ڊاڪٽر سحرامداد حـُسيني
امداد آهه ڍول!
امداد حُسيني پنهنجي شاعريءَ جي پراڻي ڊائري مون
کي ڏيندي چيو هو: ”منهنجي شاعريءَ جو مجموعو اوهين
ترتيب ڏيو، اها گذريل صديءَ جي ڳالهه آهي.
مون ان زبون ٿيندڙ- پنا پنا ٿيندڙ ڊائريءَ جي جُلد
بندي ڪئي- ان تي ڳاڙهو ڪوَر چاڙهيو ۽ پوءِ هڪ نئين
ڊائريءَ تي ان سموري ڪلام کي اُتاريو. 1973ع جي
بهار ۾ مون فائينلي ان جي پريس ڪاپي ٺاهي، مهاڳ
لکيم ۽ سندس حوالي ڪيم، بس هڪڙي غلطي ٿي وئي ته ان
جي فوٽو ڪاپي نه ٺاهيم.
ان ۾ مون 1962ع کان وٺي 1972ع تائين جي ڏهن سالن
جي سندس شاعري سهيڙي هئي. امداد حُسينيءَ جي شاعري
فطرت وانگي آهي: سچي، کري ۽ ننگي، روشن، رنگين،
سادي، مترنم، ڀرپور، بلنٽ
(blunt).
ان ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سادگي ۽ سچائي به
آهي سندس شاعريءَ ۾، ته شهر جي ڍونگي زندگيءَ جو
مڪر فريب به!
سندس شاعريءَ جي اَڇُتي پڻ ماڻهن جي دلين کي
موهيو. اهڙي انوکي شاعراڻي ڪيفيت سان ٽمٽار به
آهي، جا هر روح کي، هر دل کي پاڻ تي گذرندي محسوس
ٿيندي آهي ۽ هو پنهنجي پهرين مجموعي اچڻ کان گهڻو
پهرين ئي مختلف رسالن جهڙوڪ: ’روح
رهاڻ‘، ’مهراڻ‘، ’سهڻي‘،
’ڌرتي‘،
’چوڏس‘ وغيره ۾ ڇپيل ڪلام جي آڌار تي شهرت جي
بلندين تي پهچي چڪو هو.
هُو اڃا جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندو هو 1963-1962ع ۾، هُن
تڏهن ئي ڪيترا وڏا ۽ اهم نظم لکيا:
الحمرا، روم شهر ۾، اجنبي اکڙيون، شرط، ۽ انيڪ
خوبصورت غزل، رباعيون، قطعا ۽ گيت لکيا. ان دور جي
سندس هڪ نظم جون سِٽون آهن:
نوجوانيءَ جي نون رستن تي
جهومندا ڳائيندا آيا آهيون
تخت ساڙيندا، محل ڊاهيندا
تاج ٺڪرائيندا آيا آهيون.
سر تريءَ تي ۽ سندءِ شهر ڏي مُنهن
پاڻ منصور ٿي آيا آهيون.
سِنڌ ۽ هند جي تاريخن ۾
خوب مشهور ٿي آيا آهيون.
باغ ۾ ڪيئن نه ٽِڙن سُرخ گلاب
صبح جي هِير ٿي آيا آهيون.
سو، صبح جي هِير جهڙو هيءُ شاعر، نوجوانيءَ ۾ ئي
Keats
جيان ميچورٽيءَ جي ان منزل تي پهتو- جتي پهچڻ لاءِ
سندس سينئر ساٿين کي گهڻو وقت ۽ گهڻي محنت ڪرڻي
پئي هئي. سندس شاعريءَ جو فطري، آزاد، تازگي ۽
شگفتگيءَ سان ڀرپور رنگ نه ان کان پهرين ڪنهن جو
هو، ۽ نه ئي ان کان پوءِ!
امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ جي بيساختگي، سچائي،
جماليات سان ڀرپور منفرد عاشقاڻو رنگ منهنجي من کي
موهي ويو. هن جي شاعريءَ ۾ ڳوٺ کان وٺي شهر تائين
۽ شهر کان وٺي پوري دنيا تائين ڦهليل موضوع هن جي
شاعريءَ کي هڪ ’استعارن جي جهنگل‘ ۾ بدلائن ٿا.
ائين سندس شاعريءَ ۾ ’شهر‘، ’حملو‘ نظم هڪ درد جو
استعارو بڻجي اچي ٿو- جنهن ۾ انيڪ بين الاقوامي
سطح تي برپا ٿيندڙ ٽرئجڊيز- ان ”شهر“ جي دُک کي
آفاقي ڏک ۾ تبديل ڪري ٿيون ڇڏين. ائين ئي اسين هن
مجموعي ۾ موجود سندس نظم ماحول، جنگ، روشنيءَ جو
سفر، اعلان، 21 صدي، استقبال، بدلو، اڄ رات، حملو،
ڌرتيءَ تي مرد ۽ عورت جو پهريون گيت، ڌرتي توتي
دانهيندي، شرط، طلوع، فرياد، مسافر، نئون پاڳل،
روم شهر ۾، نئين لولي- انهن سمورن نظمن بابت چئي
سگهون ٿا ته اهي نه رڳو سٺ جي ڏهاڪي جا بلڪ هر دور
جا وڏا نظم آهن، انهن نظمن تي الڳ الڳ ۽ ڀرپور
نموني لکڻ وقت جي ضرورت آهي. سو سندس سٺ جي ڏهاڪي
(۽ ان کان پوءِ هن وقت تائين سرجندڙ شاعريءَ ۾ بين
الاقواميت ۽ آفاقيت پنهنجي پوري مڪملتا ۽ وشالتا
سان موجود آهي. سندس شاعري ۾ نديون، جهرڻا، آبشار،
سمنڊ، سج، چنڊ، تارا، گل ڦل: گلاب موتيا، سورج
مکي، باک، لاک، گورو- ڪارو، پريون پريزاد، رات-
ڏينهن، موکي، مارئي، نوري، مومل، جميلا، ماريا،
ڌرتيءَ، مِٽي، شهر، ملڪ: روم، بغداد، ويٽنام،
فلسطين ۽ سنڌ سندس شاعريءَ جا جاندار استعارا آهن.
سو، مون سندس نوجوانيءَ جي ڏهن سالن جي شاعري
سهيڙي- رولاڪيءَ جي فلسفي کي آڏو رکي.
Vagabond
Poetry:
“Vagabond is a wanderer
They are traveling all the time
Never setting any where.”
سندس اهو لامحدود سفر ٻاهر کان وڌيڪ من اندر جو
سفر هو:
اڻ ڏٺل ڏور ۾ هي ڪهڙي طرف ڇڪبو وڃان!
ڪير آهي جو چئي ٿو ته اڃا اڳتي هل.
”طلوع“ امداد جو هڪ بيحد خوبصورت ۽
Symbolical
نظم آهي. اهو پورو نظم ئي
Quote
ڪرڻ جهڙو آهي، پر هتي ان نظم جا ڪجهه پورشنز يا
چونڊ سِٽون ئي شيئر ڪنديس جيڪي امداد جي فڪر ۽
خيال کي وڌيڪ چَٽو ڪن ٿيون، سندس دل جي آنڌ مانڌ
ڪيئن کيس اڳتي- اڃا به اڳتي ۽ مسلسل اڳتي وڌڻ تي
آماده ڪري ٿي:
”دل جي خاطر ئي سڀئي ديس ڇڏي آيس آءٌ
اڄ اُها دل به چئي ٿي ته هِتي ويهي رهو
جيڪو تارو گهڻو چمڪي ٿو سڀن تارن کان
روح جا زخم ڳڻڻ لاءِ اتي ويهي رهو.“
اوهين شايد شاعر جي ان ڪيفيت کي محسوس ڪري سگهو-
جيڪو ”دل جي خاطر“ ئي
”سڀئي ديس“ ڇڏي آيو آ- اهو سفر ته صدين جو سفر
آهي- انهن اڻکٽندڙ سفرن جيڪي ”زخم“ ڏنا، انهن سفرن
جا زخم ڳڻڻ لاءِ هو ”سڀني کان وڌيڪ چمڪندڙ ستاري“
جي ”روشني“ ۾ ويهڻ جي خواهش ٿو ڪري.
What an imagination!
تخئيل جي پرواز- خيال جي بلندي ٻيو ڇا هوندي!
ٿي سگهي ٿو ته اڳيون موڙ هجي آخري موڙ
مون کي هڪ ڀيرو انهيءَ موڙ تي پهچڻ ته ڏيو
صبح اُڀري ڏسي شايد مون کي ان موڙ کان پوءِ
مون کي اونداهه جي درياهه مان اُڪرڻ ته ڏيو
هڪڙو ڀيرو رڳو هڪ ڀيرو رڳو هڪ ڀيرو
جئن ٿا سورج مُکي مُرڪن اِئين مُرڪڻ ته ڏيو.
باک
جي لاک رتي پوتي چُمڻ ٿو چاهيان
صبح جو ڪنهن نه ڏٺو آءٌ ڏسڻ ٿو چاهيان.
امداد حُسيني موضوع، خيال، تصور جي حساب سان تز
لفظ، نگيني جيان سِٽ ۾ جَڙي ٿو ۽ انهن کي عميق
معنيٰ جي موتين سان سينگاري ٿو. پنهنجي ان صدين تي
محيط طويل سفر کي استعارن ۽ اهڃاڻن سان سجائي ان
کي اننت اونهي گهرائي عطا ڪري ٿو. سندس پڙهندڙ ان
ڏکئي سفر ۾ وِک وِک ساڻس گڏ آهي. هو اڻ ڏٺل ڏور ۾
ٻڌل اوڏانهن رمي ٿو، جيڏانهن سندس منزل مقصود
آهي. پر منزل مقصود تي پهريون ڀيرو رسڻ کان پهرين
ئي سندس ”دل جي ڪنول“ تي نئين ۽ تازي هوا جي خوشبو
پهچي ٿي.
اوچتو دل جي ڪنول گذرندي محسوس ڪئي
پهريون ڀيرو نئين ۽ تازي هوا جي خوشبو.
”۽ آس جهولايا وري پنهنجي هٿن ۾ رومال“-
اهي سموريون حسناڪيون سورج مُکين جو مُرڪڻ، سهسين
رنگ، مڌر خوشبوئون ته اڄڪلهه صرف
Visual
art
ذريعي ئي ڏيکاري سگهجن ٿيون. جيڪي منظر امداد
حُسينيءَ پنهنجي لفظن جي جادوگريءَ سان تخليق ڪري
ٿو. نظم جي
imagery
۽
imagination
جو ڪمال ته ڏسو:
سامهون شهر دلارام جو در آيو نظر
منهنجي راتين جي اميدن جو سحر آيو نظر.
سندس اهو وسندي وسنديءَ طويل سفر، اهي رولاڪيون:
”باک جي لاک رتي پوتي چمڻ لاءِ هيون. هڪ نئين صبح
سان واڳيل هيون، سندس آسون ۽ اميدون. سندس شاعريءَ
جي ان روپ رنگ جا سڀئي عاشق هئا- ۽ مان ڪجهه وڌيڪ!
سو سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو:
”امداد آهه رول“ جي عنوان سان 1972ع ڌاري ترتيب
ڏيئي پورو ڪيم- ۽ مارچ 1973ع ۾ ان جو هڪ طويل ۽
خوبصورت مهاڳ لکي، اسان جي شاديءَ جي تحفي طور کيس
ڀيٽ ڪيم. پر هڪڙي غلطي ٿي ويم، جو ان جي فوٽو ڪاپي
ڪونه ڪرايم. ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ ان مجموعي جي
”مهاڳ“ سوڌو گم ٿيڻ جي خبر تي آءٌ روئي پيس، مون
کي ان ”مهاڳ“ جو گُم ٿيڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو. جنهن گم
ڪيو تنهن بهانو اهو ٺاهيو ته اسڪرپٽ رڪشا ۾ رهجي
ويو. مون کي ته اها سنئين سِڌي سازش لڳي هئي. ڇو
ته 1973ع ۾ امداد حُسينيءَ جو اهو مجموعو منهنجي
مهاڳ سوڌو ڇپجي وڃي ها- ته ڀنڀور کي باهه لڳي وڃي
ها. بلڪل ائين ئي جيئن منهنجو لکيل ”هوا جي
سامهون“ جو مهاڳ گهڻن کي هضم ئي نه ٿيو، جيتوڻيڪ
اسان سان پيار ڪندڙن ۽ اسان جي
Well wishers
کي اهو بيحد وڻيو هو. ۽ دل کولي ساراهيو هُئن. سنڌ
جي دوري تي آيل هِند جي سنڌي اديبن مان نارائڻ
ڀارتي مون کي سندن مان ۾ سنڌالاجي ۾ ٿيل فنڪشن ۾
مون کي چيو هو: ”سحر تون ان مهاڳ ۾ ويهارو صفحن جو
اضافو ڪري ڏي ته هِند ۾ آءٌ امداد حُسينيءَ تي اهو
الڳ ڪتاب ڪري ڇپايان.
ياد اٿم مارچ 1973ع ۾ اسان جي شاديءَ کان پوءِ
منهنجي ڏير شمن شاهه جي شادي ٿي هئي، ان لاءِ اسين
حيدرآباد ويا هئاسين، ۽ ”هوٽل فاران“ ۾ ترسيل
هئاسين، تڏهن شيخ اياز به اتيئي ترسيل هو. اسين
سندس ڪمري تي ساڻس ملڻ وياسين (شيخ اياز حيدرآباد
ايندو هو ته ”فاران“ ۾ ترسندو هو). ان وقت اتي
غلام رباني به ويٺل هو. شيخ اياز سڀ کان پهرين ته
اسان کي مبارڪباد ڏني، پوءِ منهنجي نوڪريءَ جي
ڳالهه ڇيڙيائين ۽ چيائين: ”هاڻ اوهان ٻنهي کي گڏ
هڪڙي شهر ۾ رهڻ کپي.“ پوءِ وري ربانيءَ کي چيائين:
”سنڌي ادبي بورڊ ۾ تُنهنجي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ واري
پوسٽ خالي پئي آهي. مخدوم صاحب کي چئو ته سحر کي
ان پوسٽ تي رکي.“ اياز مون لاءِ ائين ئي فڪرمند هو
جيئن ڪو پيءُ پنهنجي ڌيءَ لاءِ فڪرمند هوندو آهي.
اسين الاهي دير وَٽن ويٺاسين- ته ائين ئي ڳالهين
ڳالهين ۾ چيائين: ”امداد هاڻ تنهنجو مجموعو اچڻ
کپي. امداد چيو ته: ”ها، سحر ترتيب ڏنو آهي.“ ته
شيخ اياز مون کان پڇيو: ”عنوان ڇا آهي؟“ چيومانس:
”عنوان رکيو اٿم: ”امداد آهه رول!“ ته اياز هلڪو
مُرڪيو (اياز اسٽائيل گهري مُرڪ) ۽ چيائين: ”اهو
وري ڇا؟ يعني
Imdad
is
Vagabond
نه نه! امداد جهڙو پاڻ ڍولڻ آهي اهڙو عنوان رک.
اهو ته:
”امداد آهه ڍول“ هئڻ کپي!“ کِلي
مذاق ۾ چيومانس: ”ته پوءِ
‘Imdad
is
Drum’
ٿي ويندو!“ جنهن تي سڀئي کِلياسين. مون وري کيس
پنهنجو ”رولاڪيءَ“
(in
a good sense)
جو فلسفو سمجهايو- ته امداد وري پنهنجي مشهور غزل
”موتي ائين نه رول....“ جو مقطع پڙهيو:
”آوارا بادلن جي پٺيان ڪهڙو ڊوڙبو
امداد آهه رول، تون موتي ائين نه رول!“
۽ ٻڌايائين ته ان غزل ڇپجڻ کان پوءِ منهنجا دوست ۽
خاص ڪري رشيد ڀٽي مون کي ”امداد آهه رول“ چوندو
هو. ان تي اياز هڪ خاص مُرڪ مرڪي چيو ته: ”انهن جي
چئي متان لڳين!“
ان مجموعي جا ڪجهه ڇپيل پنا ”فيمس پرنٽرز، صدر“ جي
اسٽور ۾ پئي پئي پيلا ٿي ويا هئا. تڏهن ظفر حسن ئي
چيو امداد کي، ته اهي پنا ضايع ٿي ويندا- ۽ پوءِ
هِتان هُتان ڪلام کڻي، اهو مجموعو تڙ تڪڙ ۾ شايع
ٿيو، جنهن ۾ سندس 1972-1962ع تائين جو گهڻو اهم
ڪلام (اڌ کان وڌيڪ) اچي نه سگهيو. جيڪو گهڻو پوءِ
ڪجهه ”هوا جي سامهون“ ۾ شايع ٿيو، پر پوءِ به ڪافي
شيون رهجي ويون، جن مان ڪجهه ”ڪِرڻي جهڙو پَل“ ۽
”هوءَ“ ۾ ڇپيو- ۽ ڪجهه اڃا به رهجي ويو آهي!
سٺ جي ڏهاڪي جو سندس سڀ کان مشهور نظم سماج جي
ڪوجهن روين تي ڀرپور طنز ۽ گهري معنويت سان پُر
اهو خوبصورت ڪلام جنهن کي زرينه بلوچ ۽ ڪجهه ٻين
چاهيندڙن نِجي محفلن ۾ ڳايو به- اهو اڄ...
هاڻي.... 2020ع ۾ ”امداد آهه رول“ جي ٻئي ڇاپي ۾
آهي:
”هل ته ڪنهن ميڪدي ۾ هلون!“
هاڻي جڏهن ميڪدا رهيا آهن، نه ساقي، نه پيمانه ۽
نه ئي اهل ظرف- تڏهن!
سٺ واري ڏهاڪي ۾ امداد حُسيني پنهنجي شاعريءَ ۾
جيترو ميچور ٿي اُڀريو. هن جي بي قافيا نظمن ۽
آزاد نظمن جو ته ڪو مٽ ۽ ثاني ناهي. بلڪه انهن بي
قافيه نظمن، آزاد نظمن ۽ غزلن ۾ ڪيل سندس تجربا
لازوال آهن. امداد جي شاعريءَ ۾ شعور جي پختگي،
لفظيات جي مهارت، خورس ۾ ٻڏل جمالياتي احساس، عشق
جي انتها، بحر ۽ ڇند جي اڻ مئي ڄاڻ سان گڏ نغمگيءَ
جو جادو، ٻٽيهه لڇڻا احساس ۽ خيال انهن سڀني ملي
سندس شاعريءَ کي دوآتشه بلڪه سمه- آتش بڻايو.
هيءُ اهوئي دور هو جڏهن سندس نظم
’روح رهاڻ‘ جي ٽائيٽل تي ڇپبا هئا ۽ عوام ۾ مقبول
ٿي ويندا هئا. سنڌ جا نوجوان انهن نظمن کي فريم
ڪرائي پنهنجي ڀتين تي سينگاريندا هئا. ان زماني جو
عام پڙهندڙ به ايڏو باذوق هو جو شاعريءَ جي
حسناڪين کي پرکي سگهندو هو.
سائين منهنجي جو سٺ جي ڏهاڪي جو هڪ بيحد خوبصورت ۽
رومينٽڪ نظم
Aesthetic Pleasure
سان ٽٻٽار آهي:
ڪاش مان چنڊ هجان، تنهنجي اچڻ تي اڀران
ننڊ ۾ ڪيئن ٿي لڳين، ٽِڪ ٻَڌي ڏسندوئي رهان!
........
رات جي پوئين پهر تنهنجي ئي وارن ۾ لهان
شام جو تنهنجي ئي چهري مان اکيون مَهٽي اٿان!
ان انوکي نظم جو لفظ لفظ سِٽن ۾ ائين لين آهي-
جيئن تارون تار نديءَ ۾ اُٿندڙ لهرون. اهو نظم
سندس هڪ خوبصورت گيتن ڀري ڪهاڻيءَ ۾ غلام نبي
عبداللطيف جي مڌ، ڌن ۽ رجب علي ڳايو- ان ئي گيتن
ڀري ڪهاڻيءَ ۾ عابده پروين پڻ پهريون ڀيرو ڳايو
هو. اها هڪ سُپرهٽ گيتن ڀري ڪهاڻي هئي، خود اهي
نظم، غزل ۽ گيت سُپرهٽ ٿيا- ۽ اڄ تائين ماڻهو
انهن کي ذوق شوق سان ٻڌن ٿا. ستر جو ڏهاڪو
خوشنصيبيءَ جو ڏهاڪو هو. جڏهن سنڌ کي ههڙا گُني
شاعر، موسيقار ۽ سنگر مليا.
Paulo Coelho
جي جڳ مشهور ناول
‘Al-Chemist’
جو موضوع اسان جي صوفي شاعرن، خاص ڪري شاهه لطيف
کانئس ٻه سؤ سال اڳ عشق ۽ عرفان جي وڏي ڪماليت تي
رسايو آهي. ان ناول جون خوبصورت سِٽون آهن:
“So, I love you because the entire universe
conspired to help me find you.”
سو، مون سون سريکين سٽن واري سون ورن شاعر کي
ڳولهي لڌو، ڇو ته سڄي ڪائنات اسان کي ملائڻ جي
سازش ۾ لڳي وئي هُو جو ’دل جي خاطر ئي سڀئي ديس
ڇڏي‘ آيو هو. سندس ’رولاڪيءَ جو اهو ’صدين جو
سفر‘، ’شهر دلارام‘ (دل+ آرام) جي ’در تي‘ اچي
پورو ٿيو!
”منهنجا رستا
رُلي
ڀٽڪِي
ٿڪِي
ٽُٽِي
تنهنجي در تاءِ اچي
ڇيهه ٿي ويا!
۽ اڄ آءٌ وڏي واڪ شيخ اياز جي امداد حُسينيءَ بابت
چيل سِٽ دهرايان ٿي: ”امداد آهه ڍول!“
شيخ اياز جي امداد حُسينيءَ بابت چيل سِٽ دهرايان
ٿي:
غلام محمد غازي
سنڌي درسي ڪتابن ۾ امداد حُسينيءَ جو حصو
سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر امداد حُسينيءَ سنڌي
ٻارڙن لاءِ تمام سهڻا گيت سرجيا آهن. جيڪي ٻارڙن
جي رسالن جي زينت بڻبا رهيا آهن. انهن مان ڪيترائي
گيت درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا. اِها حقيقت آهي ته
امداد حُسيني جي سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڪيل پورهئي کي
وساري نٿو سگهجي. ڪجهه سال اڳ مون ڪوشش ڪئي هئي ته
امداد حُسينيءَ جا ٻارڙن لاءِ لکيل گيت گڏ ڪري
ڪنهن به ڪنهن اداري پاران ڪو ڪتاب ڇپرائجي. اُهي
گيت گل ڦل وغيره مان گڏ ڪيا هئا. اهي سائين امداد
حُسينيءَ کي ڏنا ها. امداد حُسينيءَ چيو ته ڪجهه
ٻيا به گڏجن ته پوءِ ڇپرائينداسون. ڏسندي ڏسندي
ائين ئي وقت گذري ويو ۽ ڪتاب نه اچي سگهيو. امداد
حُسينيءَ جا ٻارڙن لاءِ لکيل گيت رسالن ۽ درسي
ڪتابن ۾ تمام گهڻا آهن ڪوشش جي باوجود، درسي ڪتابن
۾ جيڪي ملي سگهيا آهن اهي هن مضمون ۾ شامل ڪيا
آهن. امداد حُسيني سنڌ جو پڪو پختو شاعر هو. سندن
لکيل گيتن کي وري وري پڙهڻ لاءِ دل چوندي آهي.
امداد حُسيني ٻارڙن لاءِ هر موضوع تي شعر لکيا
جيڪي حمد، نعت، نصيحت، پکين، جانورن وغيره تي لکيل
آهن نعت عربي ٻوليءَ جو لفظ اسم مونث اهي جنهن جي
معنيٰ آهي مدح، ثنا، تعريف، توصيف رسول الله ﷺ جي
شان ۾ شعر.
سنڌي ٻارڙن لاءِ سنڌي ٽيون ڪتاب ٽئين ڪلاس جي سبق
ٽيون صفحو 10 تي امداد حُسينيءَ جي هڪ نعت ڏنل
آهي.
جِيءَ جيارا پاڻ سڳورا،
سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا.
درست هجي يا دشمن چاهي،
سڀني لئه ٻاجهارا آهن،
جِن جو ڪوبه سهارو ناهي،
تن جي لاءِ سهارا آهن.
هيڻن سان همراهه سدائين،
ڪمزورن جي طاقت آهن،
ٻارو ڏينهَن قيامت تائين،
ساري جڳ لئه رحمت آهن.
اوهان ﷺ جن کان وڌيڪ خوبورت ڪنهن ماهُ ڄڻيو ئي
ناهي، اوهانﷺ کي هر عيب کان آزاد پيدا ڪيو ويو ڄڻ،
اوهانﷺ جي تخليق اوهان ﷺ جي مرضي ۽ چاهت جي عين
مطابق ﷺ ڪئي وئي. (ديوان حضرت حساب بن ثابت
انصاري، صفحو 25.)
ساڳئي ڪتاب درجو ٽيون ۾ سبق اٺاويهون صفحو 67
عنوان دُعا ڏنل آهي، دُعا لئه ربّ ڪريم فرمايو آهي
اي منهنجا ٻانهان مون کان وري وري دعا گهر، امداد
حُسينيءَ به دُعا ۾ چوي پيو.
کڻي هٿ دعا ٿو گهران اي ڌڻي،
ملي سمجهه ساڃاهه مون کي گهڻي.
وڏن جي گهڻي آءٌ عزت ڪريان،
۽ پاڻان ننڍن سان محبت ڪريان.
وطن سان سچو شل سدائين رهان،
شروع کان وٺي توڙ تائين رهان.
پڙهان ۽ لکان ۽ هنر پڻ سکان،
وطن جو اڃان نانءُ اوچو ڪريان،
خدايا چوان جو به سچ مان چوان،
ڪڏهن ڪوڙ کي ڪين ويجهو وڃان.
ستون درجو سبق ٽيهون صفحو 69 بعنوان ”خوشحالي“ هڪ
نظم ڏنل آهي. هن نظم ۾ امداد حُسيني ٻارڙن کي
آڏاڻن تي اُڻجندڙ سُوسيون، لونگيون، مزدور جي
ڇُهڻَ سان ڦيٿي جو ڦرڻ، واڍي، رازي، ڪوري ۽ ڪنڀر
وغيره جو پڻ ذڪر ڪيو آهي نه صرف ايترو پرمهاڻن کي
به نه وساريو آهي، امداد حُسيني سموري ديس کي هئين
ساراهيو آهي.
هر ڪو هاري ناري سُکيو خوش هر ڪو مزدور،
ڪوبه نه آهي ڪوبه نه آهي محڪوم ۽ مجبور.
هٿ هٿ ٿيندو اڏجي ويندو پنهنجو دلبر ديس،
آڏاڻن تي اڻجي ويندو سوسي، لونگي، کيس،
ٻانهن جي ٻل سان ئي ٿيندو دک دلين جو دور،
ڪوبه نه آهي ڪوبه نه آهي محڪوم ۽ مجبور.
هَٿُ ڇُهي ته ڦري ٿو ڦيٿو ڪڏهن نه ٿيندو جام،
خوشحالي آ پنهنجو مقدر آزادي انعام،
واڍا، رازا، ڪوري ڪنڀر محنت ۾ مسرور،
ڪوبه نه آهي ڪوبه نه آهي محڪوم ۽ مجبور.
مير مهاڻا سُچيتِ سياڻا جهاڳي آيا سمنڊ،
ماڻهو مُرڪيا چمڪيو آهي، اڱڻ اڱڻ تي چنڊ،
هر ڪو جيءَ پيو ٿو جهومي هر چهرو پُر نور،
ڪوبه نه آهي ڪوبه نه آهي محڪوم ۽ مجبور.
(امداد
حُسيني)
ساڳئي ڪلاس جي سبق تيرهين صفحو 21 تي نصيحيت ڀريو
هڪ نظر ڏنل آهي جنهن ۾ ڪوڙ جنهن کي گناهه تصور ڪيو
وڃي ٿو سچ ته ڪوڙي ماڻهوءَ جي ڪٿي به عزت نه رهندي
آهي چوندا آهن سچ ته بيٺو نچ، سچن انسانن کي
تڪليفون اينديون آهن پر اهي وقتي ۽ سچ، سج جيان
نڪري نروار ٿي بيهندو آهي.
امداد حُسينيءَ جو نصيحت ڀريو هڪ نظم
نه ڪوڙ ڪچ ڪمائجي، سدائين سچ سڻائجي.
ٿڙي جو ڪوبه راهه تان ته دڳ انهيءَ کي لائجي،
جڏهن به ٻاٽ ٿي وڃي ته جوت ڪا جلائجي.
ڌڪار جي ٻري جي باهه ته پيار سان وسائجي،
ڏکن پٺيان ٿا سک ملن اهوئي گيت ڳائجي.
جي ڳالهه ڪاڪجي کڻي ته پيار سان مڃائجي،
ڀلائي ڪو اگر ڪري ڪڏهن نه سا ڀلائجي،
پاڻ کان وڏن اڳيان نه هو ڏڪا هلائجي،
ڏکي به مهل جي اچي ته مڙس ٿي ملهائجي،
ڏجي بکئي کي پهريان ۽ پوءِ پاڻ کائجي،
ويل نه وقت ٿو وري نه وقت کي وڃائجي.
سنڌي پهرئين ڪلاس ۾ سبق ايڪيهون صفحو 60 تي
پروليون نظم ڏنل آهن امداد حُسيني ٻارڙن کي شعر ۾
پروليون ڏئي چوي پيو.
پَرَ اَٿس پَر پوپٽ ناهي،
اُڀ م اُڏاري پَکي به ناهي،
ڀلا ٻڌايو ته اِهو ڇاهي؟
خبرون چارُون روز ٻُدائي
مِٺڙا، مِٺڙا گيت سڻائي،
ڀلا ٻُڌايو ته اهو ڇاهي؟
کيلَ پَسائي دل وندرائي
ڄڻ ته ڪو گهر جو پاتي آهي،
ڀلا ٻُڌايو ته اهو ڇاهي؟
(امداد حُسيني)
سنڌي پهريون، پهرين ڪلاس لاءِ سبق ٻارهون صفحو 37
عنوان آهي. آواز: امداد حُسيني هن نظم ۾ ٻارڙن کي
پکين جيان آوازن بابت معلومات ڏئي ٿو ته اهي ڪئين
ٿا آواز ڪڍي پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائن.
الله تبارڪ و تعاليٰ 18 هزار مخلوق کي پيدا ڪيو
آهي انهن سڀني کي جُدا جدا رنگ، مختلف آواز ڏنا.
جيئن هو پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي سگهن. امداد
حُسيني انهن جي آوازن کي شعر ۾ سمايو
آهي.
ڪوئل ڪُوڪي، ڪُوڪُو ڪُو،
ڳيرو ڳائي گهو گهو گهو،
ڪانُ ڪري ٿو ڪَان ڪَان ڪَان،
ڏيڏر ڪري ٿو ٽان ٽان ٽان،
جهرڪي ٻولي چون چون چون،
پرڙا کولي چون چون چون،
ريل ڪري ٿي ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ،
تيز ڀڄي ٿي ڊُڪ ڊُڪ ڊُڪ،
موٽر ڊوڙي ڦَر ڦَر ڦَر،
تيل اِنهيءَ ۾ ڀَر ڀَرِ ڀَرِ،
ڪڪڙ ڪري ٿو ڪڪُڙون ڪون،
صبح ٿيڻ جو ڏس ڏئي هو.
سنڌي درسي ڪتاب اٺين درجي لاءِ (گابا ايجوڪيشنل
بڪس سبق پنجويهون صفحو 82 تي امداد حُسينيءَ جو
نظم آهي.
سوڀارو ساڻيهه
ڏاڏاڻو هي ڏيهه اسان جو،
سوڀارو ساڻيهه اسان جو.
صبح انهيءَ جو سهڻو سهڻو،
سهڻو سهڻو ۽ من مهڻو.
شام انهيءَ جي پياري پياري،
سهڻن رنگن روپن واري.
رات انهيءَ جي چنڊ ستارا،
نوري ان جا سڀ نظارا.
جبل انهيءَ جا اوچا آهن،
ڳاٽ کنيو ڏس بيٺا آهن.
دريا وهندا وهندا آيا،
هيٺ جبل تان لهندا آيا.
چانديءَ جهڙو جن جو پاڻي،
جنهن کان ڌرتيءَ ساوڪ ماڻي.
مٽي ان جي سوني آهي،
هاري ان تي هر ٿو ڪاهي.
سونا سونا سنگ اُپائي،
کانڀاڻيءَ سان جهار اُڏائي.
مل ۾ ڏس مزدور اچن ٿا،
پنهنجي وطن لئه پورهيو ڪن ٿا.
سمجهه اهوئي درس ڏين ٿا،
محنت سان ئي رنگ رچن ٿا.
محنت محنت محنت آهي،
محنت ۾ ئي عظمت آهي.
اچو پڙهڻ تي ڌيان لڳايون،
پنهنجي وطن جو مان وڌايون.
ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي سائين امداد حُسينيءَ جو شعر
” قدم وڌائي اڳتي هل“، موڪليو جيڪو گجرات صوبي جي
سنڌي ساهتيه اڪادميءَ جي ٻارائي رسالي باغ بهار جي
2006 واري شماري ۾ ڇپيو هو. هن رسالي جو ايڊيٽر
ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي آهي، جيڪو هندي سنڌي ٻارائي
ادب جو هڪ وڏو نالو آهي. اِمداد حُسيني صاحب جيترو
سنڌ ۾ مشهور آهي اوترو هند جي ادبي دنيا ۾ به
مشهور آهي، هن صاحب جا لکيل شعر نه صرف ادبي مخزنن
۾ شايع ٿيندا رهيا آهن پر ڪن سنڌي درسي ڪتابن ۾ به
ڇپجندا رهيا آهن. هن صاحب جوهيءُ شعر ته ور ور ڪري
ڇپجندو رهيو آهي. ڪيترن رسالن ۾ به اهو دهر ائجندو
رهيو آهي.
هوندراج بلواڻيءَ مطابق، ”سائين امداد
حُسيني ٻارن جي لاءِ شاعري ڀلي گهٽ لکي آهي پر
جيڪا لکي آهي سا ٻارن کي وڻندڙ، منهجن اُتساهه،
جوش ۽ اُمنگ ڀريندڙ لکي آهي. اهڙو فن ڪن ورلي
شاعرن کي ملندو آهي.“
قدم وڌائي اڳتي هل
سستيءَ مان ڇا هڙ حاصل، قدم وڌائي اڳتي هل،
چنڊ تي پهتو آ انسان، محنت جو سڀ آهي ڦل،
ڪنهن جو تون محتاج نه ٿي، ڪنهن جي آڏو جهول نه
جهل،
همت وارن جي آڏو جهڪي پوي ٿو نيٺ جبل،
گرمي سردي سِر تي سهي، گُل جهلي ٿي تڏهن وَل،
گذري جيڪو وقت ويو، هاڻي انهيءَ تي هٿ نه مل،
ڏونگر پاڻ ڏري پوندا، اگر هوندو آهي اٽل،
علم ته آهي سچ جي واٽ، وقت انهيءَ تي هلندو هل،
پهاڙ پرزا ٿي پوندا، ٻانهن ۾ جي آهي ٻل.
(امداد حُسيني)
مٿين نعت کي جڏهن ڪتاب ۾ ڏنو ويو هو، اُن وقت
سائين امداد حُسينيءَ ٻڌايو هو ته غازي! ٻئي درجي
جي ڪتاب ۾ تنهنجي نعت ڏني آهي. (هن وقت اها نعت
پهرئين درجي ڪتاب ۾ شمل آهي) اها امداد حُسينيءَ
جي مهرباني هئي هونءَ به امداد حُسينيءَ جون مون
مسڪين تي کوڙ ساريون مهربانيون آهن. منهنجي
شاعريءَ جي ڪتاب ”تند تنوار“ جو مهاڳ به سائين
امداد ئي لکيو هو. جيڪو ڪتاب سال 2015ع ۾ ڇپيو هو.
منهنجي ٻئي ڪتاب (ٻارڙن لئه شاعري) سائنس پئي
سمجهائي جو بيڪ ٽائيٽل به لکي ڏنو هو.
امداد حُسينيءَ جي درسي ڪتابن ۾ ڏنل شاعري
تمام بهترين آهي. ان کي ٻارڙا پڙهي پنهنجي من ۾
سمائي، جهونگاري ڳائي سگهن ٿا.
ڪتابيات
1.
ديوان حضرت حسان بن ثابت انصاري تحقيق و ترجمه
مولانا محمد اويس سرور رحمانيه مڪتب لاهور سال
2009 صفحو 25
2.
جهڙا تارا جرڪڻا علي دوست عاجز روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو 2002 صفحو 17
3.
سنڌي ٽيون ڪتاب ٽئين ڪلاس لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
ڄام شورو سال 2021 صفحو 10 ۽ 67
4.
سنڌي ستون ڪتاب ستين ڪلاس لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
ڄام شورو سبق ٽيهون صفحو 69
5.
سنڌي ستون ڪتاب ستين ڪلاس لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
ڄام شورو سبق تيرهون صفحو 21
6.
سنڌي پهريون ڪتاب پهرئين ڪلاس لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ
بورڊ ڄام شورو نگران اويس ڀٽو سال 2020 صفحو 60
7.
سنڌي ڪتاب پهرين ڪلاس لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ نُڪ بورڊ ڄام
شورو سال 2020 صفحو 37
8.
سنڌي درسي ڪتاب اٺئين درجي لاءِ مصنف عبدالڪريم
آزاد سميجو گابا ايجوڪيشنل بڪس پاڪستان، سبق
پنهجويهون سال 2008 صفحو 82 ۽ 83
9.
رسالو باغ بهار ايڊيٽر ڊاڪٽر هوندراج نلواڻي سنڌي
ساهتيه اڪيڊمي گجرات راجيه سال
10.
سنڌي پهريون ڪتاب پهرئين ڪلاس لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ
بورڊ ڄام شورو سبق چوٿون سال 2020 صفحو 14.
ڊاڪٽر مخمور بخاري
امداد ۽ اُن جو نظم ”چهرو، موسم ۽ ندي“
’ڪِرڻي جهڙو پلُ‘ ۾ هڪ نظم آهي ’چهرو موسم ۽ ندي‘
جنهن جو هر بند هڪ جدا ڪيفيتي جهان آهي جنهن ۾
الائي ته ڪيترا پَل، موسم، خواب، زندگيون ساهه کڻن
ٿيون.
هر چهري جي پٺيان هڪڙو ٻيو به ته چهرو هوندو آهي
هڪڙو چهرو سڀني آڏو کِل کِل کِل پيو کِلندو آهي
اُن جــــــــي پٺيــــــــان جيڪو چهــــــــرو
هوندو آهي
پنهنجي پــــــــر ۾ رَتُ پيــــــــو ســــــــو
رُوندو آهي
هر چهري جي پٺيان هڪڙو ٻيو به ته چهرو هوندو آهي.
اِن نظم جو ٻيو بند موسم بابت آهي:
هر
موسم جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته موسم هُوندي آهي
هڪڙي موسم هَٿ تريءَ تي ڏيئا ٻاري ايندي آهي
اُن جي پٺيان جيڪا موسم هوندي آهي
ڪوول وانگي سا گيت برهه جا چُوندي آهي
هر
موسم جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته موسم هوندي آهي.
۽ آخري بند ندي جي پس منظر ۾ آهي:
هر نديءَ جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته ندي هُوندي آهي،
هڪڙي ندي سڀني آڏو ڇل ڇل وهندي ويندي آهي،
ان جي پٺيان جيڪا ندي هُوندي آهي،
سا صدين جي منهن تان ڪارنهن ڌوندي آهي،
هر نديءَ جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته ندي هُوندي آهي.
پورو نظم پڙهي گهڻي دير لاءِ بيهي رهجي ٿو- پر ڇو؟
هر ڪوتا کان پوءِ ٻئي ڪوتا ڏانهن وڃڻ کان پهرين به
ته بيهڻ گهرجي! ائين به هڪ شعر کان ٻئي شعر جي وچ
۾ پوري هڪ الائي ته ڪيتريون ئي ڪيفيتن جو پنڌ
هوندو آهي. اهو پنڌ ورق ورائڻ جيترو ته نه ٿو ٿي
سگهي، بلڪ اهو هڪ ساهه کان ٻئي ساهه تائين جيترو
ٿي سگهي ٿو. امداد حُسيني جو نظم
’چهرو، موسم ۽ ندي‘ به هڪ اهڙوئي نظم آهي جنهن ۾
ڪيترائي نظم موجود آهن، انهن نظمن بابت ڇو نه ٿو
ڳالهائي سگهجي. انهن ڪيفيتن بابت ڳالهائڻ گهرجي ۽
يقينن ڳالهائڻ گهرجي. ائين به اسان ڪيتريون ئي
ڳالهيون انڪري نه ڪري سگهندا آهيون ته ان بابت ٻيا
ڇا سوچيندا يا چوندا، اسان جي زندگي، اسان جي نه
آهي؟ بلڪه اسان بابت ٻيو ڇا ٿو سوچي اسان لاءِ سڀ
کان وڌيڪ اهم اهوئي آهي، جيڪو حقيقت ۾ سڀ کان وڌيڪ
غير اهم هجڻ گهرجي. نظم ’چهرو، موسم ۽ ندي‘ امداد
حُسينيءَ جو پنهنجي خيال ۾ بي انتها ڦهليل ڪهاڻي
نظم آهي. ڪهاڻي نظم اُن ڪري جو اُن ۾ ڪيتريون ئي
ڪهاڻيون به ته موجود آهن.
اڪيلي اڪيلي ۾ دنيا اسين،
۽ ميلي جهميلي ۾ تنها اسين.
’اڪيلي ۾ دنيا‘ ۽ ’ميلي ۾ تنها‘ اهائي ته ڪيفيت
آهي جيڪا چهري پٺيان لڪيل آهي، جيڪا رت روئي ٿي،
پر ڪيفيتن جا به ڪيترائي جهان آهن. لڙڪ ۽ مرڪ فقط
لفظ نه آهن، پوري ڪائنات آهن، جنهن ۾ گهڻو ڪجهه
مطلب سڀ ڪجهه سمايل آهي. ’امداد آهه رول‘ کان
’دهوپ کرن‘ تائين سندس سڄي ساري تخليقي جوهر ۾ اها
ڪهاڻي بلڪ اهڙيون ڪهاڻيون ذري ذري محسوس ٿين ٿيون.
’امداد آهه رول‘ ۾ هڪ بنهه ننڍڙو نظم ’انگ رنگ‘
آهي، ڇا ڀلا جڏهن انگ رنگ سان ملي ۽ رنگ انگ سان
ملي هڪٻئي کي نوان رنگ ۽ انگ بخشن ته پوءِ ڄڻ
مُکڙي ٽڙي گل ٿي پوي، پوءِ ڀلا اهڙي حالت/ڪيفيت ڪا
لفظن ۾ ماپي سگهجي ٿي؟
رنگ انگ
انگ رنگ
جڳمڳ جڳمڳ جسم
تنهنجي جسم کان اڳتي آهي
اوڻٽيهينءَ جي اونداهي!
ان کان پوءِ ڇا ٿو ٿي سگهي؟ چهري جو رت روئڻ!
”ڪوبه چهرو تنهنجي چهري کان حسين ڪونهي ڪو.“
هڪ سٽ ئي مڪمل آهي پر جڏهن هڪ ئي چهرو حسين آهي ۽
باقي ڪجهه به نه ته پوءِ چهري پٺيان ٻيو چهرو، هڪ
موسم پويان ٻي موسم ۽ هڪ ندي پويان ٻي ندي ڇو آهي؟
ڇا لاءِ آهي؟ ڇو ٿو امداد چئي:
زندگي ائين گهارڻي آهي،
ڄڻ ته ڪا رسم پارڻي آهي،
لڙڪ سارا ڪٿي رکي گروي،
مُرڪ هڪڙي اُڌارڻي آهي،
زندگي وقت وانگيان ’امداد‘،
جنءَ به گذري گذارڻي آهي.
شاعر جي سوچ ۾ خيال ۾ ڇا آهي، هو ڇا ونڊڻ چاهي ٿو،
هن جي اُن خيالن ۾ تضاد جو سبب ڇا آهي، هو ڇا ڪجهه
ڀوڳي رهيو آهي، هن جي اندر ۾ ڪجهه ٻيو آهي ۽ هن جي
لفظن ۾ ڪجهه ٻيو، يا هو جيڪو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو
اُهو اُن کي چوڻ نه ٿو ڏنو وڃي. ان جي چوڻ جي کيس
اجازت نه آهي، پر ڇا هڪ شاعر کي به اجازت جي ضرورت
هوندي آهي؟
ڏٺو ڪنهن ته هوندو
اُماوس جي مظلوم ڌرتيءَ تي حيران تنها
اُگهاڙن وڻن جو گنهگار منظر
سياري جو دريا!
’سياري جو دريا‘ به عجيب استعارو آهي، ماٺو،
خاموش، نه وهندڙ، اداس، حيران ڪندڙ پر جڏهن ماڻهو
جو من ان حيات جيان ٿي پوي ته پوءِ انگ جا رنگ سڀ
ٻُسا ٿي پوندا آهن، ۽ پوءِ زندگي کي جيئبو نه آهي
بلڪه گذارڻو پوندو آهي. اسان ڏاڍا ارڏا ۽ بي بس
آهيون، اسان سمورن کي هڪجهڙي زندگي نه ملندي آهي ۽
نه ئي ان جو سواد سمورن لاءِ هڪجهڙو ٿئي ٿو! ائين
ڇو آهي؟ پر ائين ڇو نه آهي؟ ٻنهي سوالن ۾ فرق آهي.
ڇو آهي؟ ۽ ڇو نه آهي؟ جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته
زندگي جو سواد سمورن لاءِ ساڳيو هجي ها! پر جي
سمورن لاءِ سواد ساڳيو هجي ها ته زندگي جي رنگن ۽
ان جي سُونهن جي اهميت ساڳي نه رهي ها! پر اهو به
ته آهي ته جنهن جو سواد ڪوڙو بڻجي ٿو ان جي لهجي ۾
تلخي جو پيدا ٿيڻ به لازم آهي.
مون کي ڪنهن دوست يا همدم جي ضرورت ناهي
آءٌ تنهائـــــــي ۾ ڪجهه ديـــــــر روئڻ
ٿـــــــو چاهيـــــــان.
ماڻهو ايترو به بي بس ٿي سگهي ٿو؟ ڪيتري حيرت جهڙي
ڳالهه آهي، ڪنهن ساٿي بجاءِ خود سان ويهي اورڻ
اورجي! يعني جڏهن اوهان کي ڪير به نه سمجهندو هجي،
محسوس ڪندو هجي يا اوهان جي يقين جو ڌاڳو ٽٽي چڪو
هجي ته پوءِ اهو هڪڙو ئي واحد رستو اصل آهي،
پنهنجو هانءُ هلڪو ڪرڻ جو: پاڻ سان ويهي اورڻ
اورجن! پاڻ سان رهاڻ ڪرڻ به ڏاڍي مزيدار ڪيفيت
آهي، سوال به پنهنجو جواب به پنهنجو. لڙڪ به
پنهنجو مرڪ به پنهنجي. يعني پوري ملڪيت پنهنجي،
ڪير به اُن ۾ حصيدار نه!
امداد حُسيني پنهنجي وقت جو يگانو شاعر آهي، هن جا
استعارا، تشبيهون، خيال پنهنجو پاڻ مان ورتل آهن،
انهن ۾ اوپرائپ، مصنوعيت، ٺاهه ٺوهه نه آهي. هُو
شهري مزاج جو شاعر ضرور هو، پر هُن جي خيال جي تند
انسان جي ڪيفيت سان ڳنڍيل آهي. تنهنڪري هن جي شعر
۾ اهڙو احساس ساهه کڻندي نظر اچي ٿو، جيڪو فقط اُن
جو نه آهي بلڪه اهو هر ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ
شاعر جي ان کان وڌيڪ مڃتا ٻئي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته
هر پڙهندڙ ان جي خيال ۽ احساس کي پنهنجو سمجهي.
اهو پيار ئي ڪهڙو جنهن ۾ کُليي منهن سان سامهون
اچڻ کان به گهٻرائجي
اڪيلي گهٽيءَ ۾ جي تنها به ملجي ته مُرڪي ملڻ کان
به گهٻرائجي.
امداد جي هڪ غزل جو مطلع آهي:
رب هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏئي
خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏي.
مطلع- طلوع- اڀرڻ يعني ظاهر ٿيڻ، نڪري نروار ٿيڻ،
پنهنجو پاڻ پسائڻ، دنيا آڏو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ: غزل
جي پهرئين بند کي مطلع ٿو چئجي يعني اُن ۾ خيال جي
مکڙي ظاهر ٿئي ٿي، ان مکڙيءَ مان ان جي حُسن جي
خبر پوندي آهي، شاعر جو خيال ڇا آهي ۽ اهو ڪهڙي
ڏسا ۾ پنڌ ڪندو اُن جي سڌ غزل ۽ مطلع مان پوندي
آهي، پر امداد حُسيني سنڌي شاعريءَ جو اهو منفرد
شاعر آهي جنهن جي ڪن غزل جا مطلع پنهنجي خيال ۾
مڪمل غزل آهن:
رب هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏئي
خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏئي.
اها هن جي خيال جي اُڇل آهي، گهرائي آهي، نظم ’ڪاش
مان چنڊ هجان!‘ به امداد جيان اسان سان ڳالهائي
ٿو، پرين سان اها حجت، تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن
محبوبن کي ڪنهن به لمحي پاڻ کان ڪڏهن پري نه
سمجهجي، هن نظم ۾ اها حجت ڪنهن پختي يقين جي صورت
اختيار ڪيل آهي:
رات جي پوئين پهر تنهنجي ئي وارن ۾ لهان،
شام جو تنهنجي ئي چهري مان اکيون مهٽي اُٿان.
رات جو وارن ۾ لهي صبح صادق تائين نيڻن ۾ سمائجي
شام تائين چهري مان اُٿڻ، جاڳڻ واري حالت مڪمل
ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان جي هن شاعر جي به ٿي سگهي
ٿي.
’چهري، موسم ۽ ندي‘ جو تعلق به احساسن خيالن سان
ڪجهه اهڙوئي آهي جيڪي هڪٻئي سان جڙيل/ڳنڍيل آهن
جنهن کي جدا جدا ڪري سمجهي نٿو سگهجي. |