سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:8 

رسول ميمڻ

 

 

 عجيب وارتائون

مون سان عجيب وارتائون ٿي رهيون آهن، لڳي ٿو ڪي غيبي قوتون آهن، جيڪي منهنجي چوڌاري موجود آهن، پر يقين نه ٿو اچي ته اهي لقاءَ پنهنجو پاڻ ڪيئن ٿا ٿين؟

ڪمري ۾ هئس، ڏٺم ته پکي جو بٽڻ بند هو، مون کي ياد آهي جڏهن مان ڪمري ۾ داخل ٿيو هئس، ته بٽڻ کوليو هئم.

مان هڪ منجهيل ماڻهو آهيان، عقيدن ۾ ايمان نه آهي، پر اهو سڀ ڏسي لڳي ٿو، فطرت مون کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪي قوتون اهڙيون به آهن جيڪي توهان جي حواسن جي دائري ۾ نه آهن.

ڪلهه جي ڳالهه آهي، مون پليٽ ۾ ماني رکي هئي، اها ڪو کائي ويو. ان کان اڳ ائين به ٿيو هو جو مون ماني کاڌي هئي ۽ پليٽ ۾ ڏٺم ته ماني رکيل هئي.

ڀلا اهڙي حرڪت ڪير ڪري سگهي ٿو؟ جيڪڏهن ڪا غيبي قوت آهي ته اها اهڙيون ٻاراڻيون حرڪتون ڇو ڪندي؟ مڙس ماڻهوءَ جيئن سامهون اچي ته کيس مڃان. منهنجو ايمان به پختو ٿئي، قبر به سنوارجي، قيامت ڪاري نه ٿئي ۽ جنت به ملي.

شايد ڪاري ٻلي آهي، اوندهه ۾ نظر نه ٿي اچي يا اهڙو ڪوئو آهي جو پيرن جي کڙڪي تي گُم ٿي وڃي ٿو.

مان منجهيل ماڻهو، ڏاڍو منجهي پيو آهيان، غيب کي جانورن سان تشبيهه ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي. ڪوئا ۽ ٻليون اهڙا ڪم نه ڪندا آهن.

چانهه پيئڻ کان اڳ پاڻيءَ جو گلاس ڀري ٽيبل تي رکندو آهيان، ڪيترائي دفعا گلاس ڀرڻ کان اڳ، ڀريل گلاس ٽيبل تي رکيل هوندو آهي، هڪ دفعو سڄو گلاس ڀري ٽيبل تي رکيو، ٿوري دير کان پوءِ ڏٺم گلاس اڌ ڀريل هو. ڀلا ڪير آهي، جيڪو ائين مون مٿان مهربان ٿي سگهي ٿو؟

سندس من ۾ مون لاءِ ايڏو احساس آهي، ڇو جو سوچيان ٿو ته ميرا ڪپڙا بدلايان، ٿوري دير کان پوءِ نظر ڪيان ٿو ته ڌوتل ڪپڙا پاتل آهن.

روز رات جو ٽي دفعا اُٿي ڏسڻ ويندو آهيان، ته ٻاهريون در بند آهي. ڪيترائي دفعا کُليل در پنهنجن هٿن سان بند ڪيو اٿم، ڏسڻ ويندو آهيان ته در کُليو پيو آهي. هڪ دفعي ياد آيو ٻاهريون در بند نه ڪيو آهي، ڏٺم ته در بند هو.

توهان سمجهندا هوندا ته مان ڪنهن نفسياتي مرض ۾ ڦاٿل آهيان، پر نفسيات تي ڪافي ڪتاب پڙهيا اٿم، جيڪڏهن ڪو خلل هجي ها ته اهو ائين حقيقت نه هجي ها. خلل حقيقت نه هوندو آهي، اهو وهم هوندو آهي، پر مون سان جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو سڀ حقيقت آهي.

هڪ دفعي ان غيبي قوت مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، مون شگر جي گوري ڪڍي ٻاهر رکي، پاڻي ڀرڻ ويس ته گوري گُم ٿي وئي. ٻي گوري ڪڍي ٻاهر رکي، پاڻي ڀرڻ ويس ته وري گُم ٿي وئي. چار گوريون گُم ٿيون. پنجين مان هٿ ۾ جهلي پاڻيءَ سان اڳري ويس. ٿوري دير ۾ سڄو پگهرجي ويس، دل ائين هلڻ لڳي جيئن وقت کي تڪڙ هجي، جسم ڏڪيو پئي، چڪر آيو ۽ کٽ تي ڪِري پيس. کارڪون کيسي ۾ رکندو آهيان جيئن شگر گهٽجي ته کائي سگهان. هٿ وجهي کيسي ۾ ڳولهيم، هڪ به کارڪ نه هئي. اُٿي برنيءَ مان کنڊ کاڌم ۽ برنيءَ کي ڪڇ ۾ لِڪائي ائين ليٽي پيس ته متان ڪو کسي نه وڃي.

مان اهڙي غيب کي ڇا ڪندس جيڪو ساهه ڪڍي. عزرائيل به غيب جو اهڙوئي قسم آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي مرضيءَ بنا سندس ساهه ڪڍي هليو ويندو آهي. منهنجو عزرائيل ۾ يقين نه آهي، پر ههڙا هاڃا ڏسي لڳي ٿو متان عزرائيل هجي. ڀلا ان کان وڌيڪ حيرت جي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو مون رومانا جي ڏک ۾ ست ڏينهن شيو نه ڪئي، اڄ صبح سان اُٿيس ته شيو ٿيل هئي ۽ جڏهن لکڻ لاءِ پين کيم، ان ۾ مس ڀريل هئي. مان هاڻي به فونٽين پين استعمال ڪندو آهيان، لکڻ کان اڳ مس ڀريندو آهيان، پر ائين لڳو. پين ۾ مس پهريون ئي ڀريل آهي.

مان ڪجهه ٻيو لکڻ پئي چاهيو، پر الائي ڪيئن لکجي ويو.

”رومانا کي ذهن مان ڪيئن ڪڍي سگهان ٿو؟“

بهادر ٽالپر

 

 

 

 

سڄڻ ۽ ساڻيهه

 

اوچتي آيل واچوڙي جي گهيري ۾ روزينه سُتل احساسن کي ڪن ٻارن جي ڦٽل ڪچيءَ ننڊ جيان اکيون مهٽيندي محسوس ڪيو ۽ پٽ تي واچوڙي پاران ڪيرايل سرخ رئي کي بيچينيءَ مان ڏسڻ لڳي.... ۽ ٻه ڪلاڪ مٿي چڙهي آيل سج سندس سونهري وارن جي چمڪ ۽ انهن ۾ سجيل ڪلپن کي ذوق و شوق سان ڄڻ تڪي رهيو هو ۽ پنهنجا فطرت جي پاڻيءَ ۾ ڌوتل پوتل ڪِرڻا بطور خوشي نڇاور ڪري رهيو هو. رئي جي گلابي بدن تي مٽي جا ذرڙا نئون منظر تخليق ڪري رهيا هئا.... ۽ ان تخليق ۾ روزينه کي زبردست ڇڪ محسوس ٿي رهي هئي ۽ سندس بي آرامي، گهڙي کن لاءِ سڪون ۾ تبديل ٿي، کيس عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي هئي....!! هن اوڀر سج طرف ڏٺو ته کيس ان ۾ ڄڻ پرينءَ جو پاڇو نظر آيو ۽ هن: ”ناپسندي نگاهه، پهرين ڪج پرين ڏي!“ لفظ اُچاريا. سندس سماعتن ۾ انهن ئي لفظن جو پڙاڏو گونجيو.... ته هوءَ آسپاس ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ نوڙي پنهنجو رئو کڻي جو ڇنڊيائين ته رئي تي چڙهيل مٽيءَ جا ذرڙا وڃي مٽيءَ سان مليا....!! روزينه ان ويل گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل هئي! سوڙهو اڱڻ جتي پسار لاءِ سوچڻ ئي فضول هو ۽ جتي ٿوري به هوا گهُلڻ سان اڱڻ ڇڪون ڏيڻ شروع ٿي ويندو هو.... پوءِ گهر ۾ ڄڻ الرجي جو راڄ!!

”اوچتو واچوڙو ۽ هن جا ننڊ مان جاڳي پيل احساس....!!“ سوچ جو سرو لغڙ جي ڏور بڻجي کيس پري پري آسمانن ڏانهن ڄڻ ڌڪيندو ويو ۽ سندس نگاهن ۾ هڪ ڪڪر روئڻ لڳو.... ۽ اجنبي کنوڻ کجڪا ڏئي ان کي ريجهائڻ لڳي....!! هوءَ هاڻ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ جي لان تي هئي ڄڻ! روزينه جا پنهنجا احساس پٿر بڻجي سندس نازڪ نفيس بدن تي وسي، زخمن جو هڪ نئون لينڊ اسڪيپ پينٽ ڪري رهيا هئا....!! هوءَ لان ۾ هڪ گلاب جي ڀر ۾ وڃي بيٺي ته سندس زخمن ۾ گلاب جي خوشبو اوتجي وئي....!! ۽ گلاب کي به پنهنجي زخمجڻ جو احساس ورائي ويو ڄڻ!

 ”گلابن جي زخمن جي سڌ نه بهارن کي.... ۽ نه وري خزائن کي....!!“ هوءَ سوچ جي ڏور کي سنڀاري سوچڻ لڳي، هن ڀلجي نِوڙي وري رئي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاتل رئو ياد اچي ويس....!! هن ندامت مان پريان ڏٺو: ناصر آرٽس فيڪلٽي جي لان تي بيٺو هو.... اڪيلو.... اڪيلو.... اُداس.... پنهنجو هٿ کاٻي پاسي سيني تي رکي اکين جي ڇپرن کي هيٺ مٿي ڪندي، چپن ۾ ڪجهه اُچاري رهيو هو....!! ۽ سندس ڀر ۾ بيٺل گلاب جو ٻوٽو کيس ڏسي رهيو هو....!! پريان چنبيليءَ جي چپن تي به ڪجهه هو....! ان چنبيليءَ جي پهلوءَ ۾ ڪجهه ڇوڪرا پنهنجي وجودن سان گول دائرو بڻائي ويٺل هئا....! پريان آرٽس فيڪلٽي جي عمارت به ڄڻ انهن کي ڏسي رهي هئي....!!

چنبيليءَ جي سيني تي پني جو ٽڪرو پئي لٽڪيو، جنهن تحت انگريزيءَ ۾ “Don’t Pluck Flowers” لکيل هو. روزينه ان کي پڙهي سوچ جي لغڙ تي سوار ٿي وئي.... ”گلن کي ڪير ٽوڙي.... ڪير نه ٽوڙي.... خير....!! پر سوچيان ٿي يونيورسٽيءَ مان مون کي هن کان ٽوڙڻ لاءِ ڪنهن پڙهڻ کان پليو....؟!“ هوءَ هاڻ پنهنجي کاٻي پاسي سيني تي هٿ رکي، هُن جي سامهون ويجهو بيٺل هئي....!! چپن تي خشڪي هيس.... ۽ اکين ۾ ٿر جو صحرا....!!

”تون ايترو وقت ڪٿي هئين ناصر....!؟“
هوءَ هن کان پڇي رهي هئي! پر هُو ڪوبه جواب نه ڏئي رهيو هو. هوءَ هن جي پيرن وٽ ويهي، انهن تي هٿ گهمائڻ لڳي....!! مجازي خدا جي اکين ۾ پٿر جا تارا هئا ۽ مٿان گذري ويل وقت جو اُداس آسمان هو! جيڪو کيس وڌيڪ نوِڙڻ کان ڄڻ روڪي رهيو هو.... پر روزينه جا چپ پيرن تائين پهچي چڪا هئا.... ۽ گذري ويل وقت جي آڪاس ۾ رکيل محبت جي رحل وارو ڪتاب اُداس ٿي ويو هو....!!

هوءَ چپن کي مٿي ڪري ڪجهه چئي وري پيرن تي رکي رهي هئي....! مجازي خدا جا ڪن ڪجهه ٻڌي رهيا هئا يا نه....!! کيس ڪابه سُڌ نه هئي....!! هوءَ ته بس نئين وقت جي ليليٰ ۽ مجازي خدا ته الاءِ ڇا هو....!؟

”مون پڄاڻان آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ ڪيتريون بهارون آيون.... ۽ ڪيتريون خزائون....“ هن جي چپن مان جهيڻو آواز ٿورو وڏو ٿي اڀريو ته مجازي خدا جي پيرن ۾ کيس اڻلکي جنبش محسوس ٿي.... ۽ جلد ئي ساڪت ٿي ويا....!! هوءَ اُٿي بيهي مجازي خدا جي پٿريلين اکين کي چمڻ لڳي.... ۽ پوءِ پنهنجي ڪنڌ وارو ڌاڳو ناصر جي ڪنڌ ۾ وڌائين....!

گذري ويل وقت جي آڪاس مان نئون جنم وٺي ڪو مصور هٿ ۾ برش کڻي مختلف رنگن سان اهو منظر پينٽ ڪري رهيو هو.... ۽ کيس يقين هو ته هُو سڄي محبت جي باري ۾ پنهنجو عظيم فن پارو وجود ۾ آڻي ڇڏيندو....!! ۽ وري روزينه کي ناصر پاران ساڻس ڳالهايل لفظ ياد اچي رهيا هئا: ”تون منهنجن ڳالهايل لفظن کي سهاڳ رات واري سيج تي ڳالهايل لفظن جيان سمجهه....!! سهاڳ رات ۾ ڳالهايل لفظ ڪي معمولي هوندا آهن ڇا....!؟ سهاڳ رات ۾ ڳالهايل لفظ ڪنوار جي نڪ ۾ چمڪندڙ ڪوڪي جيان هوندا آهن.... ۽ جن کي هوندي آهي پنهنجي روشني....!!“ ۽ پوءِ ناصر ائين چئي پنهنجي پاسي واري کيسي مان لائٽر ڪڍي، هنيو هو روزينه جي اکين ۾.... ۽ هن ڄاڻي واڻي اکيون ٻوٽي، ناصر کي لائٽر بند ڪرڻ لاءِ چيو هو، پر هُو اڃا به وڌيڪ روزينه جي اکين ۾ لائٽر هڻي رهيو هو.

ائين ناصر هن سان ٻيا به ڪيترائي مذاق ڪيا هئا، جيئن هڪ ڀيري هوءَ لان ۾ پنهنجي ئي ڪنهن سوچ ۾ گم هئي ته ناصر پويان اچي سندس اکين تي هٿ ڏئي، عورتاڻي نوع ۾ ڪجهه پڇي رهيو هو.... ۽ هوءَ کيس ڪجهه ٻڌائي رهي هئي....! پريان ڪي ڇوڪرا کين ڪن خاص نگاهن سان تاڻي رهيا هئا....!! ان ڏينهن ٻنهي کان ٻي هر ڳالهه، مانيءَ ڳڀي سميت وسري وئي هئي....!! پيرن کان چوٽي تائين، ان ڏينهن هنن خوشي هڪٻئي ۾ ائين اوتي هئي، جيئن سانوڻيءَ ۾ ڪڪر هڪ ٻئي سان ساز باز ٿيندا آهن....!! ان ڏينهن ئي هن کيس چيو هو: ”محبوبه ۽ ملڪ ٻيئي هڪ ئي درجي جا مستحق هوندا آهن....!!“ ائين چئي ناصر نِوڙي پنهنجي ۽ روزينه جي پيرن هيٺان ٿوري ٿوري مٽي کڻي، ان کي چميو هو ته هوءَ به نِوڙي هئي، ۽ پنهنجي ۽ هن جي پيرن هيٺان مٽي کڻي چُمي هئائين....!!

روزينه جي سوچن جو لغڙ ٽُٽو، ته پاڻ کي گهر پڌر ۾ ئي بيٺل ڏٺائين.... ۽ پنهنجو رئو وري به پٽ تي ڪريل نظر آيس.... جنهن جي گلابي بدن تي مٽيءَ جا ذرڙا حسين لڳي رهيا هئا....! هن نِوڙي پنهنجي پيرن هيٺان مٽي کنئي.... ۽ ان کي چميو.... ۽ پوءِ سندس چپن تي بي اختيار شاهه جو شعر: ”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري....!!“ اُچارجڻ لڳو!!

نور حسين ڪلهوڙو

 

 

 

 

 

خواريءَ جو کارو

 

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ شاعر ۽ اديب کنڊڙ کانڊ ٿي ويا. هڪ اديب ٻئي کي چيو: ”سائين ڪيڏانهن ويندا....؟ گهر.... ته پوءِ کنيون هلجو. مون کي به قاسم آباد وڃڻو آهي.“

”اچو اچو.... ويهو.... ويهو....“

ٻئي بائيڪ تي چڙهندي، ڪچهري ڪندي روانا ٿيا. رات جا اَٺ وڄي چڪا هئا، ٽريفڪ جي گاڏين، بتين کي بي لغام ڪري ڇڏيو هو، سامهون اُٿندڙ تيز لائيٽن ڄڻ انڌو ٿي ڪيو. نسيم نگر چونڪ تي گاڏين جي بتين ۽ سيٽين کين موڳو ڪري ڇڏيو هو.... گاڏيون ٻوڏ جي وهڪري جيان، وڌي رهيون هيون.... علي پئليس جي موڙ وٽ.... گاڏين جي تڙ ڀِيڙ ويتر منجهائي ڇڏيو هو. اسپيڊ بريڪر گاڏين کي رنڊائي، ساڻو ڪري ٿي وڌو.

پويان ڪارن جي هارنن جون رڙين مٿان رڙيون هيون، آفيسرن ۽ وڏيرن جي چُهڙن، ڇورن، اوچتو بائيڪ تي گهُتون ٿي هنيون. ڇڇورن ڇورن جي کليل سائيلنسرن وارن اسڪوٽرن هنيانءَ ٿي ڏاريا. سڄي ماحولي گدلاڻ علي پئليس موڙ وٽ گڏ ٿي هئي. گاڏين جي ڊين ڊين ڊرڙ ڊرڙ جا ڀوائتا آواز ٿي اُٿيا، ۽ هنن جي بائيڪ وچ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئي. بائيڪ تي سوار اديبن، هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ٿي هنيا ته مٿان شودن ڇورن جي گهت واري بائيڪ گوڏا نه ڪڍي وجهي، غريب اديبن جي بائيڪ جي ٽين ٽين ڄڻ خواه مخواهه بڪي رهي هئي.

ڪنهن به کين ليکي ۾ نه ٿي آندو، سانوڻ جي حيدرآبادي هوا، تڪڙا ڀاڪر ڀري هٿ ٿي ڪڍيا، هوا جي جهوٽن کان وڌ ٽريفڪ جي طوفانن، بت مان سريڙيون ٿي ڪڍيون.

”ادا.... ادا.... بيڪن اسڪول واري گهٽي پڪڙجانءِ....!“

”پر ايڏانهن ڇو....!؟ “

”اسان جي پرين پياري دوست نامياري شاعر ۽ اديب سان ملڻو آهي.... توکي به هلڻو آهي.... چانهه جي پيالي پي.... ٻه گفتا هڻي هليو وڃجانءِ....!“

گهٽيون لتاڙي وڏي ماڙ واري، نامياري اديب جي بنگلي تي پهتا.... لوڊشيڊنگ سبب بجلي غائب ٿيل هئي، گهٽيون ۽ بنگلا انڌيري ۾ جهنگ جو ڏيک ڏئي رهيا هئا.

اڃا موبائيل جي فليش کي بٽڻ نه لڳايو هئن ته.... جنريٽرن جا چوڌاري ڌوڙيا ٿي ويا.... سولر سسٽم جي بتين انڌي روشني ٿي اُڇلي.

بنگلي جي عاليشان گيٽ جي ڪڙي کي کڙڪايائون.... نامياري اديب جو هٽو ڪٽو جوان پٽ دروازي جي کڙڪيءَ جو ٻيڪڙ کولي، اندران ئي بيٺي اڍنگي آواز ۾ چيو: ”ڇاهي....!؟“

توهان جي والد سان ملڻو آهي.... گهر آهي....!! چويس ته فلاڻا فلاڻا اديب آيا آهن،

”نه نه.... ڪونهين ڪونهين.“ چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳو: ”واندا اديب.... ڪم نه ڪو ڪار وتن ٿا ٻين جا در کڙڪائيندا....!! هون....!!“ پلٽو ڏئي بي سرو ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين: ”بيهو.... بيهو.... ڏسي ٿو اچان....!“ ڄڻ کيس پيءُ جي گهر ۾ موجود هئڻ جي پڪ نه هئي....!؟؟

کن پل کان پوءِ.... ناميارو اديب، ڍرڪندو.... ڦڪيءَ مرڪ سان وراڻيو: ”ڀلي ڪري آيا....“ وڏي رڙ ڪيائين. ”ڇوڪرا ٻه ٽي ڪرسيون کڻي اچو.“ ڇوڪرن پلاسٽڪ جون ڪُرسيون، ڌڙام ڪري رکيون.... سندن سلٽ ۽ رويي مان بيزاري محسوس پئي ٿِي....

بنگلي جي در جي ڀر ۾ ڪرسيون رکرائي ويهڻ لاءِ چيائين: ”ڇا هلندو.... چانهه.... ٿڌو....“

”بس صرف چانهه پئبي.... سا به ڦڪي هجي ته بهتر....“

ادب اخلاص، شاعراڻن صنفن تي ڳالهيون ٿيون.... فن، فڪر، گهاڙيٽو، نثرنويسي تي بحث شروع ٿيا.... ڪنهن به هڪ به موضوع ساهي نه ٿي پٽي.

نامياري اديب، چانهه پهچندي، پنهنجي چِلولن پُٽن جو تعارف ڪرائڻ لڳو. (جيڪي باادب اديب جا بي ادب پٽ هئا)

ايم.بي.اي پيو ڪري.... نهايت ذهين، خوش اسلوب، باڪردار اٿوَ. انگل ڪيائين اسي هزار جي موبائيل وٺي ڏيو، وٺي ڏني مانس.

هيءُ اٿئي منهنجو ٻيو فرزند عقيل.... انٽرسائنس پيو ڪري.... ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق اٿس، ٻنهي کي ڪاليج ۽ يونيورسٽين لاءِ الڳ گاڏيون آهن. پاڻ سرڪاري گاڏيءَ تي گذارو ڪيون ٿا.... عقيل ڏاڍو هوشيار اٿوَ.... سليڪشن نه ٿيس ته سيلف فنانس ڊاڪٽريءَ جي سيٽ وٺي ڏيندومانس...! رب گهڻو ڏنو آهي.... سڀ ٻچن لاءِ آهي.

نامياري اديب جا ٻئي پٽ هنن ٻن غريب اديبن کي ٺٺولي واري چور نظر سان ڏسندي چپ ڀڪوڙي رهيا هئا. ڄڻ وجهه ڳولي رهيا هئا ته موقعو ملي ته هنن واندن اديبن کي ڀڄايون....!! ڇو ته پاڙي جا شودا ڇورا، هنن کي بار بار ڪال ڪري رهيا هئا، ۽ هي انهن ڏانهن وڃڻ لاءِ بيتاب هئا.

چانهه جي سُرڪين تي سنڌ جي ادب تي ٽيڪا ٽپڻي هلي رهي هئي، رکي رکي آڏو واري گهٽيءَ مان گاڏيون اکيون هڻندي ٿي نڪتيون، ڪارن جي پٺين سيٽن تي، سينگاريل مہ جبينن جون اکيون شيشن مان پار ٿي، حيثيت، هيبت ۽ حُسن جون اُماڙيون ٿي اُڇليون.

اوچتو نامياري اديب جي ماڙيءَ تان ڦِٽل کارو، بولاٽيون کائيندو مهمان اديبن جي مٿي تي ٽُٽو کاري ۾ پکين جون وِٺيون ٿڦيل هيون، شايد ڪبوترن جي استعمال جو هو.

کاري جي ڦهڪاءَ ۽ چوٽ سان، مهمان اديبن جي هٿن مان ڪوپ نڪري، پٽن تي پيا، چانهه جي ڦئنگن مهمان اديبن جي ڪپڙن تي ليڪا پائي ڇڏيا.

ناميارو اديب، ڪبوترن جي ڦٽل کاري کي تڪي مٿي پنهنجي ماڙيءَ کي بيوس نگاهه سان نهاريو. هلڪي اوندهه ۾ کيس ڪجهه نظر نه ٿي آيو.... ها البته هن جي ماڙيءَ تي هلڪن سرٻاٽن سان گڏ ٽهڪ شروع ٿي ويا.

هاڻي ادب تي ٽيڪا ٽپڻيون بند ٿي ويون ۽ هڪدم خاموشي ڇانئجي وئي.... ادبي موضوع موڪلائي ويا....!

هڪٻئي کان موڪلائيندي.... مهمان اديبن چيو: ”چڱو سائين هلئون ٿا.“ سُٺي خدمت لاءِ اوهان جي وڏي مهرباني....!!

نامياري اديب چيو: ”سائين ترسو.“

”گنج ٿيو.... سنڌ کي ادب ڏيڻ کان اڳ پنهنجي اولاد کي ڏيو....!!؟“

بائيڪ تي چڙهندي، هڪ اديب چيو: ”عالمن جا پٽ ظالم....“

ٻئي وراڻيو: ”ناميارو اديب.... هون.... خواريءَ جو کارو.“

يار محمد چانڊيو

 

 

 

سَوا ڪانو زمين

 

ٿاڻي ۾ ڊيوٽي ڪندي سال گذري ويا آهن، هتي هر قسم جي قيدين کي بندي خاني ۾ قيد  ۽ آزاد ڪندي زندگيءَ جي سوين ڪهاڻين کي ويجهڙائي کان ڏٺو اٿم.... هر ڪهاڻيءَ جا ڪردار درد ڀرين منظرن جو حصو هوندا آهن.... قبيلائي رتوڇاڻ ۾ بيگناهه مرندڙ ڳڀرن جي مائرن کي قهر جون چيخون ڪندي ڏٺو اٿم ته روايتن جي زخمن ۾ گهايل ٿيندڙ جوان جماڻ عورتن کي بي رحم رشتيدارن جي ظلم خلاف سراپا احتجاج بڻجندي ڏٺو اٿم.... منهنجي خيال ۾ ٿاڻا ئي انهن عورتن جي رسوائي جو پهريون ڏاڪو آهن، ۽ دارالامان ذلالت جو ٻيو ڏاڪو ٿين ٿا، جتي عورت ڪپڙن ۾ ملبوس هوندي به هن سماج ۾ موجود محفوظ گهرن ۾ به محفوظ نه آهن، ٿاڻا گهڻا آهن، جتي هر روز ظلم جا ماريا انصاف جا اجرا خواب کڻي، پنهنجي ڪلهن تي حسرتن ۽ ارمانن جا لاش کڻڻ تي مجبور ٿين ٿا!!

اڄ به ائين ئي ٿيو، نئين صوبيدار جي ايندي ئي وڏيري جعفر خان جي فون آئي ته هُو سموري ٿاڻي جي نفري سان موبائل ڀري نڪري ويو، موبائل واپس آئي ته ٻه خوبرو ۽ پڙهيل لکيا نوجوان موبائل ۾ قيدي بڻجي لاڪپ جو حصو بڻيا.

”ڇو اَڙي....! ڏينهن رات ڏوهه.... سڄو تَرُ تپايو اٿوَ....!!“ صوبيدار جي گارين ۽ داٻن ٻنهي نوجوانن جي چهري تي عجيب ريکائون اُڀاريون، ”اسان ڏوهاري ته ناهيون صوبيدار صاحب....! مان ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ پڙهندو آهيان ۽ هيءَ منهنجو وڏو ڀاءُ استاد آهي....!!“

”ته پوءِ پنهنجي جهوني پيءُ کي سمجهايو، وڏيري سان اُچاٽ نه ڪري!“

”اُچاٽ....؟ ڪهڙي اُچاٽ....؟؟ اسان ته وڏيري جي کٽراڳ مان پاڻ ڦاٿا آهيون.... اسان امن پسند پيءُ جو اولاد آهيون، اسان امن چاهيون ٿا، وڏيري کي سِڱ ڦُٽي آيا آهن، هروڀرو ٻُکيون ٿو هڻي، صوبيدار صاحب....“

”خبردار! وڏيري لاءِ هڪ لفظ به ڳالهايو ٿَو ته....!!“

”اسان پڙهيا ڳڙهيا آهيون.... وڏيري کي سمجهايو.... اسان جي ڪهڙي مجال....!!“

”ڪورٽ ۾ ڪير دانهين آ؟“ صوبيدار جو آواز خوفائتو هو.

”بابو.“

”ڇو؟“

”وڏيري جي واٺن اسان جي موروثي زمين تي قبضو ڪيو آ.“

”عزت سان وڏيري کي زمين لکي ڏيو، ٻي صورت ۾ جيل لاءِ تيار ٿيو!!“

”مگر اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟“ ٻنهي ڀائرن احتجاج واريو، چيائون ”اسان جو ٻيو ڏوهه ڪونهي، اسان پنهنجي زمين ۾ نياڻين جو ماڊل اسڪول ٿا ٺهرايون، جيڪا ڳالهه وڏيري کي نه ٿي وڻي.“

”توهان چاهيو ڇا پيا؟“

”صوبيدار صاحب! اسان علائقي ۾ خوشحالي چاهيون ٿا ۽ وڏيرو بدحالي....! اسان جي علم جي سوجهري سان هر گهر ۾ علم جي روشني چاهيون ٿا ۽ وڏيرو جهالت جو انڌيرو.... اسان برابري چاهيون ٿا ۽ وڏيرو....!!“

”بس! گهڻي تقرير نه ڪر!!“

اُن سَمي: مون کي حڪم ٿيو. مان ٻنهي نوجوانن کي لاڪپ ۾ قيد ته ڪري ڇڏيو، پر سوچيم: ”پنهنجي هٿن کي اڃا ڪيترا مظلوم قيد ڪرڻا پوندا....! مان آخر هر ظلم تي اکيون ڇو ٿو ٻوٽيان....؟ هن نااهل قانون جي محافظن جي ڪري هر ڏسا ويساهه گهاتي ٿي ٿئي.... وڏيرن جون بيگرون وهندي قانون جون ڌڄون نڪري ويون آهن.... هنن جو ضمير ڪڏهن جاڳندو....!؟“

وڏيري جي ٻيهر فون ايندي ئي، نئين صوبيدار پنهنجي داٻي کي وڌيڪ تيز ڪري، ٻنهي نوجوانن کي ائين ڪُٽيو، جيئن اُٺ پَتڻ تي ڪُٽبو آ، ٻنهي نوجوانن جا خوبصورت چهرا تشدد سبب سُڄي رتورت ٿي ويا، پر ڪُڇيا ٻڙڪ به نه....! هن جي بهادر صوبيدار جي هار ثابت ٿي!!

ڪلاڪ ڏيڍ جي وِٿيءَ کان پوءِ. صوبيدار موبائل ۾ نوجوانن جي پيرسن پيءُ کي کنڀي کڻي آيو، چيائين: ”مُنشي هن ڪراڙي کي به اگهاڙو ڪري سچو پتر هڻ.... پوينِ خبر، وڏيرن سان ويرَ جي....!!“

ٻئي نوجوان تڙپي اُٿيا، چيائون ”صوبيدار صاحب، تڪڙ نه ڪر.... نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري....!!“

”ڇا مطلب؟“ صوبيدار جي مُنهن ۾ عجيب سونڊ پئجي وئي!

”اسان وڏيري کي زمين لکي ڏينداسين!!“
ننڍي ڀاءُ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، چيائين: ”جنهن بابي جي محنت سان اسان جون زندگيون تبديل ٿي ويون، اُن بابي جي تذليل اسان کان برداشت نه ٿيندي.... اسان قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون....!!“

”ان جي ضمانت ڪير ڏيندو؟“

”اسين پاڻ ڏوهاري پاڻ ئي ضامن آهيون.... اڄ کان پوءِ وڏيري جو ڪوبه فرياد نه ايندو.“

اهو ڏينهن خيرن سان گذري ويو.

ٻيو ڏينهن ٿيندي ننڍو ڀاءُ ٿاڻي تي موٽي آيو، هن جا ڪپڙا رت ۾ رڱيل هئا.

”ڇا ڪري آيو آن....؟ پاڻ کي رت ۾ ڇو وهنجاريو ٿئي؟؟“

صوبيدار جي آواز ۾ گهٻراهٽ هئي، پر هو فيصلي تي اٽل بيٺل هو، چيائين صوبيدار صاحب! وڏيري کي پنهنجي زمين لکي ڏئي آيس!!“

”ڪيتري زمين؟“

”جيتري وڏيري کي گهربل هئي، سوا ڪانو!!“

نوجوان جي اکين ۾ ڪوبه خوف نه هو ۽ هُو ٿاڻي جي سيخن پويان وڃڻ لاءِ منتظر هو!!

 

چونڊ ادب

 

هڪ ڳالهه هيءَ به ته صاف آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي د‏ؤر جو نئون زنده ادب نه هوندو، ته اسين پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان به ڇڄي وينداسون. جيستائين اسين ادب جي اوسر جو هيءُ سلسلو قائم رکنداسين، تيستائين اسان جو ماضيءَ جو ادب به اسان کان جيئن پوءِ تيئن هٽندو ۽ پري ٿيندو ويندو، تان جو اُهو اسان لاءِ اجنبي ٿي ويندو- جيئن ڪنهن ٻيءَ ڌارينءَ قوم جو ادب؛ ڇو ته اسان جي زبان بدلجندي رهي ٿي، ۽ اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو نمونو، اسان جي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي اثر ۽ دٻاءَ سبب، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو. ۽ ان حالت ۾ جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن، جيڪي پنهنجي غيرمعمولي احساس ۽ شعور کي، لفظن تي غيرمعمولي قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي بخشڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن، ته ان صورت ۾ نه فقط اسان جي پنهنجي اظهار جي صلاحيت، بلڪ، سواءِ خسيس کان خسيس محسوسات جي، ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي محسوس ڪرڻ جي طاقت به نيست ۽ نابود ٿي ويندي.

 

ٽي.ايس.ايليٽ

ٽماهي ”مهراڻ“ 3-4/1997ع

تاريخ ڇا آهي؟    

 

هيءُ سوال، خاصو وڏو سوال آهي؛ پر ان سوال جو اسان سان رڳو ايترو واسطو آهي، جيترو تاريخ جو شاعريءَ سان. ان ڪري آءٌ چاهيان ٿو ته اسان اديبن ۽ شاعرن کي به هن سوال جو ڪونه ڪو جواب فراهم ڪرڻ گهرجي؛ پر پوءِ به اسان لاءِ هيءُ ڪو ٿورو يا ڪو معمولي ڪم نه آهي. اسان مان تمام ٿورا ماڻهو تاريخدان آهن ۽ اڃا به تمام ٿورا علم تاريخ کان واقف آهن. اسان جو نئون ادبي نسل، تاريخ سان ڪا دلچسپي نه ٿو رکي ۽ تمام گهڻا اديب، لکڻ وقت همعصر تاريخ يا تاريخ کان واقفيت رکڻ کي ضروري نه ٿا سمجهن.

اها صورتحال ڪجهه مونجهاري ۾ وجهڻ جهڙي آهي؛ پر آءٌ ڀانئيان ٿو، آءٌ ان صورتحال مان، جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان، ڪنهن نه ڪنهن واضح نُڪتي تائين پهچي ٿو سگهان. جن کي شڪ آهي ته تاريخ ادب تي ڪي فيصلا صادر ڪري به ٿي يا نٿي ڪري! سي ٻن مونجهارن ۾ آهن:

(1)  انهن جو تصور تاريخ جي مفهوم جي باري ۾ واضح ڪونه آهي.

(2) اُهي تاريخ ۽ همعصر تاريخ جي وچ ۾ فرق کي محسوس ڪونه ٿا ڪن.

ٻيا اهي صاحب، جيڪي چون ٿا ته: تاريخ کي ادب جي پويان هلڻو آهي ۽ اسان جو ڪم آهي ادب پيدا ڪرڻ. تاريخ کي پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪرڻو آهي ۽ اديب کي پنهنجو. اديب ۽ تاريخ نويس، پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

هيءَ صورتحال ڪيتريءَ حد تائين سچي ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي؛ انهيءَ ڳالهه جي فيصلي جي لاءِ، گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ضرور ڪرڻو پوندو، ته اسان ادب ۽ تاريخ کي جدا جدا جاين تي سمجهون ۽ انهن ٻنهي جو اڀياس ائين سمجهي ڪريون، ته اهي ٻه جدا علمي سوال آهن ۽ جدا جدا معيارن تي ٻڌل ٻه وڏا معيار آهن ۽ ٻنهي کي پنهنجو پنهنجو ڪونه ڪو ڪردار جدارو به آهي ۽ اهو کين ادا ڪرڻو آهي.

ڪن عالمن تاريخ جي سوال تي انجيل مقدس مان خاصو فڪر پيش ڪيو آهي. اسلامي طرز فڪر ۾ به تاريخ جي نفس، مضمون ۽ مفهوم تي ويچار موجود آهن. عالمن تاريخ کي ’عمر‘ ۽ ’سنة الله‘ جي مفهوم ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تاريخ جي باري ۾ تاريخي مذهبيت (Historical Religiosity) جو خيال هيگل کان شروع ٿيو ۽ اهو اڄ سوڌو ٿوري گهڻي ردوبدل سان اسلامي فڪر ۾ به اختيار ڪيو ويو آهي. تاريخ جي مادي نظريي کي مارڪس پيدا ڪيو ۽ هُن اهو نظريو، پنهنجي فلسفي جدلياتي ماديت جي اصولن تي پرکيو ۽ مقرر ڪيو. وائيڪو (Vico) جو نظريو ٽئائن بي (Toynbee) جهڙن عالمن اختيار ڪيو ۽ تاريخ کي، هنن تاريخي مذهبيت جي تصور ۾ موجود سمجهو، ان ڪري ٽئائن بيءَ کي مذهب جي حمايت ۾ پيش ڪيو ويو.

- الهداد ٻوهيو

شعر جي اڀياس جا نوان طريقا  (شاعري ۽ تاريخ)

ٽماهي ”مهراڻ“ 3/1978ع

تان ورتل ٽڪرا، ص 182، 183

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org