سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

 

سوچ - لوچ

سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪردگي ۽ بورڊ جي چيئرمين

مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جي پريس ڪانفرنس:

سنڌي ادبي بورڊ جي نئين جوڙيل بورڊ آف گورنرس جا ٻه اجلاس بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جي صدارت ۾ ٿي گذريا آهن، بورڊ آف گورنرس جي اجلاسن ۾ چار مختلف انتظامي ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جيڪي مختلف معاملن ۽ بورڊ جي ڪاروهنوار تي نظرداري ڪنديون.

بورڊ آف گورنرس کي جُڙئي مهينا گذريا آهن، بورڊ جي محترم چيئرمين صاحب طرفان سنڌي ادبي بورڊ جي انتظامي ۽ مالي معاملن جي مستقل حل لاءِ ڪارائتيون ڪوششون وٺڻ سرفهرست آهن. اهڙيءَ طرح بورڊ جي چيئرمين صاحب پاران تاريخ 16- آڪٽوبر 2019ع تي ستن مهينن دوران ڪيل ڪوششن جي سلسلي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏني ويئي. چيئرمين صاحب تمام بهتر انداز ۾ بورڊ جي بهتري ۽ سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدمن بابت ميڊيا کي آگاهي ڏني. اُنهن ميڊيا کي ٻڌايو ته چار انتظامي ڪاميٽيون بورڊ آف گورنرس منظور ڪيون آهن. جن ۾ اسٽنڊنگ ڪاميٽي، ايگزيڪيٽيو ۽ ايمپلائز ڪاميٽي، مالياتي ڪاميٽي ۽ پبليڪيشن ڪاميٽي شامل آهن. اُنهن چيو ته سندس ڪوشش آهي ته حڪومت طرفان ملندڙ گرانٽ ۾ ڪٽوتي نه ٿئي، ڇاڪاڻ جو گذريل سال وفاقي حڪومت جي حڪم جي روشنيءَ ۾ بورڊ جي سالياني گرانٽ مان 72 لک روپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ۽ هن سال
20-2019ع جي پهرين قسط مان 25 لک روپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. جنهن لاءِ سنڌ سرڪار سان لکپڙهه ڪئي وئي آهي ته جيئن بورڊ کي مالي خساري مان آجو ڪري سگهجي. مخدوم صاحب ميڊيا کي ٻڌايو ته بورڊ جي ترقياتي ڪمن لاءِ منظور ڪيل
PC-I جي آخري قسط ٻه ڪروڙ ڏهه لک جاري نه ٿي آهي، جنهن لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. انهن چيو ته منهنجي ايامڪاريءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهريون ڀيرو ڪتابن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بورڊ ۾ ڪتابي ميلو لڳايو ويو، جڏهن ته ڇپائيءَ جي انتظار ۾ پيل 37 ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن ۽ بورڊ جي رسالن کي ريگيولر بنيادن تي شايع ڪيو پيو وڃي. بورڊ جي لائبريريءَ کي وڌيڪ فعال ۽ پڙهندڙن لاءِ مفيد بڻائڻ لاءِ فني تبديليون آنديون پيون وڃن، جڏهن ته بورڊ جي آن لائن لائبريريءَ کان علاوه هڪ وڌيڪ ويب سائيٽ تيار ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ بورڊ جي تاريخ ۽ ڪارڪردگيءَ بابت تفصيل موجود ڪيا ويا آهن. بورڊ جي چيئرمين صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي مستقبل لاءِ منصوبن بابت ميڊيا کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته بورڊ ڪيترن ئي نون منصوبن تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جن لاءِ PC-I تيار ڪرڻ ۽ بورڊ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ حڪومت طرفان مالي امداد جي ضرورت آهي. مستقبل جي پروجيڪٽس بابت چيئرمين صاحب آگاهي ڏيندي چيو ته بورڊ جي ملازمن لاءِ رهائشي ڪالوني ٺهرائڻ، مختلف ضلعن ۾ بوڪ شاپس ۽ ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ، نوان توڙي تاريخي طور اهم پراڻا ڪتاب ڇپائڻ، قلمي نسخن کي محفوظ ڪرڻ، سيمينار ۽ مذاڪره ۽ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ، عالمي ادب جو سنڌي ۾ ۽ سنڌي ادب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائڻ، بورڊ جو پنهنجو ايف.ايم ريڊيو قائم ڪرڻ، لائبريريءَ لاءِ نئين بلڊنگ جوڙائڻ، ادبي انسائيڪلوپيڊيا مرتب ڪرائڻ، سنڌ جي عظيم صوفي شاعرن جي شاعريءَ کي سنگيت جي روپ ۾ ڪمپوز ڪري ان جون CDs ٺهرائڻ ۽ بورڊ جي توسيع لاءِ زمين حاصل ڪرڻ شامل آهن. جڏهن ته زمين جي سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ سان لکپڙهه ڪئي وئي آهي، اُنهيءَ اضافي زمين تي بين الاقوامي ادارن مطابق بورڊ جي لائبريري، آفيس جو نئون بلاڪ، ڪتابن ۽ مسودن جي ريسٽوريشن ۽ پرزرويشن جو نئون بلاڪ، رائٽرس هاسٽل وغيره جون اڏاوتون جوڙي سگهبيون.

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين صاحب طرفان ڪيل ڪوششن کي ادبي ۽ سماجي حلقن ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي ۽ اها قوي اميد آهي ته سنڌي ادبي بورڊ موجوده چيئرمين صاحب جي سربراهيءَ ۾ بورڊ آف گورنرس جي فيصلن سان وڌيڪ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو.

پبليڪيشن ڪاميٽي:

سنڌي ادبي بورڊ جي پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جي فيصلي تحت تاريخ 07- آگسٽ 2019ع تي بورڊ جي معزز ميمبرن ڊاڪٽر دُرمحمد پٺاڻ (چيئرمين)، بطور ميمبرن ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر اسد ’جمال‘ پلي تي مشتمل پبليڪيشن ڪاميٽي جوڙي وئي آهي ۽ معزز ميمبرن تي مشتمل ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽوريل بورڊ قائم ڪيو ويو آهي. مٿي ذڪر ڪيل پبليڪيشن ڪاميٽي ۽ ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر صاحبان سنڌي ادب ۽ تاريخ جا نامور اسڪالر آهن ۽ سندن موجودگيءَ سان ٽماهي ’مهراڻ‘ وڌيڪ بهتر نموني شايع ٿيندو ۽ سنڌي ادب توڙي تاريخ، سماجيات ۽ ٻين شعبن ۾ معياري تحريرون پڙهندڙن کي ميسر ٿي سگهنديون.

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر ’مهراڻ‘

انور پيرزادو

 

 

 

 

(جنم: 25- جنوري 1945ع - وفات: 07- جنوري 2007ع)

اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان!

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

 

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

جنهن رات ۾ تو تي بيت چيا

 

مون تنهنجي ڏات ڏيا مان اڄ

سا رات اڃا ڀي جاري آ

 

جان هڪڙو چُڪڙو چاهه چکيو

۽ سج ڏنگايون ڪو نه ڇڏيون

 

ويڙهاند سندو ويراڳ ڪيو

هي پنڌ پري جو واري آ

 

هر ماڻهوءَ کي مون ڀاءُ ڪيو

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

 

ٿي تنهنجيون وايون آءٌ وڙهان

--

 

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

 

--

اڄ رات رُنو آ رت ڦڙو

 

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

۽ تارا سور پيئن ٿا پيا

 

هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي

هوءَ سانجهي سڏڪي روئي ٿي

 

ڌرتي کان ڌار ڇني ٿا ڪن

۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا

 

ٿيون وايون تنهنجيون وار پٽن

توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان

 

۽ سُرڙا تنهنجا اوسارن.

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

 

هي ارهي سرهي دانهن ڏجان!

--

 

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

 

--

مون تنهنجن راڳن جي سُر ۾

 

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

جان سنهڙي سينڍ وڄائي آ

 

ڪنهن انڌوڪار انڌا ڪيا هن

هر ماڻهوءَ ڀينڊ هنئي آهي

 

ٿا ماڻهو توکي شاهه چون

هر گهر گهٽي ڄڻ ڦاهي آ

 

۽ تنهنجي راڳ رسالي کي

اُت ڪرڻن جي ڪا ڪوڪ ڪجان

 

ٿا آيت سمجهي ڪنڌ هڻن

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

 

تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن

 

 

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

عبدالڪريم پلي

 

 

 

 

(جنم: 21- آگسٽ 1940ع - وفات: 04- نومبر 1991ع)

ڪافي

 

وري آ او جاني، جُدائي ٿي ماري،

ڏسان راه تُنهنجي،  هنجون روز هاري!

 

اچي جنگ سورن، جڏي جيءَ سان جوٽي،

وئين جيئن ته ڪَل ڪا لَڌئي ڪان موٽي،

ٿڪس ڪانگ تولئه اُڏاري اُڏاري!

 

نئين سج، نوان پُور تنهنجا پون ٿا،

کُٽن ئي نٿا ڏينهن ڏکيا ڏکن جا،

عجب آهه ويهي رهئين ڪيئن وساري!

 

سدا تات ۽ تار تُنهنجي ئي آهي،

سوا تنهنجي ٻيو ڪجهه رهيو ياد ناهي،

اٺئي پهر، دل ’تون ئي تون‘ ٿي تنواري!

 

ڀري پِرت مان پير ايندين ڪڏهن تون،

اچي جيءَ ۾ جايون اڏيندين ڪڏهن تون،

’ڪريم‘ آسري ۾ پيو ڏينهن گهاري!

ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

 

 

 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾

’تجنيس مُطرَّف جو جائزو

·       جائزي جو پس منظر:

سنڌي ٻوليءَ جي محافظ، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ لفظن جي عجيب جادوگري آهي، ائين لڳندو آهي ته ڄڻ لفظ سندس محتاج هجن. مولوي صاحب تجنيس حرفيءَ جو ته شهنشاهه رهيو آهي. هڪ مطلع خيال خاطر:

سڄڻَ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا سَٽڪا،

ڦَٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦَٽ، ڦَٽ مٿي ڦَٽڪا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون: 65)

سنڌي ٻوليءَ جي محافظ ۽ خاص طور لاڙي ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندڙ، مولوي احمد ملاح ڪلاسيڪي صنفن (بيت ۽ ڪافي) ۽ عروضي صنفن (غزل، مخمس، مسدس وغيره) تي مَلڪو رکندڙ شاعر رهيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي ته ڪمال جي رهي آهي، ان تجنيس جي اندر وري مختلف تجنيسون سمايل آهن، جن کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن وٺڻ جي گهرج آهي. هتي ’تجنيس مُطرَّف‘  کي مرڪوز ڪجي ٿو.

مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ’علم عَروض‘ ۾ تجنيس مُطرَّف جي وضاحت ڏنل آهي ته: ”جنـ هن ۾ ٻه همجنس لفظ هجن، جي حرفن ۾ متفق هجن، سواءِ پوئين حرف جي، جو مختلف ٿو ٿئي.“ (قليچ، 2016: 99) جنـ هن جا مثال به هن ريت ڏنل آهن: ’ڪلال‘- ’ڪلام‘، ’گلاب‘- ’گلال‘، ’خرار‘- خراب‘، ’دلداد‘- ’دلدار‘ ۽ ’آزار‘- ’آزاد‘ وغيره. ظفر عباسيءَ ( 2007: 414- 415) پڻ هيءَ تجنيس ڄاڻائي آهي، پر ساڳي مرزا قليچ واري اتاري رکي آهي.

لفظ ’مُطرَّف‘ مان مراد ڪنـ هن جو طرف يا پاسو مٽيل ڏسيو ويو آهي. متفق طور اها ئي وضاحت ملي ٿي ته ’تجنيس مُطرَّف‘ ۾ ٻن لفظن جي اهڙي ڀيٽ ڏيکاريل هجي، جنـ هن جا اڳيان اکر ساڳيا هجن ليڪن آخري اکر تبديل هجي. هيءَ تجنيس، ’تجنيس مضارع‘ جو هڪ جز چئي سگـ هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته مضارع ۾ به اهڙا تشبيـ هه رکندڙ لفظَ رکيا ويندا آهن جن جو شروعاتي، وچيون، آخري يا حرف علت نسبت هڪ اکر تبديل هجي. ’تجنيس مُطرَّف‘ ۽ ’تجنيس مضارع‘ ۾ خاص فرق اهو آهي ته مضارع جي همجنس لفظن ۾ ڪوبه هڪ حرف (اڳيون، وچيون يا پويون) تبديل هجي، ليڪن ’تجنيس مُطرَّف‘ ۾ صرف آخري اکر جي تبديلي رهي ٿي. وڌيڪ اهو به چئي سگهجي ٿو ته تجنيس مضارع جا اهڙا مثال جن جو آخري اکر تبديل هجي ته ان کي ’تجنيس مُطرَّف‘ جو به مثال چئي سگهجي ٿو. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ’تجنيس مضارع‘ هڪ جامع حيثيت رکندڙ تجنيس آهي؛ ’تجنيس مُطرَّف‘ ان جو هڪ اهڙو مخصوص جز آهي، جنـ هن ۾ ڪنـ هن لفظ جا پهريان اکر ساڳيا هجن، ليڪن آخري اکر جي تبديلي هجي. ’تجنيس مُطرَّف‘ کي ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز پڻ چئي سگهجي ٿو.

·       جائزي جا سوال:

                                    ·       تجنيس مُطرَّف جي ڇا مراد آهي؟

                                    ·       ڇا تجنيس حرفي، تجنيس مُطرَّف ۽ مضارع جي ماءُ چئي سگهجي ٿو؟

                                    ·       ڇا تجنيس مُطرَّف، تجنيس مضارع جو جز چئي سگهجي ٿو؟

                                    ·       ڇا تجنيس مُطرَّف جي همجنس لفظن ۾ اکرن جي تعداد جي پائبندي آهي؟

                                    ·       مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مُطرَّف جو استعمال تجنيس حرفيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪيتري سطح جو آهي؟

            ·       جائزي جو عمل:

            ·       تجنيس مُطرَّف جي معنى ۽ مراد:

تجنيس مُطرَّف بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻايو آهي ته: ”جنـ هن ۾ ٻه همجنس لفظ هجن، جي حرفن ۾ متفق هجن، سواءِ پوئين حرف جي، جو مختلف ٿو ٿئي.“ (قليچ، 2016: 99)

جامع سنڌي لغات ۾ اصطلاح جي لفظ ۾ فرق آهي، ڄاڻايل آهي ته:

 ”تجنيس مطرَّب: ث. شعر ۾ ٻن مفرد لفظن جي پوين اکرن ۾ تبديل پيش ڪندڙ صنعت ’خار ۾ هن خام چيو، پر ڪين ٿيس مقصد تمام‘.“ (بلوچ، 1981: 491)

ممڪن آهي ته ’مُطرَّف‘ مان ’مطرَّب‘ پروف جي غلطيءَ سببان ٿيو هجي، ليڪن ساڳيو لفظ ’نئين جامع سنڌي لغات‘ (بلوچ، 2004: 443) ۾ ٿو ڏسجي ته به ساڳي لکت ۽ وضاحت، مثال سوڌي ڏنل آهي. حقيقت ۾ ’مطرب‘ جي معنى ’خوشي يا غم ۾ جهومڻ‘ واري ٿئي ٿي، جيڪا تجنيس سان ڪنـ هن به صورت ۾ ٺـ هڪاءَ ۾ نه ٿي اچي.

·       تجنيس مُطرَّف جو اشتقاق:

فيروزاللغات عربي- اردو جي مدد سان تجنيس مُطرَّف جو اشتقاق هيٺين ريت رکجي ٿو:

تجنيس مُطرَّف:  [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مُطرَّف- مُفَعَّل- اسم مفعول (طَرَفَ = هن اک ڇنڀي) پاسو ورتل، ڪنارو مٽيل] تجنيس جي اها صورت جيڪا، ٻن همجنس لفظن جي اڳين اکرن تائين ساڳي هجي، ليڪن آخري اکر مٽيل هجي، جيئن: ڪٽر- ڪٽڪ، سرس- سرت، ڪرت- ڪرڀ وغيره.

·       تجنيس مُطرَّف ۽ تجنيس حرفيءَ ۾ مماثلت:

تجنيس حرفيءَ مان مراد ڪنـ هن بيان يا شعر ۾ تقريباً هر لفظ جي شروعات ساڳئي حرف سان ٿيندي هجي، جيئن:

دولتون، دانائيون، دنيا، دوائون، دان، دين،

در مٿان دادار ڏئي ٿو، هر مـ هل جيڪي مَڱو.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پـ هريون، 84)

مٿئين شعر ۾ ’دال‘ اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ ڪم آندا ويا آهن، جنـ هن سبب ان کي تجنيس حرفيءَ جو مثال چئبو. انهن ساڳين لفظن ’دولتون، دانائيون، دنيا، دوائون، دان، دين، در، دادار‘ ۾ جيڪڏهن ٻيو لفظ به ڪنـ هن ٻئي ساڳئي اکر سان شروع ٿئي ها ته پوءِ ان تي اکرن جي تعداد جي بنياد تي غور ڪجي ها ته ڪٿي تجنيس حرفيءَ کان هٽي ڪري ڪا ٻي تجنيس ته ڪونهي! ساڳئي نموني هيٺئين شعر کي جاچجي ٿو:

نه ’محروم‘ ڪر، بلڪ مرحوم ڪر مون،

مَرڻ ڏي مسافر کي منجهه مُلڪ ’محروس‘.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 292)

’محروم، مرحوم، مون، مرڻ، مسافر، منجهه، ملڪ، محروس‘ لفظن جي شروعات ’ميم‘ سان ٿئي ٿي، جنـ هن سبب ان کي تجنيس حرفيءَ جو  مثال ته سڏبو ۽ جيڪڏهن جاچجي ته ’محروم‘ ۽ ’محروس‘ اهڙا همجنس لفظ آهن، جيڪي اڳين اکرن ’محرو...‘ تائين ساڳيا آهن، ليڪن آخري حرف تبديل آهي، جنـ هن بنياد تي اهو چئي سگهبو ته اهو تجنيس حرفيءَ کان علاوه ڪا ٻي ’تجنيس‘ به ٿي سگهي ٿي، جيڪا آهي ’تجنيس مُطرَّف‘!

·       تجنيس مُطرَّف ۽ مضارع ۾ مماثلت:

ڄاڻايل مٿئين شعر ۾ لفظ ’محروم- مرحوم- محروس‘ هم جنس آهن ۽ جيڪڏهن ’محروم‘ ۽
’مرحوم‘ جي ڀيٽ ڪبي ته اهو ’تجنيس قلب‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ’محروم‘ ۽ ’محروس‘ جي ڀيٽ ڪبي ته آخري اکر جي مٽجڻ سان ’تجنيس مُطرَّف‘ جو مثال ته آهي ئي آهي، ليڪن ان کي ’تجنيس مضارع‘ جو به مثال سڏي سگهبو، ڇاڪاڻ ته ’تجنيس مضارع‘ اهڙن ٻن هم جنس لفظن کي چئبو آهي جن جي اڳ، وچ، پڇاڙي، يا حرف علت واري هڪ اکر جي تبديلي هجي. ان هڪ اکر جي تبديلي ’محروم‘۽ ’محروس‘
۾ موجود آهي، ان سبب ان کي يڪسان طور تي مُطرَّف ۽ مضارع جو مثال چئي سگهبو.

·       تجنيس حرفي ۽ مضارع ۾ مماثلت

            ·       آخري حرف جي تبديليءَ وارا لفظ تجنيس حرفي، تجنيس مُطرَّف ۽ مضارع پڻ سڏبا.

            ·       اهو خيال ته عام آهي ته ’تجنيس حرفيءَ‘ موجب ڪوبه لفظ ساڳئي اکر سان شروع  ٿيندو آهي. جيڪڏهن همجنس لفظن جا پهريان اکرَ ساڳيا ۽ آخري اکر تبديل هجي ته انهن هم جنس لفظن جي تجنيس مُطرَّف سڏبي. يعني تجنيس مُطرَّف، هر صورت ۾ ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز آهي.

            ·       تجنيس حرفيءَ جي تجنيس مضارع سان مماثلت وچئين يا آخري حرف جي ساڳيائپ واري بنياد تي ٿي سگهي ٿي، ليڪن مضارع جا اهڙا همجنس لفظ جيڪي ساڳئي حرف سان شروع نه ٿين ته ان صورت ۾ تجنيس حرفيءَ جو جز نه ٿو ٿي سگهي.

·       تجنيس مُطرَّف (آخري اکر جي تبديليءَ سان)

تجنيس مُطرَّف، ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز آهي ۽ پڻ ’تجنيس مضارع‘ جا ٻه حصا (وچئين يا آخري اکر جي تبديليءَ سبب) تجنيس حرفيءَ جو جز آهن. جيئن ته مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس حرفي‘ جي حرفت ڪافي سمايل رهي آهي، ان ڪارڻ سندس  شاعريءَ مان تجنيس مُطرَّف جا مثال جاچجن ٿا:

·       آخري وينجن اکرن جي تبديليءَ سان (ٻه اکرو لفظ)

نه آيا بَر بني آدم، شمع قنديل ڪُل ٿيا ڪم،

سبب محبت سڄو عالم، هجي حيران هموارا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 51)

(ان شعر ۾ ’ڪُل‘ ۽ ’ڪم‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

سج نه چنڊ جي سُڌ پوي، اڳيان سڄڻ جي سوجهري،

باغ بستان ڪو نه ڀانيان، گم بحر بَر ٿو ڏسان.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 372)

(مٿئين شعر ۾ ’سِجُ ۽ سُڌِ‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

سِڪ ڀڳا سڀ سُک سندم، ساريان سڄڻ ساري ڄمار،

درد دل ۾ ٿيو زياده، دلربا دلدار جو.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 463)

(مٿئين شعر ۾ ’سڪ‘ ۽ ’سک‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.)

رِڻ ٿيو مون، ساڻ راڻا، رُس مَ، روساڱو ٺهيو،

ڍوليا، ڍاٽي وَري، ڍَٽ پاس ڍاري، موٽ تون.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 413)

(مٿئين شعر ۾ ’رڻ‘ ۽ ’رُس‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.)

اي سندئي پَر پُٺ پڪارون، ڪم نه ’احمد‘ ايندياءِ،

جي رُٺل راڻي کي ريجهائين، ته رُو رُو روبرو.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 485)

(مٿئين شعر ۾ ’پَر‘ ۽ ’پُٺ‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.)

کَڻ اک خَليلَ،  سامـ هين  کِل ساڻ  زَر خريدن،

اڄ ڪَر اڱڻ اسان جو، آباد ساڻ عِيدن.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 407)

(مٿئين شعر ۾ ’کَڻ ۽ کِل‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.)

’بي‘ بندو آهين برابر، ٻيو نه ڀانئج ڪجهه ڀُلي،

روس جيئن رب کان نه ڦِر، نه  ته روهه ۾ ويندين رُلي،

اڄ خدائي خود خدا جي، خوب خصمن تي کُلي،

باهه، بم باروت وچ ۾، بُت سندن بنيا بُلي،

لاش لينن سِر ڪلهن، لَڪ تان لڙن لاچار ٿي،

تون نه تن جيئن خوار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون، 235)

(مٿئين شعر  ۾ ’بم‘ ۽ ’بت‘ تجنيس مطرّف جو مثال آهي. ان کان علاوه ’روس ۽ روهه‘ ۽ ’خود ۽ خوب‘ پڻ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

·       آخري وينجن اکرن جي تبديليءَ سان (ٽه اکرو لفظ)

مصطفى مرسل لڏيندي، مُلڪ مِلت پَر نيا،

سي نه ٿيا غارت ادا، ڪي غائباني تنهنجي ۾.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون، 343)

(مٿئين شعر ۾ ’مُلڪ‘ ۽ ’ملت‘ آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

ڪنهن غَرض سان غَرب ڏي، ڪاهي غرابن کي غريب،

عرب ’احمد‘ ميڙ، يا الله، يا رب، يا عزيز.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 273)

(مٿئين شعر ۾ ’غرض ۽ غرب‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

ڪڏهن گهوٽ گهوڙي، مٿان گهور گل،

ڪڏهن دوست ڌڙ تي وسي ڌوڙ ڌُڌ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 223)

(مٿئين شعر ۾ ’گهوٽ ۽ گهور‘ آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

رات گڏ راڻا، نه راهين، ته به رهڻ ڏي راڄ ۾،

نيٺ تنهنجو نوڪ نيڻن سان، نظارو ئي لذيذ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 241)

(مٿئين شعر ۾ ’رات ۽ راڄ‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

رات ڏينهن تنهنجو رڳوئي، راڳ رڳ رڳ روح ۾،

تنهنجون تن من ۾ تنوارون، ’تون‘ ڪري ٿي تند تند.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 216)

(مٿئين شعر ۾ ’رات ۽ راڳ‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

وچينءَ ويلي ورڻ جو، ساڻ ويڙهيچن وچن وچ ۾،

عمرَ، ويٺي ڏسان واٽون، ورن ڪي شالَ وانگيئڙا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 64)

(مٿئين شعر ۾ ’ورڻ‘ ۽ ’ورن‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.

سدا ساريان سڄڻ سائين، وَرو آهُن مٿي آئين،

هلي آءُ گڏ حشر تائين، رهون خوش خوب خوش حالا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 71)

(مٿئين شعر ۾ ’خوش‘ ۽ ’خوب‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

ڇا سڄڻَ، تو کان سوا، سُک کي ڪريان ڇا ساهه کي،

تو بنا مون کي مرض، ماتم مرڻ محشر ڀلا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 73)

(مٿئين شعر ۾ ’مرض‘ ۽ ’مرڻ‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

قديمن جو قدر وڌيو قدم سان،

ڏيئي خدمت ڪيئون خوش خادم خويش.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 304)

(مٿئين شعر ۾’قدر‘ ۽ ’قدم‘ آخري اکر ’ر ۽ م‘ جي تبديليءَ سان تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

اچي آباد ڪيائون آستانو،

ڪري اڄ ڇو نه ’احمد‘ عيد ۽ عيش.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 304)

(مٿئين شعر ۾’عيد‘ ۽ ’عيش‘ آخري اکر ’د ۽ ش‘ جي تبديليءَ سان تجنيس مُطرّف جو مثال آهي.)

اسان کي عيش عشرت عيب ’احمد‘،

فقيرن جو فخر فاقي فقر سان.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 377)

(مٿئين شعر ۾ ’عيش‘ ۽ ’عيب‘ تجنيس مطرَّف جو مثال آهي.)

’الف‘ آهي ڪو اتاهون، عرش کان عالي جناب،

اڀ، زمينون، عرش وچ ۾، ٻيا به ڪئين عالم عُجاب،

جِن مَلڪ ماڻهو مرون، آباديون درياهه آب،

خاڪ سين افلاڪ کان، شاهي حڪم پهچن شتاب،

هَي، هتان جي ويا، نه آيو ڪنهن به جانيءَ کان جواب،

ڪوهه ڄاڻان ڪوٽ ۾، ڪيئن ٿيو هَميراڻو حساب.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون، 251)

(مٿئين بند ۾ ’ڪوهه ۽ ڪوٽ‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

·       آخري وينجن اکرن جي تبديليءَ سان (چار اکرو لفظ)

دِيد درسن دور پنڌان، دائما دل کي درست،

ڀِڄ ڀلين پَر ڀڄ نه مون کان، بي وفا دلِ، ترس ترس.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 286)

(مٿئين شعرن ۾ ’درسن‘ ۽ ’درست‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

’زي‘ زمانن کان زمين تي، رنگ ساڳيا ٿا رچن،

جن ته جن، ماڻهو ته ماڻهو، فصل پنهنجي پَر پچن،

مُنڍ مادي بي پَسهه کان، هي منڊل مشڪل مچن،

بلڪه افلاطون اٽڪن، ته به نه اَٽڪل تي اچن،

هيءَ خدائي خود خدا جي، خاص خدمتگار ٿي،

ٻيا نه ٻولج ٻار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون، 273)

(مٿئين بند ۾ ’اٽڪن ۽ اٽڪل‘ آخري اکر جي تبديليءَ سان تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

·       آخري وينجن اکرن جي تبديليءَ سان (پنج اکرو لفظ)

نه ’محروم‘ ڪر، بلڪ مرحوم ڪر مون،

مَرڻ ڏي مسافر کي منجهه مُلڪ ’محروس‘.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 292)

(ان شعر ۾ ’محروم‘ ۽ ’محروس‘ جي ڀيٽ ڪبي ته آخري اکر جي مٽجڻ سان ’تجنيس مُطرَّف‘ جو مثال سڏبو.)

دَهــــــن تنـ هنجو دلبرَ، حـــــــقــي حــــــوضِ ڪوثر،

ڪـــــــري پُـــــــر پـــــيــــــارج پيارَلَ، پيالا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 70)

(مٿئين شعر ۾ ’پيارج‘ ۽ ’پيارَل‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

دوست جي دَم سان، قَدم سان، ديد سان، ديدار سان،

دل ســــندم آزاريل، ’آزار‘ کـــــــان ’آزاد‘ باد.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 212)

(مٿئين شعر ۾ لفظَ ’آزار‘ ۽ ’آزاد‘ جي آخري اکر جي تبديليءَ سان ڪم ايندڙ لفظ، تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

واهه، ’سانوَڻ‘ ڏينـ هن، ساوڪ مينـ هن، ’سانوَل‘ ساڻ نينـ هن،

يـــــــار ڀيڙو، بــــــاغ بلبل، بُونــــــد بـــــــار و بــــــار گڏ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 230)

(مٿئين شعر ۾ ’سانوَڻ ۽ سانوَل‘ آخري اکر جي تبديليءَ سبب تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

·       آخري حرف علت (الف) جي تبديليءَ سان

کِيان کنڊ خُشڪا ته خُشڪي کڻي،

اسان ڏوٿين لاءِ ڏٿ آهه ڏاج.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 176)

(مٿئين شعر ۾ ’خشڪا ۽ خشڪي‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال چئي سگهجن ٿا.)

هتي ڪاڙها ڪڙهن ڪارا، وطن ۾ واس وسڪارا،

وڻيم تاڙا، ڳڻيم تارا، لڳي تاڙي نه تاڙي ڪا.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 66)

(مٿئين شعر ۾ ’تاڙا ۽ تاڙي‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

هڪ ڀَريا ڍورا ڍنڍون، ٻيو ڍونڍ ڍورن ڍير ٿيا،

پيئي مِرُن ۾ مار، وڄڙيون وار، واري ٻي ولهار.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون، 508)

(مٿئين شعر ۾ ’ڍورا‘ ۽ ’ڍورن‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

·       آخري حرف علت (واؤ) جي تبديليءَ سان

اونداهي رات اوجهڙ ۾، اُجهان آئون مُنجهان آئون،

سڄڻ گڏجي ته سڄ ڌاران، سڄو پٽ سوجهرو ساها.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 80)

(مٿئين شعر ۾ ’سڄڻ‘ ۽ ’سڄو‘ تجنيس مُطرَّف جو مثال آهي.)

ري مُروَت ۽ صفا، مَروو صَفا ڊوڙي ته ڇا،

پاڪ پاڪيءَ ري نــــه ڪنـ هن، پاڪيٽ جــــــــا پاڪيٽ ڪَٽ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 154)

(مٿئين شعر ۾ ’مروَت‘ ۽ ’مَروو‘ آخري حرف جي تبديليءَ سان تجنيس مُطرَّف جا مثال سڏبا.)

پِرهه سان پسجي نه پَٽ ۾، ڪو پَکي توڻي پَکو،

ســــانـــــگ ڪـ هڙي ڪـــــــن سنباهــــــي، يــــــــا الاهي الغياث.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون، 512)

(مٿئين شعر ۾ ’پَکي ۽ پَکو‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال چئي سگهجن ٿا.)

·       آخري حرف علت (يي) جي تبديليءَ سان

ڏسان وار مشڪي ته مشڪل چڙهڻ،

پسان منـ هن تـــــه مڙئي مُـ همات مات.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 118)

(مٿئين شعر ۾ ’مشڪي ۽ مشڪل‘ ٻه الڳ لفظ، آخري حرف جي تبديليءَ سبب تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

’لام‘ لَڇڻن ساڻ لَڇمي، ري لَڇڻ لَڇمڻ لُڇن،

وڃ پچي، پرواهه نه ڪر، پروان پاڻهي پڙ پڇن،

ڪوهه ڪُسڪين ٿو ڪسڻ تي، ڪـ هر ڪسنيد ڪيئن ڪڇن،

مَر نه ميڙي، بلڪه ماري، مير ٿي موڙي مُڇن،

نَر بَڻي، نيزو کڻي، نعرو هڻي نروار ٿي،

ڪر کڻي ڪَرار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.

(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون، 240)

(مٿئين بند ۾ ’لڇمي ۽ لڇمڻ‘ تجنيس مُطرَّف جا مثال آهن.)

·       اختصار/ نچوڙ/ نتيجو

·                   تجنيس مُطرَّف مان مراد اهڙن همجنس لفظن جي اڳين اکرن جو ساڳيو  هجڻ آهي، جن جي آخري اکر ۾ تبديلي هجي، جيئن: ڪٽر- ڪٽڪ، سرس- سرت، ڪرت- ڪرڀ وغيره.

·                   جامع سنڌي لغات ۾ ’تجنيس مطرب‘ ڄاڻايل آهي، جيڪا معنى توڻي مراد نسبت جعلي آهي.

·                   تجنيس مُطرَّف، تجنيس حرفيءَ جو جز آهي، ڇاڪاڻ ته تجنيس حرفيءَ جيان مُطرَّف جو به پهريون اکر ساڳيو رهي ٿو. تجنيس مُطرَّف نسبت، مولوي صاحب جي ڏنل مثالن موجب ٻه اکري لفظ (ڪُل ۽ ڪم) جو پهريون اکر ساڳيو ليڪن آخري تبديل رهندو؛ ٽه اکري لفظ (رات ۽ راڳ) ۾ ٻه اکر ساڳيا ليڪن آخري حرف تبديل ٿئي ٿو؛ چار اکري لفظ (لڇمي ۽ لڇمڻ) ۾ ٽي اکر ساڳيا ليڪن آخري اکر جي تبديلي رهي ٿي؛ پنج اکري لفظ (محروم ۽ محروس) ۾ چار اکر ساڳيا، ليڪن آخري حرف تبديل رهي ٿو.

·                   تجنيس مُطرَّف ۽ مضارع ۾ آخري حرف جي تبديليءَ نسبت هڪجهڙائي آهي. جيئن ته تجنيس مضارع موجب همجنس لفظن ۾ ڪوبه هڪ حرف (شروعاتي، وچيون يا آخري) تبديل هجي، ان خيال کان تجنيس مضارع جو اهو مثال جنهن ۾ آخري حرف جي تبديلي هجي ته اهو ساڳيو مثال تجنيس مُطرَّف جو به سڏبو.

·                   مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جو مزاج جيئن ته ’تجنيس حرفيءَ‘ وارو رهيو آهي، ان ڪارڻ سندس شاعريءَ ۾ تجنيس مُطرَّف جا مثال به خاصي تعداد ۾ ملن ٿا. البت، تجنيس حرفيءَ جي ڀيٽ ۾ تجنيس مُطرَّف جو استعمال، ٿلهي ليکي، چوٿون حصو آهي.

 

حوالا/ ذريعا

·       بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981) جامع سنڌي لغات. جلد: 2. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

·       بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (2004) نئين جامع سنڌي لغات: جلد پهريون. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.

·       رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

·       عباسي ظفر (2007) سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

·       فيروزالدين (1979) فيروزاللغات- عربي اردو. لاهور: فيروز سنز لميٽيڊ.

·       مرزا، قليچ بيگ (2016) علم عَروض. ڄام شورو: مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org