اڄ مڙئي سـُور ڪجهه سوايو آ.....
مهتاب اڪبر راشدي
سنڌڙي جندڙي
ساهه سِرُ
ٻار گهر
ماءُ پيءُ
لفظ سُر
ڌيان ۽ گيان کي
سوچ ۽ لوچ کي
لڙڪ ۽ مُرڪ کي
آءُ سڀ
تو مٿان گهوريان
ٻاجهه ڪج
هن مٽيءَ
کي چمي
چنگ ٿو چوريان
سنڌڙي جندڙي.
هيءُ تعارف آهي اُن امداد حسينيءَ جو جنهن مُنيءَ
صَديءَ تائين پنهنجي ڏات ۽ ذات سان سڄي سنڌ جي
شعور کي پاڻ سان واڳيل رکيو. جنهن محبتن جي ميڙ ۾
پنهنجي منفرد سڃاڻپ ماڻي ۽ آخري وقت تائين ان کي
برقرار رکيو. ان دور جي تخليقڪارن جي اِها ڪهڪشان
وري الائي ڪڏهين سنڌ کي نصيب ٿئي. جتي نارائڻ شيام
به هجي ته شيخ اياز به، تنوير عباسي به ڏسجي ته
شمشيرحيدري به موجود، ذوالفقار راشدي به پڙهجي ۽
استاد بخاري به ڳائجي. نياز همايوني، ابراهيم منشي
سرويچ سجاولي، بشيرمورياڻي، محمد خان مجيدي، نعيم
دريشاڻي، قمرشهباز...... ۽ پوءِ اهو ڪيئن ممڪن هو
ته ان ڪهڪشان جو هڪ چمڪندڙ ستارو امداد حسيني ڪنهن
کي نظر نه اچي؟
هيءُ دور به ڪهڙو نه عجيب دؤر هو! هڪ کان هڪ
تخليقڪار موجود هو. هر وقت ادب براءِ ادب ۽ ادب
براءِ زندگيءَ جا بحث هلندڙ هجن. ڪڏهين ڪي رجعت
پسنديءَ ۽ قدامت پسنديءَ جي ذمري ۾ ڳڻيا ويا ته ڪي
ترقيءَ پسنديءَ جو جهنڊو بلند ڪري اڳتي وڌيا، پر
جڏهين ون يونٽ جو دؤر آيو ته ڄڻ سڄي سنڌ جاڳي پئي.
ٻوليءَ جي بچاءُ ۽ سنڌي ٻولي سنڌين ۽ سنڌ صوبي جي
حقن لاءِ سوچيندڙ ذهن ۽ تخليق ڪارن ڄڻ ته هر اول
دستي جو ڪردار ادا ڪيو. اهوئي وقت هو جڏهين امداد
حسيني پنهنجي اظهار جي بيساختگي، لفظن جي حسناڪي ۽
عشق جي اتاهه گهرائيءَ سان، پنهنجي قلم جي نوڪ کي
تکو ڪيو ۽ وڏي شان سان اعلان ڪيائين ته:
بخت جي رات جي پيشانيءَ تي
چنڊ چمڪائيندا آيا آهيون
مسڪرائيندا ۽ نچندا ٽپندا
رنگ ورکائيندا آيا آهيون
سر تِريءَ تي ۽ سندءِ شهر ڏي منهن
پاڻ منصور ٿي آيا آهيون
سنڌ ۽ هند جي تاريخن ۾
خوب مشهور ٿي آيا آهيون
باغ ۾ ڪنِئن نه ٽڙن سرخ گلاب
صبح جي هيرَ ٿي آيا آهيون
حُسن ڪلهه رات ڏٺو هو سپنو
اُن جي تعبير ٿي آيا آهيون.
(اعلان)
ڏٺو وڃي ته جنهن دؤر جي اسان ڳالهه پيا ڪيون ته
اهو دؤر جيڪڏهن اسان جي ڪلاسيڪي ۽ لوڪ ادب کي ٻيهر
جاڳائڻ يا ورجائڻ جو دؤر هو ته ساڳئي وقت ان ادب
کي نئين معنيٰ ۽ قبوليت ڏيارڻ جو به دؤر هو. ان
لاءِ ان دؤر جي اديبن، محققن ۽ شاعرن اهڙو معجزو
ڪري ڏيکاريو، جنهن، اُن مهل ڏاڍ ۽ جبر هيٺ آيل سنڌ
کي ڄڻ ته مايوسيءَ جي اٿاهه گهراين مان ٻاهر آندو.
اهو سنڌ لاءِ ڏاڍو ڏکيو ۽ آزمائش وارو وقت هو، سنڌ
جي سڃاڻپ ختم ڪئي وئي هئي. سنڌي ٻوليءَ کي رڳو
پنجن درجن پڙهائڻ تائين محدود ڪيو ويو هو. سياست
هميشه وانگر تڏهين به وڪاڻل هئي. بقول امداد
حسينيءَ جي ته
هي جي منهنجا پنهنجا آهن
سي ته اَلائي ڪنهن جا آهن.
نه رڳو ايترو، پر جبر جي ڏهڪاءَ جا ماريل ماڻهن جا
ذهن به ڄڻ تي زنگجي ويا هئا، دليون مئل ۽ نااميد
هيون، پر پوءِ انهن ئي دلين کي اُن دؤر جي شاعرن
پنهنجي شاعريءَ سان حوصلو ڏنو، ذهنن تان خوف جا
پردا دور ڪيا ۽ جتي خاموشي هئي اُتي آواز اُڀريو.
سنڌ جي ڳالهه ڪريو، ڳالهه نه ٻي ٻڌنداسين. (امداد)
اهي دل کي جيارڻ ۽ روح کي جاڳائڻ وارا شعر ان
امداد حسينيءَ جا آهن، جنهن ٽکڙ جي سڀاڳي ڌرتيءَ ۾
اک کولي. شاعري کيس سندس وڏن کان ئي ڄڻ ته ورثي ۾
ملي. 12 سالن جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ تاج
ٽکڙائيءَ سان ڪڏهين خطن جي صورت ته ڪڏهين شعرن
وسيلي پنهنجي ڏات جو اظهار ڪندو رهيو. ٽکڙ جي
ماحول ۾ ٿيندڙ طرحي مشاعرن جي روايت هن لاءِ تخليق
جي ڄڻ ته تربيت گاه بڻي. سندس مزاج جي بيچيني ۽
کوجنا جي شوق ڪڏهين اسڪول مان ڀڄي، حيدرآباد جي
گهٽين ۾ گهمايو. ڦليليءَ ۾ وهنجڻ جا مزا به وٺندو
رهيو ته ملاڪاتيار کان ٽکڙ، گنجي ڏونگر گام مان
سنڌوءَ جي ڪنڌي تان پنڌ هلي، درياءُ، جهنگ ۽ ڍنڍن
تي هليو وڃڻ ته ڄڻ ته سندس معمول هو، پر سندس اهو
رولاڪيون بي مقصد نه بڻيون. هن انهن پنڌن ۽ پيچرن
تي پنهنجا پير پٿون ضرور ڪيا، پر پنهنجو مشاهدو ۽
مطالعو جاري رکيو. علم جي حاصلات جاري رکي. ماسٽرس
MA
جي ڊگري ورتائين. خوش قسمتيءَ سان جتي به ڪم
ڪيائين، اها نوڪري سندس ڏانءَ واٽان هئي ۽ گهڻي
ڀاڱي ان جو سڌي يا اڻ سڌي طرح واسطو ٻولي ۽ ادب
سان ئي هو. پوءِ اها سنڌي ڊڪشنري بورڊ هجي. سنڌي
ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يا سنڌ ٽيڪسٽ
بُڪ بورڊ. امداد حسيني، انهن ادارن ۾ جنهن به
حيثيت ۾ ڪم ڪيو، اُتي پنهنجي ڪم سبب ۽ ناماچاري
ڇڏي آيو. هُو ريسرچ فيلو به رهيو ته سبجيڪٽ
اسپيشلسٽ پڻ. ’مهراڻ‘ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو ته
سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به- انهن ذميوارين هن
جي انتظامي صلاحتين کي اُجاگر ڪرڻ کان علاوه
ٻوليءَ جي سڌاري ۽ ترويج لاءِ وڏو ڪم ڪيو.
سندس تخليقي صلاحيتون ان دوران نمايان ٿينديون
ويون. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ڄڻ ته سندس شهرت جو
ڏاڪو بڻجي ويو. ريڊيو جي مشهور پروگرام ”جهڙا گل
گلاب“ جا تحقيقي ۽ خوبصورت نثر وارا هڙئي اسڪرپٽ
امداد حسينيءَ لکيا، خوش قسمتيءَ سان انهن کي پڙهڻ
منهنجي حصي ۾ آيو. ان کان علاوه، گيتن ڀريون
ڪهاڻيون، سنڌي ۽ اردو ڊرامه، ڄڻ ته امداد حسيني جي
تحرير جا منتظر رهندا هئا. ٽي.ويءَ تي به سندس
ڪيترا ڊرامه نشر ٿيا.
پر ادب جي ان سڄي کيتر ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائڻ کان
پوءِ امداد حسينيءَ جو وڏي ۾ وڏو سگهارو پهلو ۽ هن
جي سڃاڻپ پنهنجي دور جي هڪ وڏي شاعر طور آهي. هن
جي شاعريءَ جا مجموعا، ’امداد آهه رول‘، ’هوا جي
سامهون‘، ’ڪرِڻي جهڙو پَلُ‘- سنڌي ادب جا شاهڪار
آهن.
هن جو مقام ته تاريخ متعين ڪري چڪي آهي. ۽ اڄ سندس
وڃڻ کانپوءِ، آس پاس ڏسي سوچڻو ٿو پوي ته هاڻي
ڪنهن جي طرف ڏسون.؟
امداد حسيني ئي رڳو نه، بلڪ ان دؤر جي هر شاعر جو
پنهن جو مختلف ۽ منفرد انداز هو. هر ڪنهن پنهنجي
تخليق سان سنڌي ادب ۾ پنهنجو حصو وڌو. ۽ ساڳي طرح
امداد حسينيءَ جو سندس جُداگانه اظهار ئي سندس سڀ
کان وڏي خوبي هئي. وڏي ڳالهه ته هُو ان دؤر جي
ڪنهن به شاعر جي رنگ ۾ نه رنڱيو. هن پنهنجو
جداگانه اسلوب متعارف ڪرايو. هن سنڌي ٻوليءَ جي نج
۽ ڪيترن ئي متروڪ ٿي ويل لفظن کي پنهنجي شاعريءَ ۾
جاءِ ڏني. سندس شاعريءَ ۾ هر دؤر جا جيئرا جاڳندا
استعارا يا اهڃاڻ چارڻ، ٻيجل، سُرندو، ڏياچ، چنگ،
سورٺ وغيره اهڙي ته خوبصورتيءَ سان استعمال ٿيندا
ملندا، جو اهي پڙهندڙن لاءِ نه ڪي ڏکيا ۽ نه وري
اوپرا استعارا لڳن ٿا.
امداد جي نظر ۾ جديد شاعريءَ جي تصور اهو آهي ته
سنڌ کي بين الاقوامي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ۽ دنيا کي
سنڌ جي تناظر ۾. هن جو خيال هو ته لوڪ ۽ ڪلاسيڪل
روايتن اهڃاڻن، گهاڙيٽن ۽ ڪردارن کي نئين معنيٰ
ڏيئي رائج ڪري پنهنجي شاندار ماضيءَ سان ان جو
رشتو جوڙيو وڃي، جنهن ۾ مشاهدي جي گهرائي ۽ تجزيئي
جي گهرائي هجي. ان جو سڀ کان بهترين مثال، سندس
طويل نظم
Roots
آهي. جيڪو آفريقي/ امريڪن جي غلامي ۽ ظلمن بابت
لکيل آهي. جنهن جي اذيتن ۽ جبر کي هن سڄي انسانيت
سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ظلمن جو مثال ڪري پيش ڪيو
آهن.
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ماڻهو ڪيڏا ڏک ڏسي ٿو
جيڪو ماڻهو هوندو آهي
ڏک اُنهيءَ کي ملندو آهي
جيڪو ماڻهو هوندو ناهي
ڏک انهيءَ کي ملندو ناهي.
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
هيءُ غلامي کان آزاديءَ تائين
جيڪو رستو آهي
سو ڪو ايڏو سستو ناهي.
ان رستي جي وک وک ويري
قدم قدم بارودي سرنگهون
امداد جي شاعري جيئڻ ۽ جيارڻ جي قوت واري شاعري
آهي، سکڻي نعريبازي بدران فن ۽ تخليق کي پاڻ اندر
سموئڻ واري شاعري. هن جي شاعري اونداهه تي روشني،
جهالت تي علم ۽ سچ جي سوڀ ۾ اٽل ويساه ٿي رکي.
هوا جي سامهون هلندا رهياسين
ڀڀڙ ٿي ڀڙڪندا جلندا رهياسين.
سندس خيال هو ته جيئن ته ٻوليءَ کان سواءِ شاعري
ناهي، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي اٿاهه تخليقي گڻن کي
اُجاگر ڪرڻ جي سڄي ذميواري شاعر تي آهي ته هُو
پنهنجي شاعريءَ کي ڪو اعليٰ ۽ ارفع مقصد عطا ڪري.
رات بيگاهه سهي
انڌ اونداهه سهي
خوف جو ۽ خطري جو
پاڻ ۾ ٺاهه سهي
ڪوبه سونهون نه ڪو همراهه سهي
پوءِ به هي ٽانڊاڻو
جيستائين به جَلي جلنداسين
جيستائين به هَلي هلنداسين
اها امداد جي همت ۽ اتساهيندڙ شاعري آهي. جيڪا هر
خطري کي منهن ڏئي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏيئي ٿي.
امداد وٽ ٻوليءَ جي تخليقي قوت کي ڪتب آڻڻ جو هنر
به آهي ته، ڪنهن به گهري تَخيل کي سادن لفظن ۾
بيان ڪرڻ جو فن به- جنهن جي لاءِ سندس چوڻ اِهو
آهي ته ٻوليءَ جي ڄاڻ کي وسيع ڪرڻ لاءِ پنهنجي ادب
۽ تاريخ جو گهرو مطالعو ڪرڻ گهرجي. هن کي خبر هئي
ته هڪ شاعر پنهنجي سوچ کي عوام جي دلين کان وٺي
سندن چپن تائين پهچائڻ لاءِ پاڻ کي عوام سان جوڙي
رکڻو پوندو. سندن دردن کي زبان ڏيڻي پوندي. هنن جي
ذهنن کي جهنجهوڙڻو پوندو. اندر جي اُڌمن جي
ترجماني ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾ سندس نظم ”بدلو“،
طويل نظم ”حملو“ پڙهڻ جهڙا آهن. ان نظم ۾ جهڙي
نموني شهر جي منظرنگاري ڪئي اٿس سا، جيءَ کي
جهوريندڙ آهي، ڄڻ ته شهر تي لکيل ڪو نوحو آهي.
شهر جي موت تي ڪو- پار ڪڍڻ وارو نه هو
ڪو روئڻ وارو نه هو ڪو به روئڻ وارو نه هو.
ڪير جاڳائيندو غم، مرثيا ڳائيندو ڪير
ڪنڌ تعظيم سان سجدي ۾ جهڪائيندو ڪير
ڪو ته هن شهر جو همدرد ۽ همدم هوندو.
’فرياد‘ (لطيف جي حضور) ۾ اُها درد جي دانهن آهي،
جيڪا هر سنڌيءَ جي دل مان نڪتل ٿي ڀائنجي.
”آسمانن تي مٿي ڏاڍو مٿي ويهي رهين
هيٺ ڌرتيءَ تي ايندين به ته ڪافر سڏبس
تنهنجي خوشين جو وطن تنهنجي امنگن جو وطن
هاڻ ڏسندين به ته ڪنهن آڳ ۾ جلندو ڏسندين
اهڙي منظر تي روئڻ جي به اجازت ناهي
من ئي من ۾ به جي رئندين ته پڪڙجي پوندين.
امداد، شاعريءَ جي هر صنف ۾ پاڻ کي آزمايو آهي. هن
شاعريءَ جي روح کي سمجهيو آهي. هن کي خبر آهي ته
شاعري هڪ لاشعوري عمل آهي. پر اُن کي ڪنهن بندش
تحت آڻڻ يا ”طرحي“ شاعري ڪرڻ، اُها شعوري ڪوشش
آهي. هُو ان جو به ماهر آهي ۽ نَون يا سيکڙاٽ
شاعرن کي ان ڳالهه تي آماده ٿو ڪري ته هُو بحر،
وزن، قافيه بندي ۽ رديف کي نڀائڻ جي سکيا وٺن. هُو
ٻڌائي ٿو ته ”صنف“ جي ڄاڻ پرائي سگهجي ٿي، پر ان ۾
شاعر کي جذبا، خيال ۽ تصور پنهنجا آڻڻا پوندا ۽ ان
سڄي مرحلي ۾ به هن کي شعوري ڪوشش ڪرڻي پوندي. سندس
لفظن ۾ ته ”شاعري لاشعوري ڪيفيتن جي منظوم صورت
گريءَ جو نالو آهي.“ هن پنهنجي مسلسل ۽ منفرد
انداز سان شاعري ڪري ادبي جمود کي ٽوڙيو.
تخليقڪارن جي ڪهڪشان ۾ هڪ چمڪندڙ ستارو ٿي مسلسل
چمڪندو رهيو. ننڍي وڏي ۽ بهترين جي ڊوڙ کان پاڻ کي
پري رکيائين ۽ نمايان ٿيندو ويو. کيس ڄاڻ هئي ته
بهتر ۽ بهترين جو فيصلو وقت ۽ تاريخ ڪندي آهي. هن
ڇا ته ڪمال فنڪاريءَ سان پنهنجي نج ٻولي پهاڪن ۽
چوڻين کي شاعريءَ جو روپ ڏنو.
”اڻ ٿيڻي اڄ ٿي وئي، ٿيڻي
منهنجي ابن ڏاڏن جي چوڻي
”پنهنجا نيٺ به آهن پنهنجا
ماري اُس ۾ ڪونه ڇڏيندا“
سَچُ هئي پر ٿي وئي ڪُوڙي
هيڪل جندڙي جهڙي سنڌڙي
ماري اُس ۾ ڇڏي ڏنائون!“
سنڌڙي تي هن راتاهي ۾،
ڌاريان پٺيان پٺيان آهن
پنهنجا اڳيان اڳيان آهن،
ست بگهاڙيءَ سان ڄڻ ڪُتا!
امداد حسيني زميني حقائق کان، پوري نموني واقف
آهي. هن کي اِها ڄاڻ هئي ته صحيح معنيٰ ۾ ادب يا
شاعري ان کي سڏينداسين جيڪو ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ به
ترجمو ٿئي ته پڙهيو ۽ ساراهيو وڃي. هن جو ان ۾ به
يقين هو ته اسان سڀني کي، جيڪي به تخليقي عمر سان
واڳيل آهن؛ مطمئن ٿي ويهي رهڻ بدران، پنهنجي
تخليقي عمل ۾ سرگرم رهڻ گهرجي. شاعري اهڙي هجي
جنهن جو اثر دائمي هجي. اُها جڏهين به پڙهجي تڏهين
تازي تواني لڳي. توهان جي من کي ڇهي.
رات آهي اُماس
روح آهي اُداس
هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون.!
*
ڪاش مان چنڊ هجان تنهنجي اڱڻ تي اُڀران،
ننڊ ۾ ڪيئن ٿي لڳين ٽڪ ٻڌي ڏسندو ئي رها.
*
مون جڏهين ڪو ڏيو جلايو آ،
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.
* حال ”امداد“ جو پڇو ڇا ٿا،
اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ.
*
منهن جا ٻچڙا جُڳ جڳ جيءُ،
کير جي عيوض ڳوڙها پيءُ،
مانيءَ بدلي گولي کاءُ،
توتان صدقي تنهن جي ماءُ.
*
روز بڪواس ٻڌي ڪن پچي پيا آهن،
هي لٻاڙون نه هڻو ٻوڙ نه هاريو هاڻي،
چنڊ رانديڪا ڏيئي ڇو ٿا ڌتاريو دل کي،
هينئن لنوائي نه ڇڏيو، ڳالهه نه ٽاريو هاڻي،
سنڌ جي ڳالهه ڪريو ڳالهه نه ٻي ٻڌنداسين.
*
سڀ ليکا چوکا لاهيندي،
هي ڌرتي توتي داهيندي.
*
عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مون کي،
مان ويل وقت ته ناهيان جو پڪارين مون کي.
*
باک جي لاک رتي پوتي چمڻ ٿو چاهيان،
صُبح، جو ڪنهن نه ڏٺو آءُ ڏسڻ ٿو چاهيان.
ٻارهنِ سالن جي عمر کان وٺي لکڻ واري امداد
حسينيءَ جي شاعريءَ جو محرڪ پيار جو جذبو رهيو.
عورت جو پسنديده روپ دوستن ۽ دوستي وارو ۽ پريمڪا
۽ محبوبه- زندگيءَ کي هن ڄمڻ ۽ مرڻ واري وِٿي جو
نالو ڏنو.
شاعري ڪرڻ جا ڪارڻ ۽ عوامل هن لاءِ سنڌ ۽ بين
الاقوامي حالتون- واقعا، حادثا- سنڌ ۽ سنڌ ٻوليءَ
لاءِ تشويش ناڪ صورتحال، ترقي پسند تحريڪون.
پنهنجي شاندار ۽ ڪلاسيڪل لوڪ ادب جي تاريخ جو
مسلسل جائزو رهيا آهن.
هن جي زندگيءَ جي ساٿياڻي ۽ وک وک تي گڏ هلندڙ
اسان جي پياري سحر، جهڙي نموني امداد حسينيءَ جي
هڪ هڪ سِٽ کي سانڍي رکندي آئي آهي ۽ سندس شاعريءَ
جي مجموعن ۾ طويل ترين مهاڳ لکي هن جي شاعريءَ جي
هر پهلوءَ کي اُجاگر ڪيو آهي. تنهن لاءِ پڪ اٿم ته
اڳتي به نه ته امداد جي ڪنهن هڪ لفظ کي ضايع ٿيڻ
ڏيندي ۽ نه ئي وري هن متعلق ڳالهائيندڙن ۽ محققن
جي راءِ کي نظر انداز ڪندي.
۽ آخر ۾ ڀاءُ امداد توهان جي اکرن جي توهان کي
ڀيٽا.
ٿي سگهي ٿو ته اڳيون موڙ هجي آخري موڙ
مونکي هڪ ڀيرو اُنهيءَ موڙ تي پهچڻ ته ڏيو
سج اُڀري ڏسي شايد مونکي ان موڙ کان پوءِ
مونکي اونداهه جي درياهه مان اُڪرڻ ته ڏيو
هڪڙو ڀيرو، رڳو هڪڙو ڀيرو، رڳو هڪڙو ڀيرو
جيئن ٿا سورج مکي مُرڪن، ائين مرڪڻ ته ڏيو.
محبوب جي مـُرڪ جهڙو امداد حـُسيني
اياز قادري
سائين امداد حُسينيءَ سان منهنجي سڃاڻپ تڏهن کان
آهي، جڏهن کان آءٌ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر طور
اپائمنٽ ٿيو هوس. راڳ ۽ ساز سان دلچسپي رکڻ جي شوق
مون کي سائينءَ جي ويجهو آندو. ان وقت آءٌ پاڻ کي
ڏاڍو خوش نصيب محسوس ڪيو، جڏهن مون پهريون ڀيرو
پي.ٽي.ويءَ تي پنهنجي ئي آواز ۾ پرک پروگرام ۾
سائينءَ جي گيت:
’تنها
نه رهي سگهندين ڪنهن سان پيار ڪري ڇڏجانءِ،
ڪوڙو ٿي سهو ليڪن اقرار ڪري ڇڏجانءِ.
ڳايو ڏاڍو مقبول ويو.
سائين امداد صاحب مون تي پيار ۽ مُرڪن جون گهورون
گهوريون آهن. سائينجن جي رويي ۾ ڏاڍي گهرائپ هوندي
آهي. سادي ۽ نماڻي طبيعت جو مالڪ امداد حُسيني
ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته دلين جي مالڪ هن جي
سڀني خوبين جون انجيڪشنس هنيون آهن. ملڻ وقت پرائو
ته لڳندو ئي ناهي. ڏاڍو پيار ڏيندو آ، ملندو آ ته
پڇندو آ، اياز ڪاڏي ٿو وڃين؟ اچ ويهه چانهه پيءُ،
ڪلام ٻڌاءِ.
اسان جي ٽيچرس هاسٽل ۽ سائينءَ جو گهر هڪ ٻئي جي
ويجهو آهن، جتي شام جو ماروي هاسٽل جون مارويون
هاسٽل جي ٻوساٽيل ماحول کان پاڻ کي نجات ڏيارڻ
لاءِ ٻاهر واڪ ڪندي نظر اينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن
سائين اتفاق سان ٻاهر نڪرڻ وقت ائين لڳندو آهي ڄڻ
ته ڪو شهزادو ٿو اچي. ڊپ به ٿيندو آهي ته سائينءَ
جي سنهڙي ۽ هلڪڙي جسم کي هوا پنهنجي هنج ۾ نه کڻي
وڃي. هر مهيني جي چوڏهين تاريخ جا ڪنوار جيان
لڳندي آهي، سائين امداد اسان سان باک ڦٽيءَ تائين
اسان جي محفل کي داد ڏيندي ۽ پنهنجو تخليقون
ٻڌائيندي گذاريندو آهي. اسان جون سائينءَ لاءِ
هميشه اهي دعائون ته ”شال خوشيون سائينءَ جي
زندگيءَ ۾ ائين رهن، جيئن هُو اسان جي دعائن ۾.“
(”ادب“ امداد حُسيني نمبر مارچ 2003ع)
امداد ۽ آءٌ
سيد شبير شاهه ’هاتف‘
امداد ۽ آئون گڏ ڄاواسون گڏ نپناسون گڏ وڙھياسون ۽
پرتاسون.
اسڪول
کان گڏ ڀڄي گھٽين
۾
ڌڪا کاڌاسون. پڪڙجڻ کانپوءِ ڀائو اسداللّٰه شاھ ۽ نوڪر
ماما بچي جا موچڙا
گڏ
کاڌاسون.
گڏ ڇھين آني واري ٽڪيٽ تي فلمون ڏٺيوسين.
فلمن تي فلمي ايڪٽرن ۽ ڳائنڻن تي بحث مباحثا
ڪياسين. اُن
teen
age واري دور ۾ اڪثر اسان ٻنھي جي راءِ الڳ ھوندي ھئي.
امداد دليپ جو شيدائي
۽
آئون راج ڪپور ۽ شيام جو.
امداد رفيع جو مداح آئون مڪيش جو.
لتا ٻنھي کي وڻندي ھئي،
پر آئون آشا کي چڱو سمجھندو ھوس،
پر ٿوري سمجھ آئي ته امداد جي راءِ وڌيڪ صائب لڳي.
ڳوٺ ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ جيڪي به ڳوٺاڻيون ۽
شھري رانديون ھيون سي گھٽين ۾ ڪيوسين.
بلور، دريون، چور پوليس، نوٽڻي، ڪرڪيٽ، بئڊمنٽن
وغيره. بئٽ ۽ رئڪيٽ ته ھئي ڪانه، اھو ڪم ڪاٺ جي ڦرھيءَ کان وٺبو ھو.
نور محمد ھاءِ سڪول ۾ ٿرڊ اسٽينڊرڊ تائين شام جي
شفٽ ھوندي ھئي. ڪلاس کانپوءِ پراپر ڪرڪيٽ ڪبي ھئي. ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ ٻيا ڇوڪرا ھليا ويندا ھئا، پر اسين ٻئي جيسين بال نظر ايندو ھو
تيسين راند ڪندا ھئاسين.
چوٿين درجي ۾ صبح جي شفٽ ٿي ته پراپر ڪرڪيٽ ڇڏائجي
وئي.
پوءِ گھٽين ۾ راند ڪبي ھئي.
امداد ھر راند ۾ سڀني کان ڀڙ ھوندو ھو.
امداد مون
کان ڪجھ ڏينھن اڳ شاعري شروع ڪئي، پر مون عروضي شاعري پھرين شروع ڪئي. جلدي امداد به عروض سکي شاعري ڪئي. 18-19 سالن جي عمر ۾ مونکي چڱي پزيرائي به ملي.
اُن عمر ۾ آئون سمجھندو ھوس ته امداد کان
بھتر شاعر آھيان.
امداد ۽ آئون ادبي سنگت جي ڪچھرين ۾ شامل ٿيندا
ھئاسين.
آئون ڀائو اسدالله
شاھ سان مخدوم صاحب جي ڪچھرين ۾ شامل ٿيندو ھوس ۽
اڳتي ھلي ڪافي ويجھڙائي ٿي وئي. امداد به ڪڏھن ڪڏھن مخدوم صاحب وٽ شامل
ٿيندو ھو. جلدي مشاعرن ۾ محسوس ٿيو ته امداد کي
مونکان وڌيڪ داد ٿو ملي.
مونکي ٿوري جيلسي محسوس ٿيڻ لڳي.
ٿورا وڏا ٿياسين، ڪجھ دنيا ۾ اٿيا ويٺاسين، ڪجھ
پڙھيوسين ڪجھ ٻڌو سين ته خبر پئي ته شاعر ته اصل ۾
امداد آھي آئون ته رڳو اھلون پيو ڪريان. حسد ڦري عقيدت ۽ محبت ٿي وئي جا ھميشه قائم رھي.
گھڻا گھڻا سال اڳ سچل ڪاليج حيدرآباد ۾
مخدوم صاحب جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو،
جنھن ۾ اياز جھڙن جديد ۽ ابراھيم خليل جھڙن پراڻن
شاعرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مشاعري جي منتظمين چاھيو ٿي ته اياز يا
خليل صاحب صدارت ڪري.
اياز جي معتقدن
کي
خليل منظورنه ھو خليل جي پوئلڳن کي
اياز منظور نه ھو،
پر مخدوم صاحب
جي ڪري
سڀ راضي ٿي ويا.
اياز ڪجھ ڏينھن حيدرآباد ۾ رھيو ۽ ڪافي
رسمي ۽ غير رسمي ننڍيون وڏيون ڪچھريون ٿيون.
بزم طالب الموليٰ جي مشاعري ۾ به اياز شرڪت ڪئي.
ھڪ ڏينھن امداد ڏاڍو خوش ۽
excited
ھو.
مون
کي
چيئين ته اڄ اياز ھڪ ڪچھري
۾ چيو:
”جتي
اياز جي شاعري ختم ٿئي ٿي اتان امداد جي شروع ٿئي
ٿي.“
خبر ناھي ته امداد اھا ڳالھ ڪٿي لکي آھ يا نه يا ڪنھن ٻئي
سان ڪئي يا نه،
پر آئون اھو رڪارڊ تي آڻڻ چاھيان ٿو. امداد بيشڪ سنڌي جو عظيم شاعر ھو ئي، پر اڙدو ۾ به وڏو مقام حاصل ڪري چڪو ھو. سندس ڪمي برٖ صغير جي ادبي حلقن ۾ بيحد
محسوس ڪئي ويندي.
روزگار جي سلسلي ۾ 1963 کان آئون پھرين
حيدرآباد کان، پوءِ سنڌ کان ۽ آخر ملڪ کان ٻاھر
رھڻ جي ڪري ادبي دنيا کان صفا پري ٿي ويو ھوس.
شاعري به ترڪ ٿي وئي ھئي.
اڌ زندگي ٻاھر گذري. شاباس ھجي اسانجي جوڙيوال ماما غلام رسول
شاھ سوز مرحوم کي جنھن ڇٽين تي پاڪستان اچڻ تي
منھنجي اعزاز ۾ طرحي مشاعرا ڪيا ته مونکي شعر لکڻو
پيو.
ناز لطيفي جي عيد طرحي مشاعرن به اڪسايو.
ٿورو گھڻو وري به لکڻو پيو.
اڄڪلھ ف ب جو دور آھي.
ڪڏھن ڪڏھن آئون به پنھنجو ھڪ اڌ شعر پوسٽ ڪندو
آھيان.
ڪجھ دوست پسنديدگيءَ
جو اظھار به ڪندا آھن،
پر مون
کي امداد جي داد جو انتظار رھندو ھو. امداد واھ واھ ڪئي ته ڄڻ سند ملي وئي.
پاڪستان مستقل واپس اچڻ بعد پھرين
حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي ۾ ساڻس ڪچھريون ٿينديون
ھيون. ادبي بحث مباحثا به ٿيندا ھئا. اختلاف به ٿيندا ھئا. حيدرآباد وارن ٻنھي گھرن تي ڀرپور مشاعرا به ڪياسون.
ٻئي ڪراچي شفٽ ٿياسين ته مھيني ۾ ھڪ ٻه
دفعا ڪچھري لاءِ
ويندو ھوس. ڪڏھن سحر ۽ پاڻ به منھجي گھر ايندا ھئا.
TV
۽ ريڊيو مشاعرن ۾ به ملبو ھو يا گڏ وڃبو ھو. ڪراچي ۾ ڪو مشاعرو ٿيندو ھو ته مونکي زوريءَ وٺي ويندو ھو
ڇاڪاڻ ته مونکي ڪو ياد ڪونه ڪندو ھو.
بيماريءَ ۾ جلدي جلدي وٽس ويندو ھوس. اسپتال ۾ روزانو وڃبو. ڪڏھن ھوش ۾ ڪڏھن
گھر ۾.
ڳالھائڻ ته تقريباً
ختم ٿي ويو ھو. طبيعت ۾ بھتري ايندي ته ڪڏھن مرڪ سان
ڪڏھن ھٿ سان
greet
ڪندو ھو.
ڪجھ
مھينا اڳ شرف شاھ ۽ ميران محمد شاھه
۽ پوءِ نورالھديٰ ۽ منھنجي
مسز انجم سان گڏ ڪچھري لاءِ وياسين. اُن وقت طبيعت ڪافي بھتر ھئي. مون پنھنجا غزل ۽ سحر سندس شاعري ٻڌائي. مون سندس 80 ھين سالگره تي لکيل ڪجھ شعر
ٻڌايا. شعر پڙھندي مون تي رقت طاري پئي ٿي ڇاڪاڻ
ته ذھن جي ڪنھن ڪنڊ ۾ اھو خوف موجود ھو ته وڃڻ جو
وقت ويجھو آھي. پاڻ ڳالھايائين ڪونه ٿي،
پر ڪچھريءَ
مان بيحد محظوظ پئي ٿيو.
سحر اھي ڪچھريون رڪارڊ ڪيون.
28 جولائي تي ڪيناڊا وڃڻ لائيءَ
موڪلائڻ ويس.
ان ڏينھن ڪجھ سڀرو ھو.
موڪلائڻ تي مرڪي ماشاء
الله
چيائين. ڪيناڊا مان سحر سان مستقل
WhatsApp تي رابطي ۾ ھوس. طبيعت
پئي ھيٺ مٿي ٿي.
اڪثر سحر مطمئن ھوندي ھئي.
وفات ھڪ ڏينھن پھرين سندس چھرو ڪجھ ملول نظر آيو.
رسمي دعائن سلامن سان خدا حافظ چيوسين پر ٻنھي کي
خبر ھئي ته:
”ھُو ٿا
پلاڻين منھنجو ھنيون ٿو ھيڻو ٿئي.“
ٻئي ڏينھن خبر پئي ته لاھوتي لڏي ويا. افسوس صد افسوس سندس آخري ديدار نصيب نه
ٿيو ۽ نه سحر ۽ اولاد سان ڏک ونڊي سگھيس.
ھيءَ تصوير اسانجي آخري ادبي ڪچھري جي آھي
جنھن ۾ پنھنجو ڪلام ٻڌائي رھيو آھي.
اُن کان پوءِ جلدي بيچاڪ ٿيو ۽ پوءِ بس!
ڄام شوري جي گـُل مهر ۽ سفيدن جو
شاعر
امداد
حـُسيني
تاجل بيوس
هلندڙ صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ اسان وٽ سنڌي ادب ۽
صحافت جي حوالي سان ٻه ’حُسيني‘ روشنيءَ ۾ آيا
آهن، جنهن جون گهر- ساٿياڻيون به ڏات ڌياڻيون آهن.
ان ڪري، ٻئي حسيني، تخليق جي دنيا ۾ پنهنجي
ساٿياڻين کان سواءِ جيڪڏهن اڌورا ناهن، ته ’اُوڻا‘
ضرور ليکبا. اهي اسان جا ٻه ’حُسيني‘ آهن؛ هڪ
امداد حسيني ۽ ٻيو نثار حُسيني ۽ هونءَ به ڪا اهڙي
ٻه ٻارڙن جي ماءُ ثابت ٿئي ٿي، جيڪا ڪويءَ وٽ
ڪوتا- ديويءَ جو روپ وٺي پر گهٽ ٿيندي آهي ۽ پوءِ
ڪويءَ جي ڏات وارو ڪئنواس امڪان کان عدم
(Nothingness)
تائين ڦهلجي ويندو آهي.
سٺ ۽ ستر وارا اهڙا ڏهاڪا هئا، جڏهن سنڌ ۾ نياز
جعفري، تاج بلوچ، سرويچ سجاولي، هري درياڻي دلگير،
گدائي، نياز همايوني، شمشيرالحيدري، تنوير عباسي،
سرڪش سنڌي، استاد بخاري ۽ شيخ اياز ادبي رسالن جي
زينت بڻيل هئا ۽ اسٽيج تي هرڪو موڙ- ٻڌل گهوٽ
لڳندو هو، پر ڪي يارڙا تخليق جي ان سفر ۾ ٿڪجي،
پوتي تاڻي سمهي پيا آهن. جيئن جيئن ٿڌ، تيئن وڌ ۽
ڪي اهڙي سفر تي روانا ٿي ويا، جتان ڪوبه واپس نه
موٽيو آهي.
ستر واري ڏهاڪي ۾ مون امداد حُسينيءَ جون جڏهن
هيٺيون سِٽون پڙهيون هيون، ته مون کان ڇِرڪ نڪري
ويو هو:
رات آهي اُماس،
روح آهي اُداس،
آهي ڏاڍي پياس،
هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون.
نفرتن جو نگر،
بند مسجد جو در،
ڇو ٿيون دربدر،
هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون.
ڪيئن ٽڙندو ڪنول،
يار آهي رٺل،
ڪير ڳائي غزل،
هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون.
وقت گذري نٿو،
يار وسري نٿو،
چنڊ نڪري نٿو،
هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون.
ساغرن جون ڀريون،
مرڪنديون گل- پريون،
گهر هلي ڇا ڪريون؟
هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون.
مون کي ياد آهي ته ستر واري ڏهاڪي ۾ خيرپور جي
پوليٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ عاليشان مشاعرو ٿيو هو،
جنهن ۾ حيدرآباد جي ٻين شاعرن کان علاوه امداد
حُسيني ۽ سحر به آئي هئي. سحر سان سندس والد
بزرگوار به گڏ هو. ان وقت سحر، اڃا سحر امداد ڪانه
بڻي هئي، مون کي سندس ڪچهريءَ ڏاڍو متاثر ڪيو هو ۽
ان سان گڏ امداد ۽ سرويچ سجاوليءَ جي شعرن مان به
ڏاڍو لاڀ مليو هو، جيتوڻيڪ ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ
۾ الڳ الڳ رنگ ۽ روپ هئا.
سونهن
(Beauty)
هر تخليقڪار جي ڪمزوري هجي ٿي، جا نه هڪ انسان ۾
نظر ٿي اچي، پر هيءَ پوري ڪائنات جي حسن ديوي بڻجي
سامهون ٿي اچي. اهوئي سبب آهي، جو ادب ۾ جماليات
(Aesthetics)
کي داخل ڪيو ۽ ڀرتري هريءَ عورت ۽ جهنگلن جي نظارن
کان سواءِ هيءُ سنسار بي معنيٰ ڄاتو.
اهائي سونهن امداد ۽ منهنجي به ڪمزوري رهي آهي.
مان به سونهن جو وڌ ۾ وڌ سڪايل رهيو آهيان ۽ ائين
تڙ، تڙ جو پاڻي پيئندو، هتي پهتو آهيان. مون لاءِ
سونهن سنڌوءَ جا اُجرا وهڪرا آهن، جن سان شاعريءَ
جي وڻن ۽ وڻڪار جي آبياري ٿيندي آهي، جنهن کان
پوءِ ان وڻڪار ۾ گل ۽ گل- ٻاٽيون ٽڙي پونديون آهن.
شيخ اياز ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۾ هن طرح لکيو
آهي: ”جنسي محبت اها سراڻ آهي، جنهن تي شاعري جي
ڏات تکي ٿيندي رهي آهي. ان کان سواءِ شاعريءَ تي
ڪٽ چڙهي ٿي وڃي.“ شيخ اياز کان وٺي 1963ع تائين
سرجيل شاعريءَ جو تجزيو ڪندي ’جي ڪاڪ ڪڪوريا
ڪاپڙي‘ ۾ هن طرح به لکيو آهي: سنڌي شاعري اهو ڪُتي
جو پڇ آهي، جو ٻه سئو سال نڙ ۾ رهيو آهي، ته به
ڏنگو رهيو آهي. نه فقط پاڻ ڏنگو رهيو آهي، پر نڙ
کي به ڏنگو ڪري وڌو اٿائين.“
اسان لاءِ شاعري مقدس سرمايو آهي، جنهن جي لفظ،
لفظ ۾ پاڪيزگي آهي. آرٽ ۽ ادب حسن جي تلاش آهن، ان
ڪري ادب جو ادب ڪرڻ لازمي امر آهي. شاعر، شاعر
آهي، پوءِ اهو لطيف هجي يا لالڻ چنو، سچل هجي، يا
ستار، شاعريءَ کي سڀني عملن جي ماءُ به چيو ويو
آهي. يوناني ادب ۾ ته ائين به چيو ويو آهي ته
تخليق جو ڪم فقط ٻه هستيون ڪن ٿيون، هڪ ديوتائون ۽
ٻيو شاعر- مولانه روم ته هيئن به چيو آهي:
شاعري جزو است پيغمبري،
جاهلانه ڪفر داند از خري.
(شاعري پيغمبريءَ جو جزو آهي، جنهن کي جاهلن
پنهنجي گڏهپڻي ڪري، ڪفر سمجهيو آهي).
سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ
پڙهڻ سان چوڻو پوندو هو ته شاعري واقعي روح مان
رچي نڪرندڙ هڪ نغمو آهي، جيڪو اظهار ۽ لفظن جي
صورت ٿو اختيار ڪري، شاعري، واقعي لاشعور ۽ تحت
الشعور جي شعور ڏانهن سفر جو نالو آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته امداد حُسيني ڪائناتي ذهن
رکندڙ شاعر آهي، جنهن رنگ ۽ نسل جي نفي ڪري پنهنجن
تخليقن ۾ ماڻهو، ماڻهپي ۽ ڌرتيءَ جي تقدس جا دائمي
قدر ڀريا آهن، جن اڳتي هلي ”اساسيت“ ۽ ڪلاسيڪيت
(Classics)
جو درجو ماڻي سگهن ٿا.
اسان شاعر پيٽ- پوڄا ۾ ڏينهن جي ڊوڙ ڊوڙان کان
پوءِ شام ويلي جڏهن پکي پکڻ واهيرن ڏانهن ورندا
آهن ته ڏينهن جي ٿڪاوٽ ۽ تلخين کان نجات پائڻ لاءِ
به ڪجهه لکي وٺڻ لاءِ پنهنجون شامون رنگين به ڪندا
آهيون، جنهن مان ڏات تيز به ٿيندي آهي، ته ڪن شين
جي واپرائڻ سان ڏات زنگجڻ به لڳندي آهي. امداد
حُسينيءَ جي آسپاس يونيورسٽيءَ جو حسين ماحول آهي،
جنهن ۾ ڄام شوري جا گل مهر ۽ سفيدي جا ٿڌڙيءَ
ڇانوَ سان گڏ سونهن بخشيندڙ به اچي وڃن. ان ڪري
شام ويلي ماچيس جي تيليءَ ٻارڻ بدران، امداد کي
پنهنجي سامهون ميز تي شيشي جو گلاس رکي، تخليق جو
سفر جاري رکڻ گهرجي، پوءِ ڏسو ته ڪيئن ته ڪويتا-
ديوي (جا سندس گهر ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود به هوندي
آهي) امداد جي گيتن، ٽيڙن ۽ نظمن ۾ رنگ ڀرڻ جي عمل
کي تيز ڪري اَسي ۽ نوي ڏهاڪن کي سٺ ۽ ستر وارن
ڏهاڪن جي برابر ٿي اچي بيهاري.
’ادب‘ امداد حُسيني نمبر مارچ 2003ع |