ج.ع . منگهاڻي
شاهه
لطيف ڀٽائي رحه ۽ ڀونءِ....
مَارُو مِٽَ مَلير جا سَاريم سَڀيئي،
حُبُ الوَطَن مِنَ الايِمان، اَندر اهي ئي،
پکن ۾ پيهي، پَسان شَالَ پَنوهار کي.
ڀٽائيءَرحه کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهرين
ڀٽائيءَ جي ڀونءِ کي سمجهڻو پوندو، جتي هورحه
ڄائو، نپنو، جوان ٿيو، هليو، ڦريو ۽ گهميو.
انهيءَ ڀونءِ جي ٻولي، تهذيب، ريتون، رسمون، رواج،
قدر، ڏک سک، مزاج ۽ حالتون ڏسڻيون ۽ سمجهڻيون
پونديون، بلڪ ڀٽائيءَرحه جي ڀونءِ جي
ڪک، پن، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ جي به جڏهن پروڙ هوندي
تڏهن ڀٽائيءَ کي سمجهي ۽ سڃاڻي سگهنداسين ڇو جو
ڀٽائيرحه ڀونءِ سان ٻڌل آهي.
هر اها شيءِ جيڪا ڀٽائيءَ جي ڀونءِ کي ڀانءِ نٿي
پوي ته اها ڀٽائي کي به نه ٿي ڀانءِ
پوي ۽ ڌڪارجي وڃي ٿي.
دنيا جا فلسفا، ڏاهپون اسان کي گهڻوئي سمجهائي
سگهن ٿيون، پر ڀٽائيرحه نه! ڇو جو
ڀٽائيءَرحه کي سمجهڻ لاءِ ڀٽائيءَ کي
ئي سمجهڻو پوندو!
اسان جا عالم ڀٽائيءَرحه کي سمجهائڻ
لاءِ الائي ڪٿان کان ڪٿان نڪريو وڃن ٿا جڏهن ته
اهي عالم پاڻ به ڄاڻن ٿا ته سندن انهن ليڪچر مان
هو پاڻ به ڪنهن کي ڀٽائيرحه نٿا
سمجهائي سگهن.
هو (عالم) دنيا جي شاعرن، فلاسافرن ۽ ڏاهن سان ڀيٽ
ڪندي ائين ڪرڻ جو حق رکن ٿا پر ڀٽائيرحه
کي سمجهائڻ مهل هرگز به نه.
ڀٽائيرحه کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ
ڀٽائيءَرحه جي ٻولي ۽ ڀٽائيءَرحه
جو مزاج سمجهڻ ازحد ضروري آهي.
ڀٽائيءَرحه پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪميٽڊ
آهي هو پنهنجي ڪک پن کي به اهميت ڏي ٿو ۽ ان مان
متاثر ۽ مطمئن آهي.
ٻُڏَندي ٻُوڙن کي، ڪي هاتڪ هَٿَ وجهن
پَسو لَڄَ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن
توڻي ڪنڌيءَ ڪن، نات ساڻ وڃن سِيرَ ۾.
هو پنهنجي ٻوڙن لاءِ به وڏو احترام رکي ٿو، چوي ٿو
ته منهنجي ڌرتيءَ جا ٻوڙا به ايڏا غيرتمند ۽ لڄارا
آهن جو ڪو ٻڏندڙ پاڻ کي بچائڻ لاءِ انهن ۾ هٿ وجهي
ٿو ته اهي اهڙا غيرت وارا آهن جو بچائي سگهندا ته
کين بچائي وٺندا نه ته پاڻ به ڪنارن کان ڇڄي
ٻڏندڙن سان گڏ تکي سير ۽ وهڪري ۾ هليا ويندا آهن.
ڀٽائيءَ کي جڏهن سندس دور جي حوالن سان ڏسون ٿا
تڏهن خبر پوي ٿي ته ڀٽائيءَرحه کي
پنهنجي دور ۾ پنهنجي شخصيت ۽ حيثيت جي وڌاءَ لاءِ
ڪابه لوڙ ۽ جت پت ڪانه هئي ته ايندڙ وقت ۾ سندس
ڪهڙي جاءِ ۽ مسند هوندي.
ڀٽائيرحه هڪ نهايت غير معمولي ذهين،
سجاڳ، سچيت ۽ ڏاهو هو. سندس شاعري هڪ وقت ۽ هڪ دور
تائين محدود نه هئي/ نه آهي اسان کي اها به خبر
پوي ٿي ته هو پنهنجي دور جي جهڙن تهڙن واقعن تي
جذباتي به نه رهيو آهي. البته اتي ضرور اظهار ڪيو
آهي جتي ڀونءِ ۽ ٻوليءَ کي ڪٿي خطرو محسوس ٿيو
اٿس، جيئن فارسي ٻوليءَ جي سنڌي ٻوليءَ کي دسَڻ يا
ڀونءِ وارن سان بيوا جبيون ٿيڻ.
هونئن نه ته ڀٽائيءَ جي سوچ ماڻهوءَ کي ماڻهو
بنائڻ وارن ڳڻن تي بيٺل ۽ ٻڌل هئي/ آهي.
لطيفرحه پنهنجي ڀونءِ ۽ ڀونءِ وارن
لاءِ هڪ اهڙي پيڙهه/ بنياد وڌو آهي جنهن تي جڏهن
به ڀونءِ وارن ڪا تعمير ڪئي ته اها مضبوط، محفوظ
ماڻهپي واري ۽ انسانيت لاءِ قابل فخر هوندي.
اڄ اسين جنهن دور مان گذري رهيا آهيون، اهو دور
لاشڪ ته لطيفرحه شناسيءَ جو دور آهي سچ
ته اسين ڀاڳن ڀريا آهيون جو اسان جي دور جي هر
پيڙهي ڀٽائيءَ جي عاشق آهي، شيدائي آهي.
اسان وٽ لطيفرحه شناسي ۽ سڃاڻپ لاءِ ٽن
صدين ۾ رڳو ٻن ٽن ڏيهين ۽ ٻن ٽن پرڏيهين جي ٻن ٽن
اڌورن ۽ اڻپورن ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي
پهتو! انهن جي آڌار تي ڀٽائيءَ کي ڪيترو سمجهي
سگهبو! اهو شعور هر باشعور ماڻهو رکي سگهي ٿو.
تنهن هوندي به ڪنهن ڳڻتي ڪرڻ ۽ مايوسيءَ جي ڳالهه
ناهي/ ضرورت ڪانهي اسين ڀٽائيءَ کي بنا ڪنهن جي
ڏنل ٿنڀ ٿوڻي، آڏ، ڀَرَ ۽ ڪک پن جي سمجهي سگهون
ٿا! ڇو جو اسان وٽ ”شاهه جو رسالو“ موجود آهي.
اهوئي سڀ ڪجهه آهي. استاد به ته سونهون به، مرشد
به ته پارس به شرط اهو آهي ته اسين ”شاهه جي
رسالي“ کي پنهنجي ضرورتن، مفادن ۽ نوڪرين ۽ ڊگرين
لاءِ نه پڙهون بلڪ ”شاهه جي رسالي“ کي پنهنجي
ڀونءِ ۽ ٻوليءَ جي چاهت، سنڀال ۽ پنهنجي ماڻهپي
واري جوهر کي جرڪائڻ لاءِ دليان وچان، پاٻوهه،
ڪوشش ۽ محنت سان سمجهڻ لاءِ جتن ڪريون.
ڀونءِ جي حوالي سان ڀٽائيرحه سراپا
پيار آهي. هو پنهنجي ڀونءِ جي ساهوارن سان گڏ
بيساهن کي ساريندڙ ۽ سنڀاليندڙ آهي.
ڀٽائيءَرحه پنهنجي ڀونءِ جي ذري ذري جو
فڪر ۽ اونو ڪري ٿو ۽ سندس ڀونءِ جنهن عالم سان
ڳنڍيل ۽ واڳيل آهي ته هورحه سڄي عالم
لاءِ دعاڳو آهي.
ڀٽائيءَرحه جي ڀونءِ سندس لاءِ محبوب
جو درجو رکي ٿي جنهن لاءِ سندس اندر مان روشنين،
رنگن ۽ سرهاڻين جا سمنڊ ڦٿڙاٽ ڏيئي جاڳي اٿي بيهن
ٿا.
ڀٽائيءَرحه جي ڀونءِ جنهن جو نالو
”سنڌ“
آهي، اها سنڌ سندس اندر جي گهراين ۾ پيار جو
بيڪران بحر بنجي ڇوليون هڻي ٿي. هڪ هڪ ڇوليءَ جي
طاقت ۽ انداز اهڙو انوکو، نرالو ۽ دلفريب آهي جنهن
جو شمار ڪرڻ ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر آهي.
سنڌ سان پيار ڪرڻ جو اهو بيتاب جذبو کيس ڄڻ مغرور
بنائي ڇڏي ٿو.
سرڪلياڻ ۾ آهي:
جَان وَڍيو تان ويهه، نهَ تهَ وٺيو واٽ وَنءُ
تُون،
هِي تِنين جو ڏيههُ، ڪاتِي جَنِ جي هَٿَ ۾.
يعني- جي وڍيل آهين ته اچي اسان سان گڏ ويهه، پوءِ
اهو وڍيل جسماني هجي، روحاني هجي يا جذباتي طور
هجي ڇو جو سَڄي، ۽ ثابتي/ سالم ۽ بنا ڪنهن جذبي جي
اچڻ واري لاءِ اسان وٽ ڪو به هنڌ/ جاءِ ناهي، هتي
جيڪو به ايندو اهو وڍجي ويندو! ڇو ته هي انهن جو
ملڪ/ وطن ۽ ڏيهه آهي جن جي هٿ ۾ ڪاتي آهي. جيڪي
پاڻ به وڍيل آهي ته ٻين کي به وڍي وجهندا.
ڀٽائي پنهنجي ڀونءِ کي اهو اعزاز ڏيئي ٿو ته،
”سنڌ“ اهڙي ڌرتي آهي، جتي جرئت، بهادري ۽ قربانيءَ
جو دستور آهي جتي ڪنهن به بي حس لاءِ ڪابه جاءِ
ناهي ۽ اهو واٽ وٺي گم ٿي وڃي معنيٰ اهو برداشت
ڪيو نه ويندو.
سريمن ڪلياڻ ۾ پنهنجي ڀونءِ ڀاتين سان جهڙي طريقي
سان مخاطب ٿيو آهي اهو ايڏو حيرت ڀريو آهي جو ان
کي رڳو ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿو، اظهاري نٿو سگهجي.
اظهار ڪرڻ لاءِ اهي سڀ جذبا هيڪاندا هئڻ گهرجن
جيڪي ڀٽائيءَ وٽ هئا يعني تنبيهه ٽوڪ، دڙڪو، نصيحت
۽ سمجهاڻي.
جَي ڀائِئين پِرين مِڙان، ته سِک چَورَان ڪي ڌات،
جاڳڻ جَشن جن کي، سُکُ نه ساري رات،
اُجهي ٻُجهي آئيا، وائي ڪَن نه واتِ،
سَلي سَوريءَ چاڙهيا، بيان ڪن نه بات.
توڙي ڪُسن ڪات، ته به ساڳي سَلن ڪِين ڪي.
ڀٽائيءَ کي پنهنجي ڀونءِ سان شديد چاهه آهي
جنهنڪري هو چاهي ٿو ته سندس ڀونءِ ڀاتين ۾ ڪابه
ڪمي، ڪاڻ ۽ گهٽتائي نه هجي. هورحه چاهي
ٿو ته جهڙي سندس ڀونءِ عاليشان آهي اهڙائي سندس
ڀونءِ ڀاتي به شاندار هجن.
ڀٽائيءَرحه پنهنجي ڏيهين جون ڪمزوريون
۽ ڪاڻيون ارادتن نظرانداز ڪري کين هر روپ ۾ ڪامياب
۽ ڀرپور ڏسڻ چاهي ٿو ۽ سندس ٿوري، ذري سٺائيءَ تي
به کين واکاڻي ٿو ۽ سندن حوصلا بلند ڪري ٿو، همٿ
افزائي ڪري ٿو.
سر کنڀات ۾ آهي،
اُٺُ نَه وَڃي وَڳ سِين، چَري نه لاڻو،
مَي کي مِجازَ جو، ٿُوهَي ۾ ٿَاڻو،
ڀَٽاري ڀاڻو، مَرندي سِين نه مَٽيو.
ڀٽائيرحه جيئن ته پاڻ ڀونءِ سان ڪميٽڊ
آهي، تيئن ئي هو چاهي ٿو ته سندس ڀونءِ ڀاتين جي
ساڳيئي طرح سان ڀونءِ سان ڪمٽمينٽ هجي. اٺ جي روپ
۾ هڪ ڪميٽڊ عاشق جو ذڪر ڪرڻ ۽ ”مرندي تائين ڀاڻو
نه مٽائڻ“ واري عمل جي تعريف ڪرڻ ۽ سندس ثابت قدمي
جي خوش ٿي کيس واکاڻڻ هڪ عجيب اسرار وانگر آهي.
سر سريراڳ ۾ پنهنجي هموطنن جي هڪ ٻي جي سار لهڻ ۽
ساٿ نِڀائِڻ واري ريت جو بيان پڙهي ڪَپاٽ (دماغ)
کليو ٿا وڃن ته ڀٽائيرحه ڀونءِ جي
حوالي ڪيڏو ڪانشس ۽ خبردار آهي جو ڪو به ڳڻ کائونس
ڳجهو نٿو رهي، بيت هي آهي.
مَيَن مَٿي سَمرا، کُهِين سَڏَ ڪَرين،
سَاٿُ نِڀايو نين، ايءَ پَر سَندي سَڄڻين.
سرسامونڊيءَ ۾ ڀونءِ ڀاتين جي جدائي کيس ڏنگي ٿي.
ڀلي هو ڪنهن ڌنڌي ۽ نفعي لاءِ اسهيا هجن تڏهن به
انهن جي ديس کان دوري ۽ پري رهڻ کيس ورچائي ڇڏي ٿو
۽ سندس اندر آلاپڻ لڳي ٿو.
تَن جي جِي تانگ، سي سڄڻ سفر هليا،
لَئج لات لطيف چئي، ڪڏهن ايندم ڪانگ،
ڪنهن سٽاڻي سانگ، پرين پرڏيهي ڪيا.
پوءِ ڄڻ ته کين ورڻ لاءِ ايلاز ٿو ڪري:
سَر لوهِيڙا ڳَڀِيا، ڪُسرَ نِسريا،
تَو ڪِيئن وِسريا، ڍولا ڏينهن اچڻ جا.
پرديس ۾ رهڻ کان ديس ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيئي ٿو ۽
پنهنجي ڌرتيءَ ۾ جڏهن موافق حالتون ۽ سازگار ماحول
آهي ۽ وري موسم به اهڙي مهربان جو سَرَ ۽ لوهيڙا
به ڳڀجي ويا هجن. ”سر“ جهڙا ڪسرا ۽ سخت جان وڻ ۽
ٻوٽا ۽ لوهيڙي جهڙا مضبوط ۽ مس نسرڻ وارا وڻ به
نسريا آهن ته پوءِ ڏيهين کي پرڏيهه ۾ وڌيڪ رهڻ جو
ڪو جواز نٿو رهي، کين موٽڻ گهرجي، وطن کي وسارڻ نه
گهرجي.
سر سهڻي ۾ آهي:
ليا ڏِٺم لار، سانڀاران ساهڙ جا،
هنئيون هت نه ونڌري، ڌراڙنئون ڌار،
مُنهنجو مَن ميهار، پَڳهيو پاڻ ڳَري.
ڀٽائي پنهنجي ڀونءِ ۾ پلجندڙ پيار جو محافظ آهي.
هو وفادار آهي کيس وفا وڻي ٿي. بيوفا جي خلاف اٿڻ
سندس سرشت ۾ شامل آهي. سهڻيءَ جي وفا، ثابت قدمي،
بهادري جتي کيس موهي ٿي ته اتي سوهڻيءَ سان ٿيندڙ
ظلم، بيواجبي ۽ انياءَ کيس تڪليف ڏيئي ٿو.
ڀٽائيءَ پنهنجي ڀونءِ تي ٿيندڙ انياءَ کي پنهنجي
امر ڪلام جي لفظ لفظ ۾ ننديو آهي.
سوهڻيءَ جي سورهيائي ۽ سچائي ڀٽائيءَرحه
جي اڳيان مانُ ماڻيندڙ آهي ۽ هورحه کيس
محفوظ ڏسڻ چاهي ٿو، بلڪ کيس خبردار ڪري سمجهائي ٿو
ته:
جِتي ڀَيرَ ڀِرن، ڀَريُون پَون ڀَنوارنئون،
تَانگَ نهَ لَڌي تَارئين، مَپُ نه ماٽيئڙن،
تُون ڪِيئن تِن تَڙن، اَچيو اَساري گهِڙين؟
سر سارنگ ته سڄو ئي ڀونءِ جي سک ۽ خوشحاليءَ کي
ارپيل آهي.
سَارنگ سَارَ لَهيج. الله لڳ اُڃين جي،
پاڻي پَوڄَ پَٽن تي، اَرزان اَنُ ڪَريج،
وطن وَسائيج، ته سَنگهارن سُک ٿِيئي.
”وَسَ“ جي مند هونئن به ڀونءِ لاءِ ڀلاري آهي.
ڀٽائيءَرحه به خوش ٿي ڄڻ ته سارنگ کي
”کيڏائي“ (لاڏ ڏي ٿو) ۽ چاڳ ڏيئي ٿو.
ڀِري ڀِٽَ تي آئيو، سارنگُ سَهڄ مَنجهانءُ،
کِڙِيون کٽڻهار جيئن وِڄون اُتر واءُ،
پَهري پَٽِنئاءُ، ڀريائين ڪن ڪَراڙ جا.
سسئيءَ جا پنج سُر آهن ۽ اهي پنجئي سُرَ ڄڻ ته سنڌ
جي مٽيءَ مان ڳوهي بنايل آهن.
جيئن چوندا آهن ته سنڌي ماڻهو هڪ شهر کان ٻي شهر ۾
وڃڻ کي به ”پرديس“ چوندا آهن/ چوندا هئا! تيئن ئي
اسان جو ڀلارو ڀٽائيرحه بنا ڪنهن سبب
جي پنهنجي ڀونءِ کان پري رهڻ کي پسند نٿو ڪري.
”پرڏيهي“ سندس اڳيان ايتري ئي اهميت ۽ وقعت رکن ٿا
ته، اهي پرڏيهي آهن انهن کي کارائي پياري، عزت
ڏيئي رخصت ڪجي ۽ بس......
سسئي، ڀٽائيءَرحه جي ديسياڻي آهي، سنڌ
جي سنڌياڻي آهي جنهن جو کيس احساس به آهي. وڏي
جدوجهد ۽ ڪشالن کان پوءِ به جڏهن سسئيءَ کي جيئري
جت (پنهون) نٿو ملي تڏهن به ڀٽائيرحه
کيس ناڪام ۽ نامراد نٿو ڪوٺي.
پنهون ٿيس پاڻ ويو سُسئيءَ جو شرم،
اَڪيليون هَلن جي، ڀَڄي تِن ڀَرم،
جَووندر ۾ وِرم، سَو سَودو سَريس هَتِهين.
سر معذوريءَ ۾ کيس سرخ روءُ ڏيکاري پنهنجي ڀونءِ
جو اصل نالو ”سنڌ“ وٺي ٿو.
سَڌَرَ سِين سَڱُ ڪري، پرکنڊين پياس،
ڪَير بَرهمڻ ڪن جي، ڪَير ڄاڻي ڪَيڻاس،
هوند نه سِنڌ سُياس، هن پرئين ڪيس پڌري.
ڀٽائيرحه سسئيءَ جي سڱان، پنهونءَ کي
به ڏاڍو چاهي ٿو ۽ سندس وفاداري ڳائي ٿو. ”ور ۾
ڪونهي وَرُ....“
پنهونءَ سان پيار ڪرڻ جو اندازو ان مان ئي لڳائي
سگهجي ٿو ته ڀٽائيرحه ”محبوب ۽ پرين“
جي جاءِ تي هنڌ هنڌ، ”پنهون، هوت، ٻروچ، آرياڻي ۽
ڪوهيار وغيره“ يعني پنهونءَ جي سڃاڻپ آڻي ٿو ۽
”معشوق“ جي جاءِ تي ”پنهونءَ“ جو نالو استعمال ڪري
ٿو. تنهن هوندي به هو پنهونءَ کي پرڏيهي ۽ سسئيءَ
کي ”ڏيهي“ سمجهي ساڻس ٿيل بيواجبين ۽ زيادتين تي
همدردي ڪندي پنهنجائپ مان کيس سمجهائي ٿو.
سر ديسيءَ ۾ آهي:
دَيسي سَيڻ ڪِجن، پَرديسي ڪهڙا پَرين،
لَڏيو لاڏوڻا ڪريو، پنهنجي ديس وَڃن،
پُڄاڻا پِرين، ڪَجي بَس ڀَنڀور کان.
يا
جَتَ نه ڀائِي رَتَ، ڌاريان ڌاري ڏيهه جا،
آئون سُتي هُو هَليا، پَلاڻي پَربت،
اکين جي آهت، کڻي ڇُلايس ڇَپرين.
ايئن ئي پرديسي ٻولي، جيڪا سنڌي ٻولي ناهي ان
ڏانهن به اشارو ڪري چوي ٿو.
پُڻ ٿا پَلاڻِين، اَوٺِي اَڄُ اُڀکڙا
پَهه پَارِسَيون پاڻ ۾، ڏيرَ ڏِهاڻي ڏِين
هُوت پُنهون ٿا نين ٻَاروچي ٻَولي ڪيو.
سر ڪوهياريءَ ۾ ڏيهه واسڻ سسئيءَ جي عجيب حالت جو
اظهار ۽ پرڏيهي پري جي لئه ڪيل ڪشالن ۽ پنهون جي
اولاڪن (اٺن) لاءِ ڪروڌ ڏيکاريل آهي، جيڪي سسئيءَ
جي پرينءَ کي زوري کنڀي کڻي ويا آهن:
مَاءُ، منهنجو جِندڙو، کَنيو خيالن،
ڪُوڙَن ڪَذابن، ڏاگهن ڏَڌي آهيان.
ساڳيوئي ڪروڌِ سُر حسينيءَ ۾ آهي ته،
سور نه ساڱائين، ڏينُ اڌما اوچتا،
مُون کي مون پرينءَ جا، اَڻَميا آهين،
لَڄون جي لاهين، سي ئي ٿيم سامهان.
”لَڄون لاهڻ“ جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ اهائي معنيٰ
ڀٽائيءَرحه به ڪئي آهي! ڪنهن پرڏيهي
لاءِ جيڪو سندس ڏيهه واسڻ کي پيار جي بدلي ۾ دوکو
ڏيئي بيعزت ڪري ويا هئا.
ايئن ئي ڌاري ٻوليءَ کي ڀٽائيرحه ڄڻ ته
هاڃي جو سبب سمجهي ٿو.
ڪا جا ڪيائُون، وائي واري ونگڙي،
آيل تنهن آئون، ٻوليءَ ٻَاتاڙِي ڪئي.
سر سورٺ ۾ ته ماڳهين پرديس مان ڪهي آيل جاجڪ، هاڃو
ڪرڻ آيو هو.
پَرديسيان پنڌ ڪري، هَلي آيو هِتِ،
جاجَڪُ آيو جِتِ، سِرَ جُون صَدائون هَڻي.
هتي ته واعدي ۽ وچن پارڻ جي ڳالهه هئي، ساک جو
معاملو هو، سچائي جو امتحان هو، وچن کي پاڻي ڏيڻ
جي ريت هئي.
ڀٽائيءَرحه پنهنجي ڀونءِ جي انهيءَ
باوقار ريت جو رکوال آهي کيس سچائي، پت پارڻ ۽
بهادري وڻي ٿي، انيراءِ ته هڪ مهان راجه هو جنهن
”ڏيئي نه ڏرمائڻ“ واري ريت به وچن پارڻ واري ريت ۾
شامل ڪئي هئي.
مَٿو مَٿانئين گهوريان، مَٿو تو مَٿاءُ،
هَڏو هِيءُ هَٿِ ڪَري، جَاجَڪُ وَهلو جاءُ،
تُوسين اَنيراءُ، جَو وَچن ۾ وهلو ٿيئي.
بادشاهه پنهنجو مٿو وڍي ڏيئي ٿو پر ڀٽائيءَ پنهنجي
ڀونءِ جي هڪ خوبصورت ريت ”وچن
پارڻ“ واريءَ کي ايڏو عزيز ۽ اهم سمجهي ٿو جو راجه
جي سِر کي ”هَڏو“ ٿو چوي مٿو يعني کوپڙي/ کوپراٽي
هڏو ئي ته آهي.
سر ڪيڏارو جنهن کي اسان جا ڪي وڏا محقق ڀٽائيءَرحه
جو سر/ ڪلام مڃڻ کان انڪاري آهن جڏهن ته منهنجي
ذاتي راءِ موجب (جيڪا آئون ڀٽائيءَ جي ڪلام بابت
اڃا تائين گهٽ ڏيندي آئي آهيان.)
سر ڪيڏاري ۾ ڀٽائيرحه پنهنجي جوڀن ۾
نظر اچي ٿو.
ڇَپَر جيئن پَهُون، تيئن رڻُ ڳِجهين ڇَانئيو،
وَنڪا وَنڪن گَڏيا، ڊَوڙيو ڏين ڊَهُون،
مُهاين وَهون نير مَهانگو ڪَنديون.
جنگ جي ايڏي منظرڪشي ته ”جيئن جبل ۾ رڍون (پَهون)
آهن، تيئن ئي ڳجهون جنگ جي ميدان ۾ ڇائجي ويون
آهن.“
وري لڙائيءَ جي شدت ڏسو ته، بهادرن جا هٿيار
تلوارون وغيره ڀڄي ٽٽي ويون آهن، پر جنگ جي شدت ۾
ڪمي ۽ گهٽتائي نه آئي آهي ۽ بهادر، بهادرن سامهون
ڊوڙيو هڪ ٻي سان مٿان ٽڪرائن پيا. اهڙي هولناڪ ۽
ڀنوارئين ويڙهه ۾ ته وڏو قتل عام ٿيندو ۽ بهادرن
جون ونيون نير مهانگو ڪري ڇڏينديون!
جيئن هاڻي اسان وٽ هتي ڪوهستان ۾ رنون/ بيواهه
عورتون اڇو/ سفيد لباس پائينديون آهن (رنگين يعني
ڳاڙهو، گلابي وغيره نه) تيئن اڳ شايد ڪارا/ نير
ٻڏل ڪپڙا بيواهه عورتون پائينديون هيون. (هاڻي
يورپ وغيره ۾ پڻ بيواهه ڪارو لباس پائيندي آهي) ان
ئي حوالي سان ڀٽائيرحه فرمائي ٿو ته
ايڏي شديد جنگ ۾ جتي ايترا گهڻا ماڻهو مرندا ته
ايتريون ئي زالون بيواهه ٿينديون! ۽ سڀئي نير ٻڏل
ڪپڙا پائينديون ته ظاهر آهي ته ”نير“ مهانگو ٿي
ويندو.
هن بيت ۾ به ته ”نير ٻڏل ڪپڙن“ جو ذڪر آيل آهي ته
مير مَدينئان نِڪري، آيا نَه مَوٽِي،
ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي،
آئون تنين لَئه لَوٺِي، جي مير مسافر رانئيا.
ساڳئي سُر ۾ ڀٽائيرحه بهادرن جي ڄڻ
سڃاڻپ ڪرائي ٿو اها به هڪ سپاهي جي زال جي واتان
ته:
ڀَڳو آئون نه چوان، مَارِيو تان وِسهان،
ڪانڌَ مُنهن ۾ ڌَڪڙا، سَيڪِيندي سُونهان،
تهَ پُڻ لَڄَ مَران، جي هُونِسِ پُٺِ ۾.
ڌرتيءَ ڌڻين جا منهن مٿاهان ڏسڻ واري آس جو اظهار
اهڙي ڀرپور اثرائتي نموني ڪرڻ عام رواجي ڳالهه ته
ناهي، نه ئي جهڙي تهڙي جي هٿ وَس جي وٿ آهي.
مَرُ مَرين آئُون رُوئين موٽي آءُ مَ ڪانڌ،
ڪَچَن وڏا پلاندَ، جيئن ٿورا ڏينهنڙا.
ڀونءِ لاءِ سچائي ڪرڻ ۽ ويڙهه لاءِ للڪار ۽ بي بقا
زندگيءَ جي ٿورن ڏينهن کي بنا ڪنهن ڪاڻ جي گذاري/
ملهائي وڃڻ ۽ ڪانئر ٿي ڀڄي پونيان پنهنجي پيارن جا
منهن هيٺ ڪرڻ ۽ ڳاٽ نمائڻ لاءِ حقارت جو اظهار ۽
گلائن ۽ ميارن جي وڏن پلاندن ڏانهن نگاهه وجهڻ
واري حيرت انگيز تلقين ڪرڻ ڪو مذاق ۽ ڀوڳ ناهي.
سر بروو سنڌيءَ ۾ پنهنجن کي گڏجي رهڻ ۽ اندر اورڻ
جي نصيحت به دنگ آهي.
هُوڏَ ڇَڏي هيڏي جي گهر اچين سُپرين،
ڳالهيون ڳُجهه اندر جون، تن گهريون توڏي،
جي رهين گڏ گوڏي، ته دور سُڻايان دِل جا.
گوڏو گوڏي سان گڏي رهڻ واري ڳالهه سوچجي ٿي ته
اندر ٺريو پوي ٿو.
ڀٽائيرحه ائين ئي چاهي ٿو ته پنهنجا سڀ
ڀونءِ ڀاتي پاڻ ۾ گڏ هجن، متحد هجن، گوڏو گوڏي سان
گڏي ويٺل هجن ۽ هڪ ٻي سان اندر اوريندا هجن، ڏک سک
سليندا هجن.
ڪَڙو مَنجهه ڪَڙي، جيئن لَوَهارن لَپيٽيو،
منهنجو جيءُ جَڙي، سُپيريان سَوگهو ڪَيو.
”ڪڙو منجهه ڪڙي“ واري تشبيهه به ضرور دنيا لاءِ
نڪور ۽ حيران ڪندڙ هوندي، جي اسين دنيا کي ڀٽائيرحه
سمجهائي سگهون!
سر مومل راڻي ۾ پڻ ايئن ئي هڪ ٻي سان گڏ رهڻ ۽ دل
، من ڳنڍڻ واري التجا آهي.
ڪَا جا راڻي مَن ۾، جيئن نَٿو نينهن گڏي
منهه ڇَنا مَاڙِيُون، نيو اَوڏاهين اَڏي
ڀَينر ڀاڳَ وَڏي راڻو ايندو راڄَ ۾
پنهنجي ڀونءِ سان نينهن جو ناتو نڀائڻ ۽ هڪ ئي راڄ
۾ گڏ رهڻ بنا آتڻ سُڃو ٿيڻ واري درماندگي پڻ
ڀٽائيءَرحه جو اندر جهوري وجهي ٿي.
اَڄُ نه ڳالهائون، هُون ڏِهاڻي نِجهري،
پَسو پَههُ پِيون، آتَڻ سُڃو اُن رِيءَ.
سرکاهوڙي ۾ به جڏهن سندس ڏيهي کاهوڙي موٽي اچن ٿا
ته اها موٽڻ واري خوشي ئي ڀٽائيءَرحه
جي خواهش آهي.
ڏوري ڏوري ڏيهه ماءُ کاهَوڙِي آئيا،
مين پيرن کيهه ڪُه ڄاڻا ڪنهن پار جي.
ڀونءِ ڀاتين جو موٽڻ ڀونءِ ڏانهن ورڻ ڀٽائيءَرحه
جي ڄڻ آرزو آهي کيس پوري خبر آهي ته سندس ڀونءِ
ڀريل آهي. هر خزاني مان چڪار ۽ ٽمٽار آهي اهڙيءَ
ڀونءِ کي جڏهن ڇڏي ٿا وڃن ته ڄڻ ڀٽائي روئي پوي
ٿو. جهنگل آهيڙين کي ڀنڻ ڪيو روءِ......
سر رامڪلي ۾ ”جوڳي“ ڀٽائيءَ جو وڻندڙ بلڪ قابل
تقليد ڪردار آهي. ”جوڳي“ جڏهن ڀٽائيرحه
کي ساڻن گڏ وڃڻ جي شديد خواهش هئڻ جي باوجود ڇڏي
هليا وڃن ٿا ته ڀٽائيءَرحه کي ڏاڍو ڏک
ٿيئي ٿو.
وَيراڳي واري، الله اڱڻ آڻئين،
ڏُک لاهيندس ڏيل جا، تُهن جيئن تاري،
ايندم اوتاري، کينئن جون ڏيندَم خبرون.
ويراڳين جو وڃڻ ڀٽائيءَرحه لاءِ ڄڻ ته
حادثو ٿيو پوي ٿو. هو کين ياد ڪري ساري ڏکارو ٿي
چوي ٿو.
هَئِه جي هُئا هِتِ تهَ مَٿن هُوند حَقُ ٿيو
مَڻيون مُورت مَت، مانَ وَسَريُون ڪي لَهان.
سُر رِپَ ۾ پرين جي جدائيءَ دوران اڻ ڪيل، ڪرڻ
جهڙيون ڳالهيون جڏهن گڏ ٿي وڃن ٿيون ته انهن کي
اندر ۾ محفوظ ڪري ٿو ته به پنهنجي اندر کي ڀونءِ
جي ورن، وڪڙن سان ڀيٽ ڪري ٿو جتي ڳالهيون ٻي صورت
اختيار ڪري وڌي وڃن ٿيون.
ڳالهيون پَيٽَ ورن ۾، وَڌي وَڻُ ٿيون،
پَر سين مُون نه ڪَيون، گوشي پرين نه گڏيا.
ڀٽائيرحه پنهنجي پرين کي پاڻ ۾ ۽ پاڻ
کي پنهنجي پرينءَ ۾ تحليل ڪري ڇڏي ٿو ايئن، جيئن
مٽي ۽ پاڻي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃن ٿا.
جيئن سَي کُوهيءَ نارَ، وَهن واريءَ گاڏُئان،
هِينئڙو پَريان ڌار، نِبيريانسِ نه نِبري.
مٽي ۽ پاڻي نار جي لوٽن مان ملي هڪ ٿي ٻاهر اچن ٿا
جن جو هڪ ٻي کان ڌار ڪرڻ جو ڪو تصور به ڪونهي. مٽي
۽ پاڻيءَ جو ملي هڪ ٿي وڃڻ وارو مثال بيمثال آهي.
سر ليلا چنيسر ۾ ليلا جي ڪيل حرڪت کي ڀٽائيرحه
پسند نٿو ڪري هونئن به ڀٽائيءَ کي گهڻي هشياري ۽
چالاڪي نٿي وڻي. اهڙي ريت ڄڻ ته چالاڪ ماڻهو اڳئين
ماٺيڻي ماڻهوءَ کي بيوقوف سمجهندو هجي ۽ اهڙي
ڪُريت ڀٽائيءَرحه جي ڀونءِ جو وڙئي
ناهي. (الا ڏاهي مَ ٿيان.....)
ڏاهي هُيس ڏَيههَ ۾، سَرتين مَنجهه سَڄاڻ،
ڪا جا پيم ڪاڻ، جيئن مُنهن مَٿاهون نه کڻان.
سر بلاول ۾ پنهنجي ڀونءِ جي سخاوت واري ڳڻ جي
واکاڻ ڪندي ڍاپي ئي نٿو.
جَيڪس ڪونه جهان ۾، سنڌ، سُورت هند هاڻ،
در داتا مَڱُ مَڱڻا، ٻي جي ڪَڍِ مَ ڪاڻِ،
پاٽوندر پاڻ، حالُ پَسي ڀال ڪري.
ڀٽائي ”سام“ رکڻ واري ريت مان گهڻو خوش ۽ مطمئن
آهي:
سَرِڻين جي سُک لاءِ سَامَ کَنيئن سَردار،
جَي آيون آبڙي آڌار، سي سُونگُ نه ڏينديون
سُومِريُون.
سُر ڏَهر ۾ ڀونءِ ۾ آيل پرديسي پکين جي حوالي سان
پڻ ڀٽائيرحه گهڻو حساس آهي. هُورحه
نٿو چاهي ته سندس ڀونءِ ۾ آيل مسافرن ۽ مهمانن کي
ڪو ڪک جيترو به ڏک ۽ ايذاءُ رسي.
قِسمت آنديون ڪُونجڙيون وطن سندن رَوههُ،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه رزق رازق هَٿَ ۾.
ڀٽائيرحه پنهنجي ڀونءِ ۾ ايندڙن جي
مهمانوازي، کائڻ پيئڻ کي انهن جي قسمت ۽ لکيل رزق
سمجهي ٿو. ۽ جي ڪو انهن مهمانن کي تڪليف ڏي ٿو ته
پوءِ اهو ڀٽائيءَ جو ڀلي ڀونءِ ڀاتي ئي ڇو نه هجي
هُو سندن اهڙي ڪڌي حرڪت تي مٿن سخت ڪاوڙجي پوي ٿو.
مَاري، مَرين شالَ، ڍَٻَ وَڃنئي وِسري،
جيئن تو اَچي ڪالهه وِڌو وِچُ وَرهن جَو.
ڀٽائيرحه کي مهمان پکين جو ڏک ٿو ٿيئي
ته هي ڪي ڦورو ۽ حملا آور ته ناهن نه ڪي قبضه خور،
هي ته جيڪو رزق رازق لکيو آهي اهو چڻي کائي هليون
وينديون. هي ڪي اوهان جا خزانه لٽڻ ته ناهن آئيون
جو ڪوڙ ڪيون، ڍٻ ۽ بندوقون کنيون ٿا کين ڳولي ڳولي
ماريو! هي ته پويان پنهنجا ٻچا ڇڏي آيون آهن ۽ هتي
اڌن جا اڌ وڃائي موٽي ٿيون وڃن.
ڪُونجڙيون ڪُڻڪن، جَيڪس هَلن هاريون
ٻَچا پوءِ اَٿن وَڃن وانڌا ڪَنديون.
جيڪي هتي مارجي ٿيون وڃن انهن لاءِ اڪنڊيون
رئنديون ٿيون وڃن سندن اهو درد به ڀٽائيرحه
کان سواءِ ڪير ڄاڻي سگهي ٿو:
ڇِني اُڀي رَوءِ، سَنڀاريو کي سَڄڻين،
هيءَ جهڄندي چَوءِ، ته آئون اُڪنڊي آهيان.
ڀٽائيرحه ته سندن پرت ۽ محبتن جو معترف
آهي ته:
وَڳر ڪيو وَتن، پِرت نهَ ڇِنن پاڻ ۾،
پَسو پَکيئڙن، مَاڙهنئان مَيٺ گهڻو.
سر ڪاپائتي (پورهيتياڻي) ۾ جتي ڀٽائيرحه
پورهيت کي شانَ مانَ سان سمجهاڻيون ۽ نصيحتون ڏي
ٿو اتي ڀونءِ ۽ ڀونءِ ڀاتين لاءِ مسئلا پيدا ڪندڙن
پاران خراب صورتحال آڻڻ کيس درماندو به ڪري ٿي.
نهَ سي وونئڻ وَڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
پَسيو بازاريون، هِينئڙو مون لُون ٿيئي.
زمين جي صورتحال به صحيح ناهي، فصل به سٺو ڪونهي،
جنس جي کوٽ آهي ۽ پورهيت به ساڳيا ناهن بازارن جي
بي رونقي ۽ ڌنڌي جي اڻ هوند جي زنده تصوير جڳ ۾
گهٽ ملندي ۽ وري اهو سڀ ڏسي دل جو لوڻ ٿي وڃڻ اندر
جي ٻاڙائي واري ڳالهه اڃا به روئاريندڙ ۽ درماندو
ڪندڙ آهي.
پنهنجي ڀونءِ جي هر هاڪاري ريت ڀٽائيءَرحه
جي مَن گهري ريت آهي، سخاوت هونئن به سڄي دنيا جو
مانائتو ڳڻ آهي. سر بلاول ۾ پڻ سخاوت جو ذڪر آيل
آهي، پر سر پرڀاتيءَ ۾ لسٻيلي جي حڪمران ڄام سپڙ
چوٽاڻي رونجهي جي واکاڻ ڀٽائيرحه دل
کولي ڪئي آهي جيڪو ئي سندس دادلو ڪردار آهي.
ٻَاجهاڻو ٻيلي ڌَڻي، ٻُڄهان ٻَاجهه ٿي
سَپڙَ سا سُئي، جيڪا چارڻ چِٽِ ۾
يا
واهين سُڪا سانگ ڀري، چوٽاڻي سِين چوٽ،
ڏيو ڏان ڏَڏَنِ کي، سَپڙ سخي ڏي.
اِن راهه مَٿي رُونجهي، ماڻڪ اُڇليا مينهن جيئن
سُر گهاتوءَ ۾ منهنجي (ج. ع. منگهاڻيءَ جي) جنم
ڀومي ڪراچيءَ جو ڪيڏارو آهي.
ڪو جو قَهر ڪَلاچَ ۾، گهڙي سو نئي،
خبر ڪو نه ڏَئي، ته رَڇ ڪُڄاڙي رَنڊيا،
ڪراچي، ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو خزانن مان ڀريل هڪ
آسودو حصو آهي جنهن کي مانگرن کان آجو ڪرائڻ لاءِ
ڀٽائيرحه آسروند آهي، شال اسين سندس
اها آس پوري ڪري سگهون. (آمين)
اڃا تائين ته ڪيڏارو پيا ٻڌون، خوشين ڀريا ڳيچ.
سهرا، لاڏا، ساٽ سونئڻ شل ڪراچيءَ جا پنهنجي اکين
سان ڏسون ۽ ڪنن سان ٻڌون.
ڀٽائيرحه هونئن ئي ڀونءِ جو شاعر آهي
پر سر مارئي ته سڄو ڀونءِ جي اٿاهه عشق جو داستان
آهي. جنهن جي شروعات ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ سان گڏ
ئي آهي.
اَلست بِرَبڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قَالُو بَليٰ، قلب سين تڏهن تِتِ چيوم،
تنهين ويل ڪَيوم، وَچَنُ وَيڙهيچن سِين.
مارئيءَ جي قيد کي ڀٽائيرحه ڀونءِ جو
قيد سمجهي ٿو! علامتي طور ڄڻ سنڌ سنگهرن ۾ آهي ۽
آزاديءَ لاءِ رڙهي پئي.
ڪَريو مُهاڙ مَلير ڏي، اُڀيائي آهي،
جَا مٿي ڏِنيس مارئين، سا لوئي نه لاهي،
سُومرا ساهي،
تنهن سَتيءَ وِجهه مَ سَنگهرون.
مارئي قيد ۾ سواءِ آزاديءَ جي ٻي ڪا به مت نٿي سڻي
نه ئي ڪا شيءِ قبولي ٿي. ڪهڙيون عيدون مرادون،
ڪهڙي خوشي ۽ خريد.
جا عُمر تَومِل عِيدَ، سا اَسان سَوءَ ورتي
سُومرا،
ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
سِڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.
مارئي جي اڳيان بادشاهي تڇ آهي هوءَ عمر جي سون ۽
زيورن کان نفرت ٿي ڪري.
ڪارا ڪَراين ۾، سَونُ اَسان کي سوءَ،
وَرُ جَيڏين سان جوءِ، فاقو فرحت ڀايان.
وطن ۾ ڪارا ڌاڳا جيڪي ڪراين ۾ ٻڌل آهن، اهو ئي
سندس لاءِ سينگار آهن سون کي ته سوڳ ٿي سمجهي.
پنهنجي ڀونءِ ۽ ڀونءِ وارن سان گڏ رهڻ خوشنصيبي
آهي پنهنجن سان گڏ بکون ڪاٽڻ فاقا ڪڍڻ، لنگهڻ
گذارڻ ۾ به راحت ۽ فرحت آهي.
نَڪا جهَل نه پَلَ، نَڪو رائُر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهُرين، رَوڙِيو رَتا گُل،
مَارُو پاڻ اَمل، مَليرون مُرڪڻو.
آزاديءَ جي عيشن ۽ مزن جي اهڙي منظرڪشي سواءِ
ڀٽائيءَرحه جي ٻيو ڪير ڪري سگهندو.
پنهنجن کان زوريءَ جهلي قيد رکڻ واري روئداد ۽
آجائيءَ جا سُرها خواب ڏسڻ واري وارتا مارئيءَ جي
واتان چوائڻ.
سُتي لَڌم سُوهڻو، لوئيءَ ۾ لَيٽي،
ته منڌي پايو مَٽَ ۾، وِلوڙيان ويٺي،
پکي آئون پَيٺي، کِيرون ڏِينم جَيڏيون.
هوءَ خواب ته مارن جا ئي ڏسندي هوندي اهو ته طئي
آهي پر عمر بادشاهه جي محل ۾ سندس محبوب جي روپ ۾
رهيل وري به مارن جي ڏنل ۽ ملير مان نڪرڻ مهل پاتل
لوئيءَ ۾ ويڙهجي خواب ڏسڻ حيرتناڪ منظر آهي جيڪو
روئاڙي ٿو وجهي.
وري جاڳڻ کان پوءِ ساڳيو ئي قيد ڏسي بيوس ٿيڻ.
سَي ٿاريليون ٿَرن ۾، جي مان گهٽ گهري،
وطن وَس وَسندي، هينئڙي نِت هُري،
اَندر چِتِ چُري، وِرهه ويڙهيچَن جو.
دل چاهي ٿي ته ڀونءِ جي حوالي سان سڄو سُر مارئي
هتي اٿلائي، پٿلائي، پلٽائي اوتي ڇڏجي.
سر پورب ۾ پڻ اهو ئي ڀونءِ ڀاتين جي اڪنڊ ۽ سِڪ
اٿيل آهي:
وَهَلو وَرُ وَريا پِرين، آءُ ڪَانگا وَڻَ وَيهه،
جنهين ڏُور چِتايو ڏَيهه سي اُڏامي آڻِ پِرين.
يا
آءُ ڪانگا وڻ ويهه سڌيون ڏي ساڻيهه جُون،
چڱا ڀلا پرين، ڪِه سُک وَسي ساڻيهه،
پِرينءَ لَئه پرڏيهه مون تان گهڻو نهاريو.
هونئن ته بيت پاڻهي پنهنجي تفسير، تشريح ۽ مفهوم
پيا ٻڌائين، پوءِ به جيئن ته ڀٽائي گهڻ رخو ۽ گهڻ
مهاڙيو شاعر آهي. اسين وري سندس ڀونءِ ڀاتي تيئن
ئي محدود ۽ گهٽ مهاڙيا آهيون ۽ لطيفرحه
واري اٺ وانگيان ڪپار ۾ ڪن ڪيو ٻوڙا ٿيو پيا هلون.
بيتن ۾ ساڳيئي ڀونءِ سان ۽ ڀونءِ ڀاتين سان خوابن
جهڙي پر خمار اڪنڊ ۽ الفت اوتيل آهي. آئون نٿي
ڀانيان ته ڪٿي به ڪنهن شاعر جا اسرار اهڙا هوندا
جو ڪو به مايوس نه موٽي. ڀٽائيرحه اهڙو
ئي اونهون ۽ اتاهون پراسرار آهي جتان ڪافر ۽ مومن
ٻئي خوش ۽ ٻئي جهوليون ڀريندڙ يا ڍاول آهن اهيئي
ڀٽائيءَرحه جون نراليون رمزون ۽
مهاڙيون آهن.
ڀونءِ ڀٽائيرحه جي روح ۽ رت ۾ رچيل ۽
روان آهي ايتريقدر جو ڀونءِ کان پري رهڻ سندس لاءِ
بيحد ڏکيو آهي. هنڌ هنڌ تي اهو درس ڏنل آهي ته بنا
جواز جي پنهنجي ڀونءِ پنهنجي ڏيهه کان ٻاهر نه
وڃجي! پرڏيهه ۾ رهڻ ڀٽائيرحه جي مزاج ۾
ڪونهي. جي ڪنهن مجبوريءَ جي تحت پرڏيهه ۾ رهجي ته
به پنهنجي ڏيهه کي سارجي، سنڀالجي، خبرون چارون
وٺجن، ڏڪار سڪار ۽ موسم بابت معلومات وٺجي ۽
پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب نه وسارجي.
سر ڪاموڏ ۾ نوريءَ جي اهائي نوڙت ۽ نياز وڻي ٿو
کيس ته نوريءَ پنهنجي مهاڻڪي ريت نه ڇڏي آهي نه
رڳو نه ڇڏي آهي پر ان ککيءَ ۽ ڌپائينءَ رهڪ تي
شرمندي ۽ ڦڪي به نٿي ٿيئي.
تُون سَمون آئون گندري، عيبَ منهنجي ذاتِ
تون سُونهاري صَفاتِ، متان ماگر مَٽئين.
يعني، نوري ته اعلانيه پنهنجيءَ ذات کي ”عيب“
پيئي ڳڻائي.
”عيب منهنجي ذات“ پوءِ ته دنگ ٿيو. ڄام، راجه ته
مٿانس مورڇل پي جهلايو ”مورڇل مٿانس، هڻي تماچي
هٿن سين.“ پر نوري جي نوڙت ۾ ڪوبه فرق نٿي آيو.
مَئي مَڇيءَ ۾ هَٿڙا، ويٺي ڪري ورن
راءِ اڳهين رکي. مُهاڻيءَ ۾ من
تماچيءَ جن تن، ڳالهيون چَيس ڳُجهيون.
ڀٽائيءَرحه کي نوريءَ جي اها نَمَندِ
(هيٺيائين، .نوڙت) وڻي ٿي:
پَاٻوڙن پيش ڪيو نئون نوريءَ نيئي
حاضر هُيون هَڪيون، سَميون سَڀيئي
نَوازي نَيئي، گاڏي چَاڙِهي گندري.
”پاٻوڙو“ راجائن ۽ بادشاهن جي اڳيان ته ڪا به
حيثيت نٿو رکي پر مهاڻن لاءِ ته اها وڏي وٿ آهي.
نوريءَ اهائي مهاڻڪي وٿ ۽ سوکڙي بادشاهه کي پيش
ڪئي. ڇو جو نوريءَ کي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي مهاڻڪي
رهڪ تي ڪابه احساس ڪمتري ۽ ڪوبه ڪامپليڪس نه هو.
هن نڪو بادشاهه کي گلاب جو گل پيش ڪيو نه ئي ڪا
پنهنجي وسان (وس کان) ٻاهر اوچي چيز ڏني. هن اهائي
سوکڙي ڄام کي ڏني جيڪا سندس دسترس ۾ هئي ۽ وٽن اهم
۽ مانائتي هئي.
اهڙيءَ طرح پنهنجي ڀونءِ وارن کي ڪنهن به احساس
گهٽتائي ۾ نه رهڻ جي خواهش جو اظهار آهي سرڪاموڏ.
سرڪارايل ۾ پنهنجن اهڙن ماڻهن تي ڪاوڙ جو اظهار
ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي غلط قدمن جي ڪري پنهنجي ڏيهه
جي اهڙي صورت بنائين ٿا جتي ڪو به پرڏيهي اچڻ ۽
رهڻ لاءِ راضي نٿو ٿيئي.
سُرهو سَرُ وِڃائيو، ڪُوڙن ڪَانيرن
رُٺا روهه وَڃن، ڪنهن هِڻائيءَ کان هَنجڙا.
پنهنجي ڀونءِ سان پيار ڪرڻ وارو ماڻهو ٻي جي ڀونءِ
۽ وطن جو به احترام ڪندو آهي. ڇو جو هو پنهنجي
ڀونءِ جي هڪ هڪ جذبي ۽ ڪيفيت کان واقف هوندو آهي.
ڀٽائيءَ کي پرڏيهي پکين جو تمام گهڻو ڏک ٿيئي ٿو.
ڪارايل جي ڪوڏ، مون ڪنجهر سَڀُ نهاريو
وري واهيري نه وريا للا لاکيڻي لوڏ
هِينئين جن سين هوڏَ، سي هنجڙا سڀ هلي ويا.
اهڙي صورت ۾ ڀٽائيرحه ڄڻ پاڻ کي به
انهن هنجن جي جاءِ تي ويهاري پرکڻ لڳي ٿو ته،
پرڏيهي پکي ته جيڪي بچيا سچيا اهي پنهنجي وطن هليا
وڃن ٿا، جتي کين پناهه ۽ تحفظ ملي ٿو پر هتي جيڪي
اسين سڀ ڀونءِ واسي ماڻهو مرگهه پکي پکڻ وڻ وٽ
آهيون انهن لاءِ ته ڪو به پناهه ۽ تحفظ ڪونهي.
سو پکي سو پِڃرو، سو سَرُ سوئي هنج
پيهي جان پروڙيو، مون پانهنجو منجهه
ڏيل منهنجو ڏنجهه، سو ماري ٿو منجهه ڦري.
ڀٽائيرحه جي ڀون، جيڪا نهايت مهربان ۽
ٻاجهاري آهي ۽ سندس سڄاڻ ۽ سچيت ڀونءِ ڀاتي پڻ
ساڳيوئي جذبو پنهنجي ڀونءِ لاءِ رکن جيڪو ڀٽائيءَرحه
کي پنهنجي محبوب سنڌ ڏيهه سان هو ۽ انهيءَ حوالي
سان ساري عالم لاءِ هو.
سائين سدائين، ڪرين سنڌ مٿي سڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
(آمين) |