سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:6 

ميرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

ميرزا سلطان حيدر بيگ جي غزل گوئي

جو مختصر جائزو

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ميرزا سلطان حيدر بيگ مرحوم جون علمي ۽ ادبي خدمتون ۽ سرگرميون نمايان حيثيت حاصل ڪري چڪيون آهن، سندن خاموش، مخلص، بي لوث ۽ سرگرم علمي شخصيت جي زندگي ۽ علمي ڪارنامن تي تبصري لاءِ هڪ مختصر تحرير ناڪافي آهي. پاڻ فڪر و نظر، علم و ادب ۽ شعر و فن جي دنيا ۾ بيمثال شخصيت جو مالڪ هو. بلڪه هو اسان جي شعري روايت ۾ وڏي مقام جو حامل هو. آءٌ چند سرسري جملن ۾ سندس مقام کي متعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪري سگهندس، پر ائين ضرور چوندس ته پنهنجي دور ۾ ڪنهن شاعر کي اهڙي
همه گير مقبوليت حاصل نه ٿي سگهي آهي، جهڙي ميرزا صاحب جي حصي ۾ آئي آهي ۽ اهلِ ذوق جي دل ۾ جيڪو مقام کيس مليل آهي، سو سراسر سندس حق هو.

ميرزا سلطان حيدر بيگ ولد مرزا علي محمد بيگ مظفر، 16 سيپٽمبر 1927ع مطابق 19 ربيع الاول سنه 1346هه بروز جمع ٽنڊو آغا، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ميرزا سلطان حيدر بيگ جي ڏاڏي ميرزا قربان علي بيگ، سال 1932ع جي سندس رسمِ بسم الله جي ادائگي ڪري، کيس پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آسودي مل پرائمري (هاڻوڪو سيٺ حافظ پرائمري اسڪول) ڦليلي لڳ داخل ڪرايو ۽ کيس رات جو پاڻ درس ڏيندو رهندو هو. درسي تعليم سان گڏ ديني تعليم به حاصل ڪندو پئي آيو.

ميرزا صاحب پنهنجي ئي جاءِ تي، پر کيس شاعريءَ جي اصلاح لاءِ نهايت ڄاڻو ۽ شفيق استاد مليا، جن مان پهريون سندس ڏاڏو ميرزا قربان علي بيگ ’قربان‘، ٻيو والد ميرزا علي محمد بيگ
’مظفر‘، ٽيون ميرزا علي بخش ’بيگ ڪوثر‘
۽ چوٿون ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ هئا. شاعريءَ جي شروعات، 1- محرم 1361هه مطابق 19 جنوري 1942ع کان ڪيائين. هيءُ اهو سال هو، جنهن ۾ پوري ننڍي کنڊ ۾ ”تيرهن سؤ صد ساله يادگار حسيني“ جي ياد ۾ جلسا ۽ مشاعرا ٿيڻ لڳا. امام بارگاهِ علي آباد ٽنڊي آغا ۾ پڻ اهڙو مشاعرو ٿيو. ان وقت مرزا سلطان حيدر بيگ جي عمر تقريباً 15 سال هئي، جڏهن پاڻ هي سلام:

مظلوميت جو صبر نه آهي شمار ۾.

لکي والد کي اصلاح لاءِ ڏنائين، جنهن سلام تي ضروري اصلاح ڪئي ۽ فن عروضِ متعلق کيس ضروري سمجهاڻيون به ڏنيون. ميرزا سلطان حيدر بيگ وقتاً فوقتاً اردو شاعري ۾ سيد نثار حسين جعفري کان به اصلاح ورتي. مطلب ته هن کي وڏن وڏن استاد شاعرن جي رهنمائي حاصل ٿي، سندن پهريون تخلص ”طفر“ ۽ پوءِ ”سلطان حيدر“ هو.

ميرزا سلطان حيدر بيگ کي ننڍي هوندي کان گهر ۾ ئي علمي ۽ ادبي ماحول نصيب ٿيو، ۽ هن جي ذوق ۽ شوق جي تڪميل ٿيندي رهي. فارسي ۽ اردو جي تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪيائين. کيس شعرگوئيءَ سان گڏ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ جو بيحد شوق هوندو هو. اهڙن مشاعرن ۾ ڪورين جي پڙ ۾ بزمِ خليل، بزمِ طالب الموليٰ، (هالا ۾ لطيف آباد) ۽ ٻين هنڌن تي ٿيل مشاعرا شامل آهن. جنهن ۾ ان وقت جا ناميارا شاعر شريڪ ٿيندا هئا. ازانسواءِ هو، ٻين پاسن تي ٿيل ادبي ڪانفرنسن ۾ به شعر ٺاهي موڪليندو رهندو هو. مطلب ته شاعري ۽ مشاعرن جو ذوق، چوٽ چڙهيل هوس. پاڻ نه رڳو مشاعرا پڙهيا، پر ٽنڊي آغا امام بارگاهِ علي آباد ۾ بزمِ ڪوثر پڻ قائم ڪئي، جنهن ۾ ميرزا عباس علي بيگ ’عباس‘، ميرزا حامد علي بيگ، ميرزا غلام مصطفيٰ بيگ ’عاشق‘، ميرزا غلام عباس بيگ ’وفا‘، ۽ ميرزا سڪندر علي بيگ شريڪ ٿيندا هئا.

1970ع ڌاري پاڻ پنهنجي والد جي نالي سان ”بزمِ مظفر“ جو بنياد رکيو، جنهن ۾ سيد حيدرشاهه، سيد احسن الهاشمي، ميرزا عباسي علي بيگ، ميرزا حامد علي بيگ، ميرزا غلام مصطفيٰ بيگ ’عاشق‘، ميرزا سڪندر علي بيگ، ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘، ميرزا قربان علي بيگ مختار، مرزا فياض علي بيگ، ميرزا علي تقي بيگ، ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر ۽ ميرزا ڪاظم رشا بيگ ’ڪاظم‘ ڪندا رهيا ۽ اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين قائم و دائم آهي.

هر ڪنهن ذي حسن کي منزلِ حيات پوري ڪرڻي آهي، اهڙيءَ طرح ميرزا سلطان حيدر بيگ 6- فيبروري 2005ع ۾، پنهنجي حياتيءَ جي منزل پوري ڪري دارالفنا کي ڇڏي، دارالبقا ڏي راهي ٿي، پوين کي داغِ مفارقت ڏيئي هليو ويو.

ميرزا سلطان حيدر مرحوم پنهنجي علمي ۽ ادبي نُڪتئه نظر سان، خصوصاً سنڌي غزل جو معياري شاعر ۽ ناقد مڃيو وڃي ٿو، جو پاڻ فنِ علم عروض جي فني اصولن، موشگافين جو پابند آهي: غزل، پنهنجي هيئت جي اعتبار سان نِج فارسي صنف آهي، ان جي لوازمات ۽ فني متعلقات کي ادب ۾ هڪ انفرادي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ اردو غزل جي ترويج ۽ نثر و اشاعت ۾ ميرزا سلطان حيدر بيگ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو وڏو عمل دخل رهندو آيو آهي. غزل ۽ ان جي فن متعلق اردو دان ناقدن جيڪي عروضي فني موشگافيون پيدا ڪيون، اهي ميرزا سلطان حيدر بيگ سنڌي اديبن سان گڏجي روشناس ڪرايون. تغزل ۽ ان جا لوازمات، عروض ۽ ان جا اصول، حرڪات، سڪنات جا قاعدا، عربي ۽ فارسي بحر، عيوبا ۽ فڪِ اضافت، تنافر، تنقيد ۽ تحقيق جا مباحث، سنڌي ادب ۾ مروج ڪرائڻ تي ميرزا سلطان حيدر بيگ جو اهو ڪردار رهيو.

ميرزا سلطان حيدر بيگ، سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي زبانون ڄاڻندو هو. هڪ مشاق ۽ استاد شاعر به هو ۽ بلند پايه جو اديب به هو، بلڪه هڪ سخن سنج، فهم، سخن گستر ۽ سخن گو ۽ نقاد به هو. ايترين خوبين جو هڪ هنڌ گڏ هجڻ پنهنجي جاءِ تي ڪرامت کان گهٽ نه آهي. کيس شاعريءَ ۾ هڪ انفرادي مقام حاصل هو. سندس ڪلام ۽ زبان سليس ۽ رنگين آهي. هڪ قادرالڪلام ۽ ڪُهنه مشق شاعر هجڻ جي ثبوت ۾، سندس مرثيه، سلام، حمد، نعت، مثنوي، منقبت، رباعيون، نوحه، قصيدا، قطعات پيش ڪري سگهجن ٿا. سندن غزليات ۾ تخيل جي بلنديءَ سان گڏ استعاري ۽ ڪنايي جو صحيح استعمال ۽ بندش جي چستي ۽ برجستگي نمايان خوبيون آهن.

بقول مرحوم عبدالقيوم صائب جي، ته عام طور تي اهوسمجهيو ويندو آهي ته ٽنڊي آغا جا ميرزا صاحبان، مرثيه گوئي ۾ مهنمڪ رهندا پيا اچن، پر ميرزا سلطان حيدر بيگ جي ڪلام کي پڙهي اِها راءِ بدلائڻي پوي ٿي. آءٌ ته ائين چوندس ته ميرزا سلطان مذهبي شاعري، يعني، مرثيه، سلام، نوحه وغيره سان گڏوگڏ غزل جو به دلداده آهي. اچو ته ان ڏس ۾ سندن شاعريءَ، خاص طور تي غزل جو جائزو وٺون.

غزل، هڪ اهڙي صنف سخن آهي، جنهن پنهنجي قالب ۾ ڪيترين انقلاب آفرين تبديلين کي جاءِ پئي ڏني آهي. سندس جهوليءَ ۾ هڪ طرف حسن ۽ عشق جون شوخيون ۽ شرارتون آهن ته ٻي طرف عشق جون سرمستيون ۽ سرشاريون به، غزل هر دور ۾ زنده رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي هر دور جي بدلجندڙ قدرن جو ساٿ ڏئي ٿو، غزل کي فقط داخليت زده صنفِ سخن سمجهڻ هڪ وڏي بي انصافي ۽ تنگ نظر آهي.

غزل اسان جي شعر ۽ ادب جو ناقابل فراموش سرمايو پڻ آهي، اسان جي متقدمين ۽ نون شاعرن جو تقريباً ٻه سؤ ساله جو بيش بها علمي ۽ ادبي خزانو اسان وٽ غزل جي صورت ۾ موجود آهي. غزل اسان جي ادبي روايتن ۽ فڪري ارتقا جو هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجي شاعرن جي بيش بها علمي ۽ ادبي خدمتن جو عڪس ڏسي سگهون ٿا.

غزل جي شاعري دل جي لطيف ۽ داخلي جذبن جي شاعري آهي. هيءَ شاعري زندگيءَ کي حسن ۽ عشق جي لذتن سان سرشار ڪري ٿي، جنهن ڪري انسان غم ۾ به هڪ رات محسوس ڪري ٿو، ڏک ۽ ڏوجهرا، محرومي ۽ مايوسي، نااميدي ۽ ناڪامي، احساس ۽ ارمان، هي اُها جذبا آهن، جي انساني زندگيءَ جو هڪ جزو آهن، جن کان انسان سدائين پاڻ بچائي نٿو سگهي، مگر اعليٰ قسم جي شاعري انهن ئي جذبن کي هڪ نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿي، ۽ انسان گهٻرائجي، مري وڃڻ بدران انهن جذبن کان زندگيءَ جو حُسن، حوصلو ۽ ادراڪ حاصل ڪري ٿو. هر نااُميديءَ جي ڪاري رات مان صبح جو نُور نروار ڪري ٿو، خزان ۽ بهار جي سرهاڻ پکيڙي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزلن ۾ اهڙا ڪيترائي شعر نظر اچن ٿا، جي غمن جي اُٿاهه گهراين مان پيدا ٿيل رجائيت، حسن ۽ دلڪشيءَ جا مظهر آهن. جيئن ميرزا سلطان حيدر فرمائي ٿو:

سلطان ديارِ عشق و محبت ۾ پائي پير

غيرن کي رازدار ڪيم هاءِ ڇا ڪيم،

شرم کان چنڊ لڪي ٿو ڏسي جنهن کي،

اهڙي پنهنجي محبوب جو مٽ ڪين ڪي ڀايان ڪنهن کي.

 

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل ۾ زبان ۽ بيان جا نوان تجربا پڻ ٿيا، غزل جي پراڻي رمزيت، نئين ماحول جي اشاريت سان روشناس ٿي، جنهن ڪري غزل ۾ مروج پراڻن روايتي لفظن ۾ هڪ نئون رنگ ۽ نئون مفهوم پيدا ٿوي، مثلاً: صبح، شام، اوندهه، قفس، جام، بهار، خزان، صبا، صياد، جفا، چمن، مقتل، ادا، ناز، غمزه، رهبر، قافلو ۽ طوفان وغيره. ميرزا سلطان حيدر اهي سڀ الفاظ هڪ مخصوص مفهوم ۽ اشاريت سان ڪم آندا آهن:

بهار هوندي چمن ۾ صبا اچي ئي نه ٿي،

وڇائي دوش تي زلفِ رسا اچي ئي نه ٿي.

گردِن حسن تي خون عشق جو ثابت آهي،

رقص ۾ جام ۽ مينا کي حيا ئي نه ٿي.

*

اسا سان، ناز سان غمزه سان شوخي سان شرارت سان،

نهاريو يار جي هيڪر خبر ناهي ته ڇا ٿيندو.

*

پنهنجون خوشيون ۽ پنهنجون تمنائون خواه مخواه،

وابستهءِ بــــهــــار ڪــــيــــم هــــاءِ ڇــــا ڪــــيــــم.

*

خدا ڄاڻي ته دل ۾ مہ لقا اڄ تنهنجي ڇا آهي،

قيامت خيز ٿي تنهنجي ته اڄ هرهڪ ادا آهي.

 

ميرزا سلطان حيدر جو غزل انهن ٺهيل ٺڪيل فارسي ترڪيبن کان پاڪ نظر نه ٿو اچي، جي اردو شاعريءَ جي اثر هيٺ سنڌي غزلن ۾ به عام طور استعمال ٿينديون آهن. ميرزا صاحب جي غزل ۾ ڪيتريون ئي نيون ترڪيبون پڻ استعمال ٿيل آهن، جنهنڪري زيرِاضافت ۽ نون غني جو جابجا استعمال ملي ٿو.

غزل پڻ ڪافيءَ وانگر هڪ غنائي صنف آهي، جنهن کي تغزل وڌيڪ اثرائتو، مٺو ۽ سريلو بنائي ٿو. تغزل جي وضاحت لاءِ ايترو ضروري آهي ته سوز و گداز، ميٺاج، لهجي جي نرمي ۽ شگفتگي، لطافت ۽ حسنِ بيان، اهي سڀئي خوبيون تغزل جي هڪ ئي لفظ ۾ سمائجي وڃن ٿيون. هيٺ ڄاڻايل مثال حسنِ تغزل جو بهترين نمونو آهي:

اوج تي حسن جو شباب آيو،

دل جي دنيا ۾ انقلاب آيو.

*

هي صحرائي حسينه آهي هر زينت کان بيگاني،

ٿيو جسم ياسمين هن جو بهارِ صبحِ عرياني.

*

جي يادِ سرمئه چشمه پريرو ۾ ڪريان گريو،

ته اشڪن جو تسلسل ٿيندو تسبيح سليماني.

*

عشق کي چئو ته کڻي شربتِ ديدار اچي،

درد دل جو متان محتاج دوا ٿي نه پوي.

*

ان طرح ايڏو غور سان تون چنڊ کي نه ڏس،

تنهنجي ئي حسن کي متان تنهنجي نظر لڳي.

 

غزل جي صنف ايراني شعر جي ذريعي سنڌ ۾ مروج ٿي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي غزل جو مزاج گويا فارسي غزل جو عڪس آهي، ائين جيئن آواز جو پڙاڏو، يعني سنڌي غزل ايراني غزل کان متاثر آهي ۽ انهيءَ جي ئي رنگ ۾ رڱيل آهي. ايراني غزل جو هڪ مخصوص مزاج آهي ۽ ان جون مخصوص ترڪيبون ۽ تشبيهون آهن. سنڌي غزل جي شاعرن به اهي ئي ساڳيون ئي تشبيهون ۽ تمثيلون، ترڪيبون ۽ محاورا استعمال ڪيا آهن، گل ۽ بلبل، شمع ۽ پروانو، ساقي ۽ شراب، جام ۽ مينا، فارسي غزل جون مخصوص خصوصيتون آهن. سنڌي شاعرن به اهي ئي علامتون ۽ تمثيلون عام جام استعمال ڪيون آهن. مرحوم ميرزا سلطان حيدر جيتوڻيڪ سنڌي زبان جو هڪ منفرد غزل گو شاعر هو، ان هوندي به هو غزل جي انهن مخصوص علامتن کان پنهنجي غزل کي پري رکي نه سگهيو آهي. سندس غزل ۾ انهن علامتن ۽ تمثيلن، ترڪيبن ۽ محاورن جو استعمال نظر اچي ٿو. البته ايترو آهي ته هِن ان رنگين غزلن ۾ هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگ ڀريو آهي، جنهن ڪري سندس غزل ۾ روايت سان گڏ انفراديت به پيدا ٿي پئي آهي. هيٺين شعر ۾ هو پنهنجي محبوب کي ”شمع جي مانند“ ڪوٺي ٿو ۽ چوي ٿو ته، شمع، محبوب جي عشق ۾ مون کي آهي، تڏهن هرڪو ٻڌي چوي ٿو الحذر:

جلايو شمع جي مانند جي مون کي هن عشق،

چوي ٿو هرڪو ڏسي الحذر ڪڏهن نه ڪڏهن.

 

ايراني شاعريءَ ۾ گل ۽ بلبل جو ذڪر عام آهي، سنڌي شاعرن به انهيءَ روايتي انداز ۾ گل ۽ بلبل جو ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ روايت ڏانهن اشارو ڪندي ميرزا صاحب چيو آهي:

والله حسن و عشق جي هي ڪاميابي ڏس،

گل محوِ عندليب ته بلبل نثارِ گل.

 

سنڌ جي شاعرن انهيءَ روايت کي فقط روايت ڪري قبول ڪيو آهي، ۽ پڻ حقيقت جي نظر سان نه ڏٺو آهي. حقيقت اها آهي ته، سنڌ ۾ بلبل، گل جي مٿان ڦيرا پائيندي نظر نه ايندي آهي. ميرزا سلطان حيدر روايت پسندي سان گڏ حقيقت پسند شاعر آهي. هن انهيءَ حقيقت تي سوچيو آهي، هو چوي ٿو ته منهنجو مشاهدو انهيءَ ڳالهه جي تصديق نه ٿو ڪري ته بلبل ڪڏهن گل تي ساهه صدقو ڪيو آهي. انهيءَ ڪري هوسنڌي شاعرن تي تعجب جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته اهڙيءَ حالت کان پوءِ سنڌ جا شاعر ڪيئن انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪن ٿا ته، گل تي بلبل فدا آهي:

ڪين ڪي بلبل فدا گل تان آهي سلطان ٿي،

باغبان چئي ٿو، ٿيو گل جانِ جانِ عندليب.

 

ساقي، مئخانو، جام ۽ مينا ايراني ثقافت جا اهڃاڻ آهن. ايراني غزل جيئن ته ايراني ثقافت جي ترجماني ڪري ٿو، انهيءَ ڪري ايراني غزل ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر ملي ٿو. سنڌي شاعرن به مئي ۽ مئخانو، جام ۽ مينا جون علامتون استعمال ڪيون آهن. حالانڪه محفلن ۾ شراب پيئڻ جو اهو نمونو نه هو، جيڪو ايران ۾ هو، سنڌي شاعري ايران غزل جي روايت جي پابندي ڪندي شراب ۽ ساقي، مينا ۽ جام جون علامتون ۽ تمثيلون آنديون آهن. مرزا سلطان حيدر مرحوم به پنهنجي غزل ۾ اهڙو روايتي رنگ پيدا ڪيو آهي. البته ايترو آهي ته، هو ان ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مثلاً هيٺين شعر ۾ مينا ۽ شراب جو ذڪر ڪيو، هو چوي ٿو ته:

شرابِ ڪنهه آڻن ٿا نوان ساغر به آڻن ٿا،

ٿي اڄ آهي ته مئخاني ۾ ڪنهن ميڪش جي مهماني.

 

غزل جي معنيٰ آهي حسن ۽ عشق جو ذڪر. انهيءَ ڪري تغزل، غزل جي جان سمجهيو ويندو آهي. تغزل کان سواءِ غزل بي روح، ڦڪو ۽ ٻُسو ٿي پوندو آهي. حسن ۽ عشق جي ذڪر جي سلسلي ۾ به  غزل جون مخصوص روايتون آهن، نه فقط ايترو، پر سنڌي شاعرن تشبيهون به گهڻي قدر ايراني غزل جون روايتي تشبيهون استعمال ڪيون آهن. ايراني غزل جي روايت موجب، محبوب کي سنگدل، ستم ڪندڙ، گهائل ڪندڙ ۽ قاتل سڏيو ويو آهي. محبوب جي لاءِ صنم جو لفظ به غزل ۾ تمام گهڻو استعمال ٿيندو آهي، جيڪو ابروءَ جي سان پنهنجي عاشق کي گهائل ڪري ڇڏي ٿو، مثلاً:

ستم آزار، ظلم و جور بس تنهنجي وفا آهي،

صنم آخر صنم آهي، نڪي هرگز خدا آهي.

*

بپا ٿيو شورِ غل ان واسطي جي ڪوچي ۾،

ڪيو دلدار هٿ خنجر خبر ناهي ته ڇا ٿيندو.

 

غزل ۾ محبوب جو جيڪو تصور پيش ڪيو ويندو آهي، ان ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ته شاعر ان جو سچو عاشق آهي، پر هو پنهنجي سچي عاشق کي ته ٺڪرائي ڇڏيندو آهي، يا ان کي تڪليفون ڏيندو آهي، ان جي مقابلي ۾ ٻئي ماڻهوءَ سان کِلي خوش ٿي گذاريندو آهي، حالانڪه اُهو هن سان مخلص ۽ سچو نه هوندو آهي. غزل جي روايتن موجب هن کي رقيب سڏيو ويندو آهي. شاعر رقيب کي ننديندا ۽ پٽيندا آهن ۽ ان جي بدگوئي ڪندا آهن. اسان جا سنڌي شاعر به غزل جي انهن روايتن جا پابند آهن، ميرزا سلطان حيدر روايتي انداز ۾ رقيبِ ”روسيه“ يعني ”منهن ڪارو“ سڏي ٿو، ۽ محبوب کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته، ان کي روسيه رقيب کان آڏي پڇا ڪرڻ کپي:

فرياد تي رقيب جي، آڏو حبيب،

ان روسيه رقيب کان آڏي پڇا ڪجي.

 

غزل جي اها خوبي آهي ته، محبوب جي حسن کي مختلف تشبيهن ذريعي وڌيڪ حسين، وڌيڪ پُرڪشش ۽ وڌيڪ پُراثر ڪري بيان ڪيو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ نهايت خوبصورت تشبيهون استعمال ڪيون وينديون آهن. ميرزا سلطان حيدر رنگين شاعر آهي ۽ ان جي شعر ۾
جا بجا حسن ۽ رنگيني نظر ايندي. هن پُرڪشش ۽ رنگين تشبيهن جي ذريعي شعر ۾ حسن جي خوبصورتي آندي آهي، گل هڪ خوبصورت شيءِ آهي، جنهن کي هرڪو چاهيندو آهي، پر ميرزا سلطان پنهنجي محبوب کي چوي ٿو ته مکڙيون غمگين آهن ۽ پته به خشڪ ٿي ويا آهن، جو ڪنهن مه لقا جي هجر گل جي دل فگار آهي:

خاموش غنچه گل به ته پزمرده برگ خشڪ،

ڪنهن مه لقا جي هجر ۾ ٿي دل فگار گل.

 

هيٺين شعر ۾ محبوب جي جلون جي فراواني ۽ دلبر جي تنگ داماني کي ڪهڙن نه خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪيو اٿس:

ڏسي هرهڪ طرف تنهنجي ئي جلون جو فراواني،

محال آهي ٿئي دلبر نظر جي تنگ داماني.

۽ وري ڪٿي محبوب جي زلفن جي تصور ۾ شاعر جي دل اٽڪيل آهي ۽ هُتي محبوب پنهنجي زلفن وانگر پريشان آهي:

زلفن جي تصور ۾ سندم دل آهي اٽڪيل،

زلفن جي طرح پاڻ پريشان نظر آيو.

 

انهيءَ روايتي انداز جي باوجود ميرزا سلطان حيدر جو غزل منفرد رنگ رکي ٿو. هن نه فقط حسن ۽ عشق جو ذڪر ڪيو آهي، پر پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا، جذبات ۽ احساسات به بيان ڪيا اٿس، ته ماحول جي مايوسين ۽ محرومين جو به ذڪر ڪيو اٿس. اخلاقي نڪتا به نروار ڪيا اٿس، ته تصوف جا راز ۽ رمزون به بيان ڪيون اٿس. هو قادر جي قدرت تي غور فڪر ڪري حيران ٿي وڃي ٿو ۽ بي اختيار ٿي چوي ٿو ته:

لکين سر ٿا ٿين صدقي محبت تان سدائين پر،

خدا ڄاڻي ڪيو ڪنهن آهي رسمِ امتحان پيدا.

 

انڪري معلوم ٿيندو ته ميرزا سلطان روايت جي پابندي به ڪئي آهي، ته ان سان گڏ پيشڪش جي انداز ۾ جدت ۽ انفراديت به پيدا ڪئي اٿس، جنهنڪري سندس شعر، غزل جي شاعرن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.

ميرزا سلطان حيدر بيگ، جيتوڻيڪ سنڌي زبان جو هڪ منفرد غزل گو شاعر هو، ان هوندي به هو غزل جي انهن تمام مخصوص علامتن کي پنهنجي شعر کي پاسيرو رکي نه سگهيو آهي. البته ايترو ضرور آهي ته هن غزل ۾ هڪ نئون رنگ ڀريو آهي، جنهنڪري سندس غزلن ۾ روايت سان گڏ انفراديت به نروار ٿئي ٿي.

ميرزا سلطان حيدر بيگ جو غزلن جو مڪمل ديوان آهي، جنهن ۾ معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي پڻ چِٽي عڪاسي ٿيل آهي. ازانسواءِ سنڌين جي جذبات ۽ احساست جي ڀرپور ترجماني پڻ ڪئي اٿس. طنز و مزاح جي سلسلي ۾ سندن ”ظريفاڻو شعر“ به ملي ٿو.

ميرزا سلطان جو ذهني رجحان غزل سان هم آهنگ هو، انهيءَ ڪري غزل جو باڪمال شاعر مڃيو وڃي ٿو. ڪجهه نظم به چيائين، جن مان ڪيترا شاهڪار حيثيت رکن ٿا. مثلاً ”حيدرآباد جو قلعو“ (مسدس) سندس نظم پنهنجي حيثيت مڃرائي چڪو آهي. اهڙيءَ طرح حمد، نعت، مرثيه، سلام، نوحه، منقبت، مثنويون ۽ قطعا ۽ رباعين وغيره تي پڻ طبع آزمائي ڪئي هئائين. سندن سلامن جو مجموعو راقم الحروف ”فراتِ عزا“ جي نالي سان ترتيب ڏئي 2017ع ۾ شايع ڪرايو آهي.

استاد لغاري

 

 

 

تِلا شاهه جي تباهه ٿيندڙ تاريخ

 

بزرگ تِلا شاھ وارو ماڳ مڪان ۽ قبرستان، ضلعي سانگھڙ جي شهر ڪنڊياري کان اولھ طرف، نئين آباد کان ڏکڻ ۽ پاٽويون شهر جي ويجھو موجود آهي. گرامر موجب، لفظ ’تِلا شاھ‘ اسم خاص، عدد واحد ۽ جنس مذڪر آهي. هيءُ لفظ ٻن گڏيل لفظن جو مجموعو آهي، يعني ’تِلا‘ + ’شاھ‘. تِلا، عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي- تِلاوت يا تلاش وغيره. شاھ، فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي- بادشاھ، حاڪم يا وڏو وغيره. ٻنهي لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو، ته ان جي معنيٰ ٿيندي تلاوت ڪرڻ جو شاھ ڪاريگر. بزرگ تِلا شاھ جي باري ۾، ڪنهن به قسم جي خاص ۽ بنيادي معلومات ملي ڪونه سگھي آهي. صرف ايترو ٻڌايو وڃي ٿو، ته هي بزرگ، خراسان مان آيو هو ۽ هتي اچي سڪونت اختيار ڪيائين. ڪهڙي سن يا ڪهڙي دور ۾ آيو؟ يا سندس پونئرن جو تعلق ڪهڙي قبيلي ۽ خاندان سان هو؟ اهڙي قسم جي ڄاڻ ڏيڻ کان، هتي جا رهواسي ۽ خدمتگار، ڪُلي طور تي قاصر آهن. اندازو آهي ته هيءُ بزرگ، يارهين صدي هجريءَ ۾ هتي آيو هوندو. استاد محمد خان مري سروري صاحب ٻڌائي ٿو، ته خراساني بزرگ، ڪلهوڙن جي آخري ايامن  ۾ يا ٽالپرن جي اوائلي دور ۾، خراسان مان لنگھي، هتي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. انهيءَ نسبت جي ڪري، کين ’خراساني‘ سڏيو وڃي ٿو. بڊاڻي مري بلوچ اڳ ۾ ڪلهوڙن جا مريد هوندا هئا، جيڪي بعد ۾، خراساني سيدن جي ڪرامتن سببان، سندن مريد ٿيا. بزرگ تِلا شاھ جي پيڙهيءَ منجھان، هن وقت سيد امجد علي شاھ خراساني سجاده نشين آهي. تِلا شاھ واري ماڳ مڪان کان ڪجھ مفاصلي تي اوڀر طرف، ٻئي بزرگ حضرت سيد لشڪر شاھ خراساني رحه جن جي درگاھ به موجود آهي، جنهن جا پڻ ڪيترائي مري بلوچ ۽ ٻيا قبيلا ۽ ذاتين وارا مريد ۽ معتقد آهن. منهنجو فرزند اياز علي لغاري صاحب، تِلا شاھ جا تباھ ٿيندڙ مقبرا روبرو ڏسڻ کان پوءِ، تحقيقي نُڪتي کي آڏو رکندي ٻڌائي ٿو ته: ”هي مقبرا ۽ ٺُل، مري بلوچن جي سردارن جا جوڙايل آهن“. البت اهو قوي گمان آهي، ته هي مقبرا ۽ ٺُل، مري بلوچن جي قبيلائي سردارن، نوابن، اميرن ۽ اُمرائن، کان سواءِ، عباسين (ڪلهوڙن)، مغلن يا انهن جي فوجي سپھ سالارن، ڪمان ليڊرن ۽ بهادرن جي قبرن مٿان جوڙايل آهن. هر هڪ مقبري جي ماپ الڳ الڳ آهي. ايتريقدر جو انهن جي ڊزائين ۾ به ٿورو ٿورو فرق محسوس ٿئي ٿو. مقبرن جي اندر ٿيل چٽسالي ۽ تصويرن جو به هڪ وڏو جهان ۽ سلسلو موجود آهي. جيڪو گلڪاريءَ کان ٿيندو، گھوڙي سواري، تير اندازي، مجلسِ بادشاهي، شينهن جي شڪارگوئي، مختلف ميون جي جنسن، مثلاً: انگورن جي ڇڳن، ڪيلي جي ڦرين، گدرن، ناريلن ۽ نارنگين وغيره تائين وڃي ٿو. اهي ميوات جون سموريون جنسون، روپڙي ٿالهن، يعني چانديءَ جي پليٽن ۾ رکيل ڏيکاريون ويون آهن. مقبرن جي اندر ديوارن تي، ڪاشيءَ جون رنگين سرون لڳل هونديون هيون، جيڪي گھڻي ڀاڱي هاڻي گم ٿي چڪيون آهن. ان کان علاوه عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ لکيل عبارتون پڻ پڙهڻ جي لاءِ ملن ٿيون، جن ۾ مقدس قرآني آيتن کان علاوه، ڪلمهءِ طيب ۽ خُلفاء راشدين (يعني چئن يارن) جا اسمِ گرامي به اڪريل ۽ آويزان ڪيل آهن. البت ڪهڙو مقبرو، ڪهڙي نامور حاڪم، امير يا وزير وغيره جو آهي؟ ان بابت نالن ڳولڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي ويئي، جيڪا ڪنهن حد تائين ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿي نه سگھي. صرف ٻن مقبرن تي، ٻه عدد نالا پڙهڻ ۾ آيا. انهن ۾ هڪ نالو آهي ’عمل نعمت الله معمار‘ ۽ ٻيو نالو آهي ’ساخت حسين معمار‘. جيئن ته ’معمار‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، تعمير ڪندڙ، اڏيندڙ، ٺاهيندڙ، رازو يا مستري وغيره. انڪري اندازو لڳائجي ٿو، ته اهي اسمِ گرامي شايد انهن مسترين جا هجن، جن اهي مقبرا تعمير ڪيا ۽ جوڙيا. ليڪن انهن مقبرن ۾ ڪير ڪير مدفون آهن؟ انهن بابت پڪي ثابتي يا اصلي اسمن جو، ڪوبه نالو نيشان وغيره نه ٿو ملي. هن علائقي ۾ مري بلوچن جا ڪيترائي قبيلا آباد آهن. اگر اهي سمورا مقبرا ۽ ٺُل، صرف مري بلوچن جا هجن ها، ته هتي جا مري بلوچ انهن جي سار سنڀال ۽ ضرور ڪن ها. هيءُ ٺُل ان ڪري به نظرانداز ٿيل آهن، جو سندن ويجھا عزيز قريب هتي ويٺل ڪو نه آهن. ماڻهن خزاني، ملڪيت ۽ دنيا جي ديڳن هٿ ڪرڻ جي لاءِ، ٺُلن جي اندران قبرون کوٽي، اهي ختم ڪري ڇڏيون آهن. هاڻي اسان کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، ته هنن ٺُلن جي، تمام گهڻي بي حرمتي ٿي رهي آهي. ٺُلن جي اندر، واندن نوجوانن، موالين ۽ مجازي ماڻهن پاران، بيٺڪون ۽ ٺڪاڻا ٺاهي، پاڻي ۽ نشي آور بوتلون اڇلايون وينديون آهن. هيءُ تباھ ٿيندڙ تاريخي ٺُل، هن وقت عاشقن جي اجھي، پناھ گاھ ۽ آرام جي طور تي استعمال ٿي رهيا آهن. شيخ اياز ڪيترو نه خوب فرمايو آهي، ته:

”اڃان به ٺُل تي هئا ٺڪاڻا، اڃان ڪي سنک سار ۾ ها.

سڱي وڳي ٿي، سنئين لڱين ڪي، ٻه چار ڀڪشو وهار ۾ ها.

جڏهن اسان خاڪ ٿي وياسي، تڏهن وسي ماڪ مئڪدي تي،

رنو صراحي، ڏٺو نه ساغر، پياڪ پنهنجي خمار ۾ ها“.

 

تِلا شاھ جي قديمي قبرستان ڏسڻ ۽ گھمڻ جو موقعو ٻه ٽي دفعا ميسر ٿيو آهي. آخري ڀيري تحقيق جي خيال سان، 25 مارچ سال 2019ع بروز سومر تي وڃڻ ٿيو، ته تِلا شاھ بزرگ جي مجاور، فقير غلام علي بن غلام محمد بن الھ رکيو بن محمد فقير بن گلو فقير بن محمد فقير، ذات خاصخيليءَ سان ملاقات ٿي. حال احوال مان معلوم ٿيو، ته هيءُ خدمتگار صرف روزي روٽي جي خيال سان هتي ويٺل آهن. باقي کين ڪنهن به قسم جي، ڪا به ڄاڻ يا معلومات مهيا ڪرڻ کان ڪُلي طور قاصر ۽ ڪورا آهن.

هڪ کان ڏيڍ ڪلوميٽر همچورس هن قبرستان جي اندر، تاريخي مقبرا ۽ ٺُل تعمير ٿيل هوندا هئا. هنن ٺُلن جي اندر مزارون به موجود هونديون هيون، پر هن وقت سمورا مقبرا ۽ ٺُل، قبرن کان خالي ۽ بلڪل ڀڙڀانگ لڳا پيا آهن. چيو وڃي ٿو، ته هنن ٺُلن جو تعداد 49 هوندو هو. جن مان 40 ٺُلن جا ڀُريل ڀڙا ۽ ڳاڙها دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن جي ڳڻپ ۽ سڃاڻپ ڪرڻ به مشڪل آهي. باقي ثابت ساڍا اٺ ٺُل وڃي بچيا آهن، جيڪي به هاڻي آخري ۽ پوين پساهن ۾، سڏڪي سڏڪي ساھ کڻي رهيا آهن. هنن تعمير ٿيل مقبرن ۽ ٺُلن جي سِرن جي ساخت مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي ٺُل ڪلهوڙا دور جا جوڙايل آهن. ٺُلن جي تعمير ۾ استعمال ٿيندڙ سرن جي ماپ، درسگاھ چوٽياري، درسگاھ سريواري، درسگاھ ديھ ڀوپي ۽ کپرو لڳ مير آدم خان مريءَ جي جوڙايل قبي واري ساڳي آهي. هرهڪ سر جي ڊيگھ ساڍا 9 انچ، ويڪر 7 انچ ۽ ٿولھ صرف ڏيڍ انچ پتريڪ آهي. هيءُ سرون ڪنهن لوهي ڪارب سان تيار ڪيل، صفا سڌيون ۽ لسيون ناهن ۽ کهريون ۽ کُرتريون آهن. انهن جي ماپ به ڪجھ ڪجھ گھاٽي واڌي معلوم ٿئي ٿي. هن سائيز جون سرون، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي گھر واري، سماج سڌارڪ مائي ڄامان جي جوڙايل مسجدن، مدرسن، مسافر خانن، خانقاهن ۽ کوٽايل کوهن ۾ استعمال ٿيل آهن. واضح هجي، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جو دور، 1131 هجريءَ 1719ع کان وٺي، 1167 هجريءَ 1753ع تائين هو. شايد مذڪوره ٺُل انهيءَ دور جي درميان ۾ ئي جوڙايل هجن.

مارچ 25، سال 2019ع تائين، جيڪي ساڍا اٺ ٺُل پويان پساھ کڻي رهيا هئا، ته اسان انهن جي ٻاهرين ماپ به ورتي، جيڪا هن ريت هئي: پهرين ۽ ٻئي نمبر ٺُل جي ماپ، هڪ جيتري هئي. يعني هيءُ ٻيئي ٺُل، ٻاهرو ٻاهر هم چورس 20- 20 فوٽن جا تعمير ٿيل آهن. ٽيون مستطيل شڪل وارو ٺُل آهي، جنهن جي ڊيگھ 28 فوٽ ۽ ويڪر 24 فوٽ آهي. چوٿين نمبر وارو ٺُل، ڊيگھ توڙي ويڪر ۾ همچورس آهي. هن جي ماپ ٻاهرو ٻاهر، 24- 24 فوٽ ٿئي ٿي. پنجين نمبر واري ٺُل جي ٻاهرين ماپ، 26-26 فوٽ آهي. هي به هم چورس شڪل ۾ تعمير ٿيل آهي. هن ٺُل جي اندر، ڪاشيءَ جي نيرين ۽ انتهائي سهڻين سِرن جو استعمال ٿيل آهي، جيڪو تمام گھڻو خوبصورت، دلپسند ۽ ڏسڻ وٽان آهي. ڇهون ٺُل، جيڪو انتهائي ڏاکڻي طرف کان تعمير ٿيل آهي، ته اهو به هم چورس آهي. جنهن جي ٻاهرين ماپ، 26-26 فوٽ آهي. ستين ٺُل جي ماپ، ڊيگھ ۾ ساڍا 27 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 26 فوٽ آهي. اٺين ٺُل جي ٻاهرين ماپ هم چورس، يعني 23 - 23 فوٽ آهي. نائون ٺُل اڌو اڌ ڪري چڪو آهي. انڪري سندس ڊيگھ جي صحيح ماپ معلوم ٿي نه سگھي، باقي سندس ويڪر جي ماپ، 23 فوٽ آهي. هن نائين نمبر واري ٺُل جي اولهندي ديوار ڪري چڪي آهي. سندس مٿيون ڇت وارو گنبذ به اڌو اڌ موجود ڪونهي. هن جون صرف ڏکڻ، اوڀر ۽ اتر واريون ديوارون، اڌوريون اڌوريون باقي بيٺل آهن. هر هڪ ٺُل جي بنيادي اوساري ماپ، چار کان ساڍا چار فوٽ آهي. هنن سڀني ٺُلن جي اندر، سونهن خاطر ڪاريگرن ڪاشيءَ جون نيريون سهڻيون سرون لڳائي، انهن کي بيحد خوبصورت بنايو. ڪاشيءَ جي سرن تي ڪڍيل گلڪاري، بادشاهن، راڻين، راجائن، هاٿين، گھوڙن، شينهن، تيرن ۽ تلوارن جون تصويرون ڏسڻ وٽان هونديون هيون. هي تصويرون، پنجين نمبر ٺُل ۾ اڄ به ڌنڌليون ڌنڌليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪنهن شاعر خوب چيو آهي: ”هڪ ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اٿم، ڪجھ طوفان جي، ڪجھ ساحل  جي“. هنن ٺُلن جي اندر ڪٿي ڪٿي خوبصورت پرين، پکين ۽ ٻين جانورن جون تصويرون، رنگين گلڪاريون ۽ چٽساليون، اڃان اڄ به ٿورڙيون ٿورڙيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

 

 

 

 

سال 2009ع ۾، آءٌ، حڪيم امام بخش مڱريو ۽ ٻڍل لاشاري صاحب، هتي پهريون ڀيرو پهتا هئاسين. ان وقت به اهي ٺُل زبون حاليءَ جا شڪار هئا. ان وقت اسان ڳڻپ ڪئي هئي، ته 9 ٺُل سڄا سارا ثابت موجود هئا، جيڪي تاريخ جي بيحسيءَ تي، اکين ۾ اکيون ملائي، اسان ڏانهن ڏسي رهيا هئا ۽ درد ڀري دانهن ڏيئي رهيا هئا. هنن مان ڪنهن ڪنهن مقبري ۽ ٺُل کي، چئني پاسن کان کليل دروازا هوندا هئا. چئني ڪُنڊن جي مضبوط بنيادن کي، هاڻي ڪلر کائي چڪو آهي. بنيادي ڪُنڊن جون صرف چوٽيون باقي وڃي بچيون آهن. جن کي ڏسندي ئي ماڻهو حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو ته ”هي ٺُل اڃا ڪيئن بچيا بيٺا آهن؟“ اندر داخل ٿيڻ مهل ڊپ ٿئي ٿو، ته متان هي مٿان ڪري نه پون! ٺُلن جي اندر، دنيا جون ديڳون، يعني ملڪيت ڪڍڻ جي لاءِ، ماڻهن کوھ کوٽي ڇڏيا آهن. اهوئي سبب آهي، جو شايد هتان جا لاش ڪڍي، ٻاهر اڇلايا ۽ گم ڪيا ويا هجن؟ هن وقت هي سمورا ٺُل، ڀوائتو روپ اختيار ڪري چڪا آهن. سال 2009ع ۾، هڪ ٺُل جي اندر، اسان داخل ٿياسين، ته ان ۾ هڪ خوفناڪ جھنگلي جانور، يعني ڊگھن ڪنڊن واريءَ سيڙھ، پنهنجي گور کوٽي، اندر آرامي هئي. حڪيم امام بخش مڱريي صاحب، تازي ۽ آلي مٽيءَ جي مٿان پيل، ان سيڙھ جا ڪجھ ڪنڊا کڻڻ چاهيا، ته اسان کيس منع ڪئي.

هيءُ ماڳ مڪان ۽ قبرستان، ڪنهن زماني ۾، واريءَ جي ننڍن ننڍن دڙن ۽ ڊٻن تي آڌاريل هوندو هو. ليڪن هن وقت ڪاري ڪلر جي گھيري ۽ لپيٽ ۾ اچي چڪو آهي، جنهن جي اندر تاحد نظر، رڳو لاڻيون ئي لاڻيون بيٺل آهن. هن قبرستان جي اندر، جن جن ذاتين جا ماڻهو مدفون آهن، انهن ۾ بروهي، بگٽي، جمالي، جوڻيجا، چانڊيا، چنڊ، خاصخيلي، سيد، سولنگي، شر، لغاري، مري، مهر، نندواڻي، نوهڙي، وساڻ ۽ ٻيون ذاتيون شامل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org