شوڪت حسين
گلي ۾ ڦاٿل سُڏڪو
هوءَ مشين کي تيز تيز هلائڻ لڳي، جيئن سندس سوچ
پٺتي رهجي وڃي. اوچتو احساس ٿيو هن کي ته بابين جو
ڌاڳو ختم ٿي ويو هو ۽ هوءَ پوءِ به مشين هلائيندي
پئي رهي هئي. هن مشين بند ڪري ڇڏي. مشين جي گوڙ
ختم ٿيڻ سان هڪدم خاموشي ڇانئجي ويئي. هن ڀت تي
لڳل اليڪٽرڪ گهڙيال ڏي ڏٺو. ٻئي ڪانٽا ٻارنهن کي
ويجهو وڃي پهتا هئا هن کي رات جي اڪيلائيءَ جو شدت
سان احساس ٿيو. جيڪڏهن ڪو چور گهر ۾ گهڙي اچي ته
هوءَ اڪيلي ڇا ڪندي!
هن سوچيو، ڊڄڻي ته آئون ننڍي هوندي کان ئي آهيان.
نانيءَ جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائي ٻڌائي اهڙو
ڊيڄاري ڇڏيو جو رات جي وقت پنهنجي پاڇي کان ڇرڪندي
آهيان. مون اها ڳالهه آصف کي ٻڌائي به هئي. هن کي
خبر آهي ته آئون ڪيتري ڪمزور دل آهيان. پر هُو
ائين ڪري ڇو ٿو؟ هُو مون کي ڄاڻي واني ٽارچر ڇو
پيو ڪري؟ جيڪڏهن ڪا ڳالهه آهي ته مون کي ٻڌائي ڇو
نٿو؟ آئون ته پڇي پڇي بيزار ٿي پيئي آهيان. چئي ٿو
ته ڪا ڳالهه ناهي، توکي وهم آهي. ٺيڪ آهي، آئون
وهمي آهيان. پر هن جو رويو ڪيتري وقت کان بدليل
آهي. زوريءَ مس ته ڳالهائي ٿو، سو به جڏهن آئون
ايترو مٿو هڻندي آهيان. مون کي اکيون ڪونهن جو
ڏسان ته هو ڪيترو بيزار بيزار پيو ٿيندو آهي. پوري
ماني به ته ڪونه ٿو کائي. ٻه- ٽي گراهه کڻي اٿي
کڙو ٿيندو آهي. آئون پڇندي آهيان، ”ڇو جان، ڇا
ڳالهه آهي؟ ماني نه وڻي ڇا؟“ ته هو بي دليءَ سان
چوندو آهي، ”نه، مون کي بک ڪانهي.“ روز بک ڪانهي!
ٽيئي ويلا بک ڪانهي! پوءِ هلي ڪيئن ٿو؟ نه، آئون
ڄاڻان ٿي ته هو ڪٿان ٻاهران کائي ٿو اچي. هاڻي ته
رات جو به دير سان گهر اچي ٿو. پلنگ تي منهن ورائي
ليٽي ٿو پئي. آئون کيس چاهيندي آهيان ته چڙي
منهنجو ٻانهون پٽي پري اڇلائيندو آهي، ڄڻ مون کان
ڪراهت ايندي هجيس. جيڪڏهن وس پڄي ته مون سان گڏ
سمهي ئي نه. پر ڊبل بيڊ جو آهي. پورو مهينو ٿي ويو
آهي ته هن مون کي پيار به نه ڪيو آهي. پيار وڃي کڏ
۾ پئي، پر هو ايئن ڇو ٿي ويو آهي! ايترو بدلجي ڇو
ويو آهي!
ثريا کي ياد آيو ته بابين جو ڌاڳو ٽٽي پيو هو ۽ هن
ڪيتري دير کان سبيو نه هو. هوءَ ٺونٺ مشين تي رکي
کاڏي تريءَ تي ٽڪائي وري سوچ ۾ گم ٿي ويئي.
’هو مون کي ڪيترو چاهيندو هو!‘ شاديءَ واري رات هن
مون کي چيو هو، ”ثريا! تون شايد اعتبار نه
ڪندينءَ، پر تون منهنجي زندگيءَ ۾ پهرين ۽ آخري
عورت آهين. تون يقين ڄاڻ ته آئون توکي پنهنجي
زندگيءَ کان به وڌيڪ چاهيندس.“ ۽ آئون هن کي چنبڙي
ويئي هيس. مون هن جي ٻانهن جي پناهه کي قبول ڪري
ورتو هو. پر مون کي خبر ڪانه هئي ته اها پناهه
عارضي پناهه آهي. ڪو وقت ايندو جڏهن آئون رات جي
اڪيلاين کان ڊڄندي ڏڪندي رهنديس ۽ ڪابه پناهه نه
هوندي منهنجي لاءِ. آصف چئي ٿو ته آئون وهمي
آهيان، مون ته پهرين رات دل جي گهراين سان هن جي
ڳالهين تي اعتبار ڪيو هو. مون ٻڌو هو ته مرد شادي
جي رات اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهن. پر مون ته
ڄڻ هن تي ايمان آڻي ڇڏيو هو. اڃا سال مس گذريو آهي
ته اهي سڀ ڳالهيون هوا ٿي ويون. هن کي ڪڏهن ياد
ايندو هوندو ته هن پهرين رات ڇا ڇا چيو هو! هُو ته
سڀ وساري چڪو آهي، هاڻي ته جڏهن گهر مان ٻاهر
نڪرندو آهي ته مون کي به وساري ڇڏيندو آهي. پر مون
کي لڳندو آهي ته گهر ۾ به ڄڻ هو منهنجي وجود کان
بي خبر آهي. آخر هن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ اهڙي ڪهڙي
ڳالهه آهي جيڪا هُو مون کي ٻڌائڻ نٿو چاهي؟ ڪالهه
مون هن کي جڏهن گهڻو چيو تڏهن رڳو ايترو چيائين،
”اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. پر کڻي هجي به ته ان سان
تنهنجو ڪو واسطو ناهي.“ ٺيڪ آهي. مڃيم، ان ڳالهه
جو تعلق کڻي مون سان نه به هجي، پر هن جي جيڪا
پريشاني آهي تنهن ۾ آئون شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي. آخر
هُو اها ڳالهه سمجھي ڇو نٿو؟ کيس اها خبر ڪانهي ڇا
ته پاڻ منهنجي ڪل ڪائنات آهي- جيڪڏهن پاڻ پريشان
آهي ته آئون ڪيئن لاتعلق رهي سگهنديس. منهنجا خدا!
هو سمجهي ڇو نٿو...‘
ثريا نرڙ کي زور سان مهٽيو. هن کي مٿي ۾ سخت سور
محسوس ٿيو.
’هو ايترو پريشان ڇو آهي؟ هن جي پريشانيءَ کيس مون
کان ڪٽي الڳ ڪري ڇڏيو آهي. آئون هن جي هوندي به
اڪيلي ۽ الڳ آهيان ۽ ڪٽيل ڪٽيل آهيان هن کان. نه،
اهو منهنجي سهپ کان مٿي آهي. هن جي اهڙي حالت هجي
۽ مون کي ڪا خبر نه هجي ۽ آئون هن جي لاءِ ڪجھ به
نه ڪري سگهان! منهنجن هٿن مان، ٻانهن مان، چپن
مان، جسم مان اها قوت ختم ٿي ويئي آهي جيڪا هن کي
سهارو ڏيئي سگهي، هن جو من پرڀائي سگهي. آئون ته
هن جو ٻار وانگر خيال رکندي آهيان. هن کي ڏسندي
آهيان ته من اندر ڪيتري نه خوشي ڀرجي ويندي آهي.
چاهيندي آهيان ته هن کي ڏسندي رهان. هن کي هلندي،
ويهندي، سمهندي، ماني کائيندي ڏسي اندر پيو ٺرندو
آهي. آئون هن کي ڪيترو چاهيان ٿي... ڪيترو چاهيان
ٿي... ان جو هن کي ڪو اندازو به ناهي شايد!‘
اوچتو در جي گهنٽي وڳي ۽ ثريا ڇرڪي اٿي بيهي رهي.
در وٽ وڃي هن پڇيو، ”ڪير آهي؟“
”آئون آهيان... آصف!“ هُو ڄڻ ڪاوڙيو بيٺو هو.
ثريا در کوليو ۽ هڪ آس سان هن جي منهن ۾ ڏٺو. هُو
ائين ئي هو، مُنجهيل مُنجهيل پريشان. آصف هن ڏانهن
نهارڻ کان سواءِ اندر هليو ويو. ثريا در بند ڪري
هن جي پٺيان ويئي، آصف بيڊ روم ۾ وڃي صوفي تي ويهي
رهيو.
”جان، تون ڪپڙا بدلائي وٺ، تيسين آئون ماني گرم
ڪري کڻي ٿي اچان،“ ثريا چيو.
”نه، تون تڪليف نه ڪر،“ آصف جو ٻُڏل آواز اُڀريو.
هن ڄڻ ڪوشش ڪري اهو جملو چيو هو.
”ڇو؟“ ثريا کي اهو جملو ڏاڍو ڏکيو لڳو. ”تڪليف ته
ڌارين لاءِ ڪبي آهي، تون مون کي ڌاريو...“
”او ثريا، پليز!“ آصف هٿ مٿي کڻي هن کي وڌيڪ چوڻ
کان روڪي ورتو.
”تون ماني کائي آيو آهين ڪٿان؟“ ثريا پنهنجي ڪاوڙ
کي ضبط ڪندي چيو: ”نه، مون کي بک ڪانهي.“
ثريا هيٺئين چپ کي چڪ پاتو. هن کي ڊپ هو ته ڪٿي
هوءَ پنهنجو پاڻ تان ضابطو وڃائي نه ويهي ۽ جيڪڏهن
ڳالهه شروع ٿي ته پوءِ الائي ڇا ڇا ڳالهائي ويندي.
”تون هيڏانهن اچي ويهه“، آصف هن کي پاڻ ڏي سڏيو.
”مون کي توسان ڪجھ ضروري ڳالهائڻو آهي.“ آصف ديوار
ڏانهن ڏسي رهيو هو.
ثريا هن ڏانهن غور سان ڏٺو ۽ پوءِ هيٺ قالين تي
رکيل مشين وٽ ويهي رهي. آصف خاموش رهيو. ثريا هن
ڏانهن ڏسڻ لڳي. هُو ڪيڏو لهي ويو هو ۽ ڪيترو
پريشان پريشان پئي لڳو. ثريا جي دل ۾ هن جي لاءِ
اٿاهه همدرديءَ جي لهر اٿي. هن چاهيو ته اٿي سندس
پاسي وڃي ويهي ۽ هن جو مٿو پنهنجي هنج ۾ رکي سندس
وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رهي. پر هوءَ اٿي نه سگهي
۽ هن چيو، ”توهين ايترا پريشان ڇو آهيو؟“
ثريا کي خبر هئي ته سندس ان رٽيل سوال جو رٽيل
جواب ئي ملندو: ’نه، اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.‘ پر
آصف خاموش رهيو. هن رڳو ثريا ڏانهن هڪ ڀيرو ڏٺو ۽
پوءِ آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍڻ لڳو.
ثريا کي خيال آيو ته هوءَ رڙيون ڪري مٿو ديوار سان
ٽڪرائي ۽ چوي: ’مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو
تون مون کي ايترو ٽارچر پيو ڪرين!‘
”ثريا!“ آصف آهستي چيو ۽ هڪ ڀيرو هن ڏانهن ڏسي
نظرون هٽائي هيٺ ڏسڻ لڳو. ”مون کي خبر آهي ته مون
توکي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي. مون چاهيو ٿي ته مسئلي
جو ڪو حل نڪري اچي، پر مون کي ڪوبه رستو نظر نٿو
اچي. آئون به پريشان رهان ۽ توکي به پريشان ڪريان،
ان کان بهتر آهي ته ڳالهه هڪڙي پاسي ٿئي...“ هو چپ
ٿي ويو.
ثريا کي هڪ اڄاتو خوف محسوس ٿيو. هن جي دل زور سان
ڌڙڪڻ لڳي. هانءُ ٻڏڻ لڳو.
”ثريا، پاڻ ٻنهي لاءِ بهتر اهو آهي ته اسين هڪ ٻئي
کان الڳ ٿي وڃون. جن حالتن ۾ اسين گڏ رهون پيا،
تنهن کان نه رهڻ ئي چڱو آهي. مون کان توکي سواءِ
پريشانين جي ٻيو ڪجھ نه ملي سگهي شايد... مون کي
افسوس آهي- پر آئون... آئون ڪنهن کي چاهيان ٿو، هن
کان سواءِ زندهه نٿو رهي سگهان، ان حالت ۾...“ هُو
خاموش ٿي ويو.
رڙ ثريا جي گلي ۾ اچي اٽڪي پئي. هن کي لڳو ته سندس
هٿن پيرن مان ساهه نڪري ويو هو. پوءِ به الائي
ڪيئن هوءَ اٿي بيهي رهي.
”تون ماني کائي ڪونه آيو هوندين. آئون تنهنجي لاءِ
ماني گرم ڪري کڻي ٿي اچان.“ هوءَ يڪساهي چئي ويئي
۽ هن کي پنهنجو پاڻ تي حيرت لڳي.
آصف هن کي هٿ جي اشاري سان روڪيو.
”نه، تون ويهه، مون کي توسان ڳالهائڻو آهي.“
هوءَ بيٺي رهي. هن جون ٽنگون سڪي ڪاٺ بنجي ويون
هيون.
”بهتر آهي ته اسين فضيلت سان هڪٻئي کان الڳ ٿي
وڃون. منهنجو مطلب آهي ته الڳ ٿيڻوئي آهي ته پوءِ
هروڀرو جي گِهل مان ڇا حاصل! اها ڳالهه وڌندي ته
ان مان ورندو ڪجھ ڪونه. بهرحال، توکي جيڪي کپي سو
تون کڻي سگهين ٿي. ٻيو به تولاءِ آئون جيتريقدر
ڪري سگهيس، سو ضرور ڪندس ۽...“
”تون... تون... آئون تولاءِ ماني کڻي ٿي اچان...“
ثريا تڪڙ ۾ هن جي ڳالهه ڪاٽي ۽ پوءِ جهڙوڪر ڊوڙندي
ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي. هوءَ رڌڻي ۾ گئس جي چلهي
وٽ اچي بيٺي. هن ماچيس کڻي تيلي ٻاري ۽ ٻريل تيلي
چلهي جي برنر ويجهو آندي. چلهو ڀڙڪو کائي ٻري پيو.
ثريا جي گلي ۾ ڦاٿل سڏڪو اوچتو نڪري آيو. هن جو
هانءُ ڄڻ ڦِسي پيو ۽ پوءِ هوءَ اوڇنگارون ڏيئي
روئڻ لڳي.
آزاد
جتوئي
ڏکيو ڏيهه، سُندر سپنا
مهينو
بلڪل ختم ٿيڻ وارو آ… يعني مهيني جي آخري تاريخ جي
آخري رات جا پويان ٻه پهر… جي! بلڪل پويان ٻه پهر.
صبح جو جڏهن سج جا تيز ڪِرڻا منهنجي ڪمري جا
بادمانن مان پار ٿي ٽيوب لائيٽ جي سفيد روشني کي
جهڪو ڪري ڇڏيندا، اها پهرين تاريخ هوندي ۽ ها، مون
کي اها به پڪ آ ته سڀاڻي پوري ستين بجي ريڊيو
سليون تان پهرين تاريخ وارو رڪارڊ به وڄندو ”خوش
ہے
زمانا آج پہلی
تاریخ
ہے“
هو پنهنجي بستر تي ويٺل آ، سوچ جي سمنڊ ۾ گوتا ٿو
کائي.
مان پنهنجي اداري ۾ هيٺين درجي جو ملازم آهيان،
صفا هيٺيون به نه، صفا مٿي به نه…!! اڄڪلهه آفيسرن
کي گريڊ مليل آهن، مان به انهن ئي گريڊن ۾ شامل
آهيان. جيڪڏهن ڪو آفيسرن جا گريڊ منڍ کان وٺي ڳڻڻ
لڳي. يعني هڪ، ٻه، ٽي…ڪ!! جي هان، بلڪل ائين ته
پوءِ يقيناً آءٌ پنجين گريڊ تي آهيان. ”اڙي هي مون
کي ڇا ٿيندو ٿو وڃي…!!“ ڄڻ ته مان وڦلي رهيو
آهيان!!
منهنجي پگهار اکرين ٻه سؤ نوي روپيا آهي، مان
منهنجي زال، ابو امان ۽ ٻار ٻچا، سڀئي اکرين ڏهاڪو
کن آهيون، هو پنهنجو پاڻ سان ڏاڍيان ڳالهائي ٿو،
سندس ڪمري ۾ هي اڪيلو آهي. ٻيو سندس گهڙيال اٿس
جيڪو معمول مطابق هلي رهيو آهي.
ستر ۾ گريجوئيٽس ٿيس، ڇاهتر ۾ جونيئر ڪلارڪي ملي
آهي ڪمال آ، يعني وچ واريو عرصو ڌِڪا ۽ ٿاٻا.
اڙي مان هن وقت تائين ڇا پيو ويٺو ڪريان…؟ پر ها،
ياد اچي ويو، سڀاڻي پهرين تاريخ، شايد ان ڪري ننڊ
ڪانه ٿي اچي ٺيڪ آهي. اڄ
يعني هينئر جو هينئر مون کي ايندڙ مهيني جي بجيٽ
ٺاهڻ گهرجي. خرچ جو ڪاٿو لڳائڻ گهرجي ۽ آمدنيءَ جو
حساب ڪتاب لڳائڻ گهرجي.
هُو اُٿي ٿو، پوءِ پين کڻي واپس بستري تي اچي ٿو ۽
حساب ڪتاب ٺاهڻ ويهي ٿو. اٽو، چانور، گيهه ۽ کنڊ
وغيره لاءِ سؤ روپيا، جيڪي هر مهيني باقاعدگي سان
نڪرندا آهن.
پاڻي، بجلي، صفائي لاءِ به ٽيهارو کن ٻاهر ٿو
ڪيان، پر هي مهينو ڪهڙو آ…!!؟ لکڻ کي اڌ ۾ ڇڏي پاڻ
کان ئي سوال ٿو پڇي. خبر ناهي ڪهڙو آ، پاڻ ئي وري
جواب ڏئي ٿو.
ها ياد اچي ويو…!! آگسٽ آ…!!
هان، آگسٽ وري ڪيئن؟ پاڻ کي ڄڻ چِڙ ٿي وٺي وڃينس.
ڪمال آ ٻيو ڇا!! سيءَ ۾ ٿڙڪان ٿو پيو. هيڏي ساري
ڪمري ۾ بند آهيان. پوءِ هي آگسٽ ڪيئن ٿيو! ”هون
هون…!! ها ياد اچي ويو. ڊسمبر آ، هاڻي بلڪل ياد
اچي ويو. اڳئين هفتي امان چيو هو ته منهنجي لاءِ
اجرڪ وٺيون اچجانءِ، سيءَ ۾ ڏڪان ٿي پئي.
هان جائي!! بابا به چيو هو ته ڪو ليلامي ڪوٽ
ورتيون اچجانءِ… ۽ ها، هاڻي به سڀڪجهه ياد ايندو
ٿو وڃيس. ٻارڙن کي به ته گرم ڪپڙا ڪونه آهن. اڳئين
ڀيري نوران منهن پٽي وئي هئي. باقي رهياسين نوران
۽ مان، مڙئي مولا مالڪ آ، وقت پيو گذرندو. اوه…
مان حساب ڪتاب الائي ڪٿي ڇڏي ڏنو. سچ پچ مان به
ڏينهون ڏينهن پاڳل ٿيندو پيا وڃان. مان ڪيترن
ڏينهن کان وهنتو ناهيان، جسم جي ذري ذري ۾ خارش ٿي
پئي آهي.
ڪمال آ، يعني حساب ته پورو بيهي ئي ڪونه ٿو، پگهار
ٽي سؤ به ڪانه خرچ ڇهن سون کان به مٿي. سوچ ۾ ٿو
پئجي وڃي.
نوران به سلائيءَ مان ڪي پيسا گڏ ڪيا هوندا، الائي
ڪونه. اها به رڳو خرچن لاءِ ويٺي آ. امان پراين
سَوڙين رِلين کي ٽوپا ڏئي ٿڪجي پئي آ. مليس ته ٽڪو
به ڪونه ٿو. رڳو مانيءَ ۾ حساب پورو. بابا ته
ويچارو پوڙهو، نه ڪم ڪري نه ڪار. هاءِ ڙي قسمت…!!
نرڙ ۾ گهنج ٿا پئجي وڃنس. مٿي جا وار بي ترتيب ٿيل
اٿس. وات ۾ پين جي ٻجي ڏيون، گهري سوچ ۾ گتل آهي.
”حقيقت ۾ سڄو ڏوهه امان جو آهي…!! چئي ٿي ته رشوت
نه وٺ، پئسا نه کاءُ، حرام نه کاءُ. ٻيو ڀلا ڇا
کاوان ڀتر ۽ ٺڪر، هاڻي پورت به امان ڪري نه…!!؟
منهنجا حال به ڪيڏا نه برا ٿي ويا آهن. ڪهڙو نه
واهيات قسم جو ٿي ويو آهيان. ٻيا به جونيئر ڪلارڪ
آهن يا رڳو مان اچي ٿيو آهيان. ايماندار پٽ…!!
هاڻي ته ننڊ به ڪانه ٿي اچي…!! هو ننڊ جو ارادو
ترڪ ٿو ڪري. ”ڀلا هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي…!؟
جيڪڏهن ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ ورزش ڪرڻ
گهرجي، ٻين لفظن ۾ نچڻ گهرجي جي!؟ مون الائي ڪهڙي
بڪ ڪئي…!! هلڪڙو ٽهڪ ٿو نڪري وڃيس.
ها، سو ڳالهه ٿي ڪيم ننڊ جي، اڄڪلهه مون کان ننڊ
به ناراض ٿي وئي آهي. ٻيو ٽيون ڏينهن آهي، اک به
ڪانه ٻوٽي اٿم. سڄو ڏينهن سودائن ۾ سُڪي سوڙهو ٿي
ويو آهيان. سچ پچ آءٌ ماڻهن جي شڪل مان بدلجندو ٿو
وڃان.
اوه…!! رات کٽڻ ۾ باقي هڪڙو پهر، هاڻي مون کي ليٽي
پوڻ گهرجي. اکيون ٻوٽڻ گهرجن ۽ ننڊ کي باقاعدي
ايلاز ڪرڻ گهرجي وليم ورڊس ورٿ وانگر… هون! وليم
ورڊس ورٿ وانگر وري ڪيئن…!! هن به ڪوئل جي ڪوڪ،
چيهن جي چيڪاٽ، باک ڦٽيءَ مهل گلڙن ڦلڙن تي ماڪ
ڦڙن کي ياد ڪيو هو، هونئن اسان جي زندگيءَ جا
گهايل ڏينهن ڪيڏا نه اڙانگا آهن، جيڪڏهن آءٌ انهن
ڏکن ڏولاون کي ياد ڪريان ته ننڊ اچڻ بدران موت اچي
وڃي. موت به منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ڪونهي، ڏک
ڏولاوا به منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ڪونهن پر…! پر مان
ننڍڙي پتڪڙي خميسي کي ڪيئن ڇڏيان. ٻاتن ٻاتن ٻولن
سان ڦرهي پڙهندڙ بشير کي ڪيئن ڇڏيان ۽ هنج ۾ لاڏ
ڪوڏ ڪندڙ سوني، سڪينه ۽ صادق کي ڪنهن جي حوالي
ڪيان…!! مان زنده رهندس ۽ هنن کي زندگيءَ جي هر
خوشي ميسر ڪري ڏيندس. مان ڪونه مرندس. مان موت کي
به ماري ڇڏيندس. مان…!
پنهنجي جملي کي اڌ ۾ ڪٽي ٿو ۽ لاشعوريءَ ۾ بستري
تان اُٿي ٿو ۽ ڪمري کي چوڌاري چڪر لڳائي ٿو. ڪا
ڳالهه ياد ٿي اچي وڃيس. تڪڙو تڪڙو ڪٻٽ ڏانهن وڌي
ٿو. ان مان هڪ ڪتاب ڪڍي ٿو ۽ وري بستري تي اچي ٿو.
”هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال به هوبهو منهنجي
زندگيءَ سان ٺهڪي اچي ٿو شايد هن سان به مون واري
ويڌن آ. يا زندگيءَ ۾ سڀني سان اهڙي ويڌن آ… نه…
ائين ڪونه هوندو، سڀ مون وانگر ڪنگلا ڪونه هوندا،
سڀ جونيئر ڪلارڪ ڪونه هوندا، سڀ مون وانگر بُک تي
ايماندار ڪونه هوندا ۽ سڀ…!!“
ڳالهه کي روڪي ٿو وٺي جان ۾ ٿڪ ٿو محسوس ڪري،
اکيون به ٿڪجي پيون اٿس، ٿڪاوٽ ڪري وٽجي ۽ سٽجي ٿو
وڃي ۽ اوچتو سندس اکيون پورجي ٿيون وڃن ۽ پوءِ هو
خوابن جي دنيا ۾ مست ۽ مگن آهي. ڪنهن کي به لفٽ
ڪونه ٿو ڏئي. ڪمري ۾ ٽيوب لائيٽ جي سفيد روشنيءَ
وانگر سپنن ۾ به هن جي اڳيان روشنيون ئي روشنيون
آهن… سپنن ۾ هُو جونيئر ڪلارڪ ناهي، هاڻي هُو تمام
سينيئر آفيسر آهي، سندس هڪ ئي اشاري سان اداري جو
هر ملازم هلي رهيو آهي. هاڻي ڪالونيءَ کان آفيس
تائين پنڌ ڪونه ٿو وڃي، هن جي هيٺان ڪيتريون ئي
گاڏيون آهن، هن وٽ پراڻي کُٿل ٽيبل تي رکيل ٽائيپ
جي مشين به ڪونهي، پر ايئرڪنڊيشنڊ روم اٿس، جيڪا
مڪمل طرح سينگاريل آهي. ڦرندڙ ڪرسيءَ جي اڳيان وڏي
ٽيبل اٿس، جنهن جي مٿان هڪ کان مٿي ٽيليفون رکيون
آهن، ايش ٽري رکيا آهن ۽ ٻيون الائي ڪيتريون شيون
گلدستا ۽ گلدان وغيره وغيره.
هن جي ايمانداريءَ جي هاڪ شهر شهر واهڻ واهڻ تائين
پهچي ٿي وڃي. خود اعليٰ آفيسرن تائين ۽ جلد هن کي
پروموشن ڏئي وڏي عهدي تي فائز ڪيو ٿو وڃي.
اڄڪلهه هو وڏو ڪامورو آهي، سندس ٻار ڳوٺ جي ڇڳل ۽
ڊٺل اسڪول جي ميدان تي ڦرهي ڪونه ٿا پڙهن، پر شهر
جي هڪ اعليٰ اسڪول ۾ انگريزيءَ جي تعليم پرائي
رهيا آهن. سندس زال نوران مشين جي سلائي ڪونه ٿي
ڪري، پر وڏين وڏين پارٽين ۾ بيگم صاحبه جي حيثيت ۾
شريڪ ٿي ٿئي. وڏن وڏن فنڪشنن جو افتتاح ٿي ڪري!!
هڪ ڏينهن پنهنجي رهائشگاهه کان آفيس وڃڻ لاءِ تيار
ٿي ٻاهر ٿو اچي. ڪار ۾ ويهي آفيس ٿو پهچي. هن جي
ٽيبل اڳيان ڪيترائي فائيل رکيا آهن، هيءَ جيئن ئي
ڪرسي تي ويهي ٿو، هڪڙو ماڻهو جيڪو سندس ڪلارڪ آهي،
هر هڪ فائيل کوليندو اڳيان رکيس ٿو ۽ پاڻ صحيح
ڪندو وڃي ٿو، پر اچانڪ هڪ فائيل صحيح ڪندي ڪي
غلطيون نظر اچنس ٿيون. ڪلارڪ جي منهن ۾ گهوري ٿو.
ڪلارڪ تي ڏاڍي چِڙ ٿي اچيس، هن کي گهٽ وڌ ڳالهائي
ٿو ۽ ڌمڪي ڏئيس ٿو سسپينڊ ڪرڻ جي!! ڪلارڪ هن جي
پيرن تي ڪِري ٿو پوي.
”سائين مان غريب ڪلارڪ آهيان، منهنجا والدين ڪراڙا
۽ بيوس آهن، منهنجا چار ٻار آهن، انهن سڀني کي
ڪوبه ناهي سنڀالڻ وارو! سائين!!“ ڪلارڪ زور زور
سان پڪاري رهيو آهي! هو وري ڪلارڪ جي منهن ۾ گهوري
ٿو ڏسي ۽ پوءِ پاڻ به ڪنبي ٿو وڃي. سندس ڪلارڪ جو
چهرو بلڪل پنهنجي شڪل جهڙو ٿو لڳيس. هو ٿڙڪي ٿو ۽
ٽٽل ٽٽل لفظن ۾ چويس ٿو گيٽ آ…!
”آءِ سي گيٽ…!!“ هو آئوٽ چوڻ کان اڳ ئي جاڳي ٿو
پوي سندس سندر سپنا کن جي پل ۾ گُم ٿي ٿا وڃن.
سندس جسم ٿڙڪي ٿو، گهڙيال تي ٽائيم ٿو ڏسي. آفيس
کان مُنو ڪلاڪ مٿي گذري چڪو اٿس. تڙتڪڙ ۾ بغير
ڏاڙهي لاهڻ، وهنجڻ ۽ ڪپڙا بدلائڻ جي منهن کي ڇنڊو
هڻي آفيس وڃڻ لاءِ ڪالوني ٻاهر نڪري ٿو وڃي. |