سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:16 

شبنم گل

 

 

 

 

لڙاٽيل شام

 

ٽيرس کان هيٺ ڏٺم ته ملوڪ، فروٽ واري کان انگور پئي ورتا اوچتو انگورن تي هڪ سهڻو من موهڻو پوپٽ اچي ويٺو، جنهن کي ملوڪ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوپٽ پنهنجا سهڻا پر پکيڙي فضائن ۾ مٿي اڏرڻ لڳو. ملوڪ انگور ڦٽي ڪري پوپٽ پويان ڊوڙڻ لڳو. فروٽ واري کيس ڪيترائي سڏ ڪيا، پر ملوڪ پوپٽ پٺيان ڊوڙندي گهڻو پري نڪري ويو.

رنگ برنگي پوپٽ هجن يا لغڙ، ملوڪ جي ڪمزوري آهن. مين روڊ جي ڀرسان بنگلن جي قطار آهي، جنهن جي پٺيان ملوڪ جو ننڍڙو گهر آهي. هُو اٺن سالن جو معصوم ٻار آهي. جنهن جون ڳالهيون پنهنجي عمر کان گهڻيون وڏيون آهن. ڏک سدائين انسان کي پنهنجي عمر کان اڳتي ڌڪي ڇڏيندا آهن. ملوڪ به زندگيءَ جو وڏو ڏک ڀوڳي رهيو آهي.

غربت جو ڏک......

بي بسي ۽ بک جو ڏک.....

ڪيترين خواهشن جي اڻپوري رهجي وڃڻ جو ڏک، جنهن ۾ تعليم حاصل ڪري نه سگهڻ جو ڏک به شامل آهي.

سندس وڏي ڀيڻ لالي اسان جي گهر جو ڪم ڪندي آهي. هُو لالي سان گڏ اڪثر اسان جي گهر ايندو آهي. سندس چهري تي سنجيدگي ۽ مظلوميت جي ڇاپ منهنجو ڌيان هن ڏانهن ڇڪائي ورتو.

شايد ان ڪري به ته هُو پنهنجي عمر جي ٻارن کان گهڻو مختلف آهي. هڪ ڏينهن لالي بيمار هئي، هو ان جي جاءِ تي ڪم ڪرڻ آيو.

”تون ڪم ڪندين؟“ مون حيرت مان پڇيو.

”جڏهن به لالي بيمار ٿيندي آهي ته مان ان جي بدلي گهرن ۾ ڪم ڪرڻ ويندو آهيان.“

ايئن چئي هن ڪچن ۾ پيل ٿانوَ مهارت سان ڌوئي چمڪائي رکيا. ڪچن کي ٻهاري ڏئي صاف ڪري هو وڃڻ لڳو ته مون کيس سڏ ڪيو.

”ملوڪ! ڇا توکي پڙهڻ جو شوق نه آهي.“

”شوق سان ڇا ٿو ٿئي.“ هن مايوسيءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”ڇو گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ڏس جيڪڏهن شوق نه هجي ته ماڻهو علم ڪيئن حاصل ڪري، اڳتي ڪيئن وڌي.“

”مون کي پڙهڻ جو شوق آهي، پر ڪتاب به ڏاڍا مهانگا آهن. اسڪول جي في ڪير ڀريندو ۽ ها، جي مان اسڪول ويس ته ڪم ڪير ڪندو. گهر جو خرچ ڪيئن هلندو.“

”مان توکي ڪتاب وٺي  ڏيندس. تنهنجي اسڪول جي في ڏيندس. پوءِ ته پڙهندين نه.“

”سچ!!“ ملوڪ جي اکين ۾ خوشيءَ جا پوپٽ رقص ڪرڻ لڳا.

”پر امان ته ڌڙڪا ڏيندي نه نه......مان اسڪول نه ويندس.......“

”مان ماسي ساران سان پاڻ ڳالهائيندس.“

”ٺيڪ آهي.“ ملوڪ خوشيءَ مان چيو. ۽ ٽپا ڏيندو دروازي کان نڪري ٻاهر هليو ويو.

ٻئي ڏينهن مان ساران جي گهر ويس. مون کي ڏسي هوءَ اٿي بيٺي.

”ائي امان تون هتي ڪيئن!“ هوءَ مون کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي حيران ٿي وئي.

”ٻڌو هيم توهان جي طبيعت ٺيڪ نه آهي. انڪري سوچيم پڇي اچان.“ مان سندس ڀر ۾ پيل کٽ تي ويهندي چيو.

ساران جو مٿو رئي سان ٻڌل هو. هوءَ ٽِڪ تي گج ٺاهي رهي هئي.

”ماسي هي ڪنهن جو گج آهي؟“

”بازار مان آرڊر مليو اٿم.“

”هن گج جا ڪيترا وٺندي آهين.“

”ويهه رپيا.“

”ويهه روپيا!!!“ مون حيرت مان رڙ ڪئي.

ساڳيو گج مون بازار ۾ ڏيڍ سئو ۾ کپندي ڏٺو هو.

”اها ته ناانصافي آهي. ماسي توکي ايترو سستو گج نه ٺاهڻ گهرجي.“

”امڙ! اهوئي ته ڪم اٿم جنهن تي گذر سفر هلي پيو، نه ته جيڪا بک مري وڃون. لالي به اچي جوان ٿي آهي. پراون گهرن ۾ موڪليندي شرم ٿو اچيم. سندس شاديءَ جو فڪر الڳ اٿم. پوءِ ڀرت جو جيڪو به ٿورو گهڻو ملي ٿو ڪم اچي ٿو وڃي.“

اسان وٽ پورهئي جو ڪوبه مانُ نه آهي. ساران جي ڳالهه ٻڌي دل جي گهراين سان افسوس ٿيڻ لڳو. اهو رڳو ساران جو مسئلو نه بلڪ پوري سنڌ جي ڀرت ڀريندڙ غريب پورهيت عورتن جو مسئلو آهي. جن کان سستي اگهن تي رليون، گج، چادرون ۽  ٻيو ڀرت جو سامان ٺهرائي، ان ساڳئي سامان کي شهرن ۾ مهانگي اگهن تي وڪرو ڪيو ويندو آهي. ۽ کين پورهئي جو ايترو حصو به نه ملندو آهي جو هو پنهنجو گذر سفر آسانيءَ سان ڪري سگهن. گجن ۾ هر شيشي سان خبر نه آهي ڪيترا لڙڪ ٽاڪيل هوندا آهن. اُهر ڌاڳي سان خبر نه آهي، ڪيتريون محروميون اڻيون وينديون آهن، پر پوءِ به ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي، جيڪو ان ناانصافيءَ تي آواز اُٿاري سگهي. هر ماڻهوءَ کي رڳو پنهنجا حق ياد رهندا آهن. هو اِهو وساري ڇڏيندا آهن ته ان تي ڪي فرض به آهن. جتي فرض جي ادائيگي جو  پورو خيال رکيو وڃي اُتي ڪڏهن به حق تلفي نه ٿي ٿي سگهي.

ان کانپوءِ ساران مون کي پنهنجا ٺاهيل گج ڏيکارڻ لڳي. ۽ مان سنڌ جي ثقافت جي حسين رنگن ۾ ڪٿي وڃائجي ويس.

دنيا ۾ خبر نه آهي ڪيترا خطا، ڪيترا ملڪ هوندا، ڪيترا ماڻهو، ڪيتريون تهذيبون هونديون، پر يقين اٿم ته سنڌ جهڙو خلوص جي خوشبوءَ سان مهڪندڙ حسين خطو ڪٿي به نه هوندو، جتي جڏهن ساريون پچنديون آهن ۽ سونهري سنگ لهرائيندا آهن ته ٻنين جي پاسي ۾ رهندڙ پورهيتن جي اکين ۾ خوابن جون پريون رقص ڪنديون آهن ۽ سندن چهرا محنت جي عظمت سان پُرنور هوندا آهن.

پوءِ اهڙي خطي کي ڇو نه ساهه ۾ سانڍي رکجي، سنڌ جي ثقافت جو مانُ رکندڙ هٿن جي ڇو نه حفاظت ڪجي

جتي فضائن ۾ چاهتن جا چنگ ڇڙن، جتي جي هوائن ۾ بانسريءَ ۾ الغوزي جا آلاپ هجن، ان زمين جا وارث، فنڪار، راڳي، شاعر ۽ پورهيت ڇو بي بسيءَ جي ڀٽن ۾ لاوارث ٿي ڀٽڪندا رهن. جتي سون جهڙا سويرا ۽ چانديءَ جهڙيون راتيون هجن، اُتي خواب ڏسڻ تي ڇو پهرا هجن، ۽ ڇو ساڀيائون بي يقينيءَ جي رڃ ۾ رستو بلجن!

ساران جو ڏيکاريل هر گج انتهائي وڻندڙ ۽ خوبصورت هو، پر سندس محنت جو اجورو تمام گهٽ هو، تقريباً نه هئڻ جي برابر. پر هُوءَ گهٽ قيمت تي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور هئي. سندس مڙس بيمار هو. ٺيڪ ٿيڻ جي صورت ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن مزدوري تي ويندو هو. ۽ بيماريءَ جي صورت ۾ ساران جي سڄي ڪمائي سندس دوائن تي کڄي ويندي هئي. انڪري مجبور ٿي هن لالي ۽ ملوڪ کي ڪم تي لڳائي ڇڏيو هو.

”ملوڪ ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو.

ساران ملوڪ کي سڏڻ لڳي. ٿوري دير کانپوءِ ملوڪ گهٽيءَ مان ظاهر ٿيو، سندس هٿ ۾ لغڙ هو.

”اڄ بيماريءَ جو بهانو ڪري ملوڪ ڪم تي نه ويو، جيڪڏهن وس پڄيس ته سڄو ڏينهن پيو نچي ڪڏي ٽوٽي ڪٿان جو.“

”ويچارو ٻار.“ مون ملوڪ کي همدرديءَ سان ڏٺو، جنهن وٽ کيڏڻ ۽ خوش ٿيڻ جو ٽائيم ڪيترو گهٽ هو. جنهن کي هُو ڪو بهانو ڪري حاصل ڪندو هو.

”وري مٿان نئين مصيبت، پٽ جا انگل ته ڏسو، هاڻ چئي ٿو پڙهندس.“ ساران ملوڪ کي گهوري چيو.

”پڙهڻ لاءِ مون ملوڪ کي چيو آهي.“ مون وضاحت ڪئي.

”پڙهائيءَ جو خرچ ڪٿان ايندو.“

”سڀ ڪجهه ٿي ويندو. توهان ڪوبه فڪر نه ڪيو. ماڻ پاڻ ملوڪ کي پڙهائيندس.“

ايئن ملوڪ نه صرف اسڪول ۾ داخلا ورتي، پر مون وٽ به پڙهڻ لاءِ اچڻ لڳو. سندس چهري تي هاڻ مظلوميت بدران ذهانت جي روشني چمڪڻ لڳي، پهرين ۽ ٻي ڪلاس ۾ هن سٺا نمبر کنيا. هاڻ هُو ٽئين ۾ پڙهي رهيو آهي. هڪ ڏينهن آيو ته منجهيل هو، مٿي تي ڌڪ جا نشان هيس.

”ڇا ٿيو ملوڪ ڪنهن. سان وڙهيو آهين ڇا!“

”ڀائوءَ ماريو آهي.“ هن معصوميت سان چيو.

ملوڪ جو وڏو ڀاءُ شانو سڄو ڏينهن آواره ڇوڪرن سان رلندو وتندو آهي. هو گهر تمام گهٽ ايندو آهي.

”ڇو ماريو اٿس!“

”سچ ڳالهايو هيم.“ وري ٿوري دير رکي وري هو سوال ڪري ٿو. ”ڇا سچ نه ڳالهائڻ گهرجي!“

”هاها، هميشه سچ ڳالهائڻ گهرجي.“ مون سندس حوصله افزائي ڪئي.

”سچ ڳالهائڻ وارن کي مار ڇو ملندي آهي!“

”اهو دنيا جو دستور آهي. ملوڪ جي سوال مون کي منجهائي وڌو.“

”ڀلي مون کي مار مليا پر مان سدائين سچ ڳالهائيندس. ڪتاب جي سبق ۾ ته اهوئي لکيل آهي.“

جيڪي ڳالهيون ڪتابن ۾ لکيل هونديون آهن، اسان انهن تي عمل نه ڪندا آهيون.“

”ڇا ڪتابن ۾ لکيل ڳالهيون ڪوڙيون هونديون آهن.“

”نه ڪتابن کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو ڪوڙا هوندا آهن.“ منهنجي ڳالهه ٻڌي هو منجهي پيو.

”ته پوءِ اُهي ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڇو نه ڪندا آهن.“

جيڪڏهن هو ايئن ڪن ته سندن سڄو شان شوڪت ختم ٿي ويندو ۽ هُو ضمير جي سچ اڳيان شرمسار ٿي مري ويندا.“

”ڪوڙن ماڻهن کي مري وڃڻ گهرجي.“ ملوڪ ضدي لهجي ۾ چيو.

”چڱو ڀلا تون اهو ٻڌاءِ، تو ڇا تان مار کاڌي.“

”شانوءَ امان جا پئسا چورايا هئا. مون امان کي ٻڌايو ته گهر ۾ وڏو جهيڙو ٿيو. امان شانوءَ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو.“

”مون کي لڳي ٿو مون غلط ڪيو. نه مان سچ ڳالهايان ها، نه شانو گهر مان نڪري ها.“

”شانو موٽي ايندو.“

”نه هاڻ شانو ڪونه ايندو.“

”چڱو هاڻ تون پڙهائي شروع ڪر.“ مون ڪتاب کولي ملوڪ جي اڳيان رکيا ۽ هو اداسيءَ جي ڪيفيت ۾ پڙهڻ لڳو.

ملوڪ جون اکيون ڪتاب ۾ ۽ ذهن ڪنهن ٻئي هنڌ ڀٽڪي رهيو هو. هن ٿوري دير جي خاموشي کانپوءِ پڇيو.

”ڇا غريبن جو سڀ مائون مار کائينديون آهن!“

مون ڇرڪي کيس ڏٺو. هن جا سوال سدائين ڇرڪائيندڙ هوندا هئا.

”تون اهو ڇو ٿو پڇين.“

”ڪلهه امان وري بابا جي هٿان مار کاڌي.“
ملوڪ مايوس لهجي ۾ چيو ۽ پنهنجي سوال کي ٻيهر ورجايو.

”عورت هميشه مار کائيندي آهي. پوءِ چاهي اها  امير هجي يا غريب.“ منهنجي جواب تي هو مطمئن نه ٿيو.

”سامهون جيڪو بنگلو آهي ان ۾ جيڪا مائي رهي ٿي اها ته مار نه کائيندي آهي.“

”پوءِ به هوءَ پنهنجي زندگيءَ کان خوش نه آهي.“

”هن وٽ ايتري دولت آهي ته پوءِ به خوش نه آهي؟“

ملوڪ کي حيرت ٿي.

”هن مقدر جي هٿان مار کاڌي آهي؟“

”مقدر ماڻهوءَ کي ڪيئن ماريندو آهي!“

”اها ڳالهه تون نه سمجهي سگهندين.“

”پر هن جي جسم تي ڌڪن جانشان ته نه آهن.“

”مقدر جي مار کائيندڙ ماڻهن جي رڳو روح تي زخم هوندا آهن.“

مون کي لڳو ڄڻ ملوڪ منهنجي ڳالهه کي سمجهي ورتو هو. هونئن به مقدر جا ڌڪ کائيندڙ ٻار پنهنجي عمر کان اڳ وڏا ٿي ويندا آهن هو به سمجهه جي ان تڪليف ڏيندڙ عمل کان گذري رهيو هو.

ڪيترا ڏينهن گذري ويا ملوڪ نه آيو. مان سندس گهر ويس ته ملوڪ گهر ۾ نه هو. ساران کٽ تي ستي پئي هئي. هوءَ  بخار ۾ تپي رهي هئي.

مون کي ڏسي کٽ تان اُٿڻ لڳي، پر مون کيس ليٽائي ڇڏيو ۽ سندس ڀر ۾ ويهي رهيس.

ملوڪ ڇو پڙهڻ لاءِ نه ٿو اچي!“

”الاءِ امڙ ڇا ٿيو اٿس. چپ چاپ ويٺو الاءِ ڇا سوچيندو رهندو آهي.“

”هن گهر جي حالتن جو گهڻو اثر ورتو آهي.“

”جڏهن کان ملوڪ جي پيءَ مون سان جهيڙو ڪيو آهي. تڏهن کان ملوڪ چپ ٿي ويو آهي.“ هاڻ مون کي ملوڪ جو مسئلو سمجهه ۾ اچڻ لڳو.

توهان ۾ جهيڙو ڪنهن ڳالهه تي ٿيو.

”هُو چاهي ٿو ملوڪ پڙهڻ بدران ڪو ڪم ڌنڌو وڃي ڪري.“

مون کي ملوڪ جو مستقبل اونڌاهو نظر اچڻ لڳو.

”ڇا توهان جي مڙس جو توهان سان شروع کان اهڙو رويو هو.“

منهنجي سوال تي ساران چپ ٿي وئي. ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ ماضيءَ جا وڃايل پيرا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي.

”جڏهن کان اسان جي شادي ٿي آهي. مون کي ياد نه ٿو اچي ته هن ڪڏهن منهنجا ڏک سور ونڊيا هجن. ڪڏهن منهنجا حال پڇيا هجن. صبح جو گهر مان نڪرندو هو ته شام جو موٽندو هو. باقي هر وقت پيو سهائيندو هو ته توهان جي ڪري ٿو ايترا ڌڪا کانوان، بس ڏکيو سکيو وقت گذري ويو.“

مان سوچڻ لڳس. شادي زندگيءَ جو هڪ اهو سفر آهي، جنهن جو مطلب هڪ سٺي گهر، هڪ اهم اداري جو بنياد آهي، پر اهو طبقو جيڪو زندگيءَ جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي، ان لاءِ شادي محض دنياداري نڀائڻ جو نالو آهي. جنهن ۾ رشتا هڪٻئي لاءِ بوجهه بڻجي ويندا آهن. عورت ته رڳو محبت ۽ توجهه جي طالب هوندي آهي. خلوص جي چند ٻولن جي عيوض زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي، پر جن گهرن ۾ توجهه کان محروم ساران جهڙيون بي بس عورتون رهنديون هجن اهي گهر تاريڪ ۽ ويران قبرن جو ڏيک ڏيندا آهن. هوءَ ڊگهي عرصي کان بيمار هئي ۽ گهر ۾ اُڇلايل ڪنهن فالتو شيءِ وانگر پئي هئي، مڙس اها زحمت گوارا نه ٿي ڪئي ته کيس ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاري.

”مان توهان کي سڀاڻي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويندس.“

”اجائي تڪليف ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو، باقي گهڻا ڏينهن بچيا هوندا زندگيءَ جا! ٻه يا ٽي، اُهي به گذري ويندا.“ هوءَ تمام گهڻو مايوس هئي.

”لالي، ملوڪ ۽ شانوءَ کي توهان جي ضرورت آهي.“

”شانو....!!“ ساران جي اکين ۾ اونداهي لهي آئي.

”غريبيءَ ۾ شل نه ڪنهن جو مقدر ڦٽل هجي. جي شانو سڌريل هجي ها، ته نه لالي پراون درن تي ڌڪا کائي ها ۽ نه ئي ملوڪ جي پڙهڻ تي روز گهر ۾ جهيڙا ٿين ها.“

”ملوڪ کي مون وٽ پڙهڻ لاءِ ضروري موڪلجو، مان شام جو انتظام ڪندس.“

هڪ شام ڇا ڪيتريون شامون گذري ويون پر ملوڪ نه آيو. هڪ ڏينهن آيو ته سندس منهن لٿل هو ۽ هٿن ۾ ڪتاب هئا.

”ماسي ساران ڪيئن آهي؟“

”ٺيڪ آهي، پر اڃان ڪم ڪرڻ جهڙي نه آهي. لالي جي وڃڻ کانپوءِ امان جو ڪم مان ڪندو هيس انڪري ايترا ڏينهن نه اچي سگهيس.......“

ملوڪ جي چهري تي عجيب ڪيفيت هئي، مون کي ايئن محسوس ٿيو هو.

هڪدم تمام وڏو ٿي ويو هجي. ايترو وڏو جو هن تي روح جي زخمن جو مفهوم واضح ٿي ويو هجي.

”هي توهان جا ڪتاب موٽائي ڏيڻ آيو آهيان. اڳتي مان نه پڙهندس.“

”ملوڪ.....!!!“ مون حيرت مان رڙ ڪئي.

”مان نه ٿو چاهيان ته منهنجي ماءُ روز منهنجي ڪري مار کائي، روز منهنجي پيءَ جون گاريون ٻڌي.“

”ملوڪ! تون هڪ ذهين ڇوڪرو آهين توکي علم حاصل ڪرڻ گهرجي.“

”امان بيمار رهڻ ڪري ڀرت ڇڏي ڏنو آهي. منهنجو پيءُ بيماريءَ جو بهانو ڪري گهر ۾ پيو آهي. هُو چوي ٿو ته مان ڪنهن ڌنڌي تي لڳي وڃان، هُو هڪ ڪارخاني ۾ مون لاءِ ڳالهائي آيو آهي. مون کي صبح کان شام تائين اُتي ڪم ڪرڻو پوندو.“

سندس ڳالهه ٻڌي مون کي يونيسيف جي رپورٽ ياد اچي وئي ته دنيا ۾ ڏهه ڪروڙ ٻار مزدوري ڪن ٿا. هر پنجاهه ٻارن ۾ هڪ ٻار مزدوري ڪري ٿو. خاص ڪري ٽِين دنيا جي ملڪن ۾ مزدوري ڪندڙ ٻارن جو تعداد وڌيڪ آهي. اڄ جو ٻار زندگيءَ جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هُو ننڍپڻ جي فطري معصوميت کان پري ڪيو ويو آهي. زندگيءَ جي بوجهه کانئس ننڍپڻ جون مرڪون کسي ورتيون آهن.

”تون چاهين ته پڙهائي جاري رکي سگهين ٿو.“

”ڪارخاني ۾ مون کي پڙهڻ لاءِ ٽائيم نه ملندو.“

”ملوڪ! دنيا ۾ ڪابه ڳالهه مشڪل نه آهي.“

”دنيا ۾ جيئڻ تمام مشڪل آهي.“ ملوڪ تلخيءَ سان چيو. مان ڇرڪي کيس ڏسڻ لڳس. هن چيو.

”ها مان سچ ٿو چوان. مان هاڻ ٻار نه آهيان، جو ڳالهيون نه سمجهي سگهان.

اسان غريبن لاءِ ماني اهم آهي نه ڪي تعليم. ماني کانسواءِ انسان جيئرو رهي نه ٿو سگهي. مون کي لاليءَ جي شادي ڪرائڻي آهي مان امان جو علاج ڪرائيندس. مان مزدوري ڪندس، سخت محنت ڪندس.“

مون کي ملوڪ جي ڳالهه ٻڌي سخت افسوس ٿيو.

”ڇا توهان مون کان ناراض آهيون؟“

”نه“

”ڇا مزدوري ڪرڻ عيب آهي؟“

”نه“

”ڇا علم کانسواءِ انسان، سٺو انسان نه ٿو بڻجي سگهي؟“

”عقل ۽ ساڃهه علم جي محتاج نه هوندي آهي.“

منهنجي ڳالهه ٻڌي ملوڪ جي اکين ۾ خوشيءَ جا پوپٽ رقص ڪرڻ لڳا.

”ڇا مان سٺو انسان بڻجي سگهان ٿو.“

”تون هڪ سٺو ڇوڪرو آهين. ڇو ته تو پنهنجي ذميداري محسوس ڪري ورتي آهي. علم رڳو ڊگرين جو نالو نه آهي. علم، انسان جي وسيع ڄاڻ ۽ بهترين ورتاءُ جو نالو آهي، ڪي ماڻهو اعليٰ تعليم حاصل ڪري به بي عمل هوندا آهن، پر تون ته هڪ بهترين عمل سان زندگيءَ ڏانهن اڳتي وک وڌائي رهيو آهين.“

خبر نه آهي. منهنجي ڳالهه ٻڌي ملوڪ کي خوشي ٿي يا نه، پر سندس اکين ۾ گهري اداسي هئي. لڙاٽيل شام جهڙي اداسي. هن پوپٽن پٺيان ڊوڙڻ ڇڏي ڏنو هو. ڇو ته سندس هٿن زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جو پلئه جهلي ورتو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org