سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 01/ 2023ع

باب:

صفحو:10 

تون نه ڏِس، تنهنجون ڪنول جهڙيون اکيون

احمد سولنگي

 

 

امداد حُسينيءَ ئي مون کي شاعريءَ جي ڪاڪ جي نديءَ تي  آندو، مون اهو نديءَ جو پاڻي پهرين شربت پي سمجهو، اڳتي هلي سُڌ پئي ته اهو پاڻي، پاڻي ڪٿي آهي؟

اهو ته ڏات جي مومل کي ماڻيندڙ مينڌرن جو نسورو رَتُ آهي، پر اڄ تائين امداد حُسينيءَ جي شاعري منهنجي روح کان پري ڪٿي رهي آهي؟ نه ئي امداد جهڙو محبوب ۽ دلربا شخص مون کان پري رهيو آهي!

سچ جي ڳنڍ ته اُتان کُلي ٿي ته جيڪڏهن امداد نالي ڪوبه شخص منهنجي پيشروئن ۾ سچو رومانوي شاعر پيدا نه ٿئي ها ته شايد مان اڄ شاعر به نه هجان ها.

امداد حُسينيءَ جي بامراد ڪچهرين مان، مون کان سچ پڇو ته، مون تمام گهڻو ئي پرايو آهي.

مون امداد حُسينيءَ کي پنهنجي ڪلام جي بي ترتيب عبارت به ڏيکاري آهي، ته امداد کان پنهنجي بي ترتيب ڪلام جي باڪمال ترتيب به مون پاڻ، چاهي گهُري ورتي آهي.

امداد منهنجي شاعريءَ جو پهريون ڏاڪو به آهي، ته امداد سان منهنجي عاشقانه رقابت به رهي آهي.

مون شِيخ اياز سان امداد حُسينيءَ جي ڪڏهن به ڀيٽ نه ڪئي آهي، ڇو ته عروض، نغمگيءَ، ترنم، لي، روانيءَ ۽ رڌم کان سواءِ به امداد شعري اتهاس ۾ گهڻو، گهڻن کان اُتامرو آهي.

امداد وٽ جيڪو نبار داخليت جو آڪاس منڊل آهي ۽ جيڪو هڪ حساس فنڪار جو اصلوڪو پڻ آهي، اهو ڪنهن به امپورٽ نظريي جي ڪَڙَ، ڪنڌيءَ ۽ رستي جو محتاج نه آهي ۽ نه ئي فقط هڪ شخصداريءَ جي چوڌاري ڦري ٿو، پر امداد جي داخليت زماني جي مشترڪ درد جي ضمانت آهي. امداد گهڻن کان گهڻو مٿي آهي ۽ الڳ هڪ ڪوتاڪار آهي.

امداد آرٽ کان آرٽ جو عظيم ڪم ورتو آهي، پنهنجي آرٽ کي ڪڏهن به ڪنهن نعري تي قربان ناهي ڪيو، پر جيڪڏهن امداد نعري کي به پنهنجي شدتن آڌار اظهاريو به آهي ته، ان نعري کي بهترين آرٽ جي نغمگي ڏئي، ان کي تخليقيت جي زندگي بخشي ڇڏي آهي.

خاص طور تي امداد جو غزل نهائين منجهان نڪتو آهي، پر سمجهڻ جي ڳالهه اها به آهي ته نهائين دکي ڪيئن ٿي؟ ۽ ان کي دکائي ڪير ٿو؟

امداد ڪڏهن به پاپولرٽي (سستي شهرت ڪمائڻ) لاءِ ناهي لکيو.

امداد زخم کي گل، ستم کي ڪرم، لڙڪ کي مرڪ ۾ اُٿلائي لکيو آهي، ڇو ته امداد زماني جي زهر کي پي به ڏٺو آهي ۽ ان زهر تي جِي به ڏٺو آهي.

امداد جي آرٽ جي سچ کي پرکڻ لاءِ ان جي سچائي ۽ چشم جي بينائي گهرجي ٿي.

امداد حُسينيءَ جي ڪوتاڪاريءَ جا پاڇاوان خاص طور تي شهري زندگيءَ جي المناڪين کان وٺي، مها ساگر سنڌوءَ ۽ ان جي سانورن، ميرانجهڙن وهڪرن گونيءَ ۽ پيڃاريءَ جي ڪنڌين تي صدين کان آباد ۽ وسندڙ ونجهه هلائيندڙ مانجهين ۽ وينجهارن جي اڻپوريءَ زندگيءَ جو مڪمل عڪس به رکن ٿا ته انهن جو سڄو آڪاس به رکن ٿا.

امداد وٽ شاعريءَ جي خوابن جو کنڀ ڪڏهن به خالي نه رهيو آهي، ڇو ته امداد جي اکين جو اڇوتو لڙڪ اسان سڀني جي دلين کي ڌوئي به ٿو، ته نپوڙي به ٿو.

امداد ڪڏهن به غير ضروري طور استعارن، علامتن، تجنيسن، اصطلاحن، صنعتن، چوڻيون، پهاڪن ۽ عروضن کان ڪم نه ورتو آهي.

امداد سائين بي قرار دل جي چوڻ تي هلڻ جو جتن ڪيو آهي، ڪڏهن امداد ان ۾ بامراد به رهيو آهي ته ڪڏهن نامراد به، اهوئي هڪ سچي شاعر جو هڪ حادثو به چئي سگهجي ٿو ته، ان کي شاعر جي جيون جيوڻي جو الڳ روپ سروپ ۽ اروپ به چئي سگهجي ٿو.

شاعر امداد حُسينيءَ پنهنجي من کي سدائين اشانت رکيو آهي، جيتوڻيڪ امداد نه چاهيندي به دل کي شانت رکڻ چاهي ٿو، پر ڪجهه ڳالهيون سندس وس ۾ آهن ۽ ڪجهه وارتائون امداد چاهي به پنهنجي هٿ وس ۾ نه ٿو رکي سگهي! ڇو ته شاعر وٽ عرش جون ڪنجيون ته هونديون آهن، پر سندس ذات جا تالا سدائين کليل ئي رهندا آهن.

امداد حُسينيءَ وٽ نواڻ آهي، جيڪا روايت کان ڪئين ڀيرا مٿي به آهي ته سندس همعصرن کان گهڻي مختلف به آهي.

امداد حُسيني پنهنجي جدت اندر عظيم ڪلاسڪ جو آخري نگهبان آهي، جنهن پنهنجي مادري ٻوليءَ جي املهه شبدن، ڪلاسيڪل ڪردارن ۽ رومانوي اهڃاڻن کان ڪڏهن به مصنوعيت جو ڪم نه ورتو آهي.

امداد هر عمر جي عورتن ۽ مردن جي عاشقيءَ ۽ انهن جي انمول زندگيءَ جي پنهنجي، پنهنجي تجربن جو پنهنجي ڪوتاڪاريءَ ۾ پوتاميل پيش ڪيو آهي، اسان نه چاهيندي به ان سچ کي قبول ڪريون ته به ٺيڪ، جيڪڏهن ناپسند به ڪريون ٿا، تڏهن به امداد جي ڪوتا جي ڪاڪ جي رنگ رتول جي ڀت ڊهي نه ٿي پوي، ڇو ته امداد ڪڏهن به اسان جي دل جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ کان منهن موڙي، ڪنهن به غير ضروري سياسي ريگزارن ۾ ڀٽڪاءُ جو شڪار نه ٿيو آهي.

امداد جو سڏ ڌيمو ۽ نرم آهي، لطيف، ٽئگور ۽ شيام وانگي، پر ان جو پڙاڏو وڏو آهي، پر لطيف، ٽئگور، شيام ۽ امداد کان پوءِ ننڍي کنڊ اندر شاعريءَ ۾ پڙاڏو وڏو آهي، پر ان جو سڏ ڏاڍو ننڍڙو، هلڪڙو ۽ ڌيمو ئي آهي. ان تي الڳ اڀياس جي خاص ضرورت آهي.

امداد حُسيني ڪڏهن به، ڪنهن پاپولر نظريي جي پويان ناهي ڊوڙيو، پر امداد حُسيني ٽکڙ کان حيدرآباد تائين پيرين پنڌ ضرور ڪيو آهي، پر اها خبر غلط هوندي به، سچ ٿي سگهي ٿي ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته، ڪنهن به چاهنا جي ڪابه سرحد نه هوندي آهي.

ڇا امداد جو ڪلام انسان جي آخري احساسن جي المناڪين جي نشاندهي ڪري ٿو؟

ڇا امداد جي ڪلام جي اندر ڪنهن به سياستڪاري جي ڌر تتي ۽ ان جي تکيءَ اُس جو ڪو ترورو موجود نه آهي؟

ڇا امداد سچو پيار جو پيري نه آهي؟

ڇا امداد وٽ سڄڻ ۽ ساڻيهه جي خوشبؤ جا خزانا نه آهن؟

ڇا امداد اسان جو چاره گر نه آهي؟

ڇا امداد اسان جو نرم پاڇو نه آهي؟

ڇا اسان پنهنجي عشق جو سچو اظهار امداد جي سچي ڪوتا کان ٻاهر به ڪري سگهون ٿا!

امداد حُسيني پنهنجي زخمن سان گفتگو ڪرڻ وارو اڪيلو سنڌ ڌرتيءَ جو شاعر آهي ۽ قومي شاعر جو درجو امداد تڏهن ماڻيو آهي، جڏهن امداد اسان جي درد سان به ڳالهائڻ لڳو آهي.

مان امداد حُسينيءَ ۽ شيخ اياز کي ڪوتاڪاريءَ جون الڳ الڳ رياستون سمجهندو آهيان ۽ مان خوشنصيب آهيان ته مان ٻنهي شعري رياستن ۾ ڪنهن به  پاسپورٽ کانسواءِ داخل ٿيڻ جو حق رکان ٿو، ڇو ته مون ٻنهي محبوب ڪوتاڪارن جي الڳ الڳ رياستن جي سرخ گلابن جي خوشبوءِ جو واس ضرور ورتو آهي، پر ڪنهن به رياست جو ڳاڙهو گل پٽي پنهنجي گريبان تي ناهي لڳايو!

 

امداد آهي رول

 

اعجاز منگي

 

 

 

دور حاظر، سنڌي ٻوليءَ جو سرواڻ شاعر امداد حُسيني اسپتال ڀيڙو آهي. هن جي صحت لاءِ سٺو خيال به دعا کان گهٽ ناهي. هونءَ به شاعرن جو اصل علاج عشق ئي هوندو آهي. ان ڪري ته ڪونيا جي ڪيف واري روميءَ پنهنجي راءِ پيش ڪندي لکيو آهي ته:

”اي عشق! تون ئي منهنجو اصل طبيب آهين“

ڀٽائيءَ ان احساس کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڍڪائي چيو هو:

”تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون“

طبيب حبيب نه هوندو آهي، پر حبيب طبيب ضرور هجي ٿو.

اسان کي پنهنجن شاعرن، اديبن ۽ آرٽسٽن سان بي حساب پيار ڪرڻ گهرجي. ڇو ته انهن اسان کي سموري زندگي اهوئي ته سيکاريو آهي. انهن تخليقڪارن وٽ اصل دولت دل جي محبت ئي هوندي آهي. اها محبت جيڪا ڪڏهن به کُٽي نه ٿي سگهي. اها محبت اسان جو تحفظ به آهي. اها محبت اسان جوتسلسل به آهي. اها محبت اسان جي بقا ۽ اسان جي وجود جي سڀ کان وڏي نشاني آهي. اها محبت دوست لاءِ مهڪار ۽ دشمن لاءِ للڪار آهي. ها! اها محبت ۽ اهو پيار، جنهن لاءِ اياز لکيو آهي:

”هو مون کان ڇا لاءِ ڊڄن ٿا؟

مون وٽ پيار سوا ٻيو ڇاهي؟“

امداد به الفت جو وڻجارو آهي. هن جي وائين ۾ جيڪا مهڪيل واءُ آهي، ان جو احساس صرف انهن کي معلوم ٿي سگهي ٿو، جن کليل اکين سان خواب ڏٺا آهن. جن کي علم آهي ته عشق پنهنجي وجود ۾ پوري ڪائنات هوندو آهي. جيڪي محبت جي هر موسم کان آشنا آهن، جن کي صرف پيار جي جهُڙ ڦر جو پتو ناهي، پر انهن کي اها به ڄاڻ آهي ته جڏهن ڏينهن ڏاگهي جيان تتي واريءَ مٿان سهڪندو وڌندو آهي، تڏهن سوار به هڪ الڳ ڪيفيت حوالي ٿي ويندو آهي. امداد جي شاعريءَ ۾ آرٽ جو الڳ حسن آهي. هن جا مهانڊا ڪنهن جهڙا به ٿي سگهن ٿا، پر جهڙيءَ ريت هر ناريءَ جو الڳ سڀاءُ ۽ هن جي سونهن جو الڳ اهاءُ هوندو آهي، تيئن امداد جي شاعري به ڪنهن الڳ دور جي دريافت آهي.

امداد سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ ڇا ڇا نه وڌو آهي؟ ڇا هن صرف سنڌي ٻوليءَ کي غزلن جو غمگين سر عطا ڪيو آهي؟ ڇا هن جا چنچل ۽ شرير نظم ترنم جون ڇيرون پائي ڇم ڇم ڪندا ڪاغذ مٿان نه نچيا آهن؟ هن ته ڪافين کان وٺي سهرن تائين سنڌي ٻوليءَ جي هر صنف ۾ جديد چِٽ چِٽيا آهن. هن جي لهجي ۾ جيڪا لئه آهي. اها ان مئه جهڙي آهي، جنهن جو نشو ڪڏهن به نه ٿو لهي سگهي.

امداد جو سڀ کان اهم ڪردار هن جو مسلسل لکڻ آهي. هن جي هٿ جون آڱريون به ڄڻ قلمن جهڙيون آهن. هُو قلمن جهڙين آڱرين ۾ قلم جهلي جهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي ستارن سمان ڪويتا جي ڪاري ڪڙتي تي ڪڙهيندو ۽ مڙهيندو ويو آهي، اهو هن جو ئي ڪمال آهي. اسان کي پنهنجا شاعر پيارا هن. ڇو ته انهن اسان کي پيار جو سبق ڏنو آهي. انهن اسان کي پيار ڪرڻ سيکاريو آهي. هو اسان جا
”لو گرو“ (Love Guru) آهن. اسان انهن کان سکيو آهي ته هڪ اڻميي ۽ وشال حسن جي تصور جهڙي تصوير کي ٻانڀياڻي ٻوليءَ جي فريم ۾ ڪيئن فٽ ڪبو آهي؟ اسان جا شاعر اسان جي تاريخي قدرن جا امين آهن. انهن سان پيار اصل ۾ پنهنجي ديس سان پيار آهي.

شاعر هجڻ ڪيتري نه وڏي ڳالهه آهي؟ جڏهن شاعريءَ جو شارح ٿيڻ به عظيم هجي ته پوءِ شاعر ٿيڻ ڪيترو نه اعليٰ درجو هوندو؟ شاعر ته عاشق هوندا آهن. شاعرن جا پرستار عاشقن جا عاشق هجن ٿا. پنجابي ٻوليءَ جي پياري شاعره امرتا پريتم پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ روس جون ساروڻيون ساريندي لکيو آهي ته چانڊوڪي رات ۾ روس جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون چوواٽي تي ڪٺا ٿيا ۽ انهن اسان کي چيو ته اسان کي شاعري ٻڌايو. ان مهل مون محسوس ڪيو ته روسي عاشقن جا عاشق آهن. عاشقن جوعاشق هجڻ وڏي مرتبي جو مقام آهي.

امداد حُسيني پنهنجو پورو جيون ان ڪويتا جي حوالي ڪيو آهي، جيڪا هن جي اندر مان ڪنهن آبشار وانگر ڦٽي نڪتي آهي. جيڪا هن جي اندر جي آسمان تان چانڊوڪيءَ جيئن لٿي آهي. جيڪا هن جي خيالن ۾ خوبصورتيون ڀريندي رهي آهي. جيڪا اسان جي آڏو گلن جا انبار آڻيندي رهي آهي، جيڪا اسان ۾ حسن سان اهو حوصلو به ڀريندي رهي آهي، جيڪو حوصلو انسان کي ستارن جي ڏاڪڻ چڙهڻ جو چاهه ڏيندو آهي. اهڙي حوصلي جي هڳاءَ ۾ جنهن جو جيون گذري ٿو، اهو وڏي ڀاڳ وارو آهي. ڇو ته  انگريز نقاد ڪارلائل جي لفظن ۾ اهو روشني ۽ مٺاس جي ماڳ وارو آهي.

امداد شاعر هجڻ جي حوالي سان ڪلاسيڪيت ۽ جديديت جي وچ تي ٽڙيل وهائو تارو آهي. منهنجي خواهش هئي. اڄ به آهي ته مان امداد جي ان ڪتاب جو مهاڳ لکان. جنهن جو نالو آهي امداد آهي رول!!

آواره بادلن جــــــــي پٺيان

ڪــــــــيســــــــيــــــــن ڊوڙبــــــــو؟

امــــــــداد آهــــــــي رول

تون موتي هيئن نه رول!!

آئون جهليان ٿو جهول

تون موتي ائين نه رول!!

ڇا ته ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻول آهي؟ هر بحث کان هٽي ڪري. منهنجو اهو ايمان آهي. عظيم شعر نازل ٿيندا آهن. مرزا غالب به چيو هو. اهي املهه هيرا. اهي نيلم نيرا نازل ٿيندا آهن. امداد جو پهريون ڪتاب. جديد سنڌي شاعريءَ جو اڄ به آخري ڪتاب آهي.

ڇا ڇا نه آ؟ ان ڪتاب ۾!!

”چنڊ نڪري نه ٿو

يار وسري نه ٿو

وقت گذري نه ٿو“

صرف انهن ٽن سٽن تي. پي ايڇ ڊي جي پوري ٿيسز لکي سگهجي ٿي. ان جو عنوان ٿي سگهي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي جديد جماليات، پر ڪير لکي؟ سوشل ميڊيا جي مشڪريءَ مان ڪوئي فارغ ٿئي ته فڪر ڪري. ڪيترو ڪم پيو آ. ڪرڻ لاءِ.

مون کي معلوم آهي ته امداد اهو نظم البرٽ آئن اسٽائن جو نظريو پڙهي نه لکيو هو، پر هن نظم ۾ سموري ”ٿيوري آف رليٽوٽي“ سمايل آهي. اوهان پڙهي ڏسو. يوٽيوب تي ٻڌو. هيءَ اها ئي وائي آهي، جيڪا پنهنجي ٽائيم تي پرگهٽ ٿيندي آهي.

چون ٿا ته اسان اڄ اهي ستارا ڏسي رهيا آهيون، جيڪي ڪيئي لک سال اڳ روشن ٿي، رک ٿيا. هيءَ ننڍي ڳالهه ناهي. هيءَ وڏي ڳالهه آ. ۽ صرف عظيم محققن کي اهو علم هوندو آهي ته خود شاعرن کي به اهو شعور نه هوندو آهي ته هُو ڇا پيا چون؟

هڪ آرٽسٽ جي ذهن ۾ ڪا اهڙي تند تڙپي ٿي، جيڪا هن جي پوري وجود  کي وڄائي ٿي. هي فزڪس نه، هي ميٽافزڪس جو معاملو آهي.

آتی ہیں غیب سے یہ مضامین خیال میں

عالب سریر خامہ، نوائے سروش ہے۔

اياز ان ساڳي ڳالهه کي نهايت سادو ڪري پيش ڪيو آهي. هن نظم ۾:

ڪامهه ۾ ڪنگور نه ڄاڻي

ان جو وڍ هزارين واڪا ٿي ويندو؟“

ڪوئنري بانس مان وجود ۾ ايندڙ ونجهليءَ کي ڪهڙي خبر ته هن جي تان، تاج ۽ تخت تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي!!

امداد به هڪ ونجهليءَ جهڙو شاعر آهي.

۽ ان ونجهليءَ کي حالتن جي هوائن وڄايو.

۽ ان ڪنگور جي حصي ۾ صرف نرم هوائون نه آيون.

ان ڪنگور گرم هوائن کي به پنهنجي سُرن ۾ سمايو.

اها ايوبي آمريت اهو ون يونٽ، اها قومي جاڳرتا.

امداد کي اڄ تائين صرف ان رومانس جو شاعر مڃيو ويو آهي، جيڪو رومانس عورت ۽ مرد جو هوندو آهي. جڏهن ته:

امداد جو رومانس تمام گهڻو مٿانهون آهي.

ان رومانس جي راهه ۾ عورت به ايندي آهي.

ان رومانس جي سفر ۾ هڪ اهڙو موڙ به ايندو آهي

جنهن موڙ تي اچي شاعريءَ جو چنڊ

ڪانڍي ٽانڊي وانگر تپي ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.

امداد رومانٽڪ شاعر آهي. شاعري آهي ئي رومانس!! پر هر رومانس جي الڳ الڳ حد هجي ٿي. امداد جي شاعري هيٺاهين سطح جو رومانس ناهي. امداد جي شاعريءَ جو رومانس، هماليه جهڙو ۽ جيڏو آهي. هن جي شاعري مانسرور جيان آهي. جذبن ۽ جولانن جي جبلن تان وهندڙ آبشار جيان امداد جا نظم آهن.

ڪنهن کي ياد آهي؟ سواءِ امداد جي. هن جو اهو نظم:

ته!

هوءَ منهنجو پُڇي رهي آهي،

آءٌ آهيان هِتي، اَلي ڇڏجوس.

آءٌ هُن سان مِلڻ نه ٿو چاهيان،

پاڻ اچڻ جي گهُري، جهَلي ڇڏجوس.

هِڪ ليڪو ڪڍي ڇڏيو وچ تان،

۽ پَرئين پارَ پَلي ڇڏجوس.

ڏَسُ ڪنهن ٻيءَ ڏِسِ جو ڏيئي،

ٽِيءَ ڪنهن راهه سان رَلي ڇڏجوس.

مون کي معلوم آهي ته امداد کي دولت وارا نوٽ ڳڻڻ به نه ايندا آهن.

مان ڄاڻان ٿو ته امداد دل سان لکيل نوٽ سون وانگر سانڍيندو آهي.

هن جا اڄ به اهڙا اڪيچار شعر موجود آهن، جيڪي هن مهل تائين، منظرعام تي نه آيا آهن.

ڇا اوهان پڙهيو آهي؟ امداد جو اهو نظم:

”هن جــــــــو چولو لاٿو هوندو

چنڊ ارهه ۾ ڦاٿــــــــو هوندو“

مون امداد کان ان نظم جو پس منظر پڇيو هو.

مون کي امداد چيو هو، پراڻي سنڌي شاعريءَ جي سٽ آهي:

”ارهه کِڙي ٿو چنڊ جيان، ٿوٿر ناهه ٿڻن“

پر امداد وٽ ان نظم جي انهن شعرن جو ڪو پس منظر نه هو. جيڪي صرف هن جي تخليقي خزاني ۾ هئا. جن ۾ هن چيو هو:

”هن جــــــــو ڇلڙو پاتــــــــو هوندو

گيت پپيهي ڳاتو هوندو“

هُن جهڙا شعر ٻيو ڪير ٿو تخليق ڪري سگهي ته:

”هن جو انگ اگهاڙيــــــــا هوندا

تاڙڻ وارن تاڙيــــــــا هوندا“

پر صرف اهو هڪ شعر ناهي. سوين سٽون آهن. امداد جون، جيڪي پڙهندڙن جي اکين کي اڄ ڏينهن تائين پيار سان چمي نه سگهيون آهن، پر اهي آهن.

امداد جي مزاحمتي شاعري جو ته ڪو مثال ئي ناهي. ڪير ٿو لکي سگهي، ان انداز ۾ اهي لفظ:

”جيل جو سخت سيخون

هوا جي نرم جهوٽن کي

نـــــــه روڪــــــــينــــــــديــــــون

نــــــه روڪــــــــينــــــــديــــــون

نــــــه روڪــــــــينــــــــديــــــون“

امداد ڇا هو؟ امداد سنڌ جي قومي مزاحمتي دؤر جو ”پوسٽر پوئٽ“ هو!! ان جا نظم نعرا بڻيا هن جا لفظ للڪار هئا. هن جو اهي سٽون......!! سنڌ جي قومي جاڳرتا ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ويون.

هر سج اڀرندو به آهي ۽ لهندو به آهي. هر ڀيڄ ڀني حسين هوندي آهي. هر شام خوبصورت هوندي آهي.

شاعر صبح ۽ شام جي ٻن پرن تي اُڏامندڙ اهي پکي آهن، جن جو آکيرو انسان جي دل هوندي آهي. انسان جي اها اها دل پکين جهڙن پيارن شاعرن جي ڪري آباد هوندي آهي. ان جي آبادي، انسان جي آزادي هوندي آهي. انسان جي اها آزادي اڄ فريادي آهي!!

 

امداد حُسينيءَ جا فلمي ۽ ريڊيائي گيت

نصير مرزا

 

 

 

: ريڊيائي گيت:

 [1]

ــ زندگي، جنهن کي بس گذري وڃڻو آهي. انهيءَ ۾ اهڙو ڪجهه ڪرڻ، جنهن سان انهيءَ زندگيءَ جي معنويت کي معنيٰ ملي. ائين چاهڻ ۽ ائين ڪرڻ کي ئي معنيٰ آهي.

]امداد حُسينيءَ جي هڪ ريڊيو اسڪرپٽ مان ڪوريل سٽون[

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان امداد جو پهريون ناتو، هڪ ٻڌندڙ واروئي هو، جو ان زماني ۾ ڳوٺن ۾ تفريح لاءِ صرف ريڊيو ئي ته هو، جنهن کي هُو دلچسپيءَ سان ٻڌندو هو. امداد تڏهن اڃا ٽِکڙ ۾ رهندو هو ۽ شاعراڻو سڀاءُ رکندڙ هڪ البيلو ڇوڪرو هو. پرائمري تعليم بعد سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري ايجوڪيشن لاءِ هن جو ڪٽنب حيدرآباد شفٽ ٿيو ته اِهو پنجاهه وارو ڏهاڪو هو. ان وقت حيدرآباد ۾ جيڪي سندس ويجها عزيز اچي رهيا، اهي هئا امداد حُسينيءَ جو چاچو سيد الهه بخش شاهه (والد مشهور شاعر سيد شبير هاتف)، چاچو سيد اشرف شاهه، چاچو اڪرم شاهه ۽ چاچو عظيم شاهه. هيءُ سارو خاندان پڪي قلعي جي گهٽي نمبر-3 ۾ 19 نمبر ۽ 25 نمبر بلڊنگن ۾ اچي رهيو. ريڊيو حيدرآباد جي پراڻي براڊڪاسٽنگ هائوس واري اُها بلڊنگ، امداد وارن جي رهائش گاهه کان بس سڏ پنڌ تي ئي هئي ۽ انهي عمارت جو نالو هو، ’هومسٽيڊ هال‘، جنهن ۾ هاڻي مولانا حسرت موهاني لائبريري کلي وئي آهي.

17-هين آگسٽ 1955 تي ان ئي عمارت ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو قيام عمل ۾ آندو ويو ته ان عمارت جو عوامي روپ يڪسر ختم ٿي ويو. مکيه دروازي وٽ سيڪيورٽي آفيس ٺاهي وئي جنهن ۾ الرٽ ريٽائرڊ فوجي ڪارندا ويهاريا ويا ۽ عمارت جي چوڌاري جيڪا پٿر واري اڌ قد جيتري ديوار هئي ان تي ڪنڊائين تار جا گولا وڇايا ويا، جيئن ڪو اوڦٽو ماڻهو ديوار آوارنگهي نه سگهي.

تڏهن 17- آگسٽ 1955ع شام جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ان ئي عمارت جي اڱڻ ۾ ٿيو. جيڪو اطلاعات نشريات جي دبنگ وزير ۽ بي مثل نثرنگار پير علي محمد راشدي صاحب هٿان ٿيو. سندس کاٻي ساڄي جيڪي مڙس مٿير بيٺا هئا، اهي هئا زيڊ.اي. بخاري، حميد نسيم، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، حافظ مبارڪ علي شاهه، محمد ابراهيم جويو، مرزا همايون قليچ بيگ، اسد قليچ بيگ، غلام رباني آگرو ۽ ڪي ٻيا به. اهڙي افتتاح بعد، عمارت جي ايوان ۾ ڪافي صنف جي مشاعري جي محفل رٿيل هئي. صدارت مخدوم سائين طالب الموليٰ پئي ڪئي ۽ خاص مهمان هو بزرگ شاعر سائين سائل راشدي.

”بقول امداد“ ان ڏينهن منهنجي دل ٿي ته آئون به اهو مشاعرو وڃي ٻڌان. ان وقت منهنجي عمر صرف پندرهن کن سال هئي، دروازي وٽ پهتس ته سيخائون مک دروازو بند هو ۽ آئون ان جي ٻاهرين پاسي بي قرار پئي ڦريس جو ڇا ڏسان اندر هڪ قداور همراهه، ٽيلارا پئي ڪيا ۽ مون کي به پئي ڪو جاچيو. نيٺ وڌي ويجهو آيو. مون ڏانهن... چيائين اندر ايندين؟ منهنجي ها چوڻ کان اڳ ئي هن دروازو کوليو ۽ ائين مون اهو پهريون ۽ آخري ڪافي صنف وارو مشاعرو، بطور سامع ذوق شوق سان ويهي ٻڌو. اهو همراهه جنهن مون لاءِ ريڊيو حيدرآباد جو دروازو کوليو هو، سو مصطفيٰ قريشي هو، جيڪو اتي اسٽاف آرٽسٽ هو ۽ پوءِ پروڊيوسر ٿيو. ”بقول امداد“ ان ئي دؤر ۾ ريڊيو حيدرآباد پاران قومي گيتن جي هڪ چٽاڀيٽي ڪرائي وئي ۽ ان لاءِ ريڊيو تان عام خاص شاعرن کي گيت موڪلڻ جي دعوت ڏني ويئي. آئون ان وقت 20-18 سالن جو هوندس جو مون به اها انائونسمينٽ ريڊيو تان ٻڌي. تڏهن اڃا ٽکڙ ۾ لائيٽ نه آئي هئي. ۽ اها هڪ چانڊوڪي رات هئي. تڏهن ان چانڊوڪيءَ ۾ اڱڻ تي پٿاريل هنڌ جي وهاڻي تي ڪاغذ رکي هڪ گيت مون لکيو ۽ ٻئي ڏينهن پوسٽ ڪري ڇڏيم. نهايت جلد گيت منظور ڪيو ويو ۽ ائين پوءِ اهو منهنجو پهريون گيت ريڊيو تان نشر ٿيو. جنهن جا ٻول هئا:

”اسين نصيب جا ڌڻي اسان جي هٿ ۾ قسمتون،

اسان کي رب عطا ڪيون بهادريءَ جون دولتون.“

بحرڪيف.... پڪي قلعي ڀرسان رهندڙ امداد، ٻيا عزيز ۽ ننڍو ڀاءُ مرحوم مختيار شاهه، هاڻي کوکر پاڙي واري ماڙيءَ ۾ اچي رهيا، جيڪا موجوده ريڊيو اسٽيشن جي ڪافي ويجهو آهي. امداد ان وقت سنڌالاجي اولڊ ڪئمپس آفيس ۾ ريسرچ فيلو جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو. تڏهن پروگرام مئنيجر ۽ نامياري ڪهاڻيڪار آغا سليم صاحب ۽ پروگرام پروڊيوسر غلام حسين شيخ صاحب، امداد کي گيتن ڀري ڪهاڻي لکڻ لاءِ آماده ڪيو جيڪا پوءِ هن لکي ۽ جنهن جو عنوان هن رکيو: ”هينئڙو ٻيڙيءَ جان“. ان گيت ڪهاڻي لاءِ امداد جيڪي خوبصورت گيت ۽ غزل لکيا انهن جي موسيقي، غلام نبي عبداللطيف ۽ استاد محمد جمن ترتيب ڏني. انهيءَ گيتن ڀري ڪهاڻيءَ جو هيءُ غزل ته بيحد مقبول ٿيو:

خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو،

ائين چُپ چاپ ڪيسين تائين رهندا ڪجهه ته ڳالهايو.

۽ هي سهرو:

جيڏل شال جڙي رهين او جيڏل شال

۽ هي گيت پڻ:

منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا،

خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا.

اها شاندار گيتن ڀري ڪهاڻي لکڻ وقت امداد، لڳ ڀڳ ٽيهن کن ورهين جي ڄمار جو مس هوندو. ائين انهيءَ پهرئين گيتن ڀري ڪهاڻي ”هينئڙو ٻيڙيءَ جان“ کان پوءِ هن ايم.بي انصاري صاحب جهڙي ذهين براڊڪاسٽر لاءِ ٻي گيتن ڀري ڪهاڻي ۽ گيت لکيا. ڪهاڻيءَ جو نالو هو ’پرديسي‘. ڪهاڻي جي روايت مهتاب چنه صاحبه جي چند ستارن جهڙي اُجري آواز ۾ رڪارڊ ڪئي وئي. گيتن جا موسيقار هئا، گل حيدر يعني فضل علي شاهه ڄاموٽ، جيڪو عظيم ربابي موسيقار ماسٽر غلام حيدر جو شاگرد هو. ۽ ان ڪهاڻيءَ جا ٻيا موسيقار هئا، غلام نبي عبداللطيف، ائين گل حيدر صاحب جنهن گيت جي طرز ٺاهي، ان جا ٻول هئا:

دريا جون هي لهرون لهرون،

ڳالهيون ڪن ٿيون ڪهڙيون ڪهڙيون.

۽ ان ڪهاڻيءَ جو جيڪو ٻيو گيت به گهڻو مشهور ٿيو، ان جو مکڙو هو:

پيڙا جو پڙلاءُ اچي ٿو، پيڙا جو پڙلاءُ،

گهنگهرو بڻجي گونجي اٿيو، گهايل جو هر گهاءُ.

ان ڪهاڻيءَ جا ڊرامائي پورشنز روبينه صاحبه ۽ مصطفيٰ قريشي صاحب جي آوازن ۾ رڪارڊ ڪيا ويا.

امداد جي لکيل هڪ اهم گيتن ڀري ڪهاڻيءَ جو عنوان هو، ’رات ڪا برسات جي‘. اها به ايم.بي انصاري صاحب پروڊيوس ڪئي، جنهن جا موسيقار هئا، غلام نبي عبداللطيف. ان ڪهاڻيءَ جا هي سڀ گيت مشهور ٿيا:

رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن: استاد صادق علي

-

ڪاري ڪاري رات مٿان برسات: عابده پروين

-

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي: صادق علي

-

دل ۾ آهي هلچل هُوند هجان، مان بادل:

صادق علي، عابده پروين

-

موتي ائين نه رول تون: دين محمد شيخ

-

بن ۾ من جو مور نچي ٿو: صادق علي ۽ روبينه

-

ڪيڏو به وسارڻ چاهين پر: عابده پروين

ان وچ ۾ امداد ٻيا به ڪيترائي زبردست فيچر پروگرام لکيا. جن ۾ روزانه ’نئون سج‘ پروگرام لاءِ ننڍا ننڍا دلچسپ ٽوٽڪا، معلوماتي پئراگرافس. ان پروگرام بعد سنڌ جي ثقافتي هنرن بابت پروگرامن جي سيريز امداد لکي... جنهن جو عنوان هو ’جهڙا گل گلاب جا...‘ پروگرام جو اهو ٽائٽل مراد علي مرزا صاحب تجويز ڪيو هو ۽ ان کي آغا سليم صاحب جي صلاح سان غلام حسين شيخ صاحب پروڊيوس ڪيو، جنهن جا سڀ اسڪرپٽ، مهتاب چنه صاحبه پنهنجي خوبصورت آواز ۾ پڙهندي رهي. ان بعد منهنجي پيشڪش تحت، ايم.بي. انصاري صاحب ريڊيو حيدرآباد تان جيڪو پروگرامن جو سلسلو شروع ڪرايو، ان تحت امداد.... پروڊيوسر سڪندر بلوچ صاحب سان گڏجي رات جو حيدرآباد جي فوٽ پاٿن تي اوجاڳا ڪاٽي حياتي گهاريندڙ انسانن بابت بهترين اسڪرپٽ لکيو. جنهن جو عنوان هو ’راتيون جاڳن جي‘ پوءِ ڏهين محرم الحرام لاءِ امداد ــ خصوصي پروگرام تحرير ڪيو ’ڏٺو محرم ماهه‘... پوءِ غلام حسين شيخ صاحب جي فرمائش تي امداد لوڪ ٽچ سان ڪي ڏاڍا دلچسپ مزاحيه گيت به هن کي جوڙي ڏنا... مثال طور، ’شيدي باشا هم باشا...‘، ’ڇوري ڇا کائيندينءَ سِيرو‘ ۽ ’منهنجو جهنڊالڙو ڏي ته کيڏڻ وڃان‘... وغيره. ان وچ ۾ هن پروڊيوسر نور اظهر جعفري صاحب لاءِ اردو ۾ ’مارئي‘ ڊرامو لکيو، پوءِ ’چاند اور گلاب‘. پروڊيوسر اقبال فريديءَ لاءِ، هن ريڊيائي تمثيل لکي ۽ ان جو نالو رکيو ’هو جمالو‘. بيحد ذهين ڊراما پروڊيوسر شيخ ابراهيم لاءِ هن جيڪي ڊراما سيريلز لکيا، انهن جا نالا هئا... ’چؤڏول‘، ’طوفان کان پوءِ‘، ’آس‘، محمد انور بلوچ جي لاءِ جيڪي ڊراما لکيا، انهن جا نالا آهن: ’ويجهائي ڏُور‘ ۽ ’واچوڙن ۾ لاٽ‘. نعيم مرزا لاءِ لکيائين ڊرامو ’مُند کاڌي موٽ‘، سڪندر بلوچ لاءِ لکيائين: ’سوجهرو‘، گل حسن قريشيءَ لاءِ لکيائين: ’اُماس کان پوءِ‘. جشن تمثيل سلسلي لاءِ هن الياس رضا لاءِ اردوءَ ۾ ڊرامو لکيو... ’آگ اور پهول‘ ان ڊرامي جو پروڊيوسر عرفان علي انصاري هو. ان وچ ۾ غلام حسين شيخ صاحب جي فرمائش تي امداد ترڪي ملڪ جي طرزن تي ڪي خوبصورت سنڌي گيت به لکيا ۽ راڳ جئه جئه ونتي لاءِ ٺمري جهڙي بندش پڻ لکي، جيڪا عابده پروين صاحبه جي آواز ۾ رڪارڊ ٿي.

پوئين دؤر ۾ امداد، پروڊيوسر نعيم مرزا صاحب لاءِ ٽي گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون... ’بارش‘،’قرباني‘ ۽
’روئي پيئي شهنائي‘. انهن گيت ڪهاڻين جا موسيقار هئا، استاد محمد جمن، غلام نبي ۽ استاد نياز حسين ۽ گيتن جا گائڪ هئا سينگار علي سليم، ثريا حيدرآبادي، وحيد علي، لڪي ناز ۽ جميلا ناز وغيره (اهڙين گيت ڪهاڻين لاءِ امداد جي لکيل گيتن جا مکڙا آخر ۾ ڏنل ’ريڊيو حيدرآباد ڪئٽلاگ‘ مان ڪوريل صفحن ۾ ڏسي سگهو ٿا:

هونئن ذاتي طرح سان امداد ريڊيو حيدرآباد تي، مراد علي مرزا صاحب واري ادبي پروگرام ’مخزن‘ ۾ پڻ ڪيئي ڀيرا شرڪت ڪئي. ائين ريڊيو حيدرآباد تي ستر جي ڏهاڪي کان وٺي جڏهن جڏهن به عيد ميلادالنبي ﷺ جن جا مبارڪ مشاعرا ٿيا، مجلس مسالمه يا عام مشاعره، امداد سڀني ۾ شريڪ رهندو. 9- مارچ 1989ع تي ريڊيو حيدرآباد تي ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب جي ايامڪاريءَ ۾ ’ڪُل سنڌ اردو سنڌي مشاعرو‘ ٿيو (جنهن جو پروڊيوسر آئون هوس)، امداد ان ۾ به زبردست نظم پڙهيو. نوي جي ڏهاڪي دوران سنڌالاجي ڄام شورو پاران، ڊائريڪٽر شوڪت حسين شوري امداد کي شاندار ٽربيوٽ ڏيڻ واري تقريب جو اهتمام ڪيو، ته امداد جي ريڊيائي گيتن جي مون ڪئسيٽ تيار ڪئي... ’عيد جو چنڊ ته ناهيان‘ ۽ ٻئي واليوم جو نالو رکيم ’ڪاش! مان چنڊ هجان‘. ٻنهي ڪئسيٽس ۾ چونڊ گيتن سان گڏ امداد کان تحت اللفظ ڪجهه نظم به پڙهرايا هئم.

ريڊيو حيدرآباد لاءِ آخري گيتن ڀري ڪهاڻي ’بند دروازو‘ امداد منهنجي ئي زور ڀرڻ تي لکي هئي. ان گيت ڪهاڻي جا موسيقار هئا استاد نياز حسين ۽ ٻيو موسيقار هو سارنگي نواز استاد مجيد خان، هن گيت ڪهاڻيءَ جا هي ٻه اسم بي حد مشهور ٿيا:

حيران آهي زندگي، پريشان آهي زندگي-

آواز: ذوالفقار علي

۽ ٻيو هي غزل:

هوا لڳي ته اُجهائي وئي چراغ سڀئي- آواز: امير علي

بي شڪ 27-آگسٽ 2022 تي، اجل جي تيز هوا امداد جي ساهن جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، پر پڪ سان پيو لکان سندس ڏات جي ڏيئي کي ڪوبه واچوڙو ۽ ڪڏهن به.... وسائي نه سگهندو.

بقول شاعر:

مٽيءَ جو ڏيئو، شمس قمر آهي،

امداد  نه  هوندو،  ڏات  امر  آهي.

2: فلمي گيت

[II]

فلم بي شڪ پرفارمنگ آرٽ جو نمونو، پر بهرحال هڪڙو اهڙو  ڪمرشل ميڊيم، جنهن جا ڪيترائي رُخ ۽ نمونا ٿئن. مثال طور... ڪي فلمون سوشل موضوعن تي، ڪي گهريلو شاهڪار، ڪي تاريخي ۽ ڪي ميوزڪ ڊراما فلمون. هاڻي اهڙين مڙني فلمن تي نالو کڻي ڪهڙو به ڌرجي، فلم بهرحال خالص عوام جي تفريح لاءِ هوندي آهي. ان ڪري عام خاص لاءِ معيار ۽ اخلاق جي حدن اندر رهندي ان لاءِ فلم جي پُوري ٽيم جي ڪوشش اهائي هوندي آهي ته فلم جنهن به ٻوليءَ ۾ ٺاهي وڃي اُن جا ڊائلاگ، سادا، عام فهم ۽ گيت سلوڻا ۽ اهڙا سوَلا هجن جو عام خاص جي چپن تي جهٽ ۾ اچن. هاڻي يقين ڪريو ته ننڍي کنڊ ۾ ٺهندڙ ڪيئي فلمون اهڙيون، به جيڪي محض هڪ خوبصورت گيت يا هڪ ڊائلاگ تي ئي هٽ ٿي، فلمساز ۽ هدايتڪار کي مالا مال ڪنديون رهيون آهن.

هتي خاص تذڪرو ڇاڪاڻ ته صرف فلمي گيتن جو آهي، ان ڪري ڇا حرج ته ان صنف جي بنياد وجهندڙ ۽ ان کي عروج وٺرائيندڙ گيت ڪار شاعرن جو به تذڪرو ٿي وڃي.

1930ع ڌاري ڳالهائيندڙ فلمن جو رواج ننڍي کنڊ ۾ شروع ٿيو ته اردو فلمن جو جيڪو پهريون گيت ڪار سامهون آيو اهو آرزو لکنوي هو. ان کان پوءِ ڊي اين مڌوڪ، مجروح سلطان پوري، تنوير نقوي، قتيل شفائي، شڪيل بدايوني، ساحرلڌيانوي، ڪيفي اعظمي، راجه مهدي علي خان ۽ احمد راهي وغيره.

پهرئين سنڌي فلم ايڪتا 1940ع ڌاري ٺهي. ان لاءِ سنڌيءَ ۾ پهريان فلمي گيت پرسرام ضياء، کيئل داس ۽ فاني گلشن صوفي لکيا. پوءِ رام پنجواڻي ۽ رشيد احمد لاشاري ظاهر ٿيا ۽ انهن سان گڏ، جن ٻين سنڌي فلمي گيت نگار شاعرن جا نالا سامهون آيا، انهن ۾ علي محمد مجروح، سيد منظور نقوي، بلاول پرديسي ۽ موسيٰ ڪليم وغيره نمايان نظر آيا. هاڻي ستر کان نوي جي ڏهاڪن دوران، سنڌ جي جن سرموڙ جديد شاعرن به ان کيتر ۾ قدم رکيو. اُهي هئا تنوير عباسي، شمشيرالحيدري ۽ امداد حُسيني. هي سڀ شاعر... غزل ۽ نظم جي صنف سان گڏ، ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ به ڪيترائي شاندار گيت لکندا رهيا. ريڊيو حيدرآباد تان ستر جي ڏهي ۾ گيتن ڀرين ڪهاڻين پيش ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو، ته اهڙين رومانوي ڪهاڻين لاءِ سڀ کان خوبصورت گيت لکندڙ شاعر جيڪي هئا، اُهي هئا... سيد منظور نقوي، زيب عاقلي، تنوير عباسي، بلاول پرديسي ۽ امداد حُسيني. هتي تذڪرو خاص طرح سان ڇاڪاڻ ته امداد حُسينيءَ جي فلمي گيت ڪاري جو، ان ڪري ڇا حرج ته گيتن ڀرين ڪهاڻين لاءِ لکيل سندس ڪن بي مثل گيتن جا مکڙا به مثال طور درج ڪندو هلان...بن ۾ من جو مور نچي ٿو (دوگانو) ڪاري ڪاري رات (آواز عابده پروين) دل ۾ آهي هلچل (عابد ۽ صادق علي) منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا (رجب علي) ڪاش مان چنڊ هجان(رجب علي) تون منهنجي شمع (لڪي ناز) پيڙا جو پڙلاءُ اچي ٿو (روبينه) ۽ تارن جا جت ديپ ٻرن ٿا (ثريا ۽ صادق) وغيره.

هاڻي اهو ذڪر ته ٿيو ريڊيائي گيتن ڀرين ڪهاڻين جو، پر فلمي گيت جو مطلب ڇا؟ فلم جي ڪهاڻين ۾ سچوئيشن مطابق يا فلم جي مقصد کي اڳيان وڌائڻ يا ڏسندڙن جي وندر ۽ تفريح لاءِ...  هڪڙو ميوزڪ آئٽم. بيشڪ فلمي ڪهاڻي جي سچوئيشن ۽ گُهرجن کي سامهون رکي گهربل گيت لکڻ ڪو ايترو سولو ڪم ناهي. ان ڪري انهيءَ کيتر ۾ صرف اهڙائي شاعر ڪامياب سمجهو جيڪي يا ته قدرتي شاعر يا قادرالڪلام! يا ايئن چوان ته جن جن شاعرن ۾ شعر لکڻ جي غير معمولي صلاحيت، اهي ئي فلمي فيلڊ ۾ سوڀارا ٿيندا رهيا آهن. مون ته ان فن ۾ ڪيئي ماهر شاعر به ڏٺا ۽ ٻڌا، جيڪي فلمساز يا هدايتڪار کان، فلمي ڪهاڻي ٻڌي، هڪ ئي سٽنگ ۾ سڄي فلم جا سارا گيت، ٿڏي تي ئي لکي وٺندا هئا.

امداد حُسيني جديد سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ تخليقي شاعر هو. جنهن تي شاعراڻو موڊ هر وقت طاري رهندو هو. هجومن ۾ اڪيلو اڪيلو نظر ايندڙ  ۽ پُرشور محفلن ۾ به مون هن کي ڊائريءَ مٿان جُهڪيل ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکندي ئي ڏٺو. امداد سدائين مون کي چيو...

لکڻ جي ڳالهه هجي جا اها لکي وٺجي

منهنجو خيال آهي ته امداد پهريون ڀيرو جنهن سنڌي فلم لاءِ بي حد خوبصورت، رومانوي ۽ تخليقي گيت لکيا ان فلم جو نالو هو ’ڌرتي لال ڪنور‘. هيءَ فلم پهرين آگسٽ 1975ع تي رليز ٿي هئي. گمان غالب ته امداد ان لاءِ هي گيت 73-1972 ڌاري لکيا هوندا. فلم جا موسيقار هئا غلام نبي عبداللطيف... جن سان گڏجي امداد ريڊيو حيدرآباد وارين گيتن ڀرين ڪهاڻين لاءِ به ڪنهن وقت نهايت خوبصورت گيت تخليق ڪري چڪو هو. آئون ڀانئيان ته هي ئي اهڙا موسيقار ڀائر جن امداد جي گيتن کي مفهوم سميت سمجهيو ۽ زبردست ڪمپوز ڪيو. ڪنهن وقت امداد مون کي پاڻ ٻڌايو ته ريڊيو تي آغا سليم صاحب سان ويٺو هوس جو، فلم ڌرتي لال ڪنوار لاءِ گيتن جي سچوئيشن تي ڳالهائيندي، سندن ذهن ۾ محمود فقير جي ڪافيءَ جا هي ٻول چپن تي آيا.... ’ڀيڄ ڀني برسن‘ ان وقت موسيقار غلام نبي عبداللطيف به اُتي موجود هئا. آغا صاحب جو خيال ٿيو ته هڪڙو گيت ان ڪافي جي بحر وزن ۽ گهاڙيٽي کي به سامهون رکي لکجي. تڏهن مون اُتي جو اُتي هي گيت مکڙو لکيو.

جُهومي ٿو تن من الا

الا، اڄ عيد ڪئي اکڙين

هيءُ گيت عابده پروين جي آواز ۾ رڪاڊ ٿيو، جيڪو ڪالهه وانگر اڄ به مقبول آهي، خاص ڪري عيدن جي موقعي تي ته، سنڌ جي هر ريڊيو اسٽيشن تان هي گيت ضرور ته پيو نشر ٿيندو آهي. اهڙي ريت هن فلم لاءِ امداد هو جمالو جي طرز تي به هڪ گيت لکيو، جنهن جا ٻول هئا؛

منهنجو پيار تون آن، ساهه سينگار تون آن

انهن گيت سميت فلم ’ڌرتي لال ڪنوار‘ لاءِ امداد ڪل ڇهه گيت لکيا، جن ۾ ٻه دوگانا به هئا، هڪ ته اهو ئي... منهنجو پيار تون آن(عابده ۽ محمد يوسف) ۽ ٻيو ڌن دولت جي هن دنيا ۾(محمد يوسف ۽ عابده)، ۽ ٻيا هئا... ڪيا ڌرتيءَ هار سينگار(عابده) ۽ سڻي دل جي سدا (عابده). امداد هي فلمي گيت عين جوانيءَ يعني 35-34 ورهين جي ڄمار ۾ لکيا هئا،  ان ڪري انهن ۾ تخيل جي تازگي، بي خودي ۽ سرخوشي نظر اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته طرزون به سٺيون ۽ ڳائڻ وارن به درست اُچارن سان اهي گيت ڳايا، ان ڪري هر لحاظ کان امداد جي فلمي ڪئريئر جا انهيءَ فلم وارا سڀ گيت، سپر ڊُپر سڏي سگهجن ٿا.

79-1978ع ڌاري امداد جنهن ٻي فلم لاءِ فلمي گيت لکيا، ان جو نالو هو’حاضر سائين‘. هن فلم جو فلمساز سائين فضل علي شاهه ڄاموٽ هو ۽ جنهن گل حيدر جي نالي ۾ پاڻ ئي ان فلم جي موسيقي به ڏني. ايس گل يا گل حيدر جي نالي ۾ سائين فضل علي شاهه ننڍي کنڊ جي فلم دنيا جو هيرو... ڪئريڪٽر ايڪٽر ۽ هدايتڪار وغيره به رهي چڪو هو... يعني گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هجڻ سان گڏ موسيقيءَ جو به پارکو به هو ۽ ننڍي کنڊ جي عظيم موسيقار ماسٽر غلام حيدر ربابيءَ جو پاڻ کي شاگرد سڏائيندي فخر محسوس ڪندو هو. ايس گل صاحب جي فرمائش تي امداد فلم ’حاضر سائين‘ لاءِ پنج عدد گيت لکيا. هيءَ فلم 25 هين آگسٽ 1979ع تي رليز ٿي. فلم جا گيت شاعريءَ جي لحاظ کان سادا ۽ هلڪا ڦلڪا آهن... مٺو پُٽ ٻول (روبينه بدر) سهڻي يار بنا (بلقيس خانم ۽ سليمان شاهه) روز ساغر ۽ شراب (فرزانه جبين) خبر ڪهڙي هئي مون کي (بلقيس خانم) او ماءِ ماءِ ماءِ ڊيئر (غفور گل ۽ ساٿي)

بيشڪ امداد حُسينيءَ جهڙي خوبصورت ۽ پخته ڪار شاعر جا گيت گهڻو ئي سهڻا، پر گل حيدر صاحب جون طرزون ۽ انهن لاءِ استعمال ٿيندڙ ساز، گهڻو متاثر ڪندڙ نه هئا، پر هنن گيتن ۾ ٻولن جي سطح تي امداد جيڪي جيڪي به تجربا ڪيا، انهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن کان اڳ فلم ڌرتي لال ڪنوار جي هڪ دوگاني ۾ امداد لوڪ شاعريءَ سان شيئر ڪندي ٻول آندا هئا...’آيا ڪتيءَ جا ڏينهن وُٺا سانوڻ جا مينهن... لڳا نوان نوان نينهن‘ ۽ ڪورس... ’ڪيا ڌرتي هار سينگار‘ ۾  ههڙا سُريلا عوامي طرز جا ٻول به لکيا؛

تون جي هجين رنگ لڳن، چنگ وڄن، انگ نچن

ائين گيت مٺو پٽ ٻول ۾... مٺوءَ سان ڳالهائيندي ساڻيهه ۽ ساڻيهه جي ٻولي سان محبت جي مام هن رکي:

تنهنجي ٻولي مٺي، ساري سنڌڙي سٺي

مٺي سٺي، سٺي مٺي، مٺڙي ٻولي ٻول

آئون ڀانئيان ته شاعر ذهين، سڄاڻ ۽ وطن پرست آهي ته دل جي ڳالهه يا سنيهو هو ڪنهن به سٽ ۾ ۽ ڪنهن به طرح سان رکي ويندو آهي. ان ڏس ۾ ’مٺو  پٽ ٻول‘ ۾... سنڌي ٻوليءَ جو هي تُز محاورو به امداد منڊيءَ ۾ ٽڪ وانگر جڙيو آهي.

ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو

جيئڻ ڪهڙو هول، مٺو پٽ ٻول

ان فلم جي ٻئي دوگاني ۾، امداد هي  ڇا ته پيغام رکيو آهي:

دل آ ديول، من آ مسجد، عشق عبادت آهي سائين

ساري دنيا دوکو آهي، سڪ صداقت آهي سائين

فلم حاضر سائينءَ لاءِ امداد جيڪو ’پڪنڪ ڪورس‘ لکيو هو، اهو جوانن تي پڪچرائيز ٿيل آهي، منهنجو خيال آهي ته ان ۾ پهريون ڀيرو، انگريزي اکر ۽ ڊانس جي هڪ قسم جو تذڪرو ڪيل آهي، ٻول ڪجهه هن ريت آهن

او ماءِ ماءِ ماءِ ڊيئر، واٽ آ موسم رنگين

۽

راڪ اينڊ رول ۾ ٽوئسٽ ملائي

جهر مر ناچ نچايون ٿا

باءِ گاڊ- وي آر ويچارا

ٽين فلم، جنهن لاءِ امداد گيت لکيا، اُن جو نالو هو، ’سهڻا سائين‘ ان فلم جو فلمساز ۽ موسيقار به سائين ايس گل، يعني گل حيدر. هيءَ فلم 7 مارچ 1986ع تي رليز ٿي. هن فلم لاءِ امداد ست عدد گيت لکيا، جن جا مکڙا هي آهن. جاني او جاني.. لال گلابي موسم... او البيلا صنم... نماڻي مون نڌر تي...نيڻ روئن زارو زار. هي سڀ گيت عشرت جهان ڳايا، جيڪا مشهور ٺمري گائڪا ڪجن بيگم جي ننڍي ڀيڻ ۽ نامياري گائڪ، مهناز جي ماسي آهي. دوگانو ’او پيارا پيارا‘ حميره چنا ۽ منظور سخيراڻيءَ جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيو. امداد جا هي سڀ گيت مواد جي لحاظ کان هلڪا ڦلڪا ۽ روان دوان آهن ۽ موسيقيءَ سان بي حد لبريز معلوم ٿئن ٿا. مثال طور گيت اسٿائي... او البيلا صنم...واري گيت جي سنچائي ۾ امداد هي خوبصورت سنڌي ڳوٺاڻو محاورو ڦٻائي بيهاريو آهي. ڪهڙو؟ اهو هي:

او البيلا صنم... او البيلا صنم، نور مٺي جو قسم

ان فلم جي ٻئي گيت جو ترنم به ڏسڻ وٽان آهي... جنهن جو مکڙو آهي نيڻ روئن ٿا زارو زار زارو زار هاڻي زار زار سان امداد جهڙي ذهين شاعر، هي تُڪ لکي، ڪيڏو نه ترنم پيدا ڪيو آهي:

تن ۾ تنهنجي تار تار اويار، هڪڙي دلڙي درد هزار

امداد جي ادبي ۽ ريڊيائي گيتن جا هونئن ته ڪيئي موسيقار... پر هُن جي فلمي گيتن جا نمايان موسيقار هئا، گل حيدر، غلام نبي عبداللطيف ۽ غلام علي. منهنجو خيال آهي ته هي غلام نبي ۽ عبداللطيف ئي اهڙا موسيقار هئا جن امداد جي فلمي گيتن جون اهڙيون ته سُريليون طرزون ٺاهيون جو آئون ڀانئيان ته سٺين طرزن ۽ امداد جي پياري شاعريءَ سبب سندس جا فلم ’ڌرتي لال ڪنوار‘ لاءِ لکيل گيت دير دير تائين ياد رکيا ويندا.

امداد حُسيني

بحيثيت ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم شاعر

مرتب: نصير مرزا

ٻول

فنڪار

ٽيپ نمبر

ڪمپيوٽر ڪئٽلاگ ۾

ڏسو فولڊر I

شاهه لطيف بابت نظم

آواز: امداد حُسيني

SPT-25

فولڊر ۾ موجود

عيد جون چنڊ ته ناهيان

منظور سخيراڻي

HS-349

فولڊر ۾ موجود

دل ۾ آهي هلچل

عابده پروين

GM-30

فولڊر ۾ موجود

تارن جا جت ديپ

ثريا ۽ صادق علي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

بن ۾ من جو مور

روبينه ۽ صادق علي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

دريا جون هي لهرون

روبينه

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

تنهنجو منهنجو پيار

صادق علي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

ڪلي ڪلي ۾ رنگ رچڻ

صادق علي

POM-16

فولڊر ۾ موجود

اسان روئي روئي کلايو ٿي

صادق علي

HS-570

فولڊر ۾ موجود

نينهن لڳائڻ هرڪو ڄاڻي

صادق علي

HS-570

فولڊر ۾ موجود

رات ڪا برسات جي

صادق علي

HS-570

فولڊر ۾ موجود

جڏهن مان ياد ايندوسانءِ

صادق علي

HS-83

فولڊر ۾ موجود

من تي مچ مچن

صادق علي

POM-16

فولڊر ۾ موجود

آ ته اکين جي آس

صادق علي

POM-16

فولڊر ۾ موجود

منهنجو من پورالو آهي

رجب علي

GH-I

فولڊر ۾ موجود

همرچي جو ويلو ڙي

رجب علي

JU-301

فولڊر ۾ موجود

ڪاش مان چنڊ هجان

رجب علي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

منهنجي دل تي ستم ڪرڻ

رجب علي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي

رجب علي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

پيار جي  ساز تي

رجب علي ، عابده پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

جهرڪي جهانجهر جهومر پايون

رجب علي ۽ ساٿي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

تنهنجا منهنجا سپنا

مهر سيمي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

موتي ائين نه رول

دين محمد شيخ

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

پکيئڙا باغ ۾ (ڪورس)

جميله ناز، تبسم، پروين ۽ امينه ناز

PBH-1567

فولڊر ۾ موجود

ڀلي ڪري آئين جاني

جميله ناز

PBH-1567

فولڊر ۾ موجود

تنهنجو منهنجو

جميله ناز

PBH-1567

فولڊر ۾ موجود

جندڙي جهومي لهرائي

جميله ناز

PBH-1567

فولڊر ۾ موجود

پرين تنهنجو پيار مليو

جميله ناز

HS-354

فولڊر ۾ موجود

آهين آهين تون ئي آهين

جميله ناز

HS-354

فولڊر ۾ موجود

تون ڪٿي آهين

جميله ناز

HS-354

فولڊر ۾ موجود

عشق عطر مشڪ ميان

جميلا ناز

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

روئي پئي شرناءِ

جميله ناز  ۽ پروين

HS-354

فولڊر ۾ موجود

آءُ اچي مل سانول سپرين

عابده پروين

HS-126

فولڊر ۾ موجود

ڪيڏو بهً وسارڻ چاهين

عابده پروين

HS-71

فولڊر ۾ موجود

ڪاري ڪاري رات

عابده پروين

HS-71 HS-513

فولڊر ۾ موجود

تنهنجا منهنجا سپنا

عابده پروين

HS-126

فولڊر ۾ موجود

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

عابده پروين

GM-42

فولڊر ۾ موجود

ڪيڏو به کڻي مان دور وڃان

سينگار علي سليم

RDH-71

فولڊر ۾ موجود

سڄڻ ملڻ جا ڏينهڙا آيا

عابده پروين

S-15

فولڊر ۾ موجود

لونءَ لونءَ منهنجي لات

عابده پروين

GH-I

فولڊر ۾ موجود

لڙ لهرن ۾ لڙهندي وتان

عابده پروين

PBH-648

فولڊر ۾ موجود

مند کاڌي موٽ پرين

عابده پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

ڌَن دولت جي دنيا

عابده ۽ محمد يوسف

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

جهومي ٿو تن من

عابده پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

تنهنجا منهنجا سپنا

عابده پروين ۽

دين محمد شيخ

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

جيڏل شال جڙي رهي

ثريا، زيب النساء

۽ سرتيون

HS-126 GH-11

فولڊر ۾ موجود

مومل ماڻا اچي ماڻ

ثريا، زيب النساء

 ۽ سرتيون

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

بن ۾ من جو مور نچي ٿو

روبينه ۽ صادق علي

POM-16

گڏ- صادق علي

نرمل حسين مست نظارن

روبينه

HS-132

فولڊر ۾ موجود

درياه جون هي لهريون

روبينه

POM-16

فولڊر ۾ موجود

اداس آهين ته دنيا سڄي اداس

روبينه

RDH-71

فولڊر ۾ موجود

او پرديسي پيار ڪري پوءِ

روبينه

RDH-71

فولڊر ۾ موجود

پيڙا جو پڙلاءُ

روبينه

RDH-71

فولڊر ۾ موجود

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي

سيد بشارت علي شاهه

HS-357

فولڊر ۾ موجود

سمنڊ  ڪناري واريءَ جو گهر

سيد بشارت علي شاهه

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

زندگي ٿي وئي پيار سان

بشارت علي شاهه

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

زندگي اي زندگي

بشارت علي شاهه

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

سانئڻ سونَ سريکي سانئڻ

امينه، لڪي ناز ۽ ساٿي

RDH-759

فولڊر ۾ موجود

ڪوئي گيت ٻڌائي

پريوش ڀٽو

NSM-55

فولڊر ۾ موجود

اُوچو جهنڊو رهي اسان جو

وحيد علي- عابده پروين

RDH-997

فولڊر ۾ موجود

اسان جي پيار  جي پارت هجئي

لڪي ناز

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

حيران آهي زندگي

ذوالفقار علي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين

ذوالفقار علي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

اڀ تي بادل بادل ۾ بوندون

ذوالفقار علي

 مظهر حسين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

جڳ کڻي آڳ لڳائي هوندي

غفور گل

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

گيت گلن جا هار ڪٿي

لڪي ناز ۽ ساٿي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

لال بني جي لال ڪنوار

پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

ساجن سائين آئون ته تنهنجي

پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

ڪو ته هجي جو پيار ڪري

پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

ستم کي جان چئون درد کي قرار چئون

پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ

تعمير حسين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

مند وري تون به وري

سرمد سنڌي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

تنهنجا سپنا ننڊ اچي ته ڏسان

ظفر علي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

سانولڙي سانجهي آئي

انيتا رياض

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

بار بار هزار بار

ارشد محمود

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

مصروف تون گهڻو ٿو رهين

فيروز گل

 HS-349

فولڊر ۾ موجود

تو سان اظهار تمنا نه ڪيم

فيروز گل

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

آزادي ڪي گيت لکون گا

انجم آرا ۽ شفيع وارثي

HS-3

فولڊر ۾ موجود

مند کاڌي موٽ (ڊرامو)

تحرير؛ امداد حُسيني

صداڪار:  مشتاق مغل، شهناز سومرو ۽ سڪندر بلوچ

پيشڪش نعيم مرزا

PBH-1649

فولڊر ۾ موجود

روئي پئي شرناءِ-گيتن ڀري ڪهاڻي

پيشڪش: نعيم مرزا

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

امداد حُسيني بحيثيت فلم نغمه نگار

فلم ؛ ڌرتي لال ڪنوار (موسيقار: غلام نبي عبدالطيف)

آءُ راڻا ڪيون روح رهاڻيون

امداد حُسيني

محمد يوسف ۽ عابده پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

منهنجو پيار تون آن

امداد حُسيني

محمد يوسف ۽ عابده پروين

DISC

GM-22

فولڊر ۾ موجود

جهومي ٿو تن من

امداد حُسيني

عابده پروين

DISC

GM-22

فولڊر ۾ موجود

ڌن دولت جي هن

امداد حُسيني

محمد يوسف ۽ عابده پروين

 

فولڊر ۾ موجود

ڪيا ڌرتيءَ هار سينگار

امداد حُسيني

عابده پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

فلم : سهڻا سائين (موسيقار: ايس گل)

لال گلابي موسم آئي

-

عشرت جهان ساٿي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

هو البيلا صنم

-

عشرت جهان

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

نماڻي مون

-

عشرت جهان

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

ڪريون ڪريون اچ پيار

-

عشرت جهان

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

نيڻ روئن ٿا زاروزار

-

عشرت جهان

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

جاني جاني

-

عشرت جهان

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

دم دم سو ديدار

-

عشرت جهان

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

فلم: حاضر سائين (موسيقار: ايس گل)

مٺو پُٽَ ٻول

امداد حُسيني

روبينه بدر، بلقيس خانم

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

خبر ڪهڙي هئي مون کي

امداد حُسيني

بلقيس خانم

NMK-14 A

فولڊر ۾ موجود

سهڻي يار بنان

امداد حُسيني

بلقيس خانم ۽ سليمان شاهه

NMK-14 A

فولڊر ۾ موجود

او ماءِ ماءِ ڊيئر

امداد حُسيني

غفور گل ۽ شمشاد پروين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

پنهنجي پرينءَ کي

امداد حُسيني

شمشاد پروين ۽ ساٿي

NMK-405

فولڊر ۾ موجود

اسين قرب وارن جا آهيون غلام

امداد حُسيني

خورشيد بيگم ۽ تصور خانم

NMK-405

فولڊر ۾ موجود

علي علي حق  (ڌمال )

ڪورس

 

IK-40

فولڊر ۾ موجود

گهنڊ وڄن گهڙيال

امداد حُسيني

رضوانه جبين ۽ ساٿي

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

روز ساغر ۽ شراب تن مان

امداد حُسيني

رضوانه جبين

فولڊر ۾ موجود

فولڊر ۾ موجود

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org