سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘

 

 

 

ماهوار قِرآني (ولهيٽ)

   (انگريز دور جو هڪ شاندار علمي ۽ ادبي باب)

برصغير جي ماڻهن ڪنهن به دؤر ۾ انگريزن جي غلاميءَ کي قبول نه ڪيو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هُو انگريزن جي خلاف پنهنجي دلي نفرت جو اظهار ڪندا رهيا. ڪڏهن کُلي طرح وڏن احتجاجن جي شڪل ۾ ته ڪڏهن انهن سان گڏ ايوانن ۾ ويهي. هن نفرت جي اظهار ۾ سنڌ جيڪا هڪ سؤ ورهيه انگريزن جي غلامي ۾ رهي ان جو ڪردار ڪجهه وڌيڪ نمايان هو. سنڌ جي حڪمرانن ته مياڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست کي قبول ڪيو، پر سنڌ جو عوام ڪڏهن به انگريزن جي بادشاهي سان سهمت نه ٿيو. هنن هر دفعي موقعو ملندي ئي غلاميءَ مان آزاديءَ ڏانهن وک وڌائي ٿي. انگريز حڪومت خلاف بغاوت جا جيڪي اعلان هئا انهن ۾ حُر تحريڪ جو نالو سر فهرست آهي. حُر تحريڪ جا ٽي مرحلا رهيا جنهن ۾ آخري مرحلي تي حضرت سورهيه بادشاهه کي شهيد ڪيو ويو. ان وقت ٻيون ڪيئي سياسي تحريڪون ۽ سياسي پارٽيون ميدان تي اچي چڪيون هيون ۽ هر ڪنهن پنهنجي پليٽ فارم تان آواز اٿاريو ۽ انگريزن جي بادشاهي کي چئلينج ڪيو. هنن وقتن ۾ سنڌ جا شاعر به خاموش نه رهيا. هُنن عوام جي جذبن جي مڪمل ترجماني ڪئي. جڏهن ٻي حُر تحريڪ ۾ مکيءَ جي ٻيلي کي هيڊ ڪوارٽر ٺاهي ’بچو بادشاهه‘ پنهنجي ڪابينه جو اعلان ڪيو ته ڄڻ هُن رياست اندر ٻي رياست جو اعلان ڪيو. سندن هن ڪم کي وقت جي رسالن ۽ اخبارن عام ڪيو ۽ ڪن سرڪاري رسالن ’حُرن‘ جي لاءِ منفي پروپيگنڊه ڪئي. مگر مقامي نيوز رسان ايجنسين ۽ شاعرن عوام جي دلين ۾ حُر تحريڪ لاءِ وڏي عزت ۽ احترام پيدا ڪيو. حُر تحريڪ جنهن جا بنيادي ڪارڪن ته حُر مجاهد هئا ۽ اڳواڻيءَ جي واڳ حضرت سورهيه بادشاهه پير صاحب صبغت الله شاهه شهيد وٽ هئي، پر ان ۾ سنڌ جا ٻيا رهواسي جيڪي پير صاحب جا مريد نه هئا اُهي به شامل هئا. ڪيترن ئي عقيدتمندن جو ڪردار ان دؤر جي اخبارن ۾ نمايان آهي جن حُر تحريڪ جي ڀرپور مالي خواهه جاني مدد ڪئي. حُرن کي هٿيار مهيا ڪيا، پناهون ڏنيون ۽ مددگار ٿي بيٺا. اهڙي طرح سنڌ جا ڪيترائي شاعر هن تحريڪ جو آواز ٿي اُڀريا. سندن شاعري ايتري عوامي ٿي جو انگريز سرڪار کي به خفا ٿي ان شاعريءَ تي پابندي لڳائڻي پئي. هنن شاعرن ۾ حضرت مل محمود پلي جو نالو سر فهرست آهي جنهن جي شاعري عوامي جلسن ۽ ميڙاڪن ۾ پڙهڻ تي سرڪاري پابندي هنئي ويئي. شاعر کي ڪورٽ ۾ گهرائي تنبيهه ڪئي ويئي. جيل ۽ ڏنڊ جون سزائون ڏنيون ويون. جيل جي ان سزا کي بعد ۾ ڏنڊ جي شڪل ۾ تبديل ڪيو ويو.(1)

شاعرن ۽ سگهڙن کانسواءِ وقت جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ هن سلسلي ۾ سرڪار جي نه صرف پاليسين ۽ وجود کان نفرت جو اظهار ڪيو ويو، پر تحريڪ آزاديءَ جي هر محرڪ جي حمايت ڪئي ويئي.

دنيا ۾ جتي به اُمتِ مسلمه جي خلاف انگريزن سازش ٿي ڪئي ته انهيءَ خلاف احتجاج جو آواز برصغير مان وڌيڪ سگهاري طريقي سان ٿي اُڀريو. هن احتجاج جي آواز جي اصل سگهه سنڌ جا عالم سڳورا ۽ سنڌ جون (خاص طرح) پيراڻيون گاڌيون هيون، جن جا گاڌي نشين ۽ سجاده نشين پڻ عالم سڳورا هئا. عالم سڳورن جي هونئن به ذميواري آهي ته امت جي صحيح طريقي سان رهنمائي ڪن ۽ پنهنجو آواز سرڪاري ايوانن ۾ پهچائين ۽ صحيح معنيٰ ۾ حزب اختلاف جو ڪردار ادا ڪن. برصغير ۾ سڀني تحريڪن ۾ خلافت تحريڪ کان وٺي ريشمي رومال تائين عالمن سڳورن ايئن ئي ڪيو ۽ ڪيترائي سياسي اڳواڻ مختلف عقيدن ۽ مذهبن وارا ساڻن ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺا.

خلافت تحريڪ هلي ته باقي اسلامي دنيا سان گڏ سڄي سنڌ ۾ پر خاص طرح مٽياري شريف
’تحريڪ‘ جو هيڊ ڪوارٽر بنجي پئي. ان حد تائين جو خلافت تحريڪ جو پهريون شهيد مرحوم آخوند عبدالرحيم مٽياري شريف جو هئو.2 ان جو خاص سبب حضرت پير غلام مجدد سرهنديءَ جو تحريڪ ۾ ڀرپور حصو هئو. حضرت پير غلام مجدد سرهندي عرف حاجي پيرزادو (ولادت 6- رجب المرجب 1300هه/13 مئي 1883ع ۽ وفات 16 جمادي الثاني 1377هه / 7 جنوري 1958ع) جا مريد ۽ عقيدتمند، عموماً ته سڄي سنڌ ۾ هئا، پر خصوصاً ناري پٽ (عمرڪوٽ ضلعو ۽ ٿر) ۾ وڌيڪ هئا.(3) پير صاحب سڄي سنڌ مان خاص طور ناري (عمرڪوٽ) ۽ ٿر جي جماعت وٽان ترڪيءَ جي خليفي جي مدد طور چندو گڏ ڪيو. اُهو چندو ايترو هئو جو ان وقت خليفي طرفان هڪ شڪريه ادائي جو خط پير صاحب کي موڪليو ويو. جنهن ۾ لکيل آهي ته ”اوهان جي مهرباني جو اوهان تحريڪ جي ٻين ڪمن سان گڏ پوري برصغير مان گهڻي ۾ گهڻو چندو موڪليو آهي.“(4) مطلب ته خلافت تحريڪ جنهن کي اسان جا هن دؤر جا خود ساخته مفڪر انگريز سان اٽڪڻ جي غلطي چون ٿا. ليڪن تاريخ اها ڳالهه مڃي ٿي ته ٻين ننڍين ننڍين تحريڪن سان گڏ خلافت تحريڪ ۽ حُر تحريڪ هن خطي جي تحريڪن جي سلسلي جا نه مٽجندڙ نقش آهن. هن سلسلي ۾ جمعيت العلماءِ هند کان علاوه جمعيت العلماءِ سنڌ جو به اهم ڪردار آهي. هن جمعيت جي عالمن سڳورن ۽ سندن ڪارنامن جو ذڪر خاص طرح تاريخ ۾ نه هئڻ جي برابر ڪيو ويو آهي، پر رڪارڊ تي موجود گهڻيون قربانيون ٻڌائين ٿيون ته جمعيت العلماءِ سنڌ جي عالمن پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌي به، اُمتِ مسلمه کي اپيلون ڪري چندا گڏ ڪري تمام اهم ڪم ڪيا. هنن اهم ڪمن ۾ جمعيت العلماءِ سنڌ جي ٿرپارڪر شاخ طرفان شوال 1355هه مطابق ڊسمبر 1936ع ۾ رسالي ’قرآني‘ جو اجراءَ هو.

جمعيت العلماءِ ٿرپارڪر جي عالمن کي اهو خيال آيو ته ڪو اهڙو رسالو اشاعت هيٺ آڻجي جيڪو عالمن جو آواز ٿي اُڀري. ساڳي وقت اها ڳالهه به طئه ٿي ته ڇو نه استاد العلماءِ حضرت علامه محمد عثمان قرآني(5) جي ياد ۾ اهو رسالو ڪڍجي. ايئن رسالي جو نالو به علامه صاحب جي تخلص ’قرآني‘ کي ذهن ۾ رکي آندو ويو. هن رسالي جي جاري ڪرڻ جي اسبابن جو مختصر ذڪر ڪندي رسالي ۾ جمعيت جي ناظم لکيو آهي ته مسلمانن ۾ اٿندڙ بدعتن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ مسلمانن کي ملڪي ۽ سياسي حالات کان بخوبي واقف ڪرڻ لاءِ رسالي جي سخت ضرورت محسوس ٿي ۽ جمعيت العلماءِ سنڌ جي ٿرپارڪر شاخ هيءُ رسالو جاري ڪيو.(6)

هيءُ غير سرڪاري رسالو هئو جنهن جو مقصد دين جي تبليغ سان گڏ عوام کي سڀني سياسي، سماجي علمي ۽ ادبي موضوعن جي دين جي روشني ۾ ڄاڻ ڏيڻ ۽ حاضر وقت جي حالات کان آگاهه ڪرڻ هئو. ’قرآني رسالي‘ جي نڪرڻ جو هنڌ ڳوٺ ولهيٽ تعلقو عمرڪوٽ ضلع ٿرپارڪر (هاڻي عمرڪوٽ) هو.

هن رسالي جو پهريون پرچو شوال 1355هه ۾ جُلد پهرئين طور آندو. هيءُ سال 1936ع جو ڊسمبر جو مهينو هو. هن رسالي جي جُلدن ۽ شمارن/پرچن کي هجري ڪئلينڊر مطابق آندو ويو. هن پرچي جو مدير مولوي عزيز الله حاجي محمود ساند (ناظم جمعيت العلماءِ سنڌ ضلعو ٿرپارڪر) هئا ۽ نائب مدير مولوي ميان احمد (معين ناظم، جمعيت العلماءِ ٿرپارڪر) مقرر ڪيا. رسالي جو ناظر وقت جو ذهين ۽ نوجوان عالم مولوي محمد مبارڪ پلي (رڪن جمعيت العلماءِ سنڌ) مقرر ٿيو.

هيءُ رسالو نمبرن کان سواءِ 40 کان 60 صفحن تي مشتمل هو ۽ سالانه قيمت هڪ رپيو ۽ چار آنه (0-4-1) هئي ۽ في پرچو نمبرن کان سواءِ 4 چار آنه (0-4-0) هئو. رسالي جو رجسٽرر نمبر S_803 هئو. پرچي جي خط و ڪتابت جو مڪمل پتو مئنيجر رساله قرآني – ولهيٽ پوسٽ ڍورونارو سنڌ ڏنل هو. رسالي جو پبلشر مولوي عزيز الله حاجي محمود ساند، دفتر رساله قرآني- ولهيٽ ضلع ٿرپارڪر سنڌ هو. هيءُ رسالو ڪراچي مان ڇاپيو پئي ويو ۽ پرنٽر غلام عباس دائود ڀائي عباسي ليٿو پريس فريئر روڊ ڪراچي وارو هو. هر ڪنهن پرچي جي مٿان واضح لکيل هو ته هيءُ رسالو زير سرپرستي جمعيت العلماءِ ضلعو ٿرپارڪر ۽ بيادگار حضرت مولانا مولوي ابو سعيد محمد عثمان قرآني نور الله مرقده جي آهي. هن رسالي ۾ حڪيمن ۽ عاملن جا اشتهار به شامل هوندا هئا.

رسالي جي مالي ڪمزوري جو پورائو ڪرڻ لاءِ دردمند مسلمانن کي چندي جون اپيلون ۽ خريدار وڌائڻ لاءِ به اپيلون ڪبيون هيون.

هن ۾ رسالي ملڪي واءُ ساءُ طور ’خبرنامو‘ به شامل ڪبو هو. مگر رسالي جي اصل جان تاثرات (ايڊيٽوريل) ۽ رسالي ۾ شامل مضمون هئا. مضمونن جا موضوع مذهبي، نيم سياسي، تنقيدي، تبليغي، اسلامي تاريخي ۽ تحقيقي خاص طرح هئا. حالات حاضره کانسواءِ مختلف اسلامي شريعي مسئلن جي وضاحت، بدعتن جي تاريخ ۽ سيرت رسولﷺ سان گڏ سيرت صحابه جو به ذڪر هئو. هن رسالي ۾ اهڙن رسالن ۽ اخبارن تي خاص نظر هئي، جيڪي اختلافي هئا ۽ اهڙي مواد جي بروقت گرفت ۽ تنقيد شامل هئي.

جيڪي هن رسالي جا اڪثر ليکڪ هئا، انهن ۾ پنهنجي وقت جي نوجوان عالم، محقق ۽ شاعر مولوي محمد مبارڪ جو نالو خاص آهي. مولوي محمد مبارڪ پلي جو قلم تمام تيز هو. هن اسلام ۾ وڌندڙ غير مذهبي تحريڪن جي تاريخ تي خاص ڪم ڪيو. سندن اهڙن تاريخي مضمونن جو مجموعو
’قرآني‘ رسالي جي هڪ اسپيشل نمبر طور شايع ٿيو جنهن جو نالو هو ”انڪشاف الحقيقت في تعارف اهل البدعة و الفتنة در تاريخ و ترديد اهل بدعت“ هيءَ رسالي جي جلد نمبر 2 جو 2 ۽ 3 نمبر ۽ ترتيب ۽ رسالي جو چوٿون نمبر صفر ۽ ربيع الاول 1356هه پرچو هو.(7) هيءُ ڪتاب دراصل ”تاريخ و ترديد اهلِ بدعت“ هن جي ٽائيٽل تي رسالي جي ناظر سان گڏ مصنف رساله مذڪوره پڻ لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ بدعتي عقيدن جي بنياد پوڻ جي تاريخ تي تحقيقي انداز ۾ ڪم ڪيو ويو آهي.

هن اسپيشل نمبر کان علاوه مولوي محمد مبارڪ جا لاجواب تحقيقي مضمون رسالي قرآني جي ٻين پرچن کان سواءِ ان وقت جي ٻين جريدن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. اگر انهن مضمونن کي سهيڙي ترتيب ڏجي تڏهن به عاليشان مضمونن جو مجموعو تيار ٿي ويندو ۽ ساڳي وقت مولانا محمد مبارڪ جي بحيثيت هڪ نقاد جي ادبي شخصيت پڻ نمايان ٿي ويندي.

مولوي محمد مبارڪ کان علاوه ٻيا جيڪي عالم، محقق، اديب ۽ شاعر هن رسالي جا لکندڙ هئا انهن مان  چند خاص جا نالا هي آهن. مولوي عزيز الله ساند، مولوي احمد ساند، مولوي محمد علي جوڻيجو، مولوي عبدالخالق عبد پلي، مولوي عبدالحڪيم ميمڻ، مولوي عبدالڪريم ساند، مولوي شير محمد سميجو، مولوي محمد حسن ڪنڀار ميڙاسري، مولوي حاجي محمد ابراهيم خاصخيلي، پير اسحاق جان سرهندي، مولوي هدايت الله هالائي، مولوي محمد عثمان، مولوي فيض الحق ڪراچي، مولوي حاجي گل محمد، پير محمد حسن جان سرهندي (ٽنڊو محمد خان / ٽنڊو سائينداد)، جمال الدين ڪوري، مولوي علي محمد مهيري (بجاري شريف)، مولوي صاحبداد سلطان ڪوٽي، ماستر عبيدالله زنگي، مولوي محمد سعيد (بدين وارو)، مولوي عبدالرحمان درس (ڪڇ وارو)، محمد طيب ڪڇ وارو وغيره.

’قرآني‘ رسالي جا ڪل ٽن جلدن ۾ 13 پرچا اشاعت ۾ آيا. جلد مان مراد سال آهي. اهڙي طرح هيءُ رسالو ڪل ٽي سال 1355هه، 1356هه ۽ 1357هه ۾ شايع ٿيو. هن رسالن ۾ ڪي پرچا 2 يا 3 مهينن جا گڏ به نڪتا. انگريزي سالن جي حساب سان 1936ع، 1937ع ۽ 1938ع ۾ هي 13 پرچا نڪتا. آخري پرچو جمادي الاول 1357هه مطابق جولاءِ 1937ع تي نڪتو. هنن پرچن جو ڪل عرصو هڪ سال 8 مهينا هو. هيٺ اسين هنن پرچن جو ماهوار تفصيل ڏيون ٿا.

1.      پهريون پرچو شوال 1355هه مطابق ڊسمبر 1936ع تي جلد-1 ۽ نمبر 1، 30 صفحن تي شايع ٿيو.

2.     ٻيو پرچو ماه ذوالقعد- ذوالحج 1355هه مطابق جنوري- فيبروري 1937ع جلد-1 نمبر 2-3، 44 صفحن تي شايع ٿيو.

3.     ٽيون پرچو ماهه محرم 1356هه مطابق مارچ 1937ع جلد-2 نمبر 1، قيمت 2 آنه، صفحا 40 شايع ٿيو.

4.     چوٿون پرچو ماهه صفر- ربيع الاول 1356هه مطابق اپريل- مئي 1937ع، جلد-2، نمبر 2-3، صفحا 200 قيمت هڪ رپيو خاص نمبر ’انڪشاف الحقيقت‘ جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ ڇپيو. جنهن جو مصنف مولوي محمد مبارڪ پلي هو.

5.     پنجون پرچو، جمادي الاول 1356هه مطابق جولاءِ 1937ع، جلد-2، نمبر 4، صفحا 40 تي مشتمل شايع ٿيو.

6.     ڇهون پرچو، جمادي الثاني- رجب 1356هه مطابق آگسٽ- سيپٽمبر 1937ع، جلد-2 نمبر 5-6، صفحا 103 تي مشتمل شايع ٿيو.

7.     ستون پرچو شعبان 1356هه مطابق آڪٽوبر 1937ع، جلد-2، نمبر 7، صفحا 33، قيمت 2 آنا ۾ شايع ٿيو.

8.     اٺون پرچو رمضان المبارڪ 1356هه مطابق نومبر 1937ع، جلد-2، نمبر 8، قيمت 2 آنا، 24 صفحن سان اشاعت پذير ٿيو.

9.     نائون پرچو شوال 1356هه مطابق ڊسمبر 1937ع، جلد-2، نمبر 9، قيمت 2 آنا، صفحا 32 سان شايع ٿيو.

10. ڏهون پرچو، ذوالقعد- ذوالحج 1356هه مطابق جنوري- فيبروري 1938ع، جلد-2، نمبر 10-11، صفحا 48 قيمت، 4 آنا تي شايع ٿيو.

11.  يارهون پرچو، محرم- صفر 1357هه مطابق مارچ- اپريل 1938ع، جلد-3، نمبر 1-2، قيمت 4 آنا، 80 صفحن تي شايع ٿيو.

12. ٻارهون پرچو ربيع الاول 1357هه مطابق مئي 1938ع، جلد-3، نمبر 3، قيمت 2 آنا ۽ 32 صفحن تي شايع ٿيو.

13. تيرهون پرچو (آخري) جمادي الاول 1357ع مطابق جولاءِ 1938ع، جلد-3، نمبر 4، قيمت 2 آنا، 24 صفحن تي اشاعت پذير ٿيو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

هن رسالي جي مختلف پرچن ۾ سنڌي کان علاوه فارسي ۽ عربي زبانن جا شعر، خط ۽ ڪجهه تحريرن جا حصا پڻ شامل آهن. هتي خاص طرح قابل ذڪر اهو عربي زبان ۾ لکيل خط آهي جيڪو علامه علي محمد مهيري صاحب بجاري شريف مان لکيو آهي. هيءُ مولانا محمد مبارڪ جي ڪتاب ’انڪشاف الحقيقت‘ جي تعريف ۾ لکيو ويو آهي جنهن کي ترجمي سميت قرآني رسالي جي پنجين پرچي ۾ ڏنو ويو آهي. علامه مهيري صاحب لکيو آهي ته: ”هن نوجوان  عالم (محمد مبارڪ) اسان پوڙهن ۽ ذميوار عالمن کي نبي پاڪ ﷺ جي حضور ۾ سرخرو ڪري ڇڏيو آهي.“(8) اڳتي هلي اسلام جي حالت تي مولوي عبدالخالق ’عبد‘ پلي جو فارسيءَ ۾ لکيل نظم ڏنو آهي.

جيئن ته هيءُ رسالو ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جو نمائندو هو ۽ رسالي جو مدير اعليٰ، نائب ۽ ناظر ٽئي حضرت پير غلام مجدد سرهندي جا مريد هئا. رسالي جو بنيادي مقصد جيئن جمعيت العلماءِ سنڌ ٿرپارڪر جي نمائندگي هو ان ڪري ان رسالي جي نظريي ۽ عقيدي ۾ به جمعيت واري ساڳي راهه هئي. هتي هڪ اضافي ڳالهه اها هئي ته هنن نه صرف پنهنجي جماعت اهلِ سنت جي پرچار ٿي ڪئي، پر ان جو مڪمل دفاع پڻ ڪيو ٿي. ان ڪري ڪٿي ڪٿي سندن ڳالهين ۾ سختي ۽ ڳراڻ پڻ هئي پر هُو وقتي هوائن جي مفادن سان ٺاهه ڪرڻ بجاءِ پنهنجي مؤقف ۾ چٽا ۽ واضح هئا. هن رسالي جي اجراء ۽ اشاعت مان اسان جي انهيءَ دعويٰ کي پڻ تقويت پهچي ٿي ته انگريزن جي دؤر ۾ اسان جون پيراڻيون گاڌيون ۽ اسان جا عالم سڳورا ئي حزب اختلاف هئا ۽ انهن جي بيانن جو سرڪاري ايوانن ۾ نوٽيس ورتو ويندو هو.

قِراني رسالي ۾ ڪيترن ئي عنوانن تي لکيو ويو هنن عنوانن ۾ علمي، ادبي ۽ مذهبي ۽ قرآني رسالي ۾ اشاعت ۾ آيا. نماز جي فضيلت، جيل جي يادگارزندگي، جمعيت تي ڪيل اعتراضن جا جواب، بطلانِ لواري (رساله) مسجد شريف ڍورو نارو، آمدِ مصطفى، تذڪره تبرڪات (نظم) جمعيت العلماء ٿرپارڪر جو تبليغي اقدام، ابن سبا ڪير هو، ابن سبا جا شروعاتي عقيدا، وهابين جون اوائلي لڙايون، شجره آل سعود، مولوي محمد اڪرم جو عربي خط مع ترديد، ابن سبا جي عقيدن جو ماخذ، مذاهب باطله جو باني ڪير هو، خاڪسار تحريڪ، آءٌ خاڪسار ڇو ٿيس، مون خاڪسار ڇو ڇڏي، اطاعت امير تي تاريخي بحث، قرآن مجيد ۽ اطاعت، امير ضمير راله مولانا شيخ الهند، اخبار عالم (ممالڪ الاسلاميه، ممالڪ بيرون ۽ ممالڪ هِند) ڪوائف سِنڌ، ستياگره لواري جي ٽن ڏينهن جي رپورٽ، هڪ حديثي تحقيق، مسلمانن جي افلاسي جو سبب، آواز سنڌ، صديق اڪبر جي ضرورت، قربانيءَ جا مسئلا، حالات، حاضره، ۽ عالمن جا خطوط وغيره.

هن رسالي ۾ اسلام جي مختلف فرقن ۾ بدعتن ڪيئن جاءِ والاري ۽ انهن جي تاريخ ڇا آهي ۽ مسلمان جي اجتمائي ديني ڪمزورين تي خاص طرح لکيو ويو آهي. جن عالمن سڳورن هيءُ رسالو جاري ڪيو ۽ هلايو اهي سڀ مالي طور ضعيف هئا. هنن وٽ پئسي بدران ايمان جي طاقت هئي، هو بار بار مخير اسلامي ڀائرن کي مدد جون اپيلون ڪندا رهيا ۽ اشاعت جو بندوبست ڪندا رهيا. هنن ڪڏهن سرڪار کي مدد جي اپيل نه ڪئي ۽ نه وري سرڪار امداد کي قبول ڪيو.

’قرآني‘ رسالي جو مدير مولانا عزيز الله ساند صاحب(9) هن رسالي کي نهايت استقامت، توڪل ۽ جدوجهد سان هلايو. مولانا صاحب جو هيءُ ڪم مولانا محمد مبارڪ پلي صاحب رسالي جي ناظر جي حيثيت سان نهايت برجستگي سان آسان ڪيو. رسالي

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

مولانا عزيزالله جي تربت، ڳوٺ ولهيٽ

لاءِ سڄي ڊوڙ ڊُڪ ۾ هو پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏ نمايان هو. جڏهن مولانا محمد مبارڪ(10) جوان سالي ۾ (ولادت 1915 ۽ وفات 1939ع) وفات فرمائي ته پوءِ ٻيو ڪوبه ساٿي سندس جاءِ ڀري نه سگهيو ۽ رسالو به بند ٿي ويو.

 

 

مولانا حاجي محمد مبارڪ جي تربت ڳوٺ ڳموري

حوالا:

1.         وڻجارن وايون، ڇاپو ٻيو 2022ع، سنڌي ادبي بورڊ، مصنف عبدالڪريم پلي، ايڊيٽنگ ڊاڪٽر اسد جمال پلي، صفحو 51.

2.        اهي ڏينهن اُهي شينهن، ڀاڱو ٽيون، صفحو 226. سنڌي ادبي بورڊ، 1980ع.

3.        ٽماهي مهراڻ 2/2021ع، محترم قاضي مقصود جو مضمون ”پير آقا غلام مجدد سرهندي“، صفحو 56.

4.        پير غلام مجدد سرهنديؒ طرفان ڇپايل انهي پمفليٽ جي ڪاپي مون وٽ موجود آهي. جنهن جو نقل مون درگاهه مجدديه مٽياري حضرت آغا صاحب تي پڻ پهچايو آهي.

5.        ٽماهي مهراڻ 1/2020ع، مولانا محمد ادريس جوڻيجو جو مضمون ”علامه محمد عثمان قرآني ڀنڀرو، صفحو 102

6.        ماهوار قرآني (ولهيٽ)، پهريون پرچو، شوال 1355هه مطابق ڊسمبر 1936ع.

7.        ماهوار قرآني (ولهيٽ)، پرچو چوٿون، هيءُ پرچو مولانا محمد مبارڪ جي تحقيقي ۽ تاريخي مضمونن تي مشتمل هو ۽ سندس نالو هو ’انڪشاف الحقيقت في تعارف اهل بدعت والفتنت‘، ماهه صفر- ربيع الاول 1356هه مطابق اپريل- مئي 1937ع، جلد: 2، نمبر 2-3، صفحا 200 قيمت هڪ رپيو.

8.        ماهوار قرآني (ولهيٽ) پنجون پرچو، جمادي الاول 1356هه مطابق جولاءِ 1937ع، جلد: 2، نمبر 4.

9.        ٽماهي مهراڻ، 1/2021ع، مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جو مضمون ”مولانا عزيز الله ساندؒ “، صفحو 81، مولانا عزيزالله ساند کي ولهيٽ جي مسجد جي اوڀر ۾ ديوار لڳ دفن ڪيو ويو. هاڻي جڏهن مسجد جي توسيع ڪئي وئي ته سندن مزار مبارڪ مسجد جي آڳنڌ واري فرش تي اچي ويئي آهي.

10.    مهراڻي جا مور (مصنف: معمور يوسفاڻي، ضلعي حڪومت عمرڪوٽ 2010ع (ضلعي عمرڪوٽ جو علمي ۽ ادبي جائزو)، صفحو 176، مولانا حاجي مبارڪ صاحب جي ولادت 1915ع ڳوٺ کيرل ۾ ٿي پاڻ مولوي عبدالخالق عبد پلي، مولانا محمد عثمان قرآني ۽ مولانا محمد علي جوڻيجو وٽ پڙهيو. مدرسه حاجي محمد عالم پلي ۾ مولانا محمد علي جوڻيجو صاحب وٽ دستار بندي ڪيائون ۽ هن ئي مدرسي ۾ مدرس ٿي رهيا. سندن مزارمبارڪ ڳموري جي تاريخي قبرستان ۾ آهي، پاڻ 28 ذوالحج 1357هه مطابق 19 فيبروري 1939ع تي وفات ڪيائون.

11.     هن مضمون جي لاءِ محترم معمور يوسفاڻي جي قلمي مواد مان استفادو پُڻ ڪيو ويو آهي.

12.    مرحوم مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب ۽ محترم مولانا محمد ادريس صاحب سان به رسالي جي اشاعت ۽ حالات تي تبادلئه خيال ٿيندو رهيو.

نوٽ: رسالي جي عڪسن ۽ ٻين فوٽن لاءِ، معمور يوسفاڻي جي لئبريري جو افتتاح (جنهن جو افتتاح قبله سعيد الزمان ’عاطف‘ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ڪيو)، محترم محمد زمان ولد خليل احمد پلي (ڳوٺ ڳموري)، ميان محمود ساند (ڳوٺ وليٽ) ۽ سنڌالاجيءَ جي لئبريريءَ جي منتظمين جو ليکڪ خصوصي ٿورائتو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org