سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2023ع

باب:

صفحو:8 

گول ڌرتيءَ جو اول شاعر

شمشيرالحيدري

 

 

 

جيڪڏهن ڌرتي گول نه هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟ انهيءَ سوال جي جواب جو ته ڪو انت ئي ڪونهي، سو اسين سڀ ڄاڻون ٿا. هي هجڻ ۽ نه هجڻ وارو سوال آهي. ڌرتيءَ جي گول هجڻ ڪري، اسان جو وجود ۽ وجود واري حالت ۾ نه هجي ها. جيڪڏهن سڀ ڪجهه ائين نه هجي ها ته جيئن آهي، ته پوءِ هڪڙي ٻي ڳالهه به نه هجي ها، جيڪا اسان جي هجڻ واريءَ حالت ۾ خاصي اهم آهي- اها هيءَ ته جيڪڏهن ڌرتي گول نه هجي ها ته پوءِ امداد رول نه هجي ها.

امداد سڄيءَ گول ڌرتيءَ جو رول شاعر آهي، تنهن حقيقت جو سڀ کان وڏو ساکي هي فقير آهي. حيدرآباد جي ٿڌڙين چانڊوڪين راتين، راتين جون راتيون، هيءَ رول پارٽي، ڪڏهن سرڪيءَ جي چاڙهه ۾ ته ڪڏهن سُرڪيءَ جي ٻاڙ ۾، سڄو سارو هوشو شهيد روڊ (رسالا روڊ) سر ڪندي صبح ڪندي هئي.

امداد جو مشهور نظم هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون انهيءَ روڊ تي رُلندي، ڪراچي هوٽل کان (جيڪا هاڻي ڪانهي) پريم پارڪ تائين (جيڪو هاڻي ڪونهي)، هڪ اهڙيءَ اُماس رات جو وجود ۾ آيو، جڏهن چنڊ به ڪونه هو ته سرڪي به ڪانه هئي. سخت ٻاڙ سان گڏ سخت ٻاڙائي به هئي. مسجد جو در ته بند هوئي، پر مئڪدي جي در ۾ داخل ٿيڻ جي توفيق به ڪانه هئي. اهڙيءَ حالت ۾ رڳو ’مئڪدي ۾ هلون‘ جي حسرت هئي. ’گهر هلي ڇا ڪريون‘ جو فيصلو هو. ’چنڊ نڪري نٿو‘ جو ڏک هو.... تان جو سج ڪني ڪڍي، سوجهرو ٿيو- ۽ گول ڌرتيءَ جو رول شاعر ’هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون‘ جهونگاريندو، ’گهر‘ ڏانهن راهي ٿيو.

هيءَ سندس رستن تي رلڻ جي هڪ خوبصورت ’واردات‘ هئي، پر هن ڪيتريون سانجهيون گهٽيءَ ۾ کنڀي تي ٻرندڙ ’بلب‘ ۾ هيٺان بيهي به گذاريون آهن، ته ڪنهن ’بند دريءَ‘ ۾ اکيون کپائي، ان جي کِلڻ جي اوسيئڙي ۾ به، ڪئين شامون اُڪاريون آهن، سو، هو ’ذهن‘ جي پيچرن جو رولاڪ به آهي.

’ادب‘ امداد حُسيني نمبر، مارچ 2003ع

امداد حـُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ وطن پرستي ۽ قوم پرستي

 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

 

 

امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ گهڻيون ئي خوبيون آهن ۽ هرهڪ خوبي لاجواب آهي، پر مون کي سندن شاعري جي هڪ خاص خوبي تمام گهڻو متاثر ڪيو، اها آهي ’وطن پرستي ۽ قوم پرستي‘.

امداد جي شاعري پنهنجي دؤر جي تاريخ آهي، موجوده دور تي تبصرو ڪندي هُو ٻڌائي ٿو ته ارغونن، ترخانن جهڙي ظالماڻي دؤر کان به هي ڏکيو دؤر اچي ويو آهي. سنڌ جي هر شيءِ خطري ۾ آهي. سنڌو درياهه، ٻنيون ونيون، ڍور ڍڳا، ٻيڙن، ٻيڙائتن، ٻيٽن، ڪيٽن ريٽن، ڍنڍن ڍورن، شهرن ڳوٺن، جهنگن جبلن، ڪوهستان، ڪچي، ۽ ڪاڇي ۽ ٿر کي خطرو آهي، نه صرف ايترو پر عبادت گهر، گُرواري، گِرجا، مسجد ۽ مندر به خطري ۾ آهن. مطلب ته هر طرف ظلم ئي ظلم آهي، تنهنڪري چئني طرفين خير نه آهي.

هن غزل ۾ سلاست ۽ رواني آهي ۽ اندروني قافين ان کي انتهائي خوبصورت ۽ پُرتاثير بڻايو آهي، فرمائي ٿو:

انڌي جي هٿ ۾ لٺ آهي، شيشي جي گهر جو خير گهرو،

ڇتين ڀتين، جو پَٽ پڌر جو، درين دَر جو خير گهرو.

ڪانئر جي اک ۾ جَر ڪونهي ڪو، سنڌوءَ جي جر جو خير گهرو،

ٻنين ونين جو، ڍور ڍڳن جو، هاريءَ جو هَر جو خير گهرو.

ارغونن، ترخانن، مغلن کان، دور ڏکيو هي آيو آ،

اولهه اوڀر جو خير گهرو، ڏکڻ اُتر جو خير گهرو.

اَڇ جو ڇڇ جو، رَڇ جو، مَڇ جو، ٻيڙين جو ٻيڙياتن جو،

ٻيٽن جو، ڪيٽن، ريٽن جو، سنڌو ساگر جو خير گهرو.

نانوَ چُمڻ جهڙا جي هوندا، سي سڀ ٿُڪ سان ڊاٺا ويندا،

لکندڙ، پڙهندڙ، ڇاپيندڙ جو، ڪِلڪ ۽ ڪاڳر جو خير گهرو.

نانگا نانگن کان زهريلا، ٿڃ ڌائي، هي ٿڻ ڪکيندا،

ماءُ مٺيءَ جو خير گهرو، تازي ڄاول ڦَر جو خير گهرو.

ڍنڍن، ڍورن، جهنگن، جبلن، شهرن، ڳوٺن، کيٽن، پوٺن،

ڪوهستان ۽ ڪچي، ڪاڇي جو، ٿر جو، بر جو خير گهرو.

بَم گولي جو دين ڌرم ڇا، باروت ڇڏي ٿو سڀ ساڙي،

گوردواري، گرجاگهر جو، مسجد مندر جو خير گهرو.

امداد حُسينيءَ هڪ نظم ۾ شڪايت ڪندي افسوس سان چئي ٿو ته سنڌ تي سراسر ظلم ٿي رهيو آهي. ايڏي انياءُ هوندي به ماڻهن جا چهرا پيلا ڄڻ سائي جا مريض آهن. ان حالت ۾ وطن سان مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته اي وطن! تون ئي ٻڌاءِ ته ڀلا ڇا ڪريان؟ جتي ٻوڙا رهندا هجن، اتي ڪهڙي صدا ڪريان؟ جتي ڪردارڪشي ماڻهن جو ڪردار هجي، اتي ڪهڙو ڪردار ادا ڪجي؟ پوءِ پاڻ ئي جواب ڏئي ٿو ته: ڇو نه ڪا اهڙي لات لنوان ۽ اهڙو نظم لکان، جيڪو انقلاب آڻي، فرمائي ٿو:

ڄِڀ ماڻهن جي ڪپيل ڪاڪڙي کان آهه متان،

سڀ چُپ چاپ ائين، ڄڻ ته هجن ڀِت ڪائي.

سا به چاپوڙا لٿل، سا به ڪلر جي کاڌل،

پوءِ اُو ٻار هجي، مُڙس هجي، يا مائي.

مُکُ ليمائي سندن، کين هجي ڄڻ سائي،

اي وطن! تون ئي ٻڌاءِ ته ڀلا ڇا ته ڪريان؟

جتي ٻوڙا ٿا رهن، آءٌ صدا ڇا ته ڪريان!

جتي ڪردار ڪشي ٿي وئي آهي ڪردار،

اتي ڪردار ڀلا آءٌ ادا ڇا ته ڪريان؟

ڇا ڪريان ڇا ته ڪريان، ڇا ته ڪريان؟

منهنجا دلدار وطن، اي منهنجا منٺار وطن!

جو به ڪجهه آءٌ ڪريان توکان سواءِ ڇا ته ڪريان؟

ڇو نه ڪا لات لنوان، پرهه کي ويجهو آڻيان،

ڇو نه هڪ نظم لکان آءٌ سڀاڻي جي لاءِ

سِڄ ورڻ تنهنجي مٿي جو اهو جهومر ٿي وڃي.

امداد پنهنجي هڪ ٻئي نظم ۾ سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندي تمنا ٿو ڪري ته ڪو ڏاتار هجان، جو سنڌ جا ڳيت ڳائي اهڙو مڱڻهار هجان، نه رِشي نه مُني، نڪي اوتار هجان، اي سنڌ! بس رڳو تنهنجو پيار هجان، فرمائي ٿو:

مون ڪڏهن چاهيو آهي ته ڪو ڏاتار هجان،

سنڌ جا ڳيت جو ڳائي سو مڱڻهار هجان.

خونِ دل سان تنهنجي تصوير ڪڍان ۽ پوڄيان،

آءٌ شاعر نه هجان، ڪاش چِترڪار هجان.

نه رِشي ۽ نه مُني ۽ نه ڪو اوتار هجان،

ٻيو کڻي ڪجهه نه هجان، تنهنجو رڳو پيار هجان.

امداد گهڻو ڪري شاعريءَ جي هر صنف تي شعر چيا آهن، هو جتي جديد شاعريءَ جي صنفن تي لکي ٿو، اتي پنهنجي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي به نه ٿو وساري. مطلب ته هن هر صنف تي لکيو آهي. غزل هجي يا نظم، بيت هجي يا ڪافي هر هڪ صنف سان سندس وطن دوستي جهلڪندي نظر اچي ٿي. هُو پنهنجن سهڻن ۽ اثرائتن سورٺن ۾ سياسي اڳواڻن جي غداري تي غصي جو اظهار ڪري ٿو کين بُرن لفظن سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ سنڌ کي دم دم دعائون ڏئي ٿو، فرمائي ٿو:

اڄ ۽ ڪلهه جي ناهه، مِٽيءَ سان هيءَ مائٽي،

ازل ڪنان اڳ آهه، جَڙ انهيءَ سان جيءَ جي.

*

هَي هَي ڙي ساڻيهَه، دوست نه ڪي دانا مليئه،

ڏوري ڏوري ڏيهه، ڍونڍي آيا ڍُونڍ کي.

*

گهوڙا گهوڙا هاءِ، گُهل ڌارين سان پانهنجا،

ڏاڍا ڏک ڏٺاءِ، سُک پسين شل سنڌڙي.

جڏهن سنڌ تي- سنڌ دشمنن حملا ڪيا، اهو ارغون ترخان دور هجي، نادر شاهه جي ڪاهه هجي يا مدد پٺاڻ جي گهل هجي. يا لِساني فساد هجن، سنڌ تي ظالمن وڏا ظلم ڪيا، فتنا ۽ فساد ڪيا. ماڻهو ماريا ويا، رت جي راند کيڏي وئي، امداد دردناڪ سانحن جي تمام اثرائتي نموني ترجماني ڪئي آهي، امداد جو هي هڪ تاريخي نظم آهي ۽ سچ پچ ته شاعريءَ جو شاهڪار آهي، فرمائي ٿو:

اي سنڌڙي! اي جندڙي!

سڀ شهر تنهنجا قهر ٿيا

ٻارڻ بڻيون ٻهراڙيون

تنهنجون اکيون ٿيون رت رئن

۽ ڳل سندءِ ريڳاڙيون

سِر تان لٿل پوتي سندءِ

چولو سندءِ چيهاڙيون!

سڀ چوڪ تنهنجا چهڪ ٿيا

سڀئي گهٽيون گهايل هيون

ڪاٿي هوائون جي هيون

ڇڙواڳ ۽ پاڳل هيون

ٽامو ٿيل ڌرتي هئي

ٿي آڳ اوڳاڇي گگن

هر جيءُ هو جليو پيو

۽ ڪنهن نيرڳ جيان

هر خواب هو کُليو پيو

هو جو ڪڏهن اُوچو عَلم

سو ٿيو اڳٺ وجهڻي قلم

تو لاءِ جا رُوندي هئي

آهي ڪٿي سا چشم نم؟

’وائي‘ صديون پراڻي صنف آهي ۽ اها سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي، ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف کان وٺي شيخ اياز ۽ امداد تائين ڪيترن ئي شاعرن وايون چيون آهن، امداد پنهنجي هن وائي ۾ سنڌ کي دعائون ڏئي ٿو ۽ گڏوگڏ ان جي ساراهه به ڪري ٿو ۽ پنهنجي پُرخلوص پيار جو اظهار به ڪري ٿو، فرمائي ٿو:

جِيوين جِيوين تون، سدا جِيوين تُون،

سدا جِيوين تُون!

اُوچو تنهنجو اُڀ، سڀن کان، ڀلي تنهنجي ڀُون،

سدا جِيوين تُون!

توسان جُڳ جُڳاندر ڀاسن، ڏينهن مڙوئي ڏُون،

سدا جِيوين تُون!

سنڌڙي جندڙي، جندڙي سنڌڙي، ڇا جي تُون ۽ مُون،

سدا جِيوين تُون!

جِيوين جِيوين تون، سدا جِيوين تُون،

سدا جِيوين تُون!

امداد پنهنجي هڪ نظم ۾ سنڌ سان بي انتها محبت جو اظهار ڪندي چئي ٿو ته اي سنڌ منهنجي زندگي، منهنجي شاعري، سِڪ پريت، عشق عاشقي فقط تون ئي آهين. سنڌ جي ساراهه ڪندي چئي ٿو ته: تون غني آهين، تون سخي آهين، مسڪينن جو اجهو ۽ آڌر آهين. مطلب ته منهنجو سڀ ڪجهه تون ئي آهين.

منهنجي سنڌ جند تون ئي، منهنجي جند سنڌ تون ئي،

چَئي جا لطيف مُک سين، اها شاعري به تون ئي.

جِيُون جا پيا جڳت ۾، اها زندگي به تون ئي،

منهنجي سنڌ جند تون ئي، منهنجي جند سنڌ به تون ئي،

منهنجي سِڪ پريت محبت، منهنجي عاشقي به تون ئي،

منهنجي جوڙجيس جيڏي سَرتي سَکي به تون ئي،

منهنجي سنڌ جند تون ئي، منهنجي جند سنڌ به تون ئي.

سُوڙائتي سڳوري، غني ۽ سخي به تون ئي،

جنين جو ڌڻي نه سائين، تنين ڌُر ڌڻي به تون ئي،

منهنجي سنڌ جند تون ئي، منهنجي جند سنڌ به تون ئي.

منهنجو ٿر ملير مارُو، منهنجي مارُئي به تون ئي،

سکر ۽ بکر ڪراچي، مِٺي، اي مِٺي به تون ئي،

منهنجي سنڌ جند تون ئي، منهنجي جند سنڌ به تون ئي.

آخر ۾ امداد جو هڪ شاهڪار نظم پيش ڪجي ٿو، جيڪو ڏسڻ ۾ ننڍڙو نظر اچي ٿو، پر ان ۾ سمنڊ جيڏي گهرائي آهي ۽ پڙهندڙ ان مان ڪيترائي معنيٰ جا موتي حاصل ڪري سگهن ٿا، نظم ملاحظه فرمايو:

پهاڙن جنءَ سدائين ڳاٽ اوچي

سان جيئين جڳ ۾

چون ٿا چنڊ ۾ داغ، پر ناهي

سندءِ پڳ ۾

رهين محفوظ شل هر ناظروءَ جي

بدنظر کان تون

ڌڻي جي در دُعا آهي ته گهر گهر

خوش رهي تنهنجو

رهين شل سرخرو ۽ يار تنهنجا

شل رهن سَرها

اهو نيرو اهو گهرو سمندر خوش

رهي تنهنجو

فقيراڻي صدا آهي

”گوادر خوش رهي تنهنجو.“

امداد جي هن نظم ۾ ڀٽائي جي ڪلام وانگر لفظ سادا ۽ عام فهم آهن، پر انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ گوادر جهڙي گهرائي آهي. هي تاريخي نظر پڙهڻ کان پوءِ مون کي علامه نياز فتحپوري جي هڪ تاريخي ڪهاڻي ياد اچي وئي، جنهن جو عنوان آهي ”ڪاليگولا جا قهر“ ڪالي گولا روم جو شهنشاهه هو، هن پنج سال حڪومت ڪئي. پر ان عرصي ۾ هن وڏا ڪيس ڪلُور ۽ قهر ڪيا. هو ايڏا قهري ۽ زهري داستان ڇڏي ويو، جن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي، هتي ان ڪهاڻيءَ جو تَتُ پيش ڪجي ٿو.

هڪ ڏينهن ڪاليگولا پنهنجن اميرن سان سير سفر تي روانو ٿيو، هلندي هلندي هو بحيره نيمي تائين پهچي ويا، جنهن کي روم جا رهواسي ’ڊيانا جو آئينو‘ سڏيندا آهن. يعني ان کي جيوپٽر جي وڏي ڌيءَ ڊيانا (سير و شڪار جي ديوي) جنهن جو هيڪل (بت خانو) انهيءَ ڪناري تي اڏيل هو، بادشاهه کي اها جاءِ وڻي وئي، پنهنجي هڪ خادم کي چيائين ته مان ڪجهه ڏينهن هتي رهڻ ٿو چاهيان، هن وڃي اميرن کي اها ڳالهه ٻڌائي، هنن هڪدم ٻه وڏيون ٻيڙيون سهڻي نموني سينگاري، انهن تي شاهي سامان رکرايو. انهن ٻيڙين جا ڪجهه حصا عورتن لاءِ مخصوص ڪيا ويا، بادشاهه ۽ سندس امير ڪبير اتي موج مزي ۾ گذارڻ لڳا.

هڪ رات بادشاهه حڪم ڪيو ته راڳ ۽ رقص جو انتظام ڪيو وڃي، ٻيڙين ۾ ويٺل سڀ عورتون هڪ هنڌ ڪٺيون ڪيون ويون، هرهڪ عورت پنهنجي زبان ۾ پنهنجي محسن جا گيت ڳايا، هڪ عورت ڏاڍو ڏک ۽ درد ڀريو گيت ڳايو، جيڪو بادشاهه کي وڻي ويو. بادشاهه ان عورت کي پاڻ وٽ گهرايو. هُوءَ ڊڄندي ڏڪندي بادشاهه وٽ آئي، بادشاهه چيس ته ”ڊڄ نه، ٻڌاءِ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

عورت: ”منهنجو نالو سينا آهي.“

بادشاهه: ”تون ڪهڙي ملڪ جي آهين؟“

عورت: ”مصر جي.“

بادشاهه: ”تنهنجو پيءُ ڪير هو؟“

عورت: ”منهنجي پيءُ جو نالو بروڪلس هو، جيڪو روسي لشڪر جو هڪ سپاهي هو، هن هڪ مصري عورت سان شادي ڪئي هئي. جڏهن منهنجا پيءُ ماءُ مري ويا ته مون کي گرفتار ڪري هتي وٺي آيا.“

بادشاهه کيس چيو ته، ”اهو گيت وري ٻڌاءِ، جيڪو ٿوري دير اڳ تون هتي ڳائي رهي هئين.“ هن جو درد ڀريو آواز فضا ۾ گونجڻ لڳو، ان گيت جا ٻول هن ريت هئا:

دنيا ۾ ڪيترائي سمنڊ آهن

پر تون سڀني کان سهڻو آهين

دنيا ۾ ڪيترائي درياهه آهن

پر تون سڀني کان وڌيڪ حسين آهين

منهنجي ماءُ تنهنجي ڪناري تي

ڳائيندي هئي

منهنجا ڀائر تنهنجي ڪناري تي

کيتي ڪندا هئا

اي سڀني کان وڌيڪ سهڻا سمنڊ!

۽ سڀني کان وڌيڪ دلڪش درياهه!

ايترو ڳائي هُوءَ چپ ٿي وئي، بادشاهه جي اکين مان بي اختيار ٻه ڳوڙها ڳڙي پيا، کانئس پڇيائين ته ”تون ڪهڙي سمنڊ جي ڳالهه ٿي ڪرين؟“

عورت: ”اسڪندريه (مصر) وارو سمنڊ.“

بادشاهه: ”درياهه ڪهڙو؟“

عورت: ”نيل درياهه.“

بادشاهه: ”اهو گيت توکي ڪنهن سيکاريو هو؟“

عورت: ”جيجل امان.“

بادشاهه: ”مون کي به اهو گيت ياد آهي. منهنجي راڻي جوليا تنهنجي ماءُ وانگر اهو گيت ڳائيندي هئي، پر مون کيس ماري ڇڏيو.“

ائين چئي بادشاهه اداس ٿي ويو، پوءِ رات جي سانت ۾ ڪڪرن وانگر ڪڙڪو ڪري چيائين ته، ”آئينه ڊيانا هينئر ميرو ٿي ويو آهي، تنهن ڪري هتان ڪوچ ڪرڻ گهرجي. پر روانو ٿيڻ کان اڳ هتي ڪو يادگار ڇڏڻ ضروري آهي. سڀ ٻيڙين تان لهي خشڪي تي اچن ۽ ٻيڙين کي سوراخ ڪيا وڃن ته جيئن اهي سامان سوڌيون سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃن.“

اهو حڪم ڏئي بادشاهه ان عورت کي چيو ته، ”مان توکي پنهنجي شاهي محل ۾ وڏي مانَ ۽ مرتبي تي پهچائيندس. توکي پنهنجي باغ جو بهترين گل بڻائيندس.“ اهو ٻڌي هُوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. بادشاهه جي ان ڳالهه کيس خوشي بجاءِ ڏاڍو ڏکويو، ڇو ته هن کي پنهنجي وطن سان پيار هو. بادشاهي محل جي زينت بڻجڻ کان وڌيڪ کيس پنهنجو وطن پيارو هو. هُوءَ پنهنجي پياري وطن ۽ وطن وارن جي وڇوڙي ۾ ڏاڍي ڏکي  زندگي گذاري رهي هئي.

بادشاهه سمنڊ جي ڪناري هڪ مٿاهين هنڌ ويهي، ٻيڙين جي ٻُڏڻ جو منظر ڏسي رهيو هو، ته اوچتو هڪ ٻيڙي مان آواز آيو، ”اي منهنجا سهڻا سمنڊ! اي منهنجا پيارا درياهه!“

بادشاهه کان ڇِرڪ نڪري ويو. هن مصري عورت جو آواز سڃاڻي پڇيو ته ”هُوءَ ڪٿي آهي؟“ اهو ٻڌي سڀ چپ ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته هُوءَ ٻيڙيءَ تان هيٺ نه لٿي هئي، پنهنجا پساهه پورا ڪرڻ لاءِ اتي ويٺي رهي، هوريان هوريان سموريون ٻيڙيون سمنڊ ۾ غرق ٿي ويون ۽ انهن سان گڏ ان مصري وطن پرست عورت جو گيت لهرن ۾ لُڙهي ويو، پر اهو وطن جي حُب وارو گيت بادشاهه جي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. بادشاهه جي اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي واريءَ ۾ گُم ٿي ويا.

 امداد حُسيني: شاعريءَ جو بي تاج بادشاهه

 

عنايت بلوچ

 

 

 

  ”ڀلا عنايت تي امداد ڪڏهن ٿيندي؟“

”جڏهن امداد تي عنايت ٿيندي.“

اِهي هئا منهنجا ۽ امداد حُسيني (مرحوم) جا جملا، جيڪي جڏهن به هڪ ٻئي سان ملندا هئاسين ته وري وري پيا هڪ ٻئي تي ورجائيندا هئاسين.

... پر جڏهن به ڇو، 73-1972ع جي ٻن سالن ۾ ذري گهٽ روزانو نه ته ٻئي- ٽئين ڏينهن، براڊ ڪاسٽنگ هائوس حيدرآباد ۾ پيا ملندا هئاسين. ان دؤر ۾ آءٌ ڪراچيءَ مان پروگرام مئنيجر جي حيثيت ۾ ٽرانسفر ٿي ريڊيو حيدرآباد تي آيو هئس. ڇا ته اهو به ريڊيو جو دؤر هو. مشهور براڊڪاسٽرجناب ايم. بي انصاري اسٽيشن ڊائريڪٽر هو. ٻه پروگرام مئنيجر هئا: هڪڙو هو اُٺ ڪتابن جا پڙهيل ۽ ڊراما پروڊڪشن ۾ مهارت رکندڙ جناب مراد علي مرزا ۽ ٻي هئي مسز عابده خالد، ٽيون آءٌ به اچي ويس. پروڊيوسرن ۾ سينيئر ترين سينيئر پروڊيوسر هو. خواجا امداد علي جيڪو موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. ٻيا پروڊيوسر به اهڙا ته ڪمال جا براڊ ڪاسٽر هئا جو ريڊيو پروڊڪشن ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کٽڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا هئا. موسيقيءَ جو ماهر غلام حسين شيخ هو جيڪو اڳتي هلي عابده پروين جو جيون ساٿي بڻجي ويو. انور بلوچ، نعيم مرزا، نور اظهر جعفري، محمد علي مغل (مرحومين) ۽ محمود صديقيءَ جهڙا اورچ ۽ محنتي پروڊيوسر ڏينهن رات پنهنجن پروگرامن کي چار چَنڊ لڳائڻ ۾ مصروف ۽ مست مگن رهندا هئا. 1972ع ۾ ئي عابده پروين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڳائڻ شروع ڪيو. منهنجي سربراهيءَ ۾ ئي عابده آڊيشن ٽيسٽ ۾ پاس ٿي. آڊيشن بورڊ ۾ غلام حسين شيخ، نعيم مرزا ۽ انور بلوچ منهنجا ساٿي هئا.

انهي ئي دور ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان بهترين ڊراما ۽ فيچر به پروڊيوس ٿيا ته گيتن ڀريون ڪهاڻيون به نشر ٿينديون هيون.

امداد حُسيني، سحر بلوچ (سحر امداد ڪجهه عرصي کان پوءِ ٿي) سان گڏجي تقريبن روزانو ريڊيو تي موجود هوندو هو. جيتري سُونهن ۽ ڪشش امداد جي تحريرن ۾ هئي، اوتري ئي مقناطيسي ڪشش امداد ۽ سحر جي عشق ۾ به نمايان نظر ايندي هئي. گهمڻ ڦرڻ، اُٿڻ ويهڻ به گڏ ته پروگرامن ڪرڻ وقت به هر وقت هڪ ٻئي سان گڏ. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان عشق چوٽ چڙهيل هو. بهرحال آفرين هجي ٻنهي کي جو محبت ۾ هڪ ٻئي سان وفاداري نڀائيندي، اڳتي هلي هڪ ٻئي جا جيون ساٿي بڻجي ويا. سندن پيار جا پيوند هڪ ٻئي سان ايڏا ۽ ايترا ته پختا پيل هئا جو هڪ دفعو ’هڪ‘ ٿيڻ کان پوءِ نه هڪ ٻئي کان ٽٽا نه وري ڌار ٿيا. ميڊيا جي دنيا ۾ ڪيترائي عشق مون ناڪام ٿيندي ڏٺا آهن پر امداد ۽ سحر جو عشق، نئين نسل لاءِ محبت ۾ وفاداري ۽ سچائيءَ جو سنيهو ثابت ٿيندو.

... سو ڳالهه پئي ڪيم ته اهو ئي دور ريڊيو ڊرامن، فيچرن ۽ گيتن ڀرين ڪهاڻين جي عروج جو دور هو، جنهن ۾ امداد پنهنجي تيز تر پر معياري تحريرن ذريعي ڪمال ڪري ڏيکاريندو هو. ڊراما به لکيائين، فيچر تحرير ڪيائين ۽ ڪيتريون ئي خوبصورت گيتن ڀريون ڪهاڻيون به سندس قلم جي نوڪ مان نڪري ٻڌندڙن جي ڪنن کي سرور بخشينديون رهيون. سندس گيت، ڪهاڻي، ڪافي مشهور ٿي ۽ سندس ٻه ٻيون ڪهاڻيون، جيڪي مون کي هينئر ياد پون ٿيون سي هيون، ’رات ڪا برسات جي‘ ۽ ’راتيون جاڳن جي‘. ٻنهي ڪهاڻين لاءِ سامعين جا بيشمار خط اسان کي پهتا جن ۾ انهن ڪهاڻين کي ٻيهر (نشر- مڪرر) نشر ڪرڻ جو زور ڀريو ويو. ڪجهه مهينن جي مناسب وقفن کان پوءِ اسان اُهي ڪهاڻيون ٻيهر ۽ ٽيهر به نشر ڪيون. امداد جي ڪهاڻين کان متاثر ٿيندي مون به ٻه ڪهاڻيون ريڊيو لاءِ لکيون. هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان هو ’پَسي ڏک مَ ڏر‘. منهنجي لکيل ۽ غلام حسين شيخ پاران پروڊيوس ڪيل ڪهاڻي جڏهن امداد  ريڊيو تي ٻڌي ته ٻي ڏينهن تي منهنجي آفيس ۾ آيو، اچڻ شرط وڏو ڀاڪر پائي مون سان مليو ۽ مبارڪباد ڏيندي چيائين: ”عنايت واهه جي ڪهاڻي لکي اٿيئي.“

امداد حُسيني ريڊيو لاءِ ڪافي ڊراما به لکيا. ڪجهه سندس مشهور ڊراما جيڪي هينئر ياد اچن ٿا سي آهن: ’آسَ‘، ’واچوڙن ۾ لاٽ‘ ۽ ’ڪي ويجهائي ڏور‘. امداد رڳو ڊراما، فيچر ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون نه لکيون پر اسان جو جڳ مشهور پروگرام ”نئون سِج“ جيڪو صبح جو 8:10 منٽن تي نشر ٿيندو هو، ان جا اسڪرپٽ به لکيائين.

مون ريڊيو جي نوڪريءَ جي پوري عرصي ۾ ٻه ليکڪ اهڙا ڏٺا جيڪي تمام تيزيءَ سان لکندڙ ۽ معيار کي به قائم ڪندڙ هئا. حيدرآباد ۾ امداد حُسيني ۽ ڪراچيءَ ۾ قمر شهباز تيز تر ليکڪ مون ٻيا به ڏٺا آهن، جيئن قاضي خادم، علي بابا، شوڪت شورو، عبدالقادر جوڻيجو، فيرزوالدين احساس، حيات علي شاهه بخاري، ماڪن شاهه رضوي وغيره پر جي انهن سان لکڻ ۾ تيزي ڪبي هئي ته معيار کي قائم نه رکي سگهندا هئا. سائين حميد سنڌي سان ته تڪڙ ڪرڻ جي حُجت ئي نه ڪندا هئاسين، هو پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ هوندو هو، جڏهن وڻيس ته لکي ڏئي پر جي موڊ نه ٿئيس ته ڀلي مهينا گذريو وڃن. جڏهن به ڪنهن سخت ضرورت (Emergency) ۾ حيدرآباد ۾ ڪو موضوعاتي ڊرامو، فيچر يا ڊاڪيومينٽري لکرائڻي هوندي هئي ته نظر ڊوڙائي ڊوڙائي وڃي امداد تي کُپندي هئي. ساڳيءَ طرح ڪراچيءَ ۾ وري اسان جو پسنديده ليکڪ قمر شهباز هوندو هو جيڪو (Emergencies) ۾ اسان جي ڪم پيو ايندو هو.

سحر سان گڏجي امداد منهنجي آفيس ۾ اڪثر پيو ايندو هو، جتي هڪ ٻئي سان وڏيون ادبي ڪچهريون ويهي ڪندا هئاسين پر گهڻو ڪري اسان ٻئي هڪ ٻئي کي لطيف سائينءَ جا بيت ويهي ٻڌائيندا هئاسين. امداد کي لطيف سائينءَ جي نج نبار ٻولي خوب سمجهه ۾ ايندي هئي. هڪ ڀيري امداد مون کي چيو: ”عنايت لطيف منهنجو روحاني رهبر ۽ مرشد اٿيئي.“ جڏهن مون به ڀٽائيءَ جي باري ۾ لڳ ڀڳ ساڳيا لفظ دهرايا ته مرڪندي مون کي چيائين:

”اهو ئي سبب آهي عنايت! جو پاڻ ۾ جڏهن به ملون ٿا ته رڳو لطيف کي ويٺا ٿا اوريون.“ ان تي سحر چيو ته ”پليز اڄ هڪ ٻئي کي پنهنجا شعر به ضرور ٻڌايو. سحر جي زور ڀرڻ تي امداد پهريون پنهنجو نئون نڪور نظم ۽ بعد ۾ غزل ٻڌايو ۽ مون به پنهنجو غزل پيش ڪيو. هڪ ٻئي کي دل کولي داد به ڏنوسين، جهڙوڪر هڪ ننڍڙي مشاعري جي محفل ٿي وئي.

هاڻي امداد جي شاعريءَ بابت:

ان ڳالهه ۾ رتيءَ ماتر به وڌاءُ ڪونهي ته امداد حُسيني، پنهنجي لاڏاڻي وقت هن دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو. بنيادي طرح هو هڪ رومانٽڪ شاعر آهي، پر سنڌ ۽ شاهه سندس ساهه ۾ سمايل آهن. ان ڪري مختلف حوالن سان سنڌ جي باک جي ساک ۽ لطيف جي عظمت جا بيشمار حوالا سندس تخليقن ۾ موجود آهن.

سنڌڙي سُر سنگيت سڳنڌ،

مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ.

سنڌڙي جندڙي ساهه پساهه،

سُرهو آهي هرڪو سنڌ.

لطيف هوندي ڇا جو ڀئو،

سورج هوندي ڪهڙو اَنڌ.

يا

سنڌ جي ڳالهه ڪريو،

ڳالهه نه ٻي ٻڌنداسين.

امداد حُسينيءَ جي تخليق بنهه نئين نڪور، اوريجنل (Original)، انوکي، وڻندڙ ۽ سهڻن لفظن جي سٽاءَ سان سينگاريل، نين تشبيهن، نرالي اسٽائيل ۽ بيهڪ سان جڙيل شاعري آهي. سندس نظمن، گيتن ۽ غزلن ۾ ڀرپور منظرنگاري، ترنم ۽ نغمگيءَ جي دلڪشي نهايت ئي نمايان آهي.

عشقيه شاعريءَ ۾ لفظ به ايڏا ته پيار ۾ ٽمٽار ۽ پُرڪشش ٿو استعمال ڪري جو چئجي ته تُز ۽ دل ۾ گهر ڪري ويندڙ لفظن جو اهڙو دل لڀائيندڙ ڏانءُ شايد فقط امداد کي ئي اچي ٿو. ڪنهن به وڏي شاعر جي امتيازي نشاني اها آهي ته وٽس لفظن جو انمول ذخيرو وقت سِر خودبخود شاعر جي حضور ۾ پنهنجي حاضري لڳائيندو آهي ۽ امداد اهڙن انمول لفظن جي ڌُڻن جو ڌنار بڻجي پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙا لفظ ائين فٽ ڪندو آهي جيئن مُنڊيءَ تي ٽِڪ فٽ ٿيندي آهي:

اکڙيون کڻيو جُهڪائين، جهڪايو وري کڻين،

منظر هي شاعريءَ ۾ ڀلا ڪيئن ادا ڪجي.

*

آواره بادلن جي پٺيان ڪهڙو ڊوڙبو،

امداد آهي رول، تون موتي ايئن نه رول.

*

عيد جو چنڊ ته ناهيان، جو نهارين مون کي،

مان ويل وقت ته ناهيان جو پُڪارين مون کي،

تنهنجي تصوير ته ناهيان جو ڏِسيو پيئي ڏسين،

تنهنجو آئينو ته ناهيان جو اُجارين مون کي.

*

مٿي ڏنل شعرن جو انداز انوکو ۽ اسٽائيل نرالي آهي، جن ۾ ڀرپور بيساختگي آهي ۽ پڙهندڙ هڪ نظر ۾ ئي شاعريءَ جو اهو انداز فقط امداد جو ٿو سڃاڻي وٺي.

سندس ڪلام جي ڀرپور منظرنگاري، ترنم ۽ نغمگيءَ جا ڪجهه وڌيڪ مثال پيش ڪجن ٿا:

اوهان کي ته هَٿُ هَٿَ ۾ ڏيئي هلڻ وارا،

هر موڙ تي، دوست ملندا ئي رهندا،

اسين زندگيءَ جي حسين ۽ جوان،

شاهراهن تي تنها جي آهيون ته ڇاهي.

اوهان جي اڳيان سربسجده رهيون،

عزتون زندگيءَ جون خوشيون، نيڪ ناميون،

اسين بيوفا اکڙين جا ڪُٺل،

هن زماني ۾ رسوا جي آهيون ته ڇاهي.

واهه امداد واهه! اهڙا شعر، اهڙي خوبصورتي ۽ نغمگيءَ سان لکڻ جو ڏانءَ شايد فقط اوهان کي ئي ايندو هوندو.

يا

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي،

اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.

اسين آهيون شبنم ۽ هو گل گلابي،

اسان جي روئڻ تي هو کِلندا ته هوندا.

*

ٺيٺ رومانس ۽ عشق جي واردات جي اهڙي دلڪش منظرنگاري شايد ئي ڪٿي نظر آئي هجي. جنهن جي جهلڪ هيٺين خوبصورت سٽن ۾ بَکندي نظر اچي ٿي:

ڪاش! مان چنڊ هجان، تنهنجي اڱڻ تي اُڀران،

نِنڊ ۾ ڪيئن ٿي لڳين، ٽِڪ ٻڌي ڏسندو ئي رهان.

تنهنجا چَپ، تنهنجون اکيون، تنهنجي ادائن کي چُمان،

اوٽ ڪڪرن جي وٺي، توکي پَسان، پيار ڪريان.

رات جي پوئين پَهر، تنهنجي ئي وارن ۾ لهان،

شام جو تنهنجي ئي چهري مان اکيون مهٽي اُٿان.

*

قومي درد ۽ انساني احساسن جا اُڌما ۽ اوسيئڙا به امداد جي شاعريءَ ۾ جاءِ بجاءِ سمايل آهن. فطرت جو حُسن، سڄي سنسار جي سُونهن، مثلاً سمونڊ جون سِيرون، درياهه جون مست ڇوليون، بهار جون بوندون، چمن جو چهچٽو، گلاب جا گُل، سورج، چنڊ، ستارا، سوري ۽ سيج، لاوارث معصوم ٻارڙن جي ڏکوئيندڙ تصوير- مطلب ته سندس شاعريءَ جا وڌندڙ پاڇا ۽ پُر پيچ پيچرا ايترا ته وسيع آهن جو نظر ته کُٽي ٿي وڃي مگر امداد جي شاعريءَ جي وسعت جون سرحدون اڻ کُٽ نظر اچن ٿيون. وري ڇا ته معنائون ۽ مفهوم، جوش ۽ جذبا، اُمنگون، احساس ۽ ارمان پنهنجي تخليقن ۾ ويهي اوتيا اٿس جو سندس شاعري پڙهندي زبان مان اوچتو ۽ غير ارادي طور وهه-واهه جي دانهن نڪريو ٿي وڃي.

عشق جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا،

تون نه هل، تنهنجو صبا جهڙو خرام،

تون نه کِل، جان بهاران تون نه کِل،

هر طرف آهي گلن جو قتل- عام.

تنهنجي ٻانهن ۾ گلابي چوڙيون،

تون نه کڻ، پٿر هٿن ۾ تون نه کڻ.

*

ڪتاب ’هوا جي سامهون‘ ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي امداد جو نظم ’جاڙيون قبرون‘، (يعني علامه آءِ . آءِ. قاضي ۽ مدر ايلسا قاضيءَ جون قبرون) پڙهي جيءُ جهري ۽ هيانءُ هڄي پيو. 126 سِٽن تي مشتمل هي طويل ترين نظم، امداد يقينن ڏاڍي ذهني ڪوفت ۽ اذيت مان لکيو هوندو. نوجوان نسل جي اَدن ۽ اَدڙين کي اهو نظم ضرور پڙهڻ گهرجي. ان نظم جو تَت مختصر طور هن طرح آهي:

اي نوجوانو! تعليم حاصل ڪري اوهان جيڪي هيڏا سارا وڏا رتبا ماڻيا آهن. اُهي ان عظيم هستي علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ڪري اوهان کي مليا آهن، جيڪو سنڌ جو ڏاتار ۽ روشنيءَ جو هڪ بُلند مينار هو. پر افسوس جو سندس مزار تي نه ته ڪو بلب روشن آهي ۽ نه وري ڪا ڏِيئي جي لاٽ ئي ٽمڪي ٿي.

علامه صاحب جي روحاني پُٽن (سڀڪو سمجهي ٿو ته روحاني پُٽن جو اشارو هڪ مشهور قانوندان ڏانهن آهي) به ٻوٽو ڪونه ٻاريو. اُهي ته سنڌ جي انهن شهيدن ۽ ڪونڌرن جي ڪسڻ تي پڻ نڪي لڇيا نڪي تڙپيا، جن کي بيدرد سماج جي ظالمن گولين جو نشانو بڻايو هو. اُهي روحاني پُٽ نظريئه- ضرورت جا گهڙيندڙ، هر دور جا چنيسر، منافق ۽ دشمنن جا ايجنٽ هئا... پر حقيقت ۾ علامه صاحب جا وارث روحاني پُٽ نه پر سنڌ جا اُهي سورهيه ۽ سچا سپوت آهن جي سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ دشمنن سان وڙهندا رهيا ۽ وڙهندا رهن ٿا، اُهي ئي دودا دلير ۽ جوڌا آهن جن جا قدم سنڌ جي حقن وٺڻ لاءِ اڳتي ... اڃا اڳتي وڌندا رهن ٿا. سندس جيءُ جهوريندڙ ۽ اندر جي اُڌمن سان لکيل هن نظم جون چند خوبصورت سِٽون مهربان پڙهندڙن جي مطالعي لاءِ هتي لکان ٿو:

ايندا اڃا پڙهڻ جي،

سڀ نسل تنهنجا منهنجا،

جيڪي ڄميا ۽ ڄمندا،

ان راهه تي ئي رمندا،

هوشوءَ جي هوڏ وارا،

هيمونءَ جي لوڏ وارا،

دولهه جي ڌاڪ وارا،

حيدر جي هاڪ وارا،

بختاورون ۽ ٻاگهيون،

اختر رياض جهڙيون،

سي هن عظيم پيءُ جو،

اولاد ئي ته آهن،

پونيرَ اُهي ئي آهن،

وارث اُهي ئي آهن.

*

علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي هستي ايڏي ۽ ايتري ته عظيم هئي جو اسان جو شاعر کين ڀيٽا ڏيڻ وقت سوچي ٿو ته اُهي لفظ ڪٿان آڻيان ۽ ڪهڙيءَ ريت بيان ڪريان ته روشنيءَ جي هن بلند مينار جي مزار تي ڇا ڇا ٿيڻ گهرجي. منهنجي دل ته چوي ٿي ته امداد جي شاعري ئي هتي لکي ڇڏيان پر مضمون تمام طويل ٿي ويندو، ان ڪري ان کي مختصر ڪندي لکان ٿو ته امداد، علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي مزار تي ڇا ڪرڻ ٿو چاهي:

”ويران مقبري ڏي آسائيتن اکين سان ڏسي سوچيان ٿو ته هن مقبري جي اوسي پاسي ڪو اوپن ايئر ٿيئٽر (Open Air Theater)، آڊيٽوريم يا ميوزيم هجي جتي علامه صاحب ۽ مدر ايلسا جون يادگار تخليقون ۽ چترڪاريون سجائجن. اتي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جا ميڙا مچندا رهن، ڪي مشاعرن جون محفلون، راڳ جون رهاڻيون رچن، ڪهاڻين، ڪٿائن ۽ آکاڻين تي بحث مباحثا ٿين، سگهڙن جون ڪچهريون ۽ نڙ بيت جون صدائون گونجن.

اهڙين محفلن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، شمشير، تنوير، جويي، سراج، مشتاق، علي، ماڻڪ، مرزا قليچ بيگ، سانگي، سامي، سچل ۽ شاهه لطيف تي مقالا پڙهجن ۽ محفلون رچايون وڃن.

توڙي جو مضمون جي طوالت کان ڊڄان ٿو، پر دل تڏهن به چاهي ٿي ته امداد جي شاعريءَ سان ئي علامه آءِ. آءِ. قاضي جي ڀيٽا (Tribute) کي اختتام تي پهچايان.

هٿرادو مسئلن مان،

فرصت ڪڏهن ملي جي.

آفيس مان به نڪرو،

سَڌ پنڌ مقبري ڏي.

اي- سي منجهان اي صاحب

ڪجهه دير لاءِ نڪري

تازي هوا به کائو

ڪجهه پيرڙا ڀريو جي

ٻيو ڪجهه نه ٿا ڪريو جي،

بس ايترو ڪريو جي

جنهن شخص نُور جي نئن،

هر روح ۾ وهائي

ان شخص جي قبر تي،

ٺِڪر جو هڪ ڏيو ئي

روشن کڻي ڪريو جي

آفيس کان اوهان جي،

سڏ پنڌ تي جو آهي.

قاضي ۽ ايلسا جو،

سو مقبرو ڏٺو ٿَوَ.

*

سڄي سنڌ جا عالم، اڪابر، اديب، شاعر ۽ دانشور گڏجي به علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي عظمت کي ڀيٽا ڏين تڏهن به علامه صاحب جي ڪيل خدمتن جو حق ادا نه ٿي سگهندو. پر تڏهن به لکت جَس لهڻي امداد، جنهن پنهنجي حصي جي ڀيٽا جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. آفرين- صد آفرين امداد!

اهڙيءَ طرح س الف بي (يعني سنڌي ادبي بورڊ) به امداد جو طويل نظم آهي پر ايترو طويل نه جيترو ’جاڙيون قبرون‘ آهي. سين الف بي ۾ امداد بيحد ڏکارو ۽ روئڻهارڪو ٿو ڀاسجي. هو ڏينهن رات پنهنجون ننڊون ڦٽائي، محنت ۽ مشقت ڪري اڻ سنوريل ادبي بورڊ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر هو بيوس آهي جو پرنٽنگ پريس جي مشين بند پئي آهي، نتيجي ۾ ادبي بورڊ جي رسالن ’گُل ڦُل‘ ۽ ’سرتيون‘ جي ڇپجڻ ۾ ڪافي دير ٿي وئي آهي ۽ امداد کي اها اون لُڄائي ۽ تڙپائي ٿي ڇڏي، تڏهن هو درد مان دانهن ٿو ڪري ته:

ننڊ منهنجي ئي ڇو ڦٽل آهي،

ساري جنهن جي جوابداري آ،

سو ته آرام سان ستل آهي.

*

ڪا ڇَپر ڇانوَ ڪانه آ سِر تي،

۽ اکين منجهه لڙڪ بوند آهي.

*

امداد پنهنجي هڪ نظم فرياد (لطيف جي حضور ۾) ۾ لطيف سائينءَ وٽ دانهين ٿيو آهي ته اي لطيف! پنهنجي سنڌ جو نقشو ۽ سندس ابتريءَ وارو حُليو اچي ڏسندين ته پنهنجي سنڌ کي تون هرگز سڃاڻي نه سگهندين ته هيءَ اُها سنڌ آهي جنهن جي سورمين ۽ ماڳن مڪانن کي تو پنهنجي بيتن ۽ واين ۾ امر ڪري ڇڏيو هو. امداد لطيف کي وينتي ٿو ڪري ته اي لطيف! جي تون آسمانن کان هيٺ لهي زمين تي ايندين ته نه رڳو ڪافر سڏبين پر ڏاڍا ڏک ڏولاوا ڏسندين. تنهنجي مارئي اڃا قيد ۾ آهي ۽ مارُن تي عمرن جا آزار، ظلم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ اڃا به جاري آهن. نوريءَ جي ڪينجهر ۾ اُتر واءُ به نه ٿو لڳي جو اُها هندورو بڻجي وڃي. نه اُها مومل رهي آهي نه اُها ڪاڪ جن کي ڏسي تون روئي ڏيندين. ٻيجل پنهنجي ٽٽل ساز تي روئي رهيو آهي. هن نظم مان ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا.

”آسمانن تي مٿي ڏاڍو مٿي ويهي رهين،

هيٺ ڌرتيءَ تي جي ايندين به ته ڪافر سڏبين،

هاڻ نوريءَ جي نگاهن جي سنهري ڪينجهر،

لک اُتر واءُ لڳي، پر نه هندورو ٿيندي،

هاڻ ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ٿا رڙن ڪنگ ئي ڪنگ،

حال احوال جي اوريون به ته ڪنهن سان اوريون،

جي سڃاتئي به ته ٻارن جيان روئي ڏيندين،

پوءِ ڪير آهي جو تو کي اچي پرچائيندو،

پوءِ ڪير آهي جو تو کي اچي سمجهائيندو،

۽ اسين اڳ ئي دکي آهيون، اسان جو دامن،

پنهنجي لڙڪن جي اگهڻ لاءِ به پنهنجو ڪونهي،

ڪو به بيداد جي ڀنڀور ۾ ڪنهن جو ڪونهي.“

*

امداد جي شاعريءَ جي ڪتاب ’هوا جي سامهون‘ جو مهاڳ سحر امداد خوب کان خوبتر لکيو آهي. آءٌ سندس مهاڳ مان هِتان هُتان ڏنل حوالن کي يڪجا ڪري مختصر طور هتي لکي رهيو آهيان.

”امداد جي شاعريءَ جا گوناگون ۽ ڪڏهن ڇرڪائيندڙ ۽ انوکا موضوع، هن جي شاعريءَ جو سهڻو سٽاءُ، هن جو الڳ ۽ نرالو اسٽائيل، هن جو بيحد منفرد ۽ جاندار ڊڪشن (Diction)، هن جي شاعريءَ جي نغمگي ۽ آهنگ، هن جي شاعري جو لوچ ۽ رس، هن جي شاعريءَ ۾ موجود رومانيت جو رنگ، هن جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقيت جو رنگ، صرف امداد جو ئي، صرف امداد وٽ ئي آهي. سندس آزاد نظم ۽ ان ۾ هيئت جا تجربا توڙي معنوي ۽ علامتي اشارا سندس فن کي حيات دوام بخشي چڪا آهن. ان سلسلي ۾ ’حملو، ’گهر جي ياد‘، ’بدلو‘، ’واپسي‘، ’انتظار‘،
’جنگ‘، ’طلوع‘، ’شرط‘ ۽ ’ماحول‘ وغيره شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.“

هاڻي ڏسون ٿا ته ٻيا مفڪر ۽ دانشور امداد جي شاعريءَ جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ٿا رکن. مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ جي شاعر نمبر ۾ لکي ٿو:

”امداد حُسينيءَ جو فن، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ جديد هيئت ۽ اسلوب جي انوکن ۽ دلڪش تجربن جي ڪري هڪ ’فني علامت‘ بڻجي چڪو آهي.“

ڊاڪٽر تنوير عباسي، امداد کي هنن لفظن سان ڀيٽا ٿو ڏئي:

”امداد حُسيني هن دؤر جو اُڀرندڙ ستارو آهي. سندس غزل البيلا آهن ۽ نظم ڳنڀير. هن نهايت ڪامياب آزاد نظم لکيا آهن. هن وٽ بين الاقوامي شعور آهي. هن جي نظم ۾ سڄي دنيا جون پڪارون آهن. هو صحيح معنيٰ ۾ آفاقي آهي، سندس نظم ’حملو‘ ان جو مثال آهي. هن جا ڪي نظم پنهنجي ماحول تي ڀرپور وار آهن. سندس لفظ توريل تڪيل ۽ تشبيهون ۽ عڪس چِٽا ۽ Focused آهن.“

ڊاڪٽر الياس عشقي امداد لاءِ هن طرح رقم طراز آهي:

”امداد حُسينيءَ جو اهو زمانو جنهن جو مان ذڪر ٿو ڪريان International Thinking جو زمانو هو، جيڪو ان کان اڳي به ڪونه هو، ان کان پوءِ به نه. هو محدود نه هو، هن وٽ بين الاقواميت هئي، آفاقيت هئي. مون سندس نظم ’حملو‘ ترجمو ڪيو هو،جيڪو نظم اردو ۾ ايترو Forceful ٿي سگهي ٿو . اهو نظم سنڌيءَ ۾ ڪهڙو هوندو. هي هڪ International  نظم آهي. هن ۾ بين الاقوامي خيالات آهن ۽ هي لامحدود آهي. پڪ اٿم اڄ به هن جو نئون ڪلام اهڙو ئي هوندو. اهو آهي اصل امداد حُسيني.“

ننڍي کنڊ هند جو مشهور معروف ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا، امداد بابت پنهنجي راءِ جو اظهار هن طرح ٿو ڪري:

”شاهه لطيف جي ورسيءَ تي ڪراچي ٽي. وي تان خاص مشاعرو ٿيو جنهن جي صدارت ڀاءُ امداد حُسيني ڪئي، اُهو مان ٽي. وي تي نه ڏسي سگهيس.“

هتي اسان وٽ هڪ نقاد آهي هرچند اجهل. توکي عجب لڳندو ته هن کي اياز کان وڌيڪ امداد جي شاعري وڻندي آهي. ٻيو امداد جو چاهڪ آهي ايم ڪمل جو خود به سٺو شاعر آهي. ان فهرست ۾ مان نٿو اچان شاعريءَ جو قدر ڌاريا ڪندا آهن، گهر جا ڀاتي نه ڪندا آهن. مان ته امداد جو ڀاءُ آهيان نه.“

قمر شهباز جيڪو پاڻ به وڏو شاعر، ڊراما نويس ۽ برک ڪهاڻيڪار آهي، امداد لاءِ پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ٿو ڪري:

”امداد حُسيني جهڙو پاڻ کرو ۽ کهرو آهي سندس ڪَلا پڻ اوتري ئي Original آهي. جيئن سوچي ٿو، ايئن لکي ٿو. سندس جوت مان روشنين جو آبشار ڦٽي نڪتو آهي. نوان ليکڪ امداد جي فن جي رهنمائيءَ ۾ انهيءَ Raw Truth کي جيئن پوءِ تيئن وڏي ۽ وسيع پيماني تي ڦهلائي رهيا آهن. اها ڪا گهٽ ڪاميابي آهي ته ڪو اوهان جي ذهن کي پنهنجو ذهن ۽ سوچ کي پنهنجي سوچ سمجهي. آرٽ ۾ اهڙا رويا تحريڪن کي جنم ڏيندا آهن.“

1965ع ۾ جشن روح رهاڻ جي موقعي تي بيگم زينت عبدالله چنا امداد کي دعائون ڏيندي چيو:

”سنڌ جا پيارا سپوت! شل جُڙيو جيئرو رهين ۽ تنهنجي ڪلام ۾ اڃا گهڻو درد ۽ اثر پيدا ٿئي جو دلين کي گهائل ڪري ڇڏين.“

جيئن ته امداد ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن، پنهنجي ڪچهريءَ ۾ هڪ ٻئي کي پنهنجا شعر ويهي ٻڌائيندا هئاسين جنهن جو مختصر طور پنهنجي مضمون ۾ ذڪر به ڪيو اٿم، ته مناسب ٿو سمجهان ته پنهنجي چؤسٽي ۾ امداد کي ڀيٽا پيش ڪندي پنهنجو مضمون ختم ڪريان.

روح روان ريڊيو جو ۽ پڻ لطيف- ڄاڻُو، اديب شاعر،

 ڊراما، فيچر، گيت، ڪهاڻيون، هر فن جو امداد هو ماهر،

راتين جو هُو لکندو هو، توڙي جو سحر ٿي ويندي هئي

هن جهڙو ڪو ٿيو نه عنايت، آهي حقيقت صاف هي ظاهر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org