ياسر قاضي
امداد حـُسينيءَ جا درسي نظم ۽ ٻارن لاءِ شاعري
امداد حُسيني پيدائشي شاعر هو ۽
شاعر
هوندو ئي پيدائشي آهي. فقط رياضت ۽ تپسّيا سان
ڪنھن کي شعر گهڙڻ جي اٽڪلَ ته اچي سگهي ٿي پر بقول
ڊاڪٽر عطا محمّد حاميءَ جي ته ”شاعري ته گھڻائي
ڪندا آهن، پر انهن مان شاعر ڪو
ڪو
هوندو آهي.“ امداد جا ٻيا سڀ حوالا به ڀلي ڪيڏا به
مضبوط ڇو نه هجن! ۽ آهن... هُو هڪ سھڻو نثرنويس،
برجستو ڪھاڻيڪار، باصلاحيت ايڊيٽر، ٻوليءَ جو
ماهر، نصاب لکڻ توڙي ترتيب ڏيڻ جو ڏانءُ رکندڙ،
محقق توڙي سچّو سپورنج هو، پر هُو بھرحال شاعر
آهي، هڪ مڪمّل شاعر. هُو مزاجاً به شاعر هو، پاڻ
کي مليل ڏات جي لحاظ کان به هڪ پَڪو پُختو شاعر
هو... پنھنجي مشق سان لوچي لڌل ڏانءَ
(craft) جي لحاظ کان
به شاعر هو، هڪ پُورڻ شاعر.
امداد حُسينيءَ تي ڏات جي ديوي مھربان رهي. هن کي
ڪنھن به وقت، ڪٿي به آمد ٿيندي هئي، ته هو، بقول
نصير مرزا جي: ”ميڙ ۾ به پنھنجا گوڏا ملائي، انهن
تي رکيل ڊائريءَ تي جُهڪي، اُن ماڻهن جي جُهنڊَ
کان بي نياز ٿي اهو سڀ ڪجهه لکي وٺندو هو، جيڪو ان
وقت سندس هانءَ جي قرطاسَ تي هُري ايندو هو.“ پر
امداد رڳو ان هڪ گهڙيءَ جو محتاج ڪونه هوندو هو.
هن پنھنجيءَ ڏات ۽ ڏانءَ جي حسين امتزاج سان
پنھنجي اهڙي تربيت ڪري ڇڏي هئي، جو ڪنھن به
گهڙيءَ، ڪھڙي به ماحول ۾ (چاهي اهو ’گوشهء عافيت‘
۾ ميسّر گهڙي هُجيس، يا هجُوم ۽ لُڙَ ۾...) مطلوبه
موضوع تي گھربل طوالت جو ڪلام، گهربل صنف ۾ ايڏو
جلدي چئي وٺندو هو، جو اهو گمان ٿيڻ لڳندو هو ته
شايد اهو ڪلام هن جو گهڻو پھريان لکيل آهي ۽ هاڻي
فقط هُو ان کي پڪو ڪري اُتاري رهيو آهي. امداد جي
اها ايڏي پڪي پُختي مشقَ، ظاهر آهي ته هڪ ڏينھن
جِي محنت جو نتيجو ته ناهي. امداد پاڻ جڏهن
ٻالجتيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ته رومانوي غزلن سان گڏ
ٻاراڻن ٻول لکڻ سان ئي پنھنجي تخليقي سفر جو آغاز
ڪيائين. سحر امداد، امداد حُسينيءَ جي شعري
مجمُوعي ”هوا جي سامهُون“ جي مھاڳ ۾ لکي ٿي:
”هونئن ته امداد شاعريءَ جي شروعات پنھنجي ننڍپڻ ۾
ئي ڪئي هئي، قريباً يارنھن ٻارنھن سالن جي عمر
۾... هُن جي شروعاتي غزلن جي بندِي، هن جو هڪڙو
اسڪول ٽيچر پڙهڻ لاءِ کڻي ويو ته پوءِ واپس نه
ڪيائين. هن جي شاعري ٻارن جي رسالي ’گلستان‘ ۾
باقاعدي ڇپجڻ لڳي.“
(1
جيتوڻيڪ اسان وٽ ريڊئي ۽ ٽيليويزن لاءِ لکندڙ
شاعرن ۽ ڊراما نگار 8، 10 نالن منجهان اڪثر نالا
اهڙا آهن، جن کي ميڊيا جي دنيا کان ٻاهر، مجموعي
طور ادب جي دنيا ۾ اهو مقام ملي نه سگهيو. پر انهن
۾ شمشيرالحيدري، قمر شهباز ۽ امداد حُسيني اهي ٽي
نالا اهڙا هئا، جن پنھنجي نج تخليقي ’اڏامي‘ سان
نه رڳو سُھڻا سُھڻا گيت لکيا، گيتن ڀريُون ڪھاڻيون
رچيون، ڊراما لکيا، فيچر تحرير ڪيا، بلڪه هر قسم
جو اسڪرپٽ لکيو. جيتوڻيڪ انهن ٽنهي ۾ شمشير صاحب
جو گهڻو حصو ٽيليويزن لاءِ رهيو.
امداد حُسينيءَ جي ريڊيو حيدرآباد تي ٿيل ان تربيت
جو فائدو بشمول سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، انهن سمُورن
ادارن کي ٿيو، جن سان بعد ۾ امداد جو تعلق رهيو.
جيتوڻيڪ ريڊيي تي به امداد ٻين موضوعن جيان ٻارن
لاءِ گيت به لکيا، پر انهن جو تعداد گهٽ آهي.
ريڊيي تي عذرا رياض جي آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل ٻارن
لاءِ لکيل ”مُرڪندا شلَ رهو“ جي عنوان سان هي گيت
(جيڪا اصل ۾ هڪ دعا آهي) گهڻو مقبول ٿيو، جيڪو
نصير مرزا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ٿيل
ٻارن جي ريڊيائي نظمن جي مجموعي ”دٻلِي ٿي ڇڻڪي“ ۾
به شامل ڪيو آهي:
ــ مُرڪندا شلَ رهو ــ
مُرڪندا شـل رهو
شالَ ٽڙنـدا رهو!
آسمان تي سدا
چنڊ بڻجي کِڙو،
گلستان ۾ گُلابن
جيان شل ٽڙو!
امداد حُسيني جيڪو عرصو سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهيو،
تڏهن ته هن ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ ٻارن جي
رسالي ”گل ڦُل“ لاءِ لکيو ئي لکيو، پر هُو جنھن
جنھن دؤر ۾ ادبي بورڊ جو ملازم نه به رهيو، تڏهن
به هن
ٻارن لاءِ لکڻ ۽ ”گُل ڦُلَ“ ۾ ڇپجڻ ۾ ناغو ورلي
وڌو هجي! پوءِ توڙي اهو غلام رباني آگري جي ”گل
ڦُل“ جي ادارت وارو ابتدائي دؤر هجي، انور
هالائيءَ ۽ شوڪت حسين شوري جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ
”گُل ڦُل“ هجي يا خود سندس پنھنجي ادارت ۾... اچو
ته ”گل ڦُلَ“ ۾ ڇپيل امداد جي ٻارن لاءِ لکيل نظمن
منجهان ڪجهه تخليقون، نموني طور ڏسون.
امداد جيئن ته ٻوليءَ جو ماهر ۽ ’لفظ ساز‘ سپُورنج
به هو. هُو نوان نوان لفظ به گھڙيندو ۽ استعمال
ڪندو هو. جنھن جا اڻَ ڳڻيا مثالَ موجود آهن. مان
سمجهان ٿو ته امداد سنڌي ٻوليءَ جو واحد شاعر هو،
جنھن مھاڳ لکڻ سان گڏوگڏ ’اَ ــ مُھاڳ‘
يا
’اُپمھاڳ‘ لکڻ جي ريت به وڌِي. ان طرح هُنَ ”گُلَ
ڦُلَ“ لاءِ لولين سان گڏ ’الولِي‘ به لکي. ”اَ“
عمُومي طور تي سنڌي لفظن جا ضدَ گھڙڻ جو قاعدو آهي
۽ مخصُوص حالتن ۾ صفتن جي اڳيان اکر ”اَ“ لڳائڻ
سان اُن جو ضد ٺهي پوندو آهي. جيئن ’واٽو‘ ــ
اَواٽو‘
(يعني واٽَ تان ٿِڙيلُ يا ڀَٽڪيل)... ’سُونھو‘
’اَسُونھون‘...’ڄاتَل‘ ــ ’اَڄاتَل‘... وغيره...
تيئن امدادَ،
”لوليءَ“ جي ضد ’الوليءَ‘ جي اخطراع متعارف
ڪرائِي، جنھن مان مرادَ، ان ٻول جي ورتِي وڃي،
جيڪو لولي نه هجي! اچو ته امداد جي 1975ع ۾ لکيل
هڪ ’اَ ــ لولي‘ پڙهي ڏسون:
هن نظم سان گڏ ان وقت جي ”گُلَ ڦُلَ“ جي ايڊيٽر
انور هالائيءَ، هي نوٽ به تحرير ڪيو آهي:
”(ٻاراڻا
ٻولَ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ورثو آهن. جيڪي جدا جدا
موسمن، وقتن، ڏينھن وار ۽ راند رُوند وقت ٻارن جي
واتان اچانڪ نڪرندا آهن ۽ اڳتي هلي اهي ٻوليءَ جو
حصّو بنجي ويندا آهن. سنڌ جي نئين فڪر جي ترجمان
شاعر امداد حُسينيءَ، انهن ٻولن جي روايت کي نواڻ
بخشِي. هُن هيءَ ’الولِي‘
خاص ’گُل ڦُل‘ لاءِ لکي آهي ۽ واعدو ڪيو آهي ته
هُو ’گُل ڦُل‘ لاءِ اهڙيُون الوليُون لکندو رهندو.
اميد آهي ته ٻارَ پڻ ان کي پسند ڪندا. ــ
(ايڊيٽر)(4)“
امداد وٽ ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ انداز جي سؤلڙائي،
لفظن جي سھنجائي ۽ ننڍا بحر عام ملن ٿا. هُو ننڍن
ننڍن اصطلاحن ۾ معصوم عام فهم اظھار ايئن ڪري ٿو،
جو ٻار ان گيت يا نظم کي پاڻيءَ وانگر پي ازبر ڪري
سگهي ٿو. هڪ ٻئي نظم ”چيڪلي راند“ ۾ ٻارن جي ڏانءَ
واري ٻوليءَ ۽ اظھار جي سلاست ملاحظه ڪيو:
ــ چِيڪلي راند ــ
چِيڪلي پايُون پيرَ گسايُون،
اچو ته ٻارو! راند رچايُون
موٽِي مُندَ بھار جِي آئِي،
گُلن ڦُلن ۾ ٿِي سرهائي،
ڪيُون ڀلارَي ڌڻيءَ ڀلايُون،
چِيڪلي پايُون پيرَ گسايُون
جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسين ته امداد مزاجاً به هڪ
شاعر هو، هڪ رومانوي شاعر، اهڙو رومانوي اظھار هُو
ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ٻارن لاءِ لکيل نظم ۾ رُومال ۾
ويڙهي به هڪ ٻن سٽُن ۾ ڪري ٿو وڃي، جنھن کي شايد
اهو ٻار ته نه سمجھي سگھي، جنھن لاءِ بنيادي طور
اهو نظم چيل آهي، پر انهن ڪجهه سِٽُن جي ڪري اهو
نظم هر عمر جي پڙهندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث بڻجي
وڃي ٿو. ان جو هڪ مثال ”مون کي گھرجي“ جي عنوان
سان لکيل سندس هي نظم آهي:
ــ مُون کي گُھرجي ــ
مون کي هڪڙِي لٺ ٿِي گُھرجي انڊلٺ جھڙِي
جنھن ۾ ستَ ٿا رنگَ ٿين
واڱڻائي، گُلي، نيرو
سائو، پيلو، نارنگي، ڳاڙهو
ٻارن ۾ سڀ رنگَ
ورهايان
رُٺل هجن ته انهن سڀني کي،
ڀاڪُر پارائي
پرچايان
جيڪي آهن ته بظاهر ٻارن لاءِ لکيل، پر انهن ۾ ڪو
نه ڪو بالغ تاريخي سچّ به بيان ٿيل آهي. ان کي
ابلاغ جي دنيا ۾ ”ٽارگيٽيڊ آڊيَنس“ (جنھن قاريءَ
لاءِ لکجي ٿو) کي ”مَلٽِيپل“ (گھڻ رُخو/ مُتنوّع)
بڻائي ڇڏڻ جو فن چئبو آهي، جنھن ۾ ليکڪ ڄاڻي واڻي
مختلف عمر جي پاٺڪ سان مخاطب ٿي، پنھنجي ابلاغ کي
گهڻَ رنگو ۽ وسيع بڻائي ڇڏيندو آهي. پر اها مھارت
به هر ليکڪ جي وسَ جي ڳالهه ناهي. اهو امداد جھڙي
شاعر جو ئي ڪمال ٿي سگھي ٿو.
نصابي ڪتابن لاءِ امداد حُسينيءَ جي شاعري:
جيئن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت ڪرڻ ڪري امداد جي
بدؤلت ”مھراڻ“ ۽
”گُلَ
ڦُلَ“ کي معياري ايڊيٽر مليو، تيئن سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ
بورڊ ۾ نوڪريءَ دؤران سنڌ جي هر ٻار کي سنئون سڌو
فائدو ٿيو، ته ان جي سنڌي نصاب لاءِ جيڪي سبقَ يا
نظمَ امداد پاڻ لکيا، اهي ته معياري لکيا ئي لکيا،
پر هن پنھنجي لکيل نثر توڙي نظم کان علاوه به ٻين
جن جن ليکڪن جو نثري مواد سبقن جي صورت ۾ چونڊيو
يا ايڊٽ ڪيو ۽ نظم جي سيڪشن لاءِ جن نظمن ۽ گيتن
جي چُونڊَ ڪئي، اهي به مثالي ۽ معياري هئا. پر هتي
ظاهر آهي ته اسان فقط امداد جي ئي لکيل نظمن ۽
گيتن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون.
امداد وٽ ٻارن جي هڪ باشعور ۽ ذميوار شاعر وانگر
اهو احساس بدرجهء اُتم موجود آهي، ته ڪھڙيءَ عمر
جو ٻار ڪھڙي ٻولي سمجهندو ۽ ڪھڙي ڪلاس جي ٻار لاءِ
ڪيتري بحر جو نظم موزُون آهي. اهو ئي سبب آهي جو
شروع وارن ڪلاسن جي ٻارن لاءِ امداد جا نظم
’ٻاراڻن ٻولن‘ (رائمس) جي انداز ۾ ننڍن بحرن ۽
سادن سلُوڻن لفظن تي ٻَڌلَ آهن. جيئن جيئن ٻارن جي
عمر وڌَي ٿي، ته وڏن ڪلاسن جي ٻارن لاءِ سندس نظمن
۾ شامل پيغام ۾ به تبديلي اچي ٿي ۽ اهڙا موضوع اچن
ٿا، جيڪي ان عمر جي ٻارن جي سمجھه ۾ اچي سگھن.
هن وقت
رائج سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران شايع ڪيل، ٻارن جي
درسي ڪتاب ”سنڌي پھرئين ڪتاب“ ۾ امداد حُسينيءَ جا
ڪُل 3 نظم شامل آهن. جڏهن ته ٻئي درجي جي رِيڊر
(سنڌي ٻئي ڪتاب) ۾ امداد جو ڪوبه نظم شامل ناهي.
سنڌي پھرئين ڪتاب ۾ شامل امداد جا نظم هي آهن:
ــ ڀلا ٻُڌاءِ ته ڇاهي؟ ــ
پرَ اٿس پر پوپٽ ناهي
اُڀَ ۾ اُڏري، پکي به ناهي
ڀلا ٻڌايو ته اهو ڇاهي؟
مٿين ٽنهي نظمن جي ٻولي،
لفظن جي رواني، قافيي جي هم آهنگي توڙي آوازن سان
سُڃاڻپَ، امداد جي نصابي ماهر هجڻ کي ظاهر ڪري ٿي،
ته هُو ٻار جي عمر جي لحاظ کان انهن جي نفسيات کي
سمجھي لکڻ جو ڏانءُ رکي ٿو.
اڄڪلهه رائج سنڌي ٽئين ڪتاب ۾ امداد حُسينيءَ جا
هيٺيان 2 نظم شامل آهن، جن مان هڪ نعت ۽ هڪ دعا
آهي:
ــ پاڻ سڳورا ﷺ (نعت) ــ
جيءَ جيارا پاڻ سڳورا ﷺ
سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا ﷺ
مٿين ٽنهي نظمن جي ٻولي،
لفظن جي رواني، قافيي جي هم آهنگي توڙي آوازن سان
سُڃاڻپَ، امداد جي نصابي ماهر هجڻ کي ظاهر ڪري ٿي،
ته هُو ٻار جي عمر جي لحاظ کان انهن جي نفسيات کي
سمجھي لکڻ جو ڏانءُ رکي ٿو.
چوٿين، پنجين، ڇھين ۽ ستين ڪلاس جي سنڌي ڪتابن ۾
امداد حُسينيءَ جو ڪوبه نظم يا گيت شامل ناهي،
البته ستين ڪلاس جي ”آسان سنڌي“
ڪتاب جو آخري سبق، امداد حُسينيءَ جي هيءَ دُعا
آهي، جنھن جي ٻوليءَ جي سلاست تي غور ڪرڻ سان
اندازو ٿيندو ته امداد ڪيئن اُن ٻار جي سھُولت جو
خيال ڪندي هن نظم ۾ بنهه سؤلا ۽ سنھنجا لفظ ڪتب
آندا آهن، جنھن جي مادري ٻولي سنڌي ناهي. هن نه
رڳو آسان ۽ مختصر لفظن جو استعمال ڪيو آهي،
پر ”ڱ“، ”ڃ“ ۽ ”ڏ“ وغيره جھڙا اکر به استعمال ناهن
ڪيا، جيڪي غير سنڌي ٻارن کي پڙهڻ ۾ ڏُکيا لڳن:
لِکان ۽ پڙهان مان وڏي چاهَه سان
رَکان سِڪَّ ساڻيھَه جِي ساهَه سان
ڏِيئي جان انڌيرا ڀَڄائي ڪڍان
ٿَرِن تي ٿڌِي بُوندَ بڻجِي وسان
وڏن جو ادب ۽ ننڍن ساڻ پيار
اِها نيڪ عادتَ ڪريان اختيار
اٺين ڪلاس جي سنڌي ڪتاب (سنڌي اٺين ڪتاب) ۾
”سوڀارو ساڻيھه“ جي نالي سان امداد جو هي نظم شامل
آهي:
اٺين ڪلاس جي آسان سنڌي ڪتاب جو ٽيون سبق امداد
حُسينيءَ جي لکيل هڪ نعت آهي. جنھنجي ٻولي پڙهي
بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته ساڳئي ڪلاس جي اُن ٻار
لاءِ نظم لکندي، جنھنجي مادري ٻولي سنڌي آهي، شاعر
ڪھڙي قلمي روش رکي ٿو (جيئن مٿئين نظم ۾ پڙهي
آياسين) ۽ ان ئي عمر جي اُن ٻارن لاءِ سندس بيان
جو انداز ڪيئن آهي، جيڪو سنڌيءَ کي ڌارئي ٻوليءَ
طور پيو پڙهي. اٺين ڪلاس جي ”غير مادري زبان“
پڙهندڙ شاگردن لاءِ لکيل ننڍي بحر واري سندس هيءَ
نعت پڙهي ڏسو:
مٿئينءَ نعت ۾ ”متقارب مُثمن محذوف“
جھڙي مختصر بحر جي هڪ شعر ۾ ”فعولن فعولن فعولن
فعل“ جي مختصر ارڪانن ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي حجة الوداع
جي سمُوري خطبي جو تتُ بيان ڪري ڇڏڻ، فقط امداد جو
ئي شاعراڻو هنر ٿي سگھي ٿو، جنھن اِن نعت جي ٽئين
شعر ۾ اٺين ڪلاس جي لڳ ڀڳ 12، 13 سالن جي عمر جي
ٻارَ کي نبي سڳوري ﷺ جي ان خطبي جي خلاصي کان
آگاهه ڪري ڇڏيو، جنھنکي انساني حقن جي چارٽر جو
درجو حاصل آهي.
نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ سنڌي لازميءَ جي نصاب ۾
(جيڪو سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ جي ٻن سالن مان
پھرئين سال، يعني نائين ڪلاس ۾ پڙهايو وڃي ٿو)
امداد حُسينيءَ جو ”خوشحاليءَ“ جي عنوان سان هي
نظم شامل آهي، جنھن ۾ واضح طور تي نظر اچي ٿو، ته
هاڻي امداد وڏن ٻارن سان مخاطب آهي ۽ انهن کي وڌيڪ
پختيون ’ميچُوئر‘ شيون سمجهائڻ چاهي ٿو:
جيتوڻيڪ هي نظم اسان جي مزدور ۽ هاريءَ جي اصل
معروضي حالتن جي ابتڙ لکيل آهي ۽ جيئن سرڪاري
ميڊيا، رياستي ريڊئي، ٽي ويءَ جي گيتن توڙي نصاب ۾
’سڀ ڪجهه سُٺو سُٺو‘ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي
۽ ميڊيا جي سامعين ۽ ناظرين وانگر نصاب جي پڙهندڙ
ٻارن کي به سڀ ڪجهه سُٺو سُٺو ڏيکارڻ، پُراميد
(آپٽيمسٽ) رکڻ جي سرڪاري ڪوشش تحت فرمائشي نظم
لکرايا ويندا آهن، هي نظم به انهن ئي نظمن جي هڪ
ڪڙي آهي، جيڪو يقيناً امداد ’نظريهء ضرورت‘ تحت ئي
لکيو آهي. جڏهن ته اسان جي مزدُور ۽ هاريءَ جي اصل
حالت ته اياز جي هن شُھره آفاق نظم جي هنن سٽن ۾
اوتيل آهي، ته:
”خوشحالي“
نظم کان اڳ اڌ صفحي تي شاگردن لاءِ امداد جو جيڪو
تعارف ڏنل آهي، اهو هن ريت آهي:
امداد حُسينيءَ جو پُورو نالو سيّد امداد علي شاهه
آهي. سندس پيءُ جو نالو سيّد فضل محمّد شاهه آهي.
امداد حُسيني ٽِکڙ ضلعي حيدرآباد، هاڻوڪي ضلعي
ٽنڊو محمّد خان ۾ 10 مارچ 1940ع تي ڄائو. پاڻ
پرائمري تعليم ٽِکڙ جي کُٿاب ۾ ورتائين. ميٽرڪ
نُور محمّد هاءِ اسڪُول حيدرآباد سنڌ، انٽر سچل
سرمست ڪاليج، بي.اي
(آنرز) ۽ ايم.اي
سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
امداد حُسينيءَ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي ۽ سنڌ
ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ نوڪري ڪئي. پاڻ ڊراما نگار،
ڪھاڻيڪار، مترجم، محقق ۽ نقاد آهي. ڪھاڻيون
’سانول‘ جي نالي سان لکيون اٿس. امداد حُسينيءَ جا
هي شعري مجمُوعا ڇپيل آهن: ’امداد آهه رول‘،
’شھر‘، ’هوا جي سامهُون‘، ’ڪرڻي جھڙو پلُ‘،
’هُوءَ‘، ’ڌُوپ ڪِرَن‘ (اردو) ان کان سواءِ مرزا
قليچ بيگ جو ناول ’زينت‘ ۽ ’دود چنيسر‘ اردُوءَ ۾
ترجمو ڪيا اٿس. فيض احمد فيض جو ڪلام
’تُنھنجي ساگر نيڻن ۾‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو اٿس.“
(14
هائيرَ سيڪنڊريءَ کان مٿئين سطح تي گريجوئيشن توڙي
ماسٽرس ۾ ته امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ جو ججهو
مقدار موجود آهي ئي، بلڪه سنڌي ادب ۾ ايم. اي.
ڪندڙ شاگردن کي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ امداد جي
شاعريءَ جو پيرائتو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو.
امداد حُسينيءَ جي نه رڳو پنھنجي قلم مان ٻارن
لاءِ ادبي فنپارا ڦُٽي نڪتا، بلڪه ان سان سان
گڏوگڏ هن ٻين ٻولين مان ٻارن جي ادب جا ترجما پڻ
ڪيا. هن اردُو اڪيڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا
چار ڪتاب پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن، جيڪي پڻ
سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ تخليق ڪيل ادب جو خزانو آهن.
امداد حُسيني، شاعريءَ جي ٻين محاذن تي پنھنجي
ڪامياب قلمي ڪرت وانگر ٻارن جي لاءِ به پنھنجي قلم
جو ڀرپُور استعمال ڪندي، سندن مثبت ذهن سازيءَ ۾
پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪندي، معاشري جي تعمير ۾ هڪ
فرض شناس معمار وانگر پنھنجو حصّو ڳنڍيو آهي. اسان
جي نصاب جي ترتيب ڏيندڙ ۽ شايع ڪندڙ ادارن کي
گُهرجي ته امداد حُسينيءَ جا ٻارن لاءِ لکيل
اڪيچار نظم، جيڪي ”گُل ڦُل“ جي ڪئين پرچن جي زينت
آهن، کي پڻ نصاب ۾ شامل ڪن. اهو ضروري آهي ته مٿي
ذڪر ڪيل جن جن ڪلاسن جي نصاب ۾ امداد جا نظم شامل
ناهن، انهن ۾ به سندس شاعريءَ کي جاءِ ڏئي، ٻارن
جي پڙهڻ لاءِ صحتمند مواد جي فراهميءَ کي يقيني
بڻايو وڃي ۽ سنڌي نصاب توڙي ان کي پڙهندڙ ٻارن کي
امداد جي سھڻن نظمن ۽ گيتن کان ڪڏهن به محروم نه
رکيو وڃي.
حوالا
-
حُسيني، امداد، ”هوا جي سامهُون“، روشني
پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2000ع
-
مرزا، نصير (مرتب) ”دَٻلِي ٿي ڇڻڪي“، سنڌي
لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2010ع
-
ربّاني، غلام (ايڊيٽر)، ”گُل ڦُل“، ناشر: سنڌي
ادبي بورڊ، ڄامشورو ــ سال: جُولاءِ 1975ع
-
سولنگي، غلام مصطفيٰ، ”سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي
شاعريءَ جي اينٿالاجي“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،
حيدرآباد، 2007ع ــ ص: 97
-
سولنگي، غلام مصطفيٰ، ”سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي
شاعريءَ جي اينٿالاجي“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،
حيدرآباد، 2007ع، ص: 98
-
سنڌي پھريون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
ــ سال: 2014ع، ص: 43
-
سنڌي پھريون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
ــ سال: 2014ع، ص: 45
-
سنڌي پھريون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
ــ سال: 2014ع، صفحو: 49
-
سنڌي ٽيون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ
سال: 2014ع، ص: 9
-
سنڌي ٽيون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ
سال: 2014ع، ص: 67
-
آسان سنڌي ڪتاب، ستين ڪلاس لاءِ، ناشر: سنڌ
ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع، ص: 64
-
سنڌي اٺون ڪتاب، ناشر: سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ
سال: 2014ع، ص: 95 ۽ 96
-
آسان سنڌي ڪتاب، اٺين ڪلاس لاءِ، ناشر: سنڌ
ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2014ع، ص: 9
-
سنڌي لازمي، نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ، ناشر:
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ــ سال: 2022ع، ص: 184 ۽
185
عبدالواسع’عبد‘ سهندڙو
امداد حُسينيءَ جي پرائمري درسي
ڪتابن ۾ شامل شاعري
هڪ جائزو
تعليم جي منزل ۽ مراد کي پهچڻ لاءِ، اسڪول، شاگرد،
استاد ۽ درسي ڪتابن جو هئڻ ضروري آهي. يعني انهن
سڀني جو ها ڪيو تاڪيو هئڻ ضروري ۽ لازمي آهي. ٻي
صورت ۾ تعليم جو اصل مقصد گم ٿي ويندو. انهيء لاءِ
ته انهن سڀني اسمن جي پنهنجي جاء تي اهميت ۽
افاديت آهي. ڪوبه ڪنهن کان گهٽ وڌ نه آهي، پر هرهڪ
پنهنجي حساب ڪتاب سان ٻئي کان نرالي حيثيت رکندڙ
آهي. اهڙيء طرح درسي ڪتابن جي به پنهنجي اهميت آهي
ان لاءِ ضروري آهي ته اهو ڄاڻجي ته درسي ڪتاب آهي
ڇا؟ لغات ۾ درسي ڪتاب لاءِ لکيل آهي ته درسي ڪتاب:
سبقن وارو ڪتاب، پڙهڻ وارو ڪتاب، لازمي ڪتاب، جيڪو
اسڪول ۾ پڙهايو وڃي (1) درس و تدريس جي عمل ۾ درسي
ڪتاب کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن به ڪتاب کي ايتري مقبوليت
حاصل نه ٿي آهي، صرف درسي ڪتاب ئي هڪ اهڙو ذريعه
تعليم آهي، جنهن جي مقبوليت ۾ زماني جي ترقيء
باوجود ڪنهن به قسم جو فرق نه آيو آهي (2)
اهڙيء طرح جڏهن اسان سنڌ جي تعليم يا درسي ڪتابن
جي تاريخ جي ورق ورائي ڳولها ڦولها ڪيون ٿا ته
اسان کي ”بابنامي“ نالي پهريون لکيل ڪتاب ملي ٿو.
”1853ع ۾ عربي سنڌي سيکارڻ جي شروعات ٻاراڻيء درسي
ڪتاب ”بابناميء سان ڪئي وئي. منشي ننديرام ميراڻي
جي لکيل هن ڪتاب ”بابناميء کي سنڌي ٻوليءَ جو
پهريون ٻاراڻو درسي ڪتاب چيو وڃي ٿو.“ (3)
عام طور تي ٻارن جا درسي ڪتاب نثر توڙي نظم جي نوع
جي آڌار تي جڙيل هوندا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي درسي
ڪتاب به نثر توڙي نظم جي ڀاڱن تي ترتيب ڏنل آهن.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٻارنثر کان وڌيڪ نظم ۾ دلچسپي
رکندا آهن ان لاءِ سنڌي درسي ڪتابن ۾ خاص طور تي
پرائمري ۾ سنڌي درسي ڪتابن ۾ شعرو شاعري مختلف
صنفن مطابق جڙيل آهن جن ۾ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن جون
ڪَوِتائون شامل ڪيل آهن. جن ۾ سائين امداد حُسيني
جو به نالو ڳڻائڻ ۽ وڻائڻ جهڙو آهي. هيٺ ايندڙ سٽن
۾ امداد حُسينيء کي بطور ٻالڪ شاعر جي ليکيندي ۽
لکندي هن جي تخيل جا سنڌي درسي ڪتابن ۾ شامل
شاعريء جو جائزو وٺنداسون. امداد حُسينيءَ پنهنجي
شاعريء پهريون دفعو ڇپجڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن رسالي ۾
موڪلي هئي ته اهو به ٻارن جو هو. جيئن سحرامداد
لکي ٿي ته ”هن جي شاعري ٻارن جي رسالي ”گلستان“
باقائده ڇپجڻ لڳي.(4)
امداد ٻارن کي مستقبل جو معمار سمجهندي هنن لاءِ
سٺا گيت ۽ بيت لکيا آهن جن جي هاڪ سڄي هند سنڌ ۾
هُلي وئي آهي. اسان ٻين عنوانن کي ڇڏي صرف ۽ صرف
سنڌي درسي ڪتابن ۾ شامل امداد جي شاعريء جي پٽاڙ ۽
پڇاڙ ڪيون ٿا.
سنڌي پهريون ڪتاب (پهرئين ڪلاس لاء) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ
بورڊ طرفان سنڌ جي پرائمري اسڪولن لاء درسي ڪتاب
طور منظور ٿيل آهي. جنهن جا ليکڪ ڪيترائي اديب ۽
شاعر آهن جن مان هڪڙو نالو خود امداد حُسيني جو به
آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 26 سبق آهن جن مان ڏهه شاعري جي
مختلف اسمن جي عنوانن سان ڏنل آهن. باقي بقايا نثر
جي مختلف موضوعن تي ٽڙيل پکڙيل آهن.
جڏهن راقم پنهنجي يادگيرين کي پٺيان وٺي ٿو وڃي.
ٻالڪپڻ جي پرائمري پڙهڻ واري دور ۾ هليو وڃي ٿو ۽
پهرئين ڪلاس جي ڪتابن جي خيالن ۾ ورق ورائيندي ڏسي
ٿو ته ان وقت هن ڪتاب: ’جُهوجُهو ماٽي‘، ’پيسو لڌم
پٽ تان‘،
’اچوڙي ٻارو راند جو وارو‘، ’مٺڙا گهوڙا اوري آءُ‘
جهڙا پراڻا بيت دماغ جي دفتر ۾ اڄ به محفوظ آهن.
وقت سان گڏ درسي ڪتابن جي سٽاءَ سينگار ۾ به مٽ سٽ
ٿي ڇو ته هاڻي دنيا ترقي ڪري اوج موج کي پهتي آهي
ان لاءِ شاعريء جا نوان موضوع هٿ ڪري ان مطابق
درسي ڪتابن ۾ جاءِ ڏني وئي آهي. پهرئين ڪلاس جي
سنڌي ڪتاب جنهن کي ’ريڊر‘
پڻ چيو ويندو آهي. ان ۾ امداد جا سڄا سارا ٽي
شاعريءَ جا اسم شامل آهن جيڪي جن مان هڪڙو ’آواز‘
جي عنوان سان سرجيل آهي.
ننڍو ٻار يا پرائمري اسڪول جي پهرئين درجي ۾
پڙهندڙ شاگرد ڏاڍو معصوم ۽ پتڪڙو هوندو آهي هُو
پکي پکڻن سان گهڻو راهل ماهل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي
ان سان گڏ گهر ۾ پالتو جانورن خاص طور تي ٻلي،
ڪتي، ٻڪري، مينهن ڳئون جي ڦَرن سان ته هن جو آر ۽
پيار هوندو آهي. هوڏانهن پکين ۾ وري جهرڪي، ڪانء
ڪبوتر يا ڪڪڙ وغيره سان ته هن جون ٻٽيهه دليون
هونديون آهن اهو ٻار يا شاگرد انهن ساهوارن سان
ٻوليون ٻولڻ ۽ لايتون لنوڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
امداد حُسيني ٻارن جي اهڙي نفسيات کي سمجهندي
پنهنجو تخيل ’آواز‘ جي نالي سان سرجيو جيڪو پهرين
ڪلاس جي سنڌي ڪتاب ۾ ڏنل آهي جيڪو هن طرح آهي.
ڪوئل ڪُوڪي، ڪُوڪُو ڪُو،
ڳيرو ڳائي، گهُوگهُو گهُو.
ڪانء ڪري ٿو، ڪان ڪان ڪان،
ڏيڏر ڪري ٿو، ٽان ٽان ٽان.
جهرڪي ٻولي، چُون چُون چُون،
پرڙا کولي، چُون چُون چُون.
ريل ڪري ٿي ڇُڪ ڇُڪ ڇڪ،
تيز ڀڄي ٿي، ڊُڪ ڊڪ ڊُڪ.
موٽر ڊوڙي ڦرڦر ڦر،
تيل انهيءَ ۾ ڀرڀر ڀر.
ڪڪڙ ڪري ٿو ڪُڪُڙُو ڪُو
صبح ٿيڻ جو ڏس ڏي هُو. (5)
هن بيت ۾ جديد سوارين ريل يا موٽر جي نڪرندڙ آواز
کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي جيئن ٻارن کي انهن جديد
ايجادن جي آوازن جي خبر پوي.
اڄ جو دور جديد دور آهي، جنهن کي سائنسي دور به
چيو وڃي ٿو. جيئن چوڻي آهي:
’ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.‘ انهيءَ ڪري انسان
پنهنجي نين ضرورتن جي پورائو ڪرڻ لاءِ کوجناءِ
کوٽاڙ ڪري نيون نيون شيون ايجاد ڪري ٿو ۽ انهن شين
جي ايجاد سان نيون سهولتون ميسر ٿين ٿيون. انهن
نين سائنسي ايجادن جي ٻارن کي ڄاڻ ڏيڻ اڃا به وڌيڪ
ذميواري وارو ڪم آهي ڇو ته اهي ”آئيندي جا اڏيندڙ
آهن.
جڳ مشهور شاعر ۽ مفڪر شيلي چيو آهي ته ”شاعري سڀني
علمن جي ماءُ آهي“ ان ڪري شاعريءَ کي سائنس وانگر
ڀلي نه ورتائي سگهجي، پر اها سائنس جي حقيقتن کي
بيان ڪرڻ جو هڪ مؤثر ذريعو آهي. ان حوالي سان ٻيو
هجي نه هجي پرٻاراڻي نظم ۾ اسان جي شاعري اهو
ڪرشمو ڪري ڏيکاريو آهي ته هنن احساسن ۽ جذبن کي
ٺوس سائنسي حقيقتن سان گڏي بيان ڪيو ويو آهي جنهن
ڪري شاعريءَ کي به هڪ سائنسي علم ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
هنن ٻارن جي ڄاڻ لاءِ سهڻي سٽاءَ ۾ شين بابت سموري
بنيادي معلومات فراهم ڪري ڇڏي آهي (6) ان لاءِ
تخليق ڪيل ٻاراڻي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو وڃي ته
اهڙا سائنسي موضوع آهن جن تي اوهان کي سينيئر توڙي
نئين ٽهيءَ جي شاعرن جي بهترين شاعري ملندي (7)
امداد حُسيني اهڙن سائنسي موضوعن کي پنهنجي
شاعريءَ جي تخليق جي زينت بڻايو آهي اها به ”سون
تي سهاڳ“ واري ڳالهه سو به ٻارن لاءِ ٻاراڻي رنگ ۽
ڍنگ سان. اهڙيءَ نين سائنسي ايجادن جي ڄاڻ لاءِ
ڳجهارت واري انداز سان ٻارن کي انجا پارپ تا ٻڌائي
انهيءَ سائنسي ايجاد جو نالو ٻارن کان ”ڀلا ٻڌايو
ته ڇاهي“؟ جي عنوان تحت سواليه انداز پڇي ٿو. جيئن
چوي ٿو ته
پر اٿس پر پوپٽ ناهي،
اڀ ۾ اڏري پکي به ناهي،
ڀلا ٻڌايو ته اهو ڇا هي؟
*
خبرون چارون روز ٻڌائي،
مٺڙا مٺڙا گيت سڻائي،
ڀلا ٻڌايو ته اهو ڇا هي؟
*
کيل پسائي دل وندرائي،
ڄڻ ته ڪو گهر جو ڀاتي آهي،
ڀلا ٻڌايو ته اها ڇا آهي؟ (8)
ڪيڏي خوبصورت انداز سان نهايت سادن سودن لفظن ۾
ٻارن کان پڇي ٿو ان کان علاوه انهن جا فائدا ٻڌائي
پڇي ٿو. جنهن سان ٻارن جو هڪدم خيال ۽ ذهن ان طرف
وڃي ٿو ته اهي ٻار ڦٽاڦٽ نالا کڻي ٻڌائن ٿا ها
فلاڻي شيءِ آهي. ان سان ٻارن ۾ سنڌي لوڪ ادب جي
صنف ”پرولي“ کي اپنائڻ لاءِ رستو گهڙي ٿو. اهو به
ڄڻ راند روند واري طريقي سان، جنهن ۾ ٻارن جي چاهت
اڃا به سوائي هوندي آهي.
اسان مسلمانن جو عقيدو ۽ ايمان آهي ته بندو گندو
الله تعاليٰ کان جيڪا شيءِ گهرندو آهي اها ان کي
ملندي آهي انهيءَ گهرڻ يا ڪلِڻ کي دعا چئبو آهي.
لغات ۾ دعا جي معنيٰ لکيل آهي ”دعا جمع دعائون! ث.
(ع دُعا، هن سڏيو) گهُر- سَڏُ- خواهش- آرزو- گهرج-
منت- ارداس- سوال. خبر عافيت جي چاهنا- مُناجات-
مغفرت (9) سولي سنڌيءَ ۾ الله تعاليٰ کان ٻُڪ کڻي
ڪو سوال ڪرڻ، يا ڪنهن شيءِ جي گهر ڪرڻ کي دعا چئبو
آهي. هڪ حديث ۾ آهي ته الدّعامِخ اُلعبادت- (دعا
عبادت جو مغز آهي) الله تعاليٰ هر بندي جي سڏ کي
ورنائيندو آهي ويتر جو ٻار الله کان ڪا شيءِ گهُرن
ته ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٻارن جي دعا ترت پرت
قبول ۽ منظور ڪئي ويندي آهي.
امداد حُسينيءَ ٻارن جي لاءِ دعائون لکيون آهن،
جيڪي درسي ڪتاب پهرئين ۽ ٽئين جي آخري سبق طور
شامل آهن. جيئن پهرين درجي شامل دعا ۾ چوي ٿو ته
اي الله سڌو رستو ڏيکار، ابي امان جي خدمت ڪرڻ جي
طاقت ڏي، صحت به ڏي، وطن سان دل لڳائڻ توڙي پڙهڻ ۽
هنر سکڻ جي سگهه عطا ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. جيئن چوي ٿو
ته
خدايا ها، دعا ٿو گهران.
سنئن واٽ تي، سدائين هلان.
ابو ۽ امان، سکيا شل رکان.
اگهو ڪين ٿيان، سگهو شل رهان.
وطن ساڻ مان، محبت ڪريان
پڙهان ۽ لکان، هنر پڻ سکان. (10)
مختصر ترين ۽ جامع لفظن ۾ امداد حُسينيءَ ٻار کي
الله کان جهول جهلي پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ سٺا ڪم
ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائڻ لاءِ دعا پِني ٿو.
هيءَ دنيا جنهن جي صدقي ٺهي آهي ۽ جنهن جو شانُ ۽
مانُ الله کان پوءِ مقدس ترين ۽ اعليٰ آهي اها
هستي لولاڪ جي مالڪ، ڪائنات جي ڪارڻي، محمّد
مصطفيٰ احمد مجتبيٰ مديني جي مير انبيائن جي امير
حضرت محمد ﷺ جن جي آهي. نبي سائينءَ جي شان ۽ مان
۾ سنڌي شاعرن وسان نه گهٽايو آهي ان جي ثنا ۽
ساراهه ”سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙيون نعتون چيون ۽
لکيون آهن امداد حُسيني به اهڙن يوسف جي خريدارن ۾
شامل ۽ حامل آهي. وڏي ڳالهه ته اهي به ٻارن جي
لاءِ لکيون آهن جيئن هڪ ”نعت“ ٽئين درسي ڪتاب ۾
شامل آهي جنهن جا ٻول هن طرح آهن.
جيءَ جيارا، پاڻ سڳورا،
سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا.
دوست هجي ياد دشمن چاهي،
سڀني لئه ٻاجهارا آهن،
جِن جو ڪو به سهارو ناهي،
تن جي لاءِ سهارا آهن.
جيءَ جيارا پاڻ سڳورا،
سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا
هيڻن سان همراهه سدائين،
ڪمزورن جي طاقت آهن،
ٻارو ڏينهن قيامت تائين
ساري جڳ لئه رحمت آهن.
جيء جيارا پاڻ سڳورا
سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا. (11)
پورو يقين ۽ ويساهه آهي ته امداد جي هيءَ نعت
بارگاهه اقدس ۾ ضرور منظور ۽ مقبول پئي هوندي.
سورهن آنا پڪ آهي ته اها سندس جي قبر ۽ قيامت ۾
شفاعت جو حيلو وسيلو بڻجندي.
مان راقم جنهن پنجين درجي ۾ پڙهندو هوس ۽ جڏهن
پنجين جو امتحان ٿيڻ وارو هو ته ان وقت استاد محمد
هارون پنهنجي حسبِ روايت وانگر هر ٻار کي ڪونه ڪو
بيت ياد ڪرڻ لاءِ چوندو هو جيئن امتحان وٺندڙ صاحب
ڪو بيت پڇي ته چئي ٻڌايوس. استاد جڏهن مون کي ياد
ڪرڻ لاءِ بيت ڏٺو ته اهو امداد حُسيني جو هو ”قدم
وڌائي اڳتي هل“ ان وقت مون کي امداد بابت ڪا خبر
چار نه هئي ته اهو ڪير آهي؟ ڪٿان جو آهي؟ ڇا ڪندو
آهي؟ بس مون استاد جو حڪم اکين تي رکي ان کي
برزبان حافظن وانگر ياد ڪيو ۽ جڏهن امتحان آيو ته
صاحب بيت ٻڌائڻ لاءِ چيو ته ان کي ٻڌايم ته ان مون
کي شاباس ڏني. اڄ به مان 47 سالن جي بهارن ۾ پير
پائڻ وارو آهيان 22 سال خير سان پرائمري استادي
پيشي جا پورا ڪرڻ وارو آهيان. جڏهن به اهو بيت
ٻارن کي پڙهڻ لاءِ چوندو آهيان ته مان انهن کي پاڻ
ياد پڙهي ٻڌائيندو آهيان. اڪثر ڪري مان پاڻ کي
پنجين درجي جو ٻار سمجهي ان کي پڙهي حاصل ڪندو
آهيان. منهنجي سونهري يادگيرين جو ذريعو اهو امداد
حُسينيء جو بيت ئي آهي. جنهن تي مون کي فخر آهي.
هن بيت ۾ امداد ٻارن کي اڳتي وک وڌائڻ لاءِ اتساهي
ٿو ته دنيا ۾ ڪابه شيء اوکي ۽ اولي نه آهي شرط اهو
آهي ته ارادو پڪو ۽ وڌڻ جو جذبو هجي. همت هجي. ڀل
پهاڙ اڳيان اچن ڀل ڪيڏيون به سرديون گرميون سر تي
اچن انهن سڀني سان مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ چوي ٿو
علم جي حاصل ڪرڻ توڙي وقت جي قدر ڪرڻ لاءِ به ٻول
ٻولي ٿو جيئن چوي ٿو ته
سُستي مان نه هڙ حاصل،
قدم وڌائي اڳتي هل.
چنڊ تي پهنو آ انسان،
محنت جو سڀ آهي ڦل.
ڪنهن جو تون محتاج نه ٿي،
ڪنهن جي آڏو جهول نه جهل.
همت وارن جي آڏو،
جُهڪي پوي ٿو نيٺ جَبَل.
سردي گرمي سر تي سهي،
گُل جهلي ٿي تڏهن ول
گذري جيڪو وقت ويو،
هاڻ انهيء تي هٿ نه مل
ڏونگر پاڻ ڏري پوندا،
اگر ارادو آههِ اٽل
علم ته آهي سچ جي واٽ،
واٽ انهيء تي هلندو هل.
پهاڙ پرزا ٿي پوندا.
ٻارنهن ۾ جي آهي ٻل.
ڳقت وڃائين مفت متان
قيمت لهڻي هرڪو پَل (12)
امداد جي هن بيت ۾ ٻارن لاءِ ڇا ته نصيحت وصيعت
ٿيل آهي. جيڪڏهن اسان ۾ سمجهه ۽ ساڃاهه آهي ته اهو
صرف ٻارن لاءِ نه آهي بلڪ اسان وڏڙن لاءِ به وڏي
وٿ آهي. ڇا ته بيت ۾ رڌم آهي ڇا ته سُر لئه تار
تنوار آهي. بهرحال امداد جو هيءُ بيت اسان کي جاڳ
سجاڳ ڪرڻ جو اعلان آهي هوڪو آهي ۽ سڏ آهي. ان سان
گڏ ڪتب آندل ٻولي سولي ۽ سلوڻي آهي جو پاڻي وانگر
پيئندو وڃ، ڪا اَڙ کُڙئي آڏو نه ٿي اچي. اصطلاحن
کي به ڪتب آڻي بيت کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
بهرحال امداد جي سرجيل شاعري وڏن توڙي ننڍن ۾
مقبول ۽ مشهور آهي. هُو ڏات جو اهڙو ڌڻي هو جنهن
پنهنجي جوت جا ڏيئا مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان
ٻاريا آهن. سنڌي ادب ۾ هن جي نظم جي ڀاڱي ۾ ڪيل
خدمتون ڳڻ ڳائڻ جهڙيون آهن. هن جا سنڌي ٻوليءَ سان
اڻ ڳڻيون ڀال ڀلايون آهن.
نتيجا:
درسي ڪتاب تعليم جو مک ذريعن مان هڪ ذريعو آهي.
درسي ڪتابن ۾ پيش ڪيل بيت ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ
نهايت ڪارآمد آهن.
امداد حُسينيءَ جا سنڌي درسي ڪتابن ۾ شامل بيت
جيڪي مختلف عنوانن سان ڏنل آهن اهي سڀ ٻارن جي
جسماني ۽ ذهني سطح سان ميچ ڪندڙ آهن.
سنڌي درسي ڪتابن ۾ شامل امداد جا بيت سائنسي توڙي
سنڌي روايتي انداز ۾ جڙيل آهن.
بدلجندڙ حالتن مطابق نين ايجادن جي به امداد
پنهنجي بيتن ۾ ڇاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهنجو
پڙلاء ”آواز“ توڙي ”ڀلا ٻڌايو ته ڇاهي“ ۾ ڏسي
سگهجي ٿو ۽ اسلامي روايتن ياقدرن جو قائل هئڻ ڪري
هن اسلامي ۽ مذهبي عنوانن تي به شعر پنهنجي قلم جي
نوڪ مان سرجيا آهن جن سان هو ٻارن کي روشناس ڪرائڻ
چاهي ٿو جيئن نعت ۽ دعائن مان اها ڳالهه بکي ٿي.
امداد ٻارن کي وک وڌائڻ لاءِ چوي ٿو ان سان گڏ
ايندڙ رڪاوٽن کي پنهنجي جذبي ۽ جوش جي طاقت سان
هٽائڻ لاءِ اتساهي ٿو.
تعليم جي واٽ وٺڻ لاءِ چوي ٿو ڇو ته اها اوندهه ۾
روشني آهي.
امداد جي سنڌي درسي ڪتابن ۾ شامل بيت سنڌي ٻوليءَ
جو املهه خزانو آهن جيڪي ٻاراڻي سنڌي ادب لاءِ وڏي
وٿ آهن.
ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته امداد جي ٻارن لاءِ لکيل
شاعري جيڪا ٽڙيل پکڙيل آهي ان کي هڪ هنڌ گڏ ڪري
ڪتاب شايع ڪيو وڃي ته ڳالهه ڳڻائڻ جهڙي ٿئي.
حوالا:
(1)
بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، نئين جامع سنڌي لغات (جلد
ٻيو) سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد،
2017ع ص- 883، ڪالم 01.
(2)
شيخ اياز علي، درسي ڪتاب تعليم جو ذريعو (مضمون)
العلم ميگزين انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، برانچ شڪارپور (04-
2003)، ص 20
(3)
”آزاد“ خالد، سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ (جلد
پهريون) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، 2016ع، ص
20.
(4)
حُسيني امداد، هوا جي سامهون (شاعري) سحرامداد جو
لکيل مهاڳ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2000ع، ص 06.
(5)
سنڌي پهريون ڪتاب (پهرئين ڪلاس لاءِ) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ
بورڊ ڄام شورو 2022ع ص- 37.
(6)
سولنگي غلام مصطفيٰ، سنڌي ٻاراڻي شاعريء جي
انيٿاپالاجي، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد،
2007ع، ص- 10.
(7)
مٿيون ساڳيو حوالو، ص- 11.
(8)
مٿيون ساڳيو حوالو 05 ص- 60.
(9)
مٿيون ساڳيو حوالو 01 ص- 883، ڪالم 01.
(10)
مٿيون ساڳيو حوالو 05 ص- 74.
(11)
سنڌي ٽيون ڪتاب (ٽئين ڪلاس لاءِ) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ
بورڊ ڄام شورو 2022 ص.
سنڌي پنجون ڪتاب (پنجين ڪلاس لاءِ) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ
بورڊ ڄام شورو 2022ع، ص.
نصير مرزا
ڏسڪي پئي ڏات
توکي چاهيون ٿا، توکي چاهيون ٿا!
فتح چوڪ حيدرآباد کان، ڪراچيءَ مان ايندڙ
پنهنجي پياري امداد حسينيءَ جي گلن ۽ اجرڪن سان
ڍڪيل ڏوليءَ واري ايمبولنس جي پٺيان پٺيان، ڪانڌين
واري ڪار قافلي ۾، بيحد اداس هلندو رهان ٿو.
جيتوڻيڪ مينهَن اُڪامي ويا آهن، پوءِ به مَن جي
آڪاس تي جُهڙ جُهڙالا ۽ ڪارا ڪڪر آهن- ۽ اڳيان
ٽنڊو محمد خان روڊ آهي، کٿڙ، وسي ملوڪ شاهه ۽ پوءِ
ٽکڙ، جتي سنڌو درياهه ڪناري امداد پنهنجي امڙ جي
هنج ۾ آيو. قافلي سان روان دوان ويندي آلين اکين
سان امداد جون هي سٽون چپن تي اينديون ٿي رهيون:
”رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن،
دوست ايندس، ياد مان توکي تڏهن-“
۽
”ڪيڏو به وسارڻ چاهين پر،
منهنجي ياد نه وسري سگهندئي.“
تڏهن اهڙي لڇ پُڇ ۾، يادون روائينڊ، فار
ورڊ ٿينديون رهيون... ياد آيم: آگسٽ جي ٻارهين
تاريخ، رات جا اڍائي ٿيا هئا، سحر امداد صاحبه جو
اوچتو ڪنبائيندڙ ميسيج آيو: ”نصير، توهين امداد جا
سچا مداح آهيو. امداد سخت ناچاڪ آهي. هاسپيٽل پيا
وڃون. دعا ڪريو پليز...“ يا الله! خير ڪجانءِ...
منهنجي ننڊ اُڏامي وئي... تڏهن امداد جي هيءَ سٽ
کنوڻ وانگر چمڪي:
”حال امداد جو پُڇو ڇا ٿا،
اَڄ مڙئي سُور ڪجهه سوايو آ...“
شديد بيوسيءَ مان موٽ ۾ سحر کي لکيم: ”سنڌ
جو پُٽ
۽ سحر جو سُهاڳ سلامت رک مولا....“
شديد بيچينيءَ ۾ صبح نمودار ٿيو. لکيائين:
”هاڻي ڪجهه بهتر آهي امداد...“ مون کي ياد پيو:
آئون، امداد سحر صاحبه سان ڪيڏو نه ويجهو آهيان.
کيس سدائين مون سڏيو:
’ڀاڄائي.‘
کين جتي جتي ۽ جنهن جنهن محفل ۾، هٿ هٿ ۾،
ڪلهوڪلهي سان ملائي هلندو ڏسان ته، سدائين چوندو
هوس؛
”سُونهين پيئي ساري سٿ ۾،
ڪهڙو لعل جڙيو ٿئي نڪ ۾...
وَر سان شال جيئين تون....
دُهرا دان ڏنئين تون...
جيڏل شال جُڙي رهين “....
۽ ڪانڌين جي قافلي سان ويندي، ياد ايندو رهيو ته،
جڏهن کان مون ادب ۾ پير پاتو هو، تڏهن کان هيءُ
امداد حسيني ئي ته منهنجي لاءِ اتساهه هو، رول
ماڊل ۽ آئيڊيل هئو- ۽ جڏهن هُن سان ڪا روبرو
واقفيت نه هئي، مون سوسائٽي گول بلڊنگ ايريا ۾ کيس
ڏٺو هو؛ سمارٽ، پُرڪشش جوان ۽ پنهنجي شاعريءَ
وانگر رومينٽڪ.... گل و گلزار، مور پکيءَ وانگر
ملوڪ. تڏهن مون وسي ملوڪ شاهه جي هن شهزادي شاعر
جي پويان پويان هلڻ شروع ڪيو- ۽ مون سنڌي ادبي
سنگت شاخ حيدرآباد ۾ پنهنجي زندگيءَ
جو پهريون شعر منظور چيمبرز لائبريريءَ ۾ پڙهيو ۽
اُهو 1974ع واري انڌا ڌنڌ ٻوڏ جو زمانو هو ۽ امداد
منهنجي شعر تي داد ڏيئي پنهنجي ويجهو ڪيو.
۽ ياد پيو اچيم هي به، ته امداد حسيني، مون لاءِ
اول ۽ آخر اهڙو شاعر هو، جنهن کان مون پنهنجي شعر
تي اصلاح ورتي،
’ٿي
نه سگهيس شاعر‘
جو مُهاڳ لکرايو ۽ جنهن پهرئين گيت تي هُن مون
کي ڇند سيکاريو، اهو گيت هئو،
’ديپڪ
راڳ.... ديپڪ راڳ، ڀنڀٽ ڀنڀٽ آڳ ئي اڳ‘، ۽ هي اُهو زمانو آيو، جڏهن امداد، علي
بابا، عبدالحق عالماڻي ۽ شوڪت حسين شورو، حيدرآباد
۾ جيڏانهن کڻان نگاهه، هي چار ئي يار اُتي موجود:
مسلم ڪاليج جي هاسٽل واري ڇت، ڪيفي شيراز، يونٽي
جارج، حيدرآباد جا روڊ رستا، هي سڀ پاڻ ۾ هرهنڌ گڏ
گڏ.... پوءِ ورهيه ٿيا، اِها منڊلي ڦٽي ويئي. سڀ
هڪ هڪ ٿي زمين ۾ لهندا ويا!!
۽ ڪانڌين جي قافلي سان ٽکڙ ويندي ذهن ۾ اوچتو هي
منظر اُڀريو.... ڇا ڏسان ڌرتيءَ ۾ لهندو ڏسي، اهي
ٽيئي پراڻا دوست... ڪيڏا نه گد گد... چيائون پئي:
’اچ امداد اچ، توکان سواءِ محفل ڪيڏي نه ويران هئي
۽ اسين تولاءِ سالن کان اٻاڻڪا هئاسين.“
اوچتو آٽوگراف بوڪ ۽ مختلف ڪتابن تي امداد
جا لکي ڏنل شعر ذهن ۾ ايندا رهيا.... ”سنڌ جي
ڳالهه ڪريو ڳالهه نه ٻي ٻڌنداسين...“ ”سنڌ جي سينڌ
مان صبح جو سوجهرو، ڇا به ٿي پئي کڻي، آهه ڦٽڻو
ضرور“، ”ساک سان ٿو چوان باک ڦٽندي، ضرور“،
”لطيف هوندي ڇا جو ڀوءَ، سورج هوندي ڪهڙو انڌ؟“ ۽ هڪ دوهو به ته لکي ڏنو
هئائين، جنهن جي هڪ سِٽ هئي: ”هن شهر جي ماڻهن کي
اڃا ننڊ اڃا ننڊ.“
ويهين صديءَ جي عظيم همعصرن ۾ امداد جو ڇا
پَوسچر، ڇا شاعراڻو اسٽيٽس... ۽ ان بابت ڊاڪٽر
الياس عشقيءَ جا ڪمينٽس ياد آيم: ”پنهنجي آرٽ،
ڪرافٽ، گهاڙيٽن جي انفراديت ۽ ڌار ووڪيوبلري سبب،
وڏي واڪ واڪ چوان ٿو... امداد... اول آخر جديد
سنڌي شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو نالو آهي-“
۽ ستاويهين آگسٽ- يا الله، هي ڇا قهر؟ صبح
جو سجاڳ ٿيس. پهرئين پوسٽ تي نظر پئي:
”ٻُڪن ۾ مُک جهلي، جي ڀري ڏسي ته
وٺون،
وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي-“
۽ پوءِ اوچتو واٽس ايپ تي نظر پئي،
ڀاڄائي سحر امداد صاحبه لکيو هو: ”نصير، اسان جو
امداد هليو ويو.“ مون ڏڪندڙ هٿن ۽ لُڙڪ لاڙيندڙ
حرفن ۾ جواب لکيو: ”اسان جو درد مشترڪه ....“
هاءِ....!
۽ پوءِ فتح چوڪ وٽ ايمبولنس ۾ امداد جي
مڙهه تي مون پيرانديءَ کان هٿ رکيا، ياد آيم، مون
حياتيءَ ۾ سوين ڀيرا هن کي ڀاڪرن ۾ ڀريو هوندو، پر
امداد مون کي پنهنجي پاران صرف هڪ ڀيرو اڳيان وڌي
ڀاڪر پاتو هو ۽ بي اختيار ڳلي سان لڳايو ۽ هزارن
جي موجودگيءَ ۾ پيار ڪيو هو - ۽ ان الوداعي ڀاڪر
جي تاريخ هئي: ”ڏهين مارچ 2020ع.“ اهو امداد جي
80هين سالگرهه جو جشن هو ۽ هنڌ ڪراچي آرٽ ڪائونسل
جو آڊيٽوريم هو. امداد چيو هو، ”تون تقرير اچي
ڪجانءِ،“ پر مون تقرير نه ڪئي. سندس شاهڪار نظم
تحت الفظ ۾ پرفام ڪيو: ”رات بيگاهه آخري ويگن...“
ڏٺم، هال ۾ سناٽو ٿي ويو. پِن ڊراپ سائيلنس. اهو
امداد جي لفظن جو جادو هو، جيڪو سڄي حال تي ڇائنجي
ويو. سڀني جون اکيون آليون هيون. مائيڪ تان هٽيس
ته اسٽيج تي ويٺل معزز مهمانن جي سٿ مان هُو تڪڙو
اٿي اچي مون سان ڀاڪرين پئجي ويو. سندس لڙڪن جي
آلاڻ مون پنهنجي ڪلهي تي صاف محسوس ڪئي.
تڏهن ڪانڌين جي قافلي سان، ٽکڙ- وسي ملوڪ
شاهه واري رستي تي، امداد جي انهيءَ شاهڪار نظم جي
هيءَ به سٽ ياد اچي ويم:
”آئون هن حال ۾ مري جي وڃان،
ته رڳو ايتري ڀلائي ڪجان...
ڊاڪٽرن جي حوالي متان ڪري ڇڏجان،
ڊاڪٽر مختيار جا قاتل،
ڇاڙتا موت جي فرشتي جا-“
تڏهن آئون آسمان ڏانهن اکيون ٿو کڻان، جتي
پکي پريشان، هوائون حيران ۽ من ملول... اوچتو
جهڙالي رُت ۾ امداد جي هن گيت جا هيءُ اداس ٻول ذهن ۾ گونجڻ لڳن ٿا:
”ويندين تون ته بهارون وينديون،
ڪونجن جون به قطارون وينديون.
ڏسڪي پوندي ڏات لڇندي لات...
نه وڃ اڄ رات رهي پئو....
نه وڃ اڄ رات رهي، رات رهي پئو
رات رهي پئو... رات رهي پئو....
خدا حافظ امداد.... الوداع امداد... سدائين گڏ امداد!
جنم: 10 مارچ 1940ع
جدائي: 27 آگسٽ 2022ع
گلبدن جاويد
وڏو شاعر وڏو ماڻهو-
امداد حـُسيني
امداد حُسينيءَ جي نثر، شعر ۽ شخصيت تي جيڪڏهن
سنجيدگيءَ سان ويهي لکجي ته ڪيترائي دفتر لکي
سگهبا. باقي هن شخصيت کي هڪ مقالي يا تاثر ۾ سمائڻ
هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. اها ته صرف
سحرامداد جي ذهانت ۽ ڏاهپ ئي آهي، جنهن سندس ڪتاب
تي 91 پيجن جو مهاڳ لکي نه صرف امداد سان اٿاهه
پيار جو فرض نڀاهيو آهي، پر سنڌي ادب تي پڻ وڏو
ٿورو ڪيو اٿس. جيڪڏهن سنڌي شاعر ۽ اديب کي مئڊم
سحر جهڙا نقاد پڙهندڙ ملن ته سنڌي ادب نُما جون
ڌارائون ڪهڪشان ۾ نظر اچن.
امداد حُسينيءَ سان سڃاڻپ جو پهريون حوالو منهنجو
بابا شهيد احمد خان آصف جن آهن. جڏهن پاڻ مهراڻ
رسالي جا ايڊيٽر هئا ته بابا جي ساڻن علمي، ادبي ۽
ذاتي نوعيت جي لکپڙهه هوندي هئي. امداد حسينيءَ جو
پهريون مجموعو ”امداد آهي رول“ بابا جي لئبرري
(شان آصف) جي زينت بڻيل هو. انهن ڏينهنِ ۾ مان
سنڌي پڙهي سگهندي هئس. منهنجي خيال ۾ ان دور جي
مسئلن ۽ مشڪلاتن جي نوعيت
Change
هئي. گهٽ ۾ گهٽ موجوده دور جهڙي نفسا نفسي ۽
افراتفري ڪانه هوندي هئي. هر ڪو هڪٻئي جي خبر چار
رکندو هو ۽ ان دور جي سڀني اديبن ۽ شاعرن کي به
ڪٽنب جي ڀاتين وانگر ياد رکبو هو. ٻيو ته اڄ جهڙو
ڌماڪا خيز انٽرٽينمينٽ جو سامان به ميسر نه هوندو
هو. گهر ۾ ريڊيو، ٽي وي ۽ لئبرري هجڻ جي ڪري اسين
پاڻ کي سکيو ستابو سمجهندا هئاسين.
ٻيو ته بابا جو تڪيو ڪلام هوندو ته ”ڪکين ڪونه
لکين“ سو اسان به سندس ٻار صبح جو مسجد کان اسڪول
۽ اسڪول کان سڌو گهر، ريڊيو تان جڏهن امداد
حسينيءَ جو هي ڳاج نشر ٿيندو هو ته ”جيڏل شال جڙي
رهين“ ته گهر جون سڀئي عورتون ڏاڍي چاهه ۽ پاٻوهه
سان ٻڌنديون هيون. نوجوان نينگرين جي چهرن تي بهار
جهڙي رونق ۽ سندن نيڻن ۾ ڪنهن شرميلي ڪنوار جي
پهرين نهار جهڙي جهلڪ محسوس ٿيندي هئي. ائين امداد
حسيني پنهنجي اڻ مٽ شاعريءَ سان سڄي سنڌ تي ڇانئجي
ويو ۽ نه صرف اسان جي
Favorite
شخصيت بڻجي پيو، پر اسان کي بابا جيترو پيارو لڳڻ
لڳو.
جڏهن کيس ٽي ويءَ تي ڏسڻ جو موقعو مليو ته هن نازڪ
۽ نفيس
Hand- Some
شخص پنهنجي نرم ۽ مٺاس ڀرئي لهجي سان لفظن ۾ رڌم
جا رنگ ڀري ڪيئي رنگين پوپٽ ۽ انڊلٺون هوائن ۽
فضائن ۾ پکيڙي ڪائنات جي حسناڪين ۽ رازن جون رمزون
رسائيندو ۽ پسائيندو رهيو ۽ ائين ساڻس اسان جو اڻ
ڏٺو پر ڪٽنب جي ڀاتين جهڙو رشتو ڳنڍجي پيو. بابا
کان اهو به انڪشاف ٿيو ته اسان جو
Favorite
ڪهاڻيڪار ”سانول“ حقيقت ۾ امداد حسيني ئي آهي.
سندس پريم ڪٿا جو ذڪر مختصراً به شاندار نموني
بابا کان ٻڌو هوسين:
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي،
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي.
سحر امداد سڄڻ ٻيو ته سڄو لوڪ ڏڄڻ،
۽ سڄڻ ري سرڻ ايترو سولو ناهي.
ها جڏهن پيار ڪبو آهه تڏهن پيار بنا،
پوءِ ٻيو ڪجهه به ڪرڻ ايترو سولو ناهي.
جيئن ڌرتيءَ بنا آڪاش اڌورو آ، جيئن عقيدت بنا
وشواس اڌورو آ، جيئن گل بنا گلزار اڌورو آ، جيئن
سونهن بنا سنسار اڌورو آ، جيئن پرينءَ بنا پيار
اڌورو آ، تيئن سحر بنا امداد اڌورو آ. جيئن گل کي
خوشبو کان ڌار ڪري نٿو سگهجي، تيئن سحر کانسواءِ
امداد جو ذڪر نٿو ڪري سگهي، جيئن سحر سندس شاعريءَ
جي مجموعو ”هوا جي سامهون“ ۾ لکيل مهاڳ ۾ چوي ٿي:
”هو جو راتيون جاڳي شعر لکي ٿو ۽ مان جا هُن جي
انهن اوجاڳن جي گواهه آهيان، مان جا گذريل پاءُ
صديءَ کان هن سان گڏ آهيان ۽ هن سان راتيون جاڳي
صبح ڪيو اٿم: سڀ سپنا ساڻ کڻي وئين، اکين سان
اوجاڳا پرتا!“
اسان جي دعا آهي ته هي جوڙو جيڪو سنڌ جي جنت يعني
ڄام شوري جي ڌرتيءَ تي
Symbol of love and Sincerety
آهي، سو قيامت تائين پيار ۽ پريم وکيريندو رهي.
سحرامداد وڌيڪ لکي ٿي ته، ”هن جي ڊائرين تي اهڙيون
ڪيتريون ئي اڪيليون سٽون لکيل آهن، جيڪي هر ڀيري
نئين سال جي ڊائريءَ تي منتقل ٿي وينديون آهن ۽
پوءِ به اڪيليون ئي رهنديون آهن، دوهو نه ٿي
سگهنديون آهن:
مون وٽ هڪڙي سٽ لکي پئي آهي صدين کان،
تنها آهيان ملين ته جيڪر دوهو بڻجان.
امداد حسيني، وڏو شاعر ئي پنهنجي شاعريءَ جي پهرين
سٽ لکڻ سان هو، پر وڏو ماڻهو (عظيم ماڻهو) سحر جي
سنگم کان پوءِ ٿيو، جيئن چوندا آهن ته هر مرد جي
ڪاميابيءَ جي پويان ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آهي، ان
ڪري امداد جي عظيم شخصيت ۾ سحر سمايل آهي ۽ اهو هن
صديءَ جو سچ آهي!
جهاڳي کنڊ سمنڊ سڀ اُڪري اينديس آنءُ،
سڄڻي مان امداد جي سحر سندم آ نانءُ.
سنڌي ادب جي ”اٺين سورمي“ پنهنجي لفظن جو پورو ڀرم
۽ ڪرم رکيو آهي. اهوئي سبب آهي جو امداد حسيني کيس
وينتي ڪندي چوي ٿو:
توڙي جو ڪاوا اُڀا، توڙي ڇپر پَٿُ،
اوءِ ڪوتيا پريمڪا، هٿ ۾ رکجان هٿُ!
امداد حسينيءَ لاءِ موهن ڪلپنا جون هي سٽون ڏاڍيون
ڇرڪائيندڙ آهن: ”هتي اسان وٽ هڪ نقاد آهي هرچند
اجهل، هن کي اياز کان وڌيڪ امداد جي شاعري وڻندي
آهي ۽ ٻيو امداد جو چاهڪ ايم ڪمل آهي جو خود به
سٺو شاعر آهي. ان فهرست ۾ مان نٿو اچان، شاعريءَ
جو قدر ڌاريان ڪندا آهن، گهر جا ڀاتي نه ڪندا آهن
۽ مان ته امداد جو ڀاءُ آهيان نه.“
قمر شهباز به امداد جي شاعريءَ لاءِ ڏاڍي سٺي
ڳالهه ڪئي آهي: ”امداد حسيني جهڙو پاڻ کرو ۽ کهرو
آهي، سندس ڪلا پڻ اوتري ئي
Original
آهي، جيئن سوچي ٿو، ائين لکي ٿو، سندس جوت مان
روشنين جو آبشار ڦٽي نڪتو آهي. نوان ليکڪ امداد جي
فن جي رهنمائيءَ ۾ انهيءَ
Raw Truth
کي جيئن پوءِ تيئن وڏي ۽ وسيع پيماني تي ڦهلائي
رهيا آهن. اها ڪا گهٽ ڪاميابي ته ناهي ته ڪو اوهان
جي ذهن کي پنهنجو ذهن ۽ سوچ کي پنهنجي سوچ سمجهي.
آرٽ ۾ اهڙا رويا تحريڪن کي جنم ڏيندا آهن.“
سو مون جيئن مٿي ذڪر ڪيو ته هن جوڙي سان اسان جو
اڻ ڏٺو پر گهرو رشتو قائم ٿيل هو. 1986ع ۾ جڏهن
مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو مليو ته
مون ۽ منهنجي
Best Friend
فردوس مزناڻي مارئي هاسٽل ۾ سنڌي ادبي سنگت جي
برانچ کولرائي، جنهن جي سيڪريٽري آئون هئس. پهرين
ته اسان ٽيچرس ڪلب ۾ سر ظفر حسن شاهه، چاچا ڊاڪٽر
درمحمد پٺاڻ ۽ ثريا مخدوم جي ادارت هيٺ اتي ميٽنگس
اٽينڊ ڪنديون هيوسين ۽ پنهنجون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون
پڙهنديون هيوسين، پر هاسٽل جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ
اسان کي هڪGuidance
جي ضرورت هئي ۽ خوشقسمتيءَ سان اسان کي مئڊم سحر
امداد جو تعاون ۽ ويجهڙائپ حاصل ٿي. هڪ ڏينهن شام
جو مان ۽ فردوس ڪنهن ڪم سان ڪالونيءَ وڃي رهيون
هيونسين ته سامهون سنڌالاجيءَ روڊ تي هڪ خوبصورت
جوڙو هٿ هٿ ۾ ڏيئي پئي آيو. اسان ڏاڍي رشڪ سان پئي
ڏٺو. ويجهو اچڻ سان خبر پئي ته سحر ۽ امداد آهن!
مئڊم پنهنجي مخصوص ۽ منفرد اسٽائل سان اسان کي
ڀاڪر پائي ملي ۽ پڇيائين ته ڪيڏانهن ٿيون وڃو!
فردوس جي واتان اوچتو نڪري ويو ته توهان ڏانهن پي
آياسين سو سر امداد حسيني ته واپس گهر ڏانهن ويا ۽
مئڊم اسان کي وٺي سڌو پريوش ڀٽو جي گهر آئي جو
مئڊم سحر اوڏانهن ئي وئي پئي. اندر وڃڻ سان خبر
پئي ته محفل ميلاد منعقد ٿيل هئي. ان محفل مان
فيضياب ٿي ميڊم اسان کي هاسٽل ڇڏي پاڻ گهر ڏانهن
رواني ٿي. اهڙي نموني ميڊم جي معرفت امداد حسينيءَ
سان روبرو تعارف ٿيو، پر مون کين ڪڏهن به نه ٻڌايو
هو ته آئون احمد خان آصف جي ڌيءَ آهيان.
جولاءِ 1989ع ۾ اسان جي ڳوٺ واري گهر تي ڌاڙيلن
حملو ڪيو، جنهن ۾ بابا ۽ ٻه ڀينرون شهيد ٿي ويون.
هڪ ڀيڻ ۽ ڀائٽي شديد زخمي پڻ ٿي. اهڙيون خبرون
اخبارن ۾ اچي ويون ۽ سحر ۽ امداد کي پهريون دفعو
خبر پئي هئي ته آئون احمد خان آصف جي ڌيءَ آهيان ۽
پاڻ مون سان تعزيت ڪرڻ آئي هئي. مون جڏهن ’سرتيون‘
رسالي جي ادارت سنڀالي ته سحرامداد ڀرپور ساٿ ڏنو.
انهن ڏينهن ۾ امداد حسينيءَ لاءِ هڪ مفروضو اڏايو
ويو هو ته هُو نوجوان شاعر ۽ ليکڪن کي ڪنهن طرح به
مڃڻ لاءِ تيار ناهي. سو اها ڳالهه سوچي ساڻس ملڻ
ڏکيو لڳندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن ڪجهه همٿ ڪري مون چيو
ته ”سرتيون“ لاءِ ڪجهه لکي ڏيو، پاڻ کلندي چيائين،
ته عورتن جي رسالي ۾ مان ڇا لکان؟ وري موضوع
Change
ڪندي چيائين، تون شاعري ڪندي آهين؟ مون چيو ها.
چيائين آزاد شاعري يا نثري شاعري؟ مون چيو آزاد
شاعري مونکي ڏاڍي ڏکي لڳندي. پاڻ وڏو ٽهڪ ڏيندي
چيائين، سڄي دنيا آزاد شاعري پئي ڪري توکي ڏکي ٿي
لڳي. ٻئي ڏينهن تي پاڻ ’سرتيون‘ لاءِ نظم ڏياري
موڪليائون، جيڪو ان پرچي ۾ شايع ٿيو.
منهنجي ادارت ۾ اهو سرتيون جي پهرين دور جو آخري
پرچو هو ۽ ان کان پوءِ مان ٻه سال ”سرتيون“ ۽ سنڌي
ادبي بورڊ کان ڪٽيل رهيس. ٻيهر سرتيون ۾ اچڻ سان
مون کي هن جوڙي کان تمام گهڻي رهنمائي ملي. سندن
تعاون ۽ صلاحن جي ڪري اسان ’ڪهاڻي نمبر‘ ۽ ’شاعري
نمبر‘ شايع ڪيو. مون جڏهن ’سرتيون‘
طرفان ’شاعري نمبر‘ شايع ڪرڻ جو ساڻن ذڪر ڪيو ته
پاڻ چيائين ته صرف عورتن جو نمبر شايع ڪرايو ۽ ٿي
سگهي ته عورتن جي شاعري مون کي ڏيکارجان ۽ پوءِ
مون سڄو مواد سهيڙي کيس پيش ڪيو هو، جيڪو پاڻ ايڊٽ
ڪري ڏنو هئائون، مان پنهنجي خوشقسمتي ٿي سمجهان جو
پاڻ اسان جي هر ڳالهه پوري ڌيان سان ٻڌندا آهن ۽
مون کي نيڪ نيتيءَ سان هدايتون ڪندا آهن. اسان جو
ڪوبه پروگرام هجي، فنڪشن هجي يا دادوءَ ۾ بابا جي
ورسي هجي، هميشه هٿ جوڙي پنهنجي شفقت سان اسان جي
نماڻي نينڍ کي عزت بخشي عملي طور ساٿ نباهيو آهي.
منهنجي اها به خوشقسمتي آهي جو سرتيون جي تقريبن
هر پرچي ۾ سندن شعر موجود هوندو آهي، اهو ائين
ٿيندو آهي جو جڏهن به سامهون اچي ويندا آهن ته مان
چوندي آهيان ته سر! مون کي اوهان جي شاعري گهرجي
پر بلڪل هينئر ۽ سندن ڏات جو عالم آهي جو پين پنو
کڻي ويهندا لکڻ ۽ ڏهن منٽن ۾ شاعري ملي ويندي آهي.
منهنجي خيال ۾ هن دور ۾ نه صرف همعصر ليکڪن ۽
شاعرن جو پر ٽئين نسل طرفان جيڪا
Popularity
۽ محبت امداد حسينيءَ کي ملي آهي سا شايد ئي ڪنهن
کي ملي هجي! نئون نسل جنون جي حد تائين عقيدت ۽
محبت رکي ٿو ۽ پاڻ به ڪيترن ئي نون اسرندڙ شاعرن
جي مجموعن جا مهاڳ لکي، انهن جي شعرن کي امر بڻائي
ڇڏيو آهي. اهو سندن سنڌي ٻوليءَ ۽ نئين نسل تي
احسان آهي. مون سميت ٻيون به ڪيتريون ئي ڇوڪريون
سندس همت افزائي ۽ تعاون جي ڪري اڄ ادب ۽ شاعريءَ
جي ميدان ۾ پير پختا ڪري چڪيون آهن. ڊش ۽
Cable
جي سوين چينلن باوجود امداد حسينيءَ جي ڪلامن کي
اڄ به ٻڌندڙن وٽ اوتري ئي اهميت آهي، جيڪا 25 سال
پهريان هئي. منهنجي خيال ۾ انهي کان وڌيڪ ڪهڙي
مڃتا ٿي سگهي ٿي. هونئن به منهنجو ايمان آهي ته
نيت جي سچائي ۽ پيار سان ڪيل پورهيو ڪڏهن به
رائگان نٿو وڃي. آءٌ اهو چوڻ ۾ پڻ حق بجانب آهيان
ته امداد حسيني رڳو وڏو شاعر، وڏو اديب ئي نه آهي،
پر هي عملي طور به سنڌ ۽ سنڌين جو سڄڻ پنهنجي نيچر
جي لحاظ کان هڪ عظيم انسان آهي ۽ مون کي جيڪا سندن
شفقت ۽ ويجهڙائپ ملي آهي، ان جي بنياد تي مون کي
ائين محسوس ٿيندو آهي ته امداد حُسيني هڪ ئي وقت
منهنجو ڀلو گهرندڙ بزرگ، وفادار ڀاءُ ۽ ڪڏهن ڪڏهن
ڪا سچي فرينڪ سهيلي لڳندو آهي، مان آخر ۾ هي به ٽي
ڳالهيون ڪرڻ به ضروري ٿي سمجهان ته جڏهن پاڻ ٽيڪسٽ
بُڪ بورڊ ۾ هوندا هئا ته اسين ٽئي ڄڻيون نجمه
پنهور، ثمينه ميمڻ ۽ مان آئي ويل سر جي آفيس وڃي
نڪرنديون هيونسين. اسان کي ڏسي ٿورو حيران ٿي
ويندو هو، اسان چوندا هئاسين سر! ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
جي ڪينٽين جي چانهه پيئڻي آهي ۽ اسان سر کي اهو به
ٻڌايو ته هتان جي چانهه ۾ ڪا شيءِ آهي جو اسين ٽئي
ڄڻيون سيڙجي اچون ٿيون.
هڪ دفعي اسان الائي ڪهڙي ڳالهه ٻڌائي سونس جو سر
وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ چيائين ته اوهان کي جڏهن ڪا اهڙي
ڳالهه سُجهي ته مون کي ٻڌائجو. سو مون چيومانس،
سر! جي اچي نه سگهياسين ته اوهان کي ٽيليفون ڪري
ٻڌائينداسين. منهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته حسين
۽ نفيس خيالن جو مالڪ شاعر امداد حسيني پنهنجي
اندر ۾ به ڏاڍو حسين ۽ معصوم آهي. جنهن ڪڏهن به
پنهنجي شخصيت ۽ شاعريءَ جو رعب ۽ دٻدٻو محسوس نه
ڪرايو آهي ۽ پاڻ اڄ به پنهنجي ليک لکڻ ۾ مصروف
آهي.
’ادب‘ امداد حسيني نمبر مارچ 2003ع |