سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:16 

وفا ياسين آرائين

 

 

 

غزل

بَسنتي رُت ۾ مِلبو وَري،

آس انهي تي جيئبو وَري.

اُلڪو تنهنجو صبح و شام،

نيٺ ته توڏانهن اچبو وَري.

اُڪنڊ، تنهنجي ۾ هاري وري،

نيٺ ته گيت لِکبو وَري.

منهنجو مِلڻ ٿيندو توسان،

اهڙو ميلو، مَچبو وَري.

راهون تنهنجو روز نِهاري،

’وفا‘ نه ڪڏهن ٿَڪبو وَري.

غزل

محبت ڪئي ويندي آهي،

يا محبت ٿي، پوندي آهي.

پيار مان ڏِسبو آهي جڏهن،

اَکڙين تي گِلا هوندي آهي.

تُنهنجي مُنهنجي وچ ۾ ڇاهي،

ديوار، حِجاب جي رهندي آهي.

توبِن جانان ڪجهه به ناهيان،

هي دُنيا مِهڻا، ڏيندي آهي.

جي رُسي ويندي آن ’وفا‘ کان،

زندگي اَڌوري لڳندي آهي.

 

برج لال بيوس

 

 

 

ڪافي

من ۾ تنهنجي تات اٽڪي پئي  آ ڪي اڄ،

جاني آيو جوءِ ۾.

زندگيءَ ۾ آهين تون مون لاءِ سوغات،

من ۾ تنهنجي لات کٽڪي پئي آ،

جاني آيو جوءِ ۾.

تن ۾ آهين تو مون ۾ آهين تون،

زندگيءَ منهنجي ۾ رهين تون جهٽڪي،

جاني آيو جوءِ ۾.

دل ته منهنجي توسان سان آهي پرين،

من جي دل ته وري به مون سان لٽڪي،

جاني آيو جوءِ ۾.

دشمنن هن کي گهڻو آ ڀڙڪايو،

پرين مون سان آ گهڻو نڀايو ڪٽڪي،

جاني آيو جوءِ ۾.

نيڻن ۾ ننڊن آهن توکانسواءِ لوڇان،

راهون پيو ٿو تڪيان، سوچان ڪٽڪي،

جاني آيو جوءِ ۾.

غزل

ڪنهن شخص کي اُونو هئو،

آخر ۾ ويو ٿي جهُونو هئو.

وايون، بيت، لکيا غزل، گيت،

سنڌ ڌرتيءَ تي ڄائو نپنو هئو.

پارکو هئو ڀٽ ڌڻي جو ۽ پوئلڳ،

فڪر ۽ عمل ۾ سونو هئو.

شاعر شيخ اياز عظيم آ،

هن کي خدا سنڌ ۾ جنم ڏنو هئو.

شاعريءَ ۾ فڪر جي اونهائي آ،

شيخ اياز لاءِ سڀڪو رُنو هئو.

هر دور سماج جو شاعر اياز،

هر سنڌي به اياز لاءِ سپنو هئو.

ماءُ ڄڻي شل اهڙا پٽڙا ٻچڙا،

’بي وس‘ هن کي سنڌ لاءِ اَونو هئو.

انقلابي به ته شاعر مزاحمتي،

حسن و جوال جديد ٻوليءَ جو شاعر هئو.

 

عبدالمالڪ چانڊيو

 

 

 

حمد باري تعاليٰ

نفعو نقصان پهچائڻ، فقط الله جي وس ۾،

ٺهيو ڊاهي ڊهيو ٺاهڻ، فقط الله جي وس ۾.

نڪين تعويذ ۽ ڌاڳا نه ڪين عامل هٿان ٿي ڪُجهه،

رزق جون بندشون لاهڻ، فقط الله جي وس ۾.

سخي، هجويري يا داتا، قلندر ۽ ڀٽائي ڀي،

سمورن تي فنا آڻڻ، فقط الله جي وس ۾.

کراڙون ڀل ته کارائي بندو آهي کُٽي پوندو،

سڄي مخلوق کارائڻ، فقط الله جي وس ۾.

حفاظت ۾ هزارن جي هيو نمرود هوندو پر،

مڇر هڪڙي کان مارائڻ، فقط الله جي وس ۾.

جبل ميخون ڪيائين پو وڇائي وڻ سڄي ڌرتي،

گُلن کي ويس پارائڻ، فقط الله جي وس ۾.

’عبدالمالڪ‘ سڄي دنيا مخالف ٿي ته ڇا ٿيندو،

عزت سان جڳ ۾ جيئارڻ، فقط الله جي وس ۾.

 

(سنڌي فارسي آميزش نعت)

عشقِ عربئ را دلم من پُر ڪُنم،

سچ ته سهڻن جو صدر آ دلبرم.

آ محمّد ميم اندر چاشني،

صد بَلائق احترام و محترم.

خلق ۽ اخلاق هر توصيف ۾،

هر ادائي دل فِرو بر عاشقم.

جنهن نه جهڙو ڪو جڙيو جنسار ۾،

سيّدي لولاڪ او شاهِ اُمَم.

جو بڻيو فخرِ امام الانبياء،

بابِ نبوت مير محمّد شد ختم.

’عبدالمالڪ چانڊيا‘ تنهن سردار جو،

من مداحم او وَ ادني شاعر ۾.

 

اعجاز ڀاڻپوٽو

 

 

 

 

غزل

ڪري وٺ پيار جي پورت وڇوڙا وجهه ڳولين ٿا،

ڏسي وَٺ سونهن ۽ صورت وڇوڙا وجهه ڳولين ٿا.

حياتي مختصر آهي ڪريون ڪو پيار اي پيارا،

ڏنو موقعو آهي قدرت وڇوڙا وجهه ڳولين ٿا.

ڀري رک ڀاڪرن ۾ تون چميون ڏي چاه مان مونکي،

متان رهجي وڃي حسرت وڇوڙا وجهه ڳولين ٿا.

وڇوڙي کان پرين اڳ ۾ گهرون گڏجي دعا اهڙي،

نه سرجي نينهن ۾ نفرت وڇوڙا وجهه ڳولين ٿا.

گهُري جي سنڌ مون کان سو ڪريان صدبار صدقي،

نه مُڙندس مان به ڪنهن صورت وڇوڙا وجهه ڳولين ٿا.

غزل

مدهوش هُن تي آهي هڪڙو جوان شاعر،

ڏاڍو ٿو هُن کي چاهي هڪڙو جوان شاعر.

ڪيئن ٿو گهڙيون گذاري، راتين جو رول ماڻهو،

ويٺو سو گيت ٺاهي هڪڙو جوان شاعر.

خيالن ۾ خاڪ ٿي ويو سوچن جي سمنڊ ٻوڙيو،

وَس ۾ رهيو ئي ناهي هڪڙو جوان شاعر.

هُن جي حڪم جو بندو دنيا ۾ ٻيو نه ڌنڌو،

ڳڻتين ڇڏيو آ ڳاهي هڪڙو جوان شاعر.

’اعجاز ڀاڻپوٽو‘ خيالن ۾ مست آهي،

ٺاهي وري پيو ڊاهي هڪڙو جوان شاعر.

 

اعجاز علي شاهه رضوي

 

 

 

شان شاهه عبدالڪريم بلڙائي

سيد السادات آهي سالڪِ راهه هديٰ،

اولياءِ و شاعر و عارف، سخي مرد خدا.

 

علم و عرفان جي حقيقت جو سراپا راز هو،

آ ميت لئه برابر موجبِ صد ناز هو.

 

سنڌ وارن کان ته ڇا پر ساري دنيا کان پڇو،

آهه درخشنده ستارو، ڪيئن ڪنهن کا ڀي ڳجهو.

 

لالئه صحرا کي ڪيئن لعلِ بدخشان ٿا چون،

سنڌ ۾ سنڌي شاعري جو وهائو تارو ٿا چون.

 

ڪافرو زنديق و مسلم عالم و جاهل هئا،

هن جي تعليم ۽ صداقت جا سڀئي قائل هئا.

 

نغمئه توحيد ڇيڙيندو رهيو هن جو رباب،

۽ ڪيائين سنڌ ۾ دينِ حق جو روشن باب.

 

هن ڏنو آهي درسِ صبر و استقلال جو،

حال کي هٿ ۾ رکڻ اُميد استقلال جو.

 

اڄ وري سمجهڻ ڀي ”اعجاز“ اَبيات شاهه جو،

نُڪتو نُڪتو آهه جنهن جو روح پرور واه جو.

 

چنيسر ڏهوٽ

 

 

 

 

 

ڪلام

مٺار يار جاني، محبت ٿي ماري،

روئان رات ڏينهن پيو، سڄڻ توکي ساري.

هجر جي حياتي، ڏکن ۾ ڏٺي سين،

اِها سِڪ سڄڻ جي، سيني ۾ سَٺي سين،

کنيم سور سِر تي، ٻڪن ۾ ٻُهاري.

ڏکن مون کي ڏاڍو، آ بيوس بنايو،

جگر جان جيرو، جيئري جلايو،

مٺا تنهنجي مرضي، ويٺين وساري.

قدر يار ڪر تون، قدر وارو آهين،

ڏسي ڏوهه ’ڏوهٽ‘ جو، پوءِ بهانو بنائين،

اهڙي ڪر نه اجائي، ڳڻتي ٿي ڳاري.

 

ڪلام

منهنجو يار جاني ڇڏي ويو ڇڏي ويو،

گوندر مون تي گهڻيئي، گڏي ويو گڏي ويو.

آيو ڪونه الله جي، ٿيو ڇا يار کي،

ٿي ويو سال پورو، دلبر ٿئي ڌار کي،

مهنا ٻارهان مون کي، ڪيئن وساري ويو.

آهي منٿ منهنجي، مٺا يار توڏي،

ڪري پاڻ پنهنجو، گڏ ويهار گوڏي،

لهن دُک دل جا، اڳ ۾ ڇڏي ويو.

’ڏوهٽ‘ کي ڏاڍي، تنهنجي تات آهي،

ڪري نه ياد توکي، اُها رات ناهي،

اهڙو دوست دلبر، ڇو تون ڇڏي ويو.

 

شفيق عاصم منگي

 

 

 

 

غزل

ڀَروَسو چاهَت وَفا جو ڪيترو،

ساڻ اُت اُلڪو دَغا جو ڪيترو.

حُسنَ هيراڪن هميشه کان هُيو،

آسِرو مُرڪن سُخا جو ڪيترو.

دل چَمَن ۾ ڪيڏيون سرگوشيون،

رُخ ڪيو خوشبو فِضا جو ڪيترو.

هاڪَ حُسناڪي هُئي جِت چارسُو،

تِت وَري ڌَڙڪو خطا جو ڪيترو.

جانِ آجي آ ڪِٿي اُلڪن سَندِي،

پَر دِلاسو آ دُعا جو ڪيترو.

خار مان نظرون کڻي جو هُن ڏِٺو،

خوفُ طاري ڏس قضا جو ڪيترو.

نيڻَ جي آسائتا ها ديدَ لئه،

آسِرو هو تِن رَضا جو ڪيترو.

مَنَ اڱڻ تي مُسرَتُون رقصان ٿيون،

آ اثر ’عاصم‘ عَطا جو ڪيترو.

غزل

عاشقي جا مَنَ اندر ڌاري هُئي،

ڪيتري سا سَرسُ ۽ ساري هُئي.

جوش جَذبن هوش تي حاوي ڏٺم،

زندگيءَ تي ڄڻ اُها طاري هُئي.

چاهتن جا قافلا هَليا پئي،

مُسرتن پالوٽ ڀي جاري هُئي.

عامُ ڀي يا هاڪَ سرگوشيءَ سَندي،

جِت ڏٺي سا، مون اُتي ڀاري هُئي.

آرزوئن ۽ وفائن جي وَري،

ميٺِ کان ڪيڏي روش عاري هُئي.

ياد ڪاهُن، درد دانهن سان لڳي،

چاهه واري چوٽَ ڪاپاري هُئي.

ڏس جڏهن آلا ٿيا ها نيڻَ اُت،

تنهن گهڙي دل يادِ آزاري هُئي.

بي رُخي ۽ بي حِسيءَ جي جهولَ ڀي،

مون ڀَري سمجهي ته دلداري هُئي.

ٿاڪَ ٿڌاڙا سي ڇڏي ’عاصم‘ ويو،

هُنَ جَفا جي آڳِ جو ٻاري هُئي.

 

ناشاد شوڪت شنباڻي

 

 

 

وائي

منهنجو ساٿ ڇڏي،

ڪيڏو تو ته ڏکائيو.

هُرکُر من ۾ آ متل،

سورن ساڻ گڏي،

ڪيڏو تو ته ڏکائيو.

ڀري محفل ۾ ڏسي،

مون کي ڪين سڏي،

ڪيڏو تو ته ڏکائيو.

پنهنجي چاهت مان،

هينئڙو ايئن ٿُڏي،

ڪيڏو تو ته ڏکائيو.

غيرن جي وچ ۾،

پنهنجو پاڻ اَڏي،

ڪيڏو تو ته ڏکائيو.

ڪيڏو تو ته ڏکائيو!

غزل

هڪڙو سرمئي منظر ڏسندو رهجي ويس،

لهرن لوڙهيو بندر ڏسندو رهجي ويس.

تنهنجي پٺيان ويرانيءَ هئا پار ڪڍيا،

جيون سارو کنڊر ڏسندو رهجي ويس.

ساٿ مليو هو ڪين وري ساٿارين سان،

پير پِٿون ٿيا ڏونگر ڏسندو رهجي ويس.

رت سان لال سمورو هو وشواس ٿيو،

لفظن جا سي خنجرڏسندو رهجي ويس.

ڪين ڏٺو هُن ويندي منهنجي چهري ڏي،

اهڙو يار ستمگر ڏسندو رهجي ويس.

ڪيڏي صدمن واري ڪيفيت مان گذري،

خالي توبن گهر در ڏسندو رهجي ويس.

 

عطر گل چانڊيو

 

غزل

نظارن نه ڇيڙيو قصو عاشقيءَ جو،

وري بيرخي تي بهارن رنو آ،

اڙي چنڊ توکي ڪٿي چين هوندو،

سڄي رات سوچي ستارن رُنو آ.

گلابن کان مکڙي اڃا مس ٽڙي هئي،

اڳي وقت کان وئي خزان ڇاڻي،

جليون کير جهڙيون پويتر اميدون،

ڪنول جهڙي خوابن ڪنوارن رنو آ.

سچي دل سکن جي ڪٿي سيج ماڻي،

حسرتن جي ميندي هٿن تان لهي وئي،

انهي حادثي تي سڄي ڳوٺ وارن،

گهٽين ۽ گلين، در ديوارن رنو آ.

چپن مسڪراهٽ ڇڏي مدتن کان،

کِلڻ جي خواهش جو تصور ڪٿي آ؟

رڳو سرد ساهن اندر زرد ڳوڙها،

اکين جي پرين آبشارن رنو آ.

وحشي زماني پنهنجي هٿن سان،

گهڻن جي ته چاهت چٻاڙي ڇڏي آ،

فقط مان نه آهيان فقط هو نه آهي،

هن ئي سرزمين تي هزارن رنو آ.

اُتي ئي هٿن ۾ ويو مُرجهائجي ”گُل“،

ملي اڱرين کي نه وارن جي منزل،

اهو حادثو آ وڏو زندگيءَ جو،

رڳو درد سانڍي نهارن رنو آ.

 

راز نواز ٻارڻ

 

 

 

 

ڪافي

 

رھي سو چن ۾ ٿو  او ڙو  پاڙو، 

اچڻ ڇڏيو  تو  وڃڻ  ڇڏيو تو.

 

اٿڻ  ويھڻ  سان  عقل آيو ڪو،

چڱي ياري جو شغل ڄاڻي ڪو،

سکڻ ڇڏيو  تو  لکڻ  ڇڏيو  تو.

 

کٽولا    واڻي   وڇاڻا    تو    لئہ،

کلو آ   در ڙو     پڇا ڻا   تو   لئہ،

سڏڻ  ڇڏيو  تو  ملڻ  ڇڏيو تو.

 

کلي دل جو  ٿي  ڌڻي مٺڙا تون،

گھڻن کان  وڌ  وڻي  مٺڙا   تون،

گھرڻ ڇڏيو  تو  ڦرڻ ڇڏيو  تو.

 

ملي  ماڻھن سان  مٿو ماري ٿو،

گلا  غيبت   کي  ٿڏو  ماري  ٿو،

روئڻڻ  ڇڏيو  تو کلڻ  ڇڏيو تو.

 

راز   ٻارڻ   ياد    ڪيڙو     دلبر،

سڪي ساري   شاد  ڪيڙو دلبر،

ويھڻ ڇڏيو  تو پڇڻ  ڇڏيو تو.

 

بخشل باغي

 

 

 

 

وايون

مِلندي ئي موڪلاڻي،

ويندي اکين ۾ پاڻي،

تصوير عاشقيءَ جي.

هر رات تي کُٽي ٿي،

هر شام جي ڪھاڻي.

تصوير عاشقيءَ جي.

راڻا گهڻا ئي آهن،

مومل نه ڪنهن به ماڻي،

تصوير عاشقيءَ جي.

ڳوڙها ڳڙي ڳڙي ٿا،

تنهنجي لِکن ڪھاڻي.

تصوير عاشقيءَ جي.

اي ڪاش ٿي پَوي ها،

هر اَنت جي پُڄاڻي،

تصوير عاشقيءَ جي.

دل جي حصي ۾ آئي،

ديوانگي پُراڻي،

تصوير عاشقيءَ جي.

جگجيت جو جنم آ،

گَهنشيام واسواڻي.

تصوير عاشقيءَ جي.

*

گُل گُل ٿو گُنگُنائي،

ڀونئري سان مُسڪرائي،

پُرڪيف گهٽائن ۾.

بارش وَسي ٿي بَر تي،

کنوڻين جا ويس پائي،

پُرڪيف گهٽائن ۾.

رنگين سانجهه ٿي وئي،

اڄ مور کي نچائي.

پُرڪيف گهٽائن ۾.

مَڌُ جو خيال، ايندي،

قدمن کي ٿو ٿِڙائي،

پُرڪيف گهٽائن ۾.

سڀ موسمون اُنھيءَ جون،

جا بارشون ڀِڄائي.

 

امداد جسڪاڻي

 

 

 

 

وائي

ٻـــــــرنــــــدڙ اڱــــــرن تــــــــي،

بيهي درشن آ  ڪيو.

 

ڪيئي رنگ رچي ويا،

گُل جو ڪنڊن تي،

بيهي درشن آ  ڪيو.

 

گذريو جنهن جنهن راهه تان،

تن ئي رستن تي،

بيهي درشن آ  ڪيو.

 

مان ڪنهن کان ڇا کان ڊڄان؟

پنهنجي قدمن تي،

بيهي درشن آ  ڪيو.

 

ناهي ساهه سرير ۾،

جاني جذبن تي،

بيهي درشن آ  ڪيو.

 

اقبال هنڱورو

 

 

 

 

وائي

حياتيءَ ۾ سهارن جو،

۽ جيءَ سان جيءَ جيارن جو،

هجڻ لازم آهي يارو.

آ اڪيلو چنڊ ٻُسو اُڀ ۾،

ان سان جوڙ تارن جو،

هجڻ لازم آهي يارو.

مِلي جن سان جيئڻ وڻي،

اهڙن ماڻهن موچارن جو،

هجڻ لازم آهي يارو.

جيون ۾ خوشيءَ سان گڏ،

دردن جي اوتارن جو،

هجڻ لازم آهي يارو.

’اقبال‘ پيار سانڍڻ لئه،

دل ۾ هڪ اڌ جارن جو،

هجڻ لازم آهي يارو.

 

آزاد نظم

ٻڌو هوم

ته

انسان جي تقدير کي

هڪڙي شئي

مٽائي ڇڏيندي آ

جنهن کي دعا چئجي ٿو

پر ڇا ڪجي!!

تون دعائن سان به ته

نٿو ملين؟؟

 

اختيار خاصخيلي

 

 

 

 

هيل ڀي گذري وئي هي رُت بهار،

باغبان جي هر ڪلي ٿي سوڳوار.

 

غير جو ڪهڙو انهي ۾ هو قصُور،

راز کولي آ ڇڏيندو رازدار.

 

تون ڇڏي ويندين نه هو اهڙو گُمانَ،

سڀ ڇِني رشتا ڇڏيندين هاسڪار.

 

نفرتن ۽ بيرخين جي آسپاس،

درد پيڙا ۾ پئي گذاري ڄمار.

 

سرمئي هر شام جو منظر عجيب،

تو بنا ڪيڏو لڳي ٿو بيقرار.

 

ساهه کي ساڻو ڪيو آهي اُڪير،

رات کان تن من لڇي پيو بار بار.

 

اڄ ڪيو گفتار تنهنجو چُور چُور،

لفظ تو جيڪي چيا، ها خاردار.

 

اک وهائي ٿي وري هي آبشار،

بي گناهي ۾ ٿياسين اشڪبار.

 

هاڻ آ مرضي تُنهنجي جيئن ڀي گذار،

مون ڏنو توکي سمورو ”اختيار“.

 

ياسين ڪنڀر

 

 

 

 

 

(سيد گل محمد بخاري جي ياد ۾)

هڪڙو خوشبودار گُل گلشن منجهان گُم ٿي ويو،

شعر جي دنيا ۾ يارو برپا ماتم ٿي ويو.

پهريون پهريون حمديه ديوان گل آهن لکيا،

۽ زياده نعتيه ديوان گل آهن لکيا،

روشنيءَ جو ڏيئو مشعل آهي مدهم ٿي ويو.

علمي ادبي شخصيت هو ۽ پروفيسر هُيو،

ڇَهه دفعا ايم.اي هُيو هڪ علم جو محور هُيو،

گوهرِ ناياب اسڪالر هُيو همدم ٿي ويو.

ايڪيهين آگسٽ اوڻيهه سو ۽ سٺ ۾ ڄايو هو،

هُو هُيو شهدادڪوٽي علم حق جو پايو هو،

سيرت و صورت ۾ سهڻو ڏور سنگم ٿي ويو.

”آبِ ڪوثر“ ”سَرورِ عالم“ لکيو ”برهان“ به،

ان جو عاليشان لکيل نعتيه ديوان به،

”رهبرِ اعظم“ لکيائين پيار جي موسم ٿي ويو.

نثر ۾ ۽ نظم ۾ هن کي هيو حاصل ڪمال،

سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب ۾ کيس هو ڪامل ڪمال،

قومي سيرت کان کڻي انعام سو مڪرم ويو.

”تعارف القرآن“ لکيو ۽ لکيو ”ذڪرِ رسول“،

۽ لکيو هن ”درس قرآن جا بنيادي اصول“،

”سچي سرور جو سنيهو“ جنهن لکيو محرم ويو.

هن لکيو ”ثناءِ محمّدؐ “ ۽ ٻيو ”سَيد مُرسلين“،

”خاتم النبين“ لکيو ۽ ٻيو ”رحمت عالمين“،

هن لکيو ”سبحان جي ساراهه“ جو دم دم ويو.

هن لکيو ”انسان نامو“ ۽ ”عزيز نامو“ لکيو،

”پيار جو پورهيو“ لکيائين ”نعت جو نامو“ لکيو،

جنهن لکيو ”فڪرِ حبيب“ آ ساهه جو سرگرم ويو.

منهنجو دوست منهنجو سائين اڄ ڪري ويو انتقال،

ان جي شل بخشش ڪري ’ياسين‘ منهنجو ذوالجلال،

مردِ حق وِڇڙيو مجاهُد مومن و مسلم ويو.

 

ممتاز کوکر

 

غزل

تنهائيءَ جي سانتيڪن ۾، خواب الاهي تڙپن ٿا،

اُلفت جي احساسن جا، آداب الاهي تڙپن ٿا.

سارو دل جو حال ڪيان ٿو، ڪجهه خيال به ڪر ڪو اي سپرين!

منهنجي جيءَ جا جذبا جانان، بي تاب الاهي تڙپن ٿا.

هيءُ جيڪا شعر و شاعري آ، تنهنجي نالي سان مسلط ٿي،

ورق ورق پڙهي ڏِسُ منهنجا هاءِ، ڪتاب الاهي تڙپن ٿا.

بي چيني فڪرات بڻي آ، جلدي هاڻي سار لَهي وڃ،

منهنجو ڳوٺ، گهٽي هي گهرُ ۽، احباب الاهي تڙپن ٿا.

محبت خاطر تنهنجي اڳيان، ڪنڌ جهڪايو ادبن ۾ آ،

راحت جا ۽ چاهت جا روح، رباب الاهي تڙپن ٿا.

مون کي جيڪي تحفا ڏنئي، محبت ۾ هي توبن هاڻي،

رومال، ڇلو، ڪنگڻ، ڪنٺا، ڪولاب الاهي تڙپن ٿا.

ڪير ٻڌي هت ڪوئي ناهي، ڪنهن کي دانهن ’ممتاز‘ ڏيان،

هڪ نيڻ ڀنا ٻيو سوڳ نما، ڳل آب الاهي تڙپن ٿا.

غزل

محبتن جا مُفاد من سمجهو،

فائدو ۽ فوادَ من سمجهو.

تڙپ ۽ تانگهه دل ۾ جيڪا آ،

پيار جا ئي سوادَ من سمجهو.

تنهنجي هرهنڌ سونهن خوشبوءَ جا،

ماڻهن واتا دادَ من سمجهو.

ڀروسي ۽ يقين سان پڪ ڪَر،

عمر ڀر، اعتمادَ من سمجهو.

تو ڏنو گُل گلاب جو مُرڪي،

دل خوشيءَ ساڻ شادَ من سمجهو.

مون ته گرجا، مندر ۽ مسجد جان،

پرت کي اعتقادَ من سمجهو.

عشق ’ممتاز‘ جو عقيدو آ،

هيءَ دل جي مُرادَ من سمجهو.

 

اسد ’جمال‘ پلي

 

 

 

 

غزل

ماڻهو ڪي، ڇانوَ جا گهڙا آهن،

ڪِن جا مَٽيا، رڳو ٿڙا آهن!

هي اڃان جي، چَون نه ڳالهه سِڌي،

چئبو ناهن وَهو، جڙا آهن!

راڄڌانيون هُيون پراڻ ڪنڌي،

اڄ ڏسو ڪيئن نه سڀ دڙا آهن!

تنهنجي وعدن جي عمر ئي ڪونهي،

ڄڻ ڪي برسات جا ڳڙا آهن!

سو ته پڪ ڄاڻ صاف سچ آهي،

ٻول جيڪي لڳا ڪڙا آهن!

هل ته سنڌوءَ جي، پرئين پار هلون،

جت وڳا چنگ ۽ چڙا آهن!

منهنجا مارو ’جمال‘، سانگ ويا!

منهنجي لئه قيد ۽ ڪڙا آهن!

غزل

دعا ۾ آ پِٽي ڪونهي،

دغا سان مائٽي ڪونهي.

منافق، ٺڳ، ڪوڙي سان،

رکي ڪڏهن، مِٽي ڪونهي!

سدائين راند، سورن سان،

ڪئي ڪڏهن، ڪِٽي  ڪونهي!

اڃا ڀي، تنهنجي وعدن جي،

ڪائي منزل، چِٽي ڪونهي!

سنديئي ساٿ ۾، هر شيءِ،

ٺهي آهي، ڦِٽي ڪونهي!

وفا جي راهه تي، هيءَ دل،

اڪيلي آ، ٻِٽي ڪونهي!

وفا عيوض، جفائون ڏي،

اسان جي سا، مِٽي ڪونهي.

’جمال‘ آ درد، هيڻن جو،

دکن سان، درشٽي ڪونهي!

 

ثمينه ميمڻ

 

 

 

 

 

غزل

هوائن جو رُخ روشن، خوبصورت صبح جا خواب،

سدائين رهي خيالن ۾، خواب جيڪي ڏٺا.

 

هر گهڙي گهايل مَن، ۽ ڏکن جا سڀ پل،

مُرجهايل ڪليءَ وانگر، ٽهڪندڙ پاڻيءَ جهڙا اُڌما.

 

پيار محبت به آهي، پر جي ناهي ته ڇاهي،

ٿو سوچي لوچجي، هر مَن اندر عام مان.

 

رستن تي ڀِٽڪندڙ، چمڪندڙ ٻُرڪندڙ روشنيون،

گُهگهه اونداهين ۾، من اندر گُهگهه اونداها رستا.

 

هر صبح روشن ٿِي، اچي ٿو کڻي لک اميدون،

پر پرڀات کان اونداهي شام تائين هجن ٿا ڪي ئي سڏڪا.

 

بُکَ ڏُک ويو آهي، ڄڻ زندگيءَ جو وهنوار بڻجي،

ڪو سُک جو سڏ، ۽ سُڌ آهي ڄڻ بي معنيٰ.

 

هزارين پِنندڙ هٿَ لکين سِسڪيون ۽ دانهون،

پر هر پاسي ۽ هرهنڌ خاموشي، بس رڳو سُڏڪا سُڏڪا.

 

بي وَسي ۽ بي حِسي جابجا، اکين مان وهندڙ ڳوڙها،

اجايو شور و غل ڪري ٿو، ڄڻ هاڻي بي حوصلا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org