط و ڪتابت ڪيائين ته قواعد الطريقه جا اقتباس حوالي طور آندائين. (19)

شيخ زرّوق جي جن پنجن ديني اصولن کان پوءِ جن پنجن معاملات (دنيوي) جو ارشاد الصادقين ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. اهي سندس ڪتاب جو ماحصل آهن، جن کي شيخ عبدالحق محدث پڻ ان ريت خواجه باقي بالله جي خدمت ۾ پيش ڪري ٿو. (مڪتوب 2 شيخ عبدالحق). اهو شيخ زرّوق ئي هو جنهن شيخ جا ٽي قسم ٻڌايا، پهريون شيخ تعليم ٻيو شيخ تربيت ۽ ٽيون شيخ ترقيه. ساڳئي وقت مريدن جا وري ٻه قسم ٻڌائي ٿو هڪڙا سادا ۽ ٻيا سمجهدار. آخر ۾ هو چوي ٿو ته سادن مريدن جي واسطي شيخ جي طرفان تعليم ۽ تربيت ضروري آهي پر جيڪي سمجهدار آهن ته اهي مطالعي سان به ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا، البت مجاهدي کان پوءِ ڪشف ۽ ترقيءَ ۾ شيخ جي ضرورت باقي رهي ٿي.

ارشاد الصادقين جي چند ابتدائي صفحن ۾ شاذلي طريقي موجب تصوف جي بنيادي اصولن جي سمجهاڻيءَ کان پوءِ سمورو ڪتاب دعائن ۽ ورد وظيفن تي مشتمل آهي، جيڪي وري جلال الدين سيوطيءَ جي ڪتاب ’عمل اليوم والليل‘ تان جيئن جو تيئن ورتل آهن، ان جو اعتراف پاڻ مصنف به آخر ۾ ڪيو آهي، بلڪ چوي ٿو ته مون ڪجهه دعائون آخر ۾ ڇڏي ڏنيون آهن، ۽ جنهن کي شوق هجي ته سيوطيءَ جي اصل ڪتاب کي ڏسي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح هُو سيوطيءَ جي ٻئي ڪتاب ’منهاج السنته‘ ۽ هن سلسلي ۾  محدثن جي ٻين ڪتابن ’اذڪار نبوي‘ ۽ ’سلاح المومن‘ پڙهڻ جي ترغيت به ڏئي ٿو. اسان هن موجوده ڪتاب جو جڏهن ’عمل اليوم واليل‘ سان مقابلو ڪيو ته بلڪل ساڳيو معلوم ٿيو، جنهن ڪري ان جي حوالن ڏيڻ کي غير ضروري سمجهي ترڪ ڪيو ويو.

دعائن جي خاتمي کان پوءِ امام غزاليءَ جي رسالي ’ايها الولد‘ ۽ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي پٽ کي نصيحت مان اقتباس ڏئي ٿو ۽ پوءِ مسعود بڪ (وفات 1387) ۽ عبدالله انصاريءَ جا اقوال پيش ڪري ٿو. بلڪل آخر ۾ (سير سلوڪ) جي عنوان تحت سيرالي الله، سير بالله ۽ سير في الله جي اصطلاحن جي سمجهاڻي ڏئي ٿو، ياد رهي ته اهي سير اصطلاح نقشبندي سلسلي جي صوفين وٽ ملن ٿا ۽ اهڙي طرح قلب جا لطيفا ۽ انهن جا رنگ به انهيءَ سلسلي جي خاصيت آهن، اتي ئي ’شيخ غيب‘ ۽ ’ميزان غيب‘ جي ڳالهه ڪري ٿو، پر هن باري ۾ ڪوبه حوالو ڪونه ٿو ڏئي ته اهي تصورات ڪٿان ورتا اٿس، ۽ نه وري ڪنهن ڪتاب جو نالو کڻي ٿو.

بهرحال سير، قرب، بُعد، وصل جي باري ۾ گهڻي حد تائين شيخ علي متقيءَ جي مختصر رسالي تبيين الطرق اليٰ الله تان استفادو ڪيو اٿس، جتي الطرق الي الله ڪثيرة جي سمجهاڻي پڻ ملي ٿي.

مخدوم جعفر ۽ ابن عربي:

ڏهين صدي هجريءَ ۾ حجاز جي علمي ماحول ۾ علم حديث کان پوءِ علم فقه ۽ ان کان پوءِ علم تصوف جو گهڻو چرچو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ خاص طور ابن عربيءَ جي ٻن تصنيفات ’فصوص الحڪم‘ ۽ ’فتوحات مڪيه‘ بابت وقت جي عالمن ۽ صوفين جا مختلف رايا نظر چن ٿا. ابن عربيءَ تي سخت تنقيد جو آغاز ابن تيميه (661-728هه) ڪيو، جنهن سندس نظرين کي گمراهيءَ جو ڪارڻ ٻڌايو، ابن تيميه جي تنقيد کان امام غزاليءَ به ڪونه بچي سگهيو، پر هن ابن عربي سان پنهنجي ننڍڙي رسالي ’الفرقان بين اولياءَ الرحمٰن و اولياءَ الشيطن‘ ۾ اختلاف ڪندي لکيو ته ابن عربي ۽ سندس هم خيال غلط چون ٿا ته وجود واحد آهي. هن سلسلي ۾ هُو ابن عربيءَ جو جنيد بغداديءَ خلاف اهو قول پيش ڪري ٿو جڏهن هُو چوي ٿو ته محدث (مخلوق) جو وجود (خالق) قديم جو عين آهي. مطلب ابن تيميه ابن عربيءَ جي مشهور قول ’سبحان من اظهر الا شياءَ وهو عينها‘ جي اها تعبير ڪري ٿو(20). حالانڪ ٻين وڏن صوفين جو ابن تيميه جي ابن عربيءَ جي ان تعبير کان مختلف خيال آهي. هُو ابن عربيءَ تي اهو الزام به رکي ٿو ته فصوص ۽ فتوحات ۾ قوم نوح، قوم هود ۽ آل فرعون جي مدح سرائي ڪري ٿو. بهرحال هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ابن تيميه سڀني صوفين جو انڪار ڪونه ٿو ڪري بلڪ هُو فضيل بن عياض، ابراهيم بن ادهم، ابوسليمان داراني،  معروف ڪرخي، جنيد بغدادي، سهل تستري ۽ اهڙن ٻين کي حق تي قائم صوفين مان سمجهي ٿو.

ابن عربيءَ جي صوفيانه نظرين خلاف اهو طوفان اٺين، نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ پوري زور شور سان جاري هو، تاهم ان سلسلي ۾ وڏي حد تائين وچٿري راهه شاذلي طريقي وارن اختيار ڪئي. اٺين صديءَ ۾ ان جو وڏو نمائندو شيخ زرّوق (وفات 798هه) هو جنهن قواعد الطريقه في الجمع بين الشريعته والحقيقه ۾ اها راهه هموار ڪئي. هن اها راءِ ڏني ته ’فصوص‘ ۽ ’فتوحات‘ ۾ جيڪي ڳالهيون واضح آهن، انهن مان لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو، پر جيڪي مخفي ۽ مبهم آهن، انهن ۾ غور نه ڪرڻ گهرجي. انهن جو مثال زهر جي مٿان ماکي هاريل وانگر آهي، جيڪڏهن ڪو انهن جي زهر کان بچي ويو ته بهتر ورنه پاڻ کي خطرن جي حوالي ڪري ڇڏيندو.

شيخ زرّوق ڪتاب ’قواعد الطريقه‘ ۾ صوفين جي ڪيترن ڪتابن بابت تفصيلي راءِ ظاهر ڪندي لکي ٿو: (21)

”نصيحت ڪندڙن ابن الجوزيءَ جي ڪتاب ’تلبيس ابليس‘ ۽ حاتمي (ابن عربيءَ) جي ڪتاب فتوحات، بلڪه انهن ٻنهي جي سڀني يا اڪثر ڪتابن جي پڙهڻ کان منع ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح ابن سبعين ۽ ابن فارض ۽ اهڙن ٻين جي ڪتابن کان پڻ جهليو آهي. بلڪ ساڳيءَ ريت امام غزاليءَ جي احياءَ علوم الدين جي ڪن حصن خاص طور ’باب المهلڪات‘ يا سندس ٻين ڪتابن ’نفخ وتسويه‘، مصئون من غيراهله، معراج السالکين، ۽ المنقذ من الضلال کان به پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪن ابو طالب مڪيءَ جي ’قوت القلوب‘ ۽ سهرورديءَ جي ڪتابن کي به ان فهرست ۾ شامل ڪيو آهي، مطلب ته غلط ڳالهين کان بچڻ گهرجي، پر ان جو اهو به مطلب ناهي ته سڀني ڪتابن کي ڇڏي ڏجي.“

ابن عربيءَ جي ڪتابن جي باري ۾ اهو رجحان ڏهين صدي توڙي يارهين صديءَ تائين ائين قائم رهيو، شيخ عبدالحق محدث دهلوي جيڪو 996هه ۾ حرمين پهتو ٻڌائي ٿو ته ڪو شخص هڪ دفعي ’فتوحات مڪيه‘ جو نسخو وڪڻڻ لاءِ کڻي آيو، منهنجي دل ۾ خيال آيو ته اهو خريد ڪريان مون پنهنجي شيخ عبدالوهاب جيڪو شيخ علي متقيءَ جو خاص خليفو هو، ان کان ان باري ۾ پڇيو. مون کي چيائين ته توکي وڻي ٿو ته ڀلي وٺ پر ان جي مشڪل ۽ مبهم ڳالهين ۾ نه پئجانءِ. اهوئي زمانو هو جڏهن شيخ عبدالوهاب جو هڪ بهاري شاگرد جڏهن گجرات واپس آيو ته اتي اچي ’فصوص الحڪم‘ کي ساڙايائين، شيخ عبدالحق چوي ٿو ته جڏهن مون پنهنجي شيخ سان ان باري ۾ ذڪر ڪيو ته چيائين هائو اهو شاگرد اسان وٽ هو ۽ مون کيس ابن عربيءَ جي موافق ۽ مخالف راين کان آگاهه ڪيو هو، باقي اهو سندس فعل آهي، ائين به چيائين ته ڪتاب ساڙڻ سان ان جو مصنف سڙي ڪونه ويندو. آخر ۾ شيخ عبدالحق لکي ٿو ته شيخ عبدالوهاب ابن عربيءَ جي تحريرن ۽ صوفين جي شطحيات جي باري ۾ توقف ۽ تسليم يعني خاموش رهڻ ۽ اعتراض نه ڪرڻ واري راءِ رکندا هئا. ليڪن انهن جي درس تدريس يعني پڙهڻ پڙهائڻ ۽ انهن ۾ وڌيڪ غور فڪر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏيندا هئا. تاهم انهن جي ترديد به نه ڪندا هئا جيئن عام طور فقيهن جي روش هوندي آهي.

انهيءَ پس منظر ۾ جڏهن اسين مخدوم جعفر جي مختصر رسالي ’اقل ۽ اعدل ڪلمات‘ توڙي سندس ڪتاب ’ڪشف الحق‘ کي ڏسون ٿا ته ان ۾ هُو تقريباً اها ساڳي راءِ يا خيال ظاهر ڪري ٿو، ان جو سبب ظاهر آهي ته هُو شيخ علي متقيءَ جي خيالن کان متاثر آهي ۽ اهو وري شاذلي طريقن جي مشائخ جي پيروي ڪري ٿو. هُن ۾ شيخ ابوالحسن شاذلي، شيخ ابن عطاءَالله اسڪندري ۽ شيخ زرّوق وغيره شامل آهن. تاهم ٻين صوفين ۾ هُو امام غزالي، شيخ شهاب الدين سهرورديءَ وغيره کي قابل قبول سمجهي ٿو. مخدوم جعفر ڪشف الحق ۾ پنهنجي راءِ هنن لفظن ۾ ظاهر ڪري ٿو. پهريائين هُو صوفين کي ٻن وڏن طبقن ۾ ورهائي ٿو. هڪڙن کي هو غالي يعني حد کان چڙهيل ڪوٺي ٿو. انهن جي ڪتابن جي باري ۾ سندس راءِ هن ريت آهي:

هڪ قول آهي ته انهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، صرف ايترو مطالعو ڪجي جنهن جي ضرورت يا ڪو سبب هجي.

ٻيو قول هي آهي ته انهن مان فائدي لاءِ انهن جو مطالعو جائز ناهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي ڪتاب باطل عقيدن کي واضح نٿا ڪن، تن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

ٽيون قول هي آهي ته انهن ڪتابن جو مطالعو صرف رد ڪرڻ لاءِ جائز آهي، جمهور جي اها راءِ آهي.

ان عمومي راءِ کان پوءِ هُو چوي ٿو ته هيٺين ڪتابن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

حاتمي يعني ابن عربيءَ جي ڪتابن کان، ابن فارض (مشهور عربي شاعر)، ۽ انهن جهڙن ٻين ڪتابن کان پڻ بچڻ گهرجي جهڙوڪ فخرالدين عراقيءَ جي لمعات جا ڪجهه حصا، مسعود بڪ هنديءَ جي مرأة العارفين، مولانا جاميءَ جي لوائح، جلال الدين دوانيءَ جون تصنيفات.

ان کان پوءِ مخدوم جعفر تصوف بابت انهن مصنفن ۽ ڪتابن جي ڊگهي فهرست به پيش ڪري ٿو، جيڪي سندس نظر ۾ مطالعو ڪري سگهجن ٿا، اسان هتي ڪجهه نالا ڏيون ٿا:

(1)  المشرق جلال الدين سيوطي

(2) قواعد الاستقامه ابن تيميه

(3) قواعد الطريقه شيخ زرّوق

(4) المنقذ من الضلال امام غزالي

(5)  تهافته الفلاسفه امام غزالي

بهرحال آخر ۾ وحدت الوجود ۽ حلول جهڙن انتها پسند نظرين کان خبردار ڪري ٿو، جن مان سندس روايتي محدث ۽ فقيه هجڻ واري نقطئه نظر جي تصديق ٿئي ٿي.

امام غزالي (450-505) ۽ مخدوم جعفر (وفات 1002)

مخدوم جعفر هن ڪتاب کان علاوه ’ڪشف الحق‘(22) ۾ امام غزاليءَ جي ڪتابن خاص طور احياءَ العلوم جو ڪيترا دفعا ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ٻئي ڪتاب ۾ امام غزاليءَ کي پنجين صديءَ جو مجدد تسليم ڪري ٿو. ان لحاظ کان ضروري ٿئي ٿو ته امام غزاليءَ جي زندگيءَ ۽ خاص طور احياءَ العلوم تي ڪجهه تفصيلي روشني وڌي وڃي.

احياءَ العلوم امام غزاليءَ جي اعلى ترين تصنيف آهي، جنهن ۾ هُو ايمان ۽ عقائد جي سمجهاڻيءَ سان گڏ زندگيءَ جي هر پهلوءَ جو احاطو ڪري ٿو. مختصر طور اهو عبادات، معاملات، اخلاقيات ۽ معاشرت جي سڀني پهلوئن تي حاوي آهي. اها ضخيم تصنيف چئن جلدن تي مشتمل آهي. عام طور چيو وڃي ٿو ته امام صاحب اها تصنيف عمر جي پوئين حصي ۾ لکي جڏهن هُو تدريس جي اعلى عهدن کي ڇڏي دنيا کان ڪناره ڪش ٿي اڪثر وقت سفر ۽ گوشه نشينيءَ ۾ گذاريندو هو. ان صورت ۾ ڪن جو چوڻ آهي ته ڇا سفر ۾ ايڏي وڏي تصنيف ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ الائجي ڪيتريون حديثون ۽ صوفين جا بي شمار اقوال حوالي طور آندل آهن. ان جو جواب وري هن ريت ڏين ٿا ته پر ايڏي وڏي تصنيف لاءِ جيتري واندڪائي ۽ غور و فڪر گهربل هو، اهو انهن سالن دوران کيس ميسر هو. بلڪ ان سفر دوران ساڻس هڪ ٻن خاص شاگردن جي گڏ هئڻ جي خبر پوي ٿي. ياد رهي ته امام صاحب 488هه ڌاري هر قسم جي مشغولي کي ڇڏي ڏنو هو ۽ انهيءَ سال جڏهن شام کان ٿيندو بيت المقدس پهتو ته هيٺيان ٽي عهد ڪيائين:

(1)  ڪنهن بادشاهه جي درٻار ۾ نه ويندس

(2) ڪنهن بادشاهه کان ڪو پئسو نه وٺندس

(3) ڪنهن سان بحث ۽ مناظرو نه ڪندس

جيتوڻيڪ 499هه جي آخر ۾ وقت جي حڪمران جي تمام گهڻي زور ڀرڻ تي نيشاپور جي مدرسي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو، پر پوءِ جلدئي ان کي خيرباد چئي پنهنجي اباڻي ڳوٺ طوس هليو آيو جتي هڪ ننڍڙي خانقاه کولي زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا پورا ڪيائين. امام صاحب پنهنجي ان اندروني انقلاب يا روحاني واردات کي 500هه ۾ پنهنجي هڪ ننڍڙي ڪتاب ’المنقذ من الضلال‘ يعني ’ڇوٽڪارو‘ ۾ بيان ڪيو آهي، انڪري ڪي ان کي امام صاحب جي آخري تصنيف چون ٿا.

جيئن مٿي بيان ٿي چڪو ته امام غزالي اٽڪل يارهن سال گوشئه نشيني ۾ گذاريا ۽ مقام خليل ۾ ڪيل  عهدن مان وري اهو واضح ٿئي ٿو ته هُو وقت جي حڪمرانن ۽ سندن حڪمرانيءَ کان سخت تنگ هو. حالانڪ هنن سندس قدردانيءَ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي جو آخر وقت تائين کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. اهڙيءَ طرح وقت جي ظاهري عالمن جي ڪج بحثين کان به امام صاحب سخت پريشان هو ڇو ته اهي بحث مباحثا وڌيڪ گمراهي ۾ فساد جو سبب بنجي رهيا هئا. مسلمانن ۾ باطني فرقي جون پرتشدد ڪاروايون به چوٽ تي هيون، ايتريقدر جو وقت جي وزير فخرالملڪ کي 500هه ۾ باطنين قتل ڪري ڇڏيو هو. امام صاحب جي نظر ۾ اهي ڪهڙا اسباب هئا، جن جي ڪري ان وقت جو معاشرو سخت انتشار ۽ اضطراب جو شڪار هو، ان تي هن پنهنجي ڪيترن خطن ۾  روشني وڌي آهي جيڪي وقت جي حڪمرانن، وزيرن ۽ اميرن ڏانهن لکيا اٿس ۽ مڪتوبات غزاليءَ جي صورت ۾ موجود آهن.

ان معاشرتي بگاڙ جو هڪ وڏو سبب وقت جي حڪمرانن جو مطلق العنان ۽ ظالمانه رويو هو، جنهن ۾ هو گهڻي ڀاڱي ڪنهن قاعدي قانون جي تميز نه رکندا هئا ۽ معاشري جا هيٺيان طبقا بک ۽ بدحاليءَ هٿان مجبور زندگي گذاري رهيا هئا. امام صاحب کي ان حقيقت جو پورو ادراڪ هو جو احياءَ العلوم ۾ هڪ هنڌ لکيائين.

ان اموال السلاطين في عصرنا حرام کلها او اکثرها. ..الخ

ترجمو: حڪمرانن جي اها آمدني اسان جي زماني ۾ سڀ جو سڀ يا ان جو وڏو حصو حرام آهي، ان ۾ ڪا عجب جي ڳالهه به ڪونهي ڇو ته حلال آمدنيءَ جا ذريعا زڪوات، فئ ۽ مالِ غنيمت آهن ۽ اهي اڄڪلهه غائب آهن ۽ ڪٿي نظر نٿا اچن. يا انهن مان ڪا شيءِ بادشاه وٽ نٿي پهچي. البت صرف هڪ جزيه (غير مسلمان لاءِ) آهي ليڪن اهو به سخت ظالمانه طريقن سان وصول ڪيو وڃي ٿو ۽ ان طريقي سان اهو وٺڻ جائز ئي ناهي. حڪومت جا عملدار سخت ناجائزيون ڪن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ شريعت جي قانون جو ڪو خيال نٿا ڪن ۽ نه اهي شرط پورا ڪن ٿا، اهڙيءَ طرح مسلمانن کان وري خراج زور زبردستي ۽ سندن جائيداد جي ضبطي ۽ رشوت ۽ سخت جبر ذريعي وصول ڪيو وڃي ٿو. (23)

هن سلسلي ۾ امام صاحب جا خط يعني مڪاتيب واقعاتي شاهديءَ جي حيثيت رکن ٿا، هڪ خط ۾ فخرالملڪ کي لکي ٿو: (24)

’توکي اها خبر هجڻ کپي ته هي شهر بک بيروزگاري ۽ ظلم جي ڪري ويران ٿيو آهي ۽ ان جو سبب تنهنجو اسفرائن ۽ دامغان طرف ڌيان هو، ان جي ڪري هتي سڀ هاري مزدور ڊنل هئا ۽ ان ڊپ ۾ پنهنجو اَناج وڪڻي ڇڏيندا هئا.‘

هڪ وزير مجيرالدين کي وري لکي ٿو:

’باقي خلق خدا جي داد رسي سڀني تي لازم آهي ڇو ته ظلم ۽ ستم حد کان وڌي ويو آهي، بلڪ مون جڏهن اهڙي زيادتي ۽ ظلم جو تماشو ڏٺو ته پورو هڪ سال ٿيو آهي جو آءٌ طوس کي ڇڏي چڪو آهيان، انڪري ته جيئن بي رحم ۽ ذليل ظالمن کي ڏسڻ کان محفوظ رهي سگهان. افسوس جو ٻيهر ڪنهن سانگي طور وڃڻ ٿيو ته ڏٺم اهو ساڳيو ظلم ۽ ستم جاري آهي، بلڪ خلق خدا جو تڪليفون اڳي کان وڌي ويون آهن.‘

هڪ دفعي امام غزاليءَ جي جڏهن خراسان جي حاڪم ملڪ شاهه سلجوقيءَ سان ملاقات ٿي سندس آڏو هڪ وڏي تقرير ڪيائين جنهن ۾ مخاطب  ٿي چيائين:

’افسوس جو مسلمان جا ڪنڌ مصيبت ۽ تڪليفن ۾ ٻيڻا ٿيندا وڃن، پر تنهنجي گهوڙن جي گردنن ۾ سونا سنج پيل آهن.‘

انهيءَ پس منظر ۾ امام غزاليءَ کي پنهنجي وقت جو مجتهد، مصلح ۽ مجدد تسليم ڪيو آهي، هُو معاشري جي هر فرد ۽ انساني نفس جي گمراهين ۽ براين جو هڪ معاشي، سماجي ۽ جديد نفسيات دان وانگر تجزيو ڪري ٿو ۽ پنهنجي طرفان ان صورتحال کي درست ڪرڻ جون صلاحون ۽ تجويزون به ڏئي ٿو. هُو معاشري جي هر طبقي جي ڪمزورين کي چڱيءَ طرح وائکو ڪري ٿو، احياءَ العلوم ۾ لکي ٿو:

’انهن دولتمندن ۽ پئسي وارن کي حج تي پئسي خرچ ڪرڻ جو وڏو شوق آهي ۽ هُو بار بار حج ڪن ٿا، حالانڪ هُو پاڙي ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ کي بکيو ڇڏي حج تي هليا وڃن ٿا.

اڳتي بشر بن الحارث جي حوالي سان نقل ڪري ٿو، جڏهن وٽس هڪ مالدار ماڻهوءَ حج تي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ته هن پڇيس ڪهڙي خيال کان حج لاءِ وڃي رهيو آهين، چيائين خدا جي رضا خاطر، بشر چيس جيڪڏهن تون واقعي خدا جي رضا گهرين ٿو ته مان توکي اهڙو ڪم ٻڌايان جنهن سان تون خدا جي رضا حاصل ڪري سگهين ٿو ۽ اهو هي آهي ته وڃ ۽ اهي پئسا انهن ماڻهن جي قرض ادائگيءَ ۾ خرچ ڪر جيڪي ان کان لاچار آهن، بلڪ جيڪڏهن تنهنجي دل کي يقين اچي ته اهو سڀ مال هڪ قرضيءَ کي ڏئي ڇڏ، ڇو ته ڪنهن بيڪس جي امداد ڪرڻ هڪ سو نفلي حجن کان افضل آهي.

هڪ ٻئي هنڌ وري چوي ٿو ته گهڻا ماڻهو توڻي دولتمند سمجهن ٿا ته چند بدني يا جسماني عبادتن سان جن ۾ ڪجهه خرچ ڪرڻو نٿو پوي مثلاً وعظ جي مجلس ۾ ويهڻ، روزا رکڻ، رات جو جاڳي عبادت ڪرڻ ۽ ختم قرآن وغيره ڪرڻ سان هُو پاڻ کي ڪامياب سمجهن ٿا. انهن جو مثال ائين آهي جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي قميص جي اندر نانگ جو ٻچو گهڙي ويو آهي. اهو کيس ڏنگڻ وارو آهي، پر هو پنهنجي لاءِ سڪنجبين جو شربت تيار ڪرائي رهيو آهي ته جيئن صفرا جي بيماريءَ کان نجات لهي سگهي، بلڪ انهن جو مثال اهڙي مريض وانگر آهي، جيڪو طبيب جي مطب ۾ پهتو آهي ۽ دوائن جا نالا ۽ نسخا ٻڌي رهيو آهي، ظاهر آهي ته فقط ان سان هن جي بيماريءَ جو علاج نٿو ٿي سگهي، آخر ۾ چوي ٿو ته رڳو وعظ کي نجات جو وسيلو سمجهڻ سخت غلط فهمي آهي.

امام غزاليءَ هڪ هنڌ پنهنجي تصنيفات جو تعداد ستر ڄاڻايو آهي، جن مان سڀ کان وڌيڪ مقبوليت احياءَ العلوم کي حاصل ٿي آهي ۽ ان جو سبب ظاهر آهي ته ان ڪتاب ۾ هُو اسلام جي اصل حقيقت ۽ روح کي نهايت پُراثر تحرير جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو ۽ ان ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته اهو تاثير اڄ به قائم آهي. اهو پس منظر آهي جنهن ۾ مخدوم جعفر پنهنجي ٻئي ڪتاب ’ڪشف الحق‘ ۾ امام غزاليءَ کي پنجين صديءَ جو مجدد تسليم ڪري ٿو.

حوالا:

1)     تاريخ معصومي- سنڌي- ڇاپو ٽيون- ص 244

2)    گلزار ابرار سنڌي- ص 429

3)    مقالات الشعراءَ- فارسي- ص 785

4)    مثنوي مظهر الآثار- فارسي- ص 40

5)     جواهر العجائب- فارسي- ص 30

6)    مخدوم جعفر بوبڪائي، ڊاڪٽر مولانا عبدالله کوسو- ص 202

7)    اخبار الاخيار- اردو- ص 353

8)    مخدوم جعفر بوبڪائي- ص 141

9)    ساڳيو- ص 147

10)سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڊاڪٽر بلوچ، ص 304

11) تحفة الڪرام- ص 374

12)بيان العارفين، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو- ص 235

13)المتانـﺔ في مرامـﺔ الخزانـﺔ، سنڌي ادبي بورڊ، 1962ع

14)سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ص 258

15) ڊاڪٽر بلوچ فارسي ڪتاب کي ايڊٽ ڪري 1969 ۾ شايع ڪرايو هو، هينئر خوشقسمتيءَ سان ان نهج التعلم ڪتاب جو مڪمل متن ڊاڪٽر محمد ادريس کي دستياب ٿيو آهي، جيڪو ان کي عربيءَ ۾ ايڊٽ ڪري رهيو آهي.

16)مخدوم جعفر بوبڪائي- ص 219

17)گلزار ابرار- ص 429

18)مخدوم جعفر بوبڪائي- ص 309

19)مکتوبات شيخ عبدالحق- ص 117

20)           الفرقان بين اولياءَ الرحمٰن واولياءَ الشيطان- ص 45

21)مکتوبات شيخ عبدالحق- ص 17

22)           ڪشف الحق عربي متن- تحقيقي مقالو- اسلام آباد- يونيورسٽي

23)           احياءَالعلوم- اردو- جلد 2- ص 128

24)           مڪاتيب غزالي، اردو، ص 110

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org