سيد
مرتضيٰ ڏاڏاهي
جاني پنهنجو جوڙ
تولئه ڳايان، سيج وڇايان، پل پل باسون باسيان کوڙ
آءُ اچي ٻَڌُ مُرڪي موڙ
ساريون راتيون، اکڙيون آتيون، مٺڙيون مٺڙيون
تنهنجون باتيون
گڏجي گهاريون پاڻ پرين جي، مُور نه وسرن سي
پرڀاتيون
جڳ سڄي ٿي صبح سانجهي جاچيو جاني پنهنجو جوڙ
آءُ اچي ٻَڌُ مُرڪي موڙ
نرمل نرمل، نور نظارا، سهڻا، سائين ساوڻ وارا
برسن بوندون، مٺڙي مند ۾ پيارا پيارا انگل آرا
چوڏس ٿڌڙيون ٿڌڙيون هيرون، اُڀ ۾ ڪڪرن جي ڊڪ ڊوڙ
آءُ اچي ٻَڌُ مُرڪي موڙ
تنهنجا ماڻا، ساهه سيباڻا، روئَن ساريو نيڻ نماڻا
جيءَ جدائي پيئي جهوري، سُورن ڪيڙا سَنڌ به ساڻا
شام سويري قربئون ڪريان، جانب تولئه مان جاکوڙ
آءُ اچي ٻَڌُ مُرڪي موڙ
ڳڻتيون وينديون، عيدون ٿينديون، لڙڪن بدران مرڪون
اينديون
تنهنجي آئي جيءُ جيارا، ٻيريون ٻيهر ٻُور
جهلينديون،
ڊيل ڊُڪي ۽ ڪوئل ڪوڪي، بلبل ڳائي گيت ڀلوڙ
آءُ اچي ٻَڌُ مُرڪي موڙ
تنهنجي ياري، مون نه وساري، توتان صدقي جندڙي ساري
دل جي دلبر واديءَ ۾ اچ، گڏجي آڻيون خوب بهاري
دور دنيا جي دردن کان ٿي، پرت پڄايون پنهنجي توڙ
آءُ اچي ٻَڌُ مُرڪي موڙ
سنڌي شاعرن، ڪهاڻيڪارن توڙي نثرنگارن جي ايڪيهين
صديءَ ۾ سامايل ٽهي، ويهين صديءَ جي آخري اڌ وارين
سمورين ٽَهين کان پنهنجي شعور، نظريي ۽ فن جي لحاظ
کان تمام گهڻي مختلف آهي، اڄوڪي ٽهي سنڌ کي جيئن
ڏسي ٿي، سنڌ جي ماڻهن، سنڌ ۽ دنيا جي باري ۾ جيڪو
ڪجهه سوچي ٿي، ۽ جنهن طرح پنهنجي ردِعمل جو اظهار
ڪري ٿي، اُن ۾ به هڪ وڏو فرق آهي، ۽ هن ٽهيءَ جو
اهو سمورو لقاءُ ۽ ورتاءُ فطري آهي. اِن سموري سوچ
۽ عمل جي جڙاوت ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جو
مرڪزي عمل دخل آهي. تنهنڪري سنڌي ليکڪن جي اڄوڪي
ٽهي، جيتوڻيڪ ماضيءَ جهڙي ماحول مان پَچي راس ٿي
ناهي نڪتي، تنهن هوندي به ان پنهنجي طور موجوده
سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن سبب گهڻو ڀوڳيو آهي.
اڄوڪي ۽ پراڻي ٽهيءَ ۾ هڪ فرق اهو به آهي ته،
اڳوڻيون ٽَهيون ڏاڍاين جو گهڻي ڀاڱي سِڌو شڪار
ٿيون هيون، جڏهن ته اڄوڪيون ٽَهيون نسل پرستي ۽
دهشتگرديءَ جو تجربو ۽ مشاهدو ڪري رهيون آهن. جڏهن
ته سماجي ۽ معاشي حالتون هِنن ٻنهي لاءِ ٿوري گهڻي
فرق سان ساڳيون رهيون آهن.
انور ابڙو
ڪتاب: ’ايڪيهين صديءَ جو ادب‘، ص 205-206
تان کنيل
امداد
حُسيني
غزل
ڪَچي ٿي پَڪي ٿي، بُري ٿي ڀلي ٿي،
محبت ۾ جيڪا به ٿي سا چڱي ٿي.
ڊٺل بُرج ٻيهر به اڏجي سگهي ٿو،
ڀڳل دل به آهي ڪڏهن ڪا سڄي ٿي!
جتي پَڳ ڌريو تو تِتي گُل ٽِڙي پيو،
جتي تو ڏٺو هو تِتي روشني ٿي!
سُگهڙ جنهن ڳُجهارت ڏني جَر پکيءَ جي،
نه تنهن کان سَلي ٿي، نه ڪنهن کان سَلي ٿي!
گهڻا ڏينهن ٿي ويا نه غم هو مليو ڪو،
اوهان سان ملي يارَ ڏاڍي خوشي ٿي!
اُها جا ڪهاڻي هئي پانهنجي سا،
نه توکان لکي ٿي نه مون کان لکي ٿي!
گيت
هيءَ شام
سانوري شام تارن جا ڏيئا ٻاريندي آئي آهي!
هيءَ رات
سُهائي رات
چانڊوڪيءَ جي گهاگهر هاريندي آئي آهي!
چانڊوڪيءَ جي چِيلي تان
واپس وَر ڪنهن حيلي سان
هيءَ شام……
هيءَ رات……
چانڊوڪيءَ جا چنگ چُريا
هر هر تنهنجا هورَ هُريا
هيءَ شام……
هيءَ رات……
چانڊوڪيءَ جي چاري تان
موٽي آ لاباري تان
هيءَ شام……
سانوري شام
تارن جا ڏيئا ٻاريندي آئي آهي!
هيءَ رات……
سُهائي رات
چانڊوڪيءَ جي گهاگهر هاريندي آئي آهي!
وسيم سومرو
غزل
اسان جو پيار آ هِن سان، ڪو هُن جو پيار ٿورئي آ،
ڪڏهن دل جي سچائيءَ سان سچو ٿيو يار ٿورئي آ.
لڙهي لڙڪن ۾ ويندو آ ڪڏهن ڪاغذي ڪشتيءَ جيان،
رڳو ٻوڙيندو ماڻهوءَ کي هي دريا ٿورئي آ.
پتنگن کان اگر پڇجي ته آهي باهه جو رستو،
هي جنهن کي نينهن چئجي ٿو گلن جو هار ٿورئي آ.
الائي بيحسيءَ کي ڇو لڳي ٿي ڳنڍ ڪپڙن جي،
ڪپهه معصوم بابي جي ڪلهن تي بار ٿورئي آ.
اگهاڙي جسم سان پوري شهر جي مير ڌوئي ٿي،
اها ڪڪريءَ جيان آهي، اها بدڪار ٿورئي آ.
اهو جو لڙڪ ٿي منهنجي اکين مان دل ۾ لهندو آ،
اهو خاڪي، تصور جو ٺهيل ڪردار ٿورئي آ.
سچو ڪوئي ڪنڀر ناهي ڪڍي ڏيکارجي ڪنهن کي،
اسان جي دل ٽٽل باشاهه جي درٻار ٿورئي آ.
’وسيم‘ آ پاڻ پٿر دل پرينءَ سان دل کي ٽڪرايو،
هي ورنه سونهن جو اک جيترو سنسار ٿورئي آ.
ج.ع.مُنگهاڻي
غزل
مينهن، وِڄون، ڪڙڪاٽ، هوائون، تنها مان،
رات، اُداسي، درد، هچائون، تنها مان.
ڊپ وحشت، ڊيها، حيرات، ويرانيون،
اوندهه ڪاري، کوڙ بلائون، تنها مان.
چهرا پٿر، دليون پٿر، ڪڻيون خون،
منظر، اکيون، لُڙڪ، صدائون تنها مان.
دشت، مسافت، راهون، مٽي، شوڪارا،
مارڳ، دانهون، ماڳ، دعائون، تنها مان.
سُڏڪا سُڏڪا، روح اُڃارو، ماندو تن،
خالي هٿ، ڊهيل ريکائون، تنها مان.
ياد انوکي، شام، وڇوڙا، تارون تار،
گهايل سوچون، زخم، دوائون، تنها مان.
خوشبو، پوپٽ، گُل، ’منگهاڻي‘، واس، غزل،
مُرڪون، تاڙا، ٽهڪ، ادائون، تنها مان.
غزل
هي سياهه رات اماڻي ٿي نوان اوجاڳا،
تنهنجي هر بات اُماڻي ٿي نوان اوجاڳا.
رات ڪاٽي به کڻي توڙ پڄائي سگهجي،
وري پرڀات اُماڻي ٿي نوان اوجاڳا.
جيت منهنجي نه رهي آهي ڪڏهين ڪمزوري،
پر نئين مات اُماڻي ٿي نوان اوجاڳا.
شور آهي ته بسنتي آ لٿي چاڳن سان،
ڪا وڏي گهات اُماڻي ٿي نوان اوجاڳا.
هونئن ته هر ياد انوکا ئي نشا ڏيندي آ،
پر مٺا ڪا ته اُماڻي ٿي نوان اوجاڳا.
ڪيڏي مسرور ٿيس وڻ ۾ ڏسي آکيرا،
هئه مٺي لات اُماڻي ٿي نوان اوجاڳا.
ڪابه راحت جي گهڙي ڪين ملي جيون ۾،
۽ وري ڏات اُماڻي ٿي نوان اوجاڳا.
ڪين ڪنهن سان ’منگهاڻي‘ ڪا شڪايت آهي،
پنهنجي ئي ذات اُماڻي ٿي نوان اوجاڳا.
خليل عارف سومرو
غزل
ڇا الائي سماج چاهي ٿو،
ظلم هوندي خراج چاهي ٿو.
ٺيڪ آهي نه جيڪڏهن سڀ ڪجهه،
شهر ڇو احتجاج چاهي ٿو.
ڪين هٿيار ٿا کپن هن کي،
لوڪ امن ۽ اناج چاهي ٿو.
ڪينَ ٿو ڏئي اَٽو، لَٽو ۽ گهر،
هُو رڳو تخت تاج چاهي ٿو.
ڊيم درياهه تي ٻڌڻ نه ڏبس،
ڇو بگاڙڻ مزاج چاهي ٿو.
ها چريو آ ’خليل عارف‘ جو،
محبتن جو رواج چاهي ٿو.
غزل
تون بس دل سان مُنهنجي ٿي پَئو،
مونکي ڪونه کپن ٿيون ٻيوُن سَئو.
تنهنجي دل مان نڪري ويندس،
مون کي ٿيندو رهندو آ ڀَئو.
رب تنهنجا سڀ ڏک مون کي ڏئي،
توکي شال نه اچي ڪو تئو.
سَمنڊ ڪناري بيٺي آهين،
تنهنجو واءُ اُڏاري پئي رَئو.
تون روزانو ملندي آهين،
’عارف‘ پوءِ به نه ٿو ٿئي ڍَئو.
غزل
اسان جِيئون ٿا مزاحمت سان،
سموري جَڳ جي مُخالفت سان.
اَسان جو جيون کُليل ڪتاب آ،
ڪڏهن نه پئي آ، مُنافقت سان.
اسان وطَن جو ڀِتر به ڇو ڏيون،
تڏهن چِڙان ٿو مداخلت سان.
وطن وڃايو، مِٽي لڄايو،
ملي به ڇا ٿو مفاهمت سان.
جهان جا رنگ ۽ هوا ٻي،
گُذارجي ڪيئن موافقت سان.
مِليو نه ماحول پاڻ جهڙو،
رهان جتي هان مطابقت سان.
لطيف جا بيت آيتون ٿئي،
سجاڳ ٿيڻ جي مناسبت سان.
هيو ته نازڪ نفيس رشتو،
ٽُٽو نه تنهنجي معاونت سان.
’خليل عارف‘ عمل ڪرايا،
دماغ ۽ دل مشاورت سان.
نصير مرزا
ڀيٽا ڀِٽَ ڌڻي کي
ڀاڳ ڀٽائي گهوٽ اسان جا، تون آهين مهندار،
سڄو رسالو تنهنجو آهي، بيتن جو ڀَنڊار.
هڪڙو هڪڙو حرف ائين ڄڻ موتي مڻيادار،
وايون تنهنجون وحدت واريون لهن لکَ هزار.
تنهنجي ’سُرڪلياڻ‘ ملايو، خالق خلقڻهار،
’آسا‘ منجهه ڏٺوسين سهڻو نبين جو سردار.
پرڀاتيءَ ۾ يار مليوسين ڏيهَن جو ڏاتار،
’رامڪليءَ‘ ۾، ڇا ته ڏنو ٿئي، ’عليءَ‘ سندو آڌار.
سامونڊيءَ ۾ وڻجارن جون وَهون ونيُون ۽ ٻار،
جن جي لڙڪن ساڻ ڇُلي پيو، سمونڊ تارؤن تار.
ڪوهه ڪشالا ڪاٽي ماڻيو، سپنن جو سنسار،
سڪَ سُسئي جي اهڙي، جنهن جو انت نه ڪوئي پار.
ماروئي جي من ۾ دم دم سانگيئڙن جي سار،
ملان ڪاش وڃي مارن سان پرچن شال پَنهوار.
ڪيڏاري ۾ ڪربل واري قضيي جو اظهار،
پڙهي ٻُڌن ٿا جنهن کي مومن، روئن زارو زار.
دُعا ڏني تو، ديس اسان جو ديس وسي دلدار،
جهانگي سانگي گڏجي ڳائن سارنگ ميگهه ملهار.
سائنيم! سدائين ڪَرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
’جمال‘
مراد گبول
غزل
اَڄ اَچانڪ اوچتو، پنهنجا پيارا ياد پيا،
جيءَ ۾ جن لاءِ جايون جيءَ جيارا ياد پيا.
جِن ٿي گڏجي گڏ گذاريو، سي نه پَسجن ٿا پرين،
رَس رهاڻيون رونقون، سانوڻ سيارا ياد پيا.
کيرَ، ڀَت، گهاٽيون لَسيُون، ٻيا ٻَرهين جا ٻَل
هُئا،
۽ وَري ماٽيون مَکڻ، سي مالَ وارا ياد پيا.
گَهر ڪَچا، ڀُونگا ۽ ڀيڻيون، سادڙا سُهڻا پرين،
سي سڄڻ سُرمي سَوا، ڪوجها ڪُنوارا ياد پيا.
هو غَريبن جو گُذارو، مالَ تي مارَن سندو،
ڏاند ڪارا ۽ بَگا، ڀُورا، ڀَٽارا ياد پيا.
قُرب واريون ڪُل ڪچهريون، محفلن ۾ هُئا مَزا،
بيت نَڙ جا ۽ پرِوليون، سُگهڙ سارا ياد پيا.
ڏينهَن ٿَڌا، پاڻي مِٺا، ۽ رُوحَ وڻندڙ راتڙيون،
مُحبتي ميلا مَتل، لايُون لابارا ياد پيا.
مُحب مُرڪي هئا جي مِلندا، پيچَ پائي پيارَ مان،
سي سَمورا يارَ سڀ، ساجن سُونهارا ياد پيا.
ڪڻڪ،، ڪيلا، واهَه واٽر، ساوَڪون سهڻيون سُٺيون،
وڻ وطن جا، گاهَه ٻوٽا، ٻنيون ٻارا ياد پيا.
ٻيلَهڙا جِن جي ٻَکن ۾، سُونهَن تِن جيءَ کي
سَلام،
چنڊ کان چهرا چِٽا، اکڙين اِشارا ياد پيا.
محبتون جن ٿي وِرهايون، اَڄ اُهي جاني ’جمالَ‘،
’ساڪرو‘،’گهارو‘، ’گُجو‘، ’ڳاڙهو، ’ٻُهارا‘ياد
پيا.
انجم قاضي
غزل
مون ڏٺو پائي ليئو آڪاس جو،
بند دروازو هُيو آڪاس جو.
ڀاڪري پئجي رُنو ڪلهه شام جو،
مون هُيو ڳوڙهو اُگهيو آڪاس جو.
زلزلي جي اوچتي آواز تي،
ڇرڪُ ئي نڪري وَيو آڪاس جو.
آ قبر اولياءَ جي اُنَ جي مٿان،
ٿو ٻَري هڪڙو ڏيو آڪاس جو.
يا خدا! هيڏي وڏي، مان، ڇانوَ لئه،
ٿورڙو ڏي بس ذرو آڪاس جو.
سڀ مخالف ٿي وَيا منهنجا جڏهن،
مون گهُريو پنهنجو حصو آڪاس جو.
آءُ ’انجم‘ آءُ تڪڙو ٿي هلون،
هُون اِجهوئي دَرُ کليو آڪاس جو.
غزل
هئَين اسان کي وقت تون ٽڪرا نه ڪر،
ڀورَ اکڙين جا سڀئي سپنا نه ڪر.
ڏي رهڻ ٿورا، ٿڪا هي ياخدا!
زندگيءَ جا رنگ سڀ ميرا نه ڪر.
سانت جو ڦاٽي پوي نه هنيانءُ هئين،
اي هوا ائين زور سان سڏڪا نه ڪر.
آنءُ جيئري ٿو فنا ٿيندو وڃان،
سوچ ٿورو هجرَ جا چرچا نه ڪر.
ڪير آ مظلوم جو توکانسواءِ،
درد پنهنجا بند دروازا نه ڪر.
ڪونه ايندي هاڻ ’انجمن‘ هوءَ وري،
تون اجايا رات جو اُلڪا نه ڪر.
رحيمداد جوڳي
منهنجو ننڍپڻ
آئون گهر مان
موٽرسائيڪل تي
ٻاهر آيس
ٿوروئي اڳتي ٿيو
هوندس
پويان
ڳوٺ جي گهٽيءَ مان
آواز آيو
بابا پئسا ڏي
ڪنڌ ورائي
ڏسان ٿو
مُنهنجو ننڍپڻ روئي رهيو آهي!
نظم
ڇوڪرا-
راند کيڏندي
سبق پڙهندي
گهر ايندي
وڙهي پوندا آهن!
ڇوڪريون-
ڀرت ڀريندي
پوچي ڪندي
کِلندي کِلندي
روئي پونديون آهن!
شاعر-
ننڊ ڪندي
پنڌ ڪندي
شعر لکندي
نظم پڙهندي
چِڙي پوندا آهن!
گُلَ-
روز ٽِڙندا
روز مرجهائجي ويندا آهن!
امر اقبال
نظم
(اوهان کي بس پڪاريو سي)
جوانيءَ جو رسيل ميوو،
ڪتابن ۾ ڏسيل ميوو،
پري کان ئي نهاريوسي،
اوهان کي بس پڪاريوسي.
سمونڊن جون سچيون ڳالهيون،
اسان ۾ ئي بچيون ڳالهيون،
سڀو ئِي ڪجهه وساريوسي،
اوهان کي بس پڪاريوسي.
صحيفن جيان سٽون آيون،
اسان سي ئي دليئون ڳايون،
پنو دل جو پٿاريوسي،
اوهان کي بس پڪاريوسي.
ٽڙيو من جو جو ٽانگر هو،
لڳو ڌن ڌوڙ وانگر هو،
اسان چونڊي ڌڪاريوسي،
اوهان کي بس پڪاريوسي.
پنهنجا ير! حال هيڻا ها،
لڱن جا لال جهيڻا ها،
اکين کي ئي اڏاريوسي،
اوهان کي بس پڪاريوسي.
وطن جي واٽ تي هلندي،
پکي؛ تنهن ٻاٽ تي هلندي،
اميدن کي اجاريوسي،
اوهان کي بس پڪاريوسي.
وائي
پنهنجي اکين ۾ هيڪر،
آڻي ڇڏيوسي توکي،
…… ماڻي ڇڏيوسي توکي!
اڻڄاڻ ٿياسي خود کان،
ڄاڻي ڇڏيوسي توکي،
…… ماڻي ڇڏيوسي توکي!
اڳ ۾ ڇڏي سي دنيا،
هاڻي ڇڏيوسي توکي،
…… ماڻي ڇڏيوسي توکي!
هينئون ڇِڳو پَيو هو،
واڻي ڇڏيوسي توکي،
…… ماڻي ڇڏيوسي توکي!
ڪوثر هالائي
غزل
سوالَ ڪهڙا جواب ڇا جا؟ اوهين به آجا اسين به آجا،
هاڻي اکين ۾ خواب ڇا جا؟ اوهين به آجا اسين به
آجا.
دوار دل جا کُليا نه کُلندا، پروانا ائين سدائين
جَلندا،
وفا جا رکبا حساب ڇا جا؟ اوهين به آجا اسين به
آجا.
نظر اوهان جيءَ
ڌڪار بخشي، پيڙائن جي پُڪار بخشي،
اڃان چئون ٿا عذاب ڇا جا؟ اوهين به آجا اسين به
آجا.
رڻن جو راهي الائي
ڪهڙي ديار جي آ مٽيءَ مان موٽيو،
اوهان لئه رڻ پٽ سراب ڇا جا؟
اوهين به آجا اسين به آجا.
وقت جي ويرين تحريرن ۽ تصويرن جا رنگ رلايا،
ڪتاب خط پٽ گلاب ڇا جا؟ اوهين به آجا اسين به آجا.
سماعتن جو نه ساٿ بڻيا خاموشيءَ جي نذر ويا ٿي،
گيتن جي اکين ۾ آب ڇا جا؟ اوهين به آجا اسين به
آجا.
وائي
پويان انڌيرا لاٽ جي، پيرا ڳولين ٿا،
جياپو چاهين ٿا.
ٻهروپيءَ کي من جا، ميرا ڳولين ٿا،
جياپو چاهين ٿا.
پکي اويرو آئيا، آکيرا ڳولين ٿا،
جياپو چاهين ٿا.
نيڻ نه ٻوٽيا رات سڄي، سويرا ڳولين ٿا،
جياپو چاهين ٿا.
وڇڙيل هڪٻئي کي ڪئين، ڀيرا ڳولين ٿا،
جياپو چاهين ٿا.
گُل کي ڪوئي اَمانَ ڏي، ڪانڊيرا ڳولين ٿا،
جياپو چاهين ٿا.
متارا اڌ رات جي، ويرا ڳولين ٿا،
جياپو چاهين ٿا.
غزل
ڏئي ويا ڏکيءَ کي ڏيرا، او ڏيرا!
جان جگر کي ڪئي ڇيرا، او ڇيرا!
ڪيچي ڪيچ ڪهي ڪالهه جي ويڙا،
مان اڄ پئي نهاريان پيرا، او پيرا!
مون سان هوتن هاڙهي ڪئي هيڏي،
سڀ خيال کڙي ٿيا ٿم کيرا، او کيرا!
ساهه سِڪي ٿو ساجن ساري ٿو،
جان جلائي ويا ٿم جيرا، او جيرا!
ڏاهيون ڏاهَه ڏيو ڪو ڏسڙو،
واهر ڪري ورونهن ويرا، او ويرا!
پسون پَسي پاهڻ پٻ ڏران،
اڳ نه ڏٺا مون ها ڳيرا، او ڳيرا!
دل کي دلاسو دوست ملڻ جو،
جنهن دل ۾ ڪيا ڪي ديرا، او ديرا!
جالڻ جال جبل پيم ڙي جيڏيون!
اٺن لڳا ڪين مون پيرا، او پيرا!
پهچي پنهل پياديون پَسنديون،
ڪڏهن ڪين ملن من ميرا، او ميرا!
من ٿو چاهي محب ملين تون،
ڳچيءَ وجهان ٻانهن گهيرا، او گهيرا!
غزل
عشق اسان وٽ آيو يارو!
گهانگهو گلا جو پايو يارو!
ويندي واٽ ويسلو هويُس،
تُرت تَنهين ترسايو يارو!
نورا پائي، مان ناچو بڻجي،
يار ائين ئي ريجهايو يارو!
ساهه ٿو ساري ويل سموري،
پرت پيار سان پرچايو يارو!
جاڳئي سُتي، هوش خواب ۾،
ڪو پيچڙو پيارل پايو يارو!
آهه اسان وٽ ساجن آيو،
ميندي هٿن مون لايو يارو!
ڀانيان باغ بهاريون دل ۾،
چُست چنبن ۾ چايو يارو!
مُرڪي مون ڏي يار نهاريو،
مون نير اکين مان نايو يارو!
ويجهو ويهي اڄ پاڻ پرينِ،
ڳوڙها اُگهي مون پرچايو يارو!
ڪين وڃي جو ماري وڇوڙو،
ترس ڪري ائين ترسايو يارو!
ٻاجهه ڪريو، ٻاجهارل مون تي،
نينهن ته توهان لايو يارو!
’فدا‘
ٽالپر
بيت
(سُر راڻو)
راڻو رات رُسي ويو، ڪوڙي ڪاڪ ڪَري!
مومل اِنهيءَ مامري، ڳڻتيءَ منجهه ڳَري،
ساعت ڪين سَري، راڻي ريءَ رتول ۾.
راڻو رات رُسي ويو، ڪوڙي ڪري ڪاڪ!
سوڍي ڪارڻ سرتيون، چِڪي پيئڙم چاڪ،
مومل مُٺي ماڪ، پئي اوتي اڄ اکين مان.
راڻو رات رُسي ويو، ڏکن ڏيئي ڏاڻ!
هڻي ويو هنياءُ ۾، ٻن پئي کي ٻاڻ،
پنهنجو ڪري پاڻ، شل سوڍو اچي سرتيون.
راڻو رات رُسي ويو، سرتيون ڪهڙي سانگ!
ريٻارا رَمي وڃو، ۽ ڪوڙين اُڏاريو ڪانگ،
ڇوريون ڪري ڇانگ، راڻو ريجهائي اچو.
راڻو رات رُسي ويو، ڏئي وِرهه ۽ ويراڳ!
موٽي ويو مينڌرو، نه جيڏيون ٿئڙم جاڳ،
سوڍي ريءَ سرتيون، ڇا چَري ڪندي چاڳ،
محل ماڙيون هي ماڳ، راڻي بنا رِڻ ڀانئيان.
راڻو رات رُسي ويو، ڪري ڪاڪ ڪَڙي!
’فدا‘ هن فراق ۾، ويندم ساهه سَڙي،
منهنجي جان جَڙي، سورن سان اڄ سرتيون.
راڻو رات رُسي ويو، سوڍل ڪري سُڃ!
ڪانڌ هي منهنجو جيڏيون، من ڪري ويو مُڃ،
راڻي بنا رُڃ، سرتيون منهنجو سُک ٿيو.
راڻو رات رُسي ويو، سوڍل سياڻو!
جيءَ منهنجو جيڏيون، کوري جيئن کاڻو،
مومل اڄ ماڻو، ڪندي ڪنهن سان ڪانڌ ري.
راڻو رات رُسي ويو، ڪري سيج سُڃي!
’فدا‘ مون فراق ۾، ڀينر وَيم ڀُڃي،
آهيان اڄ اُڃي، پرينءَ جي پريت لئه.
راڻو رات رُسي ويو، مون کان موڙي مُک!
’فدا‘ ويو فراق جا، ڏاڍا ڏيئي ڏُک،
ساعت نه ڀانئيان سُک، سوڍي بنا سرتيون.
راڻو رات رُسي ويو، ڀينر ڏئي مون باهه!
’فدا‘ ويو فراق ۾، سوڍل ساڙي ساهه،
ماڙين اندر ماهه، روح راڻي وٽ جيڏيون.
راڻو رات رُسي ويو، مون کان مُنهن موڙي!
”فدا“ ڪان فراق جو، ويو خان، اندر کوڙي،
جان منهنجي جوڙي، سورن سان ويو سرتيون.
راڻو رات رُسي ويو، سرتيون مون ساڙي!
رُنم رات رتول ۾، ڳوڙها ڳل ڳاڙي،
پرين شل پاڙي، وچن وفائن جا.
راڻو رات رُسي ويو، سُڃي ڪري سيج!
’فدا‘ اڄ فراق ۾، روئي ڪيئڙم ريج،
ڏُکن سندو ڏيج، ڏئي ويو مون کي مينڌرو.
راڻو رات رُسي ويو، ڪانڌ رکي اڄ ڪام!
رُني رات رتول ۾، مومل پَسي مام،
ماڙين ۾ ماتام، راڻي ڪاڻ رچي ويو.
راڻو رات رُسي ويو، مومل کي ماري!
سوڍي جو هِي سَرتيون، ڳُجهه اندر ڳاري،
واڳ وَري واري، شل موٽي اچي مينڌرو.
اياز عالم ابڙو
منڇر ساروڻيون
ڏوهه ڪيو ڪهڙو ؟ !
منڇر ٻاروهوئي سورن ۾
چوڏس، سوڪهڙو
منڇر ۾ ٻارهو
وِهَه ڪاهيو، سوڪهڙي ماريو
پاڻي سينوَاريو
پاڻي ٿيو کارو
منڇر گندُ گدام بڻي
زهر ڪيو مارو
ڪڏهن ڇرَ هياس
جل ٿل جوڀن واري منڇر
چوڏس بَرُ ٿياس
ڪُمَ، نه ڪي بِههَ لوڙهَه
پَسِي سُڃَ ڪنڌِيءِ منڇر
من کي ٿئي ٿي سوڙهه
ڀنئورَ نه ڀنڀوريون
پَٻُڻ نه ڪي گُلَ گُرگُليون
منڇر ۾ جھوريون
پاڙا، ڳوٺ، پتڻ
پکي، پسون ڪين رهيا
مڇيون لکين مڻ
ڇر نه ڪي ڇوليون
هوڙا هندورا باجھ نه ٻوليون
نه ڪي امڙ لوليون
منڇر منجھ ڏڪار
ٻيڙا، پاڙا، ڌنڌا ٻاڙا
اوجھڙ پتڻ پارَ.
مڏيءَ تي مارو
ٺيڪيدار جا ٺٺَ سدائين
ملاحُ ويچارو
پورهيتُ پيٽ بُکيو
ٺيڪيدار جون ڏهه ئي گهَه ۾
ڪُڙمَ سميت سُکيو
ٺيڪيدار کي ڪارِ
بيواهيءَ جا ٻار بکيا
ٻيڙيءَ ۾ ڏهه ڏارَ
ٿي ويا ڪڻو ڪڻو
منڇر ماندي هيڪل وياڪل
اجڙيو گرڪڻو
نيڻ ٿيا ڪشڪولَ
اُڀُ تڪين ٿا روزيَ لئه
ليڙون خالي جھول
آهي الکَ ۾ آس
منڇر تنهنجا ڳوٺ وسن
ماڻين لک لباس
ڇُلندي رهين شال
تنهنجي لهر لهر ۾ لوليون
جيجل هنج وشال
رهين تون جواڻ جماڻ
توتي سڄ پيا ڀرن اُلهن
پرهه، سنجها لالاڻ.
استاد محسن علي شر’محسن‘
سلام بحضور امام عالي مقام
راهه هديٰ جو هادي رهبر حسين آ،
نائب وحيء مرتضيٰ انور حسين آ.
بابو سندس ابوتراب ۽ نانو مصطفيٰ ٿيو،
سيدة النساء العالمين جو پيارو پسر حسين آ.
بعد از حسن جهان ۾ نائب ثلاثِ مصطفيٰ،
احسان اسان تي ايزدي اڪبر حسين آ.
مشڪل ۾ جو پڪاري يڪدم سندس مدد ٿئي،
دشمن نواز دائم سرور حسين آ.
سوالي اگر جو آيو خالي ڪڏهن نه موٽيو،
ساقي سخا جو صاحب سڪندر حسين آ.
دشمن اچن ٿي قيدي ڪري ان گڏ قيام آقا،
رحمت للعالمين ابن حيدر حسين آ.
عاصي ٿي اُمت، احمد، عاجز نگاه دارد،
درگرد آب ڪشتي بيڪسان لنگر حسين آ.
خالق خلاق پنهنجو ڪيو محبوب مصطفيٰ کي،
مشهور مصطفيٰ جو ٿيو دلبر حسين آ.
سر مال يار ٻچڙا قربان ڪري سڀيئي،
قيامت تائين اسلام کي ڪيو برتر حسين آ.
هم شڪل پيغمبر نوشه شهزادو علي اڪبر ڪُٺو،
مڙني مرسلن چيو مڙي وه واه پسر حسين آ.
چوطرف تيرن جي بارش ٿي حضرت حسين تي،
قضا نه ڪيو نماز کي صابر حسين آ.
حسين مني و انا من الحسين آهه فرمان مرسل سندو،
دلبند مرتضيٰ جو ۽ زهريٰ جو لختِ جگر حسين آ.
قربان ڪربلا ۾ ڪري يار انصار ويو سڀيئي،
روئي چيو ملائڪن رڻ ۾ ڪُٺو اصغر
حسين آ.
پياسي پنجن تنن جو محسن مدح خوان آ،
دينِ نبيءَ جو دائم دفتر حسين آ.
امين ڀٽو
غزل
کُليل گهر جون دريون آهن ۽ ٻاهر مينهن آهي،
ڇٽيءَ ۾ ڇوڪريون آهن ۽ ٻاهر مينهن آهي.
هو بيٺل مالهڻيون هن روڊ سان ڪيئي نڪوريل،
گُلن جون ٽوڪريون آهن ۽ ٻاهر مينهن آهي.
وڃن پيون خوب کِلنديون گهٽيءَ مان شوخ چنچل،
لڳو مون کي پريون آهن ۽ ٻاهر مينهن آهي.
مسافرخاني ۾ ويهن نٿيون ڇو هو ۽ ڇا لئه،
صفا ڪي ڇيڳريون آهن ۽ ٻاهر مينهن آهي.
اچي ڪاليج مان واپس هوءَ ڪمري ۾ سمهي پيون،
لڳو ڪونجون وريون آهن ۽ ٻاهر مينهن آهي.
ٺري ڇالئه نٿو هينئڙو ٺڪر وانگي هي منهنجو،
هي يادون ڀي چريون آهن ۽ ٻاهر مينهن آهي. |