سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:12 

ڊي.اي.هومز

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي  

 

 

 

سنڌونديءَ جي هاڻوڪي تاريخ

 

هن مقالي ۾ فضائي تصوير ڪشيءَ ذريعي حاصل ڪيل شاهدين جي بنياد تي گذريل ٻن هزار سالن دوران مغربي پاڪستان جي اڳوڻي سنڌ جي علائقي وچان لنگهندڙ سنڌو نديءَ جي امڪاني وهڪرن جو هڪ خاڪو پيش ڪجي ٿو.

لوور انڊس پراجيڪٽ نالي هيءَ تحقيق
ويسٽ پاڪستان واٽر ائنڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي جي پاران هنٽنگ ٽيڪنيڪل سروسز لميٽيڊ ۽ سر مئڪڊونالڊ ائنڊ پارٽنرز ڪئي. هن تحقيق ۾ زمين جي قسمن ۽ مٽيءَ جي نمونن جا تفصيل تيار ڪرڻ لاءِ فضائي تصويرن کان وڌ ۾ وڌ مدد ورتي وئي. هي تصويرون 1:40،000 جي پيماني تي ورتيون ويون هيون. زمين جي تفصيلن تيار ڪرڻ جا طريقا لوور انڊس رپورٽ (1965ع) ۽ هومز ائنڊ ويسٽرن (ادبيات) ۾ ڄاڻايل آهن. هن وسيع علائقي جي مٽيءَ جا نمونا جيئن ته درياهه طرفان ويجهڙائيءَ ۾ ڇڏيل لَٽَ ۾ ملن ٿا، تنهنڪري هڪ اهم دستاويز طور، سنڌوءَ جي پراڻن وهڪرن جو نقشو تيار ڪيو ويو. اهو نقشو انهن مختلف وهڪرن جي تاريخ وار سلسلي ۽ مٽيءَ جي قسم توڙي آبپاشيءَ لائق زير زمين مٺي پاڻيءَ جي ڦهلاءَ کي سمجهڻ ۾ پڻ ڪارگر ثابت ٿيو.

لئمبرڪ (1964ع ۾) سنڌ جي طبعي جاگرافي بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ دستياب تاريخي ادب ۽ هن ميداني علائقي جي مٿاڇري جي طبعي صورتحال جي روشنيءَ ۾ درياهه جي امڪانِي تاريخ جي وضاحت ڪئي اٿس. ساڳئي سال ۾، پنهور زير زمين تازي پاڻيءَ جي ذخيرن مان درياهه جي اوائلي وهڪرن جو تعلق ڏيکاريو آهي. متقدمين جهڙوڪ ريورٽي (1892ع) ۽ هيگ (1894ع) اهو محسوس ڪرڻ کانسواءِ ته سطح زمين تي اڳوڻا وهڪرا ڪيتري قدر مٽجي چڪا آهن، گهڻي ڀاڱي درياهه جي اُنهن شاخن تي لازمي طور ڀروسو ڪيو آهي، جيڪي واضح نشانن جي صورت ۾ ان وقت نظر اچي رهيون هيون. هيءُ پهريون موقعو آهي جڏهن فضائي تصويرن ذريعي سنڌو نديءَ جي اوائلي وهڪرن جا نقشا تيار ڪيا ويا آهن. هن قسم جي مطالعي ۾ هنن تصويرن کي بيحد اهميت حاصل آهي. خاص ڪري اهڙي خشڪ آبهوا ۾ جتي لَٽَ جا نمونا نئين زمين جي ٺهڻ يا آباديءَ هيٺ اچڻ سبب پوشيده نه ٿيا آهن. هي تصويرون اڃان به وڌيڪ اهم آهن. دراصل، زمين جي ٻارابندي ۽ باضابطه آبپاشيءَ جي رواج کان اڳ، پوکيءَ جا نمونا زمين جي طبعي صورتحال تي ٻڌل هوندا هئا.

هتي انهن تاريخي شاهدين کي ورجائڻ جو ارادو ڪيل نه آهي، جيڪي لئمبرڪ اڳ ئي بحث هيٺ آنديون آهن. مصنف جو مقصد فقط اهي اضافي شاهديون پيش ڪرڻ آهي، جيڪي فضائي تصويرن ذريعي حاصل ٿيون آهن ۽ اهي مجموعي طور تي لئمبرڪ جي نظرين جي پُٺڀرائي ڪن ٿيون.



مجموعي طبعي جاگرافي
:

 

سنڌو ندي، ڪشمير ۽ ٿٻيٽ ۾ واقع هماليه جبل مان نڪري ٿي. اٽڪ وٽ
ڪابل ندي اُنهيءَ ۾ پوي ٿي ۽ مُنڍ کان ست سؤ ڪلوميٽر پري مٺڻ ڪوٽ جي مقام  تي ’پنجند‘

يعني پنجاب جون جملي پنج نديون اچي ساڻس ملن ٿيون. (نقشو 1) مٺڻ ڪوٽ کان هيٺ هيءَ ندي هڪ عظيم درياهه جي صورت ۾ سمنڊ ڏانهن اُڙهي ٿي.

 

 

 

اونهاري ۾ هن درياهه جو اخراج گهڻو ڪري ٽيهه هزار ڪيوبڪ ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار کي پهچيو وڃي ۽ آبڪلاڻيءَ جي چوٽ وقت آگسٽ جي مهيني ۾ لَٽَ جو مقدار ڏهه لک جزن پٺيان ٽي هزار تائين ٿئي ٿو.

زيرِ بحث خطي (سنڌ) ۾، سنڌوندي،
ڪشمور وٽان داخل ٿي ٿئي. اُتي اُها سطح سمنڊ کان ستر ڪلوميٽرن جي بُلنديءَ تي آهي ۽ اُتان سيلابي ميدان جي سطح، ڏکڻ طرف، سراسري يارهن سينٽي ميٽر في ڪلوميٽر جي حساب سان گهٽ ٿيندي رهي ٿي. هِنَ هيٺاهين سنڌوءَ جو ”ڪچو“ اڌ لک چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي والاري ٿو، جنهن جي اولهه ۾ بلوچستان جا جبل ۽ اُن جي ڪير (وٽ) سان ”ڪاڇو“ آهي ۽ اوڀر ۾ ”ٿر“ جون ”ڀٽون“ آهن.

”ڪچي“ جا سَنڌا ڏيکارين ٿا ته مُک درياهه هيٺاهينءَ ۾ پري تائين ڦهلجي ٿو وڃي. هي ايراضي ويجهڙائيءَ ۾ سندس اُٿل پُٿل جو خاص پٽو رهي آهي، ڪنڌيءَ سان اهي سَنڌا هيٺاهينءَ ڏانهن هيٺ ٿيندا ۽ ٻاهر نڪرندا نظر اچن ٿا، جن مان آڳاٽن وهڪرن جو پتو پوي ٿو. اُتر اولهه ۾ درياهه جي ڀِڪَ سان ”نارو“ خاصو نروار نظر اچي ٿو، جيڪو ”جيڪب آباد“ کان تقريباً سَر ڏکڻ هليو ٿو وڃي. هي ”نارو“ سنڌو نديءَ جي ”لٽاسي ميدان“ کي ”ڪاڇي“ جي وارياسي پَٽَ کان الڳ ڪري ٿو. انهيءَ ”ناري“ ۾ سنڌوءَ جو سيلابي پاڻي ۽ جبلن جون نيون جمع ٿين ٿيون، پر جابلو سلسلي جي ڇاڙُن سبب اڳتي هلي روڪجي وڃي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ”منڇر ڍنڍ“ وجود ۾ آئي آهي. ڏکڻ- اوڀر ۾، پاسي کان ساڳئي قسم جو نارو آهي، جنهن منجهان ”ناراندي“ (يا اڀرندي ناري) جو گذر آهي. انهيءَ جي پڻ ڪجهه شاهدي ملي ٿي ته درياهه جي لٽ جو مٿيون تهه اڀرندي طرف وهيو وڃيو ٿر جي ڀٽن هيٺ پوندو رهي ٿو.

ريورٽي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌو نديءَ جو مک وهڪرو ويجهي ماضيءَ ۾ هن ”ناري“ مان وهندو هو، جيڪو جمڙائوءَ جي مُنڍ کان ڏکڻ- اولهه طرف هوا جي رخ تي ڦهلجي ويندو هو، پر درياهه جا نقشا ئي انهيءَ خيال کي يڪي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. جديد دؤر جو ”نارا ڪئنال“ پراڻي نارا ندي [هاڪڙي] جي پيٽ مان وهي ٿو. ”نارا ندي“ ستلج يا اڃان به اوڀر پنجاب ۾ ”جمنا نديءَ“ مان نڪتل آهي. انهيءَ آڳاٽي سرشتي جا آثار بعد جا آهن. ڀانئجي ٿو ته اڳتي هلي ستلج ندي سنڌوءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪيو، جنهن ڪري اُڀرندو نارو [هاڪڙو] سُڪي ويو پر پوءِ به سنڌوءَ جي اُٿل جو پاڻي منجهس پوندو رهيو. ان کانسواءِ هن علائقي جي ڏکڻ- اوڀر ۾ سنڌوءَ جون ڪجهه مکيون شاخون ناري ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون.

هيٺاهين سنڌوءَ جي خطي ۾ ”ڪچي“ جا ٻه خاص قسم ملن ٿا: هڪ درياهي وَڪڙو، يا ٻُنگو، ۽ ٻيو بندن ۾ آيل ڪچو. وڪڙي جو ڪچو، خاص ڪري وچون پٽو والاري ٿو ۽ اصل درياهه جي پيٽ جا پراڻا ۽ هاڻوڪا نشان ظاهر ڪري ٿو ۽ منجهس ڪنڌين جا ويڪرا ڍير، ڦٽل شاخون ۽ درياهه جي وَڪڙن جا هلالي نشان نظر اچن ٿا.

آڳاٽي زماني ۾ مُک درياهه واديءَ جي ڇيڙن ۽ دوآبه تائين واهڙن ۽ ننڍن موسمي ڦاٽن ذريعي پاڻي پهچائيندو هو.

اهي واهڙ ۽ ڦاٽ وڪڙي جي بي بقا شاخن کان وڌيڪ جٽاءُ دار هئا، جيڪي وڪڙن جي نقش ۽ نگار ۽ درياهه جي ٻنڌين جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته بچاءُ بند لڳن ٿا. انهن واهڙن ۽ ڦاٽن سان بندن اندر ايندڙ ڪچي جي ايراضي وابسته آهي، جيڪا هيٺاهين ۾ ٻوڏ جي ڍري وهندڙ پاڻيءَ مان پيل ڀَلي لَٽ جي اُڀن تهن چڙهڻ سان ٺهي آهي. درياهه جي اوڀر ۾ اهڙي زمين جا پَٽا جيڪب آباد کان منڇر تائين ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾ ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي آسپاس توڙي دوآبه جي علائقي ۾ پکڙيل آهن.

شاخن جا نشان، جيڪي دوآبه جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جون خصوصيتون رکن ٿا، هن علائقي ۾ ڪافي اندر تائين موجود آهن. ممڪن آهي ته تاريخ جي دؤر ۾ دوآبه جو منڍ حيدرآباد کان اٽڪل 55 ڪلوميٽر اُتر- اوڀر ۾ هو، جنهن سبب هتي لَٽ تمام وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيندو رهيو آهي ۽ دوآبه جو علائقو اڳتي وڌندو رهيو آهي.

آڳاٽن وهڪرن جون حدون/ نشان:

فضائي تصويرن ذريعي معلوم ڪيل وهڪرا نقشي نمبر 2 ۾ ڏيکاريل آهن. جيئن ته هي نقشا ڪافي مختلف نوعيت جا آهن، تنهنڪري پهرين انهن جو بيان زماني جي لحاظ کان نه، پر علائقي وار ڪجي ٿو.

گهوٽڪي:

هي علائقو گُڊو ۽ سکر بئراجن جي وچ ۾ سنڌو نديءَ جي مٿئين پاسي، کاٻي ڪپ تي آهي. درياهه سان لڳ 15 کان 35 ڪلوميٽر ويڪرو ڪچو (گهوٽڪي وارو سيلابي ميدان) آهي، جيڪو سمورو پراڻن بچاءَ بندن جي مٽيءَ مان ٺهيل آهي ۽ منجهس ڦٽل شاخن جا هلالي نشان موجود آهن. اهي نشان نبستاً تازا آهن ۽ سندن گولائي موجوده درياهه جيتري آهي. هي هلالي نشان درياهه سان تقريباً پور- وڇوٽيءَ تي آهن ۽ سندن منهن اُتر- اولهه طرف آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته انهن جو تعلق موجوده درياهه جي اُٿل پُٿل سان آهي. ڏکڻ- اوڀر ۾ معمولي مٿانهينءَ تي هڪ ڪافي پراڻو ڪچو (خانڳڙهه جو سيلابي ميدان) آهي، جنهن کي گهوٽڪيءَ جي ڪچي کان ڌار ڪندڙ ٽن کان ساڍا چار ميٽر اتر- اولهه مُنهيون هلالي شڪل جون اُڀيون ٽَڪريون (خانڳڙهه جون ٽڪريون) آهن. خانڳڙهه جو ڪچو جيڪو سو سپاٽ ۽ بيڊولو آهي، ان جي پراڻين شاخن جا نشان سوڙها، تراکڙا ۽ گهٽ نروار ٿيل آهن. سندن وڪڙن جي گولائي موجوده درياهه کان گهٽ آهي ۽ ساڻس لاڳيتي پور- وڇوٽيءَ تي ناهي. ڀانئجي ٿو ته اهي شاخون ستلج سرشتي سان واسطو رکن ٿيون، جيڪو آڳاٽي زماني ۾ سڌو نارا ويلي (وادي) ڏانهن ويندو هو. بعد ۾ ستلج اتان اڳتي اتر ۾ سنڌو نديءَ سان ملي ويئي. ڏکڻ- اوڀر طرف اڳڀرو خانڳڙهه جو ڪچو جيئن پوءِ تيئن واريءَ جي ڀٽن سان ڀريو پيو آهي، پر انهن ۾ به ٻه ڇنڊڻيون ”ريڻي“ ۽ ”واهند“ نديون ڏکڻ- اولهه طرف هليون وڃن ٿيون، جيڪي نارا ويليءَ سان وڃي ملن ٿيون. مصنف هنن ڇنڊڻن جي مٿين ڀاڱن جون فضائي تصويرون نظر مان نه ڪڍيون آهن، پر لئمبرڪ جي چوڻ مطابق اهي اوڀر پنجاب ۾ ”گهگر نديءَ“ جي پيٽ سان ملائي سگهجن ٿيون. انهيءَ ڳالهه جو ڪافي ثبوت موجود آهي ته ”امبالا“ جي علائقي کان اڀرندي ناري وچان ويندي سمنڊ تائين هڪ الڳ درياهي سرشتو موجود هو، پر انهيءَ جي خشڪ ٿي وڃڻ جي زماني بابت صرف ڌڪو لڳائي سگهجي ٿو.

اُتر سنڌ جو ساڄو ڪپ:

ساڄي ڪپ تي ڪشمور کان ڏکڻ طرف سيوهڻ تائين گهڻن واضح درياهي وهڪرن جو پتو لڳائي سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي انهن جو پاڻ ۾ تعلق جو معاملو منجهائيندڙ آهي. ويتر هن علائقي ۾ سخت ٻوڏن اچڻ سبب انهيءَ مونجهاري ۾ اضافو ٿيو آهي. انهن وهڪرن مان ڪيترا بندن اندر هيٺ آيل ڪچي ۾ لٽجي ويا آهن ۽ انهيءَ ناري سان لاڳيتو آهن، جيڪو درياهه کي ڪاڇي جي سيلابي پٽن کان الڳ ڪري ٿو. اتان اتر ۾ جيڪب آباد وارو وهڪرو آهي، جيڪو ڪنڌڪوٽ وٽان هڪ منجهائيندڙ پٽي کان شروع ٿئي ٿو ۽ اولهه طرف وهندو هڪ وڏي واهڙ جي صورت ۾ جيڪب آباد جي ڀرسان پهچي ٿو، جتي ناري جي لَٽ ۾ ختم ٿيو وڃي. جيتوڻيڪ تصويرن ۾ تمام چٽو نظر اچي ٿو، تنهن هوندي به يقين آهي ته هي وهڪرو نسبتاً قديم آهي. هن جا نشان اتر طرف وسيع ايراضيءَ ۾ کُهري بناوت واري ذيلي طبقي جي صورت ۾ موجود آهن، (ذيلي طبقي مان هتي مراد ڏيڍ ميٽر کان ساڍن چئن ميٽرن جي اونهائيءَ ۾ سمجهڻ گهرجي.) خود هن شاخ جو پيٽ محفوظ رهيو آهي ۽ بعد ۾ آيل ٻوڏن سبب عملي طور کرڙجي ويو آهي.

هن شاخ جي ڏکڻ ۾ ”وڪڙي ڪچي“ جي وڏي ايراض آهي، جنهن ۾ وڏي عرصي تائين درياهه جي اٿل پٿل جي هڪ دؤر جو پتو پوي ٿو، پر اتي به ٻه مختلف درياهي وهڪرا نڪرن ٿا، جن کي ”شهدادڪوٽ وارو وهڪرو“ ۽ ”وارهه وارو وهڪرو“ چئجي ٿو. پهريون وهڪرو جيڪب آباد جي ڏکڻ- اولهه کان هيٺ شهدادڪوٽ تائين شاخن ۽ ڊٺل بندن جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ آخرڪار ناري ۾ گم ٿي وڃي ٿو. تنهن هوندي به وارهه جي اتر- اولهه ۾ هڪ وڌيڪ چٽو درياهي وهڪرو ملي ٿو، جيڪو اتر کان ڏکڻ طرف اٽڪل ٽيهن ڪلوميٽرن ۾ هيٺانهين ۾ وڃي دنگ ڪري ٿو. هن وهڪري مان سنڌو نديءَ جي خاص هلالي نشانن واري شاخ ۽ ”وڪڙي ڪچي“ جي ٻنڌين جا نمونا ظاهر ٿين ٿا. ڀانئجي ٿو ته هيءُ وهڪرو جيڪب آباد واري وهڪري جو سلسلو آهي يا ممڪن آهي ته شهدادڪوٽ واري وهڪري سان ملندو هجي، جيڪو وچ تي جابلو روڙيءَ پوڻ سبب لٽجي ويو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ الڳ درياهي سرشتي جي شاهدي ملي ٿي، جيڪو سنڌو نديءَ جي لٽاسي ميدان جي اتر اونهائين سنڌي جي چوگرد وهي وڃي ڏکڻ طرف ”منڇر ڍنڍ“ ۾ پوي ٿو، جيڪو هن وقت ”ڪاڇي“ جي اڳتي وڌي اچڻ سبب لٽجي ويو آهي.

”وارهه وارو وهڪرو“، ”شهدادڪوٽ واري وهڪري“ کان وڌيڪ چٽو آهي. هي وهڪرو رتوديرو کان مٿي هڪ ويڪري پٽي ۾ ڏٺو ويو آهي، جنهن ۾ ڊٺل بندن جا ڍير ۽ پراڻين شاخن جا واضح نشان نظر اچن ٿا. رتي ديري کان هيٺ نشان ميٽجي ويا آهن، جن ۾ صرف درياهي وڪڙ ملن ٿا، جن ۾ وچ تي زمين جي ڪنڊي ٺهڻ سبب ڍورا ٻن واهين ۾ ورهائجي ويا آهن ۽ قمبر جي اولهه ۾ ”ڊرگهه ڍنڍ“ واري اونهي شاخ باقي بچي آهي؛ تنهن هوندي به وارهه کان هيٺ وري هڪ دفعو هي وهڪرو چٽو ٿئي ٿو، جيڪو آخرڪار ناري جي تري ۾ پوريءَ طرح گم ٿي وڃي ٿو.

”ڪنڌڪوٽ وارو وهڪرو“ گهڻو تڻو هڪ ئي شاخ جي صورت ۾ آهي، جيڪا سوڙهي، اونهي ۽ ورن وڪڙن واري آهي. هيءَ شاخ ڪشمور کان وٺي، ڪنڌڪوٽ جي وچان ٿيندي، (جيڪو سندس ڪنڌيءَ تي آهي)، موجوده درياهه سان پور وڇوٽيءَ تي ڏکڻ طرف شڪارپور ڏانهن وڃي ٿي، جتي درياهه کيس ڪٽي ٿو.

اُتان ڏکڻ ۾ ”گهاڙ“ شاخ ۽ ”الهندي ناري“ جا ٻه پڌرا سيلابي واهه آهن. هاڻي انهن کي آبپاشيءَ جي جديد نظام هيٺ آندو ويو آهي. گذريل زماني ۾ اُهي سکر جي هيٺان سنڌو نديءَ کان ڌار ٿي تقريباً پور- وڇوٽيءَ تي وهندا هئا. انهن مان ”گهاڙ واهه“ لاڙڪاڻي وٽ ورُ کائي اولهه طرف وهي ٿو.

هي ٻئي شاخون هڪ عجيب منظر پيش ڪن ٿيون، جو لاڙڪاڻي جي سطح تائين ٻئي درياهه جي آڳاٽن وڪڙن مان وهن ٿيون ۽ پيچدار وهڪري هوندي به بند نٿيون ٻڌن. اُتان هيٺ اُهي نسبتاً سڌو سنئون وهڪرو وٺي پنهنجي ٺاهيل اوچن ۽ ويڪرن بندن اندر وهن ٿيون، جيڪي ٻاهرين پاسي درجي بدرجي وسيع سيلابي ميدان سان ملي وڃن ٿا. هنن ٻن واهن جو بنياد هڪ مسئلو آهي. جيتوڻيڪ ٻئي ظاهر ظهور قديمي آهن، تنهن هوندي به ايترو قديم نه آهن، جيترو گهڻو ڪري سمجهيون وينديون آهن.

هنن ئي ٻن واهن تي انهيءَ ڳتيل آباديءَ واري ساريال ضلعي جي لڳاتار سرسبزيءَ جو دارومدار آهي، جنهن کي اڪثر ”سنڌ جو باغ“ سڏيو وڃي ٿو. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هي واهه شروع ۾ قدرتي ڦاٽ هئا. تنهن هوندي به ماڻهن پنهنجي هنن واهن کي قائم رکڻ لاءِ يقيناً وڏا وس ڪيا آهن. هنن نه رڳو هڪ انتهائي بي بقا مک درياهه مان پنهنجو پاڻي حاصل پئي ڪيو آهي، پر انهيءَ سان گڏ هنن پنهنجي شاخن کي پڇڙيءَ وٽ لٽ کان آجو ۽ ڪنڌيءَ جي بندن اندر قائم رکيو آهي.

سنڌ ۾ گهڻو ڪري ڪنڌيءَ سان ننڍا بند آهن، جيڪي شاخن سان لاڳيتا ٿين ٿا ۽ مقامي سطح کان هي ڪنڌيون ڪافي اُتاهيون ۽ ڪلراٺيون هجڻ سبب آبادي جي لائق نه هونديون آهن، پر گهاڙ ۽ اُلهندي ناري جون ڪنڌيون عجيب آهن، جو اوچائيءَ ۾ اٽڪل ٽي ميٽر ۽ ويڪر ۾ اڪثر ٽن ڪلوميٽرن تائين هوندي به خوب آباديءَ هيٺ آيل آهن. توڙي کڻي ماڻهن پنهنجي واهن جي حفاظت ڪئي آهي ۽ الهندي نار جون ڪجهه ڀرتي ڪندڙ شاخون جن مان هڪ تي ”منڇر ڍنڍ“ واقع آهي، بنيادي طور هٿرادو آهن، تنهن هوندي به ڪنڌين تي لٽ جو پوڻ هڪ قدرتي عمل آهي. انهيءَ سلسلي ۾ تحريري ثبوت موجود آهن ته الهندو نارو وقفي وقفي سان ڪنڌين کان اُٿلي پوندو هو ۽ جن ساريال فصلن کي پاڻي پهچائيندو هو، انهن کي پاڻ وسيع ايراضيءَ ۾ ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندو هو. الهندي ناري واري شاخ جا نشان ڏکڻ طرف ملن ٿا، جيڪي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جهڪا ٿيندا وڃن ٿا ۽ سندس ڪنڌي ڀر واري نيڪر ۾ اچيو منڇر ڍنڍ تي پوري ٿئي ٿي.

گذريل صديءَ تائين ”الهندي ناري“ واري شاخ آبڪلاڻيءَ وقت پنهنجي پوري ڊيگهه ۾ جهاز رانيءَ جي قابل هئي. تنهن هوندي به تصويرن ۾ اهڙي ثابتي نٿي ملي ته هن حالت ۾ الهندو نارو موسمي ڦاٽ کان وڌيڪ ڪنهن اهميت وارو هو. ظاهر درياهي نشانن جي ڳولا ڪندي جيئن ڪجهه اوائلي محققن جو خيال رهيو آهي ته الهندو نارو درياهه جي ڪا اهم شاخ هئي، سو سراسر غلط آهي.

ڪافي زماني کان ”منڇر ڍنڍ“ پنهنجي آسپاس جي نارن ذريعي درياهه جي باقاعدي شاخن ۽ ڪچي توڙي ڪاڇي جي نئن جي ٻوڏ جي پاڻيءَ جو مرڪز رهي آهي. منڇر کي درياهه ۾ هڪ اوڪر آهي، جنهن کي ”اڙل واهه“ چئجي ٿو. هي واهه سيوهڻ شهر جي اُڀريل ٽڪريءَ کي چوگرد ڦري اچي ٿو. منڇر ڍنڍ وقفي سان اتر طرف ڪافي اڳتي وڌندي رهي آهي، جنهن سبب ويجهڙائي وارو هڪ وهڪرو جنهن کي ”دادوءَ وارو وهڪرو“ چئجي، سو گهڻي ڀاڱي غائب ٿي ويو آهي. دادوءَ جي اُتر ۾ ”وڪڙي ڪچي“ جهڙا آثار اڃان به موجود آهن. پر ڏکڻ طرف ساڳي سطح زمين تي اهي نشان فضائي تصويرن ۾ به مشڪل سان سڃاڻي سگهجن ٿا.

وچولي جو کاٻو ڪپ (خيرپور- نواب شاهه):

ڪوٽڏيجيءَ جي ٽڪرين ۾ جتي پٿر ۽ چوني جون اُڀيون قطارون سکر کان ڏکڻ طرف هليون وڃن ٿيون، اروڙ جي مختصر گهاٽي آهي، جنهن وچان هاڻوڪو ”نارا ڪئنال“، ”سکر بئراج“ کان نڪري وهي ٿو ۽ اڳوڻي ”اُڀرندي ناري“ کي پاڻي پهچائي ٿو. ”اروڙ جو پراڻو شهر“ هن گهاٽيءَ جي ڪناري تي آباد هو. هاڻوڪي سنڌو ندي سکر ۽ روهڙي جي ساڳي قسم جي البت ويڪري گهاٽيءَ وچان گذري ٿي. اڪثر ايئن سمجهيو ويو آهي ته اڳئين زماني ۾ سنڌو ندي ”اروڙ جي گهاٽيءَ“ وچان وهندي هئي، پر انهيءَ ۾ شڪ آهي. ڇاڪاڻ ته اها گهاٽي ايتري ويڪري نه آهي جو انهيءَ منجهان سڄو درياهه وهي هليو هجي ۽ فضائي تصوير ڪشيءَ مان ڪو اهڙو ثبوت نه مليو آهي جو ڏيکاري ته زماني قريب ۾ به ايئن ٿيو هوندو. تصويرون اهو برابر ڏيکارين ٿيون ته ٻوڏ جو پاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه زور سان انهيءَ گهاٽيءَ منجهان گذريو آهي. خيال ڪجي ٿو ته جڏهن اروڙ آباد هو، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ ٻوڏ جي موسم ۾ اُٿل جي پاڻيءَ جو اتان نيڪال ٿيندو هوندو.

گهوٽڪيءَ جي علائقي وانگر هتي به اڻ گهڙيل هلالي ٽڪرين جا سلسلا خيرپور جي اولهه کان شروع ٿي ”گمبٽ“ ۽ ”راڻيپور“ کان ٿيندا ”ڪانڊياري“ کان ڦرندا هاڻوڪي درياهه تي دنگ ڪن ٿا. پويان ڄاڻايل ٽي شهر بلڪل انهن ٽڪرين وٽ آهن، جن کي ”خيرپور جون ٽڪريون“ چئجي ٿو. گهوٽڪيءَ وانگر هتي به هنن ٽڪرين جي اولهه ۾ واقع ڪَچي جو علائقو، جنهن کي اولهه خيرپور جو ڪَچو چئجي ٿو، سو هلالي نشانن جي هڪ سلسلي تي مشتمل آهي، جنهن جو مُنهن اتر- اولهه طرف آهي ۽ هاڻوڪي درياهه سان پور وڇوٽيءَ تي آهي. خيرپور جو اُڀرندو ڪچو اوڀر ۾ هڪ وڌيڪ ابتدائي بلندي ٺاهي ٿو ۽ سندس خاص اهڃاڻ ”خيرپور وارو وهڪرو“ آهي جنهن کي عام طور تي ”لوهاڻو ڍورو“ سڏيو وڃي ٿو. اهو ڍورو يا پراڻو درياهي پيٽ خيرپور جي تقريباً ڏکڻ- اولهه ۾ اُڀي ٽڪري کان شروع ٿئي ٿو ۽ غالباً ساڄي ڪپ تي ”ڪنڌڪوٽ واري وهڪري“ جو سلسلو آهي، ڇاڪاڻ ته عام تشڪيل ۾ ساڻس بلڪل متشابهه آهي. اهو هڪ سوڙهو ۽ اونهو وهڪرو آهي، جيڪو هاڻوڪي درياهه جي مقابلي ۾ مضبوط وڪڙن سان اوچين وارياسين ڀٽن ۽ ڀڙن وچان ور وڪڙ ڏيندو ڏکڻ طرف سڪرنڊ طرف وڃي ٿو، جتي وري هڪ دفعو موجودهه درياهه تي وڃي دنگ ڪري ٿو. بلڪل هوبهو ساڳيو وهڪرو ساڻس تقريباً پور وڇوٽيءَ تي ڪانڊياري کان قاضي احمد جي اولهه ۾ آهي، جيڪو بظاهر ڪٿي به ساڻس ملي نٿو ۽ خيال ڪيو وڃي ٿو ته سندس گهڻو ڪي ٿورو همعصر آهي.

لاڙ جو کاٻو ڪنارو:

سڪرنڊ ۽ شهدادپور جي وچ ۾ درياهه جي تازي پيٽ کان مختصر طور تي وري ڪجهه اُڀيون ٽڪريون ڏيکاري ڏين ٿيون جن مان پروڙ پوي ٿي ته مٿي اُتر سنڌ ۾ ڪمزور ڀڪن کي درياهه جي پائيندڙ ڪرڻ وارو عمل ڏکڻ سنڌ ۾ برقرار نه رهيو آهي، نواب شاهه- شهدادپور وارو خطو هڪ منجهائيندڙ علائقو آهي ۽ سانگهڙ ۽ ساماري وارا وهڪرا جيڪي اُتان ظاهر ٿين ٿا، بعد جي وهڪرن جي تسلسل جي ڪنهن به هنڌ سان ملائي نٿا سگهجن.

”سانگهڙ وارو وهڪرو“ پهريون دفعو نواب شاهه کان اُتر- اوڀر ۾ اٽڪل ويهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳولي سگهجي ٿو، جيڪو ڏکڻ- اوڀر طرف ٿر جي ڀڪ سان وارياسين ٽڪرين جي وچان وهندو معلوم ٿئي ٿو. انهيءَ وهڪري ۾ لَٽيل دوآبي شاخن جون اُهي سڀ خصوصيتون ملن ٿيون، جيڪي ڏکڻ سنڌ ۾ نظر اينديون آهن، يعني ته شاخ سوڙهي آهي ۽ دائمي وهندڙ لڳي ٿي. (هن علائقي ۾ دوآبي جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جي اها خصوصيت آهي ته سندن وهڪري ۾ تبديليون اوچتو ۽ مڪمل طور تي ٿينديون رهن ٿيون. بجاءِ ان جي ته مکيه وهڪري جي پاسن کان عارضي سورَ پورَ سبب پيدا ٿينديون هجن.) اها دوآبي ڀرتي ڪندڙ شاخ سرزمين تي ڳولي نٿي سگهجي. پر فضائي تصويرن ۾ وهڪري جي نشانن جي سلسلي ۾ صاف نظر اچي ٿي. اها قديم آهي، شايد هنن علائقن ۾ نظر ايندڙ وهڪرن ۾ قديم ترين آهي ۽ اها ضرور ريگستان جي سينهه سان واقع واريءَ جي ٽڪرين کان آڳاٽي هوندي. سانگهڙ وٽ سر اوڀر ڦيرو کائي ٿي ۽ اُتي اولهه کان هڪ ننڍي ڀرتي ڪندڙ شاخ منجهس پوي ٿي ۽ اڳتي هلي اُڀرندي ناري سان ملي ٿي. پوئين سنگم کان ٿورو اڳ هيءَ شاخ وڌيڪ اونهي ۽ چٽي آهي. انهيءَ جهڙو نمونو جيڪب آباد واري وهڪري ۾ ملي ٿو. يقين ڪيو ٿو وڃي ته انهيءَ جو سبب ٻوڏ جي پاڻيءَ جو پائيندڙ وارو عمل آهي، جيڪو وادي جي جهلن وٽ وڪڙن مان وهندڙ وڌيڪ تيز وهڪري سان ملي سامهين کاڌ ڪري ٿو.

ٻيو وهڪرو جيڪو نواب شاهه ۽ شهدادپور جي منجهائيندڙ سيلابي وڪڙن مان ٿئي ٿو، سو آهي ”ساماري وارو وهڪرو“. بهمن آباد (برهمڻ آباد) جي آثارِ قديمه وٽ هي هڪ واضح شاخ جي صورت ۾ آهي. اتان هڪدم هيٺ ساڄي هٿ تي هڪ شاخ جو ٿورو پتو پوي ٿو، جيڪا ڏکڻ طرف وڃي ٿي. پر بعد ۾ پيل لٽ هيٺ ستت گم ٿيو وڃي ٿي. کاٻي هٿ تي واقع شاخ هڪ چٽي پِٽي ڀرتي ڪندڙ دوآبي شاخ آهي جيڪا ساماري کان سڌو ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ تي وڃي ٿي ۽ آخرڪار ڏکڻ کان اولهه طرف مڙي ڦٽل ڍوري ”باڊهڙي“ کان ٿيندي وڃي ناري ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، سانگهڙ ۽ ساماري وارا سنڌو نديءَ جا اُهي واحد مکيه وهڪرا آهن، جن ڏکڻ سنڌ ۾ ”اڀرندي ناري“ ۾ ڇوڙ ڪيو آهي. انت ڏکڻ- اوڀر ۾ نارو ”ڪڇ جي رڻ“ ۾ پوڻ کان اڳ ساڳي زمين جي سطح تي نمودار ٿئي ٿو ۽ ڏکڻ- اولهه طرف مختلف شاخن جي صورت وٺي ٿو.

هنن مشرقي ضلعن ۾ ڪچي جي زمين ايئن پکڙيل آهي جيئن اڳ ڄاڻايل دنگئي اونهائن علائقن ۾ آهي. هن ايراضيءَ ۾ لٽ جو پوڻ خصوصي طور تي دوآبي جي انداز وارو آهي، جنهن ۾ مکيه ڀرتي ڪندڙ شاخن مان موسمي سيلابي نالا نڪرن ٿا، جن مان هرهڪ کي پنهنجا بند يا ٻنڌيون آهن ۽ اُهي ڪچي جي تراين کي ٻوڙين ٿا. اهڙي هڪ ترائي ساماري جي اُتر ۾ آهي ۽ اُتي ٿورو اڳ تائين هڪ ڍنڍ جا نشان مليا ٿي، اها شاخ اڀرندي ناري ۽ ساماري واري وهڪري جي قدرتي طور مٿي ٿيل سطح سبب بند ٿي وئي. (سانگهڙ شهر جي اُتر ۾ پڻ ساڳي قسم جي هڪ ڍنڍ ناري ۽ سانگهڙ واري وهڪري جي وچ تي واقع هوندي هئي.)

ميرپورخاص، ڊگهڙي ۽ جهڏو جا شهر انهيءَ ڪچي واري بيحد وسيع ايراضيءَ ۾ اچي وڃن ٿا، جنهن جي اوڪر سوڙهي، پر ڪوريل ڍوري ”پراڻ“ مان هئي، جيڪو ساماري واري وهڪري جي سنگم (ميلاپ) کان هيٺ ناري سان وڃي ملي ٿو.

سرزمين تي نظر ايندڙ ٻين واضح شاخن جي عدم موجودگيءَ ۾ ”ڍورو پراڻ“ کي گهڻو ڪري سنڌو نديءَ جي اڳوڻي شاخ سمجهيو ويو آهي، تنهن هوندي به منجهس ڪنهن پراڻي درياهي وهڪري جون ڪي به خصوصيتون نٿيون ملن، ۽ صاف ظاهر آهي ته ان هڪ اوڪر جو ڪم ڏنو ٿي، جنهن ترائي جي سڀ کان هيٺاهين هنڌ کي پُر ڪيو ٿي ۽ سندس ڀرتي ڪندڙ شاخن ۾ آسپاس جي واهڙن مان پاڻي گڏ ٿي اچي منجهس پيو ٿي. عملي طور تي ”ڍورو پراڻ“ بذاتِ خود هڪ معاون درياهي نظام آهي، جنهن پڇڙيءَ ۾ لٽ ڇڏي ننڍا بند ٺاهيا آهن.

ان کانپوءِ ”شهدادڪوٽ وارو وهڪرو“ آهي جيڪو سڪرنڊ کان اٽڪل اَٺ ڪلوميٽر هيٺ هاڻوڪي درياهه مان نڪري ٿو ۽ شهدادپور جي اولهه ۾ ٽنڊو آدم جي اوڀر طرف ۽ ٽنڊو الهيار جي ڏکڻ ڏانهن ڏسي سگهجي ٿو. انهيءَ ۾ ساڳين اونهين ورن وڪڙن وارين شاخن ۽ پراڻن بندن جي پيل ڀراءَ واريون خصوصيتون ملن ٿيون، جهڙيون خيرپور واري وهڪري ۾ آهن ۽ شايد انهيءَ جو ئي هڪ سلسلو آهي.

”ٽنڊي الهيار“ جي ڏکڻ ۾ اهو وهڪرو وڌيڪ سوڙهو ٿئي ٿو ۽ جيئن پوءِ تيئن لٽيل آهي. اڳتي ٽنڊي غلام علي جي ڏکڻ ۾ اهو هڪ ڀرتي ڪندڙ دوآبي شاخ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، جتان ڏکڻ- اولهه طرف ورکائڻ شروع ڪري ٿو ۽ ”تلهار“ جي اولهه ۾ هليو وڃي ٿو. تلهار کان هيٺ ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، جن مان ساڄي طرف ”گولاڙچي شاخ“ ۽ کاٻي پاسي ”احمد راڄو شاخ“ آهي. ٻئي نمبر وار ”جاتي“ کان مٿي ۽ هيٺ ”سر ڪريڪ“ (کاهي) سبب ڪٽجي وڃن ٿيون. ايستائين اهي تقريباً اولهه طرف وهنديون رهن ٿيون، اهڙيءَ طرح ”شهدادپور واري وهڪري“ ۽ پوءِ ٻين گهڻن وهڪرن ”اڀرندي ناري“ کان پري دوآبي ۾ اولهه طرف ور کاڌو آهي. ٽنڊي غلام علي جي ڏکڻ- اوڀر ۾ ”ٽنڊي باگي“ جي آسپاس ننڍن موسمي نالن سان سٿي پئي آهي، جن مان گهڻا ”شهدادپور واري وهڪري“ مان نڪرن ٿا. ڪجهه ٻيا اڳڀرو اولهه طرف جي وهڪرن مان ڦٽا آهن. (دوآبي ۾ اهڙن موسمي نالن جو منظر اتر طرف ميرپور خاص ۽ سانگهڙ جي پاسي عام آهي.) اهڙو هڪ نالو جيڪو ”ٽنڊي غلام علي“ کان ڏکڻ- اوڀر طرف وڃي ٿو، اڳ ”الهندي پراڻ“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. جيئن ته ”شهدادپور وارو وهڪرو“ انهيءَ شهر کان هيٺ سطح زمين تي نظر نٿو اچي، تنهنڪري هن ننڍي واهيءَ کي ڪنهن سمي ايئن سمجهيو ويندو هو ته سنڌو ندي جو ڪو مکيه ڦاٽ آهي، جيڪا اها ڪڏهن به نه ٿي سگهي هوندي. گولاڙچي ۽ احمد راڄو شاخون 1953ع وارين فضائي تصويرن ۾ (زرعي ترقيءَ کان اڳ) صاف طور تي واهن جي سلسلي جي صورت ۾ نظر اچن ٿيون. پوئين شاخ ”احمد راڄو“ وٽ عارضي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي، ان جو هڪ حصو انهيءَ ڳوٺ جي وچان ۽ ٻيو ”ڳاڙهي“ منجهان ٿيندو وري اچي پاڻ ۾ ملن ٿا. هنن ڳوٺن وٽ هلڪيون ترايون ساڳيءَ سطح تي ڪلراٺي ميدان ۾ پنهنجي ساوڪ، سبزيءَ سبب عجيب لڳن ٿيون ۽ زمين جي مٿاڇري تي اهي ئي ثابتيون وڃي بچيون آهن، جيڪي ڏيکارين ٿيون ته هڪ وڏي درياهه جي هتان وهڻ سبب ڪنهن زماني ۾ هن خطي کي ڪيڏي نه خوشحالي نصيب ٿي هوندي.

جديد دور جي درياهه مان نڪرندڙ ٻيو وهڪرو نصرپور وارو آهي، جيڪو ”هالا“ کان هيٺ ڏکڻ- اوڀر طرف ”نصرپور“ کان ٿيندو ڏکڻ طرف ”ٽنڊي محمد خان“ ڏانهن وڃي ٿو ۽ اتان اڳتي ورڇجي وڃي، ساڄي ڪپ تي ”بُلڙي شاخ“ تي دنگ ڪري ٿو. کاٻي ڪپ تي ”گونگڙو شاخ“ ڏکڻ طرف وهي ٿي ۽ آهستي آهستي اولهه طرف ور کائي ”شاهه ڪپور“ رسي ٿي، اتي ورهائجي وڃي ٿي. هڪ شاخ سر ڏکڻ وهي ٿي ۽ ”جاتي“ کان گذري ”سر ڪريڪ“ (سر جي کاريءَ) ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ٻي شاخ ڏکڻ- اولهه طرف جاري رهي ٿي پر اوچتو بي تحاشا وڪڙن هيٺان اچي دٻجي وڃي ٿي. ”گونگڙو شاخ“ هڪ مثالي دوآبي نهر آهي، اها اڃا لٽجي نه وئي آهي ۽ سطح زمين تي چٽيءَ طرح نظر اچي سگهي ٿي. گذريل ڪجهه صدين ۾ جيئن عام طور تي ٿي رهيو آهي، ”گونگڙو شاخ“ مان به هڪ ننڍي سيلابي واهي سالم حالت ۾ رکي وئي آهي. بلڙي شاخ هڪ تنگ ڀرتي ڪندڙ شاخ بدران، ويندي ”دڙي“ تائين هڪ ويڪري پيچدار سيلابي ميدان جو ڏيک ڏئي رهي آهي. دوآبي جي ميدان ۾ آرپار اهڙن داخلي آثارن جي هيءَ پهرين حد دخلي آهي. ڪجهه ڦاٽ ”ٽنڊي محمد خان“ کان ڏکڻ- اوڀر وهن ٿا، خاص طور تي ”ريڻ ندي“ جيڪا ”بدين“ ۽ ”سيراڻي“
طرف وڃي ٿي.

لاڙ جو ساڄو ڪنارو:

دوآبي جا ساڄي ڪپ وارا وهڪرا چڱيءَ طرح معلوم آهن، تنهنڪري اهي فقط مختصر طور تي بيان ڪيا ويندا. ”ڪلري“ ۽ ”بگهاڙ“ بلڙي شاخ مان نڪرن ٿا، جيڪا انهيءَ خطي ۾ ورڇجي وئي آهي، جيڪو هاڻوڪي درياهه جي پيٽ ۾ آهي. ”بگهاڙ“ کي سالم حالت ۾ رکيو ويو آهي، پر ڪلري هاڻي زميني سطح تي ڪجهه قدر مٽجي وئي آهي. پراڻو ”لوهري بندر“ بگهاڙ جي منهن وٽ واقع آهي، پر سامونڊي ڪنارو ڪجهه هٽي ويو آهي، جنهن ڪري اها جاءِ هاڻي وير جي چڙهڻ واري حد اندر آهي. ”بگهاڙ“ جي ڏکڻ ۾ وڌيڪ پراڻن درياهي وهڪرن جا آثار ملن ٿا. خاص طور تي اهي جيڪي ”رِڇل کاريءَ“ سان تعلق رکن ٿا، اهي شايد ”بگهاڙ“ جا اڳوڻا وهڪرا هئا. ڪيتريون اوڪريون ”بگهاڙ“ جي مٿاهين ڀاڱي کان ڏکڻ- اوڀر طرف نڪري کاٻي ڪپ کان ٿينديون وڃي هاڻوڪي درياهه جي ڪيترين اوڪرن سان ملن ٿيون. سجاول جي ڏکڻ وارو علائقو اوڪرين سان ڀريو پيو آهي، جن مان وڏي ۾ وڏي اوڪر ”سَتو“ نالي آهي، جيڪا ”لاڏين“ کان هيٺ ور ڪري سَر اولهه پراڻي ”شاهبندر“ ڏانهن وڃي ٿي.

هاڻوڪي سنڌو ندي:

هاڻوڪي درياهه جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته هو ٻن گهاٽين مان گذري ٿو، جيڪي چُن ۽ پٿر جي ٽڪرين ۾ آهن. سکر وٽ هيءُ درياهه ڪوٽ ڏيجيءَ جي ٽڪرين جي اترين چوٽيءَ واري گهاٽي مان وهي ٿو ۽ حيدرآباد وٽ ”گنجي ٽڪر“ جي ڇاڙ جي اولهه ۾ آهي. هي ٻئي گذرگاهه هاڻوڪي دور جا آهن ۽ ٻئي اتي ٺاهيل بئراجن لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا. ”سيوهڻ“ کان ”ٺٽي“ تائين اڪثر ڊيگهه ۾ سنڌو ندي اونهائين ڪنڌيءَ تي پنهنجي واديءَ جي مٿاهين زمين سان ٽڪرائجي ٿي. سندس باقي وهڪري کي ٻنهي پاسن کان سانوڻيءَ جي ٻوڏين کي روڪڻ لاءِ بچاءَ بند تعمير ڪيا ويا آهن، جن مان اڪثريت موجوده صديءَ ۾ تعمير ٿيل بندن جي آهي.

انهن بندن سبب هاڻي انهن وسيع ٻوڏن جي روڪٿام ٿي آهي، جيڪي اڳي اتر سنڌ ۾ ڪجهه سال تباهي مچائينديون رهيون ۽ دوآبي جي علائقي ۾ انهن بندن سيلابي ڦاٽن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. چاڙهه جو پاڻي هاڻي هڪ وسيع آبپاشي نظام هيٺ ورهايو وڃي ٿو. خاص دوآبي ۾ ”اوچتو ندي“ جي واهي جيڪا اڳ هاڻوڪي درياهه جي ڀرتي ڪندڙ شاخ هئي، هاڻي بند ٿي وئي آهي ۽ سنڌو ندي هاڻي دوآبي واهيون ڪڍي نٿي سگهي، سواءِ اصل منهن جي ويجهو جتي وڏيون تبديليون اڃان به رونما ٿينديون رهن ٿيون.

سنڌو ندي جي اڳوڻن وهڪرن جو زمانو:

تقريباً ٻه هزار ق. م اڳ جڏهن ”سنڌو ماٿريءَ“ جي تهذيب اوج تي هئي، تڏهن سنڌو ندي ڪٿان وهندي هئي، ان بابت فضائي تصويرن مان سڌي طرح ڪو ثبوت فراهم ٿي نه سگهيو آهي. ڏاکڻي تخت گاهه ”موهن جي دڙي“ جا کنڊرات ”لاڙڪاڻي“ جي ڏکڻ ۾ موجود آهن، پر انهن جي موجود، سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ سان ويجهڙائي رڳو اتفاقي آهي. رڳو ايترو گمان ڪري سگهجي ٿو ته ”موهن جي دڙي“ جي باشندن پنهنجو شهر درياهه کان يا درياهه جي ڪنهن شاخ کان ڪو گهڻو پري نه اڏيو هوندو. لئمبرڪ تازو (1964ع ۽ 1967ع ۾) ”موهن جي دڙي“ جي تباهي بابت مختلف متا پيش ڪيا آهن.

سنڌو نديءَ جي پوين پُورن بابت اسان کي جو ڪجهه معلوم آهي، اهو ڏيکاري ٿو ته ڪنهن هڪ ضلعي جي خوشحالي انهيءَ سبب ڪجهه ناپائيدار قسم جي آهي جو ان جو بنيادي طور تي انهيءَ انوکي درياهه جي ويجهڙائيءَ تي دارومدار آهي.

سنڌ ۾ سنڌو نديءَ جو پهريون دستاويزي ثبوت يونانين فراهم ڪيو آهي، جن 326-325 ق. م. ۾ سڪندر اعظم جي اڳواڻيءَ هيٺ انهيءَ تي لهواري جهاز راني ڪئي هئي. انهن جا اتر سنڌ بابت بيان قدري مختصر آهن، جن ۾ بعد جي يوناني جاگرافيدانن اضافو ڪيو آهي. ڪنهن غير متوقع پهاڙي گهاٽي مان گذرڻ جو هنن ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي، جهڙوڪ سکر يا اروڙ واريون گهاٽيون ۽ قياس ڪيو ويو آهي ته سنڌو ندي ان وقت سکر کان اتر- اولهه طرف وهندي هئي. (نقشو نمبر 3)


 

تنهن هوندي به گمان آهي ته ”اروڙ“ اڳ ئي مقامي تختگاهه هو، جتان اتر- اوڀر جي ان زرخيز زمين جي پٽي تي حڪم هليو ٿي، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته خانڳڙهه جي ڪچي ۽ ريڻي- واهندو جي ايراضي ۾ واقع هجي. ٻيءَ صورت ۾ هيءَ ايراضي جيڪا هن وقت ريگستان آهي، سنڌو ندي جي کاٻي ڪپ واري ڪنهن ڀرتي ڪندڙ شاخ ذريعي آباد ٿيندي هئي، جيڪا اتر سنڌ سرحد جي ويجهو ورڇجي ويندي هئي ۽ اروڙ جي اوڀر مان لنگهي ”نارا ويليءَ“ طرف وهندي هئي.

سنڌو نديءَ بابت چيو وڃي ٿو ته هن ۾ ٻه وڏا ٻيٽ هئا: هڪ اتر ۾ ”پرسياڻي“ ۽ ٻيو ڏکڻ ۾ قدري ننڍو ٻيٽ ”پاتيل“. ڏکڻ سنڌ جو تختگاهه ”پٽالا“ دوآبي جي سري تي واقع آهي، يعني دوآبي جي ٻن مکيه شاخن جي ميلاپ جي ويجهو. ”سکر“ جي اولهه کان مکيه درياهه ضرور ”نواب شاهه“ جي طرف وهندو هوندو، پر هن وهڪري کي ڳولي لهڻ جي هاڻي ڪا اميد نه آهي. ”پرسياڻيءَ“ جو ٻيٽ شايد هڪ شاخ جي سبب ٺهيو هوندو، جيڪا تقريباً ”جيڪب آباد واري وهڪري“ جي لاهين سان هن ميدان جي اولاهين پاسي جي چوڦير وهندي هوندي. (هن وهڪري جي بچي ويل شاخ بعد جي ٻوڏين سبب مٽجي وئي آهي). اها ”منڇر ڍنڍ“ طرف وهندي هوندي ۽ نواب شاهه واري ايراضيءَ ۾ ٻيهر درياهه سان اچي ملندي هوندي. اتر- اولهه سنڌ ۾ هڪ وڏي ٻيٽ جو نمونو هڪ هزار سالن کان مٿي موجود رهيو، جيڪو پوءِ آهستي آهستي گهٽبو جيئن پوءِ تيئن ننڍو ٿيندو ويو ۽ ساڄي ڪپ جون شاخون وڌيڪ وچ ٿريون ٿينديون ويون.

هاڻوڪي سامونڊي ڪناري جي بيهڪ جيئن نقشي نمبر 3 ۾ ڏيکاريل آهي، تقريباً ساڳي آهي جيڪا لئمبرڪ سڪندر جي لشڪر جي دستاويزات مان واضح ڪئي آهي. ”پاتيل“ جو ٻيٽ دوآبي جي ٻن شاخن سبب ٺهيو هو، جنهن جي سري جي ويجهو ”پٽالا“ جو شهر واقع هو. ساڄي ڪپ واري شاخ جو محل وقوع فقط اندازي سان حساب لڳائي معلوم ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي علائقو بعد ۾ گهڻي عرصي تائين درياهي اٿل پٿل هيٺ رهيو آهي، تنهن هوندي به کاٻي ڪپ واري شاخ بابت ٻه امڪان ٿي سگهن ٿا. ساماري واري ۽ سانگهڙ واري وهڪري مان ڪو هڪ ٿي سگهي ٿو ته هن شاخ جي پيٽ مان وهندو هجي. لئمبرڪ جي خيال موجب نواب شاهه جي ڏکڻ واري ايراضي ۾ ”پٽالا“ جي واقع هجڻ جو امڪان آهي، ان جو مطلب هي آهي ته ”ساماري وارو وهڪرو“ جيڪو غالباً انهيءَ زماني کان هڪ هزار سال پوءِ قائم ٿيو ۽ جنهن تي بعد جو تختگاهه بهمن آباد (برهمڻ آباد) واقع هو، سو سڪندر جي زماني ۾ کاٻي ڪپ جي هڪ شاخ تي هو. تنهن هوندي به انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته ساماري وارو وهڪرو ايڏي ڊگهي عرصي تائين قائم رهيو هوندو ۽ خيال ڪيو وڃي ٿو ته ”سانگهڙ وارو وهڪرو“ جيڪو تازو فضائي تصويرن مان معلوم ڪيو ويو آهي، سو کاٻي هٿ تي هو، جيتوڻيڪ انهيءَ جو ڪو ثبوت يوناني دستاويزن ۾ نٿو ملي ته هيءَ شاخ وڌيڪ


 

اوڀارين ندي ناري سان وڃي ٿي ملي. هن شاخ جو ڇوڙ هڪ ڍنڍ يا سمنڊ جي هڪ ڇاڙ ۾ هو، جيڪا انت ڏکڻ- اوڀر ۾ ساڳي سنوَت واري ايراضيءَ جي شڪل سان ٺهڪي اچي ٿي. جيڪڏهن ”پٽالا“ ڪو مستقل شهر هو جيڪو ”نواب شاهه“ جي اوڀر يا اتر اوڀر ۾ واقع هو ته پوءِ ممڪن آهي ته اهو بچي ويو هجي، ڇاڪاڻ ته هيءَ ايراضي بعد ۾ درياهه جي اُٿل پُٿل ۽ تڪڙي لٽ جي ڀراءَ هيٺ نه آئي آهي. جيڪڏهن واقعي پٽالا ”سانگهڙ واري وهڪري“ جي لڳ ڀڳ هو ته پوءِ هاڻي به نواب شاهه جي اُتر- اوڀر ۾ شروع ٿيندڙ ٿر جي واري هيٺان لڀي سگهي ٿو. فضائي تصويرن جي وڌيڪ ڳوڙهي اڀياس جي ضرورت آهي ته جيئن ڪوشش ڪري ”پٽالا“ کي نروار ڪجي ۽ انهن درياهي وهڪرن جو بنياد معلوم ڪجي، جيڪي هن ايراضيءَ مان نڪرن ٿا.

عربن جي فتح:

ممڪن آهي ته ڪنڌڪوٽ، خيرپور ۽ شهدادڪوٽ وارا وهڪرا جيڪي هڪ ئي درياهي شاخ جون ڊگهايون هيون، اوائلي اَٺين صدي ۾ عربن جي فتح وقت خود مک درياهه هئا، (نقشو نمبر 4) ان وقت سنڌو ندي ”ديهات“ وٽان پار ڪئي وئي هئي، جنهن جي باري ۾ يقين ڪيو ٿو وڃي ته هاڻوڪو ڳوٺ ”ديهات“ آهي، جيڪو ”خيرپور واري وهڪري“ جي ڪنڌيءَ تي ”ڪنڊياري“ لڳ واقع آهي، اڳڀرو ڏکڻ طرف ”نيرون“ (هاڻوڪي حيدرآباد جي سرزمين) درياهه کان گهٽ ۾ گهٽ 25 ڪلوميٽر اولهه ۾ واقع هو. اونهاري ۾ ”سيوهڻ“ ٽن طرفن کان پاڻي سان گهيريل هو ۽ ”اڙل واهه“ وهندو هو. منڇر ڍنڍ کي شايد پهريائين ”شهدادڪوٽ واري وهڪري“ مان پاڻي ملندو هو، جيڪو بعد ۾ ”وارهه واري وهڪري“ مان ملڻ لڳو. انهن واهن جي ويڪر ڏيکاري ٿي ته اهي سيلابي وهڪرن کان وڌ سنڌو نديءَ جون مکيه دائمي وهندڙ شاخون هيون.

اهو ممڪن آهي ته ان وقت ”اڀرندو نارو“ وهندو هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ سندس هاڻوڪي گهاڙيٽي سان ملندڙ جلندڙ شڪل ۾ ته يقيناً تڏهن موجود نه هوندو. ”اڙل شاخ“ مکيه درياهه سان موجودهه درياهه جي ساحلي علائقي ۾ ”شهدادڪوٽ واري وهڪري“ جي منڍ کان مٿي ڪنهن هنڌ وڃي ملي هوندي. جيڪڏهن اهو مفروضو درست آهي ته ”شهدادڪوٽ وارو وهڪرو“ ”لاڙ“ ۾ مکيه درياهه هو ته اهو سمجهڻ واجبي ٿيندو ته ”ديبل بندر“ جتي عرب فوج اچي لٿي هئي، سو انهيءَ وهڪري واري ”گولاڙچي واهه“ جي توسيع ۾ ڪنهن هنڌ تي واقع هو ۽ اهو وهڪرو فقط ”جاتي“ تائين ڳولي سگهجي ٿو. ان مطابق ديبل ”مڪلي ٽڪريءَ“ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪنهن هنڌ ٿي سگهي ٿو، پر دوآبي ۾ ايترو لٽ پئجي ويو آهي جو گمان گذري ٿو ته ”ديبل“ جا آثار ڪڏهن به ملي نه سگهندا. ”احمد راڄو“ ۽ ”ڳاڙهي“ جا ڳوٺ ضرور انهيءَ زماني ۾ وجود ۾ آيا هوندا.

”لاڙ“ ۾ کاٻي ڪپ وارين شاخن جو پاڻ ۾ لاڳاپو وڌيڪ منجهائيندڙ آهي. هندو شهر ”بهمڻ آباد“ (جنهن جي بنيادن تي مسلمانن جو شهر منصوره اڏيو ويو هو) ”سامارو وهڪرو“ جي مٿاهين ڀاڱي ۾ واقع آهي، تنهن هوندي به عربن جي تحريرن ۾ ڄاڻايل ندين، جهڙوڪ: ڪوتڪ، مانجهل ۽ جلوالي کي نروار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مطالعي جي ضرورت آهي. جيتوڻيڪ شهدادپور ۽ سامارو وارا وهڪرا گهڻو ڪري همعصر هئا، تنهن هوندي به پهريون پوئين جو جانشين آهي. ثبوت موجود آهي ته ”ساماري واري وهڪري“ مان بهمن آباد کان هيٺ ساڄي هٿ تي هڪ شاخ نڪرندي هئي، پر ٿورو اڳتي انهيءَ جا نشان ڊهي ويا آهن. وڌيڪ چئي سگهجي ٿو ته ”ڍورو پراڻ“ ان وقت دائمي وهندو هوندو. اهڙيءَ طرح درياهه جون ڪيتريون شاخون هيون، جيڪي عرب سپاهين کي پار ڪرڻيون پيون هونديون. ”ديبل“ پهچڻ کانپوءِ هنن کي سنڌو ندي (گولاڙچي شاخ؟) پار ڪري ”ٻيٽ“ پهچڻو هوندو. ”راوڙ“ جي قلعي تي قبضي ڪرڻ کان اڳ هنن کي پاڻي جي ٻن وهڪرن کي پار ڪرڻو هو. ٻئي وهڪري کي ڊڍُ- واهه (احمد راڄو شاخ) ڪري ڄاڻايو ويو آهي. ”راوڙ“ کان ”بهمڻ آباد“ تائين واٽ تي ٻه وڌيڪ قلعا فتح ڪيا ويا، جن جا نالا ”بهرور“ ۽ ”ڍاليلا“ هئا.

انهن قلعن جي ممڪن محل وقوع بابت تلهار، ٺري ۽ ميرپورخاص جا نالا ورتا وڃن ٿا. ”ڍاليلا“ ”مانجهل ندي“ جي ويجهو هو، جيڪو ممڪن آهي ته ”ڍورو پراڻ“ يا ”ساماري وارو وهڪرو“ هو. جيڪڏهن ڍورو پراڻ هو، جنهن بابت ڄاڻايل آهي ته ننڍو درياهه هو، ته پوءِ ساماري وارو وهڪرو ”جلوالي“ سمجهڻ گهرجي، جيڪو بهمن آباد (جنهن شهر جا کنڊر هڪ واضح شاخ جي الهندي ڪپ تي ڏيکاريل آهن) جي اوڀر ۾ ڄاڻايل آهي. تنهن هوندي به وڌيڪ مطالعي کانسواءِ هنن ندين جو پاڻ ۾ لاڳاپو رڳو اندازي تي ٻڌل ٿي سگهي ٿو.

”ساماري وارو وهڪرو“ امڪان آهي ته آهستي آهستي سڪي ويو هوندو، پر ڏکڻ- اوڀر سنڌ پوءِ به سرسبز رهي هوندي، جنهن کي شهدادپور واري وهڪري (مثال طور الهندي پراڻ) مان پاڻي ملندو هوندو ۽ ان وقت ”اڀرندي ناري“ ۾ اڃان پاڻي وهندو هوندو.

اسلامي دؤر:

هن دؤر جي عربي ڪتابن ۾ تيرهين صدي عيسويءَ ڌاري رونما ٿيندڙ جاگرافيائي تبديلين جو غير جانبداريءَ سان ذڪر ڪيل آهي. لئمبرڪ جي خيال موجب اهي تبديليون درياهه جي هڪ اڪيلي وڏي وهڪري مٽائڻ سبب آيون. فضائي تصويرن مان انهيءَ جي مضبوط شاهدي ملي ٿي ته واقعي هڪ زبردست آبي تبديلي آيل آهي، جنهن سڄيءَ سنڌ ۾ دُور رس اثر ڇڏيا آهن. دستاويزي ذريعن مان اشارو ملي ٿو ته اهڙي تبديلي تيرهين صدي عيسويءَ جي شروعاتي سالن ۾ آئي. انهيءَ تبديليءَ جا سبب قياسي آهن. ڪِن جو خيال آهي ته ان وقت ”ستلج ندي“ هڪ الڳ درياهه جي شڪل ” ناري“ جي پيٽ مان وهندي هئي ۽ سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. جيڪڏهن بعد ۾ ”ستلج“ پنهنجو وهڪرو ڇڏي ”سنڌو تاس“ ۾ ملي وئي ته يقيناً انهيءَ ڪري اهي تبديليون آيون هونديون. پر لئمبرڪ کي پڪ آهي ته مغربي پنجاب ۾ ”ستلج“ جو ”بياس“ سان ۽ اُتان اڳتي ”سنڌوءَ“ سان ميلاپ سڪندر جي زماني کان اڳ عمل پذير ٿيو هو. سمجهڻ گهرجي ته ”ستلج“ ۽ ”سنڌوءَ“ جي موسمي اُٿل سبب ”نارو“ وهندو رهيو ۽ بعد ۾ آيل ٻوڏن جي پاڻي هاڻي سڪي ويل ”گهگر شاخ“ مان رستو ٺاهيو، جيڪو ستلج- نارا سرشتي جو يادگار آهي. ٻي طرح ايئن ٿي سگهي ٿو ته ”نارو“ واقعي ”سنڌوءَ“ جي هڪ خاصي وڏي شاخ هئي، جيڪا سکر کان گهڻو مٿي کانئس الڳ ٿيندي هئي. بهرحال ”اروڙ“ اڃان آباد هو ۽ سندس آباديءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي هو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ذريعي مان ملندو هو. خود گهاٽيءَ مان هڪ ڦاٽ ذريعي اهو پاڻي هيٺ ”ناري“ ۾ وڃي پوندو هو. گهٽ ۾ گهٽ سن 1742ع تائين ”ناري“ تي ويندي ”عمرڪوٽ“ کان هيٺ سوڌو جهاز راني ٿيندي هئي، پر يقيناً انهيءَ جو سبب درياهه جي اُٿل هئي، ڇاڪاڻ ته 1525ع ڌاري ”بهاولپور“ جي ڏکڻ ۾ ”ديراوڙ“ وٽ ”پراڻي ستلج“ جي آسپاس سڄو علائقو هڪ مڪمل ريگستان هو.

جيڪڏهن فرض ڪجي ته ”ستلج سرشتي“ ۾ آيل تبديليون گهڻو آڳاٽيون آهن ته پوءِ هيٺ ڏنل تبديلين جا ڪي ٻيا سبب ڳولڻا پوندا. ڏٺو ويو آهي ته سَري (اُتر سنڌ) ۾ هيل تائين سنڌو ندي پنهنجي ٻن خاص وڏين شاخن (وارهه واري وهڪري ۽ ڪنڌڪوٽ- خيرپور واري وهڪري) منجهان وهندي رهي آهي. اُتر سنڌ سرحد وٽان هنن وهڪرن جو پاڻ ۾ ملي هڪ درياهه ٿي وهڻ، جيئن موجودهه وقت آهي، آيل تبديلين جو هڪ ڪافي وڏو سبب بڻيو هوندو. فضائي تصويرن جي متبادل ذريعي منجهان شاهدي ملي ٿي ته ”ٿل“ [پنجاب] جي ريگستان کان هڪدم هيٺان سنڌو ندي وڌيڪ اوڀارو رخ اختيار ڪيو (نقشو نمبر 1). اهڙي وهڪري جيڪڏهن سنڌو ندي جو سمورو پاڻي ڇڪيو ٿي ته سنڌ- پنجند جي گڏيل پاڻيءَ ڏکڻ- اوڀر طرف ڇڪ ڪئي هوندي ۽ سنڌ منجهان هڪ بلڪل نئون رستو ٺاهيو هوندو.

”خانڳڙهه جون ٽڪريون“ گهوٽڪيءَ جي ايراضيءَ ۾ اهڙي درياهه جي ٺاهيل رستي تي واقع آهن، سنڌ ۾ جيڪي تبديليون رونما ٿيون، سي هيٺينءَ ريت آهن:

(1) هڪ ئي ٻيٽ مان هيڪاندو پاڻي اُڙهڻ سبب، درياهه خانڳڙهه ۽ اوڀر- خيرپور واري ڪچي جي ايراضيءَ کي ڪجهه مٿاهين حالت ۾ ڇڏي، پنهنجي اڳوڻي ڪچي ۾ پائيندڙ ڪري ڪاهي پيو ۽ خانڳڙهه ۽ خيرپور وارين ٽڪرين جي دامن ۾ وهڻ لڳو. هڪ يا ٻن جاين تي درياهه واقعي پراڻي ڪچي جي ايراضيءَ ۾ پائيندڙ ڪئي، جنهن ڪري ٽڪرين کان پرڀرو مٿاهين زمين جا ڪجهه حصا ”ٻيٽ“ بنجي ويا. خانڳڙهه جي ٽڪرين وٽان ”ميرپور ماٿيلي“ جي قديم بستي اهڙي هڪ ٻيٽ تي آباد هجڻ سبب قائم رهجي وئي. بعد ۾ هِنن ٽڪرين جي سلسلي سان ”گمبٽ“، ”راڻي پور“ ۽ ”ڪنڊيارو“ جا شهر اڏيا ويا.

(2) وڌيڪ ويڪري درياهه جي بندن جو انداز بدليو. اڳوڻا وهڪرا سوڙهين شاخن ۽ اُتاهن بندن مان جيڪي سو گهٽ گولائي ۾ مڙندا هئا. نئون درياهه جيئن ته وڌيڪ ڪشادو هو، تنهنڪري وڪڙن ۾ سندس گولائي به وڌيڪ موڪري ٿي، ۽ درياهه جو رخ مستقل نه رهي سگهيو. اُڇلايل لٽ جا بند اهڙا وڏا نه آهن ۽ پاسن کان پيٽ مٽائڻ سبب نئين درياهه پٺيان هلالي شڪل جي ڪشاده نشانن جا سلسلا ڇڏيا آهن.

(3) سکر وٽ، درياهه پٿر ۽ چوني جي ٽڪرين جي گهاٽيءَ وچان اُڙهي هليو، ۽ سکر کان هيٺ پنهنجي پراڻي ”ڪنڌڪوٽ- خيرپور واري وهڪري“ کان اُڪري ويو. ”سکر جي گهاٽيءَ“
۾ ”بکر“ جي ٻيٽ، ”اروڙ جي گهاٽي“ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم تخت گاهه ”اروڙ“ جي ڦٽي وڃڻ سبب اهميت حاصل ڪئي. ”اروڙ“ کي جنهن ذريعي مان پاڻي ملندو هو سو باقي نه رهيو. (جيتوڻيڪ تصويرون ڏيکارين ٿيون ته بعد ۾ مندائتي ٻوڏ جو پاڻي اُتان لنگهندو رهيو آهي.) درياهه جو پورو وهڪرو گهڻو ڪري 1252ع ڌاري ۽ يقيني طور تي 1333ع کان اڳ ”سکر واري گهاٽيءَ“ وچان جاري ٿيو هو ۽ اُنهي وقت [يعني 1333ع ۾] ”بکر“ جي ٻنهي پاسن کان اُڙهو ٿي.

(4) اڳتي ڏکڻ طرف آيل تبديليون وڌيڪ بتدريج ٿيون هونديون. مک درياهه ”نصرپور وارو وهڪرو“ اختيار ڪيو ۽ ”شهدادپور وارو پيٽ“
مٽائي ويو. پوءِ به آبڪلاڻيءَ جو ڪجهه پاڻي
”سانڱرا“ ۽ ”اُلهندي پراڻ“ جي شاخن مان وهندو رهيو. ”اُلهندي پراڻ“ واري شاخ ڏکڻ- اوڀر طرف ورڻ کان اڳ ”ٽنڊو غلام علي“ جي هيٺان وهندي هئي. غالباً اُنهيءَ زماني ۾ لاڙ جي سومرن پنهنجو تخت گاهه ”شهدادپور واري وهڪري“ سان ”ٽنڊو غلام علي“ لڳ واقع ”ٺري“ مان ”نصرپور واري وهڪري“ جي ”گونگڙو شاخ“ سان لڳ موجوده ڳوٺ ”شاهه ڪپور“ جي ويجهو ”محمد طور“ ڏانهن منتقل ڪيو، جيڪو شهر تيرهين صدي [عيسوي] جي پڄاڻيءَ کان اڳ اوج تي رسي چڪو هو.

(5) سنه 1333ع کان اڳ ”ديبل بندر“ جي جاءِ ”لاهري بندر“ والاري، جيڪو بعد ۾ شايد ”لاهوري بندر“ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ”بگهاڙ شاخ“ جي مُنهن وٽ واقع هو.


 

(6) ڏکڻ- اوڀر سنڌ (شهدادپور، ميرپورخاص، ٽنڊو باگو) ۾ ويراني اچي ويئي، جتي اڳ درياهه جي اُٿل تي خوب آبادي ٿيندي هئي. اُنهيءَ جي جاءِ تي، لاڙڪاڻي جو علائقو وڌيڪ سرسبز ٿيو. غالباً اُنهي زماني ۾ ”اُلهندي ناري“ ۽ ”گهاڙ“ پنهنجي ڊگهي تاريخ جي شروعات ڪئي. هيءَ ڀلي ساريال ايراضي وقت گذرندي ”سنڌ جو باغ“ بنجي ويئي. پوءِ به ”نصرپور واري وهڪري“ جا ڪجهه ڦاٽ ڏکڻ- اوڀر طرف پاڻي پهچائيندا هئا، جن ۾ ”اُلهندي پراڻ“ ۽ ”ريڻ ندي“ خاص آهن، جيڪي ”بدين“ طرف وهنديون هيون.


پوين صدين ۾ درياهه جو پيٽ وڌيڪ درجي بدرجي مٽبو رهيو. نقشي نمبر 5 ۾ سورهين صدي عيسوي ڌاري سنڌو نديءَ جو امڪاني وهڪرو ڏيکاريل آهي. درياهه بتدريج پاسي کان پنهنجو پيٽ اُتر- اولهه
طرف مٽايو ۽ خانڳڙهه توڙي خيرپور وارين ٽڪرين کان پري نڪري ويو. انهيءَ ڦيرڦار سبب ”اُلهندي ناري“ ۽ ”گهاڙ“
کي ملندڙ پاڻي روڪجي ويو هوندو ۽ ماڻهن انهن شاخن کي قائم رکڻ لاءِ هٿ پير هلايا هوندا. اهوئي سبب آهي جو هنن شاخن جون رڳو هيٺيون ڪنڌيون اُتاهيون آهن. مٿئين حصي ۾ پيچدار شاخون هاڻوڪي ٺاهيل وڪڙي وچان لنگهيو وڃن. اڳڀرو ڏکڻ ۾ درياهه پنهنجي هاڻوڪي وهڪري کان ٽپي ”دادوءَ واري وهڪري“ سان سيوهڻ طرف هليو ويو. [لئمبرڪ ڄاڻايو آهي ته: ”جڏهن شهنشاهه اڪبر خان خانان کي ڏکڻ سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو (92-1591ع)، تڏهن لڳي ٿو ته سيوهڻ کان مٿي سنڌو ندي سندس هاڻوڪي وهڪري کان اولهه طرف وهندي هئي ۽ ”پاٽ“ ۽ ”ٽلٽي“ سندس کاٻي ڪپ تي هئا. ”سيوهڻ“ سان لڳ وهندي، ”لڪيءَ“ کان نسبتاً اوڀر طرف لاڙو ڪري ”نصرپور“ ڏانهن ويندي هئي. مترجم بحواله {H.T. Lambrick, “Sindh, “A- General Introduction” S.A.B. III Ed’. 86 p. 189.]. خانڳڙهه وارا مٿاهان پٽ ۽ خيرپور جو اُڀرندو ڪچو گهڻي ڀاڱي غير آباد ٿي ويا. پوءِ به آبڪلاڻيءَ جو ڪجهه پاڻي خانڳڙهه جي ٽڪرين سان ٽڪرائجي ”اُڀرندي ناري“ ۾ وڃي پوندو هو ۽ خيرپور وارو پيٽ هڪ ڦاٽ جي صورت ۾ قائم رهيو، تنهن هوندي به ساڄي ڪپ تي جيئن درياهه پنهنجو پيٽ مٽايو، تيز سيلابي وهڪرو زور وٺندو ويو ۽ انهيءَ سان پراڻين شاخن، جهڙوڪ: جيڪب آباد، وارهه ۽ ڪنڌڪوٽ وارن وهڪرن جي قائم رهڻ ۾ مدد ملي.

سورهين صدي [عيسويءَ] جي پڄاڻي ڌاري، ”وچولي“ ۾ هڪ شاخ جو احوال ملي ٿو، جنهن کي سانڱرا سڏيو ويو آهي. اها شاخ ”سانڱرا“ واهه جي صورت ۾ اڃا موجود آهي. هن شاخ انهيءَ زماني ۾ لڳل هڪ لڙائيءَ ۾ خاص اهميت حاصل ڪئي هئي. هيگ انهيءَ خيال کي رد ڪري ٿو ته هيءَ شاخ هڪ ڌار درياهي وهڪرو هو، جيڪو سڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، پر تصويرون ڏيکارين ٿيون ته سچ پچ ايئن هو. شايد ”اُلهندي پراڻ“ به هن شاخ مان نڪرندي هئي، ڇاڪاڻ ته ”سانڱرا“ کان پوئتي ”نصرپور واري وهڪري“ تائين ميلاپ جا نشان نه ٿا ملن.

[لئمبرڪ پڻ ڏيکاريو آهي ته ”ڊيلٽا جي اڳوڻي علائقي ۾، جيڪو حيدرآباد کان ٿورو هيٺ ڏکڻ ۾ شروع ٿئي ٿو، جيڪي مکيه واهه- جهڙوڪ: ڪلري، بگهاڙ، پنياري ۽ ستو هئا، تن بابت اهو عام مشهور آهي ته اُهي ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ سنڌو نديءَ جا سمنڊ ۾ مکيه ڇوڙ هئا.“ ڏسو ايڇ- ٽي لئمبرڪ: سنڌ: هڪ عام جائزو، سنڌيڪار: سليم احمد، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو سال 1982ع، صفحو 44. مترجم].

ڏکڻ سنڌ ۾، ٺٽو، چوڏهين صدي [عيسويءَ] ۾ تختگاهه بڻيو. هي شهر ”مڪليءَ جي ٽڪريءَ“ تي آهي، جيڪا اُنهيءَ زماني ۾ ”ڪلري“ ۽ ”بگهاڙ“ شاخن جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ جي صورت ۾ هئي. ”گونگڙو“ شاخ شايد آهستي آهستي سُڪندي وئي ۽ 1519ع ۾ مک وهڪرو ”ڪلري“ مان لنگهيو ٿي، جيڪو بعد ۾ ”بگهاڙ“ مان گذرڻ لڳو.

تازو زمانو:

سنڌو نديءَ جي وهڪري ۾ تازو آيل تبديليون چڱيءَ طرح قلمبند ڪيل آهن. آخري وڏي تبديلي 59-1758ع ڌاري آئي، جڏهن درياهه ”حيدرآباد“
۽ ”گنجي ٽڪر“ جي اولهه ۾ پنهنجو هاڻوڪو وهڪرو اختيار ڪيو ۽ ”نصرپور وارو وهڪرو“
ترڪ ڪيائين.

سنه 1768ع ۾ اڳوڻي ”نيرون“ جي سرزمين تي اڏيل ”حيدرآباد“ کي تختگاهه بنايو ويو. نتيجي ۾ ڏکڻ- اوڀر سنڌ اڃا به وڌيڪ ويران ٿي ويئي. ويتر ”اُڀرندي ناري“ مان ملندڙ پاڻيءَ ۾ وڌيڪ کوٽ سبب ويراني وڌڻ لڳي. ”ڦليلي“ جي سَوَلي ڦاٽ البت صورتحال کي سنڀالي ورتو. ”گنجي ٽڪر“ جي اُڀرندي ڪير سان وهندي، هيٺ ڀرو وڃي، ”ڦليليءَ“،
”پراڻي ريڻ“ نديءَ جو پيٽ والاريو. ”گنجي ٽڪر“
جي ڏکڻ ۾ اٽڪل سنه 1819ع تائين درياهه ”بگهاڙ“
کان هيٺ پنهنجو پراڻو وهڪرو جاري رکيو، جيڪو لٽجڻ شروع ٿيو. مُک درياهه پوءِ پنهنجي پراڻي ”سَتو“ شاخ مان رستو ٺاهيو (نقشو نمبر 2). ”چوهڙ جماليءَ“ وٽ هِنَ درياهه اولهه طرف وَرُ ڪري ”اوچتو شاخ“ وٽان وڃي ”ڪيٽي بندر“ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو. ٻيو ڦاٽ ”پنياريءَ“ جو هو. هِن وهڪري ”ٺٽي“ کان مٿي کاٻي ڪناري کان نڪري اڳوڻي ”بلڙي شاخ“ اُڪري وڃي ”گونگڙو“
کي ڀريو. انهيءَ زماني ۾ ”سجاول“ واري علائقي ۾ پڻ ننڍن ڦاٽن جي گهڻائي هئي.

ڪيٽي بندر وٽ درياهه جي مُنهن ويڪري ٿيڻ سبب اولهه طرف اڳڀرو ”بگهاڙ“ ۽ ”ڪلري“ جي مُنهن وٽان سامونڊي ڪنارو قدري پوئتي هٽي ويو، جيئن اڳ ڏکڻ- اوڀر سنڌ ۾ ٿيو هو، جتي 1819ع واري ڀونچال (ڌرتي ڌٻڻ) سبب سمنڊ پوئتي هٽي ويو هو.

”اوچتو شاخ“ هلندڙ صديءَ ۾ ڦِٽي آهي ۽ ”سنڌو نديءَ“ جي مُنهن وٽ اڃان به تبديليون اينديون رهن ٿيون. ”سنڌو ندي“ دوآبي ۾ ”ڪلريءَ“
جي آخري اونهائين حد تي سورهين صدي [عيسوي] ۾ پهتي هئي. ان وقت کان وٺي آهستي آهستي پوئتي اوڀر طرف وڃي رهي آهي. جيڪڏهن اها صورتحال قائم رهي ته ”گنجي ٽڪر“ کان هيٺ اهي سڀ ايراضيون جتان سنڌو ندي اولهه طرف سوڙهو ور ڪري ٿي، سخت خطري ۾ رهنديون، ڇاڪاڻ ته اتان هڪ وڌيڪ اوڀاريون وهڪرو نڪري سمنڊ جو رخ اختيار ڪري سگهي ٿو.

اُتر سنڌ ۾ ”سنڌو ندي“ اتر- اولهه يا سر اولهه طرف پاسا ورائيندي رهي آهي. جيڪڏهن بند ٻڌي اُن کي نه روڪيو ويو ته شايد آئيندي به ايئن ڪندي رهندي. ”سکر واري گهاٽيءَ“ مان جاري ٿيندڙ وهڪري سبب وڌيڪ اولهه طرف پاسي ورائڻ ۾ روڪ ٿي آهي. اميد ٿي ڪجي ته جيئن گذريل ساڍن ستن صدين (750 سالن) لاڪر ”سکر واري گهاٽي“ هڪ دائمي مقرر گهاٽ جو ڪم ڏنو آهي، تيئن آئيندي به ٿيندو رهندو. وچولي ۾ درياهه، پنهنجي اڳوڻي ”دادوءَ واري وهڪري“ کان پري اوڀر طرف هليو ويو اهي. اتان هيٺ ”گنجي ٽڪر“ جي ڏاکڻي ڇيڙي تائين مٿاهين زمين جي ڪير سان ڀانئجي ٿو ته وهڪرو مستحڪم آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org