امداد حـُسينيءَ جي جديد نظم نگاريءَ جو تحقيقي
جائزو
پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف’شاد
جديد دور ۾ ويهين صديءَ جي شاعريءَ جي صنفن ۾ جيڪا
ترقي جديد نظم ڪئي آهي، سا ٻئي ڪنهن صنف شايد نه
به ڪئي هجي. جديد نظم جا ڪيئي روپ سامهون آيا آهن،
جديد نظم جا ڪيئي قسم آهن، جن جي الڳ الڳ سڃاڻپ
آهي، جيڪي پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل صنف طور سڃاتا
وڃن ٿا، انهيءَ ڪري هرهڪ جو نمونو پنهنجي جاءِ تي
هڪ جداگانه حيثيت جو حامل آهي.
جديد نظم جي صنفن ۾ پابند نظم
(Poem)،
آزاد نظم (FREE
VERSE)
بنا قافيي نظم
(BLANK
VERSE)،
نثري نظم
(Prose
Poem)،
سانيٽ
(SONNET)،
ترائيل
(TROILET)،
ٽنڪا
(TANKA)،
هائيڪو
(HAIKO)
يا ٽيڙو، رينگا
(RENGA)
۽ تجريدي نظم
(ABSTRACT POEM)
وغيره آهن. ان کان سواءِ پابند نظم جا به قسم آهن،
جن مان طويل نظم يا بندن جو نظم
(STANZA
POEM)
وغيره اچي وڃن ٿا.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ امداد حُسيني هڪ روشن ستاري
جيان آهي. خاص طور تي جديد نظم جي حوالي سان اهم
آهي. سندس جديد نظم لاءِ ڪيل جاکوڙ ۽ جستجو جوان
رهندي. امداد آزاد نظم جي شروعاتي ليکڪن مان هڪ
آهي. هن ڀرپور ڪامياب آزاد نظم تخليق ڪيا آهن. نظم
۾ ڳنڀير تجربا ڪيا آهن. غزل جو ته البيلو شاعر
آهي. هن وٽ آفاقي علامتون آهن. جنهن ڪري شاعري
ڪنهن هڪ وقت ۽ گروهه لاءِ نه ٿي رهي. کيس بين
الاقوامي شعور آهي. هن شعور جي شمع روشن ڪئي آهي.
سندس لفظن جي تور تڪ ۽ ردم جو عڪس چٽو پٽو ڏسڻ ۾
اچي ٿو. نظم ۾ سماج جي اوڻاين تي ڪمپيوٽر جهڙي
ڪوڙي نظر رکي آهي.
سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه پنهنجي
آبائي شهر ٽِکڙ ۾ پيدا ٿيو. ادبي نانءُ امداد
حُسيني آهي. سندس ڪجهه لکڻيون سانول جي نالي سان
به شايع ٿيل آهن. ”پرائمري تعليم ٽکڙ، مئٽرڪ نور
محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ بي.اي، ايم.اي سنڌ
يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي.“(1)
ان کانپوءِ نوڪريءَ ۾ گهڙيو، پهريائين سنڌي ادبي
بورڊ ۾ لائبريرين طور به ڪم ڪيو، ان کان پوءِ
سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ٿيو، ان بعد سنڌ
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور مقرر ٿيو.
1977ع کان ڪجهه وقت ٽه ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر
به ٿي رهيو. 1992ع ۾ ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ جي
اضافي چارج به سنڀالي.
پاڻ اسڪول واري دور کان شاعريءَ جي ميدان ۾ پير
پاتو. بنيادي طور امداد حُسيني نظم جو شاعر آهي.
هن جديد نظم جي ميدان ۾ پڻ وڏا تجربا ڪيا آهن.
جنهن ۾ پابند نظم، بنا قافيي نظم، آزاد نظم، نثري
نظم، هائيڪو (ٽيڙو) سانيٽ، ترائيل وغيره تي طبع
آزمائي ڪئي آهي. سندس ادب ۾ ڪردار گهڻو وسيع آهن.
هن تخليق، تاليف، تنقيد، تحقيق ۽ مترجم جي حوالي
سان گهڻو ڪم ڪيو آهي. ان کان علاوه پاڻ ڊارامه،
ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ لکيا. مڃتا طور کوڙ سارا
ايوارڊ ۽ سندون ماڻيون آهن. آگسٽ 2002ع تي صدارتي
تمغو برائي حسن ڪارڪردگي به حاصل ڪيو. ماڻڪ موتي
تنظيم طرفان گولڊ ميڊل ۽ شيلڊ 2000ع ۾ حاصل ڪئي.
امداد جو نالو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊارامه نگار، نقاد،
محقق ۽ مترجم طور ادبي دنيا ۾ ورتو وڃي ٿو. کيس
شاعريءَ جو شوق انگريزي چوٿين درجي کان شروع ٿيو.
مولانا غلام محمد گراميءَ جي حوصله افزائي سان
سندس حوصلو اڃا به وڌيو. ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌيءَ جو
وڏو شاعر ٿي ويو.
”سندس شاعريءَ جي ذوق کي وڌائڻ ۾ بزم
’طالب الموليٰ‘ جو پڻ وڏو دخل آهي. بزم طالب
الموليٰ جي انتظام هيٺ ’امداد‘ پنهنجن ٻن صاحبِ
ذوق عزيزن ڊاڪٽر ’بيخود‘ حُسيني، شبير ’هاتف‘،
حافظ ’ناطق‘ شاهه، ۽ سوز ٽکڙائي سان گڏجي باقاعده
شرڪت ڪندو رهيو. اڳتي هلي بزم طالب الموليٰ جو
سيڪريٽري ٿيو. ان دؤ ۾ امداد هڪ غزل گو شاعر جي
حيثيت سان نمايان شهرت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ وقت
جي تقاضا امداد کي جديد ادب جي قدرن ۽ معيارن جي
قريب آندو ۽ نظم ۽ آزاد نظم لکڻ تي آماده ڪيو.“(2)
امداد حُسيني جديد نظم ۾ جديد هيئت، نئين
اسلوب سان نون تجربن جي ڪري گهڻو مشهور آهي. کيس
نظم تي وڏي دسترس حاصل هئي. هن پابند نظم کان
علاوه بنا قافيي نظم، آزاد نظم، طويل نظم، مختصر
نظم ۽ نثري نظم سرجيا آهن، جيڪي ڏاڍا خوبصورت لکيا
آهن.
جديد دور ۾ شيخ اياز کان پوءِ امداد حُسيني پنهنجي
شاعراڻي شخصيت جو هڪ الڳ ۽ منفرد طريقي سان سنڌي
نظم کي هڪ نئون روپ عطا ڪيو آهي. امداد هر صنف کي
پنهنجي پوري ڪماليت سان ڇُهيو آهي. هن جا نظم
(پابند)، يا آزاد نظم، توڙي بنا قافيي نظم، يا
طويل نظم ۾ ڪيل منفرد تجربا هڪ الڳ حيثيت رکن ٿا.
امداد حُسينيءَ جي جديد نظم نگاريءَ جي طرف
نهاريون ٿا، ته هو اڪيلو نظر اچي ٿو، يعني فني ۽
فڪري حوالي سان سڀني شاعرن کان پنهنجي انفرادي
حيثيت سان الڳ مقام رکي ٿو. هتي امداد جي نظم
نگاري جي ميدان ۾ ڪيل ڪوششن ۽ ڪاوشن جو تحقيقي
جائزو وٺنداسين، جنهن ۾ نظم، مقفيٰ نظم، طويل نظم،
بنا قافيي نظم، آزاد نظم، مختصر نظم ۽ نثري نظم جو
تحقيقي اڀياس شامل آهي.
نظم
(Poem):
نظم سنڌي شاعريءَ جي هڪ انتهائي اهم صنف آهي. نظم
جي صنف شاعر کي اظهار لاءِ وسيع ميدان مهيا ڪري
ٿي. جنهن ۾ ڪيتريون صنفون شامل آهن، جن مان شاعرن
فائدو به ورتو آهي. نظم جيڪو اسان کي سنڌ جي قديم
شاعريءَ ۾ به ملي ٿو. اهو قديم نظم توڙي روايتي
عروضي نظم به پنهنجي ارتقائي تاريخ جو اهم حصو
آهي. هتي امداد جي نظم جي حوالي سان سندس جاچ يا
تحقيق ڪنداسين ته اسان کي جديد نظم جي پيچرن تي
ڊوڙڻو پوندو، جنهن ۾ امداد جا اهي نظم جيڪي پابند
يعني بحر وزن جي تور تڪ تي پورا لهن ۽ سندس ٻولي ۽
فن يا فڪر جديد هجي.
جديديت هڪ تحريڪ ۽ هڪ نظريو آهي، جيڪو پنهنجي پر ۾
وسيع پسمنظر رکي ٿو. بلڪل ائين ئي جيئن ترقي پسندي
هڪ نظريو هو ارتقا پذيري ته شاعريءَ جي مزاج ۾
شامل آهي. هر دور جي شاعريءَ ۾ پنهنجي وقت جو شعور
۽ عڪس يا منظر موجود هوندو آهي.
امداد حُسينيءَ وٽ شاعريءَ جي حوالي سان بلڪل نئون
۽ نڪور نظريو يا شعور آهي، جيڪو کيس سڀني کان الڳ
ڪري بيهاري ٿو. هونئن به جديديت دراصل نئين انداز
جي ڳولا جو نالو آهي. انهيءَ انداز سان ئي امداد
نروار ٿئي ٿو.
امداد حُسينيءَ جي پابند نظم تي نظر ڌريون ٿا، ته
اهي به پنهنجي وقت جي تقاضا موجب جديد نظم جي
دائري ۾ داخل ٿين ٿا. امداد جديد نظم ۾ جديد هيئت،
نئين اسلوب سان نون تجربن جي ڪري گهڻو مشهور آهي.
کيس نظم تي وڏي دسترس حاصل هئي.
”نظم ۾ سندس ٻولي، سادي ۽ سليس انداز بيان، دلڪش ۽
رسيلو آهي. هن جي تجربن ۾ ترنم ۽ نغمگيءَ کي وڏو
دخل آهي. امداد جو شاعراڻو شعور ۽ جماليات جي حس
به لاجواب آهي. هن جا نظم توڙي آزاد نظم ۾ تجربا
فڪر انگريز ۽ اسلوب توڙي هيئت جا انوکا نمونا
آهن... امداد نه رڳو نظم جي روح کي سمجهيو آهي، پر
غم جانان سان گڏ غم دوران جون ٻئي داخلي ۽ خارجي
ڪيفيتون نظم ۾ سمائي انهن کي بامعنيٰ، پراثر ۽
مترنم بنائي ٿو. جن ۾ خيال جي ارتقا، موضوع ۽ تاثر
جي وحدت، ڪمال جي آهي.“(3)
ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي مقالي: ’آزاديءَ
کان پوءِ جديد سنڌي شاعري‘ ۾ لکي ٿو، ته: ”امداد
حُسيني، جديد سنڌي شاعري جي نئين ٽهيءَ جو سرواڻ
آهي. هن جو غزل، نظم، آزاد نظم هڪ نئين اسلوب ۽
نئين
Attitude
جو حامل آهي. هو هر منظر، هر واقعي، هر رويي ۽
حادثي کي نئينءَ ٽهيءَ جي نظر سان ٿو ڏسي، جنهن ۾
حقيقت پسندي ۽ بغاوت ٻئي موجود آهن.“(4)
جديديت جي حوالي سان ڳالهه ڪبي ته اِهو
اظهار جيڪو نئين شائستگي ۽ نئون اسلوب آهي، جيڪو
هر شاعر توڙي ليکڪ وٽ الڳ الڳ آهي. انهيءَ حساب
سان جديديت هڪ نئين تخليقي قوت آهي. جديديت هڪ
نئين تبديلي ۽ تغير آهي، جيڪا پنهنجي دور جي ڪايا
پلٽ آهي. هي هڪ انفرادي طرز تحرير جي تلاش آهي،
جمالياتي حوالي سان نهايت اهم آهي. دراصل جديديت
اسان جي دور جي طبعي ۽ روحاني ابتري ۽ اڪيلائي جو
فني اظهار ۽ ابلاغ آهي، جيڪو هڪ تحريڪ طور تي بين
الاقوامي تحريڪ تحت ارتقا پذير آهي، جيئن هيٺين
ٽڪري ۾ جديديت جي وضاحت ڪئي ويئي آهي:
“Modernism is then the art of modernization
however starts the separation of the artist
from society may have been, however oblige the
artistic gesture he has mede”(5)
اسان وٽ جديديت مغربي جديديت کان منفرد ۽ الڳ آهي.
اسان وٽ جديد اسان جي فن ۽ فڪر جي رنگ ۾ رڱيل آهي،
جنهن کي جداگانه حيثيت حاصل آهي. اسان جي جديد
سنڌي شاعريءَ جي روح ۾ سادگي، سريلائپ ۽ سونهن
سمايل آهي.
سحر امداد، امداد جي پابند نظم جي حوالي سان لکي
ٿي، ته: ”ان دور جي شاعرن پابند نظم کي وسعت
بياني، موضوعاتي رنگيني ۽ هيئتي گوناگوني عطا ڪئي،
جديد شاعريءَ جي اتهاس ۾ امداد حُسينيءَ جا نظم
تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. سٺ جي ڏهاڪي لکيل هن جا
ابتدائي نظم ’الحمرا، شرط، طلوع، بدلو، ماحول ۽
حملو‘ صحيح معنيٰ ۾ جديد نظم هئا ۽ انهن جديد سنڌي
نظم جو منهن مرڪايو.“(6)
امداد حُسينيءَ جو چئن مصرعن جو مثنوي نظم جنهن کي
نئين لولي جو نالو ڏنو ويو آهي. اِهو نظم رسالي
’روح رهاڻ‘ جي ٽائيٽل تي به شايع ٿيو هو، جيڪو ان
وقت جي حساب سان مزاحمتي شاعريءَ جو نهايت خوبصورت
۽ يادگار نظم هو، جنهن ۾ نعري بازي کانسواءِ ئي
انقلابي فَڪر سمايل آهي. هيٺ سندس اِهو نظم ڏجي
ٿو.
منهنجا ٻچڙا جُڳُ جُڳُ جيءُ،
کير جي عيوض ڳوڙها پيءُ.
مانيءَ بدلي گولي کاءُ،
تو تان صدقي تنهنجي ماءُ.(7)
اهڙو ئي مثنوي نظم جي هيئت ۾ اٺن بندن تي مشتمل
’ڏات ڏيي جي لاٽ‘ ۾ اظهار ٿيل آهي. جيئن هن بند ۾
چوي ٿو:
اکيون پوري پي ويو، ڪا زهريلي بات،
هونئن ته آ امداد جي، ڏاڍي ڏُکئي ڏات.“(8)
انهن کان علاوه سندس نظم ’.... دانهن‘،
جنهن جو مطلع طور ٻه مصراعون اچن ٿيون، هن نظم جا
چار بند آهن، هر هڪ بند نَوَنِ مصرعن تي آڌاريل
آهي، يعني نَوَ مصراعو سنڌي نظم، جنهن کي روايتي
يا عروضي نظم ۾ متسع نظم ڪري ڪوٺيو ويو آهي، پر
انهيءَ روايتي گهاڙيٽي جي فن موجب نه آهي، مگر هن
نظم ۾ صرف مصرعن وارو پهلو کڻي، باقي پنهنجي
مرضيءَ موجب تخليق ڪيو ويو آهي. هي نظم پابند ته
آهي، پر مڪمل طور پابندي ناهي ڪئي ويئي، ڄڻ انهيءَ
گهاڙيٽي ۾ نئون تجربو ڪيو ويو آهي، ۽ جديد انداز ۾
مزاحمتي نظم تخليق ڪيو ويو آهي، يعني پهريون ڇهه
مصرعون غزل واري هيئت ۾ آهن، يعني قافيو ۽ رديف هر
ٻي مصرع ۾ اچي ٿو. باقي ٽي مصرعون الڳ رکيون ويو
آهن، جنهن ۾ ٻه مصرعون غزل وانگر ۽ هڪ وراڻي طور
ساڳي مصرع قائم رکي ويئي آهي، جيڪا پوين ٽن مان
غزل واري هيئت ۾ قافيي سان هم قافيه رکي ويئي آهي.
هي تجربو بلڪل نئون آهي.
هيٺ هڪ بند نموني طور ڏجي ٿو:
ڌرتي ساري دان ڏئي ڙي،
ٺڪرٺُو لهي منجهه پينو تو.
ٿڃ لڄايَئه ٿُڪَ هُجئِه،
ڌرتي وڪڻي ڌَنُ ڳنيو تو.
ڇڪي هرڪو سَڱُ ڇنيو تو.
تو مارُن سان سينو ساهيو،
هيءَ توسان سينو ساهيندي.
هيءَ ڌرتي توتي داهيندي...(الخ)(9)
امداد جي شاعريءَ تي اڀياس، سندس گهر
واريءَ سحر امداد ڪيو آهي، جنهن سندس مجموعي ’هوا
جي سامهون‘ ۾ مهاڳ طور ڏنو آهي. تنهن ۾ لکي ٿي،
ته: ”امداد جي نظمن جا گهاڙيٽا، انهن جو سٽاءُ،
انهن جا مختلف وزن پڻ ڌيان لهڻن ٿا: ’تو ته چيو
هو‘ 27 ماترائن جو، ڇند تي آڌارڪ هڪ پابند نظم
آهي. امداد ملڪي توڙي بين الاقوامي طور ڪيترو
باشعور آهي، ان جو اندازو هن جي شاعريءَ مان بخوبي
ڪري سگهجي ٿو.“(10)
امداد مڪمل طور تي جديد شاعر آهي، جنهن
پوريءَ ريت جديد نظم کي اظهار جو وسيلو بڻايو آهي.
سندس نظمن ۾ پابند نظم کان وٺي نثري نظم تائين،
نظم جي مختلف صنفن ۾ پنهنجي پيار ڀري پلٽ ڪئي.
امداد وٽ روايتي نظم بنهه ڪونهي، هن وٽ
نئون اظهار ۽ نئون لاڙو آهي. هن پنهنجو الڳ رستو
اختيار ڪري پنهنجو اسلوب جوڙيو آهي، جيڪو سندس
سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن روايتي عروضي نظم جون هيئتون
ڪتب به آنديون آهن ته به پابند نظم طور هنن ۾
قافين ۽ عروض جي اها روايتي پابندي نه رکي آهي.
رڳو، مصرعن جي ڪري روايتي نظم طرف ڌيان وڃي ٿو.
سندس نظم ماحول ’مربع‘ نظم جي هيئت ۾ آهي، پر هن
نظم ۾ اڪثر ڇند کي استعمال ڪيو آهي، جنهن ۾ مقصديت
۽ فڪر کي مدنظر رکيو آهي.
ٻيو پابند نظم ’نِما شام‘ مثنوي جي هيئت ۾
آهي، ليڪن پڙهبو ته مثنوي نه لڳندي، هڪ نئون انداز
محسوس ڪبو. مطلع طور يا ٿلهه طور پهريون ٻه مصرعون
هڪ بند ۽ ٻيو وچون بند چوڏهن مصرعن جو آهي، جيڪو
پڻ ٻن مصرعن جو پاڻ ۾ هم قافيه طور رکيل آهي، ۽
آخري بند ٻن مصرعن جو آهي، جيڪو پهرين مطلع يا
ٿلهه سان هم قافيه رکيو آهي.
نظم: ’مَنَ موتي‘ مخمس نظم آهي، ليڪن مخمس
گهاڙيٽي واري پابندي ڪونهي. هن نظم ۾ صرف مصرعن جو
ڳاڻاٽو مخمس وارو قائم رکيو آهي. جنهن ۾ ٽي مصرعون
سڀني بندن ۾ ننڍيون ۽ ٻه وڏيون مصراعون آنديون
آهن. پهريون ٽي مصراعون سڀني بندن ۾ هڪ جهڙيون،
ساڳيون ڪتب آنديون آهن، جيڪو هڪ انوکو تجربو ۽
بلڪل نئون طريقو آهي. ۽ اهو ئي جديد نظم جو جديد
روپ آهي. نظم ’سين الف ـــ ب‘ ۾ به اهڙو ئي نئون ۽
انوکو تجربو ملي ٿو. جنهن ۾ جملي ايڪانوي مصراعون
آنديون ويون آهن.
”جدت ۽ نواڻ مان مراد مجهول تجريديت ۾
مفهوم جو گم ٿي وڃڻ ناهي. جدت ۽ نواڻ قديم روايتن
کي نواڻ عطا ڪرڻ به آهي، ته انهن کي نئين رنگ ڍنگ
۽ انداز سان بيان ڪرڻ به آهي. لفظن ۽ ڪردارن کي هڪ
نئون جنم ڏيڻ آهي. ان ريت امداد جي شاعري سنڌ جي
اساسي شاعري، لوڪ توڙي ڪلاسيڪل شاعريءَ مان هڪ
نئون اتساهه ورتو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اهي اهڃاڻ
هڪ نئين معنيٰ ۽ مفهوم کڻي آيا آهن. امداد انهن کي
هڪ نئون جامو ڍڪايو آهي.“(11)
مجموعي طور امداد جي فن وَ فڪر کي ڏسجي
ٿو، هن آمريڪي، شاعر ۽ نقاد ٽي. ايس. ايلٽ وانگر
بلڪل پنهنجو الڳ ٿلڳ رستو اختيار ڪيو آهي، جيڪو
اڳتي هلي نئين نسل کي هڪ نئون نياپو ڏيندو. ايليٽ
به ائين ڪيو ۽ ايلٽ اڄ آمريڪا جو عظيم شاعر ۽ ليکڪ
ليکيو وڃي ٿو.
امداد جو نظم ’رات ـــ راتاهو‘ هڪ مثلث
نظم آهي، جنهن جا يارهن بند آهن، پر انهن جي ترتيب
عروضي نظم ’مثلث‘ واري ترتيب نه آهي، پر پنهنجو
منفرد طريقو آهي، جيڪو سندن فن کي ظاهر ڪري ٿو.
ڪيترن بندن جا قافيا هائيڪي وانگر ملايا آهن، پر
هائيڪو نه آهن.
امداد جا طويل نظم به پابند ملن ٿا، جن ۾
به منفرد انداز قائم رکيو آهي. سندس نظم جنگ
روايتي نظم جي مسدس جهڙو آهي، پر مسدس جي فن موجب
انهيءَ روايت ۽ گهاڙيٽي جي تقليد نه ڪئي آهي. رڳو
مصراعن جو ڳاڻاٽو قائم رکيو آهي، باقي ترتيب
پنهنجي الڳ رکي آهي، جنهن ۾ هڪ مصرع ڇڏي ٻي مصرع ۾
قافيو آندو آهي. يعني هڪ بند ۾ ٽي غزل جا بند رکيا
آهن، جيڪي ملي ڇهه مصراعو يا مسدس ٺاهين ٿا. هن
نظم جا اهڙا ڇهه بند آهن.
نظم ’ڪيتري پياري لڳين ٿي‘ ۾ به هڪ نئون
تجربو ٿو لڳي، جنهن ۾ پهريون بند ٻن مصرعن جو آهي،
جيڪو پاڻ ۾ هم قافيه ۽ هم رديف آهي. باقي ٻيو بند
مخمس، يعني پنجن مصرعن جو آهي.
اهڙي ريت ٻن مصرعن کان پوءِ پنجن مصرعن جو بند
آندو آهي. اهي ٻه مصراعون مذڪوره ٻه مصرعون پهرين
بند واريون دهرايون آهن، جيڪي وراڻي طور ڪم اچن
ٿيون ۽ وڏي ڳالهه اِها آهي، ته انهيءَ نظم جي ٽنهي
بندن جون سڀ مصراعون هم قافيه ۽ هم رديف آهن،
جيڪڏهن انهن کي الڳ الڳ بندن جي صورت ۾ نه رکجي ته
23 مصرعن جو هڪ نظم ٿيندو، جيڪو مسلسل قافيه سان
هلندو اچي ٿو، يعني اهو مقفيٰ نظم ليکبو، جنهن جو
وزن به فاعلاتن تي رکيو آهي. يعني بحر رمل مثمن
محذوف، جنهن مان پتو پوي ٿو، ته شاعر کي بحر وزن
جي مڪمل ڄاڻ حاصل آهي. نظمن ۾ ڪجهه نظم ڇند تي به
آڌاريل آهن. جنهن مان خبر پوي ٿي، ته شاعر علم
عروض ۽ ڇند وديا جي مڪمل ڄاڻ رکي ٿو. شعوري طور
ڇند کي نظم ۾ هڪ تجرباتي طور آندو ويو آهي، سو به
پابند نظم ۾.
امداد حُسيني فني ۽ فڪري طور هڪ منفرد شاعر نظر
اچي ٿو، انهيءَ لحاظ کان سندس پابند نظم ڇنڊ ۽
عروض، ٻنهي تي آڌاريل آهن. جن جي کين مڪمل ڄاڻ
حاصل هئي، جنهن کي اڻ ڄاڻائي، فراريت يا بي راهه
روي نٿو ڪوٺي سگهجي. هيٺ سندس انهيءَ نظم جو نمونو
ڏجي ٿو:
ڪيتري پياري لڳين ٿي...!
”ري ڪجل ڪارين اکين ۾ تون ڪجل پائين جڏهن،
ڪيتري پياري لڳين ٿي هانءُ هرکائين جڏهن.
جيئن نديءَ ۾ لهر اهڙي لهر لهرائين جڏهن،
اکڙين بي شرم اکڙين ساڻ شرمائين جڏهن،
ڌيان جي ڳڙکيءَ منجهان هر هر ليئو پائين جڏهن،
مڌر ۽ مڌم سُرن ۾ گيت ٿي ڳائين جڏهن،
مُنڌ کي پهراڻ پنهنجو پهرائين جڏهن”...الخ(12)
امداد جي پابند نظم ۾ جذبن جي گوناگوني ۽ گهرائي
آهي، جيڪا شايد ڪنهن ٻئي شاعر ۾ هجي! سندس جذبن
ذريعي خيال جي گهرائي تائين رسد حاصل ٿي وڃي، جنهن
ڪري قاري اندر ۾ آنڌ مانڌ ۽ لڇ پڇ محسوس ڪري ٿو،
جنهن سبب تصور جي تنوار به تنور محسوس ٿئي ٿي.
اِهوئي سبب آهي، جو ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو چئي ڏنو،
ته: ”اياز کان وٺي امداد تائين هڪ جدا روايت قائم
ٿي آهي... امداد اسان جي دور جو وڌ ۾ وڌ سڌريل
شاعر آهي.“(13)
انهيءَ راءِ جي بنياد تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
به سنڌي ادب جي تاريخ ۾ لکيو، ته: ”امداد حُسيني
پنهنجي دور جي نئين ٽهي کي گهڻو متاثر ڪيو.“(14)
”نوجوان شاعر ۾ امداد انفرادي حيثيت رکي ٿو.“(15)
امداد جي شاعريءَ ۾ هر صنف ۾ سندس مخصوص انداز يا
نسبت، سندس شاعر کي منفرد بڻائي ٿي، انهيءَ بنياد
تي ئي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پنهنجو رايو قائم ڪيو.
نظم: ’جوالا‘ جو فني تجربو به عجيب ڪيو آهي، جنهن
جو پهريون بند اٺن مصرعن جو ٻيو بند ڇهن مصرعن جو
۽ ٽيون بند چئن مصرعن جو رکيو آهي. جنهن جي قافيه
بندي ۽ هيئت غزل جهڙي آهي. ان کان علاوه گهڻ
مصراعي بند وارو نظم به لکيو آهي، جنهن جو مثال
سندس نظم ’جيڻ نه مرڻ‘ ۾ ملي ٿو. اِهو سمورو تجربو
پابند نظم ۾ ئي ڪيو آهي.
انهن تجربن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو، ته امداد شعوري
طور نظم جي ميدان ۾ خاص طور تي پابند نظم ۾ نوان
تجربا ڪيا آهن، جن جي مقرر هيئت ڪابه نه آهي. قديم
۽ عروضي نظم جي ڪنهن به گهاڙيٽي يا صنف جي تقليد
نه ڪئي آهي. انهن کي ڇڏي پنهنجو هڪ علحده رستو
اختيار ڪري نئين روايت قائم ڪئي آهي.
اسين پيٽ بکيا، اگهاڙا ۽ نانگا،
اَروکا اَروکا، اُبالا اُبالا،
وساريل وساريل ڌِڪاريل ڌِڪاريل،
نماڻا نماڻا، نرالا نرالا،
سدا چاڪ چڪندا، سدا نيڻ آلا،
اڪيلا، اڪيلا، توائي توائي،
اوهان وٽ اُجالا، گهڻيرا گهڻيرا،
اسان وٽ انڌيرا، سُنوالا سنوالا... الخ(16)
بنا قافيي نظم
(Blank
Verse):
بنا
قافيي نظم کي انگريزيءَ ۾ بلينڪ ورس
(Blank
Verse)
، اطالوي زبان ۾ ورسي شولتي
(Versi
Sciolti)
فرانسيسي ۾ ورس بلانس(vers
Blancs)
، اسپيني زبان ۾ ورساس سويلٽاس
(Versos
Sueltos)
۽ اردوءَ ۾ نظم معرى چيو وڃي ٿو.
بنا
قافيي شاعري سنڌي ادب ۾ ڀل ته نئين هجي، پر
انگريزي ادب ۾ گهڻي پراڻي آهي، جنهن جا آثار اسان
کي انگريزي ادب جي تاريخ جي مطالعي کان پوءِ چٽا
نظر اچن ٿا، جيڪي انگريزي ادب جي عظيم شاعر
شيڪسپيئر کان به اڳ جا معلوم ٿين ٿا.
وصف: بلينڪ ورس
(Blank
verse)
جو بنياد اطالوي اصطلاح ورسي شولتي
(Versi Sciolti)
تي رکيو ويو آهي. اهو اصطلاح اطالوي شاعر جوواني
روچيلائي
(Giovanni
Rucellai)
جي نظم
“le
Api”
(1525ع) جي سلسلي ۾ لکيل فقري مان اخذ ڪيو ويو
آهي.
“ Con Verso Etrusco dalle rime Sciolto”(17)
بي قافيي نظم جون ڪيتريون ئي وصفون سامهون آيون
آهن. آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري ۾ هن طرح لکيو ويو آهي:
“Blank Verse: Verse without rime, esp.
(especially) the imbic penta metre or unrimed
heroic, the regular measure of English dramatic
and epic poetory”(17)
انسائيڪلوپيڊيا ۾ برٽينيڪا ۾ هن طرح بيان ڪيو ويو
آهي:
“Blank Verse: the unrhymed measure of iambic
decasyllable in five beats which is usually
adopted in English epic and dramatic poetry. The
epithet is due to absence of the rime wich the
ear expects at the end of successive lines”(18)
انسائيڪلوپيڊيا آمريڪانا ۾ بليڪ ورس متعلق هن ريت
ٻڌايو ويو آهي:
“Blank Verse is a species of verse disen
coberted of rhyme and allowing the lines to run
in to each other with nearly as much freedom as
the latin hexameter”(19)
ايل ايس هيرس
(L.S.Herris)
بلينڪ ورس متعلق تعريف يا وصف هن ريت ڪري ٿو:
“Blank Verse: unrhymed verse not divided in to
stanzas, what is usually understood by blak
verse in English is verse with each of its lines
based on the pattern of ten syllables with every
second syllable stressed. The technical name for
this is iambic pentametre”.(20)
بنا قافيي نظم جو بنياد به لاطيني ۽ انگريزي
شاعريءَ ۾ پيو. ان کان پوءِ دُنيا جي ٻين ٻولين ۾
ترجمي جي مهرباني سان داخل ٿيو.
بنا قافيي نظم جا دُنيا ۾ سڀ کان قديم نشان اسان
کي لاطيني ادب ۾ ملن ٿا، جنهن ۾ ورجل جو ڪتاب
اينيڊ
(AENEID)
آهي جنهن جو انگريزي ترجمو ارل آف سري هينري هاورڊ
، بنا قافيي نظم ۾ ڪيو. ترجمي ڪرڻ وقت جيڪو بحر
وزن سُري مقرر ڪيو اهو ئي ڄڻ بنا قافيي نظم جي
سڃاڻپ ٿي ويو.
اهو بحر هو، ايامبڪ پينٽا ميٽر
(Iambic
Penta metre)،
جنهن ۾ مذڪوره ڪتاب ترجمي جي صورت ۾ منظرعام تي
آيو. اينيڊ به هڪ طويل وير ڪوتا (رزميه نظم) آهي،
جيڪو بنا قافيي نظم جي صورت ۾ لکيو ويو هو. بنا
قافيي نظم ۾ وزن بحر ته ٿئي ٿو مگر، قافيو ۽ رديف
وغيره نه آندو ويندو آهي. باقي سمورا لوازمات نظم
وارا هن سان لاڳو آهن. نظم معريٰ، پابند نظم جو ضد
آهي، يعني پابند نظم ۾ قافيو رديف آندو ويندو آهي،
۽ نظم معريٰ ۾ قافيو رديف نه آندو ويندو آهي. باقي
بحر وزن ته ٻنهي لاءِ لازمي آهي.
”شيڪسپيئر ۽ ملٽن جهڙن عظيم شاعرن پنهنجي شعر کي
قافيه جي قيد کان بلڪل آزاد رکيو آهي. ٻنهي جا
بهترين ڪارناما اهي ئي آهن، جي بنا قافيه نظم
(Blank
verse)
۾
ڇپيل آهن. حالانڪه سندن مقفيٰ ڪلام به کوڙ
اٿنِ.“(22)
انگريزي ادب ۾ ته بنا قافيي نظم پنجن قسمن جي بحر
وزن ۾ لکيو ويندو آهي. سنڌي اردو يا دنيا جي ٻين
زبانن لاءِ ڪوبه بحر مقرر نه آهي، يعني ڪنهن به
بحر ۾ تخليق ڪري سگهجي ٿو. صرف قافيو وغيره
استعمال نه ڪيو ويندو آهي.
انگريزي شاعريءَ ۾ توڙي ڊرامي ۾ بلينڪ ورس کي
مارلو ۽ شيڪسپيئر ڀرپور نموني استعمال ڪيو آهي. يا
انهن کان پوءِ جنهن ڪلي طور بلينڪ ورس کي اپنايو
اهو هو جان ملٽن، جنهن بنا قافيي نظم ۾ نظم لکي
بلينڪ ورس کي هٿي ڏني. يا ان کان پوءِ جا شاعر
ٽيني سن ۽ لانگ فيلو به تجربا ڪيا. انهن بلينڪ ورس
لاءِ بحر وزن گهڙيا. انهن کي استعمال هيٺ آندو.
انگريزي عروض
(Prosody)
جي مطالعي مان هيٺيان بحر، بلينڪ ورس لاءِ استعمال
ڪيا ويا آهن.
پهريون ايامبڪ پينٽا ميٽر
(Iambic
Penta Meter)
جيڪو مسٽر سُري ايجاد ڪيو. جنهن کي پوءِ ٻين شاعرن
۽ ڊرامه نگارن هن کي ڪتب آندو. هن بحر کي ڏهن پدن
وارو بحر ڪوٺيو ويو آهي. جنهن کي ملٽن ڪاميابيءَ
سان استعمال ڪيو. جنهن پيراڊائيز لاسٽ
(Paradise
Lost)
جهڙي عظيم تخليق سرجي انگريزي ادب کي مالال ڪري
ڇڏيو. يعني بنا قافيي شاعريءَ کي رواج هيٺ آندو ۽
آئينده جي شاعرن لاءِ نئون رستو ۽ نئين راهه کولي.
ٻيو بحر جيڪو ملي ٿو، ٽروجيڪ ٽيٽراميٽر
(Trochaic
tetra Metr)
جنهن جو ثبوت اسان کي دي سانگ آف هيا وادا
(The
Song of Hia watha)
۾ ملي ٿو.
ان کان پوءِ مارلو فائيو فوٽيڊ لائين آف ايامبڪ
(Five
footed line of Iambic)
بحر تخليق ڪيو ۽ بلينڪ ورس لاءِ ميدان وسيع ڪيو.
ان بعد ڊيڪٽيلڪ ڊاءِ ميٽر
(Dactylic
dimetr)
ملي ٿو، جيڪو ٽيني سن ايجاد ڪيو ۽ استعمال ڪيو.
ان کان پوءِ لانگ فيلو ڊيڪٽيلڪ هيڪساميٽر
(Dactylic
hexametr)
جو استعمال ۽ رواج هيٺ آندو. اڃا به ان بحر کي
وسعت بخشيندي ڊيڪٽيلڪ هيڪساميٽر ايوينج لائين
(Dactylic
hexa meter Evange line
جو اضافو ڪيو. اهي سڀئي بحر بنا قافيي نظم
(Blank
verse)
لاءِ مخصوص ڪيا ويا.
مٿي بيان ڪيل وصف مان بنا قافيي جي اهميت ۽ فن
بابت ڄاڻ ملي ٿي. امداد حُسيني بنا قافيي نظم به
ڏاڍا ڊولائتا لکيا آهن، جنهن ۾ سندس نظم ’راپنسي‘
اهم جاءِ والاري ٿو. اڪثر گهڻا نظم، بنا قافيي ئي
لکيا آهن.
امداد جو هتي هڪ بنا قافيي نظم ڏجي ٿو، جيڪو بحر
رمل مئمن تي آڌاريل آهي. ليڪن وزن جي آخري رڪن ۾
فقط هڪ پد ڏنو ويو آهي. وزن اٿس: ’فاعلاتن‘ جيڪو
’ذات نه آهي ڏات‘ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ليڪن
طويل آهي. جنهن جو ڪجهه حصو ڏجي ٿو.
ڪيترا سال انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
ڪئين شهزادا اچي دامنِ زرين کي جهلي
جنهن ۾ هيرا ۽ جواهر هئا جڳمڳ جڳمڳ.
۽ سندن بخت جيان چمڪيا ٿي هيرا موتي
صبح کان شام انهيءَ آس تي بيٺا هوندا!
ته ٻه ٽي مرڪ جا گل تنهنجي چپن تي مرڪن
تنهنجي چهري جو پڙهي چنڊ ستارا جرڪن
۽ سندءِ سونهن جي ديدار جي خيرات ملي.
تنهنجي نيڻ جي غزل جا به ٽي اشعار ٻڌن
۽ سندٰءِ مشعلِ رخسار تي پروانه وار،
ڳائيندا کلندا ائين رقص ڪندا جلندا رهن
رسن ۽ دارقد و زلف تي مَرڪي مَرڪي،
ساهه سير سرمد و منصور جيان مُرڪي ڏين
تون جتي پير رکين هي اتي دل رکندا وڃن،
تون ڪٿان گذرئين ته نيڻن کي وڇائيندا وڃن!
ڪيترا سال انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
ڪئين شهزادا انهيءَ آس تي بيٺا هوندا
۽ ٻڌايو اهو هوندئون ته: ”وتن هيتري فوج،
هيترا گهوڙا ۽ هاٿي ۽ پيادا آهن
هيتريون سهڻيون ڪنيزون ۽ ٽڪن ورتا غلام
جن جي جانين جي هنن وٽ ته ڪا قيمت ڪانهي
۽ سندن در تي سڀئي ڏينهن سَوَ انسان حقير
هڪڙي مانيءَ جي سُڪل ڀور لئي ڦٿڪي ٿا مرن،
۽ سندن چيتا ۽ شينهن بک کان اهي لاش حقير
خوب کائي ۽ ڀري پيٽ کان واڇون ٿا اگهن!“..الخ(23)
امداد حُسيني جا بنا قافيي نظم ’رات آخري ويگن‘ جي
عنوان سان اٺ عدد ماهوار سوجهرو جنوري 1975ع ۾
صفحي 22 تي شايع ٿيا. جيڪي وزن ’فاعلن‘ تي آڌاريل
آهن، جن ۾ رات جي منظرڪشي ٿيل آهي ۽ رات جو جيڪي
معاملا ٿين ٿا انهن کي چڱيءَ طرح چٽيو آهي. ويگن
جو ڦرجڻ، مسافر جو مارجي وڃڻ وغيره جو وڏي
فنڪاريءَ سان منظر چٽيو آهي.
طويل نظم:
امداد حُسيني ڄام شوري جي هوائن جهڙو شاعر، جنهن
جي شاعريءَ جا ڪيترائي پهلو آهن ۽ موضوع به وسيع
آهن. نون لاڙن کي هٿي ڏيندڙ جي شاعري ۾ فني ڪمال
آهي. هن وٽ ٻوليءَ جو استعمال ڏاڍو حسين آهي، سندس
نيون تشبيهون، ترڪيبون ۽ استعارا تخليق ڪري ٿو.
امداد جي شاعريءَ جا ڪردار زنده جاويد آهن، جيڪي
اسان جي سنڌي سماج جا چٽا عڪس آهن. انهن عڪسن ۾ ئي
زندگي جي مختلف پهلوئن کي ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو.
سندس شاعري سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ ولاري ٿي.
هن پابند نظم کان وٺي ويندي نثري نظم
تائين ڪاميابيءَ سان جديد نظم تي طبع آزمائي ڪئي
آهي، انهن مان هن طويل نظم به لکيا آهن، جيڪي فني
توڙي فڪري لحاظ کان اسان جو ڌيان ڇڪائين ٿا. هن جو
طويل نظم روٽس
(Roots)
ڇپيل ملي ٿو، جنهن جون چاليهه (40) منزلون آهن، ۽
چار سئو ستٽيهه (437) مصراعون آهن. هيءُ طويل نظم،
جڳ مشهور ناول
“Roots”
جو ٽيلي ناٽڪ ڏسڻ کانپوءِ جيڪو شاعر محسوس ڪيو، سو
لکيو آهي.
مذڪوره نظم ’ادب‘ مارچ 2003ع ۾ ڇپيو آهي،
جيڪو بلينڪ ورس ۾ لکيل آهن. امداد حُسيني پهريون
شاعر آهي، جنهن بلينڪ ورس ۾ طويل نظم لکيو آهي، هي
گهڻ مصراعو طويل نظم آهي.
”امداد جو نظم ’روٽس‘ هڪ ماڊرن ايپڪ آهي.
دراصل امداد ۾ ڌيرج
(Patience)
به آهي، ته لڳاتار لکندي رهڻ جي صلاحيت به آهي...
طويل نظم لاءِ موضوع جي مناسبت سان مواد لاءِ جا
درڪار آهي، سابه امداد نهايت دلجمعي سان ڪري ٿو.
ان سان گڏوگڏ تخليقيت جو عنصر به ان ’سچائيءَ‘ کي
نظم ڪرڻ لاءِ معاون ۽ مددگار ٿئي ٿو... امداد اهڙا
ڪيترائي طويل نظم لکيا آهن، جيڪي پنهنجي موضوعاتي
سنجيدگي پنهنجي ٻولي، وزن، ورتاءُ جي لحاظ کان
منفرد ۽ يڪتا حيثيت رکن ٿا.“(24)
سندس طويل نظم روٽس آهي، جيڪو هن 1992ع ۾
لکڻ شروع ڪيو هو ۽ جيڪو اڃا تڪميل جي مرحلن مان
گذري رهيو آهي.“(25)
”سندس شاعريءَ ۾ جديد زندگيءَ جي پيچيدگي
آهي. هن غزل ۽ نظم اڄوڪي ائٽمي ماحول جي عڪاسي ڪري
ٿو. هن وٽ قوميت ۽ بين الاقواميت، ٻنهي جو ميلاپ
آهي.“(26)
امداد ”جديد سنڌي نظمن جي موضوعن ۾ وسعت
آندي ۽ ان ڏس ۾ نظم، آزاد نظم ۽ ٻي قافيه نظمن جي
فارميٽ ۾ امداد سنڌي ٻوليءَ کي شاهڪار ۽ عظيم نظمن
جو سرمايو عطا ڪري ڇڏيو آهي.“(27)
هن نظم ۾ بهادر ٿيڻ ۽ سوز سختيون سهڻ جو
فلسفو سمايل آهي. ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن
طويل نظم جا ڪجهه بند نموني طور ڏجن ٿا:
پهريان بند:
”روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو،
ماڻهو ڪيڏا ڏک ڏسي ٿو،
جيڪو ماڻهو هوندو آهي،
ڏک انهيءَ کي ملندو ناهي،
ڏک ئي ڏونگر کي ڏاري ٿو،
ڏک ئي تار منجهان تاري ٿو،
لوڙهي ڪونه ڪڏهن لهوارو،
اوڀاري ڏي اوڀاري ٿو،
ڏک ئي رُڪ کي ميڻ ڪري ٿو،
ڏک ميڻ کي رڪ ڪري ٿو...الخ(28)
”ڪونج ڳچيءَ لئي هار بڻائي،
پيڙائين پٿرائين پَٽ تي،
رتو رت تيل پيرن سان،
پنڌ ڪرڻ تي اُڀاري ٿي،
چت جي ڏنڌلي نيل گگن تي،
ڪڏهن به ڪونه اُجهامڻ وارو،
سون ورن سورج باري ٿي!“(29)
امداد حُسينيءَ جو ٻيو طويل نظم جيڪو بلينڪ ورس ۾
لکيل آهي. جيڪو سندس مجموعي ’هوا جي سامهون‘ ۾ ڏنو
ويو آهي. هن جون چار منزلون آهن، جيڪو ’جاڙيون
قبرون‘ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي.
”امداد وٽ طويل نظم جو ڏانءُ آهي. سنڌي
شاعريءَ ۾ طويل نظم، جن ۾ شاعريءَ جون تمام تر
خوبيون ۽ خوبصورتيون نزاڪتون ۽ نفاستون هجن ۽ جي
تمام تر فني تقاضائن تي پورا لهندا هجن، امداد
حُسيني ئي لکيا آهن.“(30)
’نظم جاڙيون قبرون‘ پنهنجي
Content
جي حوالي سان هڪ نهايت جاندار نظم آهي. امداد ننڍي
بحر جي هن نظم ۾ نهايت وڏي ۽ سنجيدي موضوع کي
سمايو آهي. هيءُ نظم علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙي
قداور شخص کي سندس هڪ شاگرد ۽ معتقد پاران ڏنل
Tribute
آهي. ساڳي وقت هيءُ نظم بحيثيت قوم اسان جي
بيحسيءَ جو ماتم به آهي.“(31)
امداد هن طويل نظم ۾ ڪجهه مسئلن طرف ڌيان
ڇڪايو آهي. علامه آءِ آءِ قاضي جيڪو ’منور مينار‘
هو، ان جي عقيدت ۾ گل نڇاور ڪيا آهن. جنهن کي روشن
ڏيئو جي علامت سان نروار ڪيو ويو آهي. هن نظم کي
بحر متدارڪ مسدس، جي وزن ’فعلن فعلن، فعلن‘ تي
آڌاريو ويو آهي.
”امداد جو شاعراڻو شعور ۽ جماليات جي حس به لاجواب
آهي. هن جا نظم توڙي آزاد نظم ۾ تجربا، فڪر انگريز
۽ اسلوب توڙي هيئت جا انوکا نمونا آهن.“(32) هتي
هن نظم مان ڪجهه بند ڏجن ٿا:
”آفيس کان اوهان جي
سڏ پنڌ تي جو آهي
قاضيءَ ۽ ايلسا جو
سو مقبرو ڏٺو ٿو!
هيڏا پگهار رُتبا
جي ماڻيو اوهين پيا
جا ليءِ اوهين ڪريو پيا
هي ٺَٺَ هيءُ ٺانگر،
اُن جي ڪري ئي آهن
سو شخص سچ پڇو جي
ڏاتار هو اوهان لئي... الخ“(33)
آخري مصراعون:
”اي مهربان سائين
جيڪو مَٺو نه ڀانيو
پنهنجن انهن هٿن سان
نلڪو کڻي جي کوليو
تان هٿ اهي اوهان جا
ڏکندا ته ڪونه سائين!
آفيس کان اوهان جي
سڏ پنڌ تي جو آهي
قاضيءَ ۽ ايلسا جو
سو مقبرو ڏٺو ٿَوَ!“(34)
آزاد نظم
(Free Verse):
آزاد نظم کي انگريزيءَ ۾ فري ورس
(Free
Verse)
چيو ويندو آهي. هن کي فرانسيسيءَ ۾
(Leverse
est. libre
يا
“Verse
Libre”
چيو ويندو آهي. هي 19هين صدي جي آخر ۾ علامتي
تحريڪ جي اثر هيٺ وجود ۾ آيو. هن جي فن تي انگريزي
توڙي فرانسيسي ٻولين ۾ لکيو ويو آهي، پر اسان وٽ
برصغير ۾ به هن صنف جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي ويئي
آهي. اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ته وڏا بحث ڪيا ويا آهن.
سنڌيءَ کان به وڌيڪ اردوءَ ۾ هن صنف جي حمايت ۽
مخالفت ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. هتي آزاد نظم جي
فن تي مختصر روشني وجهنداسين، جيئن هيءَ صنف فن جي
حوالي سان منجهيل نه رهي. ڇاڪاڻ ته اڄ تائين بلينڪ
ورس ۽ آزاد نظم کي هڪ ڪري سمجهيو وڃي ٿو. آزاد نظم
جي لکڻ جو طريقو الڳ آهي ۽ بلينڪ ورس يعني بنا
قافيي نظم لکڻ جو طريقو بلڪل الڳ آهي. بلينڪ ورس
معروضي آهنگ کي قبول ڪري ٿو. هن لاءِ بيروني
اسٽرڪچر ضروري آهي. هن صنف ۾ يعني بلينڪ ورس ۾ وزن
بحر ٿيندو آهي پر قافيو ۽ رديف نه هوندو آهي. مروج
ڪنهن به بحر ۾ اسان لکي سگهون ٿا، پر آزاد نظم ۾
بيروني يا معروضي آهنگ مقرر ناهي. يعني هن لاءِ
عروض جي جامد يا مقرر ڪيل پابندي ناهي.
”هن قسم جي شاعري (آزاد نظم) ۾ نه فقط قافيي کان
آزادي آهي، پر وزن ۾ به ڪنهن حد تائين آزادي آهي.
ائين نه آهي ته وزن رکڻو ئي نه آهي، پر هڪ رڪن
کڻي، ان جو مختلف سٽن ۾ مختلف انداز آڻبو آهي.
اِنهيءَ ڪري سٽون ننڍيون وڏيون ٿي پونديون آهن.
آزاد نظم لاءِ رس، رچاءُ ۽ فنڪارانه ترتيب لازمي
شيون آهن.“(35)
آزاد نظم ۾ قافيو ۽ رديف پنهنجي مرضيءَ مطابق
استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر اهو لازمي ناهي هن جو
بحر وزن به مقرر نه آهي. ڪنهن به مروج بحر کي
پنهنجي مرضيءَ موجب ترتيب ڏيئي آزاد نظم لکي سگهجي
ٿو.
سرڳواسي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي راءِ آهي ته
”فري ورس (آزاد نظم) ۾ وزن ۽ قافيو ٻئي موجود
هوندا آهن. ليڪن فري يعني آزاد نموني ۾ ڪم آڻڻا
هوندا آهن...آزاد نظم ۾ اهي بحر ۽ قافيي جون مقرر
ترتيب واريون پابنديون نه هونديون آهن. يعني ته
ننڍو يا وڏو بحر ڪهڙين به مصرعن ۾ هلائجي ۽ قافيا
به جن مصرعن ۾ لڳن تن ۾ لڳائجن. ڪي آزاد نظم نويس
ته نه رڳو جيئن دل چاهي تيئن بحر ۽ قافيا
ڦيرائيندا ويندا آهن، پر من جي موجن مطابق نظم جي
بند بند ۾ وزن به بدلائيندا ويندا آهن. تنهن ڪري
آزاد نظم کي بيحد شخصي ۽ جذباتي نظم شمار ڪرڻ کپي؛
جنهن ۾ شاعر پنهنجن ڦرندڙ احساسن جي غلبي هيٺ بحر
وزن ۽ قافيي جون ٻنڌيون ٽوڙيندو وڃيو پار
پوي.“(36)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ آهي ته ”آزاد نظم
۾ بحر جي استعمال جو طريقو مختلف آهي............
سنڌيءَ ۾ هن صنف کي انگريزيءَ واري بلينڪ ورس يا
فري ورس سان تعبير ڪري نٿو سگهجي. سنڌيءَ ۾ آزاد
نظم پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج ۽ بحر جي تقاضائن تي
ڪجهه نه ڪجهه انحصار رکي لکيل آهي. انگريزيءَ ۾
ڏهن پدن واري،
“Iambic
Pent ameter”
ê
۾ لکيو ويندو آهي.“(37)
”آزاد
نظم ۾ مقرر بحر هوندو آهي، پر ان جي سڀني سٽن ۾
رڪنن جو مقرر تعداد نه هوندو آهي. هر هڪ سٽ ۾ خيال
کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهر گهٽ يا وڌ رڪن هوندا
آهن. ان ڪري ڪي سٽون ننڍيون ته ڪي وڏيون ٿينديون
آهن.“(38)
مذڪوره حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته آزاد نظم لاءِ
بحر وزن لازمي آهي، پر پنهنجي مرضيءَ مطابق گهٽ
وڌ ڪري استعمال ڪري سگهجي ٿو،
پر ڏٺو ويو آهي ته اساوٽ سنڌيءَ ۾ سواءِ چند شاعرن
جي ٻي ڪنهن به هن جي پابنديءَ جو ڪوبه خيال نه ڪيو
آهي، اڄڪلهه جيڪو ازاد نظم جي روپ ۾ ڇپجي رهيو
آهي. اهو آزاد نظم جي لوازمن تي پورو نٿو لهي.
سنڌيءَ ۾ آزاد نظم ڪن ٿورن شاعرن لکيو آهي. سنڌيءَ
۾ هڪ ئي بحر وزن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال
به ڪيو ويو آهي ته ساڳئي وقت وري مختلف بحر وزن جي
ميلاپ سان نوان بحر به تخليق ڪيا ويا آهن،
جن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال به ڪيو ويو
آهي.
هڪ ئي بحر وزن کي پنهنجي نموني استعمال هيٺ ڪن
ٿورڙن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. باقي مختلف بحرن
جي ميلاپ ۾ تمام گهڻن، اظهار خيال ڪيو آهي، جنهن
ڪري ان ۾ ذاتي آهنگ جنم وٺي ٿو. جيڪو پنهنجو خارجي
روپ به ڌاري وٺي ٿو. اهو ذاتي ردم ئي آزاد
نظم ۽ نثري نظم جي سرحدن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
پر نثري نظم ۾ نثري آهنگ هوندو آهي،
جنهن جي متعين شڪل نه آهي. جنهن ڪري آزاد نظم کان
مختلف آهي.
آزاد نظم ۾ خارجي آهنگ هوندو آهي، جنهن جي ذريعي
هن ۾ موسيقيءَ
جو عنصر پيدا ڪري سگهجي ٿو ۽ ڳائي به سگهجي ٿو.
مگر نثري نظم ۾ نثري آهنگ بي ترتيب هوندو آهي. هن
۾ آوازن جو لاهه
چاڙهه ۽ وقفا بنا ترتيب جي هوندا آهن. جنهن ڪري هن
کي ڪنهن وڏيءَ فنڪاريءَ سان ڳائي سگهجي ٿو. نه ته
نٿو ڳائي سگهجي.
آزاد نظم لاءِ داخلي ۽ خارجي آهنگ ٻئي ضروري آهن،
ڇاڪاڻ ته آزاد نظم ٻنهي جو سنگم آهي. دور جادئين
جي خيال ۾
’آزاد
نظم‘
عام نظم ۽ نظماڻي نثر جي وچ تي آهي.“
سچ پچ ته آهي به ائين ئي. آزاد نظم ڪنهن به ترتيب
يا قسم سان نٿو ٺهڪي. آزاد نظم به باقاعده هڪ صنف
آهي،
جيڪا ڪنهن ٻيءَ صنف سان نٿي ٺهڪي. شيخ عبدالرزاق
راز ۽ شيخ اياز ۽ امداد حُسينيءَ
جا آزاد نظم مٿين وصفن مطابق پورا ٺهڪي اچن ٿا.
”آزاد
شاعريءَ جو مسئلو دراصل آهنگ نغمه جو مسئلو آهي.
آزاد شاعريءَ
جي آزاديءَ
جو راز ان ۾ آهي ته هُو
بيشمار مختلف آهنگن جي لهرن جي هڪ متعين آهنگ جي
پس منظر ۾ هڪ نازڪ جي امتزاج کان باقاعده شاعري
قاري کي نغمگي جو ڪيف بخشي ٿي. آزاد شاعري اِن بحر
واري ترنم کان آزادي حاصل ڪري ٿي. ڇوته ڪنهن وقت
اِهو ترنم فطري ترنم جو ڳلو گهٽي ٿو ڇڏي. آزاد
شاعري محض آواز ۽ ساهه جي فطري ترنم خيال ۽ احساس
جي بي ساخته موسيقي کان هڪ بي تڪلف آهنگ جي ڌارا
پيدا ڪري ٿي.“(39)
”آزاد
نظمن جي مصرعن جو وزن بحر جي مياڻ ۾ مَيو ويندو
آهي. ۽ اهو شعر مروج بحر ۾ هوندو آهي. جنهن ۾ رڪنن
جي تعداد ۾ ڪمي بيشي ۽ تبديلي ڪئي ويندي آهي. رڪنن
جي ردوبدل جي باوجود مصرعن کي پنهنجو اسپيچ ردم
آهي ۽ هر مصرعي جو پنهنجو آهنگ به شاعرانه ترنم جي
خصوصيت بڻجي پوي ٿو.“(40)
مذڪوره حوالي مان صاف واضح آهي ته آزاد نظم لاءِ
بحر وزن لازمي آهي، پر اهو پنهنجي فنڪارانه ترتيب
تي منحصر آهي، ته ڪوي ڪيئن ٿو استعمال ۾ آڻي. باقي
اسان وٽ پابند نظم ته لکيو ئي ڪنهن نه ڪنهن هڪ بحر
۾ ويندو آهي. تنهن ڪري آزاد نظم ۽ پابند نظم ۾
ڏينهن رات جو فرق آهي. آزاد نظم پابند نظم جي
پيروي نٿو ڪري. آزاد نظم، نظم معريٰ کان به مختلف
آهي ۽ مختصر نظم کان به مختلف آهي. آزاد
نظم نثري نظم جي زمري ۾ نٿو اچي.
”آزاد
شاعريءَ ۾ داخلي ڪيفيت گهٽ ۽ خارجي ڪيفيت زياده
اثر انداز رهي ٿي. آزاد شاعري گهڻو ڪري داخلي ۽
خارجي ڪيفيات جي امتزاج جو نتيجو آهي. آزاد شاعري
بحر واري مقرر ترنم کان آزاد آهي. آزاد شاعري ڪنهن
نه ڪنهن هڪ اڌ مروج بحرن ۾ هوندي آهي، مختلف مصرعن
۽ رڪنن جي تعداد ۾ ڪمي بيشي ڪئي ويندي آهي. رڪنن
جي تعداد ۾ ردوبدل جي باوجود مصرعن ۾ ردم قائم رهي
ٿو.“(41)
هتي بحث کي اڳتي وڌائڻ لاءِ امداد حُسينيءَ جي
آزاد نظمن جا نمونا پيش ڪجن ٿا. جن جي فن کي ڏسي
اندازو لڳائي سگهندا سين، ته اِهي ڪنهن نه ڪنهن
مروج بحر وزن ۾ رکيا ويا آهن. ڪٿي ڪٿي ته ٻن ٽن
بحرن جي ڪَٺي استعمال به ڪيو ويو آهي.
سندس شاعريءَ جو مجموعو فيبروري 1974ع ۾ پهريون
ڀيرو ’امداد آهي رول‘ جي نالي سان شايع ٿيو. جنهن
۾ آزاد نظم ڏنل آهن. ان کان علاوه ’شهر‘ ۽ ’هوا جي
سامهون‘ جي نالي سان سندس شاعريءَ جا مجموعا 2000ع
۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. جن ۾ سڀئي اصناف ڏنيون ويون
آهن، جن تي امداد طبع آزمائي ڪئي آهي. انهن ۾ آزاد
نظم به شامل آهي. انهن کان اڳ سندس آزاد نظم اسان
کي
ٽه ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل ملن ٿا. سندس پهريون آزاد
نظم ’غافل‘ جي عنوان سان ٽه ماهي مهراڻ 2/1962ع ۾
ڇپيل ملي ٿو. ٻاهٺ کان وٺي اٺهتر تائين تقريبن
ڇهٽيه آزاد نظم شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌي آزاد نظم
جي اوسر ۾ اهم ليکيا وڃن ٿا. آزاد نظم جي تحريڪ ۾
امداد حُسيني ڀرپور حصو ورتو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو.
۽ تخليقي توڙي ترجمي وسيلي آزاد نظم پيش ڪندو رهيو
آهي. سندس رومانيت ۾ به درد سمايل آهي.
”امداد حُسيني آزاد نظم ۾ هيئت ۽ خيال جي ندرت
آڻيندڙ شاعرن مان اهم شاعر آهي. هن آزاد نظم جي
روح کي سمجهي، اُن جي هيئت ۽ مواد ۾ وڏا تجربا ڪيا
آهن. هن جا آزاد نظم، نون شاعرن لاءِ اتساهه ۽ واٽ
جي لاٽ بڻيا آهن. خاص ڪري سندس آزاد نظم’انجام‘ ۾
وزن جو روان سٽاءُ ۽ ترنم مست نئي جو ڏيک ڏيندڙ
آهي. ’بغاوت‘ مختصر آزاد نظم ۾ موضوع ۽ تاثر جي
وحدت خوبصورت آهي. ”خوشبو آزاد نظم ۾ موضوع جي
ندرت ۽ طويل وزن ’مفاعيلن‘ جي رڪنن کي ٽوڙي
موسيقيءَ جا جهرڻا ڦُٽائڻ امداد جو ڪمال آهي. ڪٿي
به ترنم مصنوعي نٿو لڳي.“(42)
”سنڌي شاعريءَ ۾ امداد جو يقينن هڪ منفرد ۽ نمايان
رنگ آهي. هن جي شاعريءَ جي اوريجنلٽي، هن جي
ٻوليءَ جي خوشبو، تخيل جي بلندي، خيال جي
خوبصورتي، احساسن ۽ جذبن جي نرمي ۽ گرمي، معنيٰ جي
گهرائي، سُرَ جي لَهر ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ امداد
جو سچو ۽ کرو لهجو هن جي هر نظم، شعر ۽ سٽ مان
ليئو پائي ٿو. بلڪه هن جي تمام شاعريءَ تي سچائيءَ
جو اهو رنگ حاوي آهي.“(43)
امداد حُسينيءَ جا آزاد نظم، جيڪي ٽه ماهي ’مهراڻ‘
۾ شايع ٿيا. انهن مان فقط هڪ آزاد نظم: ’ترياق‘
جيڪو 1-2 1963ع ۾ مهراڻ ۾ شايع ٿيو فقط اهو ئي
پنهنجي مجموعي هوا جي سامهون ۾ ڏنو آهي، باقي ٻيا
سڀ نوان لکيل آهن. نه ته اهي سڀ آزاد نظم مجموعي ۾
ڏيڻ کپندا هئا. پر نه ڏنا ويا آهن، ٻي خاص اهم
ڳالهه اِها آهي ته هوا جي سامهون مجموعي کي اصناف
وار نه رکيو ويو آهي. ڪچڪول وانگر سڀ گڏيل طور ڏنا
ويا آهن. جيڪا ترتيب، جديد دور جي تقاضائن کي پورو
نٿي ڪري.
امداد آزاد نظم جي حوالي سان بهترين تجربا ڪيا
آهن. هيٺ سندس پهريون آزاد نظم ’غافل‘ مثال طور
ڏجي ٿو.
غافل
رات کي روئندو ڏسي گلن کان ٿي کل نڪري وئي،
۽ خزان ، اهڙي مٺي مرڪڻ مٿان
گلستان ۾ پير پاتا موهجي
گل ويو ڪومائجي!
ختم ٿيو رنگن جو رقص،
هاءِ خوشبو جي الهڙ دوشيزدگي لُٽجي وئي،
بلبلن جا گيت آهُن ۾ ويا تبديل ٿي:
۽ پريان،
انسان، هر انجام کان
بي نياز و بيخبر،
عيش و عشرت جي گلابن سان سجايل سيڄ تي،
جرم جي چانڊوڪين جي هنج ۾،
ڪنهن حسينه جي گلن جهڙي بدن سان چهٽيل،
ڪنهن جي وڏين، ڪارين اکڙين جي مستين ۾ ٻُڏل
ريشمي وارن جي ٿڌڙيءَ ڇانوَ هيٺيان هو سُتل!(44)
نثري نظم
(Prose Poem):
هن کي انگريزيءَ ۾ ’پروز پوئم‘
(Prose
Poem)
ڪوٺيو وڃي ٿو. جنهن جو سنڌي ترجمو نثري نظم ئي ٺيڪ
ٿو لڳي، پر سنڌيءَ ۾ نثراڻو نظم ۽ شعري نثر سان به
لکيو ويو آهي، يا لکيو وڃي ٿو هن کي نظماڻي نثر،
نظمي نثر، يا شاعراڻي نثر
(Poetic
Prose)
سان به منجهايو وڃي ٿو، حالانڪه انهن ۾ درجي به
درجي جو فرق نمايان آهي.
جديد شاعريءَ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته نثري نظم هڪ
صنف طور اڀريو آهي. ۽ تمام گهڻي تنقيد جي باوجود
به نثري نظم، شاعريءَ طور قبول ڪيو ويو آهي ۽ زنده
آهي. نثري نظم ويهين صديءَ جي محبوب صنف آهي. هن
جا چار قسم آهن. هن قسم جي شاعريءَ ۾ يعني آزاد
شاعري جا ڪي لوازمات آهن جن کي پورو ڪرڻ لازمي
آهي. ٻيءَ صورت ۾ هن صنف سان، نه ته انصاف ٿيندو ۽
نه هيءَ صنف پنهنجو تشخص قائم رکي سگهندي. هتي
ڏسڻو آهي ته نثري نظم، نثر آهي يا نظم؟
نظم جي لاءِ نظم جي هيئت ضروري آهي، اهو ڀلي نثر
جي صورت ۾ پکڙيل هجي يا عروض ۾ جڪڙيل هجي. ٻنهي
لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ نظم جو عنصر محسوس ٿئي.
شاعريءَ جي لاءِ شاعريءَ جو هجڻ لازمي آهي، پر
شاعريءَ جو موزون هجڻ ضروري شرط نه آهي. اهو تخيل
اڄوڪي دور جي پيداوار نه آهي، پر ان جو اظهار قديم
يوناني مفڪرن جي فڪر ۾ ملي ٿو. ارسطو جنهن هن فڪر
جي ترجماني ڪئي، جيڪو شاعريءَ جي نظرياتي تنقيد جو
پهريون وڏو نقاد هو. هن جي زماني ۾ به شاعريءَ
لاءِ بحر وزن لازمي جز سمجهيو ويندو هو. هن جي دور
۾ اهو ئي رجحان هو ته ڪلام موزون هجي، ان کي ئي
شاعري تسليم ڪيو ويندو هو. پوءِ ڀلي اهو ڪنهن طبيب
جو منظوم نسخو ڇونه هجي! پر ارسطو هن ڳالهه تي
اصرار ڪيو ته شاعري تحريڪ تخليق
(Inspiration)
جو نتيجو ٿيندي آهي. جنهن لاءِ محض لفظن جي موزون
ترتيب لازمي نه آهي.
نثري نظم، عروضي شاعريءَ جي ڪنهن به صنف جي زمري ۾
نٿو اچي، نه ئي پابند نظم يا آزاد نظم جي زمري ۾
اچي ٿو. هيءَ هڪ الڳ شاعريءَ جي باقاعده صنف آهي.
هي نظم جي هيئت ۾ اچي ٿو، پر پابند نظم يا آزاد
نظم يا معريٰ نظم کان پنهنجي سڃاڻپ الڳ قائم ڪري
ٿو. نثري نظم ۾ مڪمل طور شاعريءَ جو عنصر شامل
آهي، تنهنڪري هن کي نثر جي فارم جي ڪنهن به صنف ۾
شمار ڪري نٿا سگهون. هي پابندين کان آزاد هوندي به
پنهنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. ۽ جداگانه سڃاڻپ ڪرائي
ٿو.
نثري نظم جي سلسلي ۾ زبان جي تخليقي استعمال تي
نظر وڌي ويئي آهي، ڇوته شاعريءَ جي هيءَ اها
خصوصيت آهي: جنهن کي هرڪو تسليم ڪري ٿو. بقول شمس
الرحمان فاروقي، ”نظم جي سڀ کان وڏي سڃاڻ، سندس
زبان ئي هوندي آهي.“ يعني زبان جو تخليقي استعمال،
جنهن سان نظم ۾ خوبصورتي ۽ دلڪشي پيدا ٿئي ٿي.
”امداد حُسيني جديد شاعريءَ جي نئين ٽهيءَ جو
سرواڻ آهي. هن جو غزل، نظم، آزاد نظم، هڪ نئين
اسلوب ۽ نئين
Attitude
جو حامل آهي.“(45)
امداد آزاد نظم کان علاوه نثري نظم به سرجيا آهن.
هن وٽ نثري نظمن جو انگ چٽو نظر اچي ٿو. هن ڪامياب
ردم سان ڀرپور نثري نظم تخليق ڪيا آهن، جنهن جو
مثال اسان کي سندس شايع ٿيل ڪتاب: ’امداد آهي رول‘
۾ ملي ٿو. هي ڪتاب سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد وارن
فيبروري 1976ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ۾ امداد جا
نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم ڏنل آهن، جن ۾ نثري آهنگ
ملي ٿو. هتي هيٺ سندس نموني طور هڪ نثري نظم پيش
ڪجي ٿو. نظم جو عنوان آهي:
õاي
خيالن جي پَريõ
مون چيو:
”اي خيالن جي پري
تنهنجا کنڀ آهن ڪٿي؟“
هن چيو:
”کنڀ کَسجي ويا اٿم“
مون سوچيو،
مان به شايد ڪن پريزادن جي شهزادن مان هوس!“(46)
حوالا
([1]) قادري اياز حسين ـــ سنڌي غزل جي اوسر (ڀاڱو
ٻيو) ـــ ڇاپو پهريون ڊسمبر 1984ع، ص 488.
(2)
گرامي غلام محمد مولانا ــ مهراڻ ’شاعر نمبر‘ ــ
(حصو پهريون) ــ ڇاپو ٻيو 1990ع، ص 516.
(3
)جويو تاج ــ سنڌي نظم جي مني صدي (مقالو) حصو
پهريون ـــ لهرون ــ جنوري فيبروري 1997ع، ص 48.
(4)
عباسي تنوير ــ ’آزاديءَ کان پوءِ جديد سنڌي
شاعريءَ جي ترقي‘ (مقالو) ــ ٽه ماهي مهراڻ
2/1984ع، ص 52.
(5)
Bradbury, Malcolm & MC
farlane james(editor)- Modernism (preface) P- 27
The Harvester Press, Sussex, 1974.
(6)
سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر ـــ ’شعور شاعر شاعري‘ ــ
ڇاپو پهريون جولاءِ 2008ع، ص 388 مطبوعه: سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو.
(7)
حُسيني امداد ــــ ’امداد آهي رول‘ ــــ ڇاپو
پهريون فيبروري 1976ع، ص 104 مطبوعه: سنڌي اڪيڊمي
حيدرآباد.
(8)
ايضاً، ص 64.
(9)
ايضاً، ص 65.
(10)
حُسيني امداد ــ ’هوا جي سامهون‘ (شاعري) ــ ڇاپو
پهريون 2000ع ص، 60 مطبوعه: روشني پبليڪيشن .
(11)
ايضاً ص مهاڳ، 56
(12)
ايضاً، ص 323.
(13)
ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ـــ سنڌي ٻوليءَ جو سماجي
ڪارج ـــ ڇاپو پهريون سيپٽمبر ـــ 1978ع، ص 161
مطبوعه: انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو.
(14)
جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ـــ ’سنڌي ادب جي تاريخ‘
(جلد ٻيو) ـــ ڇاپو ٻيو 2005ع، ص 585، مطبوعه:
سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
(15)
جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ـــ ’سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ‘، ڇاپو ٻيو 1983ع، ص 290، مطبوعه: زيب ادبي
مرڪز حيدر آباد.
(16)
امداد حُسيني ــــ
’هوا جي سامهون‘ (شاعري) ــ امداد حيسني ڇاپو پهريون 2000ع، ص 343 مطبوعه: روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو.
(16)
Encyclopedia Britannica (13th Edition), London
1926, Vol: iv p-40.
(17)
The oxford English Dictionary, oxford 1961, vol:
1 p-902.
(18)
opcit p-41.
(19)
Encyclopedia Americana vol: XII, p-549.
(20)
Harris L.S –The nature of English Poetry –
London 1937 p- 158.
(21)
مرزا حبيب الله ـــ ’آزاد نظم ۽ سنڌي شاعري‘
(مقالو) ماهوار نئين زندگي مارچ 1964ع، ص 26.
(22)
حُسيني امداد، ’ذات نه آهي ڏات‘ (بنا قافيي نظم)
مهراڻ شاعر نمبر (حصو پهريون)، ڇاپو ٻيو ڊسمبر
1990ع ص ص : 523، 524، مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو.
(23)
سحر امداد ـــ
’امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ جو
اڀياس‘ (مهاڳ) ـــ هوا جي سامهون (شاعري) امداد حُسيني- ص 50.
(24)
ايضاً مهاڳ ـــ ص 23.
(25)
عباسي تنوير ــ ’آزاديءَ کان پوءِ جديد سنڌي
شاعريءَ جي ترقي‘ (مقالو) ــ ٽه ماهي مهراڻ (سنڌي
ادب سيمينار نمبر) نمبر 2، اپريل، مئي، جون 1984ع،
ص 52، مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
(26)
مرزا نصير ــ ’امداد جي سامهون‘ (مقالو) ـــ ادب
(امداد حُسيني نمبر) ـــ نمبر 102 ـــ گل ڪونڌر ــ
مارچ، 2006ع، ص 39. مطبوعه: ادب اشاعت گهر
حيدرآباد.
(27)
ايضاً، ص 78.
(28) ايضاً، ص 43.
(29) سحر امداد ــ
’امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ جو
اڀياس‘ مهاڳ ــ هوا جي سامهون (شاعري) ــ امداد حيسني ڇاپو پهريون 2000ع،
ص 49 مطبوعه: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
(30)
ايضاً، ص 50.
(31)
جويو تاج ــ ’سنڌي نظم جي مني صدي‘ (مقالو) ماهوار
ـــ ’لهرون‘ ڪراچي. جنوري فيروري، 1999ع،
ص 41.
(32)
حُسيني امداد ــ هوا جي سامهون (شاعري) ــ ڇاپو
پهريون 2000ع ص، 203 مطبوعه: روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو.
(33)
ايضاً، ص 213.
(34)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر ـــ سنڌي علم ادب (اصول
۽ اهڃاڻ) ـــ ڇاپو پهريون 1971ع، ص 91، مطبوعه:
عجائب اسٽور سکر
(35)
ملڪاڻي منگها رام پروفيسر، ’نظم جا نوان نمونا‘
(مقالو)، ٽماهي مهراڻ حيدرآباد ، 4 ــ 1961ع، ص
125
ê
هتي ڊاڪٽر صاحب جيڪو ڏهن پدن وارو وزن ڄاڻايو
آهي. سو دراصل اهو بلينڪ ورس جو وزن آهي، نه ڪي
آزاد نظم جو : شايد ڊاڪٽر ٻنهي کي هڪ سمجهيو
هوندو، حالانڪه ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي.
(36)
جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ‘، ڇاپو ٻيو 1983ع، ص 274، مطبوعه: زيب ادبي
مرڪز حيدر آباد.
(37)
شمشير الحيدري ـــ ’سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر‘
ـــ ڇاپو پهريون آڪٽوبر 1987ع، ص 75 ، مطبوعه:
حيدري انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر اينڊ آرٽس ڪراچي
(38)
صديقي ڪليم ’معاشرتي ۽ ادبي پسمنظر ‘ (مقالو)
تاريخ ادبيات مسلم پاڪستان و هند جلد ڏهون (اردو
ادب، پنجم، 1914-1972ع) ڇاپو پهريون فيبروري 1972ع
ص: 394، مطبوعه: پنجاب يونيورسٽي لاهور
(39)
شيخ عبدالرزاق راز ـــ ’آزاد شاعري‘ (مقالو) ٽماهي
مهراڻ حيدرآباد نمبر 3 ۽ 4، 1969ع، ص 146.
(40)
ساڳيو، ص 150.
(41)
جويو تاج، ’سنڌي نظم جي مني صدي‘ (مقالو) حصو ٻيو
ماهوار لهرون ڪراچي جلد پهريون ، مارچ اپريل
1997ع، ص 41.
(42)
حُسيني امداد ، هوا جي سامهون، ڇاپو پهريون 2000ع
مهاڳ سحر امداد ’امداد حُسيني جي شاعريءَ جو
اڀياس‘، ص 49
(43)
حُسيني امداد- ’غافل‘ (آزاد نظم) ٽه ماهي ’مهراڻ‘
حيدر آباد 2- 1962ع، ص 37
(44)
عباسي تنوير ڊاڪٽر – ’آزادي کانپوءِ جديد سنڌي
شاعريءَ جي ترقي‘ (مقالو)، ٽماهي مهراڻ (سنڌي ادب
سيمينار نمبر) 2 ـــ 1984ع، ص 52 مطبوعه: سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو.
(45)
امداد
حُسيني ــــ امداد آهي رول ــــ ڇاپو پهريون
فيبروري 1976ع، ص 20 مطبوعه: سنڌي اڪيڊمي
حيدرآباد.
|