محمد پُنهل ڏهر
شڪارپور تي لکيل وڌيڪ دستياب ٿيل ڪتاب
سال 2018ع جي مهراڻ پرچي ۾ نمبر 1-2 ۾ منهنجو هڪ
تحقيقي مقالو ”شڪاپور تي لکيل ڪتابن جو جائزو“ جي
عنوان سان شايع ٿيو. هن ۾ مون شڪارپور تي سنڌي
اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل 69 ڪتابن جو تعارف پيش
ڪيو هو.
انهيءَ مذڪوره مقالي جي ڇپجڻ کان پوءِ به مون
شڪارپور متعلق وڌيڪ ڇپيل۽ قلمي ڪتابن جي ڳولا جاري
رکي. ان کان پوءِ هن وقت تائين ڪوشش ڪندي مون کي
شڪارپور متعلق وڌيڪ 19 ڪتاب معلوم ٿيا آهن، جن ۾
هڪ فارسي ٻه اردو، ٽي انگريزي ۽ بقايا ٻيا سنڌي
آهن. اهي سڀ ڪتاب، سواءِ هڪ سنڌي ڪتاب جي سمورا
ڇپيل آهن. انهن ۾ هڪ فارسي ٻه سنڌي ۽ ٽي انگريزيءَ
۾ لکيل ڪتاب تمام آڳاٽو ڇپيل آهن، جيڪي هن وقت
بلڪل ناياب آهن. انهن چئن ڪتابن کان سواءِ باقي
ٻيا ڪتاب ويجهڙائي ۾، ڪي وري تازو چند سالن ۾ ڇپيا
آهن.
انهن ڪتابن مان ڪجهه ڪتاب هٿ ڪري ڏيڻ ۽ چند ٻين
ڪتابن جي باري ۾ معلومات فراهم ڪرڻ ۽ محترم حسيب
ناياب منگيءَ تمام گهڻي مدد ڪئي، جنهن لاءِ راقم
سندس ٿورائتو آهي.23
جيئن ته مهراڻ جي مٿي ڄاڻايل مذڪوره ڇپيل مقالي ۾
ڄاڻايل ڪتابن جي لحاظ کان آخري ڄاڻايل ڪتاب جو
سيريل نمبر 69 آهي. تنهنڪري هتي به انهيءَ ترتيب
جي لحاظ سان پهرئين ڄاڻايل ڪتاب جو سيريل 70 کان
شروع ڪجي ٿو ۽ اهڙي طرح مذڪوره ڇپيل مقالي ۾ آخري
حوالي جو نمبر 22 ڄاڻايل آهي. تنهن ڪري هتي به
انهيءَ ترتيب کي سامهون رکندي پهرئين حوالي جو
نمبر 23 ڏئي رهيا آهيون.
سنڌي ڪتاب:
70 سنڌ جا شهر. مصنف خان بهادر خداداد خان.
ڇاپو پهريون 1869ع هن جي ڇپائيءَ جو هنڌ معلوم نه
ٿي سگهيو آهي.
سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ميري ويدر جي حڪم سان خان بهادر
خداداد خان سنڌ جي ابتدائي ٽن ضلعن ڪراچي،
حيدرآباد ۽ شڪارپور جي اهم شهرن ۽ بزرگن جا بيان
شايع ڪيا........ شڪارپور ضلعي جي خواجه خضر
مناره مير معصوم، قاسم خاني ۽ بکر جا حالات قلمبند
ڪيا. هن ڪتاب کي حڪومت سنڌ، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾
ترجما ڪرائي سنڌ جي سرڪاري عملدارن ۽ برطانيه جي
معززن کي ورهائي ڏنا. 24
نوٽ: هي ڪتاب اصل ۾ مصنف فارسيءَ ۾ لکيو هو. خبر
نه آهي ته پوءِ حڪومت سنڌ ڪنهن کان سنڌي ۾ ترجمو
ڪرايو. 2
71. ائٽلس جاگرافي شڪارپور تعلقو. مصنف، ٺڪر
هولارام ۽ هرچند سنگهه پرسواڻي جو لکيل آهي. سال
1934ع پوڪرداس اينڊ سنز شڪارپور
72. شڪارپور جو تاريخي پسمنظر مصنف محمد قاسم
سومرو. هيءُ ڪتاب مصنف جي پي ايڇ ڊي ٿيسز آهي.
جيڪا هن سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ 1988ع ۾ پيش
ڪئي. هي ڪتاب اڃا تائين ڇپائي هيٺ اچي نه سگهيو
آهي.25
73. جاگيرداراڻي جبر هيٺ. مصنف، نسيم بخاري، ڇاپو
پهريون 2015ع، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي.
هن ڪتاب ۾ مصنف شڪارپور شهر جي موجوده صورتحال جي
تصوير پيش ڪندي، هتي جي جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن،
پوليس ۽ ٻين ڪامورن جي ظلم، جبر، ستم، ۽ ڏاڍ جو
ڀرپور جائزو پنهنجي قلم جي نوڪ مان ڪڍي، قرطاس جي
مختلف عنوانن ۽ موضوعن جي صورت ۾ آڻي عوام سامهون
پيش ڪيو آهي.
74. سج جهڙا پرين. مرتب، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو.
ڇاپو پهريون 2018ع، شيخ اياز اڪيڊمي شڪارپور.
هن ڪتاب ۾ مرتب، شڪارپور جي چند اهم ادبي، سياسي ۽
سماجي آڳاٽين شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي.
75. شڪارپور جون مسجدون ۽ عيدگاهه. مصنف پروفيسر
عبدالحئي مورياڻي ، ڇاپو پهريون 2019ع، مهراڻ
اڪيڊمي شڪارپور.
76. شڪارپور تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو. مصنف حسيب
ناياب منگي ڇاپو پهريون 2022ع سمونڊ پبليڪيشن
ڪراچي.
هن ڪتاب ۾ شڪارپور جي تاريخ، خاص خاص جاين،
اسڪولن، قديم ماڳن، لائبريرين ۽ آچار وغيره تي
مصنف جا لکيل مضمون ۽ مقالا ڏنل آهن.
77. سهڻو شهر شڪارپور، مرتب پروفيسر عبدالرحمان
جتوئي ڇاپو پهريون 2023ع عبدالله اڪيڊمي شڪارپور.
هن ڪتاب ۾ شڪارپور متعلق مختلف ڪتابن تان ورتل
مواد ڏنو ويو آهي. مذڪوره مواد جي آخر ۾ ورتل مواد
جو حوالو به ڏنل آهي. ڪجهه مواد اوريجنل به آهي.
ڪتابن جي آخر ۾ شڪارپور شهر جي رنگين مختلف تاريخي
ماڳن جون رنگين تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن.
78. شڪارپور هڪ شهر هڪ تهذيب، مرتب مدد علي سنڌي
ڇاپو پهريون سال نه ڄاڻايل آهي. ثقافت کاتو حڪومت
سنڌ.
مرتب هن ڪتاب ۾ شڪارپور شهر جي سياسي، سماجي،
ثقافتي سوانحي ۽ ادبي تاريخ متعلق مختلف اديبن ۽
محققن جا لکيل مضمون ۽ مقالا سهيڙيا آهن.
79. سماجي اڀياس، شڪارپور ضلعو (نئين ڪلاس لاءِ)
مصنف، تاج محمد ميمڻ ڇاپو ۽ سال ڄاڻايل نه آهي.
سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ڄام شورو.
80. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪاٺ مڏي جي تاريخ.
مصنف نثار احمد سومرو. ڇاپو پهريون سال نه ڄاڻايل
آهي. ڇپيل شڪارپور.
81. شڪارپور جي تعليم، اسڪول، استاد، شڪارپور جي
مختصر تاريخ، يادگيريون. مصنف نثار احمد سومرو
ڇاپو پهريون سال نه ڄاڻايل آهي. ڇپيل شڪارپور.
82. شڪارپور جيئن ڏٺي مون. مصنف نثار احمد سومرو
ڇاپو ۽ سال نه ڄاڻايل آهي. ڇپيل شڪارپور. هي ڪتاب
شڪارپور متعلق مصنف جي دور جي يادگيرين تي مشتمل
آهي.
اردو ڪتاب:
83. ضلع سکر ۽ شڪارپور، ترقي ۽ سياست مرتب جو نالو
نه ڄاڻايل آهن. ڇپايل پنجاب لوڪ سجاڳ لاهور.
84. تاريخ شڪارپور ؟؟ مصنف ڪامران اعظم سوهدروي
شڪارپور جي تاريخ تي لکيل هيءُ اردو ڪتاب ڪنهن
اشاعتي اداري وٽ اشاعت جي انتظار ۾ پيل آهي. 26
انگريزي ڪتاب:
85. سنڌ جا شهر. هي انگريزي ڪتاب اصل فارسي ۾
خداداد خان بهادر لکيو هو. جنهن جو مٿي نمبر 70 تي
ذڪر اچي چڪو آهي. پوءِ خبر نه آهي ته حڪومت سنڌ
(انگريز دور ۾) ڪنهن کان هن جو انگريزي ترجمو
ڪرايو هو. اها به خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهو
انگريزي ڪتاب ڪڏهن ڇپيو هو.
86. Shikarpur District, 1895, Report on
proposals an irrigation settlement of the
remaining settled villages of Thul taluqa upper
Sindh frontier district. By H. K. Disney 1891.
87. Report on the revision of the settlement of
shikarpur taluqa, Shikarpur District by, Robert
Giles 1998. 27
فارسي ڪتاب:
88. سنڌ جا شهر مصنف خانبهادر خداداد خان
هي ڪتاب مصنف فارسيءَ ۾ لکيو هو. جيڪو ڇپيو الائي
نه. ليڪن (انگريز سرڪار) حڪومت سنڌ هن ڪتاب جو
سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايو. جنهن جو
ذڪر هن مقالي ۾ 70 ۽ 85 تي ٿيل آهي.
آخر ۾ پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافي خاطر لکجي ٿو
ته، ٽماهي مهراڻ جي نمبر 1-2 سال 2018ع ۾ منهنجي
ڇپيل مقالي ”شڪارپور تي لکيل ڪتابن جو جائزو“ ۾
سيريل نمبر 67 ۽ 68 تي ڄاڻايل انگريزي ڪتاب
Shikarpur Historic, Sindh Pakistan. Inventory
and mapping of heritage properties. Voll: one
and two, Two voll: by, Dr. Anilla Naeem (Ed.:
first 2013, Department of Architecture and
Planning, N. E. D. Uneversity of engineering and
Technologi Karachi.)
جي باري ۾ وضاحت ڪجي ٿي ته هي انگريزي ڪتاب هڪ جلد
۾ ”هالينڊ“ مان به ڇپيو آهي. 28 هن جي ڇپائي جي
سال جي خبر نه پئجي سگهي.
حوالا ۽ واڌارا:
23. انهيءَ دوران حسيب ناياب منگي صاحب، شڪارپور
متعلق وٽس موجود هڪ اڻ ڇپيل ڪتاب ٻڌايو هو ته
اهو هندي ۽ سنسڪرت ۾ لکيل آهي. راقم جي استدعا جي
باوجود منگي صاحب انهي ناياب قلمي ڪتاب جي فوٽو
اسٽيٽ فراهم نه ڪئي.
24. رحيم داد خان مولائي شيدائي، تاريخ سکر، ڇاپو
پهريون 1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو صفحو 405
25. ٽماهي ”مهراڻ“ نمبر 03 سال 2023ع سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو صفحو 84
26. هن ڪتاب جي باري ۾ مصنف، راقم کي ڪيترا ڀيرا
ملاقات دوران ۽ موبائل فون تي ٻڌايو.
27. مختيار احمد ملاح ، برطانوي سنڌ جي انتظامي ۽
دفتري تاريخ، ڇاپو پهريون 2023ع، ثقافت کاتو حڪومت
سنڌ صفحو 145 ۽ 146.
28. راقم کي هيءُ معلومات محترم ڊاڪٽر غلام محمد
لاکي، تاريخ 25 مئي 2018ع تي فون ڪري فراهم ڪئي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق
عاشقِ
رسولﷺ، شيخ عبدالنبي
شيخ عبدالنبي بن شيخ احمد بن شيخ عبدالقدوس گنگوهيرح
چشتي سلسلي جي صابري طريقت جي حوالي سان تمام گهڻو
مشهور هو. صابري سلسلي وارا بزرگ سنڌ ۾ به ايندا
رهندا هئا. شاهه لطيف فرمايو آهي:
رهيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري
پروفيسر خليق احمد نظامي عبدالقدوس متعلق لکيو آهي
ته، ”هو شيخ محمد ردولوي جو تمام پيارو مريد ۽
خليفو هو ۽ صابري سلسلي جو پهريون بزرگ آهي، جنهن
جو ذڪر معاصر تذڪرن ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ملي ٿو.
کين جيڪا شهرت ۽ عظمت حاصل ٿي، سا کانئس اڳ صابري
سلسلي جي ڪنهن به بزرگ کي حاصل نه هئي.“ (1)
عبدالقدوس گنگوهي وڏي عمر يعني 84 سالن جي ڄمار ۾
1527ع ۾ فوت ٿيو. صابري سلسلي ۾ سندن خدمتون
يادگار آهن. سندن مانُ ۽ مرتبي جو علامه اقبال جي
ان عالماڻي تبصري مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو
هن عبدالقدوس گنگوهي جي هن قول تي ڪيو هو. ”محمد
مصطفيٰﷺ درقاب قوسين او ادنى رفت و باز گردد والله
ما باز نه گرديم.“ بقول اقبال صوفياڻي ادب جي
سموري سرمايي ۾ شايد ئي ڪو ٻيو مثال ملي سگهي، جتي
هڪ مختصر جملي ۾ نبي ۽ ولي جي نفسياتي فرق کي اهڙي
طرح صاف ۽ چٽي ريت بيان ڪيو ويو هجي.
شيخ عبدالقدوس شروع ۾ چشتي مشائخن جي قديم اصول
مطابق بادشاهن کان پري رهندو هو، پر پوءِ حالتن
کان مجبور ٿي خلق خدا جي بهتريءَ لاءِ هن حڪمرانن
کي نصيحت خاطر خط لکيا. هڪ طويل خط ۾ هن سڪندر
لوڌيءَ کي خلق خدا جي سار سنڀال رهڻ ۽ علماء ڪرام
جي تيمارداري طرف توجهه ڏيڻ جو تاڪيد ڪيو. کيس
ٻڌايو ويو ته اهڙي طريقي توهان جي ذريعي حالتون
درست ٿي سگهن ٿيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن بابر
اقتدار ۾ آيو ته ان کي به ان قسم جو خط
لکيائين.(2)
مطلب ته هن وقت جي حڪمرانن کي خط و ڪتابت جي ذريعي
اصلاح احوال ۽ معاشرت جي حڪمت عملي اخبار ڪرڻ جا
مشورا ڏئي، نه صرف عوام جي بهتريءَ لاءِ راهه
روشن ڪئي، پر کين سهڻي نموني حڪومت ڪرڻ جو پڻ درس
ڏنو.
شيخ عبدالقدوس هندي زبان جو شاعر هو. سندس سموري
ڪلام ۾ تصوف جي باريڪ نڪتن جي تشريح ۽ توضيح آهي.
ان کان علاوه سندن مقتوبات وڏي اهميت رکن ٿا.
ڊاڪٽر معين الحق لکيو آهي ته، ”بابر کان پوءِ سندس
فرزند ۽ جانشين همايون سندس خدمت ۾ حاضر ٿي کانئن
فيض حاصل ڪندو رهيو. ابوالفضل جي بيان مان معلوم
ٿئي ٿو ته همايون شيخ جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو رهندو
هو.“ (3) هن وڌيڪ لکيو آهي ته، ”شيخ جي خطن واري
مجموعي ۾ همايون جي نالي ٻه خط شامل آهن، جن جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ جي خواهش هئي ته،
همايون سلطنت جي پاليسيءَ ۾ شريعت جي اصولن تي عمل
ڪري ۽ عالمن ۽ درويشن جو احترام ڪيو وڃي.“ (4)
بقول ڊاڪٽر معين الحق ”شيخ جي ان دور جي سياسي ۽
سماجي زندگيءَ جي ان پهلو تي به نظر هئي ته وقت جي
حاڪمن جي دلين مان خدا جو خوف ڏينهون ڏينهن گهٽجي
رهيو آهي ۽ هن آخرت کي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري
انهن ڳالهين کي روڪڻ لاءِ هن ڀرپور ڪوشش ڪئي.
سڪندر لوڌي، بابر، همايون ۽ ڪن ٻين بااثر ماڻهن جي
زندگين جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته هُو شيخ جي
تعليمات کان متاثر ٿيا هئا.“ (5)
شيخ عبدالقدوس جي زندگيءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي
ٿو ته، هن وقت جي حڪمرانن، وڏن ماڻهن ۽ عوام لاءِ
اصلاح جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو هو، سو ذڪر و فڪر،
وعظ ۽ تلقين، هدايت ۽ نصيحت وارو هو، جيڪو سندن
خطن مان واضح نظر اچي ٿو، پر سندس پوٽي شيخ
عبدالنبي اهو فرض وري هن طريقي ادا ڪيو جو هن وقت
جي حڪمران يعني شهنشاهه اڪبر جي ملازمت قبول ڪئي ۽
”صدرالصدور“ جي عهدي تي فائز رهيو. عبدالقادر
بدايوني شيخ عبدالنبيءَ جي باري ۾ لکيو آهي ته
”مناقب و ڪمالات وي از شرح و بيان مستفني اهڙي ريت
شيخ عبدالنبي جي باري ۾ لکي ٿو ته هن عوام کي
ايترو ته انعامن ۽ خرچ پکي جي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾
نوازيو، جيڪڏهن اڳوڻن بادشاهن جا سمورا عطيه جمع
ڪيا وڃن، ته ان جيترا نه ٿي سگهندا.“ (6)
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هُو وڏو سخي هو ۽ مسڪين
ماڻهن جو بي انتها همدرد هو.
صدر الصدور جا فرض ۽ ذميواريون:
1.
مالي مدد لاءِ مستحق ماڻهن جي تلاش.
2.
قاضي ۽ محتسب مقرر ڪرڻ.
3.
جن هنڌن تي مسجدن جو انتظام ڪرڻ لاءِ قابل ماڻهو
نه هجن، اتي خطيب ۽ امام مقرر ڪرڻ ۽ انهن جي خرچ
پکي جو انتظام ڪرڻ.
4.
هر فقهي مسلڪ ۽ فرقي وارا پنهنجو خطيب ۽ امام مقرر
ڪرڻ ۾ آزاد هجن ۽ حڪومت کان مدد گهرڻ تي، ان تي
عمل ڪرائڻ.
5.
ائمه جي تقرر ۽ انتخاب ۾ مدد.
6.
جامع مسجدن ۾ گهربل لياقت ۽ قابليت رکڻ وارا حافظ،
قاري ۽ مستند عالم مقرر ڪرڻ.
7.
وظيفن ۽ عطين جي جانچ جونچ ڪرڻ.
8.
غريب ۽ مسڪين ۽ بيروزگار ماڻهن جي مدد ڪرڻ.
9.
ضرورت مند ماڻهن لاءِ وظيفا مقرر ڪرڻ.
10.
حڪومت طرفان مختلف ماڻهن لاءِ مقرر ڪيل وظيفا ۽
عطيه شفاف نموني مستحق ماڻهن تائين پهچائڻ.
شيخ عبدالنبي صدرالصدور جي حيثيت ۾ اهي سموريون
ذميواريون تمام سهڻي نموني ايمانداري ۽ ديانتداري
سان نڀائي رهيو هو، مؤرخين ان ڳالهه تي متفق آهن
ته، هُو ذاتي لياقت ۽ قابليت ۽ خانداني اعتبار کان
پڻ ان عهدي جي لائق هو.
”نزهت الخواطر“ جي مصنف مولانا عبدالحئي شيخ
عبدالنبي متعلق لکيو آهي ته، ”محدث عالم شيخ
عبدالنبي بن شيخ احمد بن شيخ عبدالقدوس گنگوهي
هندستان جي مشهور ۽ معروف عالمن مان آهي. گنگوهه ۾
پئدا ٿيو. قرآن مجيد فقه عربي ۽ ٻيا علم هند جي
مختلف شهرن ۾ وڃي حاصل ڪيائين. پوءِ حرمين شريفين
ويو ۽ اتان جي مشهور عالم شيخ شهاب الدين احمد بن
حجرالملڪي ۽ ٻين عالمن کان حديث جو علم حاصل ڪرڻ
کان پوءِ وطن موٽي آيو ۽ وري ڪيترائي ڀيرا ڀلي پار
وڃي وڏو عرصو اتي رهي، اتان جي عالمن کان علمي فيض
حاصل ڪيائين“ (7)
شيخ عبدالنبي جي علمي لياقت ۽ اعلى ڪردار سبب
مظفر خان جي تجويز تي کين صدرالصدور جي عهدي تي
فائز ڪيو ويو هو. ڏهه ٻارنهن سال بادشاهه، سندس
مقربين، عوام و خواص، درٻاري عالم ۽ امير عبدالنبي
جي علميت، اهليت ۽ ڪم ڪار کان مطمئن رهيا. سندس
اعلى ڪردار ۽ ايمانداري سبب مٿس ڪو به الزام نه
لڳايو ويو. هُو سڀني جي نظرن ۾ قابل قبول معزز ۽
محترم سمجهيو ويندو هو. نيٺ هُو حاسدن جي حسد،
اندروني سازشن ۽ اسلام دشمن جي مخالفت جو شڪار
بڻيو. 985هه مطابق 1577ع ۾ شيخ عبدالنبي جي شڪايتن
جي شروعات ٿي. بادشاهه جي دين کان ڪناره ڪش ٿي،
”ظل الاهي“ بڻجڻ جي خواهش ۾ شيخ جي رستي کي رڪاوٽ
ٿي سمجهيو، تنهن ڪري هڪ سال بعد 986هه مطابق 1578ع
۾ کيس عهدي تان هٽايو ويو. ٻن سالن کان پوءِ يعني
988هه مطابق 1580ع کيس جلاوطنيءَ تي مجبور ڪيو
ويو.
شيخ عبدالنبي صدرالصدور جي عهدي تي 14 سال رهيو.
972هه مطابق 1564ع ۾ صدرالصدور ٿيو ۽ 986هه مطابق
1578ع ۾ کيس عهدي تان لاٿو ويو. بادشاهه جي حڪم
سان کيس جلاوطن ڪري حرمين شريفين موڪليو ويو.
ان جا سبب هيءُ هئا ته هندو ۽ راجپوتن جي حڪومت
مسلمانن جي هٿ آئي هئي. هنن دلي طور مسلمانن جي
اقتدار کي قبول نه ڪيو هو. اڪبر جيئن ته اڻ پڙهيل
هو، تنهن ڪري هن اڪبر سان ويجهڙائي پيدا ڪري کيس
هندو ماحول اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هُو پنهنجي
ان ارادي ۾ ڪامياب ٿيا. اڪبر جڏهن پهريون ڀيرو
زيارت لاءِ اجمير وڃي رهيو هو ته سفر جي دوران
هندو راجا بهاري مل شاهي خيمي ۾ اچي اڪبر کي عرض
ڪيو ته ”هُو سندس ڌيءَ شاهي حرم ۾ داخل ڪري.“ اڪبر
سندس عرض اگهايو ۽ ان سان شادي ڪئي. ڪجهه سالن کان
پوءِ جيسلمير ۽ بيڪانير جي راجائن جون ڌيئرون به
اڪبر جي حرم جون زينت بڻيون، اهڙيءَ ريت راجپوت
اثر وڌندو رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ اڪبر پنهنجي
وڏي پٽ شهزادي سليم جي شادي به راجپوت ڇوڪريءَ سان
ڪرائي.
اڪبر هندن تي خوب نوازشون ڪيون، جزيو معاف ڪيو،
کين خوش ڪرڻ لاءِ هندن وارو لباس پهرڻ، تلڪ لڳائڻ،
سندن ڌرمي ڏڻن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن جهڙا طور طريقا
اختيار ڪرڻ لڳو. اهڙي ماحول ۾ شيخ عبد النبي 1564ع
۾ صدر الصدور جو عهدو سنڀاليو هو.
عبدالنبي جهڙي نيڪ، پارسا ۽ ايماندار صدرالصدور
سان نه صرف هندو ۽ راجپوت پر مسلمان عالم فيضي،
ابوالفضل ۽ سندن والد شيخ مبارڪ به ساڙ کائڻ لڳا.
ان ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته اهي ٽئي وڏا عالم هئا. سندن
علميت، لياقت، قابليت ۽ بي پناهه صلاحيتن کان ڪو
به انڪار ڪري نه ٿو سگهي، پر انهن جا ارادا خطرناڪ
هئا ۽ سندن نيت ۾ فطور هو. هنن پنهنجي ڪمال علم
سبب اڪبر کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، هنن جي اها نيت
هئي ته دين اسلام جي ترويج ۽ اشاعت نه ٿي سگهي.
پنهنجو مرتبو وڌائڻ، مالي فائدا حاصل ڪرڻ، علماءِ
ڪرام جي بي عزتي ڪرائڻ سندن خاص شيوو هوندو هو، پر
سندن مزموم مقصد تيستائين پورا ٿي نه سگهيا
جيستائين رسخ العقيده دين جي نفاذ لاءِ ڪوشش ڪندڙ،
مخدوم الملڪ ۽ شيخ عبدالنبي موجود هوندا. تنهنڪري
هُو انهن ٻنهين کي پري ڪرڻ لاءِ لڳاتار ڪوششون
ڪندا رهيا، پر مخدوم الملڪ ۽ عبدالنبي کي هٽائڻ
ايڏو آسان نه هو. ان لاءِ فيضي، ابوالفضل، شيخ
مبارڪ ۽ خود اڪبر کي ڏهن سالن کان پوءِ ان مقصد ۾
ڪاميابي حاصل ٿي. بقول بدايوني اندازو آهي ته اڪبر
پهريائين عبدالنبيءَ کان خوش هو، پر بعد ۾ ڪن اڪبر
جي مرضي خلاف واقعن جي ڪري کانئس ناراض ٿيو. (8)
هڪ اهڙو واقعو جنهن اڪبر کي عبدالنبي جو مخالف
بڻايو، سو هي آهي ته مٿرا جي هڪ برهمڻ پيغمبرِ
اسلام حضرت محمّد مصطفيٰ ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪئي
هئي، ان جو فيصلو بحيثيت صدرالصدور شيخ عبدالنبي
کي ڪرڻو هو، ان تي گستاخيءَ جو ڏوهه ثابت ٿيو ۽
کيس موت جي سزا ڏني وئي، پر جيئن ته مغليه دؤر ۾
موت جي سزا لاءِ بادشاهه جي منظوري ضروري هوندي
هئي، تنهنڪري شيخ عبدالنبي اڪبر تي زور ڀريو ته
مجرم کي موت جي سزا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي، پر
اڪبر هندن جي ناراضگيءَ جي ڊپ کان، شيخ عبدالنبي
کي چيو ته ”اهو اوهان تي ڇڏيو وڃي ٿو“ عبدالنبي ان
کي ڦاسي ڏياري. اڪبر دراصل برهمڻ کي ڪنهن طرح
بچائڻ ٿي چاهيو، سندس خواهش هئي ته ڪنهن طرح برهمڻ
کي سزا ڏيڻ جو الزام مٿس نه اچي، اهو عبدالنبي تي
اچي. هندو ۽ راجپوت اڳي ئي عبدالنبي جي خلاف هئا.
هو ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ هئا. جڏهن برهمڻ کي ڦاسي
ڏني وئي ته راجپوت بيگمون، هندو عملدار ۽ اهي
ماڻهو جيڪي عبدالنبي کي نه پسند ڪندا هئا، سڀ پاڻ
۾ ملي هڪ ٿي ويا.
شيخ عبدالنبيءَ کي خبر هئي ته برهمڻ کي ڦاسي ڏيڻ
سان وڏو ممڻ مچندو، پر سندس نظر سياسي سماجي واقعن
کان وڌيڪ دين اسلام جي بُلنديءَ تي هئي، تنهن ڪري
هن نتيجي کان بي پرواهه ٿي ايمانداريءَ سان فيصلو
ڪيو. هن هر مصلحت ۽ خطري کان بي نياز ٿي گستاخ
رسولﷺ کي معاف نه ڪيو، صحيح فتوى ڏيئي پنهنجي
ايمان جي پختگي ۽ دين اسلام جي سربُلنديءَ جو ثبوت
پيش ڪيو. جزاڪ الله في الدارين خيرا.
افسوس آهي جو اهڙي مرد مجاهد ۽ عاشقِ رسولﷺ ۽
اعليٰ ڪردار جي مالڪ جي تعريف ۽ تؤصيف جو مؤرخن
صحيح حق ادا نه ڪيو، جيڪو هن عربي زبان ۾ قصيدو
چيو، ان جي هند ۾ ڪا پذيرائي نه ٿي، پر سنڌ، جيئن
ته باب الاسلام آهي، تنهن ڪري هتان جي عاشق رسولصه
عبدالنبي جي قصيدي کي اهميت ڏني. ان جو فارسي نثر
۾ ترجمو ڪيو ۽ سنڌيءَ ۾ منظوم تشريحي ترجمو ڪيو.
جيڪو آئنده صفحن ۾ اچي رهيو آهي.
شيخ عبدالنبي جي عشقِ رسولﷺ ۽ اسلام دوستيءَ جو
ثبوت سندن ٻن ڪتابن وظائف النبيﷺ ۽ سنن الهديٰ في
متابعة المصطفيٰﷺ ۽ نعتيه قصيدي مان ملي ٿو، جنهن
جي شروعات وارو شعر هن ريت آهي:
بَزَغَ الحبيبُ المُجتَبى فِي سُنحَةِ اليلِ
الدُجى
ڪَا الشَمسِ تَطلَعُ فِي الضُحى صَلوا عَليہ
وَسَلِمُوا
ان قصيدي کي سنڌ ۾ ’برغل جا ڪلما‘ سڏيو ويو ان
عربي قصيدي ۾ ڪل 19 شعر آهن. جنهن جو الف اشباع
واري نظم ۾ منظوم ترجمو محمد صلاح ڪيو. هن هر هڪ
شعر جو منظوم ترجمو ڪرڻ کان پوءِ ان جي نظم ۾
تشريح پڻ ڪئي آهي. سنڌ ۾ ان قصيدي جا نسخا عاشقان
رسولﷺ نقل ڪري پاڻ وٽ رکيا.
مٿرا جو برهمڻ جنهن کي ڦاسي ڏني وئي هئي، سو اڪبر
جي تمام پياري بيگم جوڌٻائي جو پروهت (مذهبي ڪم
ڪرڻ ۽ ڪرائڻ وارو ۽ خانداني ٻوڄاري ۽ خانداني
مرشد) هو تنهنڪري نه صرف جوڌاٻائي بلڪ اڪبر کي به
صدمو رسيو، جوڌاٻائي اڪبر کي مجبور ڪيو ته ڪنهن
طرح مُلن مان جان ڇڏاءِ. اڪبر ان سلسلي ۾ مُلا
مبارڪ سان مشورو ڪيو، جنهن کيس صلاح ڏني ته
’محضرنامو‘ قائم ڪيو، اڪبر کي سندس صلاح وڻي وئي.
1578ع ۾ محضرنامو جاري ٿيو. ان کان اڳ عبدالنبي ۽
مخدوم الملڪ کي عهدن تان هٽايو ويو هو. معضرنامو
شيخ مبارڪ جي مشوري سان جاري ٿيو هو. شيخ مبارڪ جو
هي مؤقف هو ته بادشاهه خود عادل، پنهنجي دور جو
امام ۽ مجتهد آهي، تنهن ڪري هُو خود مملڪتي ۽ شرعي
حڪم احڪام جاري ڪري سگهي ٿو. هو ان سلسلي ۾ ملن
ملواڻن جو محتاج نه آهي. هيءُ محضرنامو شيخ مبارڪ
تيار ڪيو. ان کان پوءِ عالمن کي گهرايو ويو ته ان
تي صحي ڪن. بادشاهي حڪم کان مجبور ٿي وڏن وڏن
عالمن صحيحون ڪيون. (9)
”شيخ عبدالنبي ۽ مخدوم ملڪ کي توڙي جو معزول ڪيو
ويو هو، پر جيئن ته اهي وڏي عهدي تي رهي چڪا هئا ۽
ماڻهن جي هنن جي وڏي عزت هئي، تنهن ڪري اهو لازمي
هو ته انهن ٻنهن کان صحيحون ڪرايون وڃن. (10)
محضرنامو ان لاءِ تيار ڪيو ويو هو ته صرف اڪبر ملن
ملواڻن جو محتاج نه رهي. پر حق جي عالمن جي تحقير
۽ تذليل پڻ ڪئي وڃي. اهڙي ريت اڪبر به خوش ٿيو ته
شيخ مبارڪ جي به دلي خواهش پوري ٿي، جيڪا هو ورهين
کان دل ۾ سانڍيو ٿي آيو، تنهن ڪري خوشيءَ مان
چيائين ته”مان ان ڳالهه جو دل و جان سان خواهشمند
هوس ۽ ورهين کان ان ڳالهه جو انتظار ڪندو ٿي
رهيس.“ (11)
(جلاوطني، واپسي، قيد ٿيڻ ۽ شهادت)
شيخ عبدالنبي جا آخري پنج سال
1579ع واري محضر نامي کان پوءِ اگرچه اڪبر کي ديني
اجتهاد جا اختيار حاصل ٿي چڪا هئا، پر پوءِ به شيخ
عبدالنبي جي اهميت ۾ ڪو به فرق نه آيو هو. شيخ
عبدالنبي جي شخصيت جو اڪبر تي ايڏو رعب هو، جو هُو
پنهنجو نئون ’دين الاهي‘ جاري ڪرڻ جي همٿ نه ٿي
ڪري سگهيو. اهوئي سبب آهي جو اڪبر شيخ عبدالنبي ۽
مخدوم الملڪ کي جلاوطن ڪيو. اڪبر ڏٺو ته هنن ٻنهن
جو ماڻهن تي وڏو اثر آهي، تنهنڪري هن کين حرمين
شريفين جي زيارت لاءِ روانو ڪيو، ۽ کين حڪم ڪيو
ويو ته بادشاهيءَ جي اجازت کان سواءِ هو واپس نه
اچن.
1580ع ۾ هُو ٻئي ڀلي پار روانا ٿيا. ان ريت اڪبر
پنهنجي لاءِ ميدان صاف ڪيو. انهن ٻنهن جي وڃڻ کان
پوءِ 1581ع ۾ هن نئين مذهب ’دين الاهي‘ جو اعلان
ڪيو. بدايوني لکيو آهي ته ”مخدوم الملڪ ۽ شيخ
عبدالنبي جي موجودگيءَ ۾ ديني معاملن ۾ اڪبر وڏي
رڪاوٽ ٿي محسوس ڪئي. انهن جي وڃڻ کان پوءِ هُو ڄڻ
آزاد ٿي ويو ۽ هن کُلم کُلا ديني عقيدن ۽ ديني
مسئلن جون نيون من گهڙت تاويلون شروع ڪيون. قرآن
پاڪ کي مخلوق سڏيو، وحي کي امر محال چيو، نبوت ۽
امامت جي باري ۾ شڪ شهبا پيدا ڪيا. جنن، فرشتن جي
وجود، نبين جي معجزن ۽ ولي الله جي ڪرامتن کي ڪُوڙ
سڏيو. قرآن پاڪ ان کي ڪلام الاهي سڏڻ تي به اعتراض
ڪيا. مرڻ کان پوءِ واري حياتي ’الحيات بعد الموت‘
عذاب ۽ ثواب جي تناسخ (جوڻ مٽائڻ) سڏيو، هن پنهنجن
ان ملحدانه خيالن لاءِ ڪجهه شعر (جيڪي بدايوني ڏنا
آهن) سند طور پيش ڪيا، جمعه نماز جي خطبن مان
پيغمبر اسلام صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو نالو ڪڍي
ڇڏيو.“(12)
شيخ عبدالنبي، جڏهن 990هه مطابق 1582ع بادشاهه جي
اجازت کان سواءِ واپس آيو ته کيس گرفتار ڪري قيد
ڪيو ويو. مخدوم الملڪ ۽ شيخ عبدالنبي کي ڀلي پار
موڪلڻ کان پوءِ اڪبر کي مذهبي ڇڙواڳيءَ جو موقعو
ملي ويو. هن 989هه مطابق1581ع ۾ ’دين الاهي‘ جو
اعلان ڪيو ۽ ٻيا به ڪي کل جهڙا قاعدا ۽ قانون جاري
ڪيا هئا. جڏهن شيخ عبدالنبي اڪبر جي اجازت کان
سواءِ واپس موٽي
آيو ته بادشاهه ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. مخدوم الملڪ جي وفات کان پوءِ
شيخ عبدالنبي ئي بادشاهه ۽ ٻين مخالفن جي دل ۾
ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳو. تنهن ڪري مٿس ڪو نه ڪو الزام
لڳائي قيد ڪري کيس سزا ڏيڻ جي سٽا سٽي وئي. کيس
چيو ويو ته، ”ڀلي پار وڃڻ وقت کيس قافلي وارن ۽
حرمين شريفين جي عالمن ۽ صالحن جي جيڪا رقم ڏني
وئي هئي، ان جو حساب ڏنو وڃي. ان تحقيقات لاءِ
ابوالفضل کي مقرر ڪيو ويو ۽ جيل ۾ سندس نگراني به
ابوالفضل جي ذمي هئي.“ (12)
”انهن ڪوڙن الزامن جي تحقيق ڪانه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ
ته اهو الزام ۽ ان جي تحقيق کيس جيل ۾ رکڻ جو
بهانو هئي، آخر قيد ۾ ئي کيس گهٽا ڏئي ماريو
ويو.“(13)
حوالا:
1.
نظامي، پروفيسر خليق احمد ”تاريخ مشائخ چشت“
اداره دلَي، جلد -1، 1980ع، ص: 272
2.
نظامي، پروفيسر خليق احمد ”تاريخ مشائخ چشت“ اداره
دلَي، جلد -1، 1980ع، ص: 274
3.
معين الحق، ڊاڪٽر اسلامي هند پاڪستان، مسلمان
اڪيڊمي ڪراچي1965.
4.
ايضاً ص: 175
5.
ايضاً ص: 177
6.
بدايوني، منتخب التواريخ (اردو ترجمو)
7.
مولوي عبدالحئي، نزهة الخواتر، ص 220
8.
بدايوني، منتخب التواريخ (اردو ترجمو)
9.
بدايوني لکيو آهي ته ”شيخ عبدالنبي ۽ مخدوم الملڪ
کي زور زبردستي پڪڙي وٺي آيا، ڪنهن به سندن عزت نه
ڪئي، هُو ويچارا جُتين واري جاءِ تي ويهي رهيا.
مٿن ايڏو جبر ڪيو ويو جو هنن مجبور ٿي صحيون
ڪرايون ويون. حقيقت ۾ اهو محضر ڄڻ مولويت جو قتل
هو. اهڙي ريت حڪومتي درٻار ۾ انهن جو خاتمو ڪيو
ويو.“
10.
بدايوني، جلد 2، ص 479
11.
ايضاً
12.
ايضاً
13.
اردو دائرة معارف الاسلاميه، جلد 12، ص 966، هاشمي
فريد آبادي لکيو آهي ته ”اقبال نامئه جهانگيري
مطابق اڪبر جي اشاري تي ابوالفضل گهٽا ڏئي کيس
مارايو. سندس لاش ٽپهري تائين بنا ڪفن دفن جي
ميدان تي پيو رهيو.“ |