سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2024ع

باب:

صفحو:14 

زاهد ڪنڀار

 

 

آسان زندگي ۾، مُحبت نٿي ملي،

ڳولي ڏٺو آهي مون، صداقت نٿي ملي.

 

هر ڪنهن جي دل مٿي تون، حڪومت ڪري سگهين،

اهڙي ته ڪا جهان ۾، ڪرامت نٿي ملي.

 

مون ڀي ته آ ڏٺو اڄ، ۽ تون ڀي ته غور ڪر،

پنهنجي ته يار گهر ۾، قَرابت نٿي ملي.

 

دوکي دغا جي هرڪو، ماڻهو پيو ڳالهه سوچي،

نالي شريف هرڪو، شرافت نٿي ملي.

 

ڪنهن ساڻ پيار آهي، ۽ ڪنهن ساڻ خار آ،

ڳالهين منجهان ’زاهد‘، وضاحت نٿي ملي.

 

نِم ناز

 

 

 

 

غزل

ڪير ڪونهي ڪوبه ڪنهن جو، مون ڏٺو آ آزمائي،

پر هتي جيڻو پوي ٿو، لڙڪ پنهنجا سڀ لڪائي.

مُرڪ مُنهن تي آ سجايل، پر اندر جو آ منافق،

لوڪ تنهن کي ڪيئن سڃاڻي، روز پيو ٿو دوکا کائي.

راهه ۾ آ ڪاج پکڙيل، کڻ قدم پنهنجا سنڀالي،

بي رخي اهڙي ڏسي، هو درد پيو ويتر وڌائي.

مون گهڻو جن کي آ چاهيو، چوٽ سوئي ٿو رسائي،

يار منهنجي زندگي ۾، زهر هو پيو ٿو مِلائي.

هڪ دنيا مان ماڻهپو ۽ ٻي لڏي وئي ننڍ وڏائي،

باهه گهر گهر ۾ ٻري ٿي، ڪير ڪيئن دامن بچائي.

عيب جوئي ۽ گلائون، هر گهڙي آهن زبان تي،

پيار بدلي، خار پالي، خوب پيو نفرت نڀائي.

لالچي هر، آدمي آ، بي رحم ٿي ساري دنيا،

هوڏ هستي ۾ رهي ٿو، سير پيو هرڪو سڏائي.

ڪوڙ، رشوت، ٻي ٺڳي، آهي ملاوٽ عام ۽ جام،

دور ڏاڍو آ ڏکيو، ڪو ساز سچ جو ڪيئن وڄائي.

شرڪ ۽ شيطان، اڄڪلهه جي ته ماڻهن ۾ گهڻو آ،

چوطرف جاهل رهن ٿا، ڪيئن مومن منهن لڳائي.

خوف ناهي ڪو خدا جو، وقت جي حاڪم وڏي کي،

چيز هرڪا سڀ فنا آ، ڪير ڪو هن کي ٻُڌائي.

راز واريون ’ناز‘ ڳالهيون، دل ۾ رکجان سڀ سنڀالي،

حال ڀائي ڪڏهين ڪڏهين، يار ٿو سولي ٽنگائي.

 

مَهڙ مجاهد

 

 

 

 

قطعه تاريخ سال رحلت

”ابرڪرم مخدوم خليق الزمان“

وادءِ مهراڻ جو هو دلربا دلبر رفيق،

راهه رباني وٺي ويو ماڻهو مٺڙو ۽ شفيق.

 

نوحؓ جي نگري سان گڏگڏ سنڌ ساري اشڪبار،

ٿا چون اهلِ ادب اڄ ويو هليو لائق لئيق.

 

طالب الموليٰ مٺي جو نامور چشم و چراغ،

بزمِ هالا جي ادب جي باغ جو گوهر عتيق.

 

ويو ’مجاهد‘ ”ويهه سئو ٻاويهه“ ۾ دنيا ڇڏي،

2022ع

گُلستانِ سروري جو دوستو هڪ گُل خليق.

گيت

گيت خوشي جا ڪهڙا ڳايان،

سرتيون ڪنهن کي سور سڻايان.

ريءَ پنهون جي ڀينر هتڙي،

پل پل ويٺي پاند پسايان،

سرتيون ڪنهن کي سور سڻايان.

منهنجو پنهل ڪيچ هليو ويو،

ڪنهن لئه جيڏيون سيج وڇايان،

سرتيون ڪنهن کي سور سڻايان.

چوڙيون ڪنگڻ ڪين وڻن ٿا،

ويس وڳا مان ڪهڙا پايان،

سرتيون ڪنهن کي سور سڻايان.

مان به سسئي هن سنڌ جي آهيان،

ويٺي پنهون جي راهه پڇايان،

سرتيون ڪنهن کي سور سڻايان.

عيد ’مُجاهد‘ ڪيئن ڪيان مان،

ڪيئن هٿن تي ميندي لايان،

سرتيون ڪنهن کي سور سڻايان.

 

فضل الله ’فدا‘ چانڊيو

 

 

 

 

نظم

ڪُنري شهر

شهر سنڌوءَ ۾ سَوَ هزار،

ڪونهي ڪُنري جهڙو يار.

هن ۾ مرچ منڊي آ جهڙي،

ايشيا ۾ ناهي اهڙي،

چين ۽ جپان ۾ ڳوليو،

انڊيا ۽ ايران ۾ ڳوليو،

رشيا ۽ اقصا ۾ ڳوليو،

اهڙا مرچ نه ملندوَ ڪٿان،

جهڙا ٿيندا آهن هِتان،

خلقي اهڙي خلقڻهار،

شهر سنڌوءَ ۾ سَوَ هزار،

ڪونهي ڪُنري جهڙو يار.

هتي آرائين برادر،

لوهاڻا ۽ لوهر ڪنڀر،

چانڊيا، کوسا جت به جام،

مهيشوري ۽ ميمڻ عام،

دهلي، دکن وارا هن ۾،

مارواڙي متارا هن ۾،

ڪپري ۽ مڪراني ماڻهو،

رند ۽ پٺاڻ سڃاڻو،

شيدي، ڪاريا ڪولهي ڏس تون،

سنڌي تن جي ٻولي ڏس تون،

سيّد ۽ ميگهاڙ هزار.

هن ۾ مسجد، هن ۾ مندر،

گردوارا ڀي هن جي اندر،

هندو مسلم سڀ آزاد،

پنهنجي عقيدي ۾ سي شاد،

امن هِتان جو آ آباد،

شال نه ٿيئي سو برباد،

ٿيندو آخر ۾ جو حساب،

هرڪو ڏيندو پاڻ جواب،

توتي ’فدا‘ ناهه ميار،

شهر سنڌوءَ ۾ سَوَ هزار،

ڪونهي ڪُنري جهڙو يار.

 

ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ

 

 

 

 

غزل

دوستن جو خيال ڪرڻو آ،

هر گهڙي تن سان ڀال ڪرڻو آ.

 

هڪ گذارش ۽ عرش سان گڏ گڏ،

محبتي پڻ سوال ڪرڻو آ.

 

هر جڳهه زندگي هجي خوشتر،

اَمنُ هرجا بحال ڪرڻو آ.

 

ڏک نه دنيا ۾ ڪو ڏسي ماڻهو،

اهڙو قائم مثال ڪرڻو آ.

 

زندگي پنهنجي گذري بامقصد،

ڪم سدا باڪمال ڪرڻو آ.

 

مَنُ ڪبو هر جڳهه سڄڻ سرهو،

جيءُ نه هرگز جنجال ڪرڻو آ.

 

ڪيئن وڇوڙي ۾ ڏک مليا ’عادل‘،

دل جو سارو حوال ڪرڻو آ.

 

عاجز ڪريمُ پوري

 

 

 

غزل

اسان ڏِس! اوهان کي، وساريو ڪِٿي آ!؟

هُرو پيا هينئن ۾، ڌِڪاريو ڪِٿي آ!؟

مُحبت ۾ سودو، ڪيو مون آ سِرَ جو،

رکي سِر اَڏيءَ تي، لَنوايو ڪِٿي آ!؟

نِگاهن ۾ جِت ڪِٿ، اڳيان ٿو اچين تون،

جانچي ڏِس تون جيءَ ۾، ويهاريو ڪِٿي آ!؟

پُڇي ڏِس ڀَلي تون، پرين پنهنجي دل کان،

اسان پيار پنهنجو، گهٽايو ڪِٿي آ!؟

آهين نُور منهنجي، اکين جو سَراسَر،

سَوا تنهنجي ڪنهن کي، مون چاهيو ڪِٿي آ!؟

اَثاثو تون منهنجو، آهين مَن! عمر ڀَر،

هَٿن مان مون توکي، وِڃايو ڪِٿي آ!؟

ويا سال گُذري، نه دَرشن ڪَرايئه،

قدم مون ڏي اهڙو، وَڌايو ڪِٿي آ!؟

حياتيءَ جي پنڌ ۾، کنيم ساهه نه سُک جو،

دِلي طور مون کي، تو ڀانيو ڪِٿي آ!؟

سُکن جي هَوائن کان، تُنهنجو پُڇان ٿو،

وڃي آشيانو، تو ٺاهيو ڪِٿي آ!؟

اَڃا آهي چِتِ تي، چِٽيل تُنهنجو چَهرو،

تُنهنجو قُرب ’عاجز‘! ڀُلايو ڪِٿي آ!؟

 

اسدالله ٿهيم

نعت

ٺاهي آ رب دنيا تولئه ٺاهي آ،

رب جو رسولُ آهين هر جا مقبولُ آهين،

هستي نــــــــه تـــــــــو جهڙي ڪائــــــــي آ.

 

سهڻا سڄڻ تولئه ٺاهيو مالڪ جڳ مهڪايو،

اعليٰ نه اهڙو ايندو نڪي تو جهڙو ٿيندو،

قول لکان هي الاهي آ.

 

شانُ ايڏو تنهنجو سائين ڳائبو قيامت تائين،

تنهنجي تعريف ڪري سهڻا ٿي دلڙي ٺري،

سائين مــــــــون دل توســــــــان لائــــــــي آ.

 

جتي سفر جي انتها مولا گهرايُئي منتها،

رب جو ٿيو راز ڪيڏو تنهنجو پرواز ايڏو،

جتي نه ڪنهن جي رسائي آ.

 

سيرت تنهنجي ڪمال آ صورت جو نه مثال آ،

جهڙي ٿي ذات اعليٰ تهڙي صفات اعليٰ،

سونهن نــــــــه ڪنهن ۾ اهــــــــڙي آئــــــــي آ.

 

لکين ڪروڙين ويا مري تعريف تنهنجيءَ ۽ وري،

سائين ’ٿهيم‘ ڳائي هي ڀي ٿو شعر ٺاهي،

اوقــــــــات ’اســــــــد‘ جي نه ڪائــــــــي آ.

 

خادم حسين همدم

هالا

 

 

 

نعت

زندگي  هردم ٿي گذري سوچ ۾ افڪار ۾،

آسرو اِمداد جو آ تو سندي سرڪار ۾.

 

تنهنجي در جي مون غلامي بس گهُري آ هر گهڙي،

ٻي گهُرڻ جي ناهي عادت تُنهنجي هِن پينار کي،

 

هر گهڙي ڏاڍو سُڪون ملندو ٿو رهي ٿو ڇا چوان،

وقت گذري ٿو هميشه تنهنجي ئي بس سار ۾.

 

ڪو وسيلو ناهي منهنجو برملا چوندو وتان،

ڀروسو آهي فقط ئي تو مٺي منٺار ۾،

 

ا ڪيان تعريف تنهنجي تون سڀن جو پاسبان،

”يارسول اللهؐ اوهين اعليٰ سڄي سنسار ۾.“

 

ڇو وڃان وَهلُور مُرسَل تون ئي منهنجو ڀرجهلو،

آهي مون کي ڀروسو تنهنجي ئي بس سهڪار ۾.

 

اڄ مديني پاڪ لئه ڇا ڇا چوان ڇا ڇا لکان،

شهر تنهنجي ۾ رهان بس تنهنجي ئي مهڪار ۾.

 

ڪو ڀلي جيڪي چوي پرر ڪنهين کي آ خبر،

زندگي گهاري گهڻي آ مون سُٺي گفتار ۾.

 

دل چوي يثرب وڃان پر ناهي طاقت ڇا ڪيان،

آسرو ناهي وڃڻ جو برهه جي بيمار ۾.

 

ڪر ڪرم يا مصطفيٰ ”همدم“ سدا در جو غلام،

زندگي جيڪا به گذري سا سندءِ ديدار ۾.

 

زرينه ميمڻ

 

 

 

 

آءٌ هڪ انسان آهيان

سڄي، سالم، ثابت ۽ مڪمل

خدا جي ڪائنات ۾ خلقيل

روزِ اول کان موجود

پر تاريخ جي ورقن ۾

هميشه کان غير موجود

آرٽ، ادب ۽ هر چتر ۾

تخليق جي هر کيتر ۾

منهنجو برابر حصو آهي

پر تنقيد جي هر دفتر ۾

منهنجو ذڪر ڪسو آهي

ذات اڌو اڌ، ڏات اڌو اڌ

ڏانءُ ۽ ڏاهپ اڌو اڌ

ڇا مان اڌ انسان آهيان؟

اڌ انسان، اڌوري عورت!

گواهي اڌوري گناه برابر

جزا برابر سزا به برابر

ڪهڙي آ ريت نرالي!

منهنجي ماءُ به اڌوري هئي؟

منهنجي ذات به اڌوري آهي؟

۽ منهنجي ڌيءَ ۽ ان جي ڌيءَ؟؟

منهنجي پڙهائي اڌ، منهنجي گواهي اڌ

پيار اڌورو، اختيار اڌورو

هرڪا آس اڌوري،

من جي پياس اڌوري

پيڪي گهر ۾ مزمان

ساهرن ۾ به حيران

هي گهر پرايو، هُو گهر ساهرو

ساهه اڌورو، ويساه اڌورو

نه ڪي سپنا سانڍيان

نه ڪا ساڀيان پايان

خواب اڌورا، تعبير اڌوري

سوچ ۽ لوچ به اڻپوري

تخليق جو درد ڪک ۾ ڦاٿل

درد جي موسم ۾ اداس آ دل

ڪاش عمر جي ٽجوڙيءَ مان

 چورائي سگهان ڪي پل

پنهنجي ڌيءَ ۽ ان جي ڌيءَ لاءِ

دردن جي موسم جا پيلا پن

۽ وهمن جا سڀ وڻ ڇاڻي

علم  عقل جا مٿن در کولي

ساڃهه جا ڪي شجر پوکيان

هن جُڳ ۾ اهڙو جهان جُڙي

جنهن ۾ مڪمل انسان مڃائي

منهنجي ڌيءَ، ڏوهٽي، پوٽي

۽ هر عورت،  زندگيءَ کي

جيئن چاهي ماڻي چوڙي

اي ڪاش!

 

غلام محمد ڀٽي

غزل

تنهنجي ٻانهن کي مان هار بڻايان،

سونهن تنهن کي پاڻ تي سجايان.

واعدا توسان ڪيل پنهنجا ئي اڄ،

پل پل توسان پرين نينهن نڀايان.

هر پل مون کي پيارو لڳندو آهين،

ويتر وڌ کان وڌ ٿو توکي ڀانيان.

پيار تنهنجو منهنجو ته جياپو آهي،

مُرڪي توسان مان ته ملهايان،

رات ڏينهن تنهنجي لوري لڳل آ مون کي،

ميڙون منٿون ڪري توکي مان پرچايان.

”ڀٽي“ کي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳندي آهي،

ڳوٺ تنهنجي اچي توسان هٿڙا ملايان.

غزل

نفرتن جا ڏي گهاءُ اکين تي،

دردن جا ڏي ايذاءُ اکين تي.

تنهنجو سڀ ڪجهه سهندس،

نيڻن جو ڪر نڀاءُ اکين تي.

ڪيڏا يار ڪرين ٿو وڇوڙا،

ڀلي تون روز ڏکاءُ اکين تي.

تنهنجو عاشق آهيان مان،

ڏينهن رات تڙپاءُ اکين تي.

توکي ته اندر ۾ اوتي ڇڏيان،

ٻول مٺڙا مٺڙا ٻڌاء اکين تي.

سنگدل ٿي ويو آهين هاڻي،

دردن جا پهاڙ وساءِ اکين تي.

ذهني مريض بڻايو ٿئي اڄ،

مُرڪن جا ڏهڪاءُ اکين تي.

سور صدما سختيون سِر تي،

پرين جو آ پرچاءُ اکين تي.

پيار محبت اظهار ڪر ڀل،

سورن ۾ ڏي سزاء اکين تي.

”ڀٽي“ تنهنجو نوڪر رهندو،

تون تِکا تير وساءِ اکين تي.

 

الله بچايو ’مشتاق‘ آريسر

 

 

 

غزل

نه سَنَد، نه ڊگري، نه ڪو امتحان هو،

اُنهن جي اڳيان بس، هي سارو جهان هو.

اُنهن کي نه ميراث علمي، ملي هئي،

نه دنيا جي دولت جو ظاهر نشان هو.

هُنن وٽ عقيدي ۽ ايمان جي دولت،

اُهو ئي هنن جو، زمين آسمان هو.

عبادت ۾ گذريا، سندن روزِ شب ٿي،

نه دنيا جي ڪوڙي هوس جو گمان هو.

هُنن کي نگاهن تي پڪو يقين هو،

۽ علم اليقين روح جو پاسبان هو.

کُلي حق جي راهه روشن جڏهين ٿي،

ته پوءِ زندگي ڀر، سندن سائبان هو.

سُهائي پکيڙي، جڏهن نيڪ اعمال،

ته هر ماڳ تي فرد سو ڪامران هو.

سڄي عمر ساحل تي ’مشتاق‘ گذري،

خبر بحر جي پئي، ته هي بي ڪران هو.

غزل

قُرب واري ٻول پاريا، قول ۽ اِقرار جا،

ياد آهن دل ۾ هردم، ٻول مٺڙي يار جا.

ڇا بيان ڏُکڙا ڪجن، هن داستان دُشوار جا،

”پنڌ تنهنجي پيار جا، ڄڻ رَند ننگرپار جا.“

عشق وارا ٻيا نه هوندا، ماجرا منهنجي الڳ،

پُڇ نه پيارا، درد ڪي هن پرت جي پينار جا.

سور، سختيون عاشقن ڪيئي سَٺيون هونديون مگر،

ڌڪ سڀئي آهن بِلاتا، بِرهه جي بيمار جا.

ننڊ ۾ يا جاڳ ۾، بيهوشي ۽ مدهوشي ۾،

ٻول ٿا هر وقت گونجن، ذهن ۾ دلدار جا.

عاشقن کي ڇو ٿا ديوانا، جهان وارا چون،

گُل جي خاطر هو سهن ٿا، ڪي ئي حملا خار جا.

پنهنجي رُخ تان اڄ پرين، پاسي ڪيو پردو جڏهين،

ٿي ويا ديدار ڪي ئي، طالبِ ديدار جا.

حُسن تنهنجي جا ڪئين ’مشتاق‘ هوندا ٻيا مگر،

منهنجي ليکي صرف مون سان، قول ڪيا تو پيار جا.

 

هادي بخش ”فدا“ ٽالپر

 

 

 

 

گيت

روئي رات گُذاريان يار،

مان، روئي رات گُذاريان يار.

 

تنهنجي بِرهه ڪيو بيگانو، دردن تُنهنجي ڪيو ديوانو،

مُحب ٿيو آهيان مان مَستانو، ڪنهن کي حال ٻُڌايان يار-

مان، روئي رات گُذاريان يار.

 

ساجن توکي هردم ساريان، پَل پَل توکي پيو پُڪاريان،

روئي تُنهنجي راهه نهاريان، هَر هَر ڪانگ اُڏاريان يار-

مان، روئي رات گُذاريان يار.

 

سِڪندي ڪيئي سال ٿيا مون، حال هاڻي بي حال ٿيا مون،

ميلا دوست مَحال ٿيا مون، قيد ۾ هِت ٿو گهاريان يار-

مان، روئي رات گُذاريان يار.

 

دِلڙي دانهون روز ڪري ٿي، راهه ڏِسي ۽ آهه ڀَري ٿي،

ساجَنَ تُنهنجي ڪيئن سري ٿي؟ توکي ڪيئن؟ وساريان يار-

مان، روئي رات گُذاريان يار.

 

هَردم تنهنجي تات رهي ٿي، وائي تُنهنجي وات رهي ٿي،

مونکي ڏينهن ۽ رات رهي ٿي، تُنهنجا پنڌ پُچايان يار-

مان، روئي رات گُذاريان يار.

 

يار ’فدا‘ سان هاڻي مِل تون، دوست پيارا خوش ٿي کِل تون،

مون سان مِٺڙا گڏجي ٽِل تون، تولئه اڱڻ ٻُهاريان يار-

روئي رات گُذاريان يار،

مان، روئي رات گُذاريان يار.

 

طالب المحبوب

 

 

 

ور ڇڏي تون ور جبل م ور ولهئ جا ور هتي،

پير پهڻن ڪيا پٿون ڏک ڏنا ڏونڱر هتي.

هڪ ڪڪر جي ڪارڪاري ٻيا ڪڪر مون منجه ڪرم،

ٽيون ڪران ڪڪرن مٿي ڪارا ب ڪن ٿا ڪر هتي.

روه م روئان رڙان پر رڙ ن ڪن پئي راهگير،

 ڌر نڌر کان ڌار ٿيا پر، پر ن ڪو آ پر هتي.

هن جبل م ڪئين جناور ۽ بلائون بيشمار،

شيهن چيتا ۽ ڪتا، ڦاڙها مرون باندر هتي.

ڏار ڏونگر جا ڏسي ٿو ڏيل هي ڏٻرو ڏريم،

ٿو هينئون هيبت وٺي ڏاڍا ڏکي کي ڏر هتي.

هوت ويا هاڙهو لنگهي هاڙھي م هيڻي هيڪلي،

نار ٿي اڄ نار هاري جا ڏکن ڏونگر هتي.

’طالب المحبوب‘ تن من عشق آرئ م پچي،

ٿا دکن دونهان به دل تي ٻاڦ ٻاٻر ٻر هتي.

*

پوڄ پرور کي سدا پر پهر ٻيو ڪو پر نڪر،

در صدر جنهن جو سدا، ان در سوا ٻيو در نڪر.

جو بادشهين بادشاه، دائم سدا قائم سدا،

ڪيم ڪر ٻي در سدا، فرياد ڪنهن ٻي در ن ڪر.

هرڪو هلي هوڏهين ادا، تاجور شاهو گدا،

انگ انگ ٿين آخر جدا، هن ڀون مٿي بانور ن ڪر.

ڪنهن کي ته ڪاٽن ڪنهن کٿي، ڪنهن کي ت جورابن جتي،

ماڻهو مٽي جي مورتي، ائ مورتي محور ن ڪر.

ڪر ن ڪر ڪاري جيان، مسڪين ڪنهن تي اي ميان،

ٿئي حياتي ڏون ڏيهان، ڪمزور تي ڪر ڪر ن ڪر.

تيل سرما ڪن هنيا ڪن ٿي ڪڪر ڪارا ڪيا،

سي به واري منجھه ويا، واري سندي ويسر ن ڪر.

ياد ڪر الله کي، جيڪو جياري ساه کي،

بت ن ڪنهن بالله کي، پر ور سوا پرور ن ڪر.

مست مايا تي م ٿي، ڇڏ کڻي تون مڙ مڳي،

آخر اها جهرندي جهڳي، زور زر ظاهر ن ڪر.

’طالب المحبوب‘ تون ڇڏ غير جون مڙصحبتون،

محبوب جون پس محبتون، ڌر ن ٻيو دلبر ن ڪر.

 

قادربخش ’مخلص‘ چانڊيو

 

 

 

 

ٻوڏ کان متاثر ٿي لکيل نظم

ڏٺي سين نه هرگز صفائي جهڏي ۾،

وڏي جُٺ مَڇرن مچائي جهڏي ۾.

وَبا ويئي آ پکڙي سَڄي شهر ۾،

سگهو ڪو ٿو ڏسي اگهائي جهڏي ۾.

 

چڱو ڪونه هرگز، هِتي ڊاڪٽر!

رڳو هت هلن پيا عطائي جهڏي ۾.

مکين ساڻ ڪنهن جو نه حيلو هلي ٿو،

نه محفوظ آهي مٺائي جهڏي ۾.

 

وڌيا وار شهپر، سونهاريون سڀن جون،

رهيو ڪونه هڪڙو ڪو نائي جهڏي ۾.

سڄو شهر پاڻيءَ ۾ غرقور آهي،

وڃي چَند گهر ڪي بچا ٿئي جهڏي ۾.

 

ڏکن ۾ ٿيو ڪو اچي حال ڀائي،

اچي ڪنهن نه ڪئي ڪا رسائي جهڏي ۾.

اٽو، دال ۽ هُئي ڪَتل ڪجهه ڪَٽن ۾،

اُها دوستن ڀي کپائي جهڏي ۾.

 

ڏِنا ووٽ جنهن کي هڻي خوب نعرا،

انهن ڀي نه ڪئي ڪا سچائي جهڏي ۾.

وري ووٽ خاطر هلي جي اچن ٿا،

تکائي سي ٿيندا توائي جهڏي ۾.

 

ملي جيڪا امداد هُئي ٿورڙي،

پَروڙيو سا ڪنهن هئي لڪائي جهڏي ۾.

اٽو، کنڊ، داليون، مهانگيون مِڙن کان،

ٿي اڻلڀ مڱن جي به سائي جهڏي ۾.

  

نه ٿيو بند گهٽڪو، آهي چرس چالو،

وڌندا وڃن پيا نشائي جهڏي ۾.

ڪُپت، ڪوڙ، ڪُلفت وڪوڙي ويئي آ،

وڙهن پيءُ پُٽ ۽ پيا ڀائي جهڏي ۾.

 

اڳي مير(1) هو جنهن سنڀاليو شهر کي،

ويو وير وارو وڄائي جهڏي ۾.

نبي بخش(2) راڳن جو راڻو وڏو هو،

هُيو ”گاڏ“ وارو سِرائي جهڏي ۾.

 

جتي هوت(4) معمور(5) آزاد(6) گڏجي،

سدائين ٿي محفل مچائي جهڏي ۾.

منظور(7) زاهد(8) ۽ عاجز(9) ڪهيري،

نه ڪئي ڪا بلاول(10) جدائي جهڏي ۾.

 

مهجور(11)، مقبول(12)، ساحر(13) به سڏ تي،

ڪڏهين ڪئي نه ڪاظم(14) ڪَچائي جهڏي ۾.

نه عاطر(15) ولي(16) ۽ نه غمدل(17) ٿو گڏجي،

نه مسرور(18)، اختر(19) جي وائي جهڏي ۾.

 

مچايو ٿي ”مخلص“ جنين محفلن،

ڪري ويا سي جاني جُدائي جهڏي ۾.

 

(1) مير الهه بچايو ٽالپر (2) نبي بخش سرائي (3) گاڏ، ريهه جهڏي جي نزديڪ (4) محمد هوت مجرم (5) سائين محمد عمر معمور يوسفاڻي (6) عبدالعليم شاهه آزاد (7) منظور شاهه پياسي (8) محمد حسن زاهد ڪنڀر (9) محمد ابراهيم عاجز ڪهيري (10) بلاول اوٺو (11) محمد زاهد مهجور (12) محمد هارون مقبول (13) صلاح محمد ساحر (14) ڪريم بخش ڪاظم (15) محمد حنيف عاطر (16) ولي محمد ولي سروري (17) غلام حيدر غمدل (18) محمد حاصل (19) ڪمال اختر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org