گذارش
ننڍي کنڊ جو عظيم ۽ سنڌ جو مهان شاعر، ٻوليءَ جو
ماهر، بهترين نثرنويس علم ادب جو بي لوث خدمتگذار
۽ درويش صفت انسان سائين امداد حُسيني 27 آگسٽ
2022ع تي صبح جو اٺين وڳي ڪجهه عرصو بيمار رهڻ
کانپوءِ پنهنجي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي گذاري
ويو. اِنالِله وَ اِنااليـﮧ راجعون.
سائين امداد حُسينيءَ جون علمي ادبي خدمتون ڪڏهن
به وسرڻ جهڙيون نه آهن. سنڌي ادبي بورڊ ماضيءَ ۾
پڻ سنڌ جي املهه ماڻهن جي خدمتن کي ياد رکڻ ۽
ٽماهي ’مهراڻ‘ خاص نمبرن جي اشاعت ۾ اڳرو رهيو
آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘ جي هدايت موجب امداد حُسيني خاص نمبر شايع
ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو، جنهن تحت مانوارن
پڙهندڙن کي مواد موڪلڻ لاءِ مختلف وقتن تي گذارش
ڪئي وئي ۽ انهن جي تعاون سان مواد اي.ميل، واٽس
اپ، ۽ پوسٽ ذريعي اسان تائين پهچندو رهيو، ۽ پهرين
ان کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۽ بورڊ ۾ لاڳيتو لوڊشيڊنگ جي
بحران سبب امداد حُسيني خاص نمبر دير سان شايع ٿي
سگهيو آهي. چيئرمين صاحب جي انتهائي ذاتي دلچسپي
هئڻ سبب بورڊ ۾ ايڪسپريس لائين هئڻ ڪري پرچو
اوهان مانوارن پڙهندڙن تائين پهتو آهي.
امداد حُسيني
خاص نمبر جي اشاعت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين
صاحب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جي دلچسپي ۽
رهنمائيءَ سان گڏ خاص توجهه جي سبب ئي هيءُ خاص
نمبر شايع ٿي سگهيو آهي.
ٽماهي ’مهراڻ‘ جو
امداد حُسيني
خاص نمبر مانوارن پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي، سنڌي ادبي
بورڊ لاءِ اهو هڪ وڏو اعزاز آهي ته سنڌ جي سَر موڙ
شاعر اديب، اسڪالر، مُحقق، نقاد ۽ بي لوث خدمتگذار
امداد حُسينيءَ جي ياد ۾ ۽ سندس ادبي خدمتن،
زندگيءَ جي ڏکئي، سکئي سفر جي ڪٿا کي ناميارن
قلمڪارن جي لکڻين جي روپ ۾ هن خاص شماري ۾ شامل
ڪري اها ڪوشش ڪئي آهي ته جيترو به مواد پڙهندڙ کي
مُهيا ڪري سگهجي اُهو هن خاص نمبر ۾ شامل ڪري رهيا
آهيون.
امداد حُسينيءَ
جون ادبي، تعليمي، نصابي خدمتون، توڙي ادب ۾ نثر ۽
شاعريءَ جي ميدان ۾ توڙي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندن
انتظامي خدمتون جن ۾ ايڊيٽر ٽماهي ’مهراڻ‘ 1977ع
کان 1979ع ۽ ٻيهر 91-1992ع، سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري 1992-1991ع ۽ 2004ع کان 2006ع تائين بورڊ
جي ٽنهي رسالن ’مهراڻ‘، ’سرتيون‘ ۽ ’گل ڦل‘ جي چيف
ايڊيٽر طور ۽ ان سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف
گورنرس جو ٻه ڀيرا ميمبر پڻ رهيو. سنڌي ادبي بورڊ
لاءِ سندس ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، جيڪي
بورڊ جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ هميشه ياد رکيون
وينديون.
امداد حُسينيءَ جهڙي شخصيت ۽ سندس ادبي ڪم کي صرف
هڪ خاص نمبر ۾ مڪمل طور پيش ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هو، پر
جَس هجي سائين امداد حُسينيءَ جي زندگيءَ جي هر ڏک
سک جي ساٿي سندس وَني ڊاڪٽر سحر امداد کي جنهن
مواد مُهيا ڪري ڏيڻ، ان کي وري وري ڏسڻ، پروفن جي
درستگي ڪرڻ ۽ امداد حُسينيءَ جون يادگار تصويرون
مهيا ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪري
امداد حُسيني
خاص نمبر جي اشاعت جي ڏکئي سفر ۾ آساني پيدا ڪئي.
مان مانائتي شفيق ادي پروفيسر ڊاڪٽر سحر امداد
حُسينيءَ جي نهايت شڪرگذار آهيان، جنهن پنهنجي
ذاتي توڙي علمي ادبي مصروفيتن کي هڪ پاسي رکي
ٽماهي ’مهراڻ‘ جي هن خاص نمبر لاءِ پاڻ کي وقف
ڪيو. اهڙيءَ طرح محترم نصير مرزا جي
امداد حُسيني
خاص نمبر جي لي آئوٽ توڙي ترتيب ۾ وڏي مدد حاصل
رهي. محترم گل ڪونڌر جن وقت تي سندن مرتب ڪيل ڪتاب
امداد حُسيني ’ادب نمبر‘ 2003ع مُهيا ڪري ڏنو،
جنهن مان پڻ مواد حاصل ڪيو ويو، جنهن لاءِ اسين
سندس شڪرگذار آهيون.
ٽماهي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جي مانوارن
ميمبرن خاص طور ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ جي امداد
حُسيني خاص نمبر جي هر ليک جي هر سٽ کي پڙهڻ
سنوارڻ ۽ رهنمائيءَ ۾ وڏي مدد ڪئي.
اهڙيءَ طرح بورڊ جي سيڪريٽري محترمه گلبدن جاويد
مرزا جيڪا پاڻ شاعر ۽ اديب آهي ۽ گڏوگڏ ’سرتيون‘
رسالي لاءِ بطور ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون
آهن جي هر ممڪن رهنمائي، همٿ افزائي ۽ سهڪار حاصل
رهيو آهي.
ٿورا:
سمورن مانوارن ليکڪن جي سهڪار لاءِ پڻ تمام گهڻي
مهرباني ۽ سندن لکڻين سان ئي
ٽماهي ’مهراڻ‘ شايع ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي ۽ طرحين
طرحين خوبصورت گُل لکڻين جي صورت ۾ هن خاص نمبر ۾
شامل آهن، جن جي لکڻين تي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو هيءُ
خاص نمبر مشتمل آهي.
هن خاص نمبر لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن توڙي ڪمپيوٽر
شعبي جي هر ڪارڪن اشاعت لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو آهي.
امداد حُسيني خاص نمبر پڙهندڙن جي خدمت ۾ ان اميد
سان پيش ڪري رهيا آهيون ته سنڌ جي هڪ قدآور عالم،
اديب جي خدمتن کان نه رڳو نئين نسل کي واقف ڪجي،
پر تحقيق جي ميدان ۾ پڻ محققن کي امداد حُسينيءَ
جي ڪم ۽ خدمتن بابت بنيادي مواد مهيا ڪري ڏئي
سگهجي.
امداد حُسيني
خاص نمبر سنڌ جي لائبررين ۾ پڻ مهيا ڪيو ويندو،
جتي نوجوان ۽ محقق ٽماهي ’مهراڻ‘ خاص نمبر مان
مستفيض ٿيندا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بي لوث خدمتگذار ۽
ڀلوڙ انسان امداد حُسيني جي حوالي سان سندن خدمتن
کان واقفيت حاصل ڪري سگهندا.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
|