سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:10 

محمد اسلم پلي

 

 

اسلامي تهذيب جون اعليٰ تصنيفات

معرفـﺔ انواع علم الحديث و مقدمـﺔ ابن الصلاح

ڪتاب: علم حديث جو تعارف

(ابن صلاح)

 

تقي الدين حافظ ابو عمرو بن عثمان بن صلاح الدين عبدالرحمان بن موسيٰ بن عثمان الڪردي الشهرزوري 577هه/1181ع ۾ عراق جي شهر اِربيل (اُترين عراق جي علائقي) جي هڪ ڳوٺ شر خان ۾ جنم ورتو. هن علائقي جو شمار دراصل عراق جي اتر وارن علائقن ۾ ٿئي ٿو ۽ 24 ربيع الثاني بمطابق 643هه/1245ع تي وفات ڪيائين. هن جو والد عبدالرحمان جيڪو صلاح الدين جي لقب سان سڃاتو ويندو هو. تنهنڪري هي بعد ۾ به ابن صلاح جي نالي سان مشهور ٿيو. عبدالرحمان صلاح الدين پاڻ هڪ نامور عالم هو، سندن ذاتي توجهه سان هن پنهنجي پٽ کي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ وڏي ڪوشش ڪيائين- سندس والد هن کي موصل جي طرف موڪليو، جتي هن ان وقت جي مشهور و معروف اُستادن وٽ تعليم حاصل ڪئي. انکانپوءِ هن علم جي حصول جي لاءِ هڪ ڊگهي جستجو شروع ڪئي ۽ بغداد، همدان، مرو، نيشارپور، دمشق ۽ حلب ڏانهن سفر ڪيو جتي هن اعلى تعليم يافته استادن کان حديث جو علم سکيو.

ابن صلاح آخرڪار دمشق ڏانهن موٽيو جتي هن ناصري ڪاليج ۾ حديث جي استاد طور فرائض انجام ڏنا. بعد ۾ قدس ۾ واقع رواحيه مدرسي ۾ پڻ پڙهائڻ شروع ڪيو. پر جڏهن بادشاهه ملڪ اشرف دمشق ۾ دارالحديث نالي هڪ ادارو قائم ڪيو ته پاڻ اتي سربراهه جي حيثيت سان تيرهن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنيون.

ابو عمرو عثمان ابن صلاح کي تفسير، فقهه، حديث، رجال ۽ ٻين علومن تي فوقيت حاصل هئي. پر حديث ۾ ڪماليت سبب شيخ جي نالي سان مشهور ٿيو، العراقي چوي ٿو ته، ”جڏهن به آءٌ شيخ جو لفظ استعمال ڪريان ٿو ته منهنجو ٻيو ڪو به مطلب ناهي هوندو سواءِ ابن صلاح جي.“

اڪثر ڪري هن جا همعصر جيڪي پڻ اعلى تعليم يافته هوندا هئا، هن وٽ حديث جو وڌيڪ علم سکڻ لاءِ ايندا هئا. دراصل ابن صلاح هڪ معلم هو جنهن جي زندگيءَ جو وڏو مقصد حديث جي علم کي عام ڪرڻ هو. ابن صلاح ڏهه کن ڪتاب لکيا جن مان ”معرفت الانواع علم الحديث“ (علم حديث جي مختلف پهلوئن جي ڄاڻ) آهي. تصنيف ابن صلاح محرم 634هه جي آخري جمعي تي مڪمل ڪئي ۽ پڙهائڻ شروع ڪيائين ۽ ٻه ڏينهن کان پوءِ ان کي لکرائڻ شروع ڪيائين جيڪو هن آچر ڏينهن کان شروع ڪيائين، هن پنهنجو سڄو ڪم اداره اشرفيه حديث ۾ مڪمل ڪيو.

حديثون جن کي حضور اڪرم محمّد صلي الله عليـﮧ وآلـﮧ وسلم کان روايت ڪيو ويو، انهن حديثن جو رڪارڊ ۽ احوال وغيره اصحابن سڳورن ڏاڍي محنت ۽ احتياط سان محفوظ ڪيو، جيڪو اڳتي ايندڙ نسل ۽ انهن وري ان کان پوءِ ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪيو. قرآن ۽ حديث خدا جي طرف کان هدايت جا ٻه نهايت اهم ۽ لازمي ماخذ هئا ۽ انهن جي ذريعي وڌندڙ اسلامي معاشري کي پنهنجن معاملات کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ مدد ملي.  جيئن ته قرآن پاڪ جو اصل متن به لکت ۾ موجود هو ۽ حديث کي صرف ياد ڪيو ويو ۽ زباني طور منتقل ڪيو ويو. ان ڪري اهو ضروري هو ته نه صرف حديثن کي مڪمل طور نقل ڪيو وڃي پر منتقلي جي پوري عمل کي به مڪمل احتياط سان لکيو وڃي ته جيئن مستند رپورٽن ۽ ريڪارڊ کي جانچي ۽ نشاندهي ڪري سگهجي. اهڙي طرح ان موضوع جي هر قسم جي پهلوئن کي چڪاسيو ويو ته جيئن انهن رپورٽن جي مستند هجڻ جي تصديق ڪئي وڃي.

آخر ۾ جيڪو مواد نتيجي طور حاصل ٿيو ان کي علوم الحديث تسليم ڪيو ويو مطلب جيڪا معلومات علم حديث جي خاص دائري ۾ اچي سگهي ٿي.

علم حديث جي وڏي ڄاڻ رکندڙ عالمن گهري تحقيق ۽ محنت جي ذريعي مختلف شعبن جو اڀياس ڪيو ۽ حديثن جو رڪارڊ ۽ رپورٽن کي ان جي صداقت جي لحاظ کان درجه بندي ڪئي. ان ريت بنيادي اصول جيڪي شروعاتي عدالتي ڪم ڪار جي صورت ۾ سامهون آيا تن ۾ امام شافعي جو ڪتاب الرساله ۽ ڪتاب ’علل الترمذي‘  شامل آهن. ان جي مستقل مطالعي جي نتيجي ۾ حديث جي مڪمل سائنس باقائده وجود ۾ اچي وئي جنهن کي اصول حديث يا مصتلح الحديث چيو وڃي ٿو.

ابن حجر پنهنجي تصنيف نخيه الفڪر ۾ ان جي نشمونما تي روشني وڌي آهي. قاضي ابو محمد الحسن بن عبدالرحمان الرامهرمزي (وفات 360هه) ڪتاب ”المحدث الفاضل بين الراوي والواعي“ اها پهرين تصنيف آهي جنهن ۾ هن موضوع تي هن کان پهرين جيڪا تحقيق ٿي ۽ جيڪو ڪجهه پڻ لکيو ويو شامل آهي. ان کان پوءِ الحاڪم ابو عبدالله محمد بن عبدالله (وفات 402هه) نشاپوري ”علوم الحديث“ لکيو، جنهن ۾ پاڻ حديث مبارڪ جي مختلف درجن جو ذڪر ڪيو اٿس جن جو انگ تقريباً پنجاهه کن بيهي ٿو. ابونعيم احمد بن عبدالله الصوفي اصفهاني (430-336هه) الحاڪم جي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ان مان ڪجهه لاڳاپيل مواد کي پنهنجي ڪتاب المستخرج ۾ شامل ڪيو پر بعد ۾ جڏهن اهو معلوم ٿيو ته سندس ڪم ۾ ڪجهه شين جي ڪمي آهي ته کيس پڻ تنقيد جو نشانو بنايو ويو. پنجين صدي جي پوئين اڌ ۾ مشهور و معروف شخصيت الخطيب ابوبڪر احمد بن علي بغدادي (وفات 463هه) ۾ ٻه اهم ڪتاب تحرير ڪيا، جن ۾ هڪ ’الڪافيه في القوانين الروايه و قوائده‘ ۽ ’الجامع لادآب الشيخ ولاسامي‘ شامل هئا. اهي تصنيفون بعد ۾ ايندڙ دور جي عالمن ۽ شاتقين لاءِ علم جو وڏو ذريعو بڻيون.  ان کان پوءِ ڇهين صديءَ ۾ قاضي عياض (وفات 544هه) ڪتاب ’ڪتاب الالمع‘ ۽ ابو حفس عمر المايانجي (وفات 580هه) ’مالا بسمع المحدث جهلـﮧ‘ ۾ هن علم کي وڌيڪ ڦهلايو ۽ ترقي ڏني.

سال 634هه/1236ع ۾ ابن صلاح پنهنجو اهم ڪتاب لکيو جيڪو مقدمه ابن صلاح (مقدمه علم الحديث) جي نالي سان مشهور ٿيو. ابن صلاح هن کان پهرين هن موضوع تي لکندڙن جو مطالعو ڪيو جن ۾ خاص طور تي علامه خطيب شامل هو ۽ ابن صلاح ان موضوع تي جيڪو مواد مختلف ڪتابن ۾ پکڙيل هو ان کي سهيڙي پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو. هن حديثن جي تصديقي يا صحيح بنيادن تي 65 قسمن ۾ ورهايو. ڪتاب مقدمه جي جامعيت ۽ بهترين تشريح جي ڪري عالمن هن جو چڱي نموني سان مطالعو ڪيو ۽ ابن صلاح جي نقش قدم تي هلندي پنهنجين تصنيفات کي ان نموني تحرير ڪيائون. اهڙي طرح امام نووي مقدمه جا ٻه علمي مجموعا (الارشاد ۽ التقريب) لکيا، جڏهن ته العراقي (زين الدين) پنهنجي ’الفيه‘ ۾ ان کي مرتب ڪيو آهي، ان کان علاوه ٻين عالمن مقدمه ۾ سڌارا آڻڻ جون تجويزون ڏنيون، جيئن (حافظ المغلطائي پنهنجي تصنيف ”اصلاح ابن صلاح“ ۾ ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو آهي) ۽ اڃا ڪجهه ٻين عالمن وڌيڪ وضاحتون پيش ڪيون آهن ۽ ڪي سوال اُٿاريا، ابن صلاح جيڪو اڳ ۾ ڪم ڪيو اهو ئي ڪم ابن حجر (852-743هه) وڏي پيماني تي ڪيو.

ابن حجر پنهنجي ڪتاب نخبته الفڪر ۾ ابن صلاح جي تصنيف مقدمه کي ٻيهر نئين شڪل ڏني ۽ پنهنجي مشاهدي ذريعي بهترين سمجهاڻي سان ان کي ترتيب ڏنو. انڪري سندس نحبته الفڪر گهڻو مشهور ٿيو ۽ ان جو مطالعو به ڪيو ويو، ان تي تبصرا پڻ ڪيا ويا پر ان جي باوجود ابن صلاح جو ڪتاب مقدمه ان موضوع جي حوالي سان نهايت اهم معياري ڪم ليکجي ٿو، جيڪو علم حديث جي اڀياس ۾ تاريخي حيثيت رکي ٿو.

ڪتاب: الملل والنحل (محمد بن عبدالڪريم آلشهرستاني)

امام ابوالفتح محمد بن عبدالڪريم بن ابي بڪر احمد الشهرستاني خراسان صوبي جي شهر شهرستان ۾ 469هه (1076/1077هه) ۾ ڄائو. هن جرجانيه ۽ نيشاپور ۾ تعليم حاصل ڪئي.

هن هڪ عالم ۽ محدث جي حيثيت سان علم حديث ۽ فقهه ۾ مهارت حاصل ڪئي. ان ريت اشعري فڪر جو هڪ ممتاز عالم ٿي گذريو آهي. کيس امام جي حيثيت سان تمام گهڻي عزت ۽ شهرت حاصل ڪئي آهي. امام صاحب پنهنجي دور جو نمايان ۽ ممتاز فلسفي هو. هن نظاميه ڪاليج بغداد ۾ درس و تدريس جو فرض انجام ڏنو، آخر واپس شهرستان آيو جتي (1153) 548هه ۾ سندس وفات ٿي.

شهرستاني مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان لڳ ڀڳ سترنهن ڪتاب موجود آهن. زياده تر سندس ڪتاب اسلام، ايمان ۽ عقائد سان گڏوگڏ علم ڪلام ۽ مذهبن جي تقابلي تعبر تشريح ۽ ان جي اڀياس تي مشتمل آهن. هن فلسفي جي موضوع تي ٽي ڪتاب لکيا، جن ۾ هڪ شبهات ارسطاطاليس و ابن سينا و نقده ۽ ٻيو مصارعته الفلاسفه ۽ ٽيون تاريخ الحڪما آهن. پهريون ڪتاب ارسطوءَ ۽ ابن سينا جا شبهات ۽ انهن تي تنقيد) ٻيو فلسفين جا تڪرار يا تنازعا ۽ ٽيون فلسفي جي تاريخ آهي.

مذهبن جي تقابلي اڀياس جي حوالي سان امام شهرستاني جون تصنيفات اهم ۽ ممتاز آهن. امام صاحب جيئن ته هڪ مضبوط عقيدو رکندڙ ۽ پڪو مسلمان ۽ فلسفي هو. تنهن ڪري هن کي سموري انسانيت جي عقيدن سان لڳاءُ هو. انڌي تقليد يا توهم پرستي جي خاتمي جي حوالي سان هن ٻه ڪتاب لکيا، جن ۾ هڪ ’دقائق الاوهام‘ “Sutlities of superstition” ۽: Extremity of supersitions” (نهايت الاوهام) شامل آهن. امام صاحب تقابلي مذهب تي ”ڪتاب الملل والنحل“ کان علاوه “A brief classification of religion of mankind” (انساني مذهبن جي مختصر درجه بندي) يا (تلخيص الاقسام في مذهب النام) به لکيو اٿن.

امام شهرستاني جو مکيه ۽ اهم ڪتاب (The book of religious seets and schools) ’مذهبي فرقن ۽ مڪتبه فڪر‘ يعني موجوده ڪتاب آهي. متن جو پهريون حصو اسلامي فرقن جي وضاحت تي مشتمل آهي. ان کان پوءِ اهل ڪتاب يهودين ۽ عيسائين ۽ مجوسين ۽ ماني مذهب وارن بابت آهي. جڏهن ته ٻيو حصو صائبين، يوناني، مسلم، عيسائي ۽ عربي فلسفي تي مشتمل آهي. خاص طور تي نظام ابن سينا ۽ آخر ۾ اسلام کان پهرين عرب جي مذهبن ۽ هندستان جي عوام الناس جي باري ۾ لکيل  آهي.

مذهبي فرقن جو تقابلي مطالعو هن کان اڳ ڪجهه عالمن ڪيو جن ۾ ”علامه بغدادي“ جو ڪتاب ”الفرق بين الفرق“ يعني ”مختلف فرقن ۾ فرق“ شامل آهي. بهرحال اهو ڪم علامه شهرستاني جي ڪري پنهنجي عُروج تي پهتو.

علامه سبڪي پنهنجي ڪتاب ”طبقات الشافيعه الڪبريٰ“ ۾ پنهنجي غير متزلزل راءِ ڏني آهي ته شهرستاني جو ڪتاب ”ڪتاب الملل والنحل“ سندس نظر ۾ ان موضوع جي حوالي سان بهترين تصنيف آهي.*

 

شبنم گل

 

 

 

 

نئون  دؤر

 

مامي انور جي مرتئي جو اطلاع پھتو ته رعنا جو پورو جسم  صدمي کان ڪنبڻ لڳو. ماما ڪيڏو ڀائيندو ھوس. اھو سوچي من جهري پيس.  محسن اسلام آباد ويل ھو. ٻار ڪينيڊا تعليم حاصل ڪرڻ لاء ويل ھئا. ھن وقت گهر ۾ اڪيلي ھئي. ميڊ سرونٽ  ڪچن ۾ لنچ تيار پئي ڪيو.

دل غم جي غبار ۾ ويڙھجي ويس ته
بي اختيار لڙڪ اکين مان لڙي آيس.
رعنا جا والدين گذاري ويا ھئا. مامو ھن جي سار سنڀال لھندو ھو. جنھن سان دل جي ڳالهه ڪري سگهندي ھئي. ھُو مزاج ۾ زنده دل ۽ ٻين جي تڪليف سمجهڻ ۽ دور ڪرڻ واروشفيق انسان ھو.

 ٽي ڏينھن اڳي گهر آيو ھو ته خوش پئي لڳو. مامي رات جي ماني کاڌي ۽ ھن سان ڊگھي ڪچھري ڪئي ھئائين. ٻارن جي ڪاميابين جو ٻڌي خوش ٿيو. اڪيلاين جو ذڪري ڪندي ھئي ته سمجهائيندو ھيس ته انسان تڪيلف کانپوء ڪا ڪاميابي حاصل ڪندو آھي. اھي ڏکيا ڏينھن جلد گذري ويندا.

ھاڻ کيس ڪير اميد ڏياريندو؟ اھو سوچي بي اختيار سڏڪا ڀرڻ لڳي.

 بيڊ تان اٿڻ جي ھمٿ نه ھيس  پر مامي جي گهر وڃڻ جو سوچي اُٿڻو پيس. واش روم وڃي مُنھن تي ڇنڊا ھڻي ٻاھر نڪتي.

ميڊ کي ڪافي ٺاھڻ لاءِ چيائين. الماري کولي وڳا ڏسڻ لڳي. سندس وارڊروب ۾ فيشن مطابق ڪليڪشن ھئي. ڪاري رنگ جو پرنٽيڊ  سوٽ کنيائين، جنهن ۾ گلابي گل ھئا. پر  رئو ڪارو ھو. 

اھو سادو وڳو پائيندينءَ ته ماڻهو ڇا چوندا؟ اھو سوچي وڳو واپس رکي ڇڏيائين.

 اڄڪلهه مرتين ۾ به  عورتون فيشن مطابق ڪپڙا پائينديون آھن. ميڪ اپ ۽ زيور پڻ سٿيل ھوندو اٿن. پوءِ ھلڪي سرمئي رنگ جو برانڊيڊ  قيمتي وڳو وڻيس، جنھن تي ھلڪو گولڍن ڪم ٿيل ھو. ان مناسبت سان جيولري، بيگ ۽ سينڊل پائڻ لاءِ الڳ ڪري رکيائين. چھري تي ھلڪو ميڪ اپ ڪندي، فقط لپ اسٽڪ لڳائڻ کان پاسو ڪيائين.

ڪافي پيئڻ بعد  غم کي ٽيڪ مليس.

مامي جي گهر پھتي ته اتي مٽ مائٽ گڏ ٿي چڪا ھئا. ڀينرون پار ڪڍي روئي رھيون ھيون. مامو بيواهه ڌيءَ مھرين جي گهر ۾ رھندو ھو. ٻه پُٽ شھر ۾ رھندا ھيس.

مھرين ھن سان ڀاڪر پائي ڏاڍو رني. ھن جا لڙڪ به لڙي آيا.

”ادي مان اڪيلي ٿي ويس. امڙ اڳي اڪيلو ڪري وئي. بابي امڙ جي ڪمي محسوس نه ٿيڻ ڏني. ھاڻ بابا به ڇڏي ويو.“

”اسان سڀني کي ھيءَ فاني دنيا ڇڏڻي آھي ڪو اڳي ويندو ڪو پوءِ بس مامي جي مغفرت لاءِ دعا ڪر.“  رعنا  کيس آٿت ڏني.

 ”ادي ويچاري جي پُٽن سار سنڀال نه لڌي.“ ماسي صفيه  ڳوڙھا اگهندي چيو.

اھڙي موقعي تي گذاري ويل مظلوم بڻجي ويندو آھي. مٽ مائٽ يا دوست مالڪي ڪرڻ لاءِ پھچندا اٿس.

”پُٽ سکيا ستابا ھئس، پر علاج نه ڪرايائونس.“ ماسي زھره لڙڪ اگهيا.

”بس ادو طبيعت جو ٿڌو ھو اولاد تي ڪا سختي نه ڪيائين انڪري اولاد به نه پڇيس.“

ننڍي ڀاڄائي زبيده ٿڌو ساھ ڀريندي چيو.

”ادي کي سٺي پينشن ملندي ھئي، سکيو ستابو ھو کيس ڪنھن جي مدد جي ضرورت نه ھئي. پر ماڻهوءَ کي پيسي جي نه پر ساٿ جي ضرورت ٿئي ٿي. پوڙھائپ ۾ اڪيلائي ماريو وجهي“ وڏي ڀيڻ شاھده لڙڪ اگهندي چيو، جيڪا ٻن سالن کانپوء آئي ھئي.

رعنا سوچيو ھي ڪھڙيون ڳالهيون پيون ڪن. مھرين بار بار غش پئي ٿئي، ان کي ڪونه پيون ڏسن.

شام جو مامي کي دفن ڪري مائٽ موٽيا ته سڀ ڪجهه نارمل ھو. اھا ڳالهه گردش ۾ ھئي ته غسل ڏيڻ واري مامي جي پنجاھ ھزار واري قيمتي واچ ۽ سوني منڊيءَ تي قبضو ڪري ورتو ۽ گهر جي سيڌي جي ھڪ وڏي لسٽ الڳ سندس پُٽن جي ھٿ ۾ ڏني ھئائين . اھو ٻڌي رعنا کي ڏک ٿيو. غسل ڏيڻ وارن ۽ قرآن خواني پڙھندڙ ملن جون گهرجون وڌي ويون آھن. مھانگائي به چوٽ چڙھي وئي آھي ڇا ڪن!

 گهر ۾ چانھن، ڪافي ۽ ڪولڊ ڊرنڪس پئي ھليون.

اڳي  مرتيي واري گهر ۾ کاڌو پيتو سٺو نه سمجهيو ويندو ھو. غم ۾ ورتل پيا لڙڪ لاڙيندا ھئا.

 مٽ مائٽ، دوست ۽ ڪوليگ تعزيت لاءِ پئي آيا. عورتون ڄڻ پارٽيءَ تي آيون ھجن. ماڻهن کي اھو احساس ڪونهي ته ڪھڙي موقعي تي ڪھڙو لباس پائجي!

لڳي پيو ته ڪي آفيس مان آيون ھونديون، ھن سوچيو.  اڄڪلهه آفيسن ۾ به عورتون ڪيولاٽ، غرارا ۽ ٻيو پارٽي ويئر پيون پائين. ھتي به پاڙي جون عورتون فينسي ڪپڙا پائي آيون آھن. ماڻهن منجهان سمجهه ۽ احساس ڄڻ ته موڪلائي ويا آھن. ڪي عورتون موبائيل تي مصروف ھيون.

”باقي سيپارا پڙھڻا آھن، مرحوم جي روح جي  ثواب پھچائڻ  لاءِ ختمو پورو ڪيو“ پُڦي برجيس  چيو.

عورتون پاڻ ۾ ڪچھريءَ ۾ مصروف ھيون.

ھن گهڻي  ڪوشش ڪئي ته مھرين چانھن پئي  پر ھوءَ سخت صدمي واري حالت ۾ ھئي.

مھرين ھن جي گوڏي تي مٿو رکي ليٽي پئي. رعنا ڀت کي ٽيڪ لڳايو ويٺي ھئي.

ھي ٺاھ ٺوھ، لالچ لوڀ اجايو آھي. ھن فاني دنيا ۾ اچي انسان پنھنجي حقيقت وساري ٿو ويھي.  ھن ٿڌو گھرو ساھ کنيو.

 مامي انور ڪيڏي جدوجھد ڪئي. ٻار پڙھايائين، ھيءُ گهر ڪيڏي محنت ۽ شوق سان  ٺھرايائين، ھن گهر ۾ شفٽ ٿيا ته مامي مصباح جي خوشي ڏسڻ وٽان ھئي. پر گهڻو وقت پسند جي گهر ۾ نه رھي سگهي ۽ چار سال کن اڳي پنھنجي اصلي گھر ھلي وئي، سندس مرتيي جو مامي کي گهڻو صدمو رسيو. دل واري زال جو ھيس. مامي رٽائرمينٽ کانپوءِ سک جو ساھ کنيو. ٻئي پٽ ٻاھرين ملڪ پيا ايندا ويندا ھئا انڪري ھُو مھرين  جي زور ڀرڻ تي ساڻس  اچي رھيو. مھرين جو  گهر وارو نوڪريءَ سانگي ٻاھر رھندو ھو، انڪري پيءُ جي گڏ رھڻ سان ھوءَ گهڻي مطمئن رھڻ لڳي.

آخر ۾ ماڻهو اڪيلو ۽ ويڳاڻو ٿيو پوي. رٽائر ٿئي ٿو ته بيماريون اچي ٿيون ورائينس.

رعنا ٿڌو ساھ ڀريو.

ھوءَ مامي جي ڪمري ۾ وئي جتي ھر شيءِ پنھنجي جاءِ تي موجود ھئي سواءِ مامي جي!

ھڪ عجيب خاموشي ھوندي آھي مرڻ واري جي ڪمري ۾ جتي ھر شيءِ اُداس نظر ايندي آھي. ٽيبل تي ڊائري بي اھم ھئي. ھينگر ۾ ڪپڙا ٽنگيل ھئا، جيڪي اڄ پائڻا ھيس. وارڊ روب جي خاني ۾ قيمتي واچون  پيون ھين، جن ۾ سندس زندگيءَ جا لمحا بيھي رھيا ھئا. مامي کي قيمتي واچون  پسند ھيون.

 ڪمري ۾ مامي جي ساھن جي پنھجائپ ڀري خوشبو وکريل  ھئي. مامي جي تصوير آڏو بيھي رھي. مرڪندڙ چھرو ڏسي آٿت مليس.

  رعنا کي ڪمري مان وحشت ٿيڻ لڳي. ائين محسوس ڪيائين ته انسانن بدران انهن ڪمرن جي ڀِتين ۾ احساس باقي رھيو ھجي، جنهن ۾ رھندڙ پويان پساھ کڻندا آھن. ڪالهه تائين ڪنهن کي مامو ياد نه ھو. مامو ھڪ ٻه ڀيرا اسپتال داخل ٿيو، پر ڪو مٽ مائٽ ظاھر نه ٿيو. لفظن ۽ ڳالهين ۾ روح باقي نه رھيو آھي. 

ھوءَ ٻاھر آئي ته ٻاھر رڙيون ۽ سڏڪا ھئا. مھرين جي وڏي ڀيڻ ھينئر پھتي ھئي، جنھن جي ڀاڪر ۾ مھرين روئي رھي ھئي.

”ادي مان ڪٿان ڳوليان بابا کي مون کي ته اڪيلو ڪري ويو ھاڻ ڪنھن کي بابا چونديس.“ مھرين پار ڪڍيا.

خاندان جون عورتون اوڇنگارون ڏيڻ لڳيون. غم جو غبار ھو، جنھن کي لڙڪ ھلڪو ڪري رھيا ھئا. روئيندي مھرين غش ٿي وئي.

”ائي مايون ايئن روئينديون رڙنديون ته مرحيات کي تڪليف ٿيندي. قل پڙھي بخشيوس روئڻ مان ڪجهه ڪين ورندو.“ پاڙي ۾ رھندڙ مسز مورياڻيءَ کين سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

رعنا پاڻيءَ جا ڇنڊا مھرين جي اکين تي ھنيا ته ھن اکيون ڇنڀيون. ٿوري دير ۾ ھوءَ سامت ۾ آئي. اکيون کوليندي ئي روئڻ لڳي ته رعنا سندس ھٿ جهليو. احساس جي ڇھاءُ  ۾ ننڊ ورائي ويس.

شام رات ۾ جذب ٿيندي ئي مايوسيءَ جو رنگ کڻي آئي.

موت ۽ اداسيءَ جو رنگ.

رات ٿيندي ئي رعنا کي دل وسامندي محسوس ٿي. وڇوڙي جي پھرين رات ڏائڻ وانگر ھيانءَ ۾ چڪ وجهندي آھي ۽ ھوائن جا نوحا ان تڪليف جي شدت کي وڌائي ڇڏيندا آھن. ويل وقت جون يادگيريون لھرن جيان ذھن جي ساحل تي بي چين ٿي ڊوڙنديون آھن. ھن کي به مامي جي سار ستائڻ لڳي. مامي سان گهر ۾ رونق ھوندي ھئي. وڏن جي موجودگيءَ ۾ دل کي آٿت رھي ٿي.

 رات جي ماني لڳي ته ھرڪو اڳ ۾ ماني  کڻڻ جي چڪر ۾ ڊوڙيو. ڪي مائٽياڻين مانيءَ جا ڊونگا ڀرائي رکيا گهر کڻڻ لاءِ. پاڙيسرين يا ڄاڻ سڃاڻ وارن جي ڳالهه ته سمجهه  ۾ اچي ٿي، پر ويجهن عزيزن کي به شابس ھجي جو پليٽون ڀري پيا کائين. رعنا کان ته ھڪ گرھ به نڙيءَ مان ھيٺ نه لٿو.

مائٽياڻين چانهن  ته ڪڏھن ڪولڊ ڊرنڪ جا حڪم پئي ڏنا. نوڪرياڻيءَ ڊوڙي ڊوڙي  سندن انگل پئي پورا ڪيا. ڪڏھن چانهن ٺاھي کڻي ٿي آئي. ڪڏھن ٻارن کي بسڪٽ ٿي ڏنائين .

عورتون پاڻ ۾ گهر ۽ خاندان جا مسئلا ونڊي رھيون ھيون. اھو وسري وين ته مرتئي واري گهر ۾ آيون آھن. ماني کائي گهر لاءِ پيڪ ڪرائين پيون. ٽي چار شاپر ڀرينديون  پيون وڃن.

 تسبيحون اڻ ڇھيل پيون ھيون. اگربتيءَ پويون پساھ کڻندي رک ٿي وئي. ورد جو جهيڻو آواز، ٿڌا وياڪل ساھ، ڪافور ۽ عطرسميت دنيا جي بي ثباتيءَ جي گواھي ڏئي رھي ھئا. پُڦي برجيس سڀني جي سر تي مستقل سوار رھندي ڏھ ختما پورا ڪرايا.

”ادو نصيب وارو ھو، ڏھ ختما بخشيا اٿئون“. پُڦي برجيس جي چھري تي آسماني روشني ليئا پائڻ لڳي.

اڳي دور سانتيڪا ھئا. خوشيءَ ۾ مزو ۽ غم ۾ احساس ھو. ماڻهو ھڪٻئي جي خوشين ۽ غمن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ھوندا ھئا. ھاڻ ھر احساس بي معني بڻجي پيو آھي. نه خوشي ٿي محسوس ٿئي نه غم ٿو من ۾ گهاءُ وجهي. فقط دنياداري وڃي رھي آھي. موت جي تڏي تي موت جو خوف ۽ فنا جو احساس فقط چند ڏينهن باقي ٿو رھي. تڏو ويڙھيندي ئي غم ۽ پڇتاءُ پکي بڻجي اڏامي ويندو.

اڳي موت جو ڪيڏو ڏھڪاءُ ھوندو ھو!

چاليھ ڏينھن ماتم پيو ھلندو ھو. پوءِ ٻارھي تي وڃي دل تي صبر جا ڪي ڇنڊا پوندا ھئا.

”ھاءِ ڙي دنيا!“ رعنا ٿڌو ساھ ڀريو. 

رعنا کي در تي بدحال  فقيرياڻي نظر آئي، جنھن سان ٽي ٻار به ھئا. بک ۾ پاھ لڳي. ماءُ ۽ ٻارڙن جا چپ بُٺ زمين جيان سڪا پيا ھئا.

ھُو اميد منجهان اندر نھاري رھيا ھئا. ھن تڙ تڪڙ ۾ بريانيءَ جا ٻه شاپر ڀريا ۽ در ڏانهن وڌي، پر ان کان اڳي پُڦي برجيس اچي ان شاپر ۾ ھٿ وڌا.

”ائي امڙ ھيڏانھن ته ڪر ماني“.

”پُڦي خيرات لاءِ  ھيءَ ماني فقيرياڻي کي ٿي ڏيان.“

”ماني ختم ٿي وئي امڙ!  گهر ۾ عرفان جا دوست آيا آھن. ڪير وڃي ماني ڪندو.“

پڦيءَ جهٽ ھڻي شاپر پنھنجي قبضي ۾ ڪيا ۽ ڪمري ڏانھن رواني ٿي.

رعنا در ڏانھن نھاريو جتي فقيرياڻيءَ جي اکين ۾ مايوسي سڏڪي پئي.

 

محمد علي پٺاڻ

 

 

 

اُميد جو ڪِرڻو

 

خاموشي بند گهر مان نڪرڻ لڳي ٿي. ديوارون اکيون کڻي حيرت مان هن ڏانهن تڪين ٿيون. انهن جا ڪن اُڀا ٿي وڃن ٿا. ڇِتِ ھن کي ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، پر اوڏيءَ مھل ئي ھن جا لفظ گونگا ٿي وڃن ٿا. وڏي اَذيت ۽ ٻيوسيءَ جي حالت ۾ اھي اتان آخر ۾ پاڻ ڇڏين ٿا ۽ ھڪدم فرش تي ڪري، پنھنجا مٿا ڦاڙي مري وڃن ٿا.

ھوءَ اھو سڀڪجهه ڏسندي ۽ شدت سان ان ڏک جي ڪيفيت کي محسوس ڪندي به بيھي نٿي. گهر جا دَرَ کولي نڪرڻ بجاءِ ان جي ھڪ طاق جي وِٿيءَ مان پاسيري ٿي، آھستي آھستي پاڻ سوري ٻاهر نڪري اچي ٿي.

پھرين نظر ھڪ پيرسن عورت تي پويس ٿي. جيڪا وڏيون وڏيون رڙيون ۽ رانڀاٽ ڪندي چئي رهي آهي. ”او اسانجي گهر ۾ ھن لاڪ ڊائون ۽ بيروزگاريءَ ۾ بک جو راڪاس ٻه ماڻهو ماري چڪو آهي. باقي چار بچيا آھيون. انهن کي بچايو. مانيءَ ڳڀو ڏيو...“

رستي تان گذرندڙ ماڻهو ھن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ايندا ويندا رهن ٿا. ڪوبه ھن جي دانهنِ ۽ روڄ راڙي جو ازالو نه ٿو ڪري. نه ئي اوسي پاسي جي گهرن مان ڪو دَرُ کلي ٿو ۽ ڪنهن ھٿ مان ڪا ماني ھن جي کاڏيءَ تي ھٿ رکي، آٿت ڏيندي صبر جي تلقين ڪريس ٿي!

خاموشيءَ جو اندر اھو منظر ڏسي وڍجي پوي ٿو. ھوءَ تيزيءَ سان اتان اڳتي وڌي وڃي ٿي.

روڊ جي ٻئي پاسي ھڪ اٺن سالن جي ڇوڪريءَ کي ڇولن جو ٿالھ مٿي تي کنيل ڏسي ٿي. هوءَ وڏي واڪي ھوڪو ڏيندي چوندي رهي ٿي، ”ڇولا وٺو... ڇولا وٺو..“

ھڪ ماسڪ پھريل شخص ھن جي اڳيان اچي ٿو. ڪڙڪيدار آواز ۾ چويس ٿو، ”ڇوري ھَلُ ھِتان. ڏسين نه ٿي، ملڪ ۾ ڪرونا وائرسُ آ. پاڻ سان گڏ ٻين کي به موت ڏيندينءَ ڇا . وڃ گهر. ھَلُ، ھَلُ ھتان شاباس. ڀڄ.“

”منهنجي امان بيمار آ. بابو مري ويو آ. ٽي ننڍا ڀائر ھِنِ. ماني ۽ دوائن جا پئسا ڏيندين ڪاڪا، ته پوءِ وڃان گهر ۽ نه کپايان ڇولا...“

”وڃي کَڏَ ۾ پَئُه...“

خاموشي اھو سفاڪانه جملو ٻڌي ڳڀا ڳڀا ٿي پوي ٿي ۽ حيران ٿي ڏسي ٿي ته اھو شخص ان ڇوڪريءَ کي ڪجهه به نه ڏيندي وڏيون وڏيون وکون کڻي اڳتي وڌي وڃي ٿو.

اھو رستو ڇڏي خاموشي ٻئي رستي ڏانهن پاڻ کي ڌڪي وڃي ٿي.

ٻه ڊاڪٽر پاڻ ۾ ڳالھائيندا اتان گذرن ٿا. ھڪ چوي ٿو، ”ادا، امان ۽ سڀ گهر ڀاتي منٿون ٿا ڪن، ته ڊيوٽي نه ڪر. اثر رسوخ ھلائي موڪل وٺ. ڇو ته ڪيترا ڊاڪٽر ان مُئي ڪورونا ماريا آهن...“

”اسان ھن جنگ جا سپاهي آھيون ڀائو“، ٻيو ڊاڪٽر وراڻيس ٿو: ”جي اسان ھٿيار ڦٽا ڪري، ميدان ڇڏي ڀڄنداسين، ته انسانيت جي خدمت وارو اسانجو کنيل حلف اسان کي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيھاري بڇڙو ڪندو. انڪري پنهنجي فرض ادائيگيءَ سان مڙس ماڻهو ٿي مُنهن ڏي ۽ غداري نه ڪر. مالڪ سڻائي ڪندو. اھا اميد رکي ٻيو سڀ وساري ھَلُ. تون وقت جو ھيرو آن. ھونئن به موت کي جتي اچڻو ھوندو، ايندو، ڪو روڪيندس ڇا...“

ھمٿ جي جوت خاموشيءَ جي اکين ۾ خاص چَمَڪَ آڻي ٿي. ھوءَ ٿورو اڳتي وڌي ٿي ته سامھون  ”احساس پروگرام“ جا پئسا وٺندڙ عورتن جي رش ڏسي ڪاوڙ اچيس ٿي. ڇو ته انهن جي وچ ۾ ڪرونا کان بچاءَ لاءِ نه ڪو فاصلو آهي، نه ئي ڪنهن کي ماسڪ پھريل آهن. ھڪ ڀرسان گذرندڙ ماڻهوءَ جو اوچتو ان وقت ان منظرنامي تي اھو تبصرو ڪنين پويس ٿو، ”سرڪار جي اتي ته ڪابه روڪ ٽوڪ ناهي. باقي زور آهي لاڪ ڊائون تي. جو صحت لاءِ نه ايتري بجيٽ رکڻ ڪڏهن ضروري سمجهي ٿئون، نه اسپتالون ٺاھيون ٿئون، ته اھڙي وبائي قھر ۾  ان سان مُنهن ڏئي سگهن. نه ڪو ٻاھرين ملڪن وانگر ڪا ھيلٿ انشورنس پاليسي جوڙي سگهيا ھَنِ، جنهن مان ملڪ جو ھر فرد صحت جي حوالي سان بي فڪر ھجي...“

اھو ٻڌي ٻه وکون مس اڳيان ھلي ٿي، ته ھڪ موٽر سائيڪل تي ٻن نوجوانن کي اسپيڊ ۾ آڏو ايندي ڏسي ٿي. جيڪي ھن جي ڀرسان پھچن ٿا ته تيز بريڪ سان اچانڪ موٽر سائيڪل بيهي رهي ٿي. پوءِ ھن جون اکيون پسن ٿيون ته پويان ويٺل جي وَرَ مان پستول نڪري ٿو. کانئن اڳيان ويندڙ ھڪ اڌ وھي شخص انهن کي ڏسي ھڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو. ان کان اڳ جو ھُو ڪجهه چوي، ھڪ گولي ھن جي سيني ۾ پيوست ٿي وڃي ٿي. ”اباڙي...“ جي رڙ سان ھو روڊ تي ڪري ٿو. ٻه فاير ٻيا به مٿس ٿي وڃن ٿا. روڊ تي رت جو دُٻو ٺھڻ کان اڳ پويان ويٺل نوجوان چوي ٿو: ”ڪارو مري ويو. نڪ ڌوپي ويو. مبارڪون. ھاڻي نڪر تڪڙو...“

ڪجهه ماڻهو اھو ڪجھ بي حِس و حرڪت ٿي ڏسن ٿا. ڪوبه انھن کي پڪڙڻ لاءِ اڳتي نه ٿو وڌي. ھُو ڪِڪِ ھڻي موٽر سائيڪل ڊوڙائي، موڙ مُڙي ٻي گهٽيءَ ۾ ھليا وڃن ٿا ته ھڪ ڪراڙو پوءِ چوي ٿو، ”موت جي ڏھڪاءَ واري موسم ۾ به جھالت جي رسم پوري ڪرڻ کان نٿا مُڙن ۽ نڪ رت سان رڱي سرخرو ٿيڻ وسرين ئي نٿو...“

خاموشي ٺھي ويل رت جي دُٻي ڏانهن ڏسي ٻه ڳوڙها رت جا ڳاڙي ٻئي دڳ تي ھلڻ لڳي ٿي. ٻه اڌ دروازا کليل، جن مان مُنڍيون ڪڍي ٻه عورتون بيٺل نظر اچن ٿيون. ھڪ جو آواز ڪَنِ پويس ٿو: ”سرڪار طرفان مليل راشن ته عملدار ۽ انهن جا واٺا کائي ويا. اسانکي ڪجهه به نه مليو ڀيڻ...“

”خداءِ پُڄندن. اسان غريب پِٽِڻَ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهئونِ...“

خاموشيءَ جي اندر مان به انهن لاءِ پاراتو چيرجي نڪري ٿو. ھوءَ اتان تڪڙو اڳتي وڌي وري نئون رستو وٺي ٿي.

رستي جي پاسي تي بيٺل ھڪ شخص ٻئي سان مخاطب آھي: ”خبر ناهي ڪورونا جي موت لاءِ ويڪسين الائي ڪڏھن ٺھندي...“

”دنيا جا سائنسدان لڳا پيا آهن ادا، جلد دنيا تان ان خوني وبا جي مصيبت ٽرندي...“

”لڳي ٿو ڪجهه نه ٿيندو. اھا اجائي اميد آهي...“

”اميد تي ئي ته جھان تڳي ٿو. اھو ئي ته آخري ھٿيار آهي ماڻهوءَ وٽ. دل نه لاھِ...“

خاموشيءَ جي دل ان جملي سان باغ بهار ٿي وڃي ٿي. ھوءَ اطمينان جو ساھُ کڻي گهر جي چوديواريءَ ڏانهن موٽڻ لڳي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org