ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
امداد حـُسيني- سنڌ جو ’لارڊ بائرن‘
امداد حُسينيءَ سان ڄاڻ سڃاڻ، شاگرديءَ جي زماني
کان هئي ۽ هي اهو وقت هو، جڏهن گاڏي کاتي حيدرآباد
۾ نياز همايوني جي ’اردو بورڊ‘ آفيس ۾ ’سنڌي ادبي
سنگت‘ جون گڏجاڻيون پڻ ٿينديون هيون، جنهن ۾ ان
وقت حيدرآباد ۾ رهندڙ اديب ۽ حيدرآباد کان ٻاهر
رهندڙ، حيدرآباد ۾ ايندڙ اديب شريڪ ٿيندا هئا،
تعميري تنقيد ڪئي ويندي هئي، ۽ گڏجاڻيءَ ۾ پڙهندڙ
اسم تي ڀرپور نموني سان ڳالهايو ويندو هو.
طارق اشرف جي ”سهڻي“ ۾ امداد حُسيني تڏهن نون
شاعرن جو ڀاڱو سنڀاليندو هو، هڪ ڏينهن مون کي طارق
اشرف صلاح ڏني ته تون پنهنجي شاعريءَ جو اصلاح
امداد حُسيني کان وٺ، مون هڪ نوٽ بڪ تي شاعري لکي
۽ امداد حُسينيءَ وٽ سندس آفيس ۾ کڻي ويس، ۽ کيس
نوٽ بڪ ڏنم، چيائين ته ڪجهه وقت کپي، پوءِ مان اهو
نوٽ بڪ، سندس آفيس ۾ ڇڏي آيس، ڪجهه وقت کان پوءِ
جڏهن کڻي آيس، ته هن شاعريءَ ۾ تمام گهڻي ڦيرڦار
ڪئي، جيڪا نئين شاعر هجڻ باوجود، مون کي پسند نه
آئي، ۽ مون ان اصلاح واري شاعريءَ جو ڪوبه شعر ڪٿي
نه ڇپايو وقت سان گڏوگڏ امداد حُسينيءَ سان وڌيڪ
ويجهڙائي ٿي، لاڙڪاڻي ۾ مون ان سان هڪ شاندار رهاڻ
رچائي، ۽ لاڙڪاڻي ۾ ئي غلام نبي مغل سان ملهايل هڪ
رهاڻ ۾ پڻ امداد سائين آيو هو، جو غلام نبي مغل ان
وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر هو، ايل.ايم.سي
جي هر ادبي پروگرام ۾ امداد سائين موجود رهيو،
ايل.ايم.سي جي رسالن لاءِ سائين ڪمتر نقوي کان
ورتل انٽرويوءَ ۾ پڻ امداد حُسيني موجود رهيو،
جيڪو ايل.ايم.سي جي مئگزين ۾ ڇپيو، ۽ ان جو ذڪر
امداد سائين منهنجي شاعريءَ جي ڇپيل ڪتاب ’لفظ لفظ
خوشبو‘ ۾ لکيل مهاڳ ۾ پڻ ڪيو آهي، امداد حُسيني
سان ويجهڙائي رهي ۽ اسان بنا تڪلف ۽ رک رکاءُ جي
ڳالهائيندا هئاسين.
مون کيس پنهنجي ڪتاب ’لفظ لفظ خوشبو‘ جي مهاڳ لاءِ
گذارش ڪئي، امداد سائين مهاڳ لاءِ هڪ اڌ درستگي
ڪري ان کي فائينل ڪيو، جيڪو بعد ۾ ڪتاب ۾ ڇپيو.
امداد حُسيني سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄام شوري ۾ سبجيڪٽ
اسپيشلسٽ سنڌي به رهيو، ته ’مهراڻ‘ رسالي جو
ايڊيٽر به رهيو، سندس دور ۾ ٽماهي ’مهراڻ‘ جو
معيار تمام گهڻو بلند، بالا ۽ معياري هو. جنهن
لاءِ امداد حُسيني تمام گهڻي محنت ڪندو رهيو،
شاعري ۾ هُو لفظن جو جادوگر هو، سندس لفظ ائين
ٺهندا هئا جيئن منڊيءَ تي ٽِڪ.
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ نغمگي ۽ موسيقيت آهي.
امداد حُسيني پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترا اهم ۽ يادگار
گيت لکيا.
امداد حُسيني، سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ شاعر هو،
جيتوڻيڪ سندس دور ۾ تمام اهم شاعر موجود رهيا، اهي
شاعريءَ جي ميدان ۾ ڇانئيل رهيا، جن ۾ شيخ اياز،
نياز همايوني، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري،
عبدالڪريم گدائي، استاد بخاري، تاجل بيوس، مريم
مجيدي، قمر شهباز، وفا ناٿن شاهي، مخدوم طالب
الموليٰ، تمام وڏي لسٽ آهي ۽ پر پوءِ به ان دور ۾
امداد حُسيني جي اهميت نمايان هئي، ۽ نمايان رهي.
امداد حُسيني صرف شاعر نه هو، پر هن ’سانول‘ جي
نالي ۾، سٺيون ۽ شاندار ڪهاڻيون به لکيون.
منهنجي ذاتي خيال موجب، امداد حُسيني ’نظم‘ جو
تمام سگهارو مضبوط ۽ لاجواب شاعر آهي، حالانڪه هن
شاعريءَ جي ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي ۽ ”ٽکڙ“
جي ڌرتيءَ جي رنگ ۽ سحر مان نڪتل، امداد حُسيني
پنهنجي وقت ۽ دور ۾ ’نظم جو وڏو شاعر‘ هو.
امداد حُسيني سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ شاعر آهي،
جنهن کي سنڌيءَ جو ”لارڊ بائرن“ چئي سگهجي ٿو،
سندس شاعري سنڌ جي سڃاڻ ۽ نغمگي آهي، جيڪا سنڌي
ٻوليءَ جي وجود تائين قائم رهندي.
امداد سائينءَ جي وفات تي مون کي تمام گهڻو افسوس
ٿيو. سنڌي ادب ۾ امداد حُسينيءَ جي کوٽ امداد
حُسيني ئي پوري ڪري سگهي ٿو.
محمد عثمان منگي
سنڌ جي املهه انسان ۽ شاعر- محترم امداد حـُسيني
سان
ملهايل روح رهاڻ جون يادگيريون
مان هڪ ڏينهن امداد حُسينيءَ سان سندس گهر ملڻ ويس
۽ عرض ڪيم ته ’سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم‘ جي طرفان
توهان ۽ توهان جي وني جيڪا پڻ سنڌ جي شاعره آهي هڪ
روح رهاڻ سنڌ جي عظيم سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي اڱڻ ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا. مزار جي زيارت ۽
چادر چاڙهينداسين دعوت قبول ڪيو.
مسڪرائي چيائين ڇا مان واقعي توهان جي نظر ۾ سنڌ
جو عظيم شاعر آهيان. مان کيس چيو توهان دنيا ۽
هند- سنڌ جا وڏا شاعر آهيو. اسين وڏا خوش نصيب
آهيون جو توهان جي سامهون توهان کي ڏسون ۽ شاعري
ٻڌون پيا. ۽ توهان جي ونيءَ جي شاعري ڏاڍي دلپسند
شاعري آهي، جيڪا سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي بيحد
پسند آهي. مهرباني ڪري توهان اجازت ڏيو. ايتري ۾
ميڊم سحر امداد بسڪيٽ ڪيڪ ۽ چانهه کڻي آئي ۽ پاڻ
به اچي ويٺي. ميڊم سحر امداد چيو ته منگي صاحب ڇا
ٿو چوي، امداد حُسيني ٻڌايو ته هُو اسان سان
ڀٽائيءَ جي اڱڻ تي پروگرام رکڻ چاهي ٿو. تنهن تي
ميڊم سحر چيو ته منگي صاحب خلوص وارو ماڻهو آهي.
هيءُ اڪيلي سر ڪافي پروگرام ڪندو رهيو آهي.
تنهنڪري منگي صاحب جي خلوص کي انڪار ناهي ڪرڻو.
پوءِ امداد حُسينيءَ ها ڪئي ۽ پوءِ پروگرام جو
تفصيل کيس ٻڌايم.
1.
توهان لسٽ ڏيو ته توهان جا ڪهڙا شاعر اديب ايندا ۽
تعداد ڪيترو هوندو ڇاڪاڻ ته رات جي ماني به
کارائڻي آهي.
2.
محفل موسيقيءَ ۾ توهان جو پسنديده فنڪار جنهن کي
گهرائجي جيڪو توهان جي شاعري ڳائي.
3.
پنڊال اسٽيج جي اڳيان لڳايو ويندو جنهن ۾ 200
ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون هونديون ۽ اسٽيج ۽
سائونڊ هوندو.
4.
توهان کي اڳ ۾ چادر چاڙهڻ لاءِ درگاهه تي دوستن ۽
شاعرن کي گڏ وٺي هلبو.
5.
صدارت محترمه سسئي پليجو ۽ محترم مظهرالحق صديقي
جن ڪندا.
پروگرام کان پوءِ موسيقيءَ جو پروگرام ڪيو ويندو.
سڀ ڳالهيون طئي ڪيون. سموري پروگرام ٻڌائڻ کان
پوءِ تاريخ مقرر ڪئيسون، ڏهن ڏينهن کان پوءِ
پروگرام ڪرڻ تي متفق ٿياسين. کانئس موڪلائي مان
پوءِ پروگرام جو ڪم شروع ڪيو. اڳم ڪارڊ ڇپرايا.
بينر ٺهرايم، شيلڊ ٺهرايم، پڳ، اجرڪ، توپي ۽ ميڊم
سحر لاءِ سنڌي چادر خريد ڪيم ۽ فنڪارن لاءِ
سواريءَ جو بندوبست ۽ سائونڊ سسٽم جو پڻ جوڳو
بندوبست ڪيم.
ڪلچر ڊپارٽمنٽ جي سيڪريٽري شمس جعفراڻيءَ سان
ڳالهايم جنهن سهڪار ڪرڻ جي دعوت قبول ڪئي. ان کان
پوءِ دوستن کي ڪارڊ موڪليم. محترم مظهر الحق صديقي
وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ کان هڪ بس جي
منظوري ورتي. اها بس سنڌالاجيءَ تي بيهارِي ته
جيئن پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ ان بس ۾ اچي پروگرام ۾
شريڪ ٿي سگهن. پي.ٽي.وي ڪراچي سان ڳالهائي الطاف
سومرو ’واءُ سواءُ‘ پروگرام جي پروڊيوسر اچڻ جي
حامي ڀري. مهراڻ ٽي.وي جي غلام نبي مورائيءَ سموري
پروگرام جي رڪارڊنگ جو يقين ڏياريو. ناز سهتي ڀٽ
شاهه جي لاءِ ڪي ٽي اين جي نمائندي کي ڪم ڪرڻ جو
چيو ۽ پاڻ شرڪت لاءِ دعوت قبول ڪئي. ڪاوش جي نياز
پنهور پڻ روزاني اخبار ’ڪاوش‘ ٽيم کي رپورٽنگ لاءِ
موڪلڻ ۽ شرڪت لاءِ اچڻ جو به واعدو ڪيو. مان
پروگرام کان هڪ ڏينهن اڳ ڀٽ شاهه وڃي پنڊال
لڳرائڻ، ماني کارائڻ ۽ لائيٽنگ جو بندوبست ڪيو.
مونکي اهو سڄو ڏينهن ڀٽ شاهه تي پروگرام جي
انتظامن ۾ لڳي ويو ۽ مغرب کان پوءِ حيدرآباد واپس
پهتس.
پروگرام جي ڏينهن تي منجهند جو ٽين وڳي ڀٽ شاهه تي
پهتس، اتي رسيپشن تي جهمريون هڻڻ وارا فنڪار ۽
دهلن ۽ شرناين جو بندوبست ڪيو ۽ تازن گلن جون
پنکڙيون ورتيون، جنهن جي مهمانن تي ورکا ڪئي. شام
جو 5 وڳي مهمان پنڊال ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا. امداد
حُسيني ۽ سندس وني ڊاڪٽر سحر امداد به وقت تي
اديبن ۽ شاعرن سان پهتا. دهلن ۽ شرناين جي ميلاپ
سان سندن مٿان گلن جي ورکا ڪري کين ڀٽ شاهه جي
درگاهه تي وٺي آياسين، جتي امداد حُسيني ۽ سندس
وني ميڊم سحر ۽ مهمانن کي رنگين ڳانا پاراياسين.
ان موقعي تي ميڊيا جي چينلن به رڪارڊنگ ڪئي.
درگاهه تي امداد حُسيني ۽ سحر امداد ۽ اديبن گڏجي
چادر چاڙهي ۽ دعا گهري. واپس پنڊال پهتاسين. خبر
پئي ته محترم مِظهرالحق صديقي ۽ محترمه سسئي پليجو
جيڪي ان پروگرام ۾ اچڻا هئا اهي لاڙڪاڻي ۾ محترم
ابرهيم جويو جي سئو سالا جشن جي سلسلي ۾ ويل هئا.
انهن جو نياپو مليو ته اهي شريڪ نه ٿي سگهندا.
تنهنڪري توهان ڀلي پروگرام شروع ڪيو. جيئن ته مون
ڊاڪٽر قاضي خادم حسين سان گڏ محترم رسول بخش پليجي
کي دعوت ڏني هئي اهو هن پروگرام ۾ پهچي ويو هئو.
مون محترم پليجي کي صدارت لاءِ عرض ڪيو جيڪو هن
قبول ڪيو. ڊاڪٽر قاضي خادم حسين ان پروگرام جو خاص
مهمان هئو.
محترم نصير مرزا پروگرام جي ڪاروائي هلائي. قرآن
شريف جي تلاوت سان پروگرام شروع ٿيو. ان کان پوءِ
ذوالفقار قريشي ۽ مظهر علي ڀٽائيءَ جي وائي پيش
ڪئي. ان کان پوءِ مختلف اديبن ۽ شاعرن امداد
حُسيني جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڀرپور نموني
ڳالهايو. محبت ۾ ڳالهايو. ڪن، ڪن کل ڀوڳ ۾
ڳالهايو. جنهن تي امداد حُسيني ۽ شرڪت ڪندڙ ٽهڪ
ڏيندا ۽ خوش ٿيندا رهيا. بعد ۾ امداد حُسيني ۽ سحر
امداد خيالن جو اظهار ڪيو ۽ زندگيءَ جا تجربا
ٻڌايا ۽ شاعري پڙهي.
آخر ۾ محترم رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم
حسين امداد حُسينيءَ تي ڳالهايو ۽ سندس شاعريءَ کي
ساراهيو. ان کان اڳ امداد حُسينيءَ کي پڳ ۽ اجرڪ
پارايا. جڏهن ته سحر امداد کي سندس ڀيڻ بينا بيدل
مسرور سنڌي چادر پارائي. آخر ۾ محفل موسيقي ٿي
جنهن ۾ ذوالفقار، مظهر ۽ بيدل مسرور سنڌي موسيقي
پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو. آيل مهمانن کي ماني
کارائي ۽ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي مهمانن کان
موڪلايو. ائين رات جو ٽين وڳي حيدرآباد لاءِ روانو
ٿيس. ان کان پوءِ امداد حُسيني ۽ سحر امداد سان
سنڌ يونيورسٽي ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون. جڏهن
ڪراچي شفٽ ٿي ويا تڏهن به ساڻن ميل ملاقات ۽ ڳالهه
ٻولهه هلندي رهي. آخري دفعو هُو ٻئي ڄڻا سنڌ
يونيورسٽيءَ ملڻ آيا ته مون کين دعوت ڏني جيڪا هنن
قبول ڪئي. شام جو ستين وڳي جيمخاني حيدرآباد ۾ مون
سندن دعوت رکي ان ۾ سندن چوڻ موجب نصير مرزا، زيب
سنڌي ۽ ذوالفقار کي به دعوت ڏني اهي به شريڪ ٿيا.
جڏهن جيمخاني ۾ گڏ ٿياسين اتي ڪچهري شروع ٿي.
امداد حُسيني زندگيءَ جي خوبصورت لمحن جو ذڪر ڪيو.
خاص ڪري انڊيا وڃڻ جو تفصيلي پروگرام ٻڌايو ۽ اتي
مليل عزت ۽ پيار جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته هن جي اتي
دليپ ڪمار سان ملاقات بابت ٻڌايو ۽ چيو ته هن مون
کي سنڌي ۾ کيڪاريو ۽ دليپ ڪمار هٿان ايوارڊ ڏنو
ويو. هن ذوالفقار کي چيو ته تون مون کي ڪجهه ڳائي
ٻڌائي اتي هن ڊائننگ ٽيبل تي هلڪي آواز ۾ راڳ ڳاتو
۽ امداد حُسيني جهومندو رهيو. ان وچ ۾ ماما يوسف
لغاري ۽ جيمخاني ۾ ويٺل سندس ڪافي دوست به اچي
امداد حُسينيءَ سان مليا. مون مامي يوسف لغاري
هٿان اجرڪ پارايو. هُو ٿوري دير لاءِ ويٺو ۽ امداد
حُسيني ساڻ ڪچهري ڪئي. اهڙي طرح ماني کائي سڀني
موڪلايو ۽ امداد حُسيني ۽ سندس وني ميڊم سحر کي
گاڏيءَ ۾ ويهاري روانو ڪيوسين. اها منهنجي ساڻس
روبرو آخري ملاقات هئي. مون کي جڏهن خبر پئي ته
امداد حُسيني بيمار ٿي ويو آهي. ته مون ڊاڪٽر سحر
امداد سان فون تي ڳالهايو ته هن ٻڌايو ته هاڻ سندس
طبيعت ڪجهه بهتر آهي ۽ اسپتال مان گهر وڃي رهيا
آهيون. ڪجهه وقت کان پوءِ آئون اسپتال داخل ٿيس ته
امداد حُسينيءَ جي لاڏاڻي جي خبر پئي. مون اسپتال
مان سحر امداد سان فون تي ڳالهائي تعزيت ڪئي ۽ ڏک
ونڊيو ۽ تڏي تي نه پهچڻ جي معذرت ڪئي. هن ٻڌايو ته
توهان جي بيماري جي خبر آهي توهان جي مهرباني ۽ هن
مون کي صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪئي.
پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙو
سِٽ پڙاڏو سـُڏڪي جو
شاعريءَ جو سڌو سنئون تعلق احساس سان آهي ۽ احساس،
انسان جي اها ٽاڪُئين ڪيفيت آهي. جنهن جي رنگ و بو
کي ان ساڳي ڪيفيت کان سواءِ محسوس ڪري نٿو سگهجي.
’شاعري‘ جنهن جو مطالعو اسان ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ
ڪندا رهون ٿا ۽ اُن جي لفظي سحر، فني ڪمال ۽ فڪري
وسعت کي ماڻيندا رهون ٿا، تنهن جي مطالعي جو سڀ
کان گهڻو مزو تڏهن حاصل ٿئي ٿو، جڏهن ان مخصوص
احساساتي ڪيفيت ۾ ڪو شعر بصارتن ۽ سماعتن کان
ٿيندو وڃي روح جا ڪنجها کڙڪائيندو آهي. ٻين لفظن ۾
ائين به چئي سگهجي ٿو ته احساسن جي نئين ۾ تڙڳڻ
وقت، جڏهن ڪنهن شعر جي پالوٽ ٿئي ٿي، تڏهن انسان
جي ظاهري ۽ باطني دنيا بدلجي وڃي ٿي، ان بدلجندڙ
دنيا ۾ ڪڏهن ايتري بي ساختگي به طاري ٿئي ٿي جو
وجد ۽ رقص جي صورت ۾ ان جو اظهار ٿيو پوي، شاعريءَ
جو اهو رنگ جهڙو روميءَ ۾ موجود آهي، تهڙو ٻين ۾
ڪٿي!
شاعري جڏهن آهي ئي احساس جي اظهار جو نالو، تڏهن
ان کي پرکڻ به احساسن جي ڪسوٽين تي کپي. اهي
احساس، ادراڪ جي عروج ۽ فهم جي بلندين کي ڇُهڻ کان
پوءِ اظهارجن ٿا. منهنجو مقصد هتي شعر ۽ شاعريءَ
جي اهڙي قسم جي اپٽار سان فقط اهوئي آهي ته سنڌي
شاعريءَ ۾ احساس جي اظهار جو جيڪو گهڻو سرمايو
موجود آهي، تنهن ۾ امداد جي گڻوان شاعريءَ ڏانهن
رجوع ڪري، ان ۾ احساس جي اظهار جي ان ڪمال کي
ڏسون، جو جديد سنڌي شاعرن جي سٿ ۾ امداد وٽ آهي.
حقيقت اها آهي ته امداد اهو کرو شاعر آهي، جنهن وٽ
احساس جي اظهار جي جرئت پنهنجي همعصرن جي ٽهيءَ ۾
سڀ کان وڌيڪ آهي. جا هن کي انهن ۾ انفراديت عطا
ڪري ٿي.
امداد جڏهن سخن جي مشق واري مرحلي کي عبور ڪري اچي
ٿو، تڏهن هو پنهنجي شعر ۾ پاڻ پيو ڏسجي. سندس شعر
جو لب و لهجو اهڙي منفرد صورت اختيار ڪري ٿو، جو
اهو ڪٿي به ڪنهن جي واتان سماعتن تي پهچندو ته
امداد جي ڇاپ کان الڳ نه ڄاتو ويندو:
عشق جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا
تون نه هل تنهنجو صفا جهڙو خرام
تون نه کِل جانِ بهاران تون نه کل
هر طرف آهي گلن جو قتل عام.
گهري احساس جي ڀيٽ ئي شاعر جي جيءَ ۾ جولانيون
پيدا ڪري ٿي. اهي جولانيون جڏهن ڄڀيون ۽ ڄراٽ بڻجن
ٿيون، تڏهن انهن جي روشنيءَ ۾ شعر جي حسن جون
رعنائيون ڪيئن نه جوت ۽ جمال سان جنسار جي
جنجهوڙيل جين ۾ جاڳرتا آڻينديون. شاعر پنهنجي
مشاهدي کي لفظن جي تصويرن ۾ فريم ڪري، ٻين کي ان
جي حسناڪي عطا ڪري ٿو:
مشاهــــــــدو مــــــاڻــــــڻ چاهين،
ڪور ڪلهن تان پهرين ڪنڌ.
لفظ ۽ الفاظ، استعارا ۽ تشبيهون، ترڪيبون ۽
تلميحون انهن جو ۽ انهن سڀني جي سيبتي سجاوٽ جو
سرچشمو به شديد احساس جي اظهار ۾ مضمر آهي. احساس
جي واٽ جي تنهائيءَ کي شاعر شدت سان محسوس ڪري،
جڏهن ان کي اظهاري ٿو، تڏهن خيالن ۽ لفظن جي
گهرائي پڻ پوري طاقت سان اڀري ٿي:
منهنجي احساسن جي رستي تي رڳي تنهائي
منهنجي هر سوچ جي پيرن ۾ پيل زنجيرون
پنهنجي ئي شهر ۾ آهيان مان ذليل ۽ رسوا
اڻ ٿيل ڏوهه جا سڀ طوق ڳچيءَ ۾ پائي
چوکنڀو آءٌ ٻڌل آهيان رتو رت آهيان
مون کي وچ چوڪ تي سنگسار ڪيو ويو آهي.
تخليق جو هڪ عمل اهو به آهي ته شاعر جڏهن ڪنهن
خارجي واقعي کان متاثر ٿئي ٿو. تڏهن اوستائين ان
جي ردعمل جو اظهار ڪونه ٿو ڪري. جيستائين ان جي
داخلي محسوسات ۾ ولولو نه ٿو پيدا ٿئي، امداد وٽ
به خارجي واقعي جو اثر ملي ٿو، مگر هن جي تخليق ۾
ايترو زور آهي، جو پڙهندڙ ائين محسوس ڪري ٿو، ڄڻ
واقعي جي ٿيڻ سان حساس شاعر ڪري پوي ٿو ۽ فوري طور
ان جو ايڏو گهرو اظهار ڪري ٿو جو پنهنجي ورتل اثر
کان ٻين کي به اوتروئي متاثر ڪري ٿو:
شهر ۾ آه ڪرفيو آرڊر
جي کليل آهه ڪو دڪان ڪٿي
ته انهيءَ تي ڪفن وڪامي ٿو
جيڪو آهي جتي رهي سو اتي
ٿوري چرپر جي موٽ ۾ گولي
زندگي آهه اڄ هِتي نه هُتي.
انهيءَ کان ڪوبه انڪار ڪونهي ته شاعر وٽ لفظن جو
ذخيرو ايترو گهڻو آهي، جيترو گهڻو ۽ گهرو وٽس
مشاهدو آهي، پر لفظ کي لڙيءَ ۾ پوئڻ وقت لاپرواهي
۽ بيباڪيءَ وارو گڻ هن جي محسوسات جي اظهار جي
سچائي ۽ جرئت جي کليل نشاني آهي. هُو هر لفظ کي هڪ
جيترو قيمتي ٿو ڀانئي ۽ اهو نٿو سوچي ته ڪتب ايندڙ
لفظ سٽ ۾ ڪيتري سونهن ٿو پيدا ڪري يا اهو لفظ
متروڪ آهي يا مستعمل. هُو هر لفظ کي حياتي بخشي
ڇڏڻ واري مسيحائي جي قوت رکندڙ آهي. هُو لفظ جي
روحاني روشنيءَ سان سهائو آڻي ٿو:
اسان جي لاءِ نه پکيڙي ڪو مرمرين ٻانهون
اسان جي لاءِ نه ڪو دل کي بيقرار ڪري
نه فرش راهه ڪري ڪو حسين حسين اکڙيون
اسان کي ڪوبه نه چاهي نه ڪو به پيار ڪري.
مطلب ته امداد پنهنجي نت نئين شاعريءَ سبب سنڌي
شاعريءَ جي اُفق جو اهو وهائو تارو آهي، جنهن جي
جوت هميشه جاڳندي رهندي. هن جو انفرادي انداز
ايندڙ نسلن تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندو رهندو.
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ، لفظ ستاري جهڙو،
اي لکڻ ناهه ته ”امداد“ لکڻ ڇا جي لاءِ؟
(”ادب“ امداد حُسيني نمبر مارچ 2003ع)
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
سيد امداد حـُسيني
جنم: 10 مارچ
سيد امداد حُسيني اصل نالو
سيد
امداد علي
شاهه
ولد
سيد
فضل محمد شاهه
10 مارچ
1940ع تي شهر ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس سڃاڻپ جديد
شاعريءَ جي سرموڙ شاعر جي حيثيت ۾ ته آهي، پر هُو
هڪ سڄاڻ نثر نويس پڻ هو. امداد حُسينيءَ بنيادي
تعليم ٽکڙ ۽ گريجوئيشن حيدرآباد
مان
۽ ماسٽرس جي ڊگري يونيورسٽي آف سنڌ مان ورتي ۽ هن پهرين نوڪري سنڌي
ادبي بورڊ ۾ ڪئي،
جتي کين لائبريرين طور رکيو ويو ۽ پوءِ انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجيءَ
۾
1970ع
ريسرچ فيلو مقرر ٿيو ۽
1973ع ۾
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ
مقرر ٿيو، جتي نصاب مرتب ڪرڻ، ايڊٽ ڪرڻ، سبقن ۽ نظمن لکڻ جو ڪم امداد
لڳاتار پنجويهه سال ڪيو آهي، انهيءَ کان سواءِ
انهيءَ وقت ۾ هو سنڌي ادبي بورڊ جو ٻه دفعا سيڪريٽري ۽ علمي ۽ ادبي
مخزن ٽماهي
’مهراڻ‘
جو
پڻ
ايڊيٽر رهيو.
سيد امداد حُسينيءَ ٻارهن سالن جي عمر کان
شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس ڏاڏو اسد الله شاهه
’فدا‘
پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم ۽ شاعر هو. جن جي
نگرانيءَ ۾
’بهارِ اخلاق‘،
رسالو نڪرندو هو. جيڪو سنڌي ادب ۾ انهيءَ وقت جي
نڪرندڙ مخزنن ۾ اهم هو. اهڙيءَ ريت سندس ڏاڏي جو
ڀاءُ سيد حافظ شاهه پڻ هڪ اهم شاعر ٿي گذريو آهي،
ايئن کيس گهر کان علمي ۽ ادبي ماحول ۽ پٺڀرائي
ملي. امداد صاحب شروع دور ۾ غزل لکيا، جيڪي ڪافي مشهور ٿيا. پاڻ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۽ ٻين
مشاعرن ۾ باقائدگي سان وڃڻ لڳو ۽ سندس اٿڻ ويهڻ
سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن سان ٿيڻ لڳو.
سائين شاعريءَ جي هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي: غزل، گيت، وائي، بيت، دوهو، رباعي، قطعو، ڪافي، نظم، آزاد
نظم تي طبع آزمائي ڪئي. هيئت، اسلوب ۽ ٻوليءَ جي
لحاظ کان آزاد نظم ۽ نظم ۾ سندس ڪيترائي ڪامياب
تجربا شاهڪار جي صورت ۾ آهن. امداد حُسينيءَ جي
نظم مان ڪي سٽون هن ريت آهن.
توسان روز ملان، روز نئون هڪ گيت لکان،
جي نه ملان تو سان پوءِ به هڪڙو گيت لکان،
مرڪان لڙڪان، لڙڪان مرڪان،
امداد حُسيني جيئان سڪ جي سٽ لکان.
امداد حُسينيءَ جي نظمن جا موضوع سنڌ ڌرتي
۽ ان جا مسئلا آهن. هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر ظلم
خلاف سڏ ڏنو، سندس طويل نظم
’شهر‘ ٻوليءَ جي فسادن جي پس منظر تي هڪ لونءَ ڪانڊاريندڙ نظمي
داستان آهي،
پاڻ حيدرآباد شهر کان سواءِ سنڌ کي خالي ٿو ڄاڻي.
سيد صاحب موجب ته حيدرآباد آهي ته سنڌ آهي ۽ سنڌ
آهي ته حيدرآباد ساڻ ئي آهي چوي ٿو ته:
اي حيدرآباد شهر اي نيرون ڪوٽ شهر،
توکان سواءِ آهه چپن ۾ صدا ڪٿي،
توکان سواءِ آهه هٿن ۾ دعا ڪٿي،
توکان سواءِ شراب ۾ آهن نشا ڪٿي،
توکان سواءِ حسن ۾ آهي ادا ڪٿي،
اي حيدرآباد شهر اي نيرون ڪوٽ شهر.
امداد حُسيني نظم ۽ آزاد نظم جي صنف ۾ پاڻ
ملهايو آهي ، ڪيترائي شاهڪار مثال پيش ڪيا اٿن،
جيئن
’شاعر‘،
’حملو‘،
’گهر
جي ياد‘،
’بدبو‘،
’واپسي‘،
’انتظار‘،
’جنگ‘،
’شرط‘،
’ماحول ۽ ٻيا نظم آهن. هن نظم کي جديد انداز سان
پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس نظم
’هاڻ
ته جانان‘،
’تنهنجو
وات گلاب‘ ۽
’شرط‘
خاص انفراديت حامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
لکيو آهي ته،
”امداد شروع ۾ روايتي شاعريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل هو پر هڪدم آجو
ٿي ويو ۽ وري ان ڏي نه نهاريائين، اڳتي ۽ اڳتي
وڌندو رهيو، نظم سندس پسنديده صنف آهي. ان ۾ خوب
گلڪاريون ڪيون اٿس.“(1)
هن قطعا پڻ بي مثال لکيا آهن، جيئن مثال
طور؛
دنيا ۾ رڳو آئون ئي رسوا آهيان،
محفل ۾ رڳو آئون ئي تنها آهيان،
انسان جي نظرن ۾ ته انسان ناهيان،
قدرت جي نگاهن ۾ ڀلا ڇا آهيان؟
سندس غزل ،
’امداد آهه
رول‘،
’تون موتي ايئن نه رول‘ تمام گهڻي مشهور ٿي، امداد صاحب جي شاعريءَ جا چار ڪتاب
ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ ،
’امداد
آهي رول‘،
’هوا
جي سامهون‘،
’ڪرڻي جهڙا پل‘ ۽
’شهر‘ جيڪو هڪ طويل نظم آهي،
(پهرين طارق اشرف جي رسالي سهڻي ۾ ۽ پوءِ
ڪتابي صورت ۾ ڇپيو).
سندس شاعري
’ٽه
ماهي مهراڻ‘،
’نئين زندگي‘،
’سهڻي‘،
’روح رهاڻ‘،
’مارئي‘
۽ ٻين ڪيترن اخبارن ۽ رسالن ۾ باقائدگيءَ سان ڇپبي
هئي. انهيءَ ڪري ٿوري عرصي ۾ هن جو نالو مشهور ٿي ويو، هن جي
شاعري سريلي
(Lyrical) هئڻ سبب ڳائي ويئي آهي، امداد جي ڪلام کي ڪيترن وڏن فنڪارن
ڳايو،
جن ۾ عابده پروين، روبينه قريشي، منظور
سخيراڻي، زرينا بلوچ ۽ ٻيا آهن. هن جيڪي گيتن
ڀريون ڪهاڻيون لکيون انهن جا گيت مقبوليت جي اوج
تي رهيا ته ريڊيو ۽ ٽيليوزن لاءِ لکيل ڊراما پڻ
گهڻو ڪامياب هئا. هن سنڌي فلمن لاءِ نغما لکيا،
جن کيس مشهور ڪيو،
شاعريءَ ۾ ٽيڙو جي صنف تي کيس ڪمال حاصل هو.
جپاني شاعريءَ جي صنف هائيڪو کي
’ٽيڙو‘ جو نالو امداد سائينءَ ڏنو. هن جديد ترقي پسند شاعر جي
شاعريءَ ۾ رواني، جدت ۽ بياني اسلوب جي خوبيءَ سان
گڏ سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي ٻوليءَ جو حسين امتزاج ڏسڻ ۾
اچي ٿو.
جديد شاعريءَ جي شروعات ته
1947ع کان اڳ ٿي چڪي هئي. ترقي پسند تحريڪ سان
انهيءَ ۾ نوان خيال ۽ نوان موضوع آيا. سنڌ جو
ماحول، منظرنگاري، نوان تجربا، موسيقيت ۽ لهجي جي
نرمي نئين دور جون تشبيهون ۽
ٺيٺ
سنڌي لفظن جو استعمال پنهنجي ماحول مطابق آڻي
امداد صاحب خاص نظم، آزاد نظم، گيت، ٽيڙو لکيا.
امداد جي شاعريءَ ۾ جدت، قومپرستي، حقيقت پسندي،
رومانويت ۽ مزاحمت ته آهن ئي.
پرترقي پسنديءَ جو لاڙو پڻ عروج تي ڏسجي ٿو. سندس
لفظن ۾ ته:
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي،
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي،
سنڌ لاءِ جيئن ايترو سولو ناهي،
سنڌ جي لاءِ مرڻ ايترو سولو ناهي.
يا هڪ هنڌ چوي ٿو ته،
جندڙي ڪوڙ هجي ته هجي، سنڌڙي ڪوڙ نه آهي.
امداد حسيني جيترو سٺو شاعر هو ايترو ئي سٺو نثرنگار هو. برجستي قلمڪار
وٽ پنهنجي لکڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي خوبصورت استعمال جي
وڏي اهميت هئي. معنيٰ ۽ مطلب کي حيثيت ڏيندڙ امداد
صاحب پاڻ چوي ٿو ته ”جيئن ڀتين کي گهر چوڻ اياڻپ
آهي. جيئن ساهه کان سواءِ جسم محض بوتو آهي. بلڪل
ايئن معنيٰ کان سواءِ شاعري به عدم موجود آهي.
معنيٰ ئي اهو اصلي جوهر آهي، دل جي دڙڪن آهي. غزل
۾ صرف وزن جو پورائو ڪافي نه آهي اصل ۾ گهاڙيٽي،
خيال، ٻوليءَ جي هڪ ڪرائپ سان ئي اهُو معجزو ظهور
پذير ٿئي ٿو جنهن کي شاعري سڏجي ٿو.“(3)
امداد صاحب ٻوليءَ جي معنويت معرفت
شاعريءَ ۾ هڪ نئون موڙ رقم ڪيو، هن جوانن جي وهيل
امرت کي سنڌڙيءَ جو ۽ جيجل جندڙيءَ جو رت سڏيو آهي
.
ڪهڙو گهوٽ چڙهيو آ گهوڙي،
ڌرتي لال ڪنوار بڻي آ.
اها مڃتا سنڌ جي هر سورهيه سرويچ لاءِ
آهي. اهڙي ئي شاعري جنهن ۾ لساني ۽ فطري آهنگ هجي،
مڪمل تاثر ۽ ڀرپور بياني قوت هجي سا ئي ڪنهن قوم
جي لاءِ اتُساهه جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
ڊاڪٽر سحر امداد لکيو آهي،
”شاعر پنهنجي احساسن جي سهڻي ۽ سريلي
اظهار لاءِ لفظن کي تخليقي سطح تي استعمال ڪندي
پنهنجو هڪ الڳ ڊڪشن ٺاهي ٿو، جيڪو اڳتي هلي سندس سڃاڻپ بڻجي ٿو، ان
ريت شاعر ٻوليءَ جي لفظن ۽ معنائن کي وسعت ۽ سونهن
عطا ڪري ٿو.(4)
سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ ادبي محفلن جو روح
روان ۽ ڪيترين ادبي گڏجاڻين ۾ مهمان خاص طور
صدارتون ڪندڙ سيد صاحب جڏهن اسٽيج تي ڳالهائيندو
هو تڏهن سندن تقرير توڻي تحرير جي خوبي ڏسڻ وٽان
هوندي هئي. نثر ۾ هن گيتن ڀريون ڪهاڻيون، مضمون،
ڪالم، افسانا، ايڊيٽوريل ۽ ٻيو مواد لکيو ترجمي
نگاريءَ ۾ کيس ملڪو حاصل هو. پهريون
ڪتاب،
’سنڌ
جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ‘
1971ع ۾ شايع ٿيو، اردو شاعري
’دهوپ
کرن‘
جي نالي سان سهيڙيائين، ته بابا فريد ۽ ماڌو
لال جي شاعريءَ جو منظوم ترجمو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جي
ناول،
’زينت‘ ۽
’دودو
چنيسر‘
کي اردو ترجمو ڪيائين، جي ٻيئي اسلام آباد جي وڏن
ادارن شايع ڪيا، ٻارن جي شاعريءَ جا چار ڪتاب
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين هن ٻارن لاءِ خوبصورت گيت
جيڪي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا آهن. امداد صاحب
’سانول‘
جي نالي سان افسانا لکيا،
جيڪي ان وقت جي چوٽيءَ جي رسالن ۾ شايع ٿيا. سندن ڪهاڻيون، مضمون
۽ مقالا ۽ ڊرامن جا مجموعا ۽ ٻيو مواد اڻ ڇپيل
آهي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا وڻندڙ مهاڳ لکيا آهن.
امداد سائين جيستائين ڪنهن ڪتاب جو مڪمل جائزو نه
وٺندو هو،
تيستائين مهاڳ يا ٻه اکر نه لکندو هو،
سندس چند مهاڳن مان ڪي حوالا پيش ڪجن ٿا ته جيئن
پڙهندڙ امداد شاهه جي مهاڳن جي لکڻين کان محفوظ
ٿين.
تنوير عباسيءَ جو ڪتاب
’سج تريءَ هيٺان‘
(1971ع کان
1977ع
تائين جي سرجيل شاعريءَ)
جي مهاڳ ۾ امداد حُسيني لکي ٿو‘:
تنوير جي شاعريءَ ۾ سُر
۽ معنيٰ هڪٻئي ۾ لين ٿين ٿا. لوڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ
جي گهري اڀياس ڪلا جي بنيادي ڪاريه سان سچي رهڻ ۽
تجربي جي لڳاتار جو کم کڻڻ سان ئي اهو ڪارنامو
سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو. هو انساني عظمت جو شاعر
آهي. هن جي اندر ۾ انسان ذات لاءِ چاهه جو اٿاهه
ساگر آهي“.(5)
منهنجي لطيف شناسيءَ جي ڪتاب تي مهاڳ
بعنوان
’ان
جي عبداللطيف چي، مٽيءَ لڌو
مان‘ ۾ امداد صاحب لکيو آهي،
”سڄي رسالي جو پيغام ڪنهن خاص طبقي ۽ مذهب
لاءِ نه پر پوري انسان ذات لاءِ آهي جنهن کي جيترو
به پڙهيو ۽ پروڙبو، ايترو من شانت ٿيندو دل مان
نراسائي نڪرندي ۽ ماڻهو ماڻهپي ڏانهن موٽندو“. اهي
سٽون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب عالم سڀ آباد
ڪرين جي هڪ مضمون،
’نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو‘ جون آخري سٽون آهن. اهي سٽون ڄڻ هن ڪتاب
۾ مختلف عنوانن سان آيل مضمونن جو ست سار آهن يا
اهي مضمون انهن سٽن جو وستار آهن. انهن سٽن ۾
ڊاڪٽر ميمڻ،
جهڙو ڪر ڪوزي ۾ درياهه بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هن اهو بلڪل صحيح چيو آهي ته رسالي جو پيغام آفاقي
آهي، ان ڪري ئي ڊاڪٽر ميمڻ
’شاهه
جو رسالو‘
جي آفاقي پيغام کي
’پڙهڻ
۽ پروڙڻ‘ جي ڳالهه ٿي ڪري اسان وٽ حالت اها آهي ته
بنا پڙهڻ جي شاهه سائينءَ لاءِ ڏکيو هجڻ ۽ نه
سمجهه ۾ اچڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي اها صورتحال وڌيڪ
گنڀير
تڏهن ٿي ٿي وڃي، جڏهن اهڙي ڳالهه اديب ۽ خاص طور
شاعر ڪن ٿا! سنڌيءَ ۾ ايم.اي
ڪيل يا رسالن جا ايڊيٽر ڪن ٿا!“(6)
شبنم گل جي شاعريءَ جي مجموعي تي
’درد جي لئه تي جيون جو اڻپورو گيت‘، جي عنوان سان لکيل مُهاڳ ۾ امداد صاحب لکيو آهي،
’نثري نظم ۾ اهُو
سُر،
آلاپ لئه يا ردم ڳولڻ، جيڪو پابند شاعريءَ ۾ هوندو
آهي، وئرٿ آهي. نثري نظم ۾ ڀاونائن جو سُر احساسن
جو آلاپ، جذبن جو ردم خاص اهميت رکي ٿو. اصل ۾ اهو
ڳڻُ سَڳڻُ مجموعي شاعريءَ سان لاڳو آهي، پوءِ اها
پابند شاعري هجي يا آزاد شاعري يا نثري شاعري!
شبنم گل جي نثري شاعريءَ ۾ اهو ڳڻُ سَڳڻُ هڪيو
آهي(7).
پڙهندڙ مٿين حوالن کانپوءِ مون سان ضرور
متفق ٿيندا ته امداد حُسينيءَ ڪنهن به ڪتاب تي لکڻ
کان اڳ انهيءَ ليکڪ جي فن جو ۽ خاص انهيءَ ڪتاب جي
موضوع ۽ مواد جو تجزيو ڪري لکڻ جو حق ادا ڪيو آهي
.
سندس لکيل مهاڳ ۽ پيش لفظ مثالي حيثيت رکن
ٿا.
سنڌ سرزمين سان سچي، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي هن عاشق کي سندس حياتيءَ ۾ مڃتا ملي، ڪيترن ئي
ايوارڊن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو.
2003ع تي کين صدارتي تمغو
’برائي حُسنِ ڪارڪردگي‘ عطا ڪيو ويو .21 آگسٽ
2022ع تي سنڌي ادب جي هن مقبول ڏات
ڌڻيءَ ڪراچيءَ
۾ پنهنجي گهر ۾ علالت سبب وفات ڪئي .
سندن ابدي آرامگاهه
مقبرو شريف تي سندن اباڻي قبرستان ۾ آهي.
حوالا:
1.
جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر،
’سنڌي
ادب جي مختصر تاريخ‘،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
7449ع ،ص
291
2.
نعيم ملڪ ،
’گلابي گيتن جو شاعر: امداد حسيني‘، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، ص
3
3.
امداد حُسيني،
’درد
جي لئه تي جيون جو اڻ پورو گيت‘،
’ريکائون‘ ايڊيٽر، رحمت پيرزادو، سيپٽمبر،
2022ع،
ص
26
4.
سحر امداد، ڊاڪٽر امداد حُسيني،
’هوا
جي سامهون‘،
(مهاڳ).
5.
امداد حُسيني/عباسي تنوير،
’سج
تريءَ هيٺان‘، نذر سنز پبلشرز، حيدرآباد،
7411ع،
ص
9.
6.
امداد حُسيني/ميمڻ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ،
’عالم
سڀ آباد ڪرين‘
سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد،
2076ع،
ص
01.
7.
حوالو نمبر
03،
ص23.
ڊاڪٽر فهيم نوناري
امداد آهي رول جو خالق سائين-
امداد حـُسيني
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ 1993ع جي سيپٽمبر مهيني جي
پڇاڙيءَ ۾ مون جوائن ڪئي، کين جيڪب آباد مان فتاح
عابد پنهنجو وزٽينگ ڪارڊ ڏيندي چيائين ته سائين
امداد حُسيني اسان جو ادبي دوست آهي، هن ساڻ ضرور
ملجو، مون ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جوائن ڪرڻ جي ٻئي ڏهاڙي
سائين امداد ساڻ ملي فتاح عابد جو ڪارڊ ڏنم، هُن
چيو پاڻ ساڳئي قافلي جا ماڻهو آهيون، ڪوبه ڪم ڪار
هجي ته مون کي ٻڌائجو. پوءِ ته هڪٻئي سان ملبو هو،
ذاتي ۽ پروفيشنل ڪچهريون ٿينديون هيون، ڏاڍو دلچسپ
انسان هو. سدا شاعري لکڻ ۽ نصابي لکپڙهه جو ڪم ۾
مشغول هوندو هو.
مون کي سائين امداد حُسيني هميشه سوچيندڙ ۽
لوچيندڙ انسان معلوم ٿيندو هو، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
۾ گهڻي ڀاڱي اسان جي ڀيڻ سحرامداد هن کي پنهنجي
گاڏيءَ ۾ ڇڏي ويندي هئي ۽ شام جو آفيس مان واپس
کڻندي هئي، سائين امداد جي آفيس پهرين فلور تي
هوندي هئي، واپسيءَ تي هيٺ گاڏيءَ جو هارن وڄندو
هو ته سائين امداد پنهنجا لکيل پنا ميڙي هيٺ ويندو
هو، اهو هن جو معمول هوندو هو. صبح جو جيئن ايندو
هو ته سندن ڪرسي تي ويهڻ شرط اڇا پنا ڪڍي اڳيان
رکندو هو، پوءِ شاعريءَ جي شروعات ٿيندي، وچ ۾ ٻه
ٽي جملا آفيس ساٿين سان ڳالهائيندو هو نه ته سدا
پنهنجي لکڻ جي ڪِرت ۾ مشغول هوندو هو، ائين لڳندو
هو هُن جي ذات به شاعري هئي، مذهب به شاعري هُئس،
سڀڪجهه شاعري هئس، کلڻ، ڳالهائڻ، هلڻ، چلڻ، هُن جا
کنڊريل وار منهن مهانڊا، چهري تي ڦهليل لڪيرن جو
ڄار ۽ ڪلهن تائين ٽڙيل پکڙيل وار گواهي ڏيندا هئا
ته هُو شاعر ۽ صرف شاعر آهي.
چَپ رهن ٿا چُپَ، اکيون ٿيون ڳالهائن،
پڌرو ۽ لِڪَ چُپُ اکيون ٿيون ڳالهائن.
پاڻ ۾ ائين جيئن سکيون ٿين ڳالهن،
اکيون سکيون رب رکيون ٿيون ڳالهائن.
(ا.ح)
هڪ ٽيبل، هڪ ڪرسي، هڪ ڪٻٽ سائين امداد حسيني جي
آفييس جي وڏي هال ۾ ڪُل ميراث هوندي هئي، ڪڏهن ڪو
شاعر، اديب، دوست ايندو هو ڀرمان ڪرسي گهلي هن کي
ويهاريندو هو. پوءِ شاعري، ادب ۽ ٻوليءَ تي ڪچهري
ڪندو هو، هو پنهنجي روين ۾ مون کي انگريز لڳندو
هو، انگريز جهڙو تهڙو ڪين بلڪ
Working English Man
سدا ڪم واري ڪِرت ۾ رهڻ وارو انگريز لڳندو هو، سڄو
وقت هو شاعريءَ کي ڏيڻ پيو چاهي، اجائي لفاظي ۽
لٻاڙ هن کي ڇهوبه ڪونه. اهڙا ملوڪ انسان زمانن ۾
جيئندا آهن.
سڌائتي سڀڪا بک نه باسي ڪا
جيهي تيهي ذات جي جنبش ناهي جاري
مون سان هلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري.
(شاهه لطيف)
شروعاتي نوڪري واري دؤر ۾ دوست ٻڌائيندا آهن ته
صبح جو آفيس ۾ اچي ڏاڙهي شيو آفيس ۾ ڪندو هو، وڏي
آفيس ۾ ٺٺ ٺانگر رکڻ جو هُن کي ڪوبه شوق ڪونه
هوندو هو، هُو سادي پريشان پُروقار زندگي گذارڻ
چاهيندو هو، هن جو مذهب، مسلڪ ۽ زندگي وڏي مشغولي
شاعري هئي، هو شاعر ئي رهڻ چاهي پيو، هُن جي
شاعريءَ جو اسلوب مڪمل عوامي ۽ انقلابي هو، هُن جي
شاعري اونداهي ۾ ٻرندڙ روشنيءَ ۾ لاٽ هئي.
سوچيو سنڌ واسيو ٿورو:
اُڀرندي اُلهندي طرف ڪيئي،
سج اُپڙي لهي چڪا آهن،
اڄ سڀن کي سڻايان ٿو،
هٿ ادب جا ٻڌي ٻڌايان ٿو،
ٿورو ڌيان سان سُڻو سائين!
ڦِٽڻ کان سٺو جُڙڻ آهي
جي مڙيا سي جڙيا چيو ڏاهي.
(ا.ح)
امداد حسيني شاعريءَ وسيلي سنڌ کي سوچڻ ۽ لوچڻ جي
دعوت ڏئي ٿو، هو چئي ٿو اڀرندي اُلهندي سهسين سج
اُڀري چڪا آهن، هاڻ ڌيان ڌرڻو آهي، ٻَڌي جي جهنڊي
کي بُلند رکڻو آهي ۽ نفاق ۽ ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان بهتر
آهي. پاڻ ۾ اتفاق ۽ ٻڌي قائم ڪجي ته حسن، سُک ۽
سلامتي ورائي سگهجي. امداد جي شاعريءَ جو هر لفظ
ٻڌي، روشني ۽ آزاديءَ جي اُمنگ سان ڀريل آهي، ڏسو
ٻڌي ۽ اُميد کي ڪيئن بيان ڪري ٿو.
ڳوٺ ڳوٺ آهي يارن جو، شهر شهر آهي يارن جو،
دل به نگر آهن، يارن جو. (ا.ح)
اُداس
اُداس
اڪيلي
جوان رات جو روح
ائين رُلي پيو جنءَ صبح جي تلاش ۾ آءٌ!
مادر وطن سنڌ جو سور امداد کي سوايو آهي، هو شاعري
وسيلي سنڌ جو درد اسان سان شيئر ڪري ٿو.
اي سنڌ امان!
زود ڳل جي مٿان اي سنڌ امان!
رت ويٺو رئان اي سنڌ امان!
هي اخبار ڇاپئي آهي،
ڇا پڙهي ڇا پڙهان اي سنڌ امان!
سُورَ جي سَٽ، سِٽُ ڪنءِ بڻجي،
ڇا پني تي لکان اي سنڌ امان!
(ا.ح)
سنڌ سندس شاعريءَ جومرڪز آهي، هُن جي روح جون
پاڙون سنڌ وطن ۾ کتل آهن.
امداد حسيني گهڻ پڙهيو شاعر آهي، هن شاهه لطيف،
سچل سرمست، شاهه عبدالڪريم، غالب، فيض احمد فيض،
فراز، حافظ شيرازي، مولانا روم، ڪاليداس ۽ ٽئگور،
حافظ، محمود درويش ۽ جڳ جي سڀني عالمي قطار۾ شامل
ٿيندڙ شاعرن ۽ نثر نويسن کي پڙهيو آهي، اهي عڪس هن
جي شاعريءَ مان جهلڪندي نظر ايندا. امداد بنيادي
طور رومانوي شاعر آهي، هن جي سماجيت ۽ انقلابي
شاعريءَ ۾ به پيار ۽ رومانويت پئي ليئا پائيندي
چئي ٿو:
آرسي ۾ جو ڏٺائين خود کي
ته اهو پاڻ چيائين خود کي:
”پاڻ اڳ ۾ به مليا آهيون ڪٿي
پري ڪٿي سو ته نٿو ياد اچي!“
جي تون چاهين
رات به توسان رَس ۾ آهي
چنڊ به تنهنجي گس ۾ آهي
رومانيت امداد جي شاعريءَ جو معراج آهي، هو انهي
صنف ۾ سوچ جي آخري حدن کان پار ڏور خوابن جي دنيا
۾ سفر گردان آهي، جيڪو شاعريءَ جو حسين ترين تصور
آهي، خوشي، جهومر، سرگرداني، لطف اندوز ٿيڻ جنهن
کي انگريزي ۾
Sheer Joy
رڳو خوشي ۽ خوشيءَ جي تلاش چئبو آهي، پڙهندڙ
Reader
خود اهڙي خوشين جي دنيا جو متلاشي هوندو آهي.
چنڊ جهومر ڪري تارن سان سجايان توکي
اچ ته اڄ رات جو ترسايان ملايان توکي
جهانءَ جهرڻي جي ٻڌئي ڏينهن لنگهي ويا آهن
اڄ ته ڪوڙو سچو روئي به کلايان توکي.
(ا.ح)
امداد جي رومانويت بابت قمرشهباز لکي ٿو ته هن جي
لفظ لفظ، سٽ سٽ بند بند ............. سندس لهجو
ٿڌو، ڌيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو آهي ائين جيئن ڄڻڪو
ڳراٽڙي پائي پيو، ڳالهائي ڪن ۾ هوريان هوريان
سُريلي سُس پُس پيو ڪري، سندس وار سنواري ۽ تکي
نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لُڙڪ لڪائي،
هن کي من ۾ ڪڏهن پنبڻين کي، ڪڏهن پيشاني کي ڪڏهن
کاڌيءَ جي جرڪندڙ تِر کي پنهنجن وارا سيل تتل چپن
سان پيو چُمي، شاعري اها جيڪا ذهن کي ڌوڏي، دهڪائي
لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا
خيال کي زندگي ڏئي سونهن سوڀيا ۽ زندگي بخشي نرم
جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري.“
لڙڪ هجي ته رکي ڇڏيان، ٽشو پيپر منجهه
مُٺ ۾ ڪيئن پڪڙي سگهان ڪِرڻي جهڙو پَلُ
امداد جي شاعري ماڻهن کي ساڃاهه ڏني ۽ کين سوچڻ ۽
لوچڻ جي دعوت ڏني، هُن رومانيت ساڻ گڏ سماجي،
علمي، ادبي، قبيلائي نفرتن خلاف ۽ زندگيءَ جي تمام
موضوعن کي پنهنجي شاعري وسيلي ابلاغ ۽ تعليم جو
ذريعو/ هٿياربڻايو. ڏسو ته هن جا موضوع ڪيترا
نرالا آهن، وک وڌائي رکجو، سپنا ٿي ويا سچ، شاعري
ٿيندي رهي، مون گيت لکيو آهي، اوندهه جو گهاءُ،
ڪوئي گيت سڻائي، اکيون ٿيون ڳالهائن، رات جو ريٽو
رنگ، تارون ۽ تلوارون، هاريءَ جي ڪهاڻي، چهرو،
موسم، ندي، واڙيل آهن انسان، هيمنگوي جي ياد ۾،
تنها اسين، معاف ڪجانءِ مسافر، لڙڪ سواءِ اک،
قيدي، شيشو ڪنهن ٽڙڪايو، سنڌڙيءَ جهڙو ديس، جي
ڌريان ئي ڌار، گئس چئمبر، هڪ منظر، ساگر ۾ ڌريا
پون ٿا، 4 مارچ 1967ع، منهنجو ڳوٺ، اي سنڌ امان،
دل به نگر آهي، صبح جي تلاش، اپيل (قبيلائي جنگين
خلاف، سانوڻ آيو ڙي جهڙا ۽ ٻيا انيڪ نظم، گيت ۽
غزل لکيا آهن. جيڪي اونداهي ۾ روشن چنڊ جيان آهن.
سائين امداد گهڻ رُخي شخصيت آهي هو ٽکڙائي سيدن
منجهان هو، ٽکڙائيءَ شاعري جو نرالو انداز آهي، هن
سڄي حياتي سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ وقف ڪري
ڇڏي، پنهنجي مان ۽ مرتبي ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا
اندر سڃاتو ويندو آهي، اڌ صدي کان مٿي سنڌ جي
مختلف ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ،
سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۽ شاهه لطيف چيئر ۾ خدمتون
سرانجام ڏنائين، کين تحقيقي، تخليقي، ادبي، علمي ۽
تنقيدي ڪم ڪيائين، شاعريءَ جي دنيا ۾ هُن جا چار
ڪتاب ڇپيل آهن: ’امداد آهه رول‘، ’شهر‘ (شهر
آشوب)، ’هوا جي سامهون‘ ۽ ’ڪِرڻي جهڙو پَلُ‘ امداد
Legendary Poet
شاندار شاعر هجڻ سان گڏوگڏ ريڊيو لاءِ گيت به لکيا
آهن، اخبارن ۽ رسالن لاءِ ڪئين ڪالم لکيا آهن، کين
ٽي.وي ۽ ريڊيو لاءِ ڪئين سيريل، گيت ۽ ڊراما لکيا
ليڪن هو اول ۽ آخر شاعر طور مشهور ٿيو.
پوءِ هي پل رهي يا نه رهي
ڳل سان ڳل رهي يا نه رهي
ٻج ڪو نِجُ ڇٽي وٺ ڇورا
ڀونءَ ۾ ڀل رهي يا نه رهي.
امداد حُسيني لاءِ گهڻن لکيو آهي، هُن کي عالمي
شاعرن جي قطار ۾ بيهارين ٿا، مختصر ڪجهه رايا هن
بابت هيٺ ڏجن ٿا، هُن جو همعصر شاعر قمر شهباز چئي
ٿو. ”امداد حسيني بلڪل ائين آهي جيئن هڪ شاعر کي
هئڻ گهرجي، سندس هر ادا ۾ شاعري آهي سندس حُليو،
لهجو توڙي رويو جڳ کان ڌار، مختلف ۽ الڳ ٿلڳ آهي،
تمام گهٽ ڳالهائڻو اسان جو هي دوست ڀرئي ميلي ۾ به
اڪيلو اڪيلو لڳندو آهي، ۽ پنهنجي تنهائي ۾ به سوين
ميلاساڻ کڻي سيلانين جيان سفر ڪندو آهي، ’رول جو
الزام‘ به پنهنجي مٿان پاڻ هنيو آهي، ورنه ذاتي
زندگي ۾ گهر کان ٻه قدم ٻاهر رکڻ لاءِ به کيس سحر
جي اک جي اشاري جي ضرورت پوندي آهي.“
ڌرتي کي مان ڪيئن ڇڏيان،
ڌرتي منهنجي مڱ،
هي ته منهنجي لڄ آ، هن سان ست ئي سڱ.
(ا.ح)
الياس عشقي، امداد حسيني لاءِ لکي ٿو،
”امداد منهنجي خيال ۾ ڪي ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته مون
سان اتفاق نه ڪن، پر اهو منهنجو خيال آهي ۽ پڪ
آهي، مون کي انهي چوڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪانهي ته امداد
سنڌي شاعريءَ جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي.“
رات جلاد تھی پیتے ہی رہے جام شراب
رات قاتل بھی تھی، مردود بھی تھی، قہر تھی
رات ظالم بھی تھی، صیّاد بھی تھی، زہر بھی تھی
رونے والا، نہ کوئی اشک بہانے والا
تھا کوئی شہر کی میت نہ اٹھانے والا
(ا.ح)
اهڙي امر شاعري امداد حسيني ئي لکي سگهي ٿو، امداد
صفِ اول ۾ بيٺل نظر اچي ٿو، هُن جي شاعري ۽ شخصيت
تي وقت ۽ تاريخ روشني وجهندو ته هُن جي عظمتن جا
تاڪيا کلندا.
جندڙي جهومي ۽ لهرائي ڙي
بارش آئي ڙي!
ٿر بر ٿاڌل، جل ٿل جل ٿل
جل ٿل جل ٿل، ٿر بر ٿاڌل
ڌرتي ٿي وئي ساري سائي ڙي
بارش آئي ڙي.
(ا.ح)
رسول بخش پليجو امداد لاءِ لکي ٿو ته:
“Imdad Hussaini’s powerful patriotic poetry has
inspired Sindhi nation in its long and arduous
struggle for social and spirituals
emancipation”.
غلام رباني آگرو چئي ٿو:
“It is his considered opinion that among his
junior cotnemporaries Imdad is the truly
creative poet, with a bright future.”
محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
“The people of Sind and the Sindhi speaking
people all around the world read him, Sing him
and adore him and keep his couplets in their
heart.”
سراج ميمڻ لکي ٿو:
“Imdad looks to the Expriences of life to
furnish the material for his inspiration.
۽ توهان هن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو
پر هوائن کي ڦاهي تي چاڙهي نه سگهندا
سندس گيت ماري نه سگهندا. (ا.ح)
روبينه ابڙو
شاعريءَ جو شعلو- امداد حـُسيني
موسمن وانگر نه ملندي بار
بار
زندگي هڪڙو ئي ڀيرو ٿي
ملي؛
سا وطن تان
جيڪڏھن ٿيندي نثار
رُوحُ کي ايندو قرار
رُوحُ جو
آهي اَزل کان بيقرار..!!!
امداد حسيني سنڌي شاعريءَ جي ڪينجهر ۾ تُڙڳندڙ
پکيءَ جھڙو شاعر آھي. امداد جي مزاحمتي شاعريءَ
کيس هميشه
جوانُ رکيو آھي. هُو، هر دور جي نوجوان باغين جو
سُورمو رهيو آھي... ڪلھ به، ۽ اڄ به، امداد هر نئين پيڙھيءَ
جي جذبن جو عڪاسُ رهيو آهي...
سندس ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ سُرخ سلام ٿي لهي. هُو
ڪنهن پوڙھي وڻ جيان هڪ جڳھ تي بيٺل شاعر ناهي،
پر هُو هڪ هلندڙ ڦِرندڙ جبلُ آھي. شاعريءَ ۾ شعلو
پهرئين ڏينهن کان آخر تائين ساڳي تپش سان ڀڙڪندو
رهي! اهو امداد جو ڪمال آھي...
امداد انتهائن ۾ هڪ نئين
ابتدا ڪرڻ جو پيغام ڏيندڙ پيغامبر آھي. هُو
مايوسين ۽ بي وسين جي ڪاري دؤر ۾ نئون سجُ اُڀرڻ
جي ساکَ ڏيندڙ سيبتو شاعر آھي:
تاڏي تو دنبوق سِڌي ڪئي،
جاڏي ڪوئي هَنجُ اُڏاڻو.
جڏهن جڏهن به بلاول ڄائو،
تڏھن تڏهن تو کوڙيو گھاڻو،
پوءِ به سچ ته سُورج وانگر،
ڪونه اُجھاڻو ڪونه اُجھاڻو.
سائين امداد حُسينيءَ جي انتهائي رومانوي، ميچوئر
۽ جيءُ ۾ جھوري وجھي ڇڏيندڙ نظمن، غزلن ۽ رسيلن
گيتن سنڌي شاعريءَ جي محل کي روشنيءَ جي جُھومر
وانگي نُور افزا ڪري رکيو آھي...
دنيا ڌُوڙ هُجي ته هُجي ڌرتي ڌُوڙ نه آهي.
جندڙي ڪُوڙ هُجي ته هُجي سنڌڙي ڪُوڙ نه آهي.
امداد حُسينيءَ جي لاءَ قمر شھباز بلڪل
صحيح چيو آهي ته: امداد حُسيني بلڪل ائين آھي جيئن هڪ شاعر کي هئڻ گھُرجي.
سندس هر ادا ۾ شاعري آھي. سندس حُليو، لهجو توڙي
رَوَيو ساري جڳ کان ڌار، مختلف ۽ الڳ ٿلڳ آھي...
امداد بنيادي طور رومانوي
شاعر آھي.
هن جي لفظ لفظ، سِٽَ سِٽَ ۽ بَندَ بَندَ مان اٿندڙ
رومانويت جو هُڳاءُ شاعريءَ جي چئوطرف ڪوهيڙي
وانگي يا ڇَمر جي ڇايا وانگي ڇانيل آھي. سندس لهجو
ٿڌو، ڌيمو، ڇُھندڙ ۽ ڊائريڪٽ آھي:
راتِ آهي اُماس
رُوحُ آهي اُداس
آھي ڏاڍي پياس؛
هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون...
چَنڊُ نڪري نٿو
يارُ وسري نٿو
وَقتُ گُذري نٿو؛
هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون...
نفرتن جو نگرُ
بَند مسجد جو درُ
ڇو ٿيون دَربدر؛
هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون...
ساغرن ۾ ڀَريون،
مُرڪنديون جَلَ پَريون،
گھر هَلي ڇا ڪريون؟
هَلُ ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون!!!
ڊاڪٽر ريحانه نظير
امداد حـُسيني: سنڌ ڌرتيءَ جوعاشق شاعر
شاعري قدرت طرفان عطا ڪيل ڏات آهي، جنهن کي شاعر
پنهنجي مشاهدي، مطالعي، سان خيال ۽ فڪر جي ڏانوَ ۽
ڏات سان ملائي پيش ڪندا آهن. چون ٿا ته قديم
زماني ۾ عربستان ۾ جڏهن ڪو شاعر پيدا ٿيندو هو ته
ماڻهو ان کي مبارڪون ڏيندا هئا، شاعري ڪنهن قوم تي
انعام جيان نازل ٿيندي آهي. روميءَ جو هيءُ قول پڻ
شاعريءَ جي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو ته ”شاعري جز وست
از پيغمبري“ .
ان تناظر هيٺ سنڌ ڌرتيءَ تي نظر وجهبي ته هن جي
مٽيءَ مان اهڙا انمول رتن هر دؤر ۾ جنم وٺندا رهيا
آهن، قاضي قادن کان شروع وٺندڙ ڪلاسيڪل دؤر، شاهه
عبدالڪريم، مخدوم نوح، ميون شاه عنات، سنڌ جي سدا
بهار شاعر شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جي منصور ثاني سچل
سرمست تائين رسندي فن توڙي فڪر ۾ ڪيترائي صوفي
سلسلا ساڻ ڪري پنهنجي ڪلام ذريعي ماڻهن کي دين
ڌرم جي اصل روح مطابق آگاهه ڪندي انسانن کي تڪبر ۽
وڏائيءَ جي اجائي پچار وساري ڀائپي ۽ برابريءَ جو
درس ڏيندا رهيا آهن. جديد دؤر ۾ اهو سلسلو انگريزن
جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿيو، ان دور ۾ آخوند
گل، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻيا
گهڻا وڏا شاعر پيدا ٿيا، ۽ پاڪستان بنجڻ کانپوءِ
عبدالڪريم ’گدائي‘، شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير
عباسيءَ ۽ ان جي همعصرن شاعرن جي شاعريءَ ۾ اهو
مزاحمتي روپ اختيار ڪري ويو، ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ
ڌرتي ان جي تاريخ، ان جي ماڻهن ۽ ان جي وسيلن تي
ڌارين جي مسلسل يلغار ٿي رهي هئي، جنهن سبب ان
تحرڪ ادب ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتي، امداد
حُسيني به ان دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ جي شروعات
ڪئي. امداد حُسيني 10 مارچ 1940 ۾ ان ڳوٺ ۾ جنم
جيڪو، علم وادب سان گڏ سنڌ جي تهذيب، ثقافت،
معاشيات جو پڻ وڏو مرڪز هو. ٽکڙ جا شاعر جن ۾ سيد
اسدالله شاهه فدا به شامل آهي. امداد حُسينيءَ جو
ڏاڏو هو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عربي
فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. امداد حُسينيءَ
کي شاعريءَ جي ڏات ڄڻ ميراث ۾ ملي هئي، هن جديد
سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي منفرد اسلوب بيان سان جلد
ئي پڙهندڙن ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪري ورتي هئي.
سندس شاعريءَ جو اهو دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن ڪاري
ڪامڻ جيان خطرناڪ دؤر هو، جنهن ۾ سنڌ جي قديم
تاريخي حيثيت کي مٽائي ون يونٽ جي ڪوڙڪيءَ ۾ قيد
ڪيو ويو هو نه صرف ايترو پر سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي
پابندي وڌي ويئي. امداد حُسيني ان دؤر تي روشني
وجهندي لکي ٿو ته: ”جڏهن سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ون يونٽ
جو ڳورو ڳٽ پاتو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنجين درجي
تائين محدود ڪيو ويو، تڏهن سنڌي عالمن، اديبن ۽
شاعرن انهيءَ ڪٽرپڻي ۽ ظلم خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽
پنهنجي حقن لاءِ اٿي کڙا ٿيا ۽ ائين هڪڙي اهڙي دؤر
جنم ورتو، جنهن سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب تي دؤر
رس اثر ڇڏيا.“ (1)
ان دؤر ۾ جيڪو قومي ۽ مزاحمتي ادب تخليق ٿيو
امداد حُسيني به ان لشڪر جو هڪ جانباز سپاهي هو،
جنهن پنهنجي جيجل ماءُ جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڏات جا
ڏيئا ٻاري ان دؤر جي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ شاعريءَ
ذريعي پنهنجي حصي جي روشني ڪئي. سنڌ سان پنهنجي
اهڙي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي هُو لکي ٿو ته:
سنڌڙي، سر سنگيت سُڳنڌ
مونکي سائين جو سوڳنڌ
سنڌڙي جندڙي ساهه پساهه
سرهو آهي هرڪو سَنڌ
يا هڪ ٻي جاءِ تي لکي ٿو ته
سنڌ جي ڳالهه ڪريو
ڳالهه نه ٻي ٻڌنداسين
ون يونٽ جي ان ڏاڍ ۽ ڏمر واري دؤر ۾ جن شاعرن ۽
اديبن مزاحمتي ادب تخليق ڪيو اهو تاريخ ۾ هميشه
لاءِ امر ٿي ويو! پنهنجي ڌرتي، ان جي واهڻن،
وسيلن، ڳوٺن، شهرن ۽ پنهنجي مارُن لاءِ، سڪ، اُڪير
۽ احساس محروميءَ جو اهڙو جذباتي اظهار امداد
حُسيني پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي ته:
لاک رتڙي، باک بکڻي، سون ورڻي سوڳڻي،
ڪيئن نه مٽيءَ ۾ ملي ويئي، نوجواني سنڌ جي.
امداد پيار، محبت ۽ عشق کي پنهنجي شاعريءَ جو محور
بنايو، هن گيت، غزل، وائي، ٽه سٽا، ترائيل مطلب ته
شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعريءَ
۾ ٻوليءَ جون نفاستون ۽ نزاڪتون ۽ لفظي معنويت
ڪمال جي نظر اچي ٿي،
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايڏو سولو ناهي
باهه جو سمنڊ ترڻ ايڏو سولو ناهي (2)
سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر پڻ جابجا نظر اچن ٿا
جيڪي سندس تخليقي شعور سان ملي ڳوڙهي خيال ۽ فڪر
کي پيش ڪن ٿا. تاج جويو جي لفظن ۾ ته ”جنهن
لکڻيءَ جو تخليقي ۽ جمالياتي افق وسيع هوندو آهي
اها لکڻي ئي ايندڙ پيڙهين تائين نشانبر ٿي بيهندي
آهي.“ (3)
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ ۾ نوان لفظ انهن جي
نحوي بناوٽ نئين طرز عمل سان نين صورتن ۾ نظر اچي
ٿي. چوندا آهن ته شاعر لاءِ ٽن خصوصيتن جو هجڻ
ضروري هوندو آهي، حساسيت. سادگي ۽ جذباتيت، ڪنهن
به فني تخليق لاءِ ان جي وسعت، گهرائي ۽ خيال جي
اڏام وڏي اهميت رکندي آهي انهن سڀني جذبات کي
جيڪڏهن امداد جي شاعريءَ ۾ پرکيون ته اهي سندس
شاعريءَ ۾ جهجهي مقدار ۾ نظر اچن ٿيون، جن کي هُو
پنهنجي مسحور ڪن انداز سان پنهنجي ڌرتيءَ جي درد
سان سلهاڙي پيش ڪري ٿو مثال هُو لکي ٿو ته:
سجهي نه ڪائي سٽ
ڪوري ڪاڳر تي لکيم
مارو منهنجا مٽ
يا
نه آهيون سقراط مگر هٿ ۾
وهه جو جام آهي ئي آهي
سندس شاعريءَ ۾ موجود سنڌ جو اهو درد سنڌين جو
اجتماعي غم آهي، جن کي ان دؤر ۾ پنهنجن تهذيب،
ثقافت ۽ ٻوليءَ کان هٿ وٺي محروم ڪيو ويو هو، انهن
غمگين ماڻهن ۾ هُو پنهنجي شاعريءَ ذريعي روح ڦوڪي،
انهن ۾ همت، حوصلو، جوش ۽ جذبو جاڳائي ٿو ته، جيئن
هُو پنهنجي حقن لاءِ وڙهي سگهن، هو لکي ٿو ته
هڪ سرُ آهي سَوَ سرَ ته ناهن
سوريءَ سيج سجائي رکو
پير پٿون ۽ پٿ پٿرائون
ويتر وک وڌائي رکجو
يا
تند ٻري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي
تند ٻري ٿي ڪنڌ گهري ٿي
سڀ کان سڻڀو سنَڌ گهري ٿي
”اهو به هڪڙو رومانس آهي، وطن سان محبت، ديس جو
درد ۽ ڏيهه تي ڏاڍائيءَ خلاف احتجاج. اهو به
رومانس آهي سِنڌ جي سَنڌ سَنڌ ۾ ڀريل زهر تي تڙپي
اٿڻ. دولهن جي پيرن ۾ پيل زنجيرن تي ماتم ڪرڻ،
سندن ريٽي رت سان رڱيل ڌرتيءَ تي سجدو ڪرڻ، اهو به
رومانس آهي.“ (4)
امداد رڳو نشيلي نيڻن مخملي بدن ۽ خوشبودار گيسوئن
۾ قيد رهڻ وارو روايتي شاعر ناهي، پر هُو پنهنجي
مارن، انهن جي ڏکن ۽ دردن جو درمان ڪندڙ شاعر آهي،
سندس مشهور نظم ’حيدرآباد‘ سنڌ سان تاريخ ۾ ٿيندڙ
هڪ ٻي واردات جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، جڏهن 1988ع ۾
سنڌ جي وڏن شهرن کي سازش ڪري دهشتگرديءَ جي باهه ۾
اڇلايو ويو هو. هن نظم ۾ حيدرآباد جي تاريخ،
تهذيب، ثقافت ۽ سندس معاشي ۽ اقتصادي حيثيت کي
بيان ڪرڻ سان گڏ هن شهر جي برباديءَ جو عڪس جهڙيءَ
طرح امداد حُسينيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي،
ان جو هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ ڪنهن به ’شهرِ آشوب‘ تي
لکيل شاعريءَ جو مثال ملڻ مشڪل آهي هو لکي ٿو ته
هي منهنجو شهر آهه يا دشمن جو شهر آ
آهن هي ڪير لوڪ نقابن جي پوئتان
قرآن تن هٿن ۾ ۽ ڪڇن ۾ ڇرا اٿن
هي شهر جو بهشت هو ڌرتي جي گول تي
هر دل ۾ رڳو دکي رهيو دوزخ رڳو اتي
هي منهنجو شهر آهه يا دشمن جو شهر آ.
اسحاق سميجو سندس ان نظم بابت لکي ٿو ته ”سچي
ڳالهه آهي ته جديد زماني جي شاعرن ۾ امداد حُسيني
اهو واحد شاعر آهي جنهن جي طويل نظم ’شهر‘ کي صحيح
معني ۾ هڪ مڪمل ’شهر آشوب‘ سڏي سگهجي ٿو، جيڪو شهر
آشوب جي شاعري ۾ ئي نه، مجموعي طور تي سنڌي شاعري
۾ به هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. سنڌيءَ جي اها
جديد شاعري، جنهن کي ڪلاسڪ سڏي سگهجي ٿو، امداد جو
هي نظم ان ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.“(5)
امداد حُسيني غزل جو ته شاندار شاعر آهي ئي، پر
سندس نظم پڻ ٻولي توڙي قومي فڪر جي لحاظ کان جذبن
۽ احساسن سان ٽمٽار نظر اچن ٿا، فطرت نگاريءَ جا
منظر ان جو بنيادي جوهر آهن. مثال
اڄ وري اتر ڪنان ڪا ڪونج ڪُر لائي پئي
ٻاٽ آهي واٽ ان ۾ لاٽ ڪا جرڪي پئي
روح ۾ مينديءَ رتي خوشبو ويئي آ اوتجي
لال ۽ کنهبي لهوءَ ۾ لات ڪا لڇندي وڃي.
هُو ڪنهن سنگ تراش جيان ٻوليءَ کي تراشي شاعريءَ
جون خوبصورت مورتيون به بنائڻ جو هنر خوب ڄاڻي ٿو،
جنهن کي هو محبت جي ميٺاڄ، چاهه جي چاشني،
موسيقيءَ جي مڌر لئه ۽ ترنم سان هم آهنگ ڪري
ڪوگيت، ڪو غزل، ڪو نظم جوڙي ٿو. غلام محمد گرامي
سندس شاعريءَ بابت لکي ٿو ته ”امداد حُسينيءَ جو
فن سنڌي ادب ۽ شاعري جي دنيا ۾ جديد هيئت ۽ اسلوب
جي انوکين ۽ دلڪش تجربن جي ڪري هڪ فني علامت بنجي
چڪو آهي .“ (6)
امداد حُسيني ان دؤر جو شاعر آهي، جنهن دؤر ۾
عبدالڪريم ’گدائي‘، شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز
همايون، ابراهيم منشي، استاد بخاري ۽ شمشيرالحيدري
وغيره جهڙا قومي، مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر سنڌي ادب
جي افق تي چمڪي رهيا هئا، خاص طور تي اياز جهڙي
ديوقامت شخصيت جي مالڪ شاعر آڏو پنهنجو قد ڪاٺ
بنائڻ ڪو سولو ڪم ڪونه هو، پر امداد حُسيني پنهنجي
منفرد اسلوب فڪر، موضوعاتي نواڻ جديد علامتن،
تشبيهن ۽ ترڪيبن وسيلي پنهنجي هڪ جدا ۽ الڳ سڃاڻپ
قائم ڪئي. سحر امداد جي لفظن ۾ ته ” ان ڏاڍ ۽ ڏمر
جي ڪاري دؤر ۾ روشني جيڪڏهن ڪٿي هئي ته کڙ کٻيتي
جيان شاعريءَ جي ٽمڪندڙ سِٽن ۾ هئي تڏهن ان دؤر جي
شاعري روح کي گرمائڻ لڳي هئي ان دؤر کي اسين
بلاشبه سنڌي ادب جي جاڳرتا جو دؤر به چئي سگهون
ٿا؛ جديد سنڌي شاعري جي مڪمل اوج ۽ عروج جو دؤر به
چئي سگهون ٿا. ان دؤر ۾ رڳو اياز ناهي، پر اياز
سان گڏ پوري سنگهر آهي؛ سوني سنگهر .“ (7)
علامه آءِ آءِ قاضي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
شاعري جو ڪارلائل جي ٻڌايل جن نُڪتن تي جائزو ورتو
هو، ان مان هڪ اهم نُڪتو اهو به هو ته شاعري اها
جيڪا ڳائي سگهجي، امداد حُسيني جي شاعري انهيءَ
پرک ۽ ڪسوٽيءَ تي پڻ کري لهي ٿي، سندس ڪيترن ئي
گيتن، غزلن ۽ نظمن کي ڳائي راڳين پنهنجي مقبوليت ۾
اضافو ڪيو آهي مثال:
مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ
*
اسان روئي روئي کلايو هو جن کي
اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.
*
عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مونکي
مان ويل وقت ته ناهيان جو پڪارين مونکي
مجموعي طور ڏسجي ته امداد حُسينيءَ جي شاعري قومي،
مزاحمتي ۽ سماجي فڪر سان سلهاڙيل آهي، جنهن ۾
ٻوليءَ جي سلاست سان گڏ خوبصورت ترڪيبن، تشبيهن ۽
استعارن ۽ علامتن سان ڀرپور تخيل جي رنگيني ۽
انداز بيان جي پختگي پڙهندڙن جي شعوري حس کي بيدار
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿي، مثال هُو مٽيءَ جي
ڏيئي کي علامت بنائي ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾
لکي ٿو ته:
”هونئن ته ڏيئو مُٺ مٽِيءَ جي، ٽَڪو جنهن جو مُل،
اونداهيءَ ۾ ائين ٽڙي ٿو، جيئن گلابي گل.
هونئن ته ڏيئو مٺ مٽيءَ جي، روپ نه جنهن جو رنگُ،
سورج اڀرڻ تائين جاڳي، ۽ جاڳاءِ امنگُ.“
هُو ڏکن کي روڳ نٿو سمجهي، پر ان جي برعڪس هُو
صوفي شاعرن جي فڪر جيان ڏکن کي سکن جو سنيهو ڀانئي
ٿو، هُو لکي ٿو ته:
گوندر آهن گس مڙئي
ڏس ڏنو هو ڪنهن ڏاهي
هُو جيڪو انوکي نهار ۽ دل لڀائيندڙ مرڪ جو مالڪ
پنهنجي ناز انداز ۾ هڪ مڪمل شاعر هو سو شاعريءَ کي
پنهنجي پيرن جي زنجير نٿو سمجهي، پر پاڻ کي
خوشنصيب سمجهي ٿو جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته:
”رب هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏئي،
خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏئي.“
هو جيڪو پاڻ کي ماڻهن جي هجوم ۾ اڪيلو ۽ اڪيلائيءَ
۾ پاڻ کي انجمن بنائڻ جو خوب هنر رکندو هو، جنهن
کي هُو هن طرح بيان ڪري ٿو:
اڪيلي اڪيلي ۾ دنيا اسين
۽ ميلي جهميلي ۾ تنها اسين
اڄ اهو امداد حُسيني اسان وٽ جسماني طور تي ڀَل
موجود ڪونهي، پر فڪري طور تي هُو سدائين اسان جي
دلين ۾ اسان جوشعور بڻجي پنهنجي لکڻين جي صورت ۾
اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو.
حوالا
1 حُسيني امداد؛ مشرقي شاعري جا فني قدر ۽
رجحانات غلام محمد گرامي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شور،
حيدآباد 1992
2 حُسيني امداد ؛ هوا جي سامهون روشني پبليڪيشن
حيدرآباد 2002
3 جويو تاج؛ اجرڪ جهڙي شاعري ادل سومرو پوپٽ
پبلشنگ هائوس خيرپور ص 12
4 قمر شهباز؛ ڪرڻي جهڙو پل سنڌي ادبي بورڊ 2012 ص
32
5 سميجو اسحاق؛ همسري مارچ 2021
6 گرامي؛ غلام محمد؛ مهراڻ 1 2 1969 سنڌي ادبي
بورڊ ڄامشورو ص 516
7 امداد سحر؛ هوا جي سامهون روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو سنڌ 2002 ص 34 |