سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:8 

محمد آدم ٻُٽ

 

 

 

ميان وال تحريڪ- بلاولي تحريڪ جو تسلسل

 

16 صدي عيسوي يورپ لاءِ سجاڳيءَ ۽ شعور جي تحريڪ جي صدي طور ڳڻپ ۾ اچي ٿي. هن صديءَ ۾ سائنس ۽ سماجي تحريڪن پنهنجي فڪري ڦهلاءَ ذريعي آزاديءَ ۽ انقلاب جي نويد سان سڄي يورپ کي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ فرينچ انقلاب جنم ورتو، ۽ يورپ جو انسان، انفرادي آزاديءَ کان اجتماعي آزاديءَ جهڙي نعمت سان نوازجي ويو. مگر سنڌ لاءِ سورهين صدي تمام وڏي ڏچي واري صدي ثابت ٿي. ڄام نظام الدين (نندو) جي وفات، دولهه دريا خان ۽ مخدوم بلاول جي شهادت ۽ ارغونن جو سنڌ تي قبضو، اهي ڪجهه اهڙا ترڪيبي جزا (Factors) هئا، جن مستقبل ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ سياسي، سماجي ۽ معاشي حوالي سان وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪيون. ٻين لفظن ۾ سورهين صدي عيسوي سنڌي ماڻهن لاءِ غلاميءَ جا زنجير کڻي آئي، جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جي آزادي سلب ڪري، انهن جي سمورن بنيادي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا.

1508ع ۾ ڄام نظام الدين جي وفات بعد سندس پٽ ڄام فيروز حڪومتي واڳون سنڀاليون، پر رياستي معاملن ۾ سندس جي ڪمزور گرفت رهي، جنهن سبب اندروني خانداني اختلاف ٿي پيا ۽ دولهه دريا خان سان به شخصي رنجش پئدا ٿِي پئي. هِنن واقعن، ارغونن کي (جيڪي اڳ ئي حملي ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا هئا.) سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪرڻ جو وجهه ۽ موقعو فراهم ڪيو. ’تحفة الڪرام‘ جي لکڻ موجب ”مطلب ته جڏهن نفساني خواهشن ۾ گرفتار ٿي، حڪومت هلائڻ کان بيخبر رهيو، تڏهن مير قاسم ڪيبڪيءَ ملڪ جي حالت معلوم ڪري وڃي شاهه بيگ کي پهچائي. (۽ سنڌ) فتح ڪرڻ جي ترغيب ڏني(1).“

ڄام فيروز کي دراصل ان بيخبري ۽ عيش عشرت واري حالت تائين پهچائڻ ۾ ڪيبڪ ارغونن جي مغل ٽولي جو مکيه ڪردار هو، جنهن جو ذڪر تاريخ طاهري، تحفة الڪرام ۽ تاريخ معصومي سميت سنڌ جي سمورن تاريخي ماخذن ۾ آيل آهي. ڌارين جي ان مغل ٽولي کي ڄام فيروز طرفان ان اميد تحت اعتماد ڪندي ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، ته اهي ڪيبڪي دولت شاهي ۽ نور گاهي هن کي دريا خان جي خلاف سندس مدد ڪندا.
ڄام فيروز اهڙي سياسي جهالت پڻي ۽ سياسي ڏاهپ کان خالي بيوقوفانه عمل ڪرڻ وقت اهو نه ڄاتو، ته اُهي ماڻهو مٿس ڪهڙا ڏکيا ڏينهن آڻيندا. ڄام فيرزو جي ان نابالغ سياسي حڪمت عملي ۽ ڪوتاهه نگاهيءَ ۽ سندس ماءُ ’مدينه ماڇياڻي جي کوٽيل کڏ‘ جتي سما خاندان جي حڪمراني جو زوال آندو، اتي سنڌ کي پڻ غلاميءَ ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو.

هوڏانهن ارغون جيئن ته مستقل طور ايران جي صفوي خاندان ۽ ڪابل ۾ بادشاهه ظهيرالدين محمد بابر جي سياسي ۽ فوجي دٻاءَ هيٺ رهڻ سبب شروع کان ڪنهن اهڙي ملڪ جي تلاش ۾ هئا، جتي هو آزاد ۽ خود مختيار حيثيت سان حڪمراني ڪري سگهن. تنهنڪري هنن سنڌ جي فتح جو پڪو فيصلو ۽ ارادو ڪيو. ليڪن سنڌ جو طاقتور بادشاهه ڄام نظام الدين اڃا زندهه هو، انڪري هنن سنڌ طرف حملا ڪرڻ واري معاملي کي ايندڙ وقت لاءِ ڇڏي حالتن جو انتظار ڪندا رهيا(2).“

سنڌ تي قبضو ڪري حڪمراني قائم ڪرڻ واري ارغون حڪمرانن جي خواب کي، سيد ميران محمد جونپوري جي سنڌ ۾ آمد، حقيقت جو روپ وٺرايو. جنهن پنهنجو پاڻ کي امام مهدي هجڻ جي دعويٰ ڪئي، ۽ گجرات کان اچي سنڌ جي علمي مرڪز ٺٽي ۾ داخل ٿيو. ٺٽي ۾ سندس اچڻ کانپوءِ ان جي وڌندڙ فڪري اثر سبب معاشري ۾ جيڪي خرابيون پيدا ٿي رهيون هيون، ته ٺٽي جي جيد عالمن ان اثر کي روڪڻ لاءِ وقت جي حڪمرانن آڏو سخت مخالفت ڪئي. نتيجي ۾ ميران محمد جونپوريءَ کي مجبور ٿي ٺٽو ڇڏڻو پئجي ويو. مگر جنهن توهين آميز انداز ۾ کيس سنڌ مان نيڪالي ملي، ان سندس مزاج ۽ سوچ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ انتقامي رجحان وارا لاڙا پيدا ڪيا. هُو جڏهن سنڌ کان قنڌار پهتو ته انهن ڏينهنِ ۾ امير ذوالنون ارغون ۽ سندس پٽ شاهه بيگ ارغون، سلطان حسين مرزا جي نائب طور خراسان وارا علائقا سنڀاليندا هئا. ميران مهدي جونپوري، ارغون سلطانن آڏو پاڻ سان ٿيل سلوڪ بابت روئداد پيش ڪري فرياد ڪئي.

شاهه بيگ ارغون جيڪو ذهني ۽ نفسياتي طور بابر بادشاهه جي حملي کان خوف ۾ ورتل هو، سو جونپوريءَ جي فرياد ۽ قاسم ڪيبڪيءَ جي ڏنل رپورٽ ۽ هرکائڻ تي سنڌ تي ڪاهه ڪري حملو ڪرڻ کي موقع غنيمت سمجهيو. شاهه بيگ ارغون، سبي شال، مستونگ ۽ فتح پور تي حملي بعد قبضو ڪري، اتان هزارين ماڻهو ڀرتي ڪري مير فاضل ڪوڪلتاش جي اڳواڻيءَ هيٺ 200، 40 ويڙهاڪن جو جٿو اڳواٽ ٺٽي روانو ڪري پاڻ ان جي پٺيان آيو، ۽ ٽلٽيءَ جي سامهون باغبان جي علائقي ۾ اچي منزل انداز ٿيو. شاهه بيگ جي آمد جو ٻڌي ڀرپاسي جي علائقن جا سمورا چڱا مڙس (وڏيرا) اچي پيش پيا، ۽ ان جي آڏو پنهنجو مٿو ٽيڪي کيس تعظيم ۽ تڪريم پيش ڪيائون(3).“ مرزا شاهه بيگ جي خواهش هئي ته علائقي جا سمورا وڏيرا، رئيس ۽ سردار پنهنجي طور اچي پيش پون، مگر ايئن نه ٿيڻ ڪري هن لَڪيءَ جي جابلو قطارن مان لنگهي ٺٽي ڏانهن روانگي ۽ پيش قدمي ۾ بهتري سمجهي، ۽ ڪجهه ڏينهن جي مسافت کان پوءِ غالباً 6، 7 محرم تي ٺٽي کان ٽي ڪوهه پري خانواهه جي ڪناري تي اچي ترسيو. ڪجهه ڏينهن اتي ترسڻ بعد شاهه بيگ فوج جي ڪجهه جٿي کي ڪيمپ جي سنڀال لاءِ ڇڏي 11 محرم 926 هجري (1509ع) تي عبدالرحمان دولت شاهي کي ساڻ ڪري ٺٽي جي ٻاهران اچي حملي ڪرڻ لاءِ بيٺو. هيڏانهن دريا خان، ڄام فيروز کي ٺٽي شهر ۾ ڇڏي سنڌي ماڻهن جو وڏو جٿو ساڻ ڪري شاهه بيگ جي سامهون ٿيو. ٻنهي پاسي جي فوجن وچ ۾ جيڪا گهمسان جي لڙائي لڳي ۽ دوبدو جنهن بهادريءَ سان ويڙهه ڪئي ۽ مقابلو ٿيو. ’هسٽري آف سنڌ‘ جو ان بابت لکڻ آهي، ته قلم کي ان جي بيان ڪرڻ جي سگهه ئي ناهي.

"The battle began between the two armies, and they fought to such an extent that it can not be described by the pen''(4)

هن لڙائيءَ ۾ دولهه دريا خان شهيد ٿي ويو. سندس شهيد ٿيڻ کانپوءِ شاهه بيگ جي فوجن، مسلسل 10 ڏينهن جنهن دهشت، بربريت، وحشت ۽ سفاڪانه انداز سان ٺٽي جي سنڌي ماڻهن جو قتلام ڪيو، ملڪيتون لٽيون ۽ ٺٽي شهر کي تاراج ڪري تباهه برباد ڪيو، ۽ جيڪو غير انساني سلوڪ ڪيو، ان سان انساني تاريخ جو ڪنڌ شرم کان جُهڪي وڃي ٿو. سما حڪومت جي خاتمي ۽ سنڌ تي ارغونن ۽ مغلن جي حاڪميت جي قائم ٿيڻ سان، قومي، رياستي ۽ معاشرتي حوالي سان سنڌ کي جن هاڃيڪار مرحلن مان گذرڻو پيو، انهن ۾ بنيادي مسئلو سنڌ جي قومي، ملڪي ۽ جاگرافيائي وحدت هئي. سنڌ هن کان اڳ ملڪي ۽ جاگرافيائي طور قومي وحدت واري مرڪزي حيثيت رکندڙ هئي. ڌارين جي قبضي هيٺ اچڻ بعد، ان جي اها مرڪزي قومي وحدت ٽٽي پئي، جيڪا هن کان اڳ هئي، ۽ سنڌ کي مختلف پرڳڻن ۽ جاگيرن ۾ ورهاست ڪري، ان جي قومي وحدت واري سڃاڻپ کي ختم ڪيو ويو.

سنڌ جي ان قومي وحدت جي ٽٽڻ ۽ ناپيد هئڻ ڪري، سنڌي معاشري تي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي حوالي سان وڏا هاڃيڪار اثر پيا. جنهنڪري سنڌ جي قومي وحدت جو تاڃي پيٽو پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺو. نتيجي ۾ سنڌي سماج اڻ ڳڻين خرابين جو مرڪز بنجي ويو. سنڌ جي سمورن تاريخ نويسن ان کي ’خرابيءَ سنڌ‘ سان تعبير ڪيو آهي. ان کان پوءِ ’خرابيءَ سنڌ‘ جو باب کلي پيو. جنهن نه صرف ٺٽي بلڪ سڄي سنڌ لاءِ غيرن جي غلاميءَ جو رستو هموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو(5).“

سنڌ وطن جي دفاع خاطر هاڻي شاهه بيگ سان مهاڏو اٽڪائي منهن مقابل ٿيڻ جي ذميواري، ٽلٽيءَ جي بزرگ هستي مخدوم بلاول باغبان تي اچي وئي، جنهن پنهنجي خليفن ۽ مدرسي جي شاگردن تي مشتمل پنهنجي نالي پٺيان ’بلاولي‘ جماعت جو بنياد وڌو، جيڪا پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ ’بلاولي تحريڪ‘
جي نالي سان سڏجڻ لڳي ۽ شهرت ماڻي. شاهه بيگ ارغون ٺٽي مان واندو ٿي جڏهن سيوهڻ پهتو، ته اها بلاولي تحريڪ ئي هئي، جنهن مخدوم بلاول جي سربراهيءَ ۾ شاهه بيگ جي رستا روڪ ڪئي. تذڪره مشاهير سنڌ موجب: ”مرزا سيوهڻ ۾ ترسڻ بجاءِ ٽلٽيءَ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. ٽلٽيءَ ۾ منزل انداز ٿي هن علائقي جي زميندارن ۽ معزز ماڻهن کي گهرايائين. مگر کيس ٻڌايو ويو ته هتي جا ماڻهو اوهان جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ لاءِ تيار آهن، مگر مخدوم بلاول جو هن حد جو وڏو عالم ۽ شيخ آهي سو ماڻهن کي روڪي رهيو آهي، بلڪ هو جنگ ۽ مقابلي لاءِ ماڻهن کي تيار ڪري رهيو آهي(6).“ هسٽري آف سنڌ ۾ پڻ ڪجهه اهڙي طرح سان بيان ٿيل آهي-

"he (shah beg) then sent Kazi kazin to the sons of darya khan to induce them to bend their heads in the path of submission. when he came to these, they would not agree to that what he said(7)."

’هسٽري آف سنڌ‘ جي مٿي بيان ڪيل مذڪور مان، اها حقيقت واضح ٿي ٿئي ته، صرف مخدوم بلاول اڪيلو نه، پر سموري بلاولي تحريڪ ۽ جماعت جا فردَ ان ڳالهه تي اتفاق ڪري چڪا هئا ته هر طرح سان مرڻ مارڻ جي حد تائين شاهه بيگ ۽ ان جي فوج جو مقابلو  ڪيو ويندو. پنهنجي وطن ۽ ان جي مٽيءَ سان محبت وارو جذبو پنهنجي جاءِ تي، مگر سنڌي ماڻهن جو ايئن اٽل ٿي بيهڻ، درحقيقت محرڪ قوت مخدوم صاحب جي بزرگي ۽ علمي فضيلت سان گڏ اعتماد ۽ ويساهه واري ساک وارو جذبو ئي هو. جنهن ڪري ان مشڪل مرحلي تي عام ماڻهو هن سان گڏ بيهي رهيو. ڇاڪاڻ ته ”هي واحد بزرگ هو، جنهن سنڌ ۾ ٻاهرين اقتدار جي مسلط ٿيڻ جي علي الاعلان مخالفت ڪئي ۽ شاهه بيگ ارغون سان ٽڪر کاڌو. عبادت ۽ رياضت کان پوءِ کيس جيڪو وقت ملندو هو، پنهنجي وقت جو وڏو حصو عوام جي مذهبي، اخلاقي ۽ سماجي حالت سڌارڻ جي ڪوشش ڪندو هو(8).“ اهو ئي بنيادي سبب هو جو شاهه بيگ، مخدوم بلاول کان بدلي وٺڻ جو ارادو ڪيو.

سنڌ، دولهه درياخان، مخدوم بلاول ۽ دريا خان جي خاندان جي شهادت جي نتيجي ۾، پنهنجي آزاد وطن ۽ قومي خود مختياريءَ واري حيثيت به وڃائي ويٺي. اهڙيءَ طرح سان ارغونن ۽ ترخانن کان مغلن تائين سنڌ اڍائي سؤ سال (يعني اڍائي صديون) ڌارين جي غلاميءَ جي تسلط هيٺ رهي. ان عرصي دوران سنڌين مٿان ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ڦرلٽ جا سمورا پهاڙ ڪيرايا ويا، ۽ سنڌ چاهيندي به غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي نه سگهي. تنهن هوندي به ان سموري عرصي ۾ مرزا جاني بيگ جي حڪمرانيءَ جو دور سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڪنهن حد تائين امن ۽ سڪون جو دور رهيو. ارغون ۽ ترخان حڪمرانن منجهان هي واحد حڪمران هو، جنهن جو سنڌي عوام سان رويو ۽ سلوڪ، نرم، رحمدلانه ۽ عزت ڀريو رهيو. اعجازالحق قدوسيءَ جي لکڻ موجب: ”مرزا جاني بيگ جي فياضين ۽ بخششن جي ڪري، زماني کان پهتل زخمن جا داغ ماڻهن جي دلين تان مٽجي ويا(9).“ تاريخ طاهري، تحفة الڪرام ۽ تاريخ معصومي وغيره موجب، سنڌ جا ماڻهو مغل حڪمرانن جي ظلمن کان تنگ ٿي سک جي ننڊ سمهي نه سگهيا، سي مرزا جاني بيگ جي حڪمرانيءَ جي دور ۾ سُک ۽ سڪون سان سُتا.

سنڌ جي تاريخ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو، سنڌ تي حڪمرانيءَ جو ڪل عرصو 92 سال آهي، جنهن ۾ مرزا جاني بيگ جي حڪمراني هئي، ان دور ۾ دهليءَ تي مغل شهنشاهيت جي سڀ کان وڏي حڪمران اڪبر اعظم جي حڪومت قائم هئي. جنهن جي درٻار جي نو رتن منجهان ٽن رتن جو تعلق سنڌ سان هو. مغل حڪمران اڪبر جي شهنشاهيت، سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي ۽ رعب تاب جو سڄي هندستان تي ڌاڪو ڄمايل هو. اهوئي سبب هو جو اوڌ ۽ گجرات کان وٺي لاهور تائين سڄي هندستان جون سموريون رياستون سندس حڪمرانيءَ جي تابع هيون. هندستان جي سڄي خطي ۾ سنڌ واحد رياست هئي، جيڪا مرزا جاني بيگ جي سربراهيءَ هيٺ آزاد ۽ خود مختيار قومي رياست جي حيثيت ۾ پنهنجو رياستي انتظام هلائي رهي هئي، جيڪا ڳالهه اڪبر جهڙي پنهنجي دور جي طاقتور ۽ زبري جابر حڪمران جي نه رڳو برداشت کان ٻاهر هئي، مگر ڪنڊي وانگر سندس دل ۾ چُڀي رهي هئي. اڪبر، سنڌ کي فتح ڪرڻ جو پڪو ۽ پختو ارادو ڪري چڪو هو. ان سلسلي ۾ سندس درٻار جي، سنڌ سان تعلق رکندڙ خاص صلاحڪار ۽ مشير مير معصوم سان مشورو ڪيو ويو. مگر سنڌ جي جاگرافيائي ۽ سماجي صورتحال ان جي اڙانگي سفر ۽ مرزا جاني بيگ جي فوجي تدبرانه صلاحيت، ۽ سنڌين جي پنهنجي وطن سان محبت جي لازوال جذبي کان اڪبر ۽ ان جي درٻار جا امير وزيرن کي چڱي طرح باخبر هئا. جيئن ته مغل حڪمران هر حال ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻ جو پختو ارادو ڪري چڪا هئا، تنهنڪري فوجي حڪمت عملي پڻ يقينن اهڙي ئي اختيار ڪئي وئي. آخرڪار 1590ع ۾ مير معصوم جي نگرانيءَ ۾ عبدالرحيم خان خانان 50 کن فوجي جرنيلن، وزيرن، اميرن ۽ لکن جي تعداد ۾ ويڙهاڪ سپاهين جو جٿو ساڻ ڪري سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ لاهور مان نڪتو. جنهن کي الوداع چوڻ لاءِ اڪبر بادشاهه کي خود راوي نديءَ تائين پيرين پنڌ اچڻو پيو. عبدالرحيم ’خان خانان‘ جي سنڌ پهچڻ کان اڳ مير معصوم سکر ۽ بکر پهچي، ’خان خانان‘ جي حملي بابت ماحول سازگار بنائڻ ۽ راهه هموار ڪرڻ لاءِ هدايتن جي روشنيءَ ۾، ان وقت جي مختلف قبيلن ۽ درگاهن جي مشائخن سان رابطي جي ذميواري ادا ڪئي. مرزا جاني بيگ نسلي طور جيتوڻيڪ ڌاريو هو، مگر ٻن سببن ڪري سنڌي ماڻهن مغلن خلاف هن معرڪي ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏنو، پهريون، مرزا جي سنڌ سان محبت ۽ سنڌين سان نرم رويو ۽ پنهنجائپ وارو سلوڪ، ۽ ٻيو مغل سلطنت جهڙي طاقتور ۽ جابر حڪمرانيءَ جي غلبي کان بچاءُ. انهن مذڪور ٻن سببن ڪري سنڌي ماڻهو مغل سلطنت جهڙي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ رکندڙ سگهاري سلطنت سان ٽڪر کائڻ ۽ معرڪ آرائيءَ لاءِ سندرا ٻڌي مرزا جاني بيگ سان جنگ جي ميدان ۾ هم رڪاب ٿي بيٺا. سنڌ جا ماڻهو مغلن جي طاقتور سپهه سالاريءَ سان، جنهن بهادريءَ ۽ دليريءَ سان وڙهيا، انڪري مغل فوجن کي نفسياتي ۽ ويڙهاند جي حڪمت عملي جي سلسلي ۾ وڏيون تڪليفون درپيش آيون. ان جو اندازو انهيءَ مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته آزاد فضا ۾ رهندڙ قومن ۽ معاشرن کي زير ڪرڻ ڪيترو مشڪل هوندو آهي.

اهڙي سمي سنڌ ۾ مخدوم بلاول ۽ دريا خان کانپوءِ هڪ اهڙي فرد جو جنم ٿيو، جنهن جي شخصيت اڳتي هلي سنڌ جي مذهبي ۽ سماجي تاريخ ۾ مرڪزي حيثيت اختيار ڪي ورتي. امير چنيه خان بن بهليل بن ٿل بن ميان اوڍاڻو ان جي نائين پيڙهيءَ مان ’محمد آدم‘ نالي هڪ ٻالڪ جو جنم ٿيو، جيڪو پوءِ تاريخ جي ورقن ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي نالي سان مشهور ٿيو. ميان آدم شاهه جي جنم ۽ وفات بابت تاريخدانن وٽ مختلف رايا آهن. مگر اڪثر مؤرخ ان راءِ تي اتفاق ڪن ٿا ته ميان آدم شاهه جو جنم 1520ع ۽ وفات 1600ع ۾ ٿي. محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي راءِ موجب ”سنڌ ۾ جڏهن دولهه دريا خان وطني جنگ وڙهي رهيو هو، تڏهن قدرت هڪ ٻئي ٻار کي جنم ڏنو، جو ٺيڪ اسي سال پوءِ ساڳئي مقصد لاءِ ڪم آيو (10).“

1590ع ۾ عبدالرحيم خان خانان جي حملي ۽ 17 آگسٽ 1591ع ۾ جاني بيگ پاران هٿيار ڦٽا ڪري پيش پوڻ کان پوءِ، سنڌ مغلن جي قبضي هيٺ اچڻ جي نتيجي ۾ سڄو معاشرو گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ ڦاسي پيو. اهڙي ماحول ۾ عام ماڻهو ڪنهن آٿت ۽ سهاري ڏيندڙ قوت ڏانهن نهاري رهيو هو. بزرگي ۽ عمل جي فضيلت جي حوالي سان ان وقت تائين، ميان آدم شاهه جي شخصيت ڪمال درجي تائين پهچي چڪي هئي. جنهنڪري مريدن جو هڪ وڏو حلقو سندس چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳو. جنهن کي هڪ منظم شڪل ڏيڻ ضروري سمجهيو. ان وقت تائين ميران محمد جونپوريءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ مهدوي تحريڪ، هندستان جي ٻين علائقن وانگر سنڌ ۾ پڻ پنهنجو فڪري اثر ڇڏي چڪي هئي. ميان آدم شاهه ڪلهوڙو تحفة الڪرام، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا ۽ ٻين ماخذن جي حوالي موجب: شيخ الياس لنگراج ۽ شيخ ابوبڪر جتوئي جي واسطي ۽ توسط سان مهدوي حلقي ۾ داخل ٿيو.

مهدوي تحريڪ جو باني ميران محمد جونپوري ٺٽي جي عالمن ۽ سيد حيدر شاهه سنائي پاران مخالفت ڪرڻ ڪري سنڌ ڇڏي چڪو هو، پر سندس تحريڪ جو اثر سنڌ تي باقي رهيو. قريشي حامد علي خانائي جي تحقيق موجب: ”سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي اها اوائلي درويشانه تحريڪ هئي، پر پوءِ اڳتي هلي ان حيدرآباد دکن جي مهدوي تحريڪ وانگر سياسي رنگ ورتو ۽ نيٺ ڪلهوڙا فقيريءَ مان بدلجي بادشاهيءَ جي مسند تي ويٺا(11).“ ڪلهوڙا خاندان کي جا طاقت ۽ ڪامراني ان کانپوءِ نصيب ٿي ان جو اصل باني ميان آدم شاهه ڪلهوڙو هو.

مٿي بيان ڪيل تاريخي حوالن جي آڌار، اهو چئي سگهجي ٿو، ته ميان وال تحريڪ، مهدوي تحريڪ جي اثر هيٺ ئي وجود ورتو، مگر اڳتي هلي هن بلاولي تحريڪ جي اثر کي پڻ قبول ڪيو ۽ ان جي بنيادي فڪري اصول پنهنجي گذرمعاش جي ذريعي (پورهئي) کي اوليت ڏيندي پنهنجي فڪري مول متن جا بنياد رکيا. ميان آدم شاهه جي تحريڪ بنيادي طور اصلاحي ۽ تبليغي تحريڪ هئي. سندس تبليغي انداز ۾ بلاولي تحريڪ جهڙي هڪ جهڙائپ موجود هئي. پنهنجي دور جون هي ٻئي تحريڪون پورهئي جي عمل جون قائل هيون، ۽ سماجي توڙي سياسي حوالي سان ٻنهي وٽ پورهئي کي وڏي اهميت مليل هئي. البت ميان وال تحريڪ عملي طور بلاولي تحريڪ ٿورو منفرد اختيار ڪيو. جي جذبي هيٺ پنهنجي مرڪز کي دائري جو نالو ڏنو. جيڪو مڪمل طور مساوات/ برابري ۽ هدايت جي علامت هو. ان دائري ۾ ننڍا وڏا، امير غريب سڀ هڪجهڙا هئا، منجهن ڪوبه فرق نه هو. مريد دائري اندر اجتماعي زندگي بسر ڪندا هئا، ۽ زندگيءَ جون ضرورتون پاڻ ۾ برابر تقسيم ڪندا هئا.

هن تحريڪ جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هي تحريڪ مذهبي ۽ روحاني هجڻ سان گڏ پس پردا معاشي تحريڪ پڻ هئي. جيڪا عام انسانن، مسڪينن، بيڪسن، اٻوجهن ۽ غريبن کي، اٽي لٽي ۽ اجهي سان گڏ حاڪمن جي ڏاڍ ۽ ڏمر يا جبر کان به تحفظ فراهم ڪندي هئي. اهوئي سبب هو جو اُن تحريڪ کان وقت جا حاڪم ڊنل هوندا هئا.

ميان آدم شاهه پاران پنهنجي فڪري سوچ کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ (دائرو قائم ڪرڻ) جو بظاهر مقصد جيتوڻيڪ سماجي پرچار هو، مگر در حقيقت ان جي درپرده سياسي طاقت حاصل ڪرڻ مقصود هو. جنهن جي حصول لاءِ هن چانڊڪا پرڳڻي جي ڳوٺ هٽڙي غلام شاهه ڀرسان پنهنجو دائرو قائم ڪري عوامي قوت کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. مغل حڪمرانن، انهن جي ڪارندن، نوابن ۽ صوبيدارن توڙي جاگيردارن جي ظلم، ڏاڍ ۽ ڦرلٽ کان ستايل ۽ آزاريل عوام آهستي آهستي ٿي، ميان آدم شاهه جي قائم ڪيل ان دائري ۾ داخل ٿيڻ لڳو.

ميان آدم شاهه جڏهن محسوس ڪيو ته، هن جو تبليغ جي اثر ڪري دائرو عوامي سگهه اختيار ڪري چڪو آهي، تڏهن هن ان قوت کي عمل جي ميدان ۾ جهاد في سبيل الله جي جذبي هيٺ مغل حڪمرانن، جاگيردارن ۽ مقامي زميندارن خلاف ٽڪرايو، ۽ ڪنهن حد تائين زميندارن کان زمينون پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ ۾ ڪاميابي به حاصل ڪئي. ميان آدم شاهه جي ان وڌندڙ عوامي طاقت، مقامي زميندارن ۾ خوف جي لهر پيدا ڪئي. ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’لُب تاريخ سنڌ‘ سميت سمورا تاريخدان ان راءِ جا آهن، ته ميان آدم شاهه جي ان عمل ڪري آسپاس جا زميندار سندس مخالف ٿي بيٺا، ۽ آخرڪار بکر جي نواب معرفت ملتان جي گورنر تائين شڪايتون ڪيون ويون، نتيجي ۾ ملتان جي حاڪم جي حڪم تي، ميان آدم شاهه کي بکر جي ان وقت جي نواب قيد ڪري ملتان پهچايو، جتي کيس وقت جي حڪمرانن خلاف بغاوت ڪرڻ جي الزام ۾ شهيد ڪيو ويو.

ميان وال تحريڪ، ميان آدم شاهه جي شهادت وقت اڃا نئون جنم ورتو هو، جنهنڪري بلاولي تحريڪ جهڙي مستقل ۽ مستحڪم تنطيمي شڪل جي هيئت اختيار نه ڪري سگهي هئي، پر جيئن ته: ”صحتمند فڪري تحريڪن جو ڦهلاءُ مثبت نظريي تي مبني هئڻ ڪري، ديرپا ۽ وسيع ٿئي ٿو. اهي ڪنهن عارضي نفعي يا مسئلي جي حل لاءِ نه هونديون آهن، پر مقصد ۽ منطقي انجام واري حوالي سان انهن ۾ تمام وڏي وسعت هوندي آهي(12).“ اهڙي طرح سان هن تحريڪ جيتوڻيڪ اڃا نئون جنم مس ورتو هو. مگر مقصد جي حاصلات جي حوالي سان ان ۾ تمام گهڻي وسعت موجود هئي.

ميان آدم شاهه جي شهادت سان هي تحريڪ فڪري ڦهلاءَ جي حساب سان جهڙوڪر جمود جو شڪار ٿي وئي هئي. مگر حقيقت ۾ ميان آدم شاهه جي شهادت ان ۾ جدت جو روح ڦوڪيو. اهو ئي سبب هو جو ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ جو مصنف، پير علي محمد شاهه راشديءَ جي حوالي سان لکي ٿو: ”ميان آدم شاهه کي موت جي سزا ڏيڻ، کُلي بي انصافي هئي، جنهنڪري سنڌين جو هڪ تمام وڏو طبقو ميان صاحب جو دلي همدرد بنجي ويو(13).“

تنهن هوندي به پيرعلي محمد شاهه راشديءَ جي مٿي ڏنل راءِ سان اتفاق ڪندي، اسان ان راءِ جا آهيون ته، اهو سڀ ڪجهه عوام جو پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ وطن سان اٿاهه محبت جو ڪمال هو. ورنه اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته، ميان آدم شاهه جي شهادت کان پوءِ پوري مني صدي سنڌ جي سياسي چرپر تي جمود جا ڪڪر ڇانيل رهيا، پر پوءِ به سنڌ جي بهادر ۽ باشعور عام ماڻهن مغلن جي غلامي نه ڪئي ۽ هو ٽولن جي صورت ۾ سنڌ جي مختلف حصن ۾ مغليه فوجن جو مقابلو ڪندا رهيا. جنهن ۾ ميان نصير محمد اچي روح ڦوڪيو ۽ جمود کي ٽوڙيو. سنڌ جي برک ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي لکڻ موجب: ”سنڌ جي تاريخ جو هي هڪ بحراني دور هو، بلڪ سڄي سنڌ ۽ سڄو سنڌي سماج ان بحران جي شديد ڪيفيت سان دوچار هو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي سماج جي قسمت جو بنيادي سوال اُٿيو، جنهن جي حل لاءِ سنڌ جا ماڻهو هڪ نئين اجتماعي شعور سان واقف ٿيا ۽ سندن ذهنن ۾ پنهنجي وجود جي اهميت جو خيال ۽ شعور جو احساس اڀريو(14).“

اهڙين شديد مشڪل حالتن ۽ بحراني ڪيفيت هوندي ميان نصير محمد ڪلهوڙي هن تحريڪ کي هيجاني ڪيفيت واري لاڙي ۽ رجحان کان ٻاهر ڪڍي قومي ڌارا تي هلايو، ڇاڪاڻ ته ميان نصير محمد جي سامهون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي آزادي، باوقار ۽ خوشحال زندگي گذارڻ جهڙا خواب موجود هئا. تنهنڪري هن پنهنجي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ اجتماعي مفاد جي شعور وارو جذبو پيدا ڪيو.

اڪبر بادشاهه مغل سلطنت جا بنياد، سندس پاران متعارف ڪرايل نئين فڪري نظام تي رکيا، جيڪي بظاهر ته مستحڪم لڳي رهيا هئا. مگر حقيقي معنيٰ ۾ ان منجهان عوام کي ڪو خاص فائدو نه پهچي سگهيو پئي. سماجي ۽ سياسي تاريخ جي نقادن موجب، ان جو بنيادي سبب درٻاري حالتون هيون. هن کان اڳ عوام ۽ بادشاهه وچ ۾ بغير ڪنهن واسطي جي سڌو تعلق ۽ رابطو هوندو هو. مگر اڪبر جي متعارف ڪرايل نظام سان عوام ۽ بادشاهه جو سڌو تعلق ختم هئڻ ڪري، خدا جي مخلوق درٻار جي وزيرن ۽ اميرن جي رحم ۽ ڪرم جي محتاج بنجي وئي. نتيجي ۾ متعارف ڪرايل نظام، قومن ۽ معاشرن لاءِ مفيد بڻجن بجاءِ بغاوت جو سبب بنجي ويو.

ڊاڪٽر مبارڪ علي جي تحقيق موجب:
 ”اڪبر جو قائم ڪيل سلطنت جو نظام ڪجهه وقت تائين ته قائم رهيو، مگر وقت سان گڏ تاريخي عمل جي نتيجي ۾ هندستاني معاشري ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي، جنهن کي مغل حڪمران سمجهي نه سگهيا. مغل حڪمران هندستان ۾ رهندڙ قومن کي اقتدار ۾ شامل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي سلطنت ۽ اقتدار لاءِ خطرو سمجهيو، ۽ ان جو حل، طاقت جي استعمال، قومن جي اڀار ۽ بيداري جي تحريڪ جي سرڪوبي ڪرڻ ۽ ڪچلڻ بنيادي مقصد هو. نتيجي ۾ هر طرف مغل سلطنت مخالفن جي گهيري ۾ اچي وئي (15).“

مغل حڪمرانن خلاف هندستان اندر قومي بغاوت جي اڀار جو اثر يقينن سنڌ تي به پيو. سنڌ ۾ مغليه نوابن هتان جي مقامي جاگيردان، زميندارن ۽ عام ماڻهوءَ سان جيڪو غير انساني رويو ۽ سلوڪ روا رکيو، ان سان مغليه حاڪمن ۽ مقامي ماڻهن وچ ۾ اڻبڻت پيدا ٿي. جنهنڪري سنڌ ۾ پڻ مغليه حڪومت جي گرفت ڪمزور ٿي وئي. ميان نصير محمد ڪلهوڙي هندستان جي باقي ٻين قومن ۽ معاشرن وانگر مغليه سلطنت جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي مغلن خلاف ويڙهاند ڪرڻ خاطر همدردن جو هڪ وڏو حلقو پنهنجي چوڌاري گڏ ڪري ورتو. عوام جي ان سگهه کي هڪ منظم تنظيم واري شڪل ڏئي، ان کي سياسي ۽ جنگي حڪمت عمليءَ جي آڌار، مغل حڪمرانن ۽ انهن جي مقامي سهڪارين خلاف غير منظم فوجي جنگي بنيادن تي استعمال ڪري، چانڊڪا، سيوهڻ ۽ ساهتي پرڳڻي تي مشتمل وڏو علائقو مغلن جي قبضي مان ڇڏائي پنهنجي قبضي ۾ آڻي عارضي حڪومت قائم ڪيائين.

جيڪڏهن تاريخي تناظر ۾ ڏسبو ته، حقيقت ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙو پهريون حڪمران هو، جنهن ميان وال تحريڪ جو وقت ۽ حالتن جي سياسي ۽ سماجي تقاضائن موجب بنياد رکيو.

ميان وال تحريڪ جي فڪري اثر هيٺ ڪلهوڙا دور ۾ ميان يار محمد ۽ ان کانپوءِ ميان نور محمد ٻه اهڙا برجسته حڪمران ٿيا، جن سياسي تدبر ۽ حڪمت عمليءَ جي ڏاهپ کان ڪم وٺندي، مغل درٻار جي طوائف الملوڪي، اميرن جي وچ ۾ اڀرندڙ اندروني اختلافن ۽ تضادن، مذهبي فرقيواريت ۽ سلطنت ۽ معاشري جي زوال پذيريءَ جهڙي صورتحال مان فائدو وٺندي، سنڌ جي قومي ۽ جاگرافيائي وحدت حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ اها هڪ سياسي ۽ تاريخي حقيقت آهي ته، هنن ٻنهي حڪمرانن کي مغلن ۽ نادر شاهي حملن جي سختين سان گڏ، مقامي مخالفن ۽ ڀرپاسي وارن حڪمرانن جي سازشن کي به منهن ڏيڻو پيو. ان سلسلي ۾ ايراني سلطنت نادر شاهه جي قيادت ۾ توسيع پسندانه پاليسيءَ تي عمل ڪندي، ميان نور محمد ڏانهن پنهنجي سفير معرفت فرمانبرداري ڪرڻ ۽ خراج ادا ڪرڻ لاءِ جيڪو پيغام موڪليو. ان کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. ان پيغام جي ردعمل ۾ ميان نور محمد جيڪو جواب ڏياري موڪليو، درحقيقت اهو جواب هڪ آزاد رياست جي حڪمرانيءَ جي علامت جو اظهار هو. پروفيسر عبدالله مگسيءَ جي تحقيق موجب: ”سنڌ ان وقت سياسي طور آزاد ۽ خودمختيار حيثيت سان صدين کان پوءِ، سياسي، ثقافتي، تاريخي ۽ جاگرافيائي وحدت حاصل ڪري ورتي هئي. انڪري سنڌ کي ايراني سلطنت جو ماتحت قرار ڏيڻ وارو عمل، غير قانوني ۽ غيرفطري هو(16).“

ميان يارمحمد ۽ نورمحمد سنڌ جي هنن ٻن حڪمرانن جي سياسي تدبر حڪومتي ادراڪ، جنگي حڪمت عملي ۽ عوامي ڀلائي ۽ ترقيءَ بابت ڪيل ڪمن جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته:“ مجموعي طرح سان ڏسبو ته پهرين ٻن ڪلهوڙن، يار محمد ۽ سندس پٽ نورمحمد حڪومت ڏاڍي سياڻپ ۽ دور انديشيءَ سان هلائي. ٻئي زبردست جنگي جوڌا هئا، پر ان سان گڏ امن قائم ڪرڻ جي به منجهن بيحد صلاحيت موجود هئي. ميان نورمحمد سنڌ ۾ واهن جي ذريعي پوک ڪرڻ جي سرشتي کي زبردست ترقي ڏياري (17) اهڙي ريت ڪلهوڙن جي سورهيائي، حب الوطني ۽ بهتر انتظام سبب سنڌ ۾ مثالي معاشي استحڪام پيدا ٿيو.

جدلياتي سائنس جي تاريخي ماديت جي تناظر ۾ هن سموري بحث جي نچوڙ تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو، ته مغل حڪمرانن خلاف سنڌ جي عوام جي دلين ۾ ڪاوڙ، نفرت ۽ بي چيني جو عنصر جيڪو اڳ ۾ ئي موجود هو، ۽ مغل سلطنت جهڙي طرح سان زوال پذيريءَ جو شڪار ٿي ويئي هئي. ڪلهوڙا خاندان ان منجهان فائدو وٺندي ان قومي جذبي کي هڪ منظم سگهاري تنظيم ذريعي قومي عوامي جدوجهد جي سانچي ۾ تشڪيل ڏني. اهو چوڻ ته اها تحريڪ مفروضن تي ٻڌل هئي، اسان جي خيال موجب اها سوچ درست ڪونهي. بلڪ سائنسي حوالي سان هيءَ هڪ مڪمل تحريڪ هئي، جنهن وٽ تنظيم به هئي ته افرادي قوت به هئي، ۽ ان جون پاڙون عوام جي ذهنن ۽ دلين ۾ موجود ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي مٽي ۾ کُتل هيون.

سياست جو بحيثيت سماجي علم جي ڪهڙو سماجي ڪارج ٿي سگهي ٿو؟ ۽ اها عوام جي ڀلائي، بهتري ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾ ڪهڙي ريت مفيد ۽ فائديمند ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ گليلو پاران سائنس جي سماجي ڪارج بابت چيل لفظ وڏي اهميت رکن ٿا، ته سائنس جو واحد مقصد هيءُ آهي ته انساني زندگيءَ جي ڏک ۽ سختيءَ کي آسان بنايو وڃي. جيڪڏهن سائنسدان خودمفادي اقتدار جي صاحبن جي دٻاءَ ۾ اچي علم محض علم خاطر وڌائيندا رهندا ته ان حالت ۾ سائنس پنگلي ۽ بي اثر بنجي سگهي ٿي، ۽ ان مان ٻيو ڪو انساني مفاد جو ڪارج سڌو ڪونه ٿي سگهندو. سائنس کي زندگيءَ جي ڏک ۽ سختي کي آسان بنائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ ئي ان جو بنيادي فائديمند ڪارج آهي. اهڙي قسم جي سياسي حڪمت عملي اختيار ڪندي ميان نور محمد ڪلهوڙي سنڌ کي مغلن جي غلامي کان ٻاهر ڪڍي هڪ آزاد خود مختيار ۽ پر امن سنڌ جي حيثيت ۾ ان کي بحال ڪرڻ لاءِ سياست جي عوامي ڪارج کي استعمال ڪندي وڏي سياسي ڏاهپ، دورِ انديشي ۽ تدبر کان ڪم ورتو. سائين جي.ايم.سيد لکيو آهي ته: ”دولهه دريا خان جي شهادت کانپوءِ سنڌ 1719ع تائين غيرن جي غلاميءَ هيٺ رهي. جنهن کي ميان نورمحمد صاحب ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ مٿي کنهڻ لاءِ فرصت ملي.“ (18)

مغلن جي دور ۾ الڳ الڳ ٽڪرن. جدا جدا انتظامي پرڳڻن ۾ ورهايل سنڌ کي متحد ۽ منظم شڪل ڏيڻ لاءِ، جيئن ته انتظام ۾ يڪسانيت نه هجڻ سبب عام ماڻهو سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا هوندا هئا. ميان يار محمد خدا آباد شهر جو بنياد وڌو ۽ ان کي مملڪت جو تختگاهه بنائي، ملڪ جي تباهه برباد ٿيل انتظامي ڍانچي جي هرهڪ پرزي کي اهڙيءَ طرح آڻي بيهاريو، جنهن جو سنڌ جي صدين جي تاريخ ۾ مثال اڻلڀ آهي. ميان صاحب خدمت خلق جي جذبي هيٺ، بگڙيل سماجي ۽ انتظامي حالتن جي هوندي، پنهنجو جيڪو ڪم شروع ڪيو هِن دنيا مان هُن جڏهن موڪلايو، تڏهن هُو سنڌ ۾ سڀ کان وڏيءَ رياست جو مالڪ بنجي چڪو هو، سندس شاندار انتظام جي ڳالهين جو پڙلاءُ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو.

ميان يار محمد پنهنجي حسن تدبر ۽ اعليٰ انٽطامي صلاحيتن ذريعي جنهن سنڌ دوست انتظامي ڍانچي جو بنياد رکيو، ميان نور محمد ان سلسلي کي اڳتي وڌايو، تان جو سنڌ متحد ٿي وئي، ۽ ان جو نالو نئين سر زنده ٿيو. اهڙيءَ ريت سنڌ عوام جي لاڳيتين قربانين ۽ مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ ٻن صدين کان پوءِ ’سنڌ‘ هڪ ڀيرو وري ٻيهر متحد ٿي ساڳي شڪل اختيار ڪئي.

ميانوال تحريڪ بلاولي تحريڪ کان متاثر هئڻ ڪري ان ۾ جهاد في سبيل الله کي مرڪزي اهميت مليل هئي. اهوئي سبب هو جو هن تحريڪ جا ڪارڪن جهاد ۾ پنهنجو پاڻ قربان ڪرڻ واري جذبي کي اولين اهميت ڏيندا هئا، انڪري ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته ڪلهوڙا بلاولي تحريڪ جي تسلسل کي قائم رکندي ميان وال تحريڪ ذريعي جدوجهد کي اڳتي وڌائيندي ۽ جهاد جي ميدان ۾ مرندي ماريندي مغل سامراج کي شڪست ڏئي آزاد سنڌ جا خود مختيار حاڪم بڻجي ويٺا.

 

حوالا:

1- ٺٽوي ميرعلي شير قانع، تحفة الڪرام، ڇاپو ٽيون، ڄام شورو، سنڌي ادبي ادبي بورڊ، 1989ع ص 137.

2- لاکو، ڊاڪٽر غلام محمد، سمن جي سلطنت، ڇاپو پنجون، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2013ع، ص 60.

3- George, captain, A history of Sind, first edition, Bombay, education Society`s press, 1855p- 79.

4. Ibid p- 79

5- سيد، جي.ايم، سنڌ جا سورما (ڀاڱو پهريون) ڇاپو ٻيو، ڪراچي، نئين سنڌ پبليڪيشن سن، مئي 1984ع، ص 32.

6- George, Captain, A History of Sind, First edition, Bombay, Education Society`s press, 1855- p-18

7- وفائي، دين محمد، تذڪوره مشاهير سنڌ (جلد پهريون) ڇاپو ٻيو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص 66.

8- قدوسي، اعجاز الحق، تاريخ سنڌ (حصو ٻيو) بار اول، لاهور، اردو، سائنسي بورڊ 1974ع، ص 101

9- حوالو ساڳيو، ص 190.

10- لاکو، ڊاڪٽر، غلام محمد، ڪلهوڙا دور حڪومت (دفعو پهريون) ڪراچي، انجمن اتحاد عباسيه 2004ع، ص 88.

11- خانائي، حامد علي قريشي، سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ، سماهي مهراڻ، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع، ص 185.

12- قاضي آزاد، شهيد مخدوم بلاول جي تحريڪ، سماهي مهراڻ، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ. 2008ع، ص 48.

13- مهراڻ، غلام رسول، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور (حصو پهريون) ڇاپو ٻيو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2016ع، ص 157.

14- جويو، محمد ابراهيم، شاهه، سچل سامي، ڇاپو ٽيون، حيدرآباد سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، 1984ع، ص 55.

15- مبارڪ علي ڊاڪٽر، آخري عهد مغليه هندستان، نيا ايڊيشن، لاهور فڪشن هائوس، 2016ع، ص 6.

16- مگسي، عبدالله، سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو، ڇاپو پهريون، ڪراچي، سنڌي اڪيڊمي، 1994ع، ص 149.

17- ڇٻلاڻي، ڊاڪٽر، ايس.پي، سنڌ جي اقتصادي تاريخ، نئون ڇاپو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ. 1995ع، ص 25.

18- سيد، جي.ايم، سنڌ جو سورما (ڀاڱو پهريون) ڇاپو ٻيو، ڪراچي، نئين سنڌ پبليڪيشن سنڌ، مئي 1984ع، ص 32.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org