امام راشدي
سنڌي ادب جو چمڪندڙ تارو- امداد حُسيني
مان شاعر ته ناهيان پر شاعرن لاءِ ادب، احترام ۽
کوڙ ساريون محبتون قائم آهن. شاعري پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ جو
ذوق شروع کان رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاعري
مونکي پنهنجي گرفت ۾ آڻي نه سگهي، البت سنڌي
ٻوليءَ جي ناميارن ۽ خاص شاعرن سان خط و ڪتابت ۽
ياري دوستي قائم رهي آهي. اهڙن شاعرن جا شعري
مجموعا پنهنجي لئبريريءَ جي زينت بڻيل آهن.
1984ع ۾ جڏهن مون پنهنجي لئبريري (پيرحُسام الدين
راشدي ريسرچ پبلڪ لئبريري) قائم ڪئي ته ڪتابَ ڪَٺي
ڪرڻ جو خَفت وڌيو ان سان گڏوگڏ شاعرن ۽ اديبن سان
ميل جول ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو به جوڙيو ويو. جن
شاعرن منهنجي ذهن ۽ دل ۾ جايون جوڙيون انهن ۾
سائين امداد حُسيني به شامل هيو. هڪ ته امداد
حُسيني جو منهنجي ڳوٺائي شاعر ۽ نقاد ذوالفقار
راشدي مرحوم سان گَهرو ۽ گهاٽو تعلق هو. ٻيو ته
امداد حُسينيءَ جي پهرين شعري مجموعي ”امداد آهه
رول“ منهنجي ذهن کي جهنجهوڙي رکيو هو ته سنڌ جي هن
لاجواب شاعر پنهنجي شعري مجموعي جو نالو اهڙو ڪيئن
رکيو آهي؟ اڄ تائين ان ڪتاب کان محروم رهيو آهيان
پر ان جو نالو اڄ به ذهن ۾ قيد آهي.
سائين امداد حُسينيءَ جون تصويرون رسالن ۽ اخبارن
۾ ڏسي عجب وٺندو هو صفا هِپي ڪٽ، فيشن بُل، پينٽ
شرٽ سان نرالي شخصيت وارو سدا ملُوڪ لڳندو هو.
ائين ئي اڳتي هلي امداد حُسيني ادب ۽ شاعريءَ ۾ هڪ
انتهائي متحرڪ ڪردار جيان سامهون ايندو ويو. پاڻ
جڏهن 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ٿي آيو ۽
سندس ڪيل ڪم کي ڏٺو ويو ته ڏاڍي خوشي ٿي هئي. ان
کان بعد 2004ع ۾ ٻيهر مهراڻ، گُل ڦُل ۽ سرتيون
رسالن جي ادارت سنڀاليائين ته سندس علمي ڪارڪردگي
سامهون ايندي وئي. ”مهراڻ“ جي معيار تي ڌيان ڏنو
ويو ۽ مواد به معياري شامل ڪيو ويو. اهڙي طرح ”گل
ڦل“ ۽ ”سرتيون“ رسالن تي خاص توجهه سان معلوماتي
تحريرن سان سجايو ويو. ائين وري ادبي بورڊ جي
ڪتابن جي اشاعت به بهتر ٿيندي رهي. امداد حُسينيءَ
کي سنڌي ادبي بورڊ سان بي پناهه محبت هئي جنهن سبب
هُن سنڌ جي هِن قومي اداري کي هرلحاظ کان بهتر
بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتائين. جڏهن سنڌي ادبي
بورڊ پاران ’مهراڻ‘ رسالي جو گولڊن جوبلي نمبر
شايع ڪيو هو ته مون سائين امداد حُسينيءَ کي هڪڙو
مختصر تبصري نما خط لکيو هو. پاڻ مهرباني فرمائي
تاريخي نوعيت وارو جواب هن طرح لکي موڪليائين.
بِسمِ الله الرَّحمٰنِ الرَّحيم
مانوارا سائين امام راشدي صاحب! السلام عليڪم.
سائين منهنجا، توهان جو سيڪريٽري س ا ب ڏانهن لکيل
خط به پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ لاءِ اسان ڏانهن
موڪليو ويو هو. ان جي وضاحت اسين ڪري چڪا آهيون،
جيڪا هت لکڻ ٺيڪ به ناهي، ڇو ته اهي آفيشل مامرا
آهن. پر هتي ايترو ضرور لکڻ ٿو گهران ته: ”گل ڦل“
۾ ڊاڪٽر سحرامداد حُسينيءَ جي نه ته ڪا تصوير ڇپي
آهي، نه ئي ڪا لکڻي!“ ان بابت گهڻو ڳالهائڻ ٺيڪ نه
آهي؛ سواءِ ان عرض جي ته توهين پنهنجي راءِ تي
نظرثاني ڪريو.
سائين منهنجا، ”مهراڻ“ جي لاءِ اها پاليسي طئي ڪئي
وئي آهي ته ان ۾ اردوءَ مان ٿيل ترجمو نه ڇپيو
ويندو. ان جا ٻه ڪارڻ آهن:
1-
اردو اسين پڙهي سگهون ٿا.
2-
اصلوڪو مواد ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو وڃي.
انڪري توهين به اسان ڏانهن اصلوڪو مواد موڪليو،
پوءِ چاهي اهو توهان جي ڳوٺ، (ديهه) شهر، ڪردارن،
ماڳن مڪانن، ٻوليءَ، ادب، شاعر، لطيفيات، زراعت،
تعليم وغيره تي ڇو نه هجي. مهرباني ڪري توهين ان
پاسي به ڌيان ڏيندا.
”مهراڻ“ گولڊن جبلي نمبر لاءِ لکيل توهان جون ڪجهه
سِٽون ڏاڍيون اهم آهن، توهين انهن سِٽن کي پڪڙي هڪ
مقالو لکي سگهو ٿا، خاص طور تي انهن مقالن تي سير
حاصل بحث ڪري سگهو ٿا، جيڪي توهان کي ڪنهن نه ڪنهن
پهلوءَ کان وڻيا هجن.
سائين منهنجا، اسين، خاص طور تي جيڪي لکڻ جي ڪِرت
سان لاڳاپيل آهيون، اُهي جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي حصي
جو ڪم ڪريون سڀ ڪاڄَ سُڪاڄَ ٿي ويندا.
اميد ته توهين خوش آباد هوندا
اُڪير مان
(سيد امداد حُسيني)
05- 12- 8
سائين امداد حُسيني سنڌ جي وڏن شاعرن مان خاص
اهميت وارو شاعر به هيو ته نثر نويس به! ٻنهي شعبن
۾ سندس شاهڪار تحريرون شامل آهن. پاڻ ٻارن لاءِ به
شاهڪار ۽ يادگار نظم ۽ گيت لکيائينئ اهڙيءَ طرح
امداد حُسينيءَ جي شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي اهم
فنڪارن ڳائي آهي پر جڏهن سندس مشهور غزل ”مون جڏهن
ڪو ڏيئو جلايو آ، زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.“ عابده
پروين ڳايو ته سندس شهرت ۾ ٻيڻو اضافو ٿي ويو.
امداد حُسيني موجوده دور جو نمائندو شاعر هو. هُو
وقت جي نبض تي هٿ رکيو ويٺو هو ۽ سنڌ جي مستقبل جو
فڪر رهندو آيو. هُن سنڌ جي هڙني مسئلن کي شاعريءَ
۾ پيش ڪيو آهي. اهڙي ريت پنهنجو حقيقي شاعرانه
عظمت وارو ڪردار پيش ڪندو رهيو. پاڻ سنڌ جو محافط
شاعر هو. کيس سنڌ جي عظمت جو اُونو رهندو آيو.
سندس شاعريءَ جو بنيادي محَور ”سنڌ“ هئي، جيڪا
ماضيءَ جي عڪاس، حال سان هم آهنگ ۽ مستقبل جي
روشني ڄاتي ويندي هئي.
امداد حُسيني ٻارنهن سالن جي عمر کان ادب جي دنيا
۾ آيو ۽ زندگيءَ جا سَتر سال ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت
ڪندي گذاريا. يعني هڪ عمر گذاري ڇڏيائين شاعري
ڪندي ڪندي. شاعري به اُها جيڪا سنڌ ۽ سنڌي قوم جي
رُوح کي جنجهوڙيندي رهي ۽ تسلي ڏيندي رهي. هُو
جديد سنڌي ادب جي افق جو چمڪندڙ هڪ تارو هو.
خوشنصيب چئجي امداد حُسيني جو سندس جيوَن ساٿي
ڊاڪٽر سحرامداد به سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا آهي.
وري سوني تي سُهاڳو اهو به آهي جو سندس اولاد به
ادبي ذوق وارو آهي. جڏهن ’گل ڦل‘ رسالي لاءِ پاڻ ۽
سندس پُٽن، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان
انٽرويو ڪيو هو ته ادبي حلقن ۾ چڱو خاصو چرچو ٿيو
هو. امداد حُسيني هڪ باخبر ۽ ذميوار ليکڪ هو. هُن
صرف ذهني يا روحاني تسڪين لاءِ شاعري نه ڪئي هئي
بلڪ وقت، حالات ۽ معاشرتي تقاضائن کي پنهنجي قلم
هيٺ آندو. هُن خوب لکيو ۽ ڀرپور لکيو. امداد
حُسيني سنڌ هڪڙو ئي پيدا ڪيو جنهن تي سنڌ جو ۽
سنڌين جو هميشه سلام رهندو ۽ سندس شاعريءَ جو
غوغاءُ صدين تائين پيو ٻُرندو رهندو.
مان شاعر ته ناهيان پر شاعرن لاءِ ادب، احترام ۽
کوڙ ساريون محبتون قائم آهن. شاعري پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ جو
ذوق شروع کان رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاعري
مونکي پنهنجي گرفت ۾ آڻي نه سگهي، البت سنڌي
ٻوليءَ جي ناميارن ۽ خاص شاعرن سان خط و ڪتابت ۽
ياري دوستي قائم رهي آهي. اهڙن شاعرن جا شعري
مجموعا پنهنجي لئبريريءَ جي زينت بڻيل آهن.
1984ع ۾ جڏهن مون پنهنجي لئبريري (پيرحُسام الدين
راشدي ريسرچ پبلڪ لئبريري) قائم ڪئي ته ڪتابَ ڪَٺي
ڪرڻ جو خَفت وڌيو ان سان گڏوگڏ شاعرن ۽ اديبن سان
ميل جول ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو به جوڙيو ويو. جن
شاعرن منهنجي ذهن ۽ دل ۾ جايون جوڙيون انهن ۾
سائين امداد حُسيني به شامل هيو. هڪ ته امداد
حُسيني جو منهنجي ڳوٺائي شاعر ۽ نقاد ذوالفقار
راشدي مرحوم سان گَهرو ۽ گهاٽو تعلق هو. ٻيو ته
امداد حُسينيءَ جي پهرين شعري مجموعي ”امداد آهه
رول“ منهنجي ذهن کي جهنجهوڙي رکيو هو ته سنڌ جي هن
لاجواب شاعر پنهنجي شعري مجموعي جو نالو اهڙو ڪيئن
رکيو آهي؟ اڄ تائين ان ڪتاب کان محروم رهيو آهيان
پر ان جو نالو اڄ به ذهن ۾ قيد آهي.
سائين امداد حُسينيءَ جون تصويرون رسالن ۽ اخبارن
۾ ڏسي عجب وٺندو هو صفا هِپي ڪٽ، فيشن بُل، پينٽ
شرٽ سان نرالي شخصيت وارو سدا ملُوڪ لڳندو هو.
ائين ئي اڳتي هلي امداد حُسيني ادب ۽ شاعريءَ ۾ هڪ
انتهائي متحرڪ ڪردار جيان سامهون ايندو ويو. پاڻ
جڏهن 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ٿي آيو ۽
سندس ڪيل ڪم کي ڏٺو ويو ته ڏاڍي خوشي ٿي هئي. ان
کان بعد 2004ع ۾ ٻيهر مهراڻ، گُل ڦُل ۽ سرتيون
رسالن جي ادارت سنڀاليائين ته سندس علمي ڪارڪردگي
سامهون ايندي وئي. ”مهراڻ“ جي معيار تي ڌيان ڏنو
ويو ۽ مواد به معياري شامل ڪيو ويو. اهڙي طرح ”گل
ڦل“ ۽ ”سرتيون“ رسالن تي خاص توجهه سان معلوماتي
تحريرن سان سجايو ويو. ائين وري ادبي بورڊ جي
ڪتابن جي اشاعت به بهتر ٿيندي رهي. امداد حُسينيءَ
کي سنڌي ادبي بورڊ سان بي پناهه محبت هئي جنهن سبب
هُن سنڌ جي هِن قومي اداري کي هرلحاظ کان بهتر
بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتائين. جڏهن سنڌي ادبي
بورڊ پاران ’مهراڻ‘ رسالي جو گولڊن جوبلي نمبر
شايع ڪيو هو ته مون سائين امداد حُسينيءَ کي هڪڙو
مختصر تبصري نما خط لکيو هو. پاڻ مهرباني فرمائي
تاريخي نوعيت وارو جواب هن طرح لکي موڪليائين.
بِسمِ الله الرَّحمٰنِ الرَّحيم
مانوارا سائين امام راشدي صاحب! السلام عليڪم.
سائين منهنجا، توهان جو سيڪريٽري س ا ب ڏانهن لکيل
خط به پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ لاءِ اسان ڏانهن
موڪليو ويو هو. ان جي وضاحت اسين ڪري چڪا آهيون،
جيڪا هت لکڻ ٺيڪ به ناهي، ڇو ته اهي آفيشل مامرا
آهن. پر هتي ايترو ضرور لکڻ ٿو گهران ته: ”گل ڦل“
۾ ڊاڪٽر سحرامداد حُسينيءَ جي نه ته ڪا تصوير ڇپي
آهي، نه ئي ڪا لکڻي!“ ان بابت گهڻو ڳالهائڻ ٺيڪ نه
آهي؛ سواءِ ان عرض جي ته توهين پنهنجي راءِ تي
نظرثاني ڪريو.
سائين منهنجا، ”مهراڻ“ جي لاءِ اها پاليسي طئي ڪئي
وئي آهي ته ان ۾ اردوءَ مان ٿيل ترجمو نه ڇپيو
ويندو. ان جا ٻه ڪارڻ آهن:
1-
اردو اسين پڙهي سگهون ٿا.
2-
اصلوڪو مواد ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو وڃي.
انڪري توهين به اسان ڏانهن اصلوڪو مواد موڪليو،
پوءِ چاهي اهو توهان جي ڳوٺ، (ديهه) شهر، ڪردارن،
ماڳن مڪانن، ٻوليءَ، ادب، شاعر، لطيفيات، زراعت،
تعليم وغيره تي ڇو نه هجي. مهرباني ڪري توهين ان
پاسي به ڌيان ڏيندا.
”مهراڻ“ گولڊن جبلي نمبر لاءِ لکيل توهان جون ڪجهه
سِٽون ڏاڍيون اهم آهن، توهين انهن سِٽن کي پڪڙي هڪ
مقالو لکي سگهو ٿا، خاص طور تي انهن مقالن تي سير
حاصل بحث ڪري سگهو ٿا، جيڪي توهان کي ڪنهن نه ڪنهن
پهلوءَ کان وڻيا هجن.
سائين منهنجا، اسين، خاص طور تي جيڪي لکڻ جي ڪِرت
سان لاڳاپيل آهيون، اُهي جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي حصي
جو ڪم ڪريون سڀ ڪاڄَ سُڪاڄَ ٿي ويندا.
اميد ته توهين خوش آباد هوندا
اُڪير مان
(سيد امداد حُسيني)
05- 12- 8
سائين امداد حُسيني سنڌ جي وڏن شاعرن مان خاص
اهميت وارو شاعر به هيو ته نثر نويس به! ٻنهي شعبن
۾ سندس شاهڪار تحريرون شامل آهن. پاڻ ٻارن لاءِ به
شاهڪار ۽ يادگار نظم ۽ گيت لکيائينئ اهڙيءَ طرح
امداد حُسينيءَ جي شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي اهم
فنڪارن ڳائي آهي پر جڏهن سندس مشهور غزل ”مون جڏهن
ڪو ڏيئو جلايو آ، زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.“ عابده
پروين ڳايو ته سندس شهرت ۾ ٻيڻو اضافو ٿي ويو.
امداد حُسيني موجوده دور جو نمائندو شاعر هو. هُو
وقت جي نبض تي هٿ رکيو ويٺو هو ۽ سنڌ جي مستقبل جو
فڪر رهندو آيو. هُن سنڌ جي هڙني مسئلن کي شاعريءَ
۾ پيش ڪيو آهي. اهڙي ريت پنهنجو حقيقي شاعرانه
عظمت وارو ڪردار پيش ڪندو رهيو. پاڻ سنڌ جو محافط
شاعر هو. کيس سنڌ جي عظمت جو اُونو رهندو آيو.
سندس شاعريءَ جو بنيادي محَور ”سنڌ“ هئي، جيڪا
ماضيءَ جي عڪاس، حال سان هم آهنگ ۽ مستقبل جي
روشني ڄاتي ويندي هئي.
امداد حُسيني ٻارنهن سالن جي عمر کان ادب جي دنيا
۾ آيو ۽ زندگيءَ جا سَتر سال ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت
ڪندي گذاريا. يعني هڪ عمر گذاري ڇڏيائين شاعري
ڪندي ڪندي. شاعري به اُها جيڪا سنڌ ۽ سنڌي قوم جي
رُوح کي جنجهوڙيندي رهي ۽ تسلي ڏيندي رهي. هُو
جديد سنڌي ادب جي افق جو چمڪندڙ هڪ تارو هو.
خوشنصيب چئجي امداد حُسيني جو سندس جيوَن ساٿي
ڊاڪٽر سحرامداد به سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا آهي.
وري سوني تي سُهاڳو اهو به آهي جو سندس اولاد به
ادبي ذوق وارو آهي. جڏهن ’گل ڦل‘ رسالي لاءِ پاڻ ۽
سندس پُٽن، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان
انٽرويو ڪيو هو ته ادبي حلقن ۾ چڱو خاصو چرچو ٿيو
هو. امداد حُسيني هڪ باخبر ۽ ذميوار ليکڪ هو. هُن
صرف ذهني يا روحاني تسڪين لاءِ شاعري نه ڪئي هئي
بلڪ وقت، حالات ۽ معاشرتي تقاضائن کي پنهنجي قلم
هيٺ آندو. هُن خوب لکيو ۽ ڀرپور لکيو. امداد
حُسيني سنڌ هڪڙو ئي پيدا ڪيو جنهن تي سنڌ جو ۽
سنڌين جو هميشه سلام رهندو ۽ سندس شاعريءَ جو
غوغاءُ صدين تائين پيو ٻُرندو رهندو.
ڊاڪٽر نورافروز خواجه
امداد
حـُسيني- گهڻ پاسائين شخصيت
اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي،
اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.
اسان جن کي چاهيو، اسان جن کي پوڄيو،
اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.
وري ملون نه ملون، زندگي رهي نه رهي.
الائي ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي،
کِلي ملي ته وٺون جيءُ ڀري ڏسي ته سگهون.
برصغير جي آزاديءَ، ماڻهن جي سمجهه ۽ ويچار ۾ نئون
موڙ آندو، ملڪي معاملن سان گڏ معاشرتي، اقتصادي ۽
سماجي مسئلن ۾ به ڦيرو آيو. ها حقيقت آهي ته هر
دور جو ادب، ان دور جو جديد ادب هوندو آهي. ادب
انساني ضمير جو آواز آهي، جنهن کي هر دور ۾ بلند
رکڻ لاءِ اديبن ۽ شاعرن پهرين ترجيح ڏني آهي. هر
نسل جو زمانو پنهنجو آهي. ان جي آزمائش جا طريقا
به پنهنجا آهن. انهن آزمائشن مان رونما ٿيندڙ
ذميداريون به انهن جون پنهنجيون آهن. گويا هر دور
جي نسل جو ادب، سندس ئي دور جي ترجماني ڪندو رهيو
آهي. سنڌ جي ماڻهن خصوصاً، نئين نسل جدت کي هميشه
پنهنجو ڪيو آهي ۽ پراڻين ۽ فرسوده ڳالهين، رسمن ۽
روايتن سان هميشه مقابلو ڪيو آهي.
آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديليون
آيون آهن. هن دور ۾ عام ماڻهن جي روزانه زندگيءَ
جو عڪس سنڌي ادب (نثر توڙي شاعريءَ) ۾ نظر اچي ٿو.
هن دور جي شاعرن ۽ اديبن پنهنجي گهري سوچ ۽ مشاهدي
سان، سنڌي زندگي ۽ سنڌي سماج جي هر مسئلي کي سڌارڻ
جي ڪوشش ڪئي. هنن ماڻهن ۾ ذهني سجاڳي، جاڳرتا، همت
۽ جرئت اجاگر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. امداد جو
هيءُ نظم آهي ته:
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ، ايترو سولو ناهي،
باهه جو سمنڊ ترڻ، ايترو سولو ناهي.
سنڌ لاءِ جيئڻ ايترو سولو به هجي،
سنڌ لاءِ مرڻ، ايترو سولو ناهي.
صرف غدار جو رت هي. گٽر جو پاڻي،
کوءِ سک، ٻن سمهڻ، جان ۾ جندي پائي.
ڏيهه جا ڏک ڏرڻ، ايترو سولو ناهي.
هن دؤر ۾ خاص طور تي اديبن ۽ شاعرن لاءِ سڀ کان
وڏو مسئلو سنڌ ۽ سنڌي زبان بچائڻ، ڪراچيءَ کي سنڌ
کان ڌار نه ڪرائڻ، سنڌي ٻوليءَ جي پاڙ پٽڻ، سنڌي
اسڪول بند ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ کي مادري زبان طور
پڙهائڻ وارو طريقو ختم ڪرڻ، ون يونٽ 1956ع ۾ قائم
ڏيڻ 1958ع ۾ مارشل لا لڳائڻ، سنڌ جي شاگردن،
عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي جيل ۾ بند ڪرڻ، سنڌي
ڪتابن تي بندش وجهڻ، سنڌي نوجوانن کي 4 مارچ تي
راجپوتانه اسپتال وٽ حملو ڪري، قتل عام ڪرڻ مطلب
ته سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب کي منصوبي تحت ختم
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهڙي دور ۾ سنڌ جو ڪوبه
عالم، اديب، محقق، شاعر خاموش نه رهيو. جنهن سنڌ
ڌرتيءَ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي عوام جي ڏکن ۽
تڪليفن کي پنهنجين لکڻين ۾ ظاهر نه ڪيو هجي. اهڙي
ئي دور ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي،
شمشيرالحيدري، امداد حُسينيءَ کان علاوه محمد
عثمان ڏيپلائي، مولانا غلام محمد گرامي، پيرحسام
الدين راشدي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، حميد سنڌي
طارق اشرف، ڄام ساقي، يوسف ٽالپر ۽ ٻين پنهنجي سر
ادبي خدمتون سرانجام ڏئي، عام ماڻهن ۾ ذهني سجاڳي،
شعور، جوش جذبو، همت ۽ حوصلو پيدا ڪيو. هنن اديبن
۽ شاعرن پنهنجي قلم جي وسيلي سنڌ جي غير جمهوري،
تانا شاهي ڏاڍ، ڏمر، ظلم ستم، جبر، ناانصافيءَ کي
ختم ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ هڪ قوم ادب
شاعر وانگر انقلاب آڻڻ ۾ ڀريو ڪردار ادا ڪيو.
امداد حُسيني لکي ٿو ته:
رشيد، تنوير، اياز هو، ۽ گلاب هئا لان ۾.........
۽ سنڌ جي جئين ڳالهه نڪتي ته خوف، خطرا، ڌرم، ڪرم
سڀ پري ڇڏياسين، ادب اڃا ته آ چاندني فزا ۾ ان دور
۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون وقت به وقت جاري
رهيون. هنن اديبن ۽ شاعرن سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ
لاءِ هڪ قوم پرست اديبن وارو ڪردار ادا ڪيو. هن
’روح رهاڻ‘، سهڻي، ’مهراڻ‘ ۽ ’نئين زندگي‘ ۽ ٻين
رسالن ذريعي عام ماڻهن ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ رات
ڏينهن جفاڪشي ڪئي. هنن ’عبرت‘، ’هلال پاڪستان‘،
’نواءِ وقت‘ ۽ ٻين اخبارن ۾ ايڊيٽوريل لکي ماڻهن ۾
سنڌ لاءِ قومي جذبو پيدا ڪندا رهيا. اهڙي دؤر ۾
امداد حُسينيءَ جو ڪردار به اهم رهيو. هن به اهڙي
سخت دور ۾ بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ حميد
سنڌيءَ جي ته هُو راتو رات اچي، ٻين قومي ليڊرن
سان ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجي شاعري ۽ ايڊيٽوريل به
لکندو رهيو، جيڪي اڄ به سنڌي قوم کي ياد آهن.
امداد لکي ٿو ته:
اي سنڌ امان، اي سنڌ امان،
رت ويٺو رئان، اي سنڌ امان،
هيءَ اخبار جا پئي آهي، ڇا پڙهي ڇا پڙهان، اي سنڌ
امان،
هيءَ جهيڙا هي جهٽا، ڦرون ۽ ڌاڙا، الامان الامان،
اي سنڌ امان
سور جي سَٽ سِٽَ ڪيئن بڻجي، ڇا پني تي لکان، اي
سنڌ امان.
روز ڪونڌر ڪسن ڪلاچيءَ ۾، آئون ڪيئن چپ رهان، اي
سنڌ امان،
ساڳيا جبل هي وڏيرن جا قائم آهن. انهن منجهه واڙيل
هاري بي زبان، اي سنڌ امان
پنهنجا وڃن پرايا ٿي، آئون ڦٿڪان لڇان، اي سنڌ
امان،
رت دانگيءَ مٿان نٿو اُٿلي، ڏوهه ڪنهن کي ڏيان، اي
سنڌ امان،
هيءَ سموري زمين منهنجي هتي، ۽ سڄو آسمان، اي سنڌ
امان،
ڳوٺ ڌاڙيل ۽ شهر دهشتگرد، آئون ڪاڏي وڃان، اي سنڌ
امان،
سڀ مڃين پير مير کي ۽ آئون صرف توکي مڃان، اي سنڌ
امان،
تون ئي تون ٿي نظر اچين، آئون جاڏي ڏسان، اي سنڌ
امان،
تيستائين پرهه جي پنڇيءَ سان ٿو لات لنوان، اي سنڌ
امان،
امداد هن نظم ۾ فرمائي ٿو ته:
هڪ مان هئس مٿان جڙن جهڙوجڙ،
رات به ڪهڙي نه ڪُٺي ڪاري هئي دوست.......
جند پياري هئي پر سنڌ به پياري هئي دوست.
۽ تڏهن پرهه پکيئڙن جي مٺي لات ٻڌم،
ٻانگ مسجد ۾ ٻُري ۽ سنکه وڳا مندر ۾.
امداد حُسيني به انهيءَ دور جو هڪ وڏي شاعر ۽ قوم
پرست جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو.
امداد گهڻي پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. هن شاعري
به ڪئي جنهن ۾ (بيت، نظم، ڪافي، غزل، هائڪو،
ترائيل وائي وغيره) جي صنفن تي طبع آزمائي ته ڪئي
پر گڏوگڏ ان ۾ نواڻ ۽ جدت آندي هو ٻولي ۽ لغت جو
ماهر، محقق، مقا لانگار، افسانه نگار، نقاد، لوڪ
ادب جو ڄاڻو، ڊڪشنريءَ جو ماهر، لطيفيات تي عبور
رکندڙ، ٻارن جو ادب سرجيندڙ، تخليق ڪار، ترجمه
نگار وغيره رهيو. هن سنڌي لئنگيج اٿارٽيء طرفان
شايع ٿيندڙ انسائيڪلوپيڊيا آف سنڌيانا ۽ شاهه
عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان شايع
ٿيندڙ انسائيڪلوپيڊيا آف شاهه عبداللطيف کان علاوه
ٻين به ڪيترن ئي ادارن ۾ پنهنجيون علمي ۽ ادبي
خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. امداد چئي ٿو:
وقت پٿر نه ٿيو، وقت ته آهي مهراڻ،
آئون سپنو ئي سهي، سج ته سپنو ناهي،
آئون ڪوڙو ئي سهي، سنڌ ڪوڙي ته ناهي،
جند جي تند ٽٽي ٿي، ته اميري نه هٽي ٿي،
هٿ جي ليڪ ٽٽي ٿي ڪائي جي چوڙي ته ناهي،
مائٽي آهي مٽيءَ سان آهي ته جڳن کان آهي.
سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه، 10
مارچ 1940ع تي ٽکڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. هن جو ناناڻو
توڙي ڏاڏاڻو خاندان هميشه علم و ادب سان وابسته
رهيا، جنهن جو اثر امداد تي گهڻو ٿيو هن پاڻ به 12
سالن جي عمر کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي جيڪا گلستان ۾
شايع ٿي، امداد جو ادبي نالو سانول (افسانن ۾ خاص
طور) ۽ امداد حُسيني (شاعريءَ ۾) آهي. هن ابتدائي
تعليم ٽکڙ شهر مان ئي حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان،
نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيو. انٽر
سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم
اي سنڌي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.
امداد سنڌي ادبي بورڊ ۾ لئبريرين جي حيثيت ۾ ڪم
ڪيو، پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو
مقرر ٿيو، هو ٽه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر به رهيو ۽
سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به مقرر ٿيو هو. سنڌ
ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ امداد، سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر
ٿيو، بزم طالب المولي ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد
جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. هو سنڌي ادب بورڊ ۽ سنڌي
لئنگيج اٿارٽي حيدرآباد جو بي.او.جي
B.O.G
(بورڊ آف گورنرز) جو ميمبر رهيو، ان سان گڏوگڏ هُو
ٻين به ڪيترن ئي ادارن ۾ پڻ اهم حيثيت ۾ ڪم ڪندو
رهيو. امداد جو شعر آهي موتي ائين نه رول، ’آئون
جهليان ٿو جهول‘، ’تون موتي ائين نه رول‘ امداد هڪ
قوم پرست شاعر هجڻ سان گڏوگڏ انقلابي، رومانوي ۽
مزاحمتي شاعري به ڪندو رهيو. سندس سنڌي شاعريءَ ۾
’شهر‘، امداد آهي رول، هوا جي سامهون، ۽ 1976ع
اردوءَ ۾ ’دهوپ کرن‘ جي نالن سان مجموعا شايع ٿيل
آهن. ان کان علاوه هن جي ٻي شاعري ڪيترن ئي رسالن،
مهراڻ، نئين زندگي، سهڻي، پيغام، روح رهاڻ،
سوجهرو، ڪينجهر، ڪلاچي وغيره ۾ شايع ٿيل آهي ۽
ڪيتري ئي شاعري اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهي. ان کان
سواءِ هن ٻارن لاءِ به بهترين شاعري ڪئي آهي، جيڪا
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪورس جي ڪتابن ۾ موجود آهي.
هن اردو نظم جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن ۽
بابا فريد ۽ ماڌولال جي پنجابي ڪلام جو به سنڌيء ۾
ترجمو ڪيو آهي. هن ريڊيو، ٽيليويزن ۽ سنڌي فلمن
سهڻا سائين، حاضر سائين ۽ ڌرتي لال ڪنوار وغيره جي
لاءِ به گيت لکيا آهن. هن ريڊيو لاءِ به گيتن ڀري
ڪهاڻي عنوان سان ڪهاڻيون لکيون آهن، ريڊيو ۽
ٽيليويزن لاءِ ڊراما به لکيا آهن. هن مرزا قليچ
بيگ جو ناول زينت جو اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي،
جيڪو اڪادمي ادبيات اسلام آباد وارن شايع ڪيو آهي،
هن لوڪ ورثي جي ڪتابن ۾ دودو چنيسر علمي آئينو،
سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ وغيره پڻ ترتيب ڏنا
آهن.
امداد کي پنهنجين لکڻين جي مان مرتبي جي ڪري
پاڪستان جو صدراتي ايوارڊ ”تمغه امتياز مليو ۽
طالب الموليٰ، نارائڻ شيام، جوش مليح آبادي کان
علاوه به ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام مليا آهن.
امداد جي شاعريءَ جا ڪئين موضوع آهن، جن ۾ عورت به
هڪ اهم موضوع رهيو آهي. هو چوي ٿو ته: ”اسان جي
سنڌي شاعريءَ جي اها روايت رهي آهي هيرو سورمين
لاءِ هميشه کان عورت رهي آهي. سورمي ئي اصل ۾
سورمو آهي.“ هو پنهنجي هن وائيءَ ۾ لکي ٿو ته:
تنهنجي هوڏ ڀري آ لوڏ، لکن جي راڻي او سنڌياڻي
راڻي او سنڌياڻي، سنڌو ڪيئ سڪائي سگهندا جيسين
تنهنجي اک ۾ پاڻي، راڻي او سنڌياڻي:
لاڏل، سونل، ٻاگهل، مارل، سون سريکي، سگهڙ، سياڻي،
جنهين پورهيت اوڏڻ، سانئڻ تون آرياڻي، تون
هارياڻي،
جيڏي سر تي سنڌي سرشتي، تون ڌرتيءَ جي ڌيءَ ڌياڻي،
ليکڪ لکندو جندو تنهنجي سونن اکرن سان آکاڻي،
راڻي او سنڌياڻي، تنهنجي هوڏ ڀري آ لوڏ.
مطلب ته امداد جديد دور جو هڪ بهترين شاعر ليکيو
وڃي ٿو. هُو سنڌ ڌرتيءَ تان قربان ٿيندڙ ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ، سنڌي ماڻهن
جو هڏڏوکي، همدرد، ساٿي رهيو. هو سنڌ جي ماڻهن سان
ٿيندڙ نا انصافين، انهن جي قتل و غارت انهن جي بک،
تڪليف، ڏکن ڏوجهرن، پريشانين ۽ مصيبتن کي ختم ڪرڻ
لاءِ هميشه آواز اٿاريندڙ، هڪ قوم پرست شاعر جي
حيثيت ۾ انقلاب آڻيندڙ، ماڻهن ۾ جوش جذبو پيدا
ڪندڙ، ظلم خلاف مزاحمت ڪندڙ ۽ خوبصورت رومانوي
شاعري ڪندڙ هڪ وڏو شاعر آهي. جيستائين سنڌ، سنڌي
ٻولي، سنڌي شاعري رهندي تيستائين امداد اسان سان
گڏ رهندو هو وسرندو ڪونه، پر سدائين ياد رهندو.
امداد هن فاني دنيا مان 27 آگسٽ 2022ع تي وڇڙي ويو
ان جي جدائي نه صرف سحر ۽ سندس ٻار محسوس ڪندا، پر
سڄي سنڌي قوم لاءِ اهو هڪ وڏو صدمو آهي. امداد اڄ
به زنده آهي ۽ هميشه زنده رهندو.
امداد جو نظم آهي ته:
عيد جو چنڊ ته نه آهيان، جو نهارين مون کي،
مان ويل وقت ته نه آهيان، جو پڪارين مون کي.
سندس هيءُ به هڪ نظم آهي جنهن مان ڪجهه مصرعون
پيش ڪجن ٿيون.
مان پريشان سهي، تون ته پريشان نه ٿي،
مون کي حيران ڪري، پاڻ ته حيران نه ٿي.
امداد چوي ٿو ته:
هيروشما جي نالي سان سُڃاتو نه وڃين،
جانور ٿي، ڪو پکي ٿي، مگر انسان نه ٿي.
سلطانه وقاصي
امداد حـُسيني
ان ڏينهن امرپيرزادي جي ڪتاب جي مهورت تي امداد
حُسينيءَ ڳالهايو. ڏهه منٽن جو ڳالهائڻ هو، پر هن
ڄڻ ته ڪيترن ئي ادبي دؤرن جي شاعريءَ کي لفظن ۾
بيان ڪري ڇڏيو هو، اُنهن چند لفظن ۾ ادب جي تاريخ
بيان ڪيل هئي. اهڙي طرح امداد حُسينيءَ جهڙو
تَخليقڪار ئي ڳالهائي سگهي ٿو.
تَخليقڪار جيڪو پاڻ کي زوريءَ نه ٺاهيندو آهي،
تخليقڪار جيڪو بند ڪمري ۾ ويهي چانڊوڪين راتين،
صبح جي خوبصورتي ۽ برسات جي نظارن جو ذڪر اُن ويل
نه لکندو آهي جڏهن سندس ڪمري جي ٻاهران ٽاڪ منجهند
۽ لُڪ پئي لڳندي آهي. بغير مشاهدي جي تصوراتي
دُنيا ۾ ويهي ڪري زوريءَ ڪي سٽون لکڻ وارا شاعر
اڄڪلهه سنڌي ادب ۾ ڊَڀَ جيان اُڀري آيا آهن....
نه سوچين نه لوچين نه وري پڙهن نه ڪَڙهن سڌي سنئين
نثر جي سٽ کي هيٺ مٿي ڪري چون اَسان وڏا شاعر
آهيون.... اُنهن جي شاعريءَ ۾ نه سوچ هوندي آهي نه
لفظن جي بيهڪ هوندي آهي نه وري اندر جا اُڌما
هوندا آهن...... بس سٽون هونديون آهن هيٺ مٿي
لکيل!
ها مون ڳالهه پئي ڪئي امداد حُسينيءَ جي، جيڪو
اَسان سڀني جو پنهنجو آهي، ڏات ڌڻي آهي، شاعري اُن
جي مٿان اُوهيرن وانگر ڪرندي آهي، هُو پنهنجي جذبن
کي لکي ڪري اَندر جي اُوٻر ڪڍندو آهي، ها پر مان
اهو ضرور چوندس ته اها اندر جي اُوٻر ڪڍڻ وقت
امداد حُسينيءَ جي اندر ۾ اُن جي ذهن ۾ هڪ خزانو
هوندو آهي. اهو خزانو اَدبي ڪتابن جو دُنيا جي
تجربن ۽ ماڻهن جي کاڄ جو هوندو آهي. امداد
حُسينيءَ جي تقرير جون چند سٽون به اُنهن اديبن
لاءِ هڪ پيغام آهي ته توهان تيستائين سگهارو ادب
تخليق نه ٿا ڪري سگهو جيستائين توهان ادب نه ٿا
پڙهو.....
امداد حُسينيءَ جو اصل نالو امداد علي شاهه ولد
فضل محمد شاهه آهي. پاڻ ڏهين مارچ 1941ع ۾ ٽکڙ
تعلقي ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو آهي. سنڌ يونيورسٽي
مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيل اٿس. امداد حُسينيءَ کي
مان سالن کان وٺي سُڃاڻان پر پوءِ به امداد
حُسينيءَ تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪي اديب فطرتن
ارڏا هوندا آهن. پاڻ مرادو بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر
اُڇلائي تحرڪ پيدا ڪندا آهن. هروڀرو پنهنجو پاڻ کي
پتنگن جيان اچي آڳ ۾ وجهندا آهن. امداد حُسينيءَ
جي لَکڻ واري ابتدائي دور ۽ اڄ تائين اسان سنڌيءَ
جو هڪڙو ئي مَرثيو آهي. هڪ ئي گڏيل ڏُک آهي، جيڪو
سنڌين جي فطرت ۾ گهر ڪري ويو آهي اُهو آهي ڌرتي ۽
ڌرتي واسين سان مُحبت. اُهو ڌرتيءَ جو درد سنڌي
اديب کي نصيب ۾ لکيل مليو آهي:
سڀ ليکا چوکا لاهيندي،
هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي،
ڌارين کي ته شراب پيارين،
پنهنجن جو رت پئين تون،
ڌڻي نڌڻڪا ڪري ڇڏيئي ڙي
بي ڏوهين کي ڏوهه ڏين تون.
هيءُ شعر ڪي ڏهاڪا اَڳ جو لکيل آهي، پر لڳي ٿو ته
امداد حُسيني ڄڻ ته اڄ جي حالتن تي لکيو آهي......
ڇا بدليو آهي؟ ڪجهه به نه بدليو آهي. سنڌ واسي اڃا
به ڌڪجي پوئتي ٿي ويا آهن....
مان توکي دانگي ڪيئن چوان؟
دانگيءَ تي ڍوڍو به اُٿلي ٿو،
دانگيءَ تي ته ڦلا به ٽڙن ٿا.
مان توکي دانگي ڪيئن چوان؟
ها پر تنهنجي لاءِ اهو مان ڪري سگهان ٿو،
اوري آءُ ته دانگي تنهنجي منهن تي مليان.
پڙهو ڏسو ۽ سمجهو ته اسان سنڌ واسين لاءِ ڪابه
تبديلي نه آئي آهي. سالن کان وٺي اسان جا شاعر.
ڪهاڻيڪار مُنهن مَٿو پٽي پنهنجي عوام کي جاڳائڻ،
شعور ڏيڻ، علم حاصل ڪرڻ جو سبق ڏيندا رهيا آهن،
حاصل ڇا ٿيو آهي؟ ڪجهه به نه....! اَڄ به اسان
سياسي طور اَجگرن جي وات ۾ آهيون. معاشي طور بدحال
آهيون، علمي طور بيڪار آهيون.
امداد حُسينيءَ سان حيدرآباد کان وٺي منهنجو محبت
۽ احترام جو رشتو آهي. اُن حيدرآباد واري دؤر ۾ ڪي
ڏهاڪا اڳ امداد حُسينيءَ جي ڏنل انٽرويوءَ مان
ڪجهه مواد منهنجي ڊائريءَ ۾ لکيل آهي..... اُن ۾
چوي ٿو ”شاعريءَ ۾ منهنجو خيال آهي ته
Poetic Sense
ضروري آهي جيستائين پابند شاعريءَ جو تعلق آهي ته
(رڳو اُن تي شاعريءَ جو ليبل لڳل آهي ته) رباعي جي
فارم ۾ جيڪڏهن طب جو ڪو نسخو لکيو وڃي ته ڇا اسين
اُن کي شاعري سمجهنداسين....؟ شيخ اياز جو نثري يا
شعري نثر
(Poetic Prose)
ڪافي ڇپجي چڪو آهي. ان تي ايم.يو.ملڪاڻي گهڻي
تنقيد ڪئي هئي ته اُهو شعر نه آهي نظماڻو نثر آهي.
مان سمجهان ٿو ته ملڪاڻي غلط هو. اِهي شيون پنهنجي
جاءِ تي مڪمل شاعري آهن. ان جا نوان سٽاءِ نئين
شاعريءَ کي نئين موڙ ڏيندا. نئين نظم ۾ به اهو ئي
Poetic Sense
آهي. ان لاءِ مان سلطانه وقاصيءَ جو نالو وٺندس هن
کي نئين نظم چوڻ جو ڏانءُ آهي......!
ان انٽرويوءَ ۾ ٻئي هنڌ چوي ٿو ته ”نئون شاعر اڃا
تائين نه اُڀريو آهي، جيڪو صحي معنيٰ ۾ پاڻ کي
مڃرائي سگهي. وڏا نالا ته گهڻا آهن، پر نون شاعرن
۾ سلطانه وقاصي ۽ شبنم موتيءَ مان اميدون رکي
سگهجن ٿيون، پر شرط اِهو آهي ته اُهي مسلسل
لکنديون رهن.
هيءُ انٽرويو اُن دؤر جو آهي، جڏهن اَڃا مون شاعري
لکڻ شروع ڪئي هئي. امداد حُسينيءَ جا چيل هيءُ لفظ
منهنجي وڏي همت افزائي هئي. اهڙي ئي همت افزائي
آڱر کان وٺي دڳ تي لائيندي آهي ۽ لکندڙ اُتساهه
سان اُن منزل جو راهي ٿيندو آهي. هڪ دفعو پنهنجي
هڪ تقرير ۾ امداد حسيني منهنجي هن شعر جو ذڪر ڪيو.
اونداهيءَ ۾،
هڪ ڏيئڙي،
پنهنجي روشني سان،
اونداهيءَ کي،
اڃا وڌيڪ،
تاريڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
هن شعر جو حوالو ڏيئي امداد حُسينيءَ چيو ته مان
سوچيندو رهيس ته سلطانه وقاصي هيءُ شعر ڪيئن لکيو؟
اڃا ته نئين شاعره آهي، پر سندس سوچ جي اُڏام ايڏي
گهري آهي. اُن ئي پروگرام ۾ اُن مون کان وري پڇيو
ته سلطانه تنهنجو هڪ ٻيو به شعر آهي:
اُهي قبرون......؟
جن تي،
ڪوبه نالو نه آهي؟
اُهي سڀ،
منهنجون آهن....
امداد حُسينيءَ جو اهو سوال هو ته ههڙا نظم ڪيئن
ٿي لکين؟ اُن وقت تنهنجي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي؟
مان صفا ماٺ، جواب ئي ڪونه ڏنم پوءِ پاڻ ئي کِلي
چيائين متان مون سان اهڙا سوال ڪيا اٿئي ڇو ته ڪن
سوالن جو جواب ئي نه هوندو آهي.
امداد حُسينيءَ ۽ ٻين ڪيترن رهبرن جي منهنجي لاءِ
اهڙي سوچ رکڻ منهنجي لاءِ اعزاز هو. اُن ڪري ئي ته
هنن ڏکين رستن، پيچرن، ادبي ڀڃ ڊاهه ۾ مان هلندي
رهيس.
امداد حسينيءَ ڪهاڻيون به لکيون آهن جن مان ٻه مون
کي ياد آهن ’ڳالهيون سلڻ نه جهڙيون‘، ’حق
بخشرائڻ.‘ امداد حُسينيءَ جو حيدرآباد ريڊيو
اسٽيشن تي سندس لکيل پروگرام ”جهڙا گل گلاب جا“،
جو عنوان شاهه لطيف جي بيت مان هو.
هڪ انٽرويوءَ ۾ پنهنجي لاءِ چيو اٿس،
”جيتري قدر منهنجو تعلق آهي. مون کي خبر ئي ڪانه
پوندي آهي. بس ڪنهن وقت اوچتو ڪنهن جي ياد اچي
ويندي آهي. هروڀرو به اهڙي طرح ڪا سٽ، سَٽ ڏيئي
اُڀري پوندي آهي ته مان شعر چوندو آهيان. اهڙي
ڪيفيت ڪٿي به ڪڏهن به ٿي سگهي ٿي. ميلي ۾ مان تنها
هوندو آهيان. اهڙي ڪيفيت ۾ راتين جون راتيون ننڊ
نه ايندي آهي:
آنڌ مانڌ سوچ لوچ،
ڇا لکان؟
صليب ٺاهي ٿو ڇڏيان.
امداد حُسينيءَ درجي بنديءَ جو قائل نه آهي، سندس
نظر ۾ ليکڪ صرف ليکڪ آهي. ان اهو به چيو آهي ته ون
يونٽ کان پوءِ اسان جي ڇوڪرين ۾ جيڪا سجاڳي آئي
آهي مان اُن جي آجيان ڪيان ٿو. خيرالنساء ته
زبردست ڪهاڻيڪاره آهي ۽ تنوير جوڻيجي کي نئين
ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءَ آهي.
هڪ ڏاڍي صحي ڳالهه امداد حُسينيءَ چئي آهي ته نئين
ٽهيءَ جي اديبن کي اَدب ضرور پڙهڻ گهرجي، خاص ڪري
پنهنجو لوڪ ادب، ڪلاسيڪي ۽ نئون اَدب، ٻاهرين
ٻولين جو ادب، سچي ڳالهه ته اها آهي ته سنڌي ادب ۾
سڄي رنگا رنگي نون لکندڙن سان ئي آهي. هُو لکي ٿو
ته کيسي جي خرچيءَ مان اديب ڪتاب ڇپائي ٿو ۽ پاڻ
ئي ورهائي ٿو. ڪيترا سال اڳ امداد حسينيءَ جون
هيءَ چيل ڳالهيون ڪيتريون نه سچيون آهن. اڄ به
اسان جا حال اوهڙائي آهن.
گهنج پئجي ويا آهن منهنجي پيشانيءَ تي،
مان سڄي عمر رليو آهيان شهر شهر ڪري،
مون کي هر شهر نئين سوچ ڏني، لوچ ڏني،
ذهن ۽ ذهن ۾ هر سوچ ويئي قهر ڪري.
لساني فسادن ۽ دهشت واري ماحول ۾ حيدرآباد شهر تي
سندس لکيل طويل نظم به تاريخ جو حصو آهي. اڄ
منهنجو توهان جو امداد حُسيني اسان سان گڏ آهي اچو
ته گڏجي ان کي مڃتا ڏيون. ان کان ڪجهه ٻڌون، ڪجهه
پرايون.
ھي مضمون جڏھن مان لکيو ھو اُن ويل سائين امداد
حُسيني اسان سان گڏ ھو .ھاڻ ھو اسان کان وڇڙيو آھي
پر وسريو نه آھي. ادب جو پانڌيئڙو ھڪ وڏو لکاري
ادب جي دُنيا جو پنڌ پورو ڪري پويان ايندڙن لاءِ
رستو ٺاھي ويو آھي...امداد حُسيني اُن دور جو
لکاري آھي جڏھن سنڌي اديب ھڪ راهه جا راھي هئا.
سنڌ جي مسعلن سندن ھٿ جُڙيل ۽ پنڌ گڏيل ھو... مفاد
پرستي ۽ اَنا ڪنھن ۾ به ڪون ھئي. قلم ۽ جيل اُنھن
جا ساٿي ھئا. نه لکڻ جو ڊپ نه ڪنھن ڏاڍي جي
پرواهه... امداد حُسيني جت به آھي پر سنڌ ڌرتي ۽
سنڌي ادب ۾ سندس ناءُ نه وسارڻ جھڙو آھي.
نسرين الطاف
زندگي سچ به فنا جو نالو آھي،
جيڪو بشر ان روءِ
زمين تي آيو آھي تنهن جو مستقل هي مسڪن ڪونهي بس
آزمائشي ٽرانسميشن وانگر اڃان دنيا کي سمجهي ئي مس
ته
موٽڻ جا سانباها ڪر کڻي ٿا بيهن ۽ آخر هڪ ڏينهن
ڪجھ به پاڻ سان نه
کڻي ويندڙ انسان گمنام ٿي وڃي ٿو.
زندگي جيڪا ڏکن سکن جو مجموعو آھي سا رڳو ڪاميابيءَ سان گذاري وڃڻ ئي ڪمال آھي.
اک ڇنڀ جو هيءُ
سفر کٽڻ کان پوءِ
رهجي وڃي ٿو انسان جو نالو سو به
انهن جو جن هن سماج ۾ پيار محبت ۽ انسانيت سان گڏ
ان سماج ۾ ڪو پنهنجو حصو ملايو هجي پوءِ ڀلي اهو ڪهڙي به شڪل ۾ هجي.
انسان جڏهن سڀني کي وڇوڙن جا ورلاپ ڏئي پنهنجي
ازلي مقام ڏانهن ڏور هليو وڃي ٿو پويان رهجي وڃن
ٿيون ان جون يادون ان جون ساروڻيون.
وساريان تان نه وسرن
سچ به امداد حُسيني
نالي جو ته
امداد هو، پر سچ ته هُو
پنهنجي دل مان محبتن جي امداد مسڪراھٽن سان گڏ هر
ڪنهن تي نڇاور ڪندو
هو. ان ڪري ته چيائين:
توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا،
بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ.
امداد حُسيني ورسٽائيل ليکڪ هو. گيت غزل ۽ نظم جو ته هُو
شاعر هو،
پر ان سان گڏ هڪ بهترين گيتڪار،
گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکندڙ،
سندس ٻارن لاءِ
لکيل گيت اسان جي درسي ڪتابن ۾ شامل آھن.
سڀ کان ڏکيو ٻارن لاءِ
لکڻ آھي. ٻارن جي لاءِ لکڻ لاءِ
ليکڪ کي ٻار جي سوچ واري ليول تي اچڻو
پوندو آھي،
۽ امداد حسيني ته سچ ۾ ڏاڍو معصوم سهڻي مسڪراهٽ سان ملڻ جو
ان جو دلنشين انداز وسري نٿو.
منهنجي پسنديده گيتن ۾
’مون
جڏهن ڪو ڏيئو جلايو
آ‘
آھي. مان کيس کلي چوندي هئس
’منهنجي سڄي شاعري توهان کڻو مون
کي رڳو ڏيئو ڏيو‘ ان ڳالهه
تي هُو وڏا ٽهڪ ڏيندي هجت مان چوندو هو
’هڪ ڏيئو ڇو منهنجي سڄي شاعري کڻ‘.
هڪ ڀيرو سنڌي لينگئيج
اٿارٽيءَ
۾ امداد حُسيني جي سالگره ملهائي وئي هئي، تڏهن هُو تازو ڪراچي شفٽ ٿيو هو، تنهن ۾ نيازپنهور
ڏاڍي حجئتي ۽ خوبصورت نموني امداد جي شخصيت تي
ڳالهائيندي چيو، امداد هميشه خوبصورت انسانن تي عاشق رهيو.
اندر ۾ ڏاڍو معصوم آھي جو جيڪڏهن
ادي سحر نه هجيس
ها
ته
شادين جي فل نه
ته اڌ سينچري ضرور مڪمل ڪري هان. سٺي ۽ سهڻي شيءِ کي پسند ڪرڻ هر انسان جي فطرت ۾ شامل هوندو آھي، پر شاعر جي اک ۾ اها پرک وڌيڪ هوندي آھي
تڏهن ته
هُو لطيف جذبن سان ان جو اظھار ڪندو آھي.
امداد جا گيت جيڪي تمام بهترين فنڪارن
ڳايا ۽ پنهنجي وقت ۾ ته
تمام گهڻا مشهور ٿيا،
پر اڄ به اهي گيت روح جي تارن کي ڇهي وٺندا آھن.
ڪاري ڪاري رات مٿان برسات ن وڃ اڄ رات رهي
پئو،
ڪاش مان چنڊ ھجان تنهنجي اڱڻ تي اڀران،
يا مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ زور ڪيڏو هوا
لڳايو آ.
۽ ٻيا ڪيترائي خوبصورت گيت جيڪي هر دل جي احساسن جي ترجماني ڪن ٿا.
شاعريءَ کانسواءِ
ڪهاڻي کيتر ۾ به
سندس ڪهاڻين مڃتا ماڻيءَ
سانول جي نالي سان سندس ڪهاڻيون يادگار بنجي سنڌي
ادب جي ڪهاڻين واري حصي ۾ پنهنجي جاءِ والارين ٿيون
هڪ ڀيري مون سائين امداد کان پڇيو توهان
ڪهاڻيون امداد حُسينيءَ جي نالي سان ڇو نه لکيون سانول جي نالي سان ڇو۔۔۔۔۔۔۔
تڏهن حسب دستور سهڻي مرڪ سان مرڪندي جواب
ڏنائين.
سانول جي پيڙا امداد جي پيڙا کان وڌيڪ هئي تڏهن
ڊگهيون ڪهاڻيون سرجيون.
منهنجي خوشقسمتي رهي سائين امداد سان کوڙ ملاقاتون رهيون. منهنجي ڪتاب:
’رڻ
رڙيون ٿو ڪري‘
جو مهاڳ سائين امداد لکيو،
مون فون تي کين مهاڳ لکڻ جي گذارش ڪئي،
جيڪا قبول ڪيائون
۽
مون چيو
’سر ڪجھ غزل موڪليان واٽس اپ تي توهان کي‘ سائينءَ چيو،
’پورو مسودو موڪل مان ان کي پڙھندس‘ جيڪي ڪميون ڪوتاهيون هونديون صحيح ڪندس
’پوءِ مهاڳ لکندس‘
۽ ڪتاب ڇپجڻ لاء پبلشر کي ڏجو.
مون مسودو موڪليو.
ڪجھ ڏينهن کانپوءِ اصلاح ٿيل شاعري مهاڳ سان گڏ مون
تائين پهتي ۽ مڪمل غزلن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ڇپيو. نهايت افسوس اسان عورتن جي وڏي بدقسمتي ته شاعريءَ جي اصلاح
ڪندڙ شاعر ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ
اهو ڪتاب پاڻ ڏانهن منسوب ڪندا آھن،
پر خانداني ۽ نسلي ماڻھون ائين نه
ڪندو.
مان اڄ ٻڌايان پئي ته
مان خوشقسمت هئس،
جو منهنجي ٻئي ڪتاب جي اصلاح سائينءَ
امداد ڪئي،
جيڪو مون لاءِ اعزاز آھي، پر پاڻ ڪڏهن ان ڳالھ کي نه پچاريائون.
منهنجن ٻن ڪتابن
’درد جي ڇانو ۾ ۽
’رڻ رڙيون ٿو ڪري‘ جو مهورت
’خانه
بدوش ڪيفي‘
۾ رکيم. ان پروگرام جي صدارت امداد حسينيءَ کي ڪرڻي هئي، مون
کي
سائينءَ
امداد جو تعمير حسين جي آواز ۾ ڳايل
گيت
تمام گهڻو پسند آھي،
سو
مون تعمير حسين کي ڪتابن جي مهورت ۾ ڳائڻ لاءِ بڪ
چيو ان لاءِ
ته ان غزل جو شاعر امداد حُسيني موجود هجي ۽ ان غزل کي تعمير حسين
کان ٻڌجي،
پر اها خواهش دل ۾ ئي رهجي وئي.
سائين
امداد ڪنهن مجبوريءَ سبب ان پروگرام نه اچي سگهيا.
سائين
امداد سچ ته
سهڻي ليکڪ کان وڌيڪ ڏاڍو بهترين انسان به
هو.
سندس وڇوڙو اسان سڀني لاءِ ڏاڍو ڏکائيندڙ آھي، پر هلڻو سڀني کي آھي ان پار اڄ يا سڀاڻ، پر ڪن ماڻھن جو وڇوڙو سچ به ڏک جو سبب هوندو آھي.
نصير مرزا
هل ته ڪنهن مئڪدي تي هلون
ڪو مون کان پُڇي ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مون ناچيز
پڙهندڙ لکندڙ جو پسنديده ترين ۽ رول ماڊل شاعر
ڪير! ته ان جو جواب آهي. صرف امداد حسيني ۽ ويهين
صديءَ جي جديد تر سنڌي شاعريءَ جو هيءُ ئي ته اهو
جهومندڙ مور ۽ ٽرينڊ سيٽر ڪويتا ڪار، جنهن پنهنجي
ڌار رومانوي ۽ جديد حسيت واري ڊڪشن سان اياز،
نياز، تنوير ۽ شمشير جهڙن جانئٽ شاعرن وچ ۾ پنهنجي
ڪلادار قلم کي علم وانگر بلند ڪري ڏيکاريو آهي.
آئون ڀانئيان ته اها خود امداد جي به وڏائي آهي جو
پنهنجي دور جي هر وڏي پيشرَو کي هن والهانه
واکاڻيو پئي آهي ۽ خاص طرح سان پنهنجي ٻن سينيئرز
کي هن هيءُ ڪهڙي نه شاندار مڃتا ڏيندي چيو، ”ڪجهه
نه هجي سنڌي ٻوليءَ ۾، اياز شيام آهي ئي آهي.“ ان
بعد هاڻي هي به پڙهو ته رسالو شاهه لطيف جو آڏو
رکي امداد هي عقيدت منجهان ڇا ته چوي پيو: ”لطيف
هوندي ڇا جو ڀؤ، سورج هوندي ڪهڙو انڌ؟“ ۽ ان سان
گڏ ئي هن جو هيءُ به اعتراف، سنڌڙي، سُر، سنگيت،
سُڳنڌ، مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ.“ گڏوگڏ پنهنجي
شاعراڻي انا جي وياکيا طور صرف اسان کي ئي نه خود
پاڻ کي به ياد ڪرائيندي هيءُ به چوڻ ته. ”ڪارونجهر
ٿجان امداد، جهُڪي وڃي سو ڪهڙو ڪنڌ.“
ڪو پيشانيءَ ۾ گهنج نه وجهي ته چوان سنڌ ۾ ڪلاسڪ،
نيوڪلاسڪ يا ويندي ويهين صديءَ جي روايتي شاعريءَ
جا جيڪي به ”سامي سج وڙاءُ“ هئا، اهي ته وکون
ويڙهي ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ لهي چُڪا. تڏهن ايڪهين
صديءَ جي آسمان تي ڪنيئي حال حيات ستارن وچ ۾ هيءُ
اسان جو امداد ئي ته آهي، دور حاضر جي سنڌي شاعرن
۾ ”سامي سج وڙاءُ“
سچ پڇو جڏهن کان ادب ۾ مون اکيون کوليون آهن، مون
ته هر پاسي کان هيءُ آواز پئي ٻُڌا، هُو وحدت
الوجود شاعر، هُو وحدت الشهود، فلاڻو، ترقي پسند،
فلاڻو روايت پسند، فلاڻو رجعت پسند يا هو ساڄي ڌر
۽ هو کاٻي ڌر جو شاعر ۽ هاڻي يقين ڪريو، هن پنهنجي
امداد کي مون جڏهن جڏهن پڙهڻ شروع ڪيو ته ڄاتو هو
نه ساڄي ڌر، نه کاٻي ڌر، بلڪ پنهنجي ئي ڌر ۽ اهڙو
ته منفرد ۽ جديد جينئس شاعر جنهن جي ڪويتا ڄڻ
پنهنجي آڻت ۾ نيو ڪلاسڪ به ته لوڪ. ڪلاسڪ ۽ جديد
حِسيت جو سنگم به. ڄڻ سڀ ڌارائون هن حقن شاعريءَ ۾
رلمل، هتي هيءُ به لکندي مون کي ڪا هَٻڪ نٿي ٿئي
ويهين صديءَ جي ڪيترن ئي وڏن شاعرن بابت مون کي
وهم ته، انهن وسيع مطالعي آڌار ۽ ڪوشش وٺي پئي
شاعريءَ ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. هونئن به اڄ اردو يا
سنڌيءَ ۾ گهڻائي اهڙن ئي شاعرن جي ته آهي، جيڪي
ڏات بدران ڏانءَ آڌار شاعري ڪندا ٿا رهن، قطع نظر
اهڙن سڀني شاعرن جي، منهنجي آڏو امداد حسيني قدرتي
شاعر آهي بنهه پراچين يُگ جي ڀرتري هري، امارو،
اوڌو، چندي داس يا ميرا جيءُ جهڙو خالص ۽ جينئس
شاعر، جنهن چيو هو:
آئون جُڳن کان جاڳيو آهيان،
تولئه گيت رچڻ ٿو چاهيان
لفظ ملن ته لکان.....
تنهنجا سپنا، ننڊ اچي ته ڏسان
پنجاهه ورهيه اڳ امداد جڏهن ڦوهه جوان هو ۽
اڪيلو.... يا هاڻي جڏهن محفلن، ميلن ۽ جهملين ۾
سگريٽن جي دونهين ۾ هن کي تحليل ٿيندي آئون ڏسندو
آهيان ۽ پنهنجي گيان ڌيان ۾ گم، تڏهن تصور ۾ اچي
ويندا اٿم، کاجوراءِ جي گٿائن ۽ جنتا ايلورا اندر
جن چترڪارن چتر چٽيا هئا، ديوارن تي مجسما ڪنده
ڪيا هئا. اهي به اهڙا ئي ته هوندا، جهڙو هيءُ اسان
جو امداد آهي. کيس جڏهن جڏهن به ڏسان، سندس هي شعر
مون کي ضرور ياد اچي ويندو آهي.
ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي
ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي
اڄ مُڙي ماضيءَ ڏانهن ٿو ڏسان، جڏهن آئون به ڇوڪرو
هئس ۽ امداد ڦوهه جوان ۽ جڏهن هن وانگر منهنجي
پيرن جي هيٺان به عشق جا ڪاوا اُڀا هئا ۽ محبوبائن
جو، هوا مثل خرام هو، ان وقت ڪنهن رسالي کي امداد
جي پهرئين شعري مجموعي ”امداد آهي رول“ جي پبلسٽي
اشتهار پڙهيو هئم.
منهنجو ڪوئي گهر ڪونهي ڪو،
مون کي هُن جي گهر پهچايو.
۽ گڏوگڏ هيءَ سٽ به:
آئون جهليان ٿو جهول، تون موتي ائين نه رول
تڏهن اسين گول بلڊنگ لڳ سوسائٽيءَ واري هاءِ اسڪول
۾ پڙهندا هئاسين ۽ دراز قامت امداد کي صدر ۽ کوکر
پاڙي واري علائقي ۾ نڀور ڪارين، اڌ جاڳيل ۽
ننڊاکڙين اکين سان مور چال مثل هلوتاڻي ۾ ئي پيا
ڏسندا هئاسين تڏهن ان ايريا ۽ آسپاس ۾ ڪيتريون نه
هوٽلون هونديون هيون.
”ڪراچي ريسٽورينٽ“، ”ڪيفي جارج“، ”ڪيفي شيزان“،
”جبيس “اسٽار لائيٽ“ ۽ جن جي ٽيبلن تي امداد ۽ ان
جي منڊليءَ جا ساٿي عبدالحق عالماڻي، ماڻڪ، علي
بابا، شوڪت حسين شورو ۽ مشتاق شورو اڪثر پيا نظر
ايندا هئا، تڏهن اهڙين هوٽلن ۾ راتيون به ته
جاڳنديون هيون ۽ لڳندو هو هي سڀ دوست ۽ البيلا
ليکڪ انهن ٽيبلن تي ويٺي ويٺي ئي حياتيون گذاري
ڇڏيندا.
تڏهن ان زماني ۾ ٽماهي ”مهراڻ“، ’روح رهاڻ‘ ۽
’سهڻي‘ رسالي تي به ڇا ته جوڀن هو، جن ۾ امداد جي
نظمن جي به ڇا ته ڀل ڀلان.....
رات آهي اماس،
روح آهي اداس،
آهي ڏاڍي پياس،
هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون
پوءِ ون يونٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هاڃا شروع ٿيڻ
واري دور ۾ امداد جي هيءَ سٽ مون پڙهي:
سنڌ جي سَڏ ۾ سڏ جيڪو نه ڏي.
سنڌ جي سَڏَ ۾ سڏ جيڪو نه ڏي
ڪوڙهيو ٿي مري.
۽ گڏوگڏ سندس هي دوهو به ته مون هر هڪ جي واتان
ٻُڌو پئي:
مسجد ۾ ملي ٻانگ ۽ ديول ۾ وڳا گهنڊ
هن شهر جي ماڻهن کي اڃان ننڊ، اڃا ننڊ
هتي هيءَ به حقيقت ۽ سچي ڳالهه ته جديد سنڌي
شاعريءَ ۾ صنفن جي گهاڙيٽي ۾ ويرائٽي ۽ انهن ۾ آرٽ
ڪرافٽ جي جادوگري ۽ اها ته بس امداد تي ئي ختم هئي
۽ ڀرتيءَ جي لفظن کان پرهيز ۽ منڊيءَ تي ٽڪ بحرن
وزن ۾ ٽو دي پوائنٽ ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهه ۽ اهو ئي ته
امداد جي شاعريءَ جو وڏو گڻ لڳندو هئم. مثال طور:
شاعري ۾ غزل جو فارم ته صدين کان ساڳيو آهي، پر
غزل جي ڊڪشن ۾ امداد، جيڪا جدت ۽ نواڻ آندي، ان جي
ڪهڙي ڳالهه ڪريان!
مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ
ڪجهه به سرجڻ يا تخليق ڪرڻ جو عمل ڪيترو نه
پيڙاتمڪ هوندو آهي،
امداد پنهنجي هڪ شعر ۾ ان جي خبر اسان کي هن ريت
ڏني آهي:
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ، ايترو سولو ناهي
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي
ائين ترائيل صنف ۾ امداد جون نواڻ ارپيندڙ هيءَ
سِٽون ڏسو:
بسنت رت ۾ هيڊو چهرو ڪين ٺهي ٿو، پيارا،
چهري تي رانڀوٽا پائي لال گلال ڪري ڇڏ
يا.....
وري ملون نه ملون زندگي رهي نه رهي،
ٻُڪن ۾ مُک جهلي جي ڀري ڏسي ته وٺون
امداد جي هڪ دلفريب گيت جو هيءُ بند ڏسو:
ڪهڙي ڪم جو آهي جيون
جاڙ جيئان ٿو جاني تو بن
زهر ملي ته پيان.....
سندس ٻئي شاهڪار گيت جو هيءُ مصرع به ڇا ته
آرٽسٽڪ!
جيئن ٿي ڦٿڪان، تيئن ٿي ڦاسان،
سوگهي آهيان چئني پاسان،
پيار ته آهي پَٽ جي ڏور
هاڻي هيءَ ڳالهه به عالم آشڪار ته ڪنهن به ٻوليءَ
جو شاعر جيڪڏهن روماني شاعر آهي ۽ خوش بختيءَ سان
سندس جي پرسنالٽي به موهيندڙ ته صنف نازڪ جي وچ ۾
اهو راجا اندر ته سڀاويڪ ئي بڻجي ويندو آهي، ان ڏس
۾ پريمي ڪائن يا شريڪ حيات جي پسمنظر ۾ امداد جون
هيءُ خوبصورت سٽون پڙهو:
مون کي اپ سيٽ ڪري.
سيٽ ڪري پئي ڪمرو
ياد اٿم، ڪنهن وقت سحرامداد صاحبه لکيو هو:
سڄڻي هان امداد جي،
سحر سندم آ نانءُ
تڏهن رومانوي شاعر امداد پنهنجي انهيءَ شريڪ حيات
لاءِ جوابن لکيو هو:
سحر امداد سڄڻ، ٻيو ته سڄو لوڪ ڏڄڻ
۽ سڄڻ ريءَ سَرڻ، ايترو سولو ناهي.
(10 مارچ تي امداد حُسينيءَ جي هين 82 سالگره جي
|