ادب ڇا آهي؟
ادبي تنقيد جي تاريخ هڪ بار آور مطالعو آهي. جنهن
مان جدا جدا نقادن جا مختلف ۽ ڪيترين ڳالهين ۾
متضاد رايا معلوم ڪري سگهجن ٿا. هر دور جي نقادن
”ادب يا ساهت ڇا آهي“ جي سوال تي هميشه غور و فڪر
پئي ڪيو آهي ۽ ان سوال جي ڪنهن قدر خاطرخواهه جواب
ڏيڻ جون پڻ ڪوششون پئي ڪيون اٿن. جن شخصن ”ادب“ جي
مفهوم ۽ مقصد تي ڳوڙهو فڪر ڪيو آهي، انهن کي چڱيءَ
پر ڄاڻ آهي ته انهيءَ سوال جي ڇنڊڇاڻ ۾ جيڪي نُڪتا
پيدا ٿين ٿا ۽ مسئلا اُڀرن ٿا، سي ڪافي اهميت رکن
ٿا، ۽ جيستائين ڪو شخص انهن نُڪتن ۽ مسئلن جو ويهي
سائنسي اصولن پٽاندر تجزيو نه ڪندو، تيستائين هن
لاءِ مٿئين بنيادي مسئلي جي ڪنهن اطمينان جوڳي
جواب تائين پهچڻ ممڪن نه ٿي سگهندو. هت منهنجو
مقصد اهو ڪونهي ته آءٌ ”ادب“ جي انهن سمورين وصفن
تي تبصرو ڪريان، جيڪي اسان جي ڪن مشهور ادبي نقادن
وقت بوقت پئي پيش ڪيون آهن. آءٌ هت جيڪي ڪجهه چوڻ
گهران ٿو، سو فقط هيءُ آهي ته جن تحريرن کي
حقيقتاً ”ادب“ يا ”ساهت“ سڏي سگهجي ٿو تن جون
منهنجيءَ راءِ موجب مکيه خصوصيتون ڪهڙيون آهن. سڀ
کان اول اها ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته ادب ۾
”موضوع“ جهڙي ڪا شيءِ ٿئي ئي ڪانه. حقيقت ۾ هر اها
چيز جنهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکي سگهجي سا هر طرح
ادب جو موضوع بنجي سگهي ٿي، جيئن چيو ويو آهي ته
”هڪ ڪٽ چڙهيل ڪوڪي“ کان وٺي ويندي ”خدا“ تائين
هرڪا ڳالهه ادبي ڪاوش جو موضوع بنجي سگهي ٿي. آرٿر
ڪئلر ڪؤچ لکي ٿو ته ادب جا موضوع ته اڪيچار آهن.
ڪيترين شخصيتن جهڙوڪ پراميٿئس، ڊاڪٽر جانسن، اموجن
۽ مال فلنڊرس، پيئرس دي پلؤمئن ۽ مسٽر پڪوڪ جا
نالا به ادب جو موضوع بنيا آهن، ۽ جاين جڳهين
”خيالي رياستن“، ”ڪرئنفورڊ“، ”لئپوٽا“ ۽ ”ريڊنگ
گول“ کي پڻ موضوع طور استعمال ڪيو ويو آهي.
”ايپيسائيڪيڊئن“ به ادب آهي، ته ”هڪ ٽب جي ڪهاڻي“
به ادب آهي، ان ڪري ڪنهن خاص موضوع جي لاڳاپي سان
ادب جي جامع تعريف ڪري سگهڻ ممڪن نه آهي. انسان جا
سمورا ”خيال“، ”جذبا“ ۽ ”مسرتون“ يا ٿوري ۾ کڻي
چئجي ته ”جيڪي ڪجهه انسان جي روح يا جسم جي مشغلن
سان تعلق رکي ٿو“، ان کي ادب جو موضوع تصور ڪري
سگهجي ٿو.
اي.ڪي بروهي
”مهراڻ“ گولڊن جوبلي نمبر“،
ص 68، 67، 2006ع
دين محمد ڪلهوڙو
گلاب
جي هڪ مُکڙي، ٽِڙڻ کان اڳ...
(هڪ باصلاحيت ۽ ذهين نوجوان
قمرالدين ’سراج‘ نورانيءَ جي ياد ۾)
قمرالدين (1986ع- 1966ع) جو مائٽاڻو نالو سراج
احمد نوراني هو. هُو سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس
حيدرآباد جي اڳوڻي نامور استاد پروفيسر نثار احمد
قمر نوراني صاحب جي گهر ۾ 15- مارچ 1966ع بمطابق
22- ذي القعد 1385هه ۾ ڄائو. سندس پيدائش سِوِل
اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ٿِي. سندس اباڻو شهر شڪارپور
آهي، پر سندس تربيت، پالنا ۽ تعليم، علم جي شهر
مدينـﺔ العلم يعني ڄام شوري ۾ ٿي. هن ميٽرڪ جو
امتحان مارچ 1982ع تي
A
گريڊ ۾ پاس ڪيو. ان کانپوءِ هن
ISSB (Inter Services Selection Board)
جو امتحان 29- مئي 1982ع ۾
گوجرانوالا مان پاس ڪري، 15-آگسٽ 1982ع تي نيوي
فوج ۾ ڀرتي ٿيو، جتي هن 4- اپريل 1983ع تائين
نوڪري ڪئي. ان کانپوءِ هن نيوي جي نوڪري ڇڏي وري
نئين سر تعليم ڏانهن رجوع ٿيو ۽ 1985ع ۾ پولي
ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد جي اليڪٽريڪل ٽيڪنالاجيءَ
مان ڊپلوما ڪري، 12- جنوري 1986ع تي سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ڪيمسٽري شعبي ۾ ليب اسسٽنٽ جي
نوڪري اختيار ڪئي، جتي هِن 22- مئي 1986ع، وفات
تائين ڊيوٽي ڪئي.
قمرالدين سراج نوراني بيحد حساس، نهايت ذهين،
هوشيار، بااخلاق، همدرد، هڏ ڏوکي، نهٺو، سلڇڻو،
سٻاجهو، پاڻ کي تڪليف ڏيئي ٻئي کي خوش رکندڙ،
مهربان، سخي، سڀني سان پيار ڪندڙ، هرڪنهن جِي بنا
تفريق مدد ڪندڙ هڪ ڳڀرو نوجوان هو. هُو گلاب جي
اهڙي مُکڙي هو جيڪا وقت کان اڳ کِڙڻ بجاءِ
مُرجهائجي ويئي. هُن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ همعمر
دوستن تي تمام گهرا ۽ وڻندڙ اثر ڇڏيا ۽ دوستن جو
هڪ سٺو حلقو تيار ڪري ورتو هو. هُو ڪرڪيٽ جو سٺو ۽
فاسٽ بالر ۽ همعمر نوجوانن ۾ سٺو باڪسر هو، محمد
علي سندس پسند جو باڪسر هو.
مختصر ۽ جوان زندگيءَ جو محور ”پيار“ هو ۽ هِن جي
اُها مختصر زندگي اُن پيار کي حاصل ڪرڻ جي سخت
جُستجو ۾ گذري. هُو پنهنجي والدين جو پهريتو ٻار
هو. چيو ٿو وڃي ته هِن کي والدين طرفان گهربل پيار
۽ شفقت نه ملي هئي جو هُو پنهنجي ننڍن ڀائُن ۽
ڀيڻن سان والدين جي طرفان ملندڙ پيار تي ريسَ ڪندو
هو ته والدين هاڻي مون کي اهڙو پيار ڇو نه ٿا ڏين،
جنهنڪري هو ننڍپڻ ۾ ئي سخت ڊپريشن ۾ هليو ويو هو ۽
پاڻ کي اڪيلو ۽ دنيا کان الڳ محسوس ڪندو هو.
مان سمجهان ٿو ته پيار، والدين پنهنجي ٻارن کي
گهڻو ڏين ٿا جڏهن هُو ننڍڙا هوندا آهن پر وڏي
هوندي به پيءُ ماءُ جو پيار هنن لاءِ موجود هوندو
آهي پر اُن جو انداز ۽ ٽونُ بدلجي ويندو آهي. خاص
طرح پهريتو ٻار،جيڪو ٿورو وڏو ٿيندو آهي ته ٻين
ننڍن ٻارن کي گهروارن طرفان ملندڙ پيار کي ڏسي
سمجهي ٿو ته گهروارن کي مان شايد پيارو ئي نه
آهيان، حالانڪه ننڍپڻ ۾ اُن کان به وڌيڪ کيس پيار
ملي چُڪو هوندو آهي پر ننڍپڻ جون اُهي ڳالهيون کيس
هاڻي ياد نه رهنديون آهن. ۽ ٻار اُن حد اندر احساس
ڪمتريءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي. اِن ڳالهه جو
گهروارن کي تمام گهڻو خيال رکڻ گهرجي ته هُو جڏهن
ننڍڙن ٻارڙن کي پيار ڪن ته اُن کان وڏڙن ٻارڙن کي
به اُن جي حصي جو پيار ڏين، نه ته ٻار اڪيلائيءَ ۽
ويڳاڻپ جو شڪار ٿي ويندو ۽ قمرالدين سراج نوراني
به ننڍپڻ ۾ اهڙي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويو
جو جوانيءَ تائين اُن جي گهيري مان نڪري نه سگهيو.
هن جي وجود ۾ پيار واري تشنگي ۽ ڪَمي ننڍپڻ کان ئي
رهجي ويئي هئي ڇو ته هُو گهڻو حساس هو. جڏهن
جوانيءَ ۾ قدم رکيائين ته هن کي مائٽن ۾ هڪ
ڇوڪِرِي پسند اچي ويئي، جنهن سان هِن جِي محبت ٿي
ويئي.هُن به موٽ ۾ کيس محبت ڏني. سراج ته اڳ ۾ ئي
پيار جو سِڪايل هو، تنهنڪري هِن پنهنجي زندگي هڪدم
اُن جي نالي ڪري ڇڏي ۽ اُن سان شادي ڪرڻ لاءِ
مائٽن کي بيحد اصرار ڪيو.سراج جي زور ڀرڻ تي سندس
گهر وارن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي پروپوزل موڪليو.
ڇوڪريءَ وارن اِهو شرط رکيو ته ڇوڪرو پنهنجي پيرن
تي بيهي، پوءِ کيس ڇوڪري ڏينداسون.
پوءِ هن شارٽ ڪٽ رستو ڳولهيو ۽ نيوي فوج ۾ وڃڻ جو
فيصلو ڪيو ڇو ته اُن ۾ پئسو ۽ عزت جلد ملي ٿي، سو
هِن ڏينهن رات محنت ڪري آءِ.ايس.ايس.بِي جو امتحان
ڏنو، جيڪو تمام ڏکيو امتحان هوندو آهي ۽ ماڻهو
گهڻو ڪري ٽن دفعن ۾ به پاس نه ٿي سگهندا آهن. اُهو
امتحان هِن پهرئين دفعي سان پاس ڪيو، جيڪا تمام
وڏي ڳالهه هئي.
قمرالدين سراج نوراني مرحوم پاڪستان نيويءَ ۾
چونڊجي ته ويو پر هِن کي اِها خبر نه هئي ته
ڇوڪريءَ جي گهر وارن رشتي ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي
آهي. سراج ڇهه مهينا نيويءَ ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ سان
گذاري جڏهن هڪ مهيني جي موڪل تي گهر آيو، ته اها
خبر ٻڌي، کيس ڏاڍو شاڪ رسيو ۽ هن سوچيو ته جنهن جي
ڪري فوج ۾ ويس، اها ئي نه ٿي ملي ته باقي فوج ۾
رهڻ جو ڪهڙو فائدو. فوج ۾ ماڻهو وڃي ٿو پنهنجي
مرضيءَ سان پر نڪري پنهنجي مرضيءَ سان نه ٿو،
تنهنڪري سراج ان صدمي جي ڪري سخت ڊپريشن ۾ هليو
ويو، ۽ پوءِ راتين جون راتيون دير تائين جاڳندو
رهيو، صبح جو ڪلاس ۾ ننڊ ايندي هئس ته سزا کائيندو
هو، پر اُن جي باوجود مٿس ڪو اثر نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته
هُو اندر ئي اندر ۾ ڀُري چُڪو هو. زندگيءَ مان اهو
تحرڪ ۽ مزو ختم ٿي چُڪو هو. تنهنڪري سزائن جو مٿس
ڪو به اثر نه پئي ٿيو.
بهرحال جنهن سان هِن کي پيار هو، اُن به هِن کي نه
سمجهيو. شايد انهن کي هن جو فوج ۾ وڃڻ پسند نه هو
۽ رشتو نه ٿيو. ٽن مهينن کانپوءِ سراج کي نيوي مان
برطرف ڪيو ويو، جنهن جو هِن کي فوج مان نڪرڻ
کانپوءِ احساس ٿيو ۽ ٻيهر فوج ۾ وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش
ڪيائين پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. هِن شعوري طرح پاڻ
کي مصروف رکڻ لاءِ ڊائري لکڻ شروع ڪئي ۽ شاعري طرف
به لاڙو رکيائين. لکڻ سان گڏوگڏ مختلف راندين ۾
پاڻ کي مصروف رکيائين.
قمرالدين سراج نورانيءَ ۾ اِها خوبي هُئي جو هڪ
دفعو هُو جنهن سان به ملندو هو، اُن کي پنهنجو
بڻائي ڇڏيندو هو، صرف هِڪ ڇوڪرِي هُئي جا انهن
سڀني گڻن ۽ خوبين جي هوندي به هِن جي پنهنجي نه
ٿِي سگهي.
هِن حيدرآباد جي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج مان اليڪٽريڪل
۾ ڊپلوما ڪئي.اِن وچ ۾ هُو روحانيت طرف رجوع ٿيڻ
لڳو. 8- جون 1984ع/ 20- رمضان المبارڪ تي سنڌ
يونيورسٽي ڪالونيءَ جي بلال مسجد اندر هُو اعتڪاف
۾ ويٺو ۽ 27- رمضان المبارڪ جي رات جي ختم القرآن
واري تقريب ۾ کيس مٿي تي رومال ويڙهيل هو، اُهو
اعتڪاف وارن کي مسجد انتظاميه طرفان مليو هو جيڪو
مرحوم عبدالرحمان مغل صاحب پارايو هئس. ان تقريب ۾
هِن هڪ نعت پڻ چئي هئي. اکيون بند ڪري ائين اندر
جي گهرائين مان نعت چئي رهيو هو ڄڻ ته اها نعت
سندس روح مان رَچي ۽ ڦُٽي نڪتي هجي. وري ٻي سال
28- جون 1985ع/20- رمضان المبارڪ تي جامع مسجد لڳ
علامه آءِ.آءِ. قاضي اندر اعتڪاف ۾ ويٺو. هيءَ
مسجد سنڌ يونيورسٽيءَ کان اوڀر ۾ ٿوري وٿيرڪي
موجود آهي. انهيءَ مسجد لاءِ مشهور هو ته اُتي
جنات رهي ٿي. سراج مرحوم هڪ همٿ وارو ۽ نهايت
بيڊپو نوجوان هو ۽ هُو اُتي اڪيلو اعتڪاف ۾ ويٺو
ته جيئن اها مسجد به آباد ٿئي ۽ ماڻهن تان جنات جو
ڊپ به لهي. اُتي سحري ڏيڻ لاءِ سندس هڪ دوست
عبدالعزيز جيڪو مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ
پڙهندو هو، اُهو سحري سندس گهران وٺي موٽر سائيڪل
تي روزانو ڏيئي ايندو هو. هڪ ڏينهن اهو دوست سحري
ڏيڻ نه آيس، ته سراج مرحوم مسجد جي پيش امام
مولانا دين محمد صاحب کي سحري کڻي اچڻ لاءِ آهستي
چيو، جيڪو مولوي صاحب انهيءَ جامع مسجد جي ڀرسان
رهندو هو، اهو سحري کڻي آيو ۽ پوءِ ٻنهي گڏجي ويهي
کاڌي.
قمرالدين سراج نوراني سٺو ڪيليگرافر به هو. هِن
اعتڪاف دوران چار قل به سٺن اکرن ۾ لکيا، جيڪي وڃي
پاڻ پنهنجي هٿن سان انهيءَ مسجد ۾ لڳايا، جي پوءِ
سراج مرحوم جي وفات بعد سندس والد بزرگوار فريم ۾
مڙهائي انهيءَ ساڳي مسجد ۾ لڳايا،جي اڄ تائين ائين
ئي لڳل آهن، اُهي چار قل مون به ڏٺا. 1985ع جي
ڊائريءَ جا ڪجهه ورق پڙهڻ سان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته
ان سال ۾ هو ڪافي روحانيت ۽ دين طرف راغب ٿي چڪو
هو ۽ ڪافي اطمينان واري زندگي به گذاري رهيو هو،
پر سال 1986ع وري هن لاءِ سخت آزمائش بڻجي آيو.
ٿيو هيئن ته ان سال 30- جنوري تي ڪيمسٽري
ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ڪيمپس ۾ ليب
اسسٽنٽ جي نوڪري کيس ملي ۽ ان وقت سندس پگهار
=/750 روپيا هو. پنج مهينا اُتي نوڪري ڪرڻ کان
پوءِ هِن 22- مئِي 1986ع تي فاني دنيا کي خيرباد
چئي وڃي ٻي دنيا وسائي.
پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته ڪيمسٽري
ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريءَ دوران هڪ غير سنڌي ڇوڪريءَ کي
پسند ڪري ورتائين، جا پهرئين ڇوڪريءَ جي هم شڪل يا
همنام ڇوڪري هئي،جنهن ۾ هِن پنهنجي پهرئين پيار جو
متبادل يا عڪس ڳولهي ورتو هو.چيو ٿو وڃي ته سراج
جا والدين انهيءَ ڇوڪريءَ ۽ اُن جي خاندان مان
مطمئن نه هئا ۽ پنهنجي پُٽ کي اُن رشتي کان
روڪيائون، پر جيئن ته سراج، پيار ۽ محبت جو اڳ ئي
سِڪايل هو ۽ هيءَ ڇوڪرِي اُن ڇڏيل خال ۾ سمائجي
چڪي هئي، جنهنڪري سراج اُن حادثي مان بچي نه سگهيو
۽ هڪ ڏينهن ليب مان خوفناڪ ڪيميڪل کڻي سڌو سنڌ
يونيورسٽي ڪالونيءَ واري گهر ۾ اچي اندران ڪمرو
بند ڪري،اهو خطرناڪ ڪيميڪل کاڌائين. گهروارن کي
جڏهن خبر پئي تڏهن دروازو ڀڃي کيس نهايت ڳڻتيءَ
واري حالت ۾ ڏٺو.پوءِ کيس اسپتال کڻي پئي ويا پر
اهو زهريلو ڪيميڪل پنهنجو مڪمل اثر ڏيکاري چڪو هو،
ان وقت ليب انچارج شايد پروفيسر ڊاڪٽر محمد يار
کهاوڙ هو،جنهن اهو ڪيميڪل ڏٺو ته کيس معلوم ٿيو ته
سراج هڪ خطرناڪ ڪيميڪل کاڌو آهي. اِتي سراج وفات
ڪري چڪو هو۽ عين ان وقت سندس جسم هنڌان هنڌان ڦاٽڻ
شروع ٿي ويو هو.ڊاڪٽر کهاوڙ صاحب جي تڪڙين هدايتن
تي ڊيڊ باڊيءَ کي فوري طور تي غسل ڪرائي، نماز
جنازہ پڙهي سنڌ يونيورسٽيءَ واري قبرستان ۾ کيس
دفنايو ويو. سراج مرحوم جي قريبي دوستن جي چوڻ
مطابق، تدفين جي ٻي ڏينهن سندس قبر ڦاٽي پيئي هُئي
۽ مقام ۾ بدبوءِ ڦهلجِي ويئي هئي. ان موقعي تي
مرحوم جي قريبي دوستن همٿ ڪري مٽي لهرائي ۽ ان قبر
کي ان مٽيءَ سان چڱيءَ طرح بند ڪري ڇڏيو. سندس
حلقئه احباب ۾- جاويد لاڙڪ، محمود مغل،
ڪشورڪمار،امير بخش ڀٽي مرحوم، چندربان، ممتاز
پنهور، نانڪ رام، فقير بخش ڀٽو، محمد شريف، راشد
ميمڻ، ذوالفقار وغيره ۽ آخري ڏينهن ۾ مرحوم طارق
عالم ابڙو به سندس سٿ ۾ شامل ٿيو هو.
دوستن ٻڌايو ته سراج مرحوم سٺو ڪرڪيٽر هو، تمام
سٺي راند کيڏندو هو، بيٺي بيٺي ڇڪا هڻندو هو ۽ هُو
اڪثر چئلينج ڏيئي کيڏندو هو ۽ اڪثر ڪري کَٽندو هو.
طبعيت ۾ خوش مزاج ۽ طنز مزاح وارو خوبرو نوجوان
هو. سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ڊاڪٽر عرض محمد
سولنگي مرحوم جي گهر سامهون نالي جي تختي لڳل
هوندي هئي. هِن ”عرض“ کي ميساري ”مرض“
لکي ڇڏيو. تمام ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. پيپر کان
هڪ رات اڳ اسٽڊي ڪري پرچو ڏيندو هو ۽ فرسٽ ڪلاس
جون مارڪون کڻندو هو. سنڌيءَ سميت اردوءَ ۾ به
شاعري ڪندو هو. سندس اردوءَ جو هڪ شعر مرحوم جي
قبر تي پڻ لکيل آهي-
آج تو اکیلےہی
مالک حقیقی
سے
ملنے
چلے
ہیں
ہم،
کچھ
پڑہ
کر بخش دینا،جب
کبهی
بهی
یاد
آئے
ہم.
مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت (2012ع- 2004ع) دوران
جڏهن طارق عالم ابڙي سان ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڪم
ڪندو هئس ته مرحوم طارق عالم سان گڏجِي مرحوم سراج
جي آخري آرامگاهه تي ٻه ٽي ڀيرا ويو هئس ۽ مرحوم
طارق عالم، مرحوم سراج جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ به
ڏني هئي. ڪجهه مهينا اڳ سراج جي قبر تي منهنجو وڃڻ
ٿيو پر وڏيءَ مشڪل کانپوءِ مرحوم جي آرامگاهه
ڳولهي سگهيس. سندس قبر جي چوڌاري کبڙي وڪوڙيل هئي،
جنهنڪري قبر جو نانءُ نشان ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.
قمرالدين سراج نورانيءَ جي دوست هئڻ جي ناتي مرحوم
طارق عالم ابڙي کي گڙدي جي پيوندڪاريءَ مهل مرحوم
سراج جي مشفق والد پروفيسر نثار احمد نوراني صاحب
پنهنجو هڪ گڙدو طارق کي ڏنو، انڪري جو طارق عالم
سندس پٽ سراج مرحوم جو جگري دوست هو ۽ پروفيسر
نوراني صاحب پنهنجي پٽ جي دوست کي پنهنجو گڙدو
ڏيئي، مرحوم طارق جي زندگي بچائي ڄڻ طارق عالم کي
پنهنجي مرحوم فرزند جو درجو ڏنو ۽ پروفيسر نوراني
صاحب، مرحوم طارق عالم کي پنهنجو پٽ ئي سمجهندو
رهيو.
مرحوم سراج جي هڪ دوست عبدالرزاق سومري ٻڌايوته:
”سراج ڀاءُ هڪ زنده دل انسان هو. مون کي ياد آهي،
اها گهڙي هِن جو اهو آخري جملو جڏهن ڪالونيءَ ۾
زرداد جي دڪان تي پولڪا جي قلفي کائيندي سراج
مرحوم دوستن کي چيو هو ته: يارو! پنهنجي هيءَ آخري
ملاقات آهي. اُن تي سڀئي ڏاڍو کلياسين. مان، عابد
ميمڻ، مرحوم اشتياق ارباب، ان جو ڀاءُ امتياز،
ظهير بڙدي، پرويز پٺاڻ، افسر پٺاڻ، باز گل وغيرہ
هئاسين. پوءِ اسان سڀ دوست پنهنجي پنهنجي گهرن
ڏانهن هليا وياسين. پوءِ هڪ خبر باهه وانگر هوا ۾
شُعلا ٿي ڀڙڪِي ته: سراج هيءَ دنيا ڇڏي ويو. هڪ
بهترين دوست اسان جي دنيا ويران ڪري ويو. الله پاڪ
هن کي جنت ۾ جايون عطا ڪيون هونديون، آمين.“
سندس ٻي هڪ دوست زاهد مرتضيٰ جي چوڻ مطابق: ”سراج
سان منهنجي به تمام گهڻي لڳندي هئي. جيتوڻيڪ مان
هُن کان عمر ۾ ننڍو هئس پر سندس طبعيت ۾ پيار ۽
پنهنجائپ واضح نظر ايندي هئي. سچ ته سراج اندر جو
صاف ۽ زبان جو کَرو ماڻهو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي
قبرستان ۾ به ڪنهن جنازي کي دفنائڻ ويندا آهيون ته
مان سندس تربت تي ضرور ويندو آهيان. ڌڻي کيس جنت ۾
جاءِ ڏيندو.“
قمرالدين سراج نورانيءَ جي ننڍي ڀاءُ معراج احمد
نورانيءَ ٻه حج ڪيا آهن- هڪ 2007ع ۾ پنهنجي امڙ
سانئڻ سان گڏ ۽ ٻيو 2008ع ۾ پنهنجي والد سڳوري،
ڀيڻن ۽ شريڪ حيات سان گڏ. هُن پنهنجي هڪ حج ۽ هڪ
عُمري جو ثواب سندس حوالي ڪيو.
هِن ڊگهي مضمون يا پروفائيل لکڻ جو مقصد- هڪ ته
سراج مرحوم جون جيڪي يادون ۽ ڳالهيون ختم ٿي رهيون
آهن، انهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ٻيو ته اُن جي زندگيءَ
مان جيڪو سبق ملي ٿو، ان کي سمجهڻ، ته جيئن جيڪا
ڪمي اُن جي زندگيءَ ۾ رهجي ويئي، اُها ٻيهر نه
دهرائجي ۽ هِن مضمون جو تعلق رڳو سراج مرحوم جي
خاندان سان نه آهي، پر هي انهن سمورن خاندانن جو
اجتماعي يا گڏيل نوحو آهي، جنهن جا ڳڀرو نوجوان،
وقت کان اڳ پنهنجي والدين، گهر وارن ۽ دوستن کي
فرقت جو داغ ڏيئي هميشه لاءِ هِن دنيا مان هليا
وڃن ٿا.
آمنه ابڙو
سنڌي ٻولي ۽ سراج- سيمينار
سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران 28
آڪٽوبر 2019ع تي برک ليکڪ ۽ دانشور سراج الحق ميمڻ
جي سالگره جي مناسبت سان هڪ سيمينار
’سنڌي ٻولي ۽ سراج‘
جي عنوان سان ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿي گذريو، جنهن
۾ سنڌ جي ناميارن اديبن سراج صاحب جي شخصيت ۽ سنڌي
ٻوليءَ، ادب ۽ سماج لاءِ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي
۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو.
سيمينار جي شروعات شاه لطيف جي وائيءَ سان
ٿي جيڪا اديب ۽ فنڪار اختر درگاهيءَ پيش ڪئي.
سڀ کان پهرين سراج انسٽيٽيوٽ جي چيئرپرسن
ڊاڪٽر فهميده حسين آيل مهمانن جي آجيان ڪندي
سيمينار جي عنوان جو پسمنظر ۽ تعارف پيش ڪيو ۽
ٻڌايو ته ڪيئن ون يونٽ جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
قدامت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سراج صاحب تحقيق
ڪري پنهنجو نظريو ڏنو ته سنڌي ٻولي نه آريائي آهي،
نه سامي، نه ٻي ڪنهن ٻوليءَ مان نڪتي آهي بلڪ اها
قديم سنڌو ماٿريءَ جي پنهنجي
indigenous
اصلوڪي ٻولي آهي جنهن کي اڄ جديد دور جا
ماهر نه صرف قبول ڪن ٿا بلڪ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ
جي مدد سان ثابت پڻ ڪري رهيا آهن.
ان مفروضي کي ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌي
ڪمپيوٽنگ جي ماهر امر فياض ٻرڙي پاران هڪ
پريزنٽيشن پيش ڪئي وئي جنهن جو عنوان هو
’سنڌي ٻوليءَ بابت سراج صاحب جو نظريو جديد تحقيق جي روشنيءَ
۾‘ جنهن کي حاضرين طرفان تمام گهڻو ساراهيو
ويو.
ان کان پوءِ اديب ۽ صحافي زرار پيرزادي " جديد
سنڌي صحافت جو باني سراج" جي عنوان تي ڳالهائيندي
ڀرپور انداز ۾ سراج صاحب جي خدمتن تي روشني وڌي ۽
کيس خراج تحسين پيش ڪيو.
سراج صاحب هڪ اعلي پائي جو ڪهاڻيڪار به
هو، ان حوالي سان سندس ڪهاڻيءَ جو ساءُ پيش ڪرڻ
لاءِ محترمه آمنه ابڙو سندس هڪ ڪهاڻي
’هڪ مرد-
ٽي لاش‘
پڙهي ٻڌائي.
انهن سنجيده موضوعن کان پوءِ آيل مهمانن
جي موڊ کي خوشگوار ڪرڻ لاءِ جناب اختر درگاهيءَ
سرن جي ورکا ڪئي جنهن ۾ هن شاه لطيف جي واين کي
ڳائڻ جا مختلف انداز پيش ڪيا. سندس خوبصورت آواز ۽
انداز ٻڌندڙن جون دليون موهي ڇڏيون.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر سحر گل پنهنجي خوبصورت
اڪيڊمڪ انداز ۾
’سراج جي تاريخي ناولن جي همعصر دور ۾
اهميت‘ تي ڳالهايو ۽ سندس ناولن مان اقتباس پڻ
پڙهي ٻڌايا.
فيڊرل اردو يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ اديب
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پاران
’سراج
صاحب جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ خدمتون‘ جي عنوان تي مقالو پيش ڪيو ويو.
سن 1948ع ۾ شهر ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇني
ڌار ڪرڻ کان پوءِ وري 1954ع ۾ ون يونٽ لڳائي سنڌ
جي وجود تي وار ڪرڻ جي رد عمل ۾ سراج 1956ع ۾ جيڪو
شاهڪار نظم
’ڪراچي‘ جي عنوان سان لکيو هو، ان جي اڄ جي دور
۾ ٺهڪندڙ افاديت کي ڏسندي ان کي خاص طور ڪمپوز ڪري
جديد انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ جناب بيدل مسرور کي
گذارش ڪئي وئي هئي. هن پنهنجي جديد انداز ۾ سُرن
جي ورکا ڪندي سراج جي ان نظم کان سواءِ امداد
حسينيءَ ۽ شمشيرالحيدريءَ جا نظم ٻڌائي داد حاصل
ڪيو.
سراج جي انهيءَ نظم
’ڪراچيءَ‘ جي لکجڻ جي پسمنظر تي ڳالهائيندي پروفيسر تاج جويي سنڌ ۾ ان
دور جي سياسي حالتن بابت پنهنجو مقالو پيش ڪيو
جنهن جو عنوان هو
’سنڌ، سائين جي.ايم.سيد
۽ سراج جو نظم ڪراچي.‘
ان کان پوءِ مشهور سنڌي شاعره ۽ اسڪالر
پروفيسر ڊاڪٽر سحر امداد
’سنڌي
ٻوليءَ بابت سراج جي ڪيل تحقيق‘
جي عنوان تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
آخر ۾ سنڌ جي ناليواري ليکڪا ۽
ڊرامه نگار نورالهدي شاهه
سراج جي ناول مان مختلف اقتباس پڙهيا ۽ اڄ جي
نوجوان ٽهيءَ لاءِ ان جي اهميت موجوده دور جي
نسبت سان اجاگر ڪري ٻڌائي ۽ سنڌ جي تاريخ کي سمجهي
وطن سان محبت ڪرڻ لاءِ هن ناول پڙهڻ جو مشورو
ڏنو ۽ تاڙين جي گونج ۾ داد حاصل ڪيو.
پڇاڙيءَ ۾ سراج صاحب جي فرزند سڄاڻ اديب ۽
مترجم ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ پاران پروگرام ۾ آيل
سمورن عالمن اديبن ۽ حاضرين جا ٿورا مڃيا ويا.
ويندي ويندي حاضرين جي بيحد اصرار تي جناب
اختر درگاهيءَ پنهنجي ڏاڏي مائي بيگم فقيرياڻيءَ
جو ڳايل شاه لطيف جو ڪلام پيش ڪيو.
اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ ۽ سراج جي حوالي
سان ڪيل ڪامياب پروگرام اختتام تي پهتو، جنهن ۾
اسٽيج سيڪريٽريءَ جو فرض محترمه وحيده مهيسر
سرانجام ڏنو ۽ ان کي بهترين نموني پيش ڪرڻ جو سهرو
محترمه انيس ميمڻ جي سر رهيو.
هيءُ پروگرام اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي
سهڪار سان پيش ڪيو ويو.
نديم پنهور
سماج سڌارڪ صحافي اديب ۽ ليکڪ
ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي ڪيل خدمتن تي ڪوٺايل
تقريب
سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ
جي 42هين سالگره جي موقعي تي ’اينيميري شمل ريسرچ
اڪيڊمي‘ جي سهڪار سان ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي
باني، نامياري سماج سڌارڪ، اديب، ليکڪ ۽ صحافي
ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي صحافتي تعليم وارين خدمتن
جي موضوع تي تاريخ 20 سيپٽمبر 2019ع تي سيمينار
ڪوٺايو ويو. ڪوٺايل سيمينار ۾ ڊاڪٽر خان محمد
پنهور جي سماجي، صحافتي، علمي ۽ ادبي خدمتن تي
شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي. هن موقعي تي نامياري
اسڪالر فهيم نوناريءَ خطاب ڪندي چيو ته: ”ڊاڪٽر
خان محمد پنهور جاکوڙي ڪردار هو، اسان جو استاد
هو، سندس سنڌ جي خوشحالي علم، ادب ۽ صحافت ۾ اڻٿڪ
جفاڪشيون ايندڙ نسلن تائين اُتساهه ڏينديون
رهنديون. سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچيءَ چيو
ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور عوامي خدمت جو انمول هيرو
هو، ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد رکي ڳوٺن کي سڌارڻ سان
گڏ صحت ۽ تعليم جا سال ملهايا، ڳوٺ، ڳوٺ شهر شهر
پهچي عملي طور عوامي ڀلائيءَ جا بيمثال ڪم ڪيا،
سندس عوامي سجاڳيءَ واري ڪردار سان ماڻهن پُٽن سان
گڏ نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي، هن وڌيڪ
چيو ته سنڌي ساهت سال 1981ع ۾ سنڌي اخبارن خاص
نمبر ۽ نوان ڪتاب شايع ڪرايا.
ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي گهر واري نسيم خان پنهور
چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور پوري زندگي ڌرتي ۽
ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڳوٺن کي ترقي ڏيارڻ
لاءِ اڻٿڪ جدوجهد سان پنهنجو خواب ساڀيا ڪيو، سوين
اسڪول کولرائڻ سان گڏ بنيادي سهولتون ڏيارڻ لاءِ
اثرائتي مهم ۾ هميشه ڪامياب رهيو.
ماحولياتي ماهر ناصر پنهور ڳالهائيندي چيو ته
ڊاڪٽر خان محمد پنهور غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ
ڪري ننڍپڻ کان ئي وڏي جفاڪشي ڪئي، تعليم حاصل ڪرڻ
کان تعليم ڏيارڻ تائين اڻٿڪ محنتون ڪيون. مادر
علميءَ ۾ صحافت جي شعبي جو بنياد وجهڻ سندس اڻ
ڳڻين قومي خدمتن مان هڪ آهي، جنهن لاءِ ميڊيا اينڊ
ڪميونيڪيشن اسٽيڊيز جو نالو سندس نالي سان منسوب
ڪيو وڃي.
شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ چيو ته سنڌي
اخبارن ۽ رسالن کي اشتهار بند ٿيا ته پاڻ سنڌي
اخبارن ۽ رسالن جي جماعت ٺاهي ۽ سنڌي صحافت تي
سيمينار ڪرايا، هُو اڪيلي سِر هڪ اداري جو ڪم ڪندو
هو. ڊاڪٽر خان محمد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافتي شعبي
جو بنياد وڌو، اڄ هتان پروفيشنل صحافي ميدان ۾
مختلف ٽي.وي چينلز ۽ اخبارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر ثمينه ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر
خان محمد پنهور هن صديءَ جو بي لوث سماج سڌارڪ،
صحافي، اديب ۽ ليکڪ هو. پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ هن
وڏا وڏا ڪم ڪيا. هو بهترين استاد هو. هُن ٻهراڙين
کي ترقي وٺرائڻ سان گڏ نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙ
ڪئي، سيمينار ۾ شعبي جي 42هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو
ويو، ان موقعي تي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي
تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
|