ڊاڪٽر
قاضي خادم
يادگيريون
منهنجي اسڪولي دور 1959-1951 تائين جنهن ۾ هالا
پراڻا، جاتي، سجاول، اوٻاوڙو، وارهه، سيوهڻ،
ڏوڪري، رتوديرو، ڇاڇرو، جهڏو، ٽنڊو آدم ۽ ٺٽي جي
پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کان نيٺ اچي نور محمد
هاءِ اسڪول ۾
پهتس،
هر هنڌ جڏهن به ڪو اسڪولن جو صاحب، بيٽ آفيسر يا
ايجوڪيشن انسپيڪٽر يا ٻيو ڪو آفيسر، اسڪول ۾ ايندا
هئا ته شاگردن کي هڪ صلاح ضرور ڏيندا هئا، اها
صلاح هيءَ هئي ته توهان کي روزانو ڪجهه نه ڪجهه
لکڻ گهرجي، پنهنجي باري ۾ پنهنجي گهر، اسڪول ۽
اوڙي پاڙي، توڙي روز پڙهجندڙ ڪتابن جي باري ۾
به
ضرور لکڻ گهرجي، جي توهان روز هڪ صفحو به لکندا ته
سال ۾ 365 صفحا ٿي ويندا، ان ڳالهه جو مون تي ڏاڍو
اثر ٿيندو هو، ليڪن خبر نه پوي ته لکجي ڪيئن ۽ ڇا؟
نيٺ ڪاليج جي زماني ۾ لکڻ جي عادت پيم جيڪا اڃا
جاري آهي.
آءُ پنهنجي وقت جي مشهور سنڌي، اردو ۽ انگريزي
رسالن جو اڳ ئي تفصيلي ذڪر ڪري چڪو آهيان تڏهن به
اهو ضرور چوندس ته لائيف (Life)
ٽائيم (Time)
پوسٽ (Post)کان
وٺي ريڊرس ڊائجسٽ ۽ نيٺ پلي بواءِ (Play
Boy)
فلم فيئر ۽ پنٿ هائوس (Penth
House)
تائين، ٻئي طرف نقوش سيپ، فنون، نيا دور، سويرا
کان بيسوين صدي، آداب عرض، چاند شمع، رومان تائين
۽ نئين دنيا، فلمي دنيا، مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ کان
روح رهاڻ ۽ سهڻي تائين، رسالن کي پڙهيم ۽ لکيم،
پوءِ سنڌي رسالن ۾ لکندي اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي ۾
جيڪي ڪجهه پڙهيم ۽ لکيم تنهن جو به هڪ وڏو دلچسپ ۽
سبق آموز داستان آهي.
***
منهنجي خيال ۾ تاريخ ۽ ادب انساني ذهن ۽ سڀاءَ تي
جيترو اثر وجهن ٿا ان کي ذهن ۾ رکڻ ۽ زندگيءَ ۾
اڳتي وڌڻ لاءِ ضروري آهن، تيئن ٿيئٽر ۽ سئنيما به
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، فرق اهو آهي ته تاريخ ۽
ادب پڙهندڙن تي اثر وڌو، جيڪو پوءِ هنن ٻين ڏانهن
منتقل ڪيو ته ٿيئٽر ۽ سئنيما سڌو سنؤن تعليم يافته
۽ اڻ پڙهيلن تي پنهنجا اثرات ڇڏيا، ادب جيئن ئي
مشهور قصا، نيون ڪهاڻيون، ناول ۽ لکت ۾ ڏنا ته
ٿيئٽر ۽ فلم وسيلي اهي اسٽيج تي پيش ڪيا ويا. فرق
اهو هو ته لکت گهڻن تائين هڪ ئي وقت پهچي سگهي ٿي
۽ ان جي عمر به وڌيڪ آهي جيڪا صدين تي ٻڌل آهي،
جڏهن ته ٿيئٽر يا سئنيما جو دائرو محدود ۽ حدون
مختصر آهن، ان ۾ هڪ وقت ۾ صرف ڪجهه تعداد ۾ ماڻهو
ئي فائدو ۽ سبق حاصل ڪري ٿا سگهن، ليڪن ڪڏهن به ان
جي اثرن کان انڪاري ٿي نه ٿو سگهجي.
***
اوائلي دور جون موٽرون، ٽرڪون. توڙي بسون سيلف
اسٽارٽ ڪونه هونديون هيون، انهن کي اسٽارٽ ڪرڻ
لاءِ هينڊل استعمال ٿيندو هو. نيون بسون ۽ ڪارون
ته هلڪي هينڊل جي اشاري تي اسٽارٽ ٿي وينديون
هيون، پر پراڻين گاڏين، خاص ڪري جن جون بيٽريون به
ڪمزور ٿي وينديون هيون، تن کي هينڊل سان اسٽارٽ
ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو هو، ويچارو ڊرائيور يا
ڪنڊيڪٽر هينڊل هڻي هڻي پگهرجي ويندو هو، تڏهن مس
انجڻ اسٽارٽ ٿيندي هئي، اسان وٽ به اوائلي وقت ۾
هڪ شيورليٽ ڪار هئي جيڪا هينڊل سان اسٽارٽ ٿيندي
هئي، پر اهو ڪم ڊرائيور يا ڪو نوڪر يا پٽيوالو
ڪندو هو، ليڪن جڏهن 1963ع ۾ هڪ پراڻي سڪوڊا
ورتيسين ته اها هينڊل سان اسٽارٽ ٿيندي هئي ۽ جڏهن
مون ڪار هلائڻ شروع ڪئي ته هينڊل هڻڻ جو به وارو
ايندو هو.
اهي هينڊل واريون گاڏيون گهڻو وقت هليون، انهن تي
ڪيتريون فلمون به ٺهيون، جن جو پنهنجو مزو هوندو
هو، ليڪن شايد 1955ع يا پوءِ جو ڊيزل گاڏيون آيون
ته اهي سيلف اسٽارٽ هونديون هيون، ليڪن سيلف جي
خرابي يا بيٽري جي خرابي هجڻ ڪري هينڊل يا وري ڌڪو
ڏيڻ جي ضرورت پوندي هئي، رستي تي مزا لڳا پيا
هوندا هئا، ڪارن ۾ ويٺل عورتون ۽ ٻار ته اندر ويٺا
هوندا هئا، باقي مرد حضرات ڌڪن ڏيڻ ۾ مصروف نظر
ايندا هئا. جڏهن کان سيلف اسٽارٽ گاڏيون شروع ٿيون
ته پوءِ وري بيٽري جي ڪمزوري سردي يا ٻئي سبب جي
ڪري جي گاڏي اسٽارٽ نه ٿيندي هئي ته هينڊل هوندا
ڪونه هئا، پوءِ انهن ڪارن کي ڌڪو ڏيڻ جا منظر جام
ملندا هئا. ٽيڪسي ڊرائيور، جگنو ۽ برسات فلم ۾ به
ڪار کي اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ هيرو کي ڌِڪا ڏيندي
ڏيکاريو ويو آهي، اسان پاڻ به پنهنجي دوستن ۽
ساٿين جي ڪارن ۽ جيپن کي ڌڪا ڏئي اسٽارٽ ڪندا
هئاسين، تڏهن محسوس ٿيندو هو ته انهن ڌڪن ڏيڻ کان
هينڊل سان زور آزمائي ڪرڻ وڌيڪ سؤلو هوندو هو.
هاڻ ته گاڏيون ڳريون به آهن ته هلڪيون ڦلڪيون به.
اجائي ڌڪي ڏيڻ جي تڪليف نه ٿي ٿئي، ورنه اسان کي
جيڪي پگهر نڪتا، انهن جي آلاڻ اڃا محسوس ٿيندي
آهي.
***
پنهنجي عزيز دوستن ۽ ساٿين جي زندگيءَ جا دلچسپ
ڪارائتا ڪارناما لکڻ ته ڪو خاص ڏکيو ڪم ڪونهي،
بلڪه اهي لکڻ ۾ به ڏاڍو مزو ڏيندا آهن، ليڪن ڪنهن
اهڙي شخصيت جي وڇوڙي تي قلم ڏاڍو ڏکيو ڪم ڪندو
آهي، جيترو آءٌ پنهنجي هڪ نهايت عزت ۽ پيار ڪرڻ
واري دوست سائين ديدار حسين شاهه جي وفات جي
موقعي تي لکندي محسوس ڪري رهيو آهيان، جيڪو 30
ڊسمبر 2018ع تي هن دنيا مان موڪلائي ويو ۽ خبر،
فيس بڪ ذريعي پئي، جنهن ۾ ڪنهن لکيو هئو ته ”سيد
ديدار حسين شاه (جسٽس) هڪ نهايت بلند پائي جو
انسان هو“ ۽ ديدار حسين شاهه لاءِ ’هئو‘ جو لفظ
پڙهي آءُ ڇرڪي ويس، ڇو جو مون کي سندس بيماريءَ جي
ته خبر هئي ۽ اها ڳالهه به معلوم هئي ته هُو شديد
تڪليف ۾ آهي، وري جو هن هميشه جي ابتڙ منهنجي نون
ڪتابن ملڻ تي به ڪو فون ڪونه ڪيو، جڏهن ته جنهن
ڏينهن به منهنجو نئون ڪتاب هن کي ڪوريئر ذريعي يا
منهنجي ڀاءُ منظور جي هٿان ملندو هو ته هُو ان
ڏينهن مون کي فون ضرور ڪندو هو ۽ اهي پيار ۽ همت
ڀريا لفظ ڳالهائيندو هو، جو دل چوندي هئي ته وري
جلدي نئون ڪتاب لکان ۽ کيس موڪليان. ليڪن گذيل ڏهن
مهينن کان نه هن منهنجي ڪنهن ڪتاب تي فون ڪيو هو،
جنهن کي آءُ رسيدي ٽڪيٽ چوندو هئس ۽ پاڻ ٽهڪ ڏيندو
هو، نه ئي وري منهنجي فون ڪرڻ تي ڪو جواب مليو، ان
ڪري مون منظور کان به پڇيو هو ته شاهه صاحب خيريت
سان ته آهي نه؟ هن وراڻيو ها، لڳي ته ٺيڪ ٿو، آءُ
تنهنجا ڪتاب به موڪليندو رهندو آهيان. ليڪن هر
ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي به ته اڻ ٽر آهي.
سيد ديدار حسين شاهه سان منهنجون ملاقاتون ته ادبي
حوالن سان سندس آتم ڪهاڻين جي افتتاح تي ۽ تعليمي
لحاظ کان يونيورسٽيءَ ۾ به ٿينديون هيون، خاص ڪري
سليڪشن بورڊ ۾ جتي هُو آخر تائين ميمبر رهيو ۽
پنهنجي فرض جي بجاءِ آوري لاءِ بيمار هوندي به
ضرور ايندو هو ۽ ايندي ئي فون ضرور ڪندو هو. هن
ٿوري وقت ۾ اهڙو ته پنهنجائپ وارو انداز اختيار
ڪيو هو جو لڳندو هو ته ڪا هن سان تمام پراڻي
واقفيت آهي، وري جو منهنجي يادگيرين جي ڪتابن تي
طويل گفتگو ڪندو هو ته لڳندو هو ته هُو به ڪٿي
ڪنهن يادگيريءَ ۾ ضرور موجود آهي.
هڪ دفعي هن مونکي چيو ته ”قاضي صاحب، پاڻ تمام
گهڻو اڳي به ملي چڪا آهيون، ياد ڪريو ته ڪٿي؟“
ليڪن مونکي ياد نه آيو، تڏهن چيائون ته ”نشاني
ڏيان ٿو، پوءِ ته ياد ايندوَ.“ ائين چئي وري
چيائين، ڄام ساقي، پريس. مون کي ياد آيو ته 1965ع
يا 66 ۾ هن سان ملاقاتون ٿيون هيون جن ۾ ڄام ساقي
به هئو ۽ منهنجي پريس، حيدرآباد پرنٽنگ پريس جا
ڪجهه منظر ذهن ۾ آيا، ليڪن چڱي طرح ياد نه آيم.
سال کن اڳي کين جيڪا تڪليف ٿي هئي، تنهن وقت
منهنجي عزيز بزرگ دوست محترم حبيب الله صديقي کي
به اها ئي تڪليف ٿي هئي ۽ هو به سيد ديدار حسين
شاهه سان گڏ علاج ڪرائي چڪو هو، جنهن تي شاهه صاحب
پاڻ مون کي فون ڪري سندس طبيعت جو پڇيائين، ۽
چيائين ته ”آءُ ته تعليم کاتي ۾ هئس جتي حبيب الله
صاحب اسان جو صاحب هو.“ آءٌ حيران ٿي ويس، ڇو جو
اڄڪلهه ماڻهو وڏي عهدي ملڻ تي استادن کي ته
وساريو ڇڏين. پر غريب ماءُ پيءُ مان به هٿ ڪڍيو
وڃن ۽ هيءُ هڪ وڏو وڪيل، هڪ سياسي اڳواڻ ۽ هاءِ
ڪورٽ جو چيف جسٽس، ان شخص جو ذڪر ٿو ڪري جيڪو ڪنهن
دور ۾ سندس صاحب ٿي رهيو هئو!
منهنجي نظر ۾ والدين جي عزت ته تمام مٿانهين آهي،
ليڪن جيڪو شخص پنهنجي استاد جو مانُ نه ٿو ڪري اهو
انسان جي زمري ۾ نه ٿو اچي، جڏهن ته سيد ديدار
حسين شاهه جي فطرت ۾ جيڪا عظمت هئي اها سندس نوڙت
واري راز ۾ ئي لڪل هئي.
هن لاءِ گهڻو ڪجهه لکبو مونکي لڳي ٿو ته هن جي
وفات جي ڪري نه صرف هڪ ٽيليفون نمبر منهنجي لاءِ
ختم ٿي ويو هجي بلڪه سڏ تي سڏ ڏيندڙ، وقت تي ڪوبه
ڪم ۽ ڪابه مدد ڪرڻ وارو هڪ در بند ٿي ويو هجي.
مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ جيتريون فلمون
رتي ديري ۽ ٽنڊي آدم ۾ ڏٺيون، ايتريون ٻين هنڌن تي
ڪونه ڏٺم، حالانڪه سکر، نوابشاه، ٽنڊومحمد خان،
سجاول ۽ ميرپورخاص ۾ به فلمون ڏٺيون هئم، ليڪن اتي
ڏٺل فلمون ياد ڪونه اٿم، فلمن کي ڏسندا ضرور
هئاسين، جو امان توڙي بابا، بلڪه چاچا غلام قادر ۽
منهنجي پڦي جنهن کي اسين امان ننڍي چوندا هئاسين،
جيڪا اسان سان گڏ رهندي هئي، ان کي به فلمن ڏسڻ جو
ڏاڍو شوق هئو، امان کي چوندي هئي ته ”ڀائوءَ کي
چئه ته اڄ کيل ڏيکاري.“
1950ع کان 1958ع تائين جيڪي فلمون ڏٺيوسين، تن مان
گهڻين جو مون ذڪر پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ۽
اهو به لکيو اٿم، جن کي وري ڏسڻ جي تمنا به آهي،
پر اهي نه نيٽ تي آهن ۽ نه ئي وري وي.سي.آر جي
سي.ڊي يا ڊي.وي.ڊي تي ملي سگهيون آهن، البته انهن
جا گانا ملن ٿا، سي به صرف آواز، تصويرون ۾ ٿيون
ملن، انهن مان فلم مينا بازار، جنهن ۾ هيرو شيام
هئو، نرگس هيروئن هئي، جڏهن ته گوپ به انهن فلمن ۾
مسخري يا ولين جي روپ ۾ هو، هي فلم ٽنڊي آدم ۾
شاهه ٽاڪيز ۾ 1956ع ۾ ڏٺي هئم، هڪ دفعو نه بلڪه
ڪئين ڀيرا، ڇو اتي اسين روز سئنيما ۾ ويندا
هئاسين، شاهه ٽاڪيز جو مالڪ عالم شاهه هو، جنهن جي
رتي ديري واري سئنيما ۾ به ڪئين فلمون ڏٺيون
هيوسين، اتي خاص فلم پربت، ياد آهي، جنهن ۾ نوتن،
پريم نات، ۽ ڪي اين شاهه اداڪار هئا ۽ فلم پنهنجي
خوبصورت گانن جي ڪري مشهور ٿي هئي.
1958ع ۾ جڏهن بابا ڇاڇري ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو ته
هڪ دفعي اسين ڪراچيءَ ويا هئاسين جتي چاچا حفيظ جي
آرام باغ وٽ آفندي منزل واري فليٽ ۾ وڃي رهيا
هئاسين. امان، بابا، منظور، دادا مشتاق به گڏ هئا،
اسان لائيٽ هائوس سئنيما ۾ ’بر ها ڪي رات‘ فلم ڏٺي
هئي جنهن ۾ ديوانند ۽ نرگس جي جوڙي هئي، ۽ جيراج
ڪريڪٽر رول ۾ هو. هيءَ فلم ڪهاڻي جي لحاظ کان ڪا
ڪالي گهٽا يا بادل ۽ ساقي جهڙي دلچسپ ڪانه هئي، پر
گانا سٺا هئس، هاڻي به سٺا ٿا لڳن، پر مون کي لڳي
ائين ٿو ته پاڪستاني فلم دوپٽه، انهيءَ ڪهاڻي تي
ئي ٺاهيل آهي، بهرحال هن کي ياد ڪري ڪراچيءَ جي
سامونڊي هوا ۽ بندر روڊ تي ڪار ۾ ڪيل سواري ضرور
ياد ٿي اچي.
هڪ پاڪستاني فلم صابره به ڏاڍي ياد ايندي آهي،
جيڪا ٽنڊي آدم ۾ ئي ڏٺي هئم، جنهن جي هيروئن سورن
لتا هئي، ان وقت سورن لتا ۽ نذير جي فلم نوڪر هٽ
ٿي چڪي هئي ۽ ان جو گانو
’راج دلاري‘ ڏاڍو مشهور ٿيو هو ۽ صابره جو هڪ
گانو به ڏاڍو مشهور ٿيو هو، جنهن کي اڄ به ٻڌجي ٿو
ته دل تي عجيب اثر ٿو پوي،
رات هوگئي جوان، نغمه بن ڪي چهاگئي لب پي دل کي
داستان
هاڻي، اهي گانا ٻڌجن ٿا ته بابا، امان، چاچا، دادا
مشتاق ۽ اهي چهرا جيڪي هاڻ هن دنيا ۾ ناهن، سامهون
اچيو ٿا بيهن.
***
خوف يا ڊپ هڪ اهڙي خوفناڪ ڪيفيت آهي، جيڪا انسان
کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ نه ڏيندي آهي، باهه ۽ پاڻي
کان ڊپ، رات جي اونداهيءَ کان ڊپ، جن ۽ ڀوت جو ڊپ،
ڪنهن جي ناراض ٿيڻ جو ڊپ، رات جو اڪيلي وڻ هيٺان
لنگهڻ جو ڊپ، رات جو قبرستان وڃڻ کان ڊپ، ڪنهن جي
نظر لڳڻ جو ڊپ، ڪتي، نانگ ۽ وڇونءَ جو ڊپ ۽ هاڻ
هوائي جهاز ۾ چڙهڻ جو ڊپ، تيز رفتاري سان ڊرائيو
ڪرڻ جو ڊپ، ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي ئي خوابن کان
ڊپ، مطلب ته معاشري جي هر ڪار ڪرت ۾ جڏهن اهو ڊپ
گهڙي ٿو اچي ته انسان ڪڏهن ڪڏهن ته بيزار ٿي خود
پنهنجي زندگيءَ جو پاڻ انت آڻيو ڇڏي، ڇو جو هن کي
موت کان به هر وقت ڊپ رهي ٿو، پر پوڙهو ٿي ڪنهن
اهڙي صورت کان به ڊڄي ٿو جڏهن هو هلڻ ڦرڻ ۽ ٻين
ضروري ڪمن ڪرڻ جهڙو نه رهي سگهي وري مٿان اهو ڊپ
ته سندس اولاد، مٽ مائٽ ۽ دوست احباب به ڪٿي کيس
بي واهه نه ڪري ڇڏي، نه ڏين. ٻين لفظن ۾ ڊپ جي
قلعي ۾ بند ٿي وهڻ کان پوءِ به ڊپ کان جان نه ٿو
ڇڏائي سگهي. سائنسي ترقيءَ کان اڳ هن ڪيفيت جو
روحاني علاج ڪيو ويندو هو، جيڪو وري هڪ ڊپ مان ٻيا
ڪئين ڊپ پيدا ڪندو هو، جڏهن ته سائنس ان کي
نفسياتي عمل ڪوٺيو آهي ۽ ان جي علاج جا طريقا به
ٻڌايا آهن، ڪيترن نفسياتي توڙي ميڊيڪل ماهرين اهڙن
مرضن جا نهايت کوجنائون ڪري دوائن ۽ ٻين نفسياتي
طريقن سان علاج دريافت ڪيا آهن، جيڪي نهايت ڪامياب
ٿيا آهن، ليڪن ڊپ هميشه اهو ٿو لڳي ته ڪٿي اهي
دوائون ري ايڪشن نه ڪري وڃن! ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
منهنجي نظر ۾ خوف يا ڊپ به پيار، نفرت، بهادري،
بزدلي، سستي وغيره جهڙي هڪ اندروني ڪيفيت آهي،
جنهن جون پاڙون انسان جي نفسيات ۾ کتل آهن، انهن
سان هڪ
Builttin
خوف آهن، ته ٻيا وري زمانو وهمن ۽ وسوسن اسان جي
ميموري ڪارڊ ۾ ڀريندو رهي ٿو، تنهنڪري ٻنهي جو جدا
جدا تجزيو ڪرڻ گهرجي.
سنڌي چوڻي، سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري، جنهن
آکاڻيءَ موجب ٻه دوست واهه جي ڪپر تي پاڻيءَ ۾ پير
وجهيو ويٺا آهن. انهن مان هڪ کي پاڻي اندران نانگ
چڪ ٿو هڻي ليڪن ان وقت پاڻيءَ جي مٿاڇري تي هڪ مڇي
منهن ٿي ڪڍي، جنهن تي اهو شخص اهو سمجهي ته ان
مڇيءَ چڪ هنيو آهي، بي فڪر ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته ٻئي
شخص کي هڪ مڇي ٿي چڪ هڻي ۽ اوڏيءَ مهل نانگ، پاڻي
مان منهن ڪڍي ترندو هليو ٿو وڃي جنهن تي ان شخص کي
پڪ ٿي ٿئي ته کيس نانگ چڪ هنيو آهي ۽ خوف کان دل
بيهي ٿي رهيس. انهيءَ مثال کي آڏو رکي ڏسو ته
معلوم ٿيندو ته اسين ڪيترين ڳالهين کان اهڙي سلسلي
۾ خوفزده هوندا آهيون، جن جو ڪو وجود به ڪونه
هوندو آهي، جيئن ڪي ماڻهو ٽرين ۾ چڙهندي ئي وضيفا
پڙهڻ شروع ڪندا آهن ته ڪٿي اها ڪري نه پوي!
سنڌي فلمن جا ٻه هيرو مشهور ٿيا، حسين علي شاهه
فاضلاڻي، جنهن عمر ماروي ۽ پرديس فلمون ٺاهيون، ۽
هيرو جا رول ڪيائين، جيڪي اڄ ڏينهن تائين سنڌيءَ
ٻوليءَ جون بهترين فلمون آهن ته ٻئي طرف مشتاق
چنگيزي جنهن تمام گهڻين سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن
مان شهرو فيروز ۽ نوري ڄام تماچي تمام مشهور ٿيون،
خاص ڪري يوسف جي آواز ۾ ڳايل شهرو فيروز جي گانن
جو ته ڪو جواب ڪونهي، مون هيءَ فلم عمر ماروي ۽
پرديسيءَ وانگر گهڻائي ڀيرا ڏٺي ۽ ان جو گانو.
غم کٽدي نهين، ڦٽ ڇٽدي نهين، ظالم،
عشق دي واعدي الا کٽدي، نهين.
مون کي اڄ به اهو گانو ڏاڍو وڻندو آهي، اهڙو ئي
ٻيو هڪ گانو هندستاني پنجابي فلم ڀنگڙا جو به ياد
اٿم جيڪو درد سان ٽمٽار لڳندو اٿم،
ملهه وکدا سجن مل جائي لي ليوان مين چندِ ويچ ڪي.
هيءُ ٻئي مشهور هيرو زندگيءَ جي آخري ڏينهنِ ۾
تمام تڪليف دهه انداز ۾ گذاريندا ڏٺم، فاضلاڻي
صاحب سان ڏيئلداس ڪلب ۾ اچڻ کان پوءِ تفصيلي
ملاقاتون ۽ رهاڻيون ٿيون، هن جا حالات ٺيڪ نه هئا
۽ هُو جلد ئي گذاري ويو.
مشتاق چنگيزيءَ سان واسطو پروفيسر امام بخش ملاڻي
جي ڪري ٿيو، جو هُو سندس اڳ ڄائو پٽ هو ۽ ريڊيو
ٽي.وي جي حوالي سان به هن سان ملاقاتون، ٿيون، ان
وقت هن جي اداڪاره چڪوريءَ سان جوڙي مشهور ٿي ليڪن
بعد ۾ جڏهن هو اداڪاري ڇڏي چڪو هو، سنڌي فلمن بلڪه
فلمن جو ئي زمانو ختم تي هو، ته هن سان ڏيئلداس
ڪلب ۾ اداڪار حبيب سان گڏ ملاقات ٿي، جيڪو منهنجو
بهترين دوست بڻجي چڪو هو ۽ حيدرآباد اچڻ تي سڀ کان
پهرين مون سان ڪلب ۾ ملڻ ايندو هو، هيءُ دور مشتاق
چنگيزي جي زوال جو هو، جنهن جو هڪ مثال اهو هُو جو
هو ريڊيو حيدرآباد تان هڪ فلمي پروگرام ڪندو هو ۽
اتي جا پروڊيوسر هن جي ڪا خاص عزت ڪونه ڪندا هئا،
اها خبر تڏهن پئي جڏهن هڪ دفعي مونکي چيائين ته هڪ
پروڊيوسر کي سندس لاءِ سفارش ڪري ته کيس ڪجهه وڌيڪ
پروگرام ڏئي، ڇو جو هن جي انهن پئسن مان پورت نه
ٿي ٿئي، مون هن لاءِ چيو ته ضرور پر اهو ڏک ٿيم
ته شل ڪو مجبور نه ٿئي.
انب جهڙو ڪو ميوو ڪونه سُجهي، جنهن کي سنڌ ۾ نه
صرف ميوي طور کاڌو ويندو آهي، بلڪه انب ڀت يا انب
ماني به کائي سگهبي آهي، خاص ڪري جڏهن اسين
پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ ويندا هئاسين ته انب جي موسم ۾
ٽي ئي وقت مانيءَ سان انب ضرور شامل هوندو هو، ان
وقت اڃا سنڌڙي، سرولي، لنگڙو، انور رٽول، ڪليڪٽر
بينگن ڦلي يا چونسو انب عام ڪونه ملندا هئا، بلڪه
سنڌڙي ته وجود ۾ ئي پوءِ آيو، البته طوطاپوري ۽
سنڌي انبن جا جام قسم ملندا هئا، جن ۾ مٺا انب به
هوندا هئا ته ترش به. ڏسڻ ۾ صفا سون جهڙو رنگ
هوندي به ڪيتريون ئي جنسون کٽيون هونديون هيون،
ليڪن خوشبو سڀني ۾ هوندي هئي، انب جڏهن شام جو گهر
۾ ڪنهن پاڻيءَ جي ٿالهه يا گينڊين ۾ ٻنجيون لاهي
ٿڌا ٿيڻ لاءِ رکبا هئا ته گهر انهن جي خوشبوءِ سان
مهڪي پوندا هئا ۽ اها ئي موسم پلي جي به هوندي هئي
پوءِ پلو ۽ انب ڄڻ ته رات جي ماني لاءِ مخصوص ٿي
ويو هو.
اڄ به جڏهن پلي کي ياد ڪري انب کائبو آهي ته ڪٿان
پري کان بلڪه دل جي اندران پلي جي خوشبوءِ نڪري
ايندي آهي، جيڪو سنڌو جي سڪڻ جي ڪري درياهه ۾ ئي
ڪونه اچي، پلو هونئن ته هر ان نديءَ ۾ ملندو آهي
جنهن جو ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو، بنگال ۾ ان کي هلسا
ڪري چئبو آهي، پلو يورپ ۽ آمريڪا ۾ جام ٿئي ٿو،
جيئن اسان وٽ گوادري پلو ٿئي ٿو، جيڪو جسم ۾ سنڌي
پلي کان وڏو پر سڻڀ ۾ گهڻو گهٽ ٿئي، تنهنڪري اسان
سنڌين کي سنڌوءَ جي پلي جو واس ۽ سواد ٻين پلن کان
وڌيڪ لڳندوآهي، چون ٿا ته پلو هالينڊ کان هلي
ايراني نار کان ٿي، گوادر وٽان هلندي، هندي سمنڊ ۾
اچي ٿو ۽ جتي سنڌو ڇوڙ ڪري ٿي، اتي آنا ٿو ڏئي
جتان ڦٽي پلا کاري پاڻي ۾ پيدا ٿيڻ کانپوءِ مٺي
پاڻيءَ ڏانهن وڌن ٿا ۽ ايئن وهڪري جي ابتڙ سفر ڪن
ٿا.
سائين محرم خان جيڪو سنڌي شعبي جو پروفيسر هئو، پر
بنيادي طرح وگهاملن جي سگهڙ خاندان مان هئو، چوندو
هو ته پلي ۽ انب جي موسم ۾ زڪام ٿيندو آهي، انڪري
جو اهي ٻئي خشڪ ۽ ٿڌي مزاج جا آهن.
****
جيئن اسٽيج جو ڪو اداڪار اوستائين مشهور به رهي ٿو
ته ماڻهو هن کي ڏسڻ ۽ هن سان ملڻ جا به خواهشمند
نظر ايندا آهن ۽ جڏهن هُو اسٽيج تان لهي، زندگيءَ
جي ڪُن ۾ گردش ڪرڻ لڳندو آهي ته هن جا چاهيندڙن به
هن جي شخصيت کي وساري وهندا آهن، جنهن جا ڪيترا
مثال اوهان کي هِت هُت نظر پيا ايندا. اها ٻي
ڳالهه آهي ته هن جا ڪيل ڪردار، ناٽڪ ۽ فلمون وڏي
وقت تائين پسند ڪيون ٿيون وڃن، بلڪل ان طرح هڪ
اديب به آهي، جيستائين هُو ناول، افسانا، ڊراما يا
ڪن سماجي ۽ سياسي لکڻين ۾ مشهور آهي ته ايستائين
هن جا شائقين به هن سان ملڻ ۽ سندس شخصيت تي
ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن، پر جڏهن ڪو تمام
سٺو ليکڪ به چند ناقابل فراموش يادگار تخليق ڪري،
گوشه تنهائيءَ ۾ هليو ٿو وڃي ته وقت گذرڻ سان هن
جا نقش مدهم ۽ پيرا ڊهندا ٿا وڃن، جن جو اڀياس
منهنجي لاءِ هڪ وڏو سبق رهيو آهي، جنهن جي زيراثر
آءٌ لکندو ئي رهان ٿو ۽ ادبي اسٽيج کان ڪنارڪشي نه
ٿو ڪريان، ڇو جو مون کي خبر آهي ته منهنجي پٺيان
هڪ وڏي قطار لکندڙن جي آهي جيڪا کٽڻي ناهي ۽ جي
مون پنهنجي ڏات جا دروازا پوري ڇڏيا ته اتي ڪي ٻيا
اچي ويندا ۽ آخر ۾ مان وسريل ياد بنجي پنهنجي مٽن
مائٽن يا ڪن تمام ٿورن دوستن جي ياد ۾ وڃي ديرو
ڄمائيندس. منهنجي رٽائرمينٽ، 2005ع، کانپوءِ جڏهن
مون کي ڪئين الوداعي محفلن ۾ وڃڻو پيو ته اتي به
جيڪي عالم اديب استاد ۽ دوست ايندا هئا، اهي چوندا
هئا ته هاڻ قاضي خادم اڳ کان به وڌيڪ جذبي ۽ رفتار
سان لکندو، ان ڪري جو هاڻ هن تي ٻيا ڪي سرڪاري ڪم
ڪار حاوي نه رهيا آهن، خاص ڪري جڏهن ريڊيو پاڪستان
تان مون سان هڪ انٽرويو ڪندي پروڊيوسر ذوالفقار
هيسباڻيءَ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جوئي کان
ٽيليفون تي مون بابت راءِ طلب ڪئي ته هن هڪ نهايت
معنيٰ خيز جملو چيو جيڪو اڄ به مون وٽ ٽيپ تي
محفوظ آهي، هن چيو ته، ڪجهه وقت لاءِ سرڪاري
مصروفيت جي ڪري قاضي خادم ادبي کيڙ مان بيشڪ دور
ٿي ڪنهن خوشبوءِ جيان هڪ شيشيءَ ۾ بند ٿي ويو هو،
ليڪن هاڻ اها خوشبوءِ وري شيشيءَ کان ٻاهر نڪري
آئي آهي، جيڪا چوطرف ڦهلجي رهي آهي. هيءُ وڏا همت
افزائي وارا لفظ هئا ۽ اهي ٻڌي مون کي پنهنجي
نهايت عزيز دوست ۽ اديب غلام رباني جا اُهي لفظ
ياد اچي ويا، جيڪي هن سان وڏي عرصي کان پوءِ نسيم
نگر ۾ ٿيل هڪ ملاقات ۾ هُن مونکي چيا، هن چيو ته،
”قاضي لکڻ نه ڇڏجائين، تون ته هڪ سچو ۽ کرو اديب
آهين، هتي ته ڪيترا عطائي به اجاين ڪتابن جا ڍير
لکي الاهي ڇا مان ڇا ٿي ويا آهن، جڏهن ته هنن جون
لکڻيون بي معنيٰ ۽ بي مقصد آهن، مڙئي ڪتابن جا ڍير
ڏيکاري مراعتون حاصل ڪيون اٿن.“ ان کان پوءِ مون
وري قلم هٿ مان نه رکيو.
ان کانسواءِ هر محفل ۾ محترم مظهرالحق صديقي اهو
ضرور چوندو هو ته: هاڻ قاضي خادم حسين وري پنهنجي
لکڻين سان ادب کي مالامال ڪندو ۽ اسان کي ڪيترائي
ڪتاب ڏيندو.“
پروفيسر قوي احمد به اهڙي هڪ دعوت ۾ نهايت معنيٰ
خيز نموني ۾ شاهه جو شعر پڙهيو هو:
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا وئا،
تهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
ان وقت مونکي سنڌ جي عظيم شاعر ۽ ان وقت جي سنڌ
يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر شيخ اياز جا چيل اهي
لفظ ياد آيا، جڏهن منهنجو هڪ ناول پڙهي هن چيو هو
ته ”خادم، پاڻ ڪڏهن به پوڙها ڪونه ٿينداسين.“
پوءِ مون اهو ڏٺو ته جن اديبن پنهنجي سڄي عمر
پنهنجي قلم کي جوان رکيو، جن ۾ شيخ اياز، محمد
عثمان ڏيپلائي، غلام رباني، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ، شمشيرالحيدري، حميد سنڌي، آغا سليم
جن جا نالا سر فهرست آهن، انهن جا ڪيترا هم عصر جن
جا افسانا، ڪالم ۽ ناول پنهنجي دور ۾ شهرتن جي
بلندين تائين وڃي پهتا، اهي آهستي آهستي وقت جي
ڌنڌ ۾ غائب ٿي ويا، هاڻ صرف سندن ورسين تي ئي کين
ياد ٿو ڪيو وڃي ۽ اتي به ڪيترا ماڻهو پڇن ٿا ’هي
ڪير هئو؟‘ مون ڪوشش ڪري ماضيءَ جي اهڙن مانائتن
شخصيتن جي باري ۾ بار بار لکيو آهي، هنن جي ادب
جي توڙي شخصي زندگيءَ تي به پنهنجا رايا لکيا اٿم
ليڪن ان ڳالهه ۾ يقين اٿم ته جنهن ڏيئي ۾ جوت ۽
جنهن گل ۾ خوشبو هوندي انهن کي هوا ڪڏهن گُل يا گم
ڪونه ڪندي، بلڪه انهن جي روشني ۽ واس هميشه دائم ۽
قائم رهندو. انڪري ئي چوان ٿو ته زندگيءَ ۾ هڪ
فنڪار کي اسٽيج ڇڏڻ نه گهرجي نه اديب کي قلم.
اسان جي وقت ۾ ڪوڊڪ، اگفا ۽ ياشيڪا ڪيئمرا تمام
گهڻيون مشهور هونديون هيون، ڪينن وغيره به هيون
ليڪن اهي گهڻو ڪري صرف پروفيشنل ڪم لاءِ استعمال
ٿينديون هيون، باقي ڪوڊڪ 120 کان وٺي ڪئمرائون
شروع ٿينديون هيون جنهن جي قيمت 25 روپيه هئي،
چاچا گل حسن جي پٽ نجم الحسن (نجميءَ) وٽ 120
ڪئميرا هوندي هئي، جنهن سان ننڍا پر نهايت چٽا
فوٽو اڃا به اسان جي ننڍپڻ جي يادگيرين کي آباد
ڪيو ويٺا آهن.
مون به ڪوڊڪ ۽ اگفا جون ڪيمرائون ورتيون، مهانگيون
نه پر سستيون، ليڪن فوٽو نهايت چٽا نظر ايندا هئا،
ان وقت ڪيئمرا ۾ رول پوندو هو، جنهن ۾ 16 يا 32 يا
وڌيڪ فوٽو ڪڍي سگهبا هئا ۽ فليش لائيٽ لاءِ وڏيون
فليش لائيٽ لڳائبيون هيون ۽ هر فوٽو لاءِ جدا بلب
استعمال ڪرڻو پوندو هو، اسان جي مائٽن ۽ چاچا محمد
تقي جي پٽن خاص ڪري ادا امير اختر اهڙين ڪئميرا جو
شوقين هوندو هو، ياشيڪا ۽ ڪوڊڪ ۾ دٻو نما ڪيمرائون
به اينديون هيون جيڪي فوٽن جا شوقين استعمال ڪندا
هئا، جڏهن ته ڪمرشل فوٽو گرافر ڪوڊڪ جي وڏي دٻي
نما ڪئميرا سان فوٽو ڪڍندا هئا، جيڪي تمام چٽا به
هوندا هئا ۽ انهن سان گروپ فوٽو تمام سٺا نڪرندا
هئا. اسان جي ننڍپڻ ۾ گهر ۾ بابا جي گروپ فوٽن جو
وڏو ذخيرو موجود هئو، جيڪو 1925 کان وٺي 1959ع
تائين جيسين فوٽن تي مشتمل هو، جيڪي هن جي مختلف
هنڌن تي مقرري يا بدلي وقت ڪڍي ويا هئا ۽ خاص ڪري
حيدرآباد جي اسپيڊ فوٽو اسٽوڊيو جو چاچا گروپ فوٽو
ڪڍڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ جٿي ڪٿي اچي پهچندو هو، ان کي
ته قادياني هجڻ جي الزام ۾ ماري ڇڏيائون، پر پوءِ
ٻيا ڪافي اسٽوڊيو، فوڪس اي ون، وغيره ڪافي وقت
ميدان ۾ رهيا.
منهنجي ڀائرن ۽ پٽن کي به ڪيمرائن جو شوق رهيو
جنهن جو آئون ذڪر ڪندو رهيو آهيان، هينئر، ياشيڪا
جو هڪ قيمتي ماڊل مون وٽ پيو هو، جيڪو هڪ استاد
اسلم ميمڻ کان ورتو هئم ۽ منهنجي پٽ شفقت جي پاڪيٽ
ڪوڊڪ اڃا پئي آهي، پر هاڻ انهن جا رول ئي نه ٿا
ملن.
مونکي ننڍپڻ کان ئي هِل اسٽيشن جي موضوع واريون
فلمون ڏاڍيون وڻنديون هيون، برسات ۽ مڌومتي انهن ۾
خاص جڳهه رکنديون هيون، انهن حدن ڪهاڻيون ئي هِل
اسٽيشن سان واسطو ٿيون رکن، جيئن برسات ۾ ڪشمير جو
پس منظر پيش ڪيل آهي، جڏهن ته اها ٻي ڳالهه آهي ته
نرگس جي ماءُ جون ٻائي هن کي ڪشمير وڃڻ جي اجازت
نه ڏني تنهنڪري مها بليشور ۾ ئي اها فلم ٺاهي وئي
ائين ديدار کان ’ڪٽي پتنگ‘ تائين بي شمار فلمون پڻ
هندستان توڙي پاڪستان ۾ هِل اسٽيشن جي موضوع تي
ٺهيل آهن، خاص ڪري پاڪستان ۾ ڪوهه مري، نٿيا گلي ۽
سوات جا نظارا ته تمام گهڻين فلمن ۾ ڏٺاسين، ليڪن
انهن مان اوائلي فلمون بليڪ اينڊ وائيٽ هجڻ ڪري
وڌيڪ پراسرار لڳنديون هيون، جڏهن پنهنجي اکين سان
پهاڙن ۽ آبشارن جا رنگ ڏٺاسين ته ڄڻ انڌي کي اکيون
ملي ويون، اهوئي سبب آهي جو مون پهريون ناول ’پيار
۽ سپنا‘ ڪوه مريءَ جي پس منظر ۾ لکيو.
جابلو علائقي جي فلمن جو وڏو موضوع پرديسين جو
پيار هو، جابلو شوقين اتي جي معصوم ڇوڪرين کي سهڻا
سپنا ڏيکاري يا ته بي وفائي ڪري ويندا هئا يا
مجبوريءَ سبب واپس نه ورندا هئا، جيئن فلم موسم ۾
سنجي ڪمار کي ڏيکاريو ويو آهي، ته هو ڪيئن ڪنهن
سبب جي ڪري پنهنجو پيار قربان ٿو ڪري، ويچاريون
جابلو نازنينون، ’لوٽ آئو ميري پرديسي بهار آئي
هي‘ ڳائيندي ڏک جو اظهار ڪنديون نظر اينديون هيون.
هندستاني فلم محبوبه کان پاڪستاني فلم دوراها
تائين جا پهاڙي جادوئي نظارا وسرڻ جا ناهن،
حالانڪه پاڪستان جي پراڻين فلمن ۾ دوپٽه، انتظار،
گهونگهٽ، دوراها، هل اسٽيشن ۽ ڪيتريون ئي فلمون
پهاڙي پس منظر تي ٺهيل آهن، ليڪن رنگين فلمن اچڻ
ڪري هاڻ ڪو اثر ڪونه ٿيون ڇڏين، جڏهن ته هاڻ رنگين
۽ سئنيما اسڪوپ فلمون ڏسي اکيون کلي ٿيون وڃن.
مون کي دليپ ڪمار ۽ راجڪمار جي فلم سوداگر جا
جابلو حسين نظارا نه ٿا وسرن، جيڪا مون کي منهنجي
دوست محمد احمد (ممدو ڀائي) راحت سئنيما ۾ مئنيجر
هئڻ ڪري پڙدي تي ڏيکاري هئي، فلم نه هئي جادو هو.
مونکي ته رڳو ان جا جبل، نديون ۽ ساوا چهچ ميدان
ياد آهن، اداڪاريءَ ڏانهن ته ڪو ڌيان ڪونه ٿي ويو.
اهي نظارا وري جڏهن زندگيءَ ۾ مون کي پيارن ۽ حسين
ساٿين سان گڏجي ڏسڻ لاءِ مليا ته اهي به پڪا عڪس
بڻجي منهنجي شخصيت ۾ شامل ٿي ويا آهن، اڄ به جڏهن
مري، باڙا گلي، مينگورا، يا بالاڪوٽ جو سوچيان ٿو
ته ان ڳالهه تي يقين ٿو اچي، جيڪا ڪنهن دور ۾
ڊاڪٽر لاعلاج مريضن يا ڪن خاص مريضن لاءِ تجويز
ڪندا هئا ته ”هن جي هوا بدلايو ۽ ڪنهن جابلو
علائقي ۾ وٺي وڃوس.“
زندگيءَ ۾ مون جيڪي وڏا وڏا سبق حاصل ڪيا آهن، تن
مان هڪڙو اهو به آهي ته اسان جي عزت اسان جا
زيردست ڪرائن ٿا، نه ڪه اسان جا ’صاحب‘. اهي
پٽيوالا، چوڪيدار، ڊرائيور، بورچي آهن، جيڪي توهان
جي طبيعت توڙي مزاج ۽ اخلاق جي ڪري دل سان توهان
جي عزت ڪن ٿا ۽ ٻاهر به هو ئي توهان جي عزت وڌائين
ٿا، جڏهن ته توهين ڀلي سونا ٿي پئو پر توهان جو
باس ان کي ڪا اهميت نه ڏيندو بلڪه مون ڏٺو آهي ته
جيئن اڳئين وقت ۾ ماڻهو ڪئميرا جي سامهون مئل
شينهن جي سسيءَ تي پير رکي فوٽو ڪڍائيندا هئا،
تيئن توهان جا آفيسر ۽ باس توهان جي ڪيل ڪارڪردگي
۽ ڪارنامن تي پير رکي فوٽو ٿا ڪڍرائين ۽ نالو صرف
هنن جو ئي ٿئي ٿو. توهين نوٽ ڪندؤ ته ادارن جا
PRO
اداري جي ترقي ۽ ڪاميابيءَ جو هر قصو باس جي نالي
ڪندا نظر ايندا آهن، ٻئي طرف اهي چڱا ڪم ڪندڙ
ڪارڪن ڪنهن کي اهو ٻڌائيندي به شرمائيندا آهن ته
اهي ڪم باس جا نه بلڪه هنن جا ڪيل آهن، تنهنڪري
بلڊنگ جي بنيادي پٿر کان وٺي، رومز تائين، باس جو
نالو اڪريل ڏسندئو، يقين ڄاڻو ته هُن صرف فوٽو
ڪڍرائڻ وقت اها جاءِ ڏٺي هوندي.
هڪ دفعي جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ مشتاق قريشيءَ قاسم
آباد ۾ بنگلو پئي ٺهرايو، اسين بنگلي جو ڪم ڏسڻ
وياسين، جنهن ۾ ڪافي وقت لڳي ويو ڪجهه ٿڪ به ٿي
پيو ان تي دادا چيو ته، ”يار هينئر ڪو چانهه جو
گرم ڪوپ ملي وڃي ته واهه جو ڪم ٿي ويندو.“ ان وقت
اتي ويجهو يا آسپاس ڪا چانهه جي هوٽل يا ڍاٻو نظر
ڪونه پئي آيو، ليڪن ڏٺوسين ته پاسي واري بنگلي مان
هڪ ڊرائيور چانهه جا ٻه ڪوپ کڻي نڪتو ۽ اچي منهنجي
ڊرائيور نياز لانگاهه کي هڪ ڪوپ ڏنو، ان وقت نياز
به اکيون پور ٿي ويو ۽ مزي سان چانهه پيئندو رهيو،
جنهن تي منهنجي ڀاءُ چيو، ”ڏس ته تنهنجو ڊرائيور
به چانهه پيو پئي، پر پاڻ کي ڪو کنگهي ئي نه ٿو.“
مون چيومانس ’دادا‘ ليبر ڪراس يڪدم هڪ ٻئي جا دوست
ٿي ويندا آهن، جڏهن ته وڏا ماڻهو پنهنجي ئي پاڻ ۾
گم هوندا آهن، هي غريب ماڻهو ڀلي هڪٻئي لاءِ ڪيترا
اوپرا هجن، پر غربت جي مضبوط ڪڙيءَ ۾ جڙيل آهن
تنهنڪري هن اجنبي ڊرائيور پنهنجي هڪ هم پيشي
ڊرائيور کي چانهه پياري آهي، جڏهن ته اميرن جي
چوطرف پڪا ۽ لوهي ڪوٽ هوندا آهن، تنهنڪري انهن مان
اهڙي پنهنجائپ ڪڏهن به نه ٿي ملي سگهي.“
مرزا ڪاظم رضا بيگ
سنڌ جي نامياري محقق، تاريخدان ۽ شاعر
مرزا عباس علي بيگ جي غزل گوئي
سرزمين ٽنڊو آغا حيدرآباد سنڌ، علم، ادب، شعر و
سخن، فضل و ڪمالات ۾ يگانهء روزگار هستيون پيدا
ڪيون آهن، جن مان مرزا خاندان به هڪ آهي. هن
گهراڻي ادبي ۽ علمي پورهيي ذريعي نمايان مقام
ماڻيو. مرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جو خاندان 1863ع
کان هتي آباد آهي، جن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن سنڌي
ادب کي آب و تاب ۽ مٿاهون مقام عطا ڪيو آهي. نثر
هجي يا نظم يا ٻي ڪا ادبي صنف يا مذهبي شاعري،
بيشڪ هن گهراڻي جو ورثو رهيو آهي، جن مان هڪ مرزا
عباس علي بيگ به آهي. هيءُ بزرگ محقق، تاريخدان،
اهلِ قلم ۽ شاعر جي حيثيت سان پنهنجو سڪو ڄمائي
چڪو آهي.
مرزا عباس علي، هڪ شريف ۽ موقر گهراڻي جو فرد هو،
۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هن پنهنجين ذاتي صلاحيتن ۽ علمي
ادبي ڪارنامن جي ڪري بلند شخصيتن ۽ نامور عالمن ۽
تاريخدانن جي فهرست ۾ شمار ٿيڻ لڳو، جن به ساڻس ٻه
چار گهڙيون صحبت جون گهاريون ٿي سي سندن سهڻي
ڪردار ۽ گفتار تي موهت ٿي پيا.
مرزا عباس علي بيگ، ٽنڊو آغا ۾ تاريخ 24 مارچ
1924ع ۾ نامور مصور، شاعر، مرثيه خوان ۽ سلطان
الذاڪرين مرزا امام علي بيگ ’علي‘ جي گهر ڄائو.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ لکي ٿو ته: ”مرزا
امام علي بيگ کي مصوري، زردوزي ۽ خوشنويسي قدرت
حصي ۾ عطا ڪئي هئي. پاڻ ٻه ڀيرا عراق ۽ ايران جون
زيارتون به ڪيائين. پير سيد علي اصغر شاهه راشدي،
جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته وٽس رهندو هو ۽ کيس
’نقاش ازل اول‘ جي لقب سان سڏيندو هو. (از:
درِناياب عرف يادِ رفتگان- سنڌي ادبي بورڊ، ص 91).
علامه آءِ.آءِ قاضي جو ڀاڻيجو، نامور اديب ۽ شاعر،
ڊاڪٽر علي احمد قاضي، مرزا امام علي بيگ جي مصوري
جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته:
”ٽنڊي آغا جي مرزائن (مرزا فتح علي بيگ جو خاندان)
جي قبيلي ۾ ته هنر جي ڪا خدائي ڏات هئي، خاص ڪري،
مرزا قربان علي بيگ ۽ سندس ڀاءُ مرزا امام علي بيگ
ته اهڙا هنرمند هئا، جن کي هر لحاظ کان دستڪاريءَ
جا شاهڪار چوڻ واڌارو نه ٿيندو. هڪ ڏينهن محرم جي
شروع ۾ مرزا مدد علي بيگ ۽ مان امام بارگاهه علي
آباد (حيدرآباد) پهچي وياسين. عنقريب شام جي مجلس
ٿيڻ واري هئي، مرزا امام علي بيگ مرحوم اڃا تعزيعي
جي نقش و نگار لاءِ ابرق تي نفيس خيالي گل ۽ پرند
چرند چٽي رهيو هو. سندس قلم ۾ ايترا ته ڪي جواهر
ڀريل هئا، جو نهايت سخاوت سان ويو ٿي، هرهڪ پکيءَ
جي پُڇ ۽ پيرن تي جڙيندو، ڪٿي هيرا ته ڪٿي موتي،
ڪٿي فيروزا ته ڪٿي نيلم ۽ لعلون، بي انتها، بي
حساب، ڀلا جي راجا جي گهر موتين جو ڪال ڪونهي ته
مصور وٽ وري ڪهڙي کوٽي؟ جنهن کي وڻيس، تنهن کي
جهنجهيو ڇڏي، پنهنجون سرخيون، پنهنجون سبزيون، اتي
ئي سونهري مَس رکي آهي، ته اتي ئي سياهه، سفيد، سڀ
موجود. هٿ تخليق تي تيار، هلندو وڃي. حيرت آهي ته
منهنجي نظر مرزا امام علي کي ڇو نه لڳي! اي ڌرتي
امان، تو ڇو پنهنجا گوهر اپائي، نپائي، وري کپائي
ڇڏيا!“ (مضمون مرحوم مرزا قربان علي بيگ ’قربان‘،
از: ڊاڪٽر علي احمد قاضي، نئين زندگي، نومبر 1968ع
ص 26-27)
مرزا عباس علي بيگ، ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي وڏي
چاچي مرزا قربان علي بيگ قربان ۽ والد جي
سرپرستيءَ هيٺ نشو و نما حاصل ڪندو رهيو. سندس
زندگيءَ جو آغاز قرآن مجيد ۽ فارسيءَ جي تعليم سان
شروع ٿيو، جيڪا پهرين مرزا قربان علي بيگ ۽ ان
کان پوءِ والد کان حاصل ڪيائين، بعد ۾ انگريزيءَ
جا ڇهه درجا پاس ڪيائين. پڙهائيءَ دوران رات جو
انگريزيءَ جي تعليم پنهنجي وڏي سؤٽ ۽ سنڌ جي
نامياري اديب ۽ شاعر ۽ نثر نويس مرزا علي محمد بيگ
مظفر (جيڪو مير عبدالحسين خان سانگي ۽ ايڇ.ٽي
سورلي وٽ ريڊر هو) کان حاصل ڪيائين. پاڻ پهرين
خوراڪ کاتي ۾ فوڊ انسپيڪٽر جي حيثيت سان نوڪري
ڪيائين، مگر ورهاڱي کان پوءِ اها نوڪري ڇڏي،
محڪمئه خزانو، حڪومتِ سنڌ ۾ نوڪري به مرزا علي
محمد بيگ مظفر، مير غلام علي خان ٽالپر آف
ٽنڊومحمد خان کي (جيڪو رونيو جو وزير هو) چئي
وٺائي ڏنس، جتان سن 1981ع ۾ هيڊ اڪائونٽنٽ جي عهدي
تان
L.P.R
تي رٽائرمينٽ ورتائون. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو
ميمبر به رهيو ۽ انجمنِ اماميه سنڌ جو به ميمبر
رهيو.
مرزا عباس علي بيگ هڪ صاحبِ طرز انشاء پرداز،
عالم، اهلِ قلم ۽ شاعر هو. سندن تصنيفات جو معيار
علمي حيثيت سان بلند آهي. جن ۾ نهج البلاغه، تفسير
سوره يٰس، ملاقات امام، ڪليات ثابت علي شاهه، مقتل
لهوف، ميان سرفراز خان عباسي، تاريخِ سنڌ ٽالپر
دور، ترخان نامو. سندن اڻ ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن
ريت آهي: سنڌ جا فارسي گو شاعر، تاريخ سنڌ ٽالپر
دور (جلد ٻيو)، ديوانِ جعفري (اردو)، حملئه حيدري،
ديوانِ مير، تاريخ بلوچي (واڌارن ۽ سڌارن سان) سنڌ
۾ شيعت جو آغاز، اسان جو حسب نسب ۽ خاندان، انتخاب
نادره (حڪايات مشاعره و مناظره)، ديوانِ عباس،
ڪلياتِ عباس وغيره شامل آهن. سندن، سنڌ جي تاريخ
تي لکيل تاريخي مقالا ۽ مضمون، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب
جو بيش بها خزانو آهن. پاڻ هڪ ديانتدار، صوم و
صلواة جو پابند، خوش اخلاق، رلڻوملڻو، کِلَ مُک
انسان هو. هُو پنهنجي تواضع ۽ انڪساري، نوڙت ۽
نماڻائيءَ جي ڪري، پنهنجن دوستن ۽ عزيزن جو وڏو
حلقو ڇڏي ويو.
مرزا عباس علي بيگ وٽ ناياب ڪتابن ۽ تصويرن جو هڪ
وڏو ذخيرو موجود آهي. اهوئي سبب آهي جو بي.بي.سي
جو نمائندو رضا علي عابدي پنهنجي ڪتاب ’ڪتبخانه‘ ۾
لکي ٿو ته: ”حيدرآباد شهر ۾ ناياب ڪتابن جو ذخيرو
مرزا عباس علي بيگ وٽ آهي.“ پاڻ 8 مارچ 1999ع ۾
وفات ڪيائون. سندن وفات تي سنڌ جي نامور عالمن ۽
اديبن جيڪي تعزيتي رايا لکيا، انهن مان ڪي هِت ڏجن
ٿا:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”مرحوم مرزا عباس علي بيگ
پنهنجي وقت ۾ علم و ادب جي وڏي خدمت ڪئي، کيس ڪتاب
جو قدر هو ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو سٺو مطالعو ڪيو
هئائين. مون سان سندن مهربانيون ۽ ڪچهريون هيون،
مون کيس ٽالپرن جي دور جي لکڻ جي ترغيب ڏني، جو
وٽس ناياب مواد موجود هو، صلاح قبول ڪيائين ۽ اها
تاريخ لکيائين، ان جي ڇپائڻ لاءِ مون سنڌي ادبي
بورڊ جي اهلڪارن کي سفارش ڪئي ۽ ڪنهن حد تائين اهو
فيصلو ٿي ويو هو ته بورڊ طرفان اهو ڪتاب ڇاپيو
ويندو.“
مرزا سلطان حيدر بيگ سلطان:
مغموم فضا آهي ٿي از رحلتِ عباس
سلطان مگر آهي عجب قسمتِ عباس
هاتف چيو اچ خلد ۾ جو توتي ڪيو اڄ
”عباس علي فضل و ڪرم“ حضرتِ عباس
1491هه
سيد ويڌل شاهه جهانيان: مرحوم رئيس مرزا عباس علي
بيگ صاحب جي انتقال جو ٻڌي ان ئي وقت تڏي تي حاضر
ٿياسين. مرحوم مشهور عالم ۽ اديب ۽ اسان جا دوست
هئا، شال رب العزت کين جنت ۾ جايون ڏي. آمين.
شيخ محمد اسماعيل: مرحوم عباس علي بيگ، ڀلاهه ڀلي
جو ڇيهه ڪونهي، پر مرزا صاحب پنهنجي دور جو عالم،
علم جي هر صفت کان ڪماحقئه ڄاڻ رکندڙ هو. خصوصاً
سنڌ جي ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور تي سندس معلومات جو
اندازو ڪري نه ٿو سگهجي. هُو پنهنجي ذات ۾ انجمن
هو، کانئس ڪئين فيضياب ٿيا، خدا کيس پنهنجي جوارِ
رحمت ۾ رکي.
جسٽس ڊاڪٽر قمرالدين بوهره:
"This is the place where I used to have sittings
with the learned person of his time. Mirza Abbas
Ali Baig to whom I was dear like his own
brother. It is hard for me to say or to use word
"Tate" for him. He will always remember and
alive with his literacy work.
I Pray to Allah that for the peace of his soul
and he may have best place in the heaven and
Allah may give strength to his grieved family
bear irreparable loss. God Bless him".
نياز همايوني:
”جوڳي جيڪس ويا جبروت.“
مرزا عباس علي بيگ سان منهنجي ڪافي عرصي کان
نيازمندي هئي، مون اهڙا ڪيئي ماڻهو ڏٺا جيڪي
پنهنجي مسلڪ سان سچا ۽ وفادار هئڻ جون دعوائون ته
گهڻيون ئي ڪندا هئا، پر وقت اچڻ تي آزمائش مهل
پنهنجي مسلڪ سان سچا ۽ وفادار نه هوندا هئا. مرزا
صاحب جو وڏو ڪارنامو اهو آهي جو نهج البلاغه جي
ترجمي لاءِ جڏهن سرڪاري طرح کين وڏي معاوضي جي آڇ
ڪئي وئي ته پاڻ صاف انڪار ڪري بنا ڪنهن معاوضي جي
ڪارنامو سرانجام ڏنو، سبحان الله.
جزاڪ الله في الدارين خيرا.“
ان کان سواءِ علي محمد چنا، ڊاڪٽر عابد لغاري، خير
محمد مغل، سڪندر بلوچ، محمد امين بلوچ، سيد
اسدالله شاهه ڪاظمي، نصير مرزا، مدد علي سنڌي ۽
زوار نقوي وغيره به پنهنجا تعزيتي رايا لکيا.
مرزا عباس علي بيگ جي مادري زبان جيتوڻيڪ سنڌي
هئي، مگر تنهن هوندي به پاڻ فارسي ۽ اردوءَ ۾ به
طبع آزمائي ڪندا رهندا هئا. سنڌ جي تاريخ تي سندن
بلند درجي کي سلام ڪرڻو ئي پوندو. سندس پختو ڪلام،
معياري محاورا، چست بندشون، اعليٰ تشبيهون سندن
قادرالڪلاميءَ جو ثبوت آهن. سندن تغزل جو هڪ شعر
هي به آهي ته:
صياد، بيڪسن کي ستائڻ مان فائدو؟
ڏس! هرطرف نويدِ بهار چمن جي بو.
مرزا عباس علي بيگ، اهلِ زبان به هو ته زبان دان
به هو. پاڻ سنڌي زبان جو اهلِ زبان محقق،
تاريخدان، دانشور، اديب ۽ شاعر ته هو ئي، پر شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جي ٽي سؤ ساله پراڻي زبان
مان ڪماحقئه واقفيت رکڻ جي ڪري کين زبان دان به
تسلم ڪرڻو ئي پوندو.
غزل، پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا، نفاست ۽ نزاڪت، خوبين
۽ خاصيتن، نغمگي ۽ ترنم سان ايران کان سنڌ جي
سرزمين تي پهتو، ته هن ڌرتيءَ، ان کي پنهنجي دامن
۾ جاءِ ڏني جتي، پنهنجي سمورين سرمستين ۽ جلون سان
وڌيو ۽ ويجهيو. شروع شروع ۾ سندس خدوخال اباڻا
(ايراني) هئا، پر آهستي آهستي هن ڌرتي جي آب و
هوا، رهڻي، ڪهڻي، زندگيءَ جي نشيب و فراز، سياسي ۽
سماجي حالتن، تهذيبن و تمدن، ٻولي ۽ محاورن جو مٿس
رنگ چڙهڻ لڳو. هاڻي ان جو ڍانچو ته اهو ساڳيوئي
ايراني آهي، باقي رنگ ۽ روپ نسورو مقامي بڻجي ويو
آهي. خاص طور ٻوليءَ جو مٿس وڏو اثر ٿيو آهي. اڳ
غزل جي جيڪا فارسي آميز ٻولي هوندي هئي، سا جيئن
پوءِ تيئن صاف ٿيندي ويئي آهي. هاڻي غزل ۾ نه
فارسي ترڪيبون ۽ بندشون آهن ۽ نه محاورا ۽ اصطلاح،
تشبيهون ۽ استعارا، سڀ مٽجي مقامي ٿي چڪا آهن، پر
سنڌ جا ڪي اهڙا شاعر به آهن، جن جي غزلن تي ايراني
رنگ نمايان آهي.
غزل، لغوي ۽ تشريحن جي اعتبار کان صرف، عشق ۽ محبت
جي جذبن جو نفيس نموني ۾ اظهار هوندو آهي ۽ غمِ
دنيا جي ذڪر ۾ نه پر غمِ محبوب جو بيان هوندو
آهي. مگر ان جي وسعتن جي مدِنظر، ان ۾ عشق جي
موضوعن سان گڏ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو احساس ۽
انهن جي ترجماني به آهي. ان ۾ فلسفي ۽ طريقت جا
راز ۽ اسرار به نهايت دلنشين انداز ۾ بيان ڪيا ويا
آهن، ته اخلاق جا سبق به سهڻي طريقي سان سيکاريا
ويا آهن. مطلب ته غزل چوندڙ شاعرن پنهنجي غزلن کي
رڳو حسن ۽ عشق، ناز ۽ نياز، سوز ۽ گداز تائين
محدود نه رکيو آهي، بلڪه فڪري تقاضائن کي پورو ڪرڻ
جي به ڪوشش ڪئي آهي. هن ۾ اشارن ۽ ڪناين ۾ اهو سڀ
ڪجهه چيو آهي، جيڪو وڏين تقريرن ۾ به بيان نه ٿو
ڪري سگهجي. ڪيترا اهڙا غزل آهن، جن ۾ ذڪرِ جانان
گهٽ ۽ ٻيا موضوع وڌيڪ آهن، جهڙوڪ ميرزا عباس علي
بيگ پنهنجي هڪ غزل ۾ فرمائي ٿو:
رنگِ رُوئي گل منجهان پيدا ٿيو شانِ بهار،
ڄڻ کلي پيو رفته رفته رازِ پنهانِ بهار.
---
صحنِ گلشن ۾ به اُميدِ تسليٰ ٿو رهان،
ڪُشتئه بيتابيءَ فرقت گران جان بهار.
---
رنگِ گل کي شعلئهِ آتش کان گهٽ ڄاڻان نه ٿو،
آهي دوزخ دل جلن جي لاءِ دامانِ بهار.
---
ساغرِ مئي جا مزا ماڻن ٿا هرهڪ گل منجهان،
پنهنجي آپي ۾ ڪٿي لذت شناسانِ بهار.
---
روحِ بلبل جو ڪري پرواز ايندو دام مان،
غير جا ٿي رهندا ڪنهن پر هي اسيرانِ بهار.
---
جذبئه رنج اِسيري اي خدا رسوا نه ٿي،
چاڪ گلشن ۾ نه ٿي ڪنهن پر گريبانِ بهار.
---
ڏس اچي صورت گلن جي ڏس اچي رنگِ چمن،
ڇا ڪيو تو آهي بلبل دشمنِ جانِ بهار.
---
ناتواني کان قفس بردوش اڏرڻ ٿيو محال،
ڇو نه ٿي جوشِ دل بلبل پشيمانِ بهار.
---
بلبلن جي سوخته سامانيء دل واسطي،
شعلئه گل بنجي ڀڙڪي گرميءَ جانِ بهار.
---
هي گلن جي تازگي بلبل جو چهڪڻ باغ ۾،
زندگي سان گڏ هو ڄڻ ڪجهه عهدو پيمان بهار.
---
نالهائي زارِ بلبل نغمه هائي جان بڻيا،
روح تازو جسم ۾ آيو به عنوانِ بهار.
---
بلبلن جي نغمه سنجي جو ڀلا ڇا ذڪر ٿي،
آهي هرهڪ برگ و غنچه تي ته اعلانِ بهار.
---
زخمِ دل، خونِ تمنا داغ حسرت آهِ سرد،
ويو ملي قسمت سان مون کي طرفه سامانِ بهار.
---
پهرين زخمن ۾ نه هئي عباس اهڙي ڪا خلش،
لذتِ دل ڇو نه ٿي ممنونِ احسانِ بهار.
عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته مرزا عباس علي
بيگ، هڪ محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت سان، تاريخ
نويسي ۾ گهڻو گهيريل رهندو هو، پر مرزا صاحب جي
ڪلام کي پڙهي اِها راءِ بدلائڻي ٿي پوي. مان ته
ائين چوندس ته، مرزا عباس علي بيگ، تاريخ نويسي
سان گڏوگڏ غزل گوئي جو پڻ رسيا هو. اچو ته ان ڏس ۾
سندس شاعري، خصوصاً غزل جو جائزو وٺون، جنهن ۾
مقامي رنگ کي وڏو عمل دخل آهي.
غزل جو موضوع عشقيه ٿئي ٿو، جنهن ۾ حسن و عشق، هجر
و وصال، محبوب جي ناز و ادا ۽ جورو جفا ۽ عاشق جي
خسته حاليءَ ۽ پريشان خياليءَ جو ذڪر ٿئي ٿو.
گهڻو ڪري هر غزل گو شاعر ۾ اسان کي هڪ نئون انسان
نظر اچي ٿو، جو ان شاعر جي ڪردار کي وڌيڪ ويجهو
ٿئي ٿو. اهو شاعر جو مثالي وجود آهي. جو سندس غزل
جي لهجي ۽ نفسِ مضمون جي جوڙجڪ مان پڌرو ٿئي ٿو.
مرحوم مرزا عباس علي بيگ جي غزل ۾ اسان کي هڪ شوخ
۽ طرح دار معشوق جي تصوير ملي ٿي. جيڪو حسن و
جمال ۾ يوسف آهي، جنهن جو سراپا مرزا صاحب هن
نموني بيان ڪري ٿو:
سندم محبوب جو منهن مثل يارو،
قمر آهي قمر آهي قمر آهه.
---
رگِ گل جان سندم ماهِ لقا جي،
ڪمر آهي ڪمر آهي ڪمر آهه.
غزلن جي شيرازه بندي ۾ قافيي ۽ رديف کي وڏو عمل ۽
داخل ٿئي ٿو. عالمن جو خيال آهي ته غزل جي رديف ۾
گهڻو ڌمچر ۽ هيجان نه هئڻ گهرجي. مرزا عباس علي
بيگ مرحوم، رديف جي معاملي ۾ نهايت حسنِ ذوق جو
ثبوت ڏنو آهي. سندس اڪثر رديف سندس غزل جي مرڪزي
خيال جي شيرازه بندي ڪن ٿا، مثلاً:
ماڻا ڪري نه مار اي مهرو ذري ذري،
ڇو ٿو ڪرين تو مونکي پيارا پري پري.
---
ڪهڙو يقين توکي ڏيان منهنجا مہ لقا،
سيني ۾ باهه هجر جي پيئي ٻري ٻري.
---
پيغام ان کي مهر مان تون ڏي وڃي صبا،
عاشق سندءِ فراق ۾ پيو ٿو ڳري ڳري.
عبارت جي رنگيني ۽ حسن بيان لاءِ استعارا ۽
تشبيهون غزل جي جان سمجهيا ويندا آهن، ۽ مرزا عباس
علي بيگ ان کي هيئن ٿو نڀاهي:
ٽٽل دل جي تارن مان آواز نڪري،
ڦري نغمئه دلڪشا ٿي پوي ها.
---
رگِ دل کي تڙڦائي ها جيڪڏهن هو،
اهو شوخ طرزِ حيا ٿي پوي ها.
غزل پڻ ڪافيءَ وانگر هڪ غنائي صنف آهي، جنهن کي
تغزل وڌيڪ اثرائتو، سٺو ۽ سريلو بنائي ٿو. تغزل جي
وضاحت لاءِ ايترو ضروري آهي ته سوز و گداز، ميٺاج،
لهجي ۾ نرمي ۽ شگفتگي، لطافت ۽ حسنِ بيان، اهي
سڀئي خوبيون تغزل جي هڪ ئي لفظ ۾ سمائجي وڃن ٿيون.
هيٺ ڄاڻايل مثال حُسنِ تغزل جو بهترين نمونو آهي:
باغ ۾ جڏ سير لئي ويس گلبدن تڏ ياد پيم،
سرو قد محبوب ۽ غنچه دهن تڏ ياد پيم.
---
سو رخِ گلگون دم سير چمن تڏ ياد پيم،
چاهِ گلشن ڏسنديئي چاهِ ذقن تڏ ياد پيم.
مرزا عباس علي بيگ جا غزل پڻ انهن تمام صفتن سان
متصف آهن. سندن هرهڪ شعر بي بها موتي ۽ سندن هرهڪ
شڪر دُرِ بي بدل آهي، جنهن کي صرف صرافِ سخن ئي
پروڙي سگهن ٿا:
رخسارِ يار ۾ آهي زلفِ شڪن جو بو،
يعني حلب مان مونکي اچي پئي خُتن جي بو.
---
سو جوش سو بهار سو رنگِ چمن ڪٿي،
ٿي هن شبابِ رفته ۾ دورِ ڪهن جي بو.
مطلب ته مرزا عباس علي بيگ پنهنجي غزلن ۾ موضوعن
کي خوب نڀايو آهي ۽ ڏاڍي فنڪارانه چٽساليءَ،
پرڪاري ۽ سادگي کان ڪم ورتو آهي. هن جي ٻولي مٺي،
تز، روان، بامحاوره ۽ مائيدار آهي، جنهنڪري غزل،
ڪن ۾ رس گهولڻ لڳن ٿا.
پنهنجي دلبر کي الوداع چوندي مرزا صاحب پنهنجي
دکدائڪ لفظن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
الوداع اي منهنجا دلبر الوداع،
ٿئين جدا مون کان تو آخر الوداع.
---
تو چيو هو توکان ڪڏ ٿيندس نه ڌار،
پوءِ ڪرين ڪيئن ٿو سراسر الوداع.
---
حال دل جو ڪنهن سان اوريان هاڻ آءٌ،
تو جيهو ناهي ڪيو ياور الوداع.
مرزا صاحب جي غزلن مان ڪي مثال واضح ڪرڻ ضروري ٿو
سمجهان ۽ سندن غزلن جي مڙني خوبين مان جيڪڏهن مثال
پيش ڪبا ته پوءِ ڪيئي صفحا درڪار ٿيندا، تنهنڪري
هتي اختصار سان قارئين جي مطالعي لاءِ پيش ڪجن ٿا:
حسن:
دلدار مٺي يار کي صورت ڏني مولا،
تنهن سهڻي سڄڻ جي مون کي الفت ڏني مولا.
---
چنڊ جهڙي ڏني صورت ان ماهِ لقا کي،
گڏ تنهن سان وري ناز و نزاڪت ڏني مولا.
عشق:
عشق کي چئو ته اچي چار گهڙيون مون سان ويهي،
درد دل جو متان محتاج دوا ٿي نه پوي.
محبوب جو لب و لعل ۽ زلفن جي خوشبو کي عنبر ۽ مشڪ
سان ملائي چوي ٿو:
ها اهڙا لبِ لعل ان لاله رخ جا،
جا سرخي نه آهي عقيقِ يمن ۾.
---
ها بي مثل دُرّ دندانِ دلبر،
نه اهڙا ڪڏهن هوندا درِ عدن ۾.
---
جا دلبر جي ٿي زلفِ مشڪين جي خوشبو،
سا خوشبو ٿي عنبر نه مشڪِ ختن ۾.
عمر مارئي جي قصي کي غزل جي پيرايي ۾ مرزا صاحب
هيئن ٿو بيان ڪري:
نه ڪر ظلم زوري عمر قياس ڪر ڪو،
وساريان ڀلا ڪيئن مان پنهنجي وطن کي.
---
سندءِ محل ماڙيون وڻن ڪين مون کي،
ڪريان ياد ٿي مان پرين جي پکن کي.
محبت:
ڪرم ڪر ڪرم اي نگاهِ محبت،
جو مون کان ٿيو آه گناهِ محبت.
---
ٿي هشيار عباس ۽ ٿي سجاڳ،
جو آسان نه آهي هي راهِ محبت.
يار جو نازڪ بدن:
جڏ ڪيم نظارهء اوراق نسرين و سمن،
سهڻو سهڻو يار جو نازڪ بدن تڏ ياد پيم.
بت:
اي بت فدا ٿيا توتان ديندار ڪهڙا ڪهڙا،
ڪافر ٿيا سي پائي زنار ڪهڙا ڪهڙا.
التجا:
سندم نشاطِ محبت کي پائمال نه ڪر،
خدارا مونکي ڪڏهن واقفِ ملال نه ڪر.
غيرتِ گل:
اي غيرتِ گل تنهنجو ڏٺم جو خطِ رخسار،
هاڻ نسخ ڪندس ماهِ گلِ گلزار هميشه.
محبوب جي بيوفائي:
يار سان اڄ آهه مون صفائي ڪئي،
بيوفا نيٺ بيوفائي ڪئي.
رخ و زلف:
رخ سندءِ کي پري لقا سمجهو،
زلف تنهنجي کي مون بلا سمجهيو.
شبِ وصل:
شب وصل ڪيئن مختصر ٿي وئي،
لڳي اک وئي ۽ سحر ٿي وئي.
نوان نوان:
ڏيکاري ڪيئن نه رنگِ گلستان نوان نوان
هن ۾ رهن ٿا مرغِ خوش الحان نوان نوان
ابرو:
رخ پرنُور تي جاڙا هي ابرو،
ڪشيل ڄڻ تير آهن سي ڪمان ۾.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجي فرزندن مخدوم
محمد امين فهيم ۽ مخدوم خليق الزمان سان، 27
جولاءِ 1974ع تي، مرزا عباس علي بيگ جي دعوت امام
بارگاهِ علي آباد ٽنڊو آغا ۾ تشريف فرما ٿيا. ان
موقعي تي هڪ طرحي مشاعري جو به اهتمام ڪيو ويو،
طرح هئي:
لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾
ان موقعي تي مرزا عباس علي بيگ پنهنجو هيٺيون طرحي
غزل پڙهيو:
اثر اهڙو هو بلبل جي زبان ۾،
ويو هر رنگ چٽجي گلستان ۾.
---
هو سمجهي پارسا مونکي ٿو يارو،
شمار آهي سندم اهلِ جنان ۾.
سندم گفتا ٻڌي بوسو ڏنائين،
اثر عباس اهڙو هو زبان ۾.
آخر ۾ سندن هڪ قطعو، جيڪو مشاعري متعلق آهي، پيش
ڪندس:
هي بزم ٿي يا غيرت بُستان مشاعرو،
باغِ سخن جو يا گل ريحان مشاعرو.
ڇا خوب شاعرن جا ٽڙيا غنچا چؤطرف،
عباس ٿي ويو رشڪِ گلستان مشاعرو.
مرزا عباس علي بيگ جي هن غزليه شاعري جي مطالعي
مان اِها پروڙ پوي ٿي ته پاڻ غزل جو قادرالڪلام
شاعر هو، هن جي غزل ۾ اهي مثال، جيڪي اسين هن
مضمون ۾ پيش ڪري چڪا آهيون، ان مان ظاهر آهي ته
مرزا عباس علي بيگ جي غزل گوئي ڪا رواجي غزل گوئي
نه آهي، بلڪه هنئين سان هنڊائڻ جي شيءِ آهي.
رسول بخش گچيرائي
حضرت مخدوم جلال الدين (ثاني) المعروف
”مخدوم جهانيان“ گشت
مخدوم جلال الدين (ثاني) جن جي والد بزرگ سيد احمد
ڪبير
(ولد مخدوم سيد جلال الدين اول سرخ پوش بخاري) جن
کي خدا پاڪ ٻه فرزند عطا ڪرڻ فرمايا: (1) مخدوم
جلال الدين ثاني (2) حضرت مخدوم صدرالدين راجو
قتال.
سيد احمد ڪبير جن جا وڏا فرزند مخدوم جلال الدين
(ثاني) جن کي بلقب مخدوم جهان (يعني سڀني جهانن جا
مخدوم) جهڙي اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو ۽ اهڙي
طرح هي ”بخاري خاندان.‘ ’جهانيان خاندان‘ جي نالي
سان جهانن ۾ مشهور ٿيو.
مخدوم جهانيان جن جي ولادت باسعادت:
’اُچ شريف‘ جي جنهن بزرگ سڀ کان وڌيڪ پنهنجو نالو
روشن ڪيو، اهو آهي مخدوم جلال الدين ’مخدوم
جهانيان‘ جهان گشت جن جي ولادت باسعادت 15 شعبان
المعظم 707 /1308 مهينو هجري شب براءت
(يعني ڇوٽڪاري واري رات) جي ڀلاري رات ۾ ’اُچ
شريف‘ ۾ ٿي.
مولوي حفيظ الرحمٰن لکي ٿو ته: ”خانقاه ۾ هڪ جاءِ
تي لفظ ’خادم نبي‘ لکيل آهي، جنهن مان سنه 707هه
برآمد ٿئي ٿو.“
مفتي غلام سرور لاهوري ان لفظ ’خادم نبي‘ کي هن
طرح منظوم ڪيو آهي:
ميرکامل ولي جلال الدين؛ قرة ديده علي آمد
سال توليد آن شه مخدوم؛ ازدلم ’خادم نبي‘ آمد.
مخدوم جهانيان جن جي پيشاني مبارڪ مان ننڍي هوندي
کان ئي رشد وهدايت جا انوار ظاهر ٿي رهيا هئا.
جيئن ئي سمجهه لائق ٿيا ته سندن والد بزرگ سيد
احمد ڪبير بخاري کين جمال خندان رو جن جي خدمت ۾
وٺي ويا ۽ سندن قدمن ۾ ڇڏيو. حضرت جمال خندان جن
فرمايو ته: “هن فرزند جي بزرگي ۽ عظمت دنيا ۾ اهڙي
ٿيندي جهڙي اڄ جي رات (يعني شب برات) آهي.“ ان بعد
جمال خندان رو حاضرين جي سامهون ڪجهه خرمي
(کارڪون) پيش ڪيون. چند خرمي مخدوم جهانيان جي حصي
۾ آيا، ۽ مخدوم جهانيان اهي ککڙين سميت کائي (ڳهي)
ڇڏيون. شيخ خندان رو مشڪندي مخدوم جهانيان کان
پڇيو ته: خرمي مع (ساڻ) ککڙين جي ڇو کائي ڇڏيوَ؟“
حضرت مخدوم جهانيان نهايت ادب ۽ تعظيم سان عرض ڪيو
ته: ”حضرت جي هٿان مليل خرمي جون ککڙيون اڇلائڻ
مناسب نه هو. انڪري خرمي، ککڙين سميت کائي (ڳهي)
ڇڏيم.“ هيءَ ڳالهه پسند ڪندي شيخ خندان روجن
فرمايو ته: ”بابا آري! شما پسرا نيند که دو دمان
خوش منور خوهد ساخت دهم خاندان مشائخ؟
(يعني بابا ها! توهان اهي صاحبزادا آهيو جو پنهنجي
خاندان ۽ پنهنجن مشائخن جي خاندان کي روشن ڪندو.“
جمال خندان روجي اها پيشگوئي لفظ به لفظ سچي ثابت
ٿي.
حضرت مخدوم جهانيان ابتدائي تعليم ’اُچ شريف‘ ۾ ٻن
استادن کان حاصل ڪئي: (1) شيخ جمال الدين عارف جو
خليفو هو.
سيد صدرالدين محمد فقه ۽ اصول فقه جي معياري ڪتابن
هدايه ۽ اصول بزودي وغيره علامه بهاوالدين اُچي
کان پڙهيا. شيخ خندان رو جن جو طريقه درس هي هو
ته: ”پاڻ سبق پڙهائيندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن جڳهه
مشڪل هوندو هو ته ٿوري دير لاءِ ڪنڌ جهڪائيندو هو
۽ مشڪل کي حل ڪرائيندو هو. سندن درس ۾ هدايه،
بزودي يا بزدوي، مشارق الانوار، مشڪواة المصابيح ۽
عوارف المعارف جو دوره رهندو هو. (يعني انهن جو
درس هلندو هو. مخدوم جهانيان حديث جو علم مخدوم
خندان رو کان حاصل ڪيو هو. مخدوم جهانيان، شيخ
بهاوالدين اُچي کان هدايه ۽ بزدوي جو ڪجهه حصو
پڙهيو ته ان دوران بهاو الدين قاضي وفات ڪري ويا.
مخدوم جهانيان فرمائين ٿا ته: ”مولانا بهاوالدين
قاضي اُچي دعاگو (مخدوم جهانيان) جا استاد هئا آءٌ
وٽن پڙهندو هوس ۽ تواضع ڪندو هوس ته هڪ ڏينهن مون
کي فرمايائون ته: تون سؤ (مٿو) بلند ڪري سلام ڪر
هيٺ ڪنڌ ڪري سلام نه ڪر ڇو ته اهو مڪروه آهي.
ملتان ۾ تحصبيل علم: بهاوالدين قاضي جي وفات
کانپوءِ مخدوم جهانيان جن اُچ شريف کان ملتان پهتا
۽ شيخ رڪن الدين ابوالفتح رڪن عالم ملتانيءَ جي
زيرنگرانيءَ ۾ مولانا محمد موسيٰ، ذڪريه ملتاني ۽
ان جي سوٽ مولانا مجددالدين جن کان مخدوم جهانيان
هدايه، بزدوي کي پورو ڪرڻ فرمايو. مخدوم جهانيان
هڪ سال رهيا ۽ قاضي بهاوالدين جي وفات کانپوءِ
جيڪي ڪتاب رهجي ويا هئا، انهن کي پورو ڪرڻ
فرمايائون. مخدوم رڪن الدين ابوالفتح سندن رهڻ جو
بندوبست مدرسي ۾ ڪرڻ فرمايو ۽ بجاءِ خانقاه جي
گهران حويليءَ تان مخدوم جهانيان جي ماني ايندي
هئي. شيخ رڪن الدين، مخدوم جهانيان جن جو تعارف
ڪرائڻ بعد فرمايائون ته: ”جلال بخاري جو پوٽو اسان
سان ملاقات لاءِ نه آيو آهي، بلڪ تحصيل علم لاءِ
آيو آهي. ملتان ۾ رهڻ دوران شيخ رڪن الدين مخدوم
جهانيان جي کاڌي جو خاص خيال رکندا هئا. روزانه
چار روٽيون ۽ آشام جو هڪ پيالو کين ملندو هو. هي
آشام ميون، گيهه يا کير ۾ تيار ٿيندا هئا.
مخدوم شيخ رڪن الدين جي هيءَ خاص غذا هوندي هئي.
مخدوم جهانيان فرمائين ٿا ته مون کي وري اهڙو آشام
ڪڏهن به نه مليو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شيخ صاحب وٽ خورده
(طعام) ملي ويندو هو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد شيخ رڪن
الدين جن مخدوم جهانيان جن کي نهايت اعزاز ۽ اڪرام
سان ٻيڙيءَ تي اچ شريف روانو ڪرڻ فرمايو مخدوم
جهانيان ملتان ۾ هڪ ٻئي استاد مولانا نورالدين جو
به ذڪر ڪرڻ فرمايو آهي. تحصيل علم بعد سلطان محمد
تغلق جن مخدوم جهانيان کي ’شيخ الاسلام‘ مقرر ڪيو.
استفاده علمي حرمين شريفين: مخدوم جهانيان جن
فرمائين ٿا ته: مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ موذن
اهلِ علم، محدث ۽ مشائخ هئا. موذن مدينہ منوره شيخ
عبدالله مطري هو. مخدوم جهانيان فرمائين ٿا ته
دعاگو، شيخ شهاب الدين جي مشهور تصنيف ’عوارف
العارف‘ تمام هڪ سال ۾ شيخ عبدالله مطري وٽ پڙهيا.
مخدوم جهانيان مسجد نبوي ۾ معتڪف هئا ته عبدالله
مطري سندن (مخدوم جهانيان) لاءِ اسر جي وقت هڪ هٿ
۾ کاڌو ۽ ٻئي هٿ ۾ چراغ کڻي ايندا هئا ۽ حجري ۾ ئي
سبق پڙهائيندا هئا، پاڻ ٻيو ڪو ڇوڪرو يا ماڻهو
مقرر نه ٿي ڪيائون. خود طعام ۽ چراغ آڻيندا هئا.
شيخ عبدالله مطري سهروردي جي شفقت وعنايت سان
مخدوم جهانيان کي مسجد نبوي ۾ هڪ ڀيرو امامت جي به
سعادت پڙهڻ دوران نصيب ٿي هئي. مخدوم جهانيان،
عوارف جو سبق شيخ عبدالله مطري سهروردي کان ان خاص
نسخي تي وٺندا هئا جيڪو شيخ الشيوخ شهاب الدين
سهروردي جي مطالعي ۽ استعمال ۾ رهي چڪو هو. بعد ۾
هيءُ نسخو، شيخ عبدالله مطري جن مخدوم جهانيان
ڏانهن موڪليو هو. مطلب ته مڪي ۽ مديني منوره ۾
قيام دوران مخدوم جهانيان شيخ مڪه عبدالله يافعي
سهروردي ۽ شيخ مدينه عبدالله مطري سهروردي کان
مختلف ڪتاب پڙهيا، ۽ ٻنهي شيخن کان صحاحه سته ۽
عوارف جا سبق ورتا. حضرت مخدوم جهانيان، قصبه
شوڪاره (عراق) ۾ پهچي. شيخ الشيوخ شهاب الدين جي
خليفي شرف الدين محمود سهرورديءَ کان پڻ عوارف
المعارف جو سبق ورتو. مخدوم سهروردي جهانيان بلا
تڪليف جي عربي ڳالهائيندا هئا. کين علوم قرآني ۾
وڏي مهارت ۽ دسترس حاصل هئي. قرات و تجديد، شان
نزول ۽ تفسير ۾ پاڻ وڏي فضيلت جا مالڪ هئا. پاڻ 7
ئي قرئتن جا قاري هئا ۽ قرآن مجيد جا حافظ پڻ هئا.
پاڻ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن
جي فرمان عاليشان: ”طالبعلم بڻجو، عالم بڻجو، علم
جون ڳالهيون ٻڌندا رهو ۽ اهل علم سان محبت ڪريو“
مطابق پنهنجي ساري زندگي گذاري مخدوم جهانيان وڏا
نڪتئه رس عالم، نهايت نيڪ ۽ صالح، پارسا ۽
عبادتگذار هئا. دين ۾ سمجهه رکڻ وارا، وڏا محدث،
مفتي، روشن دماغ، شيرين ڪلامي ۽ تحرير ۾ نهايت
امتيازي حيثيت جا حامل هئا.
بسلسله نسب ’مخدوم جهانيان‘ جهان گشت مخدوم
جهانيان جن جو سلسله نسب تاجدار عرب وعجم حضرت
محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن سان، حضور
پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي پاڪ نياڻي سيده
النساءِ حضرت بيبي فاطمه رضي الله عنها ۽ حضرت علي
ڪرم الله وجهہ جن جي توسط سان سيد الانبياء و
المرسلين حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن
سان ملي ٿو. جيئن ته حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن ”هاشمي“ ۽ ”قريشي“ سڏجن ٿا ان ڪري بهتر
ٿيندو ته حضرت قريش رضي الله عنہ ۽ حضرت هاشم رضي
الله عنہ جن کان سلسله نسب لکجي.
حضرت قريش رضي الله عنہ
جن جو اصل نالو ’فهر هو‘، سندس لقب قريش هو. هن
(قريش) کان ئي قريشي قبيلو شروع ٿئي ٿو. هي قبيلو
پيڙهين کان معزز ۽ معتبر سمجهيو ويندو آهي.
حضرت لوي رضي الله عنہ
حضرت ڪعب رضي الله عنہ
حضرت مره رضي الله عنہ
حضرت ڪلاب رضي الله عنہ
حضرت قصيٰ رضي الله عنہ
حضرت قصيٰ هن خاندان ۾ تمام گهڻو معزز سمجهيو
ويندو هو. هي تمام وڏي عزت جو مالڪ هيو کيس ڪعبت
الله جو متولي بنايو ويو هو. هي حج وارن ڏينهن ۾
منيٰ ۽ مڪي شريف ۾ ماڻهن ۾ کاڌو ورهائيندا هئا،
پاڻي جا وڏا حوض ڀرائيندا هئا.
حضرت عبدالمناف رضي الله عنہ
حضرت هاشم رضي الله عنہ
حضرت هاشم رضي الله عنہ جن جو اصل نالو عمرو بن
عبدالمناف هو. کين ’هاشم‘ ان ڪري سڏيندا هئا جو هڪ
ڀيري مڪي شريف ۾ اچي ڏُڪار پيو عمروبن عبدالمناف
ان وقت چُوري ٺاهي، چُوري: ماني ٻوڙ ۾ ملائي ٺاهي
ويندي آهي، اها چوري عمرو بن عبدالمناف ماڻهن کي
کارائي، عربيءَ ۾ چوري ٺاهيندڙ کي ’هاشم‘ سڏيو
ويندو آهي، انڪري عمرو بن عبدالمناف جو نالو
’هاشم‘ مشهور ٿي ويو.
حضرت عبدالمطلب رضي الله عنہ
حضرت خواجه عبدالمطلب جن قريش خاندان ۾ نهايت معزز
۽ سردار ٿي رهيا. سندن ئي وقت ۾ ’عام الفيل‘ وارو
وڏو واقعو ٿي گذريو. پاڻ ڪعبة الله شريف جا چاٻي
بردار ٿي رهيا، کين
حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي
پرورش جو شرف پڻ حاصل ٿيو.
حضرت اميرحمزهرضه حضرت عباسرضه
ابولهب حضرت عبداللهرضه
حضرت عمران ابوطالبرضه
قريشي و هاشمي السيدي
حضرت علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنہ
حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ
وسلم
شيرِ خدا
حضرت سيدة النساء بيبي فاطمہ رضي الله تعاليٰ
عنها الله پاڪ جي حڪم سان حضرت علي
رضي الله تعاليٰ عنہ ۽
حضرت
فاطمہ رضي الله تعاليٰ عنها جن جو نڪاح ٿيو.
حضرت امام حسن رضي الله عنہ حضرت امام حسين
رضي الله عنہ حضرت امام محسن رضي الله عنہ
حضرت امام زين
العابدين رضي الله عنہ
حضرت امام محمد
باقر رضي الله عنہ
حضرت امام جعفر
صادق رضي الله عنہ
حضرت امام موسيٰ
ڪاظم رضي الله عنہ
حضرت امام علي
رضا رضي الله عنہ
حضرت امام تقي
رضي الله عنہ
حضرت امام نقي
رضي الله عنہ
جيئن ته جهانيان خاندان جو سلسله نسب، سلسلئه
امامت جي ڏهين امام حضرت امام نقي رضه جن سان ملي
ٿو، ان ڪري جهانيان خاندان ”نقوي“ سڏائيندا آهن.
حضرت امام زاده سيد جعفر (ثاني) رحمة الله عليہ
حضرت سيد علي اصغر رحمة الله عليہ
حضرت سيد عبدالله رحمة الله عليہ
حضرت سيد ابو يوسف محمد رحمة الله عليہ
حضرت سيد محمود اصغر رحمة الله عليہ
حضرت سيد جعفر رحمة الله عليہ
حضرت سيد علي ابوالمؤيد مدني رحمة الله عليہ
حضرت سيد جلال الدين سرخ پوش بخاري رحمة الله عليہ
حضرت سيد احمد ڪبير رحمة الله عليہ
حضرت مخدوم سيد جلال الدين ثاني
المعروف ’مخدوم
جهانيان‘ جهان گشت رحمة الله عليہ
اهڙي طرح 11 هين واسطي سان حضرت مخدوم جلال الدين
’مخدوم جهانيان‘ جن جو سلسله نسبت سلسله امامت جي
ڏهين امام، حضرت امام نقي جن سان ملي ٿو، انڪري
جهانيان خاندان ’نقوي‘ سڏائي ٿو.
سلسله سهرورديه ۾ بيعت و خلافت: راهه سلوڪ ۾ سندن
والد بزرگ ۽ ڏاڏو بزرگ جي مشهور خانقاه سهرورديه
بهائيه جا نمائندا ۽ وڪيل هئا.
مخدوم جهانيان شيخ طريقت لاءِ ٽي علوم علم شريعت،
علم طريقت ۽ علم حقيقت لازمي قرار ڏيندا هئا. علم
شريعت ۾: تفسير قرآن، احڪام فقه ۽ علم حديث جو
ماهر ۽ ڪامل هئڻ گهرجي. مخدوم جهانيان (اول)
پنهنجي والد بزرگ سيد احمد ڪبير کان سلسله
سهرورديه ۾ دست بيعت ٿيا، پوءِ پنهنجي چاچي سيد
صدرالدين المعروف محمد غوث کان خرقه خلافت ڍڪيو.
کين 14 خانواده (خاندان) کان خرقه خلافت حاصل
ڪيائون. مخدوم جهانيان جن پاڻ فرمائين ٿا ته پاڻ
حضرت علي ڪرم الله وجهه جن کان به خرقه خلافت حاصل
ڪئي.
مخدوم جهانيان پنهنجي والد بزرگ ۽ چاچي جي خلافت
بعد پاڻ شيخ رڪن الدين ابوالفتح ملتاني جي طوف
رجوع ٿيا جتي بيعت ۽ ارادت جي بعد اجازت وخلافت
سان سرفراز ٿيا. شيخ عبدالحق محدث دهلوي جن لکن ٿا
ته: مخدوم جهانيان شيخ الاسلام مخدوم رڪن الدين
ابوالفتح قريشي جا مريد هئا.
هڪ ڀيري شيخ رڪن الدين ابوالفتح ٻاهر تشريف فرما
ٿي رهيا هئا ته مخدوم جهانيان پنهنجو سينو مبارڪ
پيش ڪيو ته سندن سيني مٿان پنهنجو پَيرَ (قدم)
رکن! اهو ڏسي شيخ رڪن الدين پنهنجي شهادت آڱر ڏندن
۾ دٻائي ۽ فرمايو ته توهان ته ولايت ۽ معرفت جو
اعليٰ مقام حاصل ڪري ورتو. ان کان پوءِ شيخ
رڪن الدين ابوالفتح جن مخدوم جهانيان جن جو هٿ
مبارڪ پڪڙي (جهلي) سندن هٿ تي چمي ڏيڻ فرمائي ۽
پنهنجو سينو مبارڪ سندن سيني سان ملايو. مخدوم رڪن
الدين جن مخدوم جهانيان کي ’قطب عالم‘ جي خطاب سان
نوازيو. جڏهن سلطان محمد تغلق، مخدوم جهانيان کي
’شيخ الاسلام‘ جي منصب تي ۽ سند خانقاه مجدديءَ تي
سيوهڻ شريف ۽ ان جي مضافات ۾ مقرر ڪيو ۽ جتي
پنهنجا فرائض بحسن وخوبي سرانجام ڏئي رهيا هئا ته
کين شيخ رڪن الدين ابوالفتح خواب ۾ فرمايو ته:
”توهان حج تي هليا وڃون نه ته غرق ٿي ويندؤ ۽ صبح
جو شيخ رڪن الدين جي امام (شايد مسجد شريف جي)
مخدوم جهانيان کي عرض ڪيو ته توهان جلدي تياري ڪري
حج تي هليا وڃو، جنهن اشارو مخدوم رڪن الدين (مزار
مبارڪ مان) توهان کي ڪرڻ فرمايو آهي ۽ مخدوم
جهانيان جن ’شيخ الاسلام‘ ڪي منصب ۽ 40 خانقا هن
جيڪي سيوهڻ ۽ ان جي مضافات ۾ هيون، انهن تان
مستعفي ٿي، مديني منوره هليا ويا. جڏهن حضور پاڪ
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي روضه اطهر تي پهتا
ته سلام (اسلام عليڪ يا جدي) چيائون ته روضه اطهر
مان جواب آيو ته وعليڪم السلام يا ولدي قره عيني.
مخدوم جهانيان پنهنجي ملفوظات ۾ 20 بزرگن کان خرقه
پوشي جو ذڪر فرمايو آهي جن ۾ ست اهڙا واسطا آهن جو
سلسله سهرورديه عاليه سان وابسطه آهن. انهن مشائخن
جا نالا هي آهن:
(1) سيد احمد ڪبير سهروردي (والد مخدوم جهانيان ۽
خليفه صدرالدين عارف جا)
(2) شيخ رڪن الدين ابوالفتح سهروردي ملتاني.
(3) شيخ قوام الدين سهروردي (خليفه حضرت رڪن الدين
ملتاني).
(4) شيخ مڪه مڪرمه عبدالله يافعي سهروردي.
(5) شيخ مدينه منوره عبدالله مطري سهروردي.
(6) شيخ شرف الدين محمود شاهه سهروردي (خليفه شيخ
شهاب الدين سهروردي).
(7) شيخ نجم الدين ڪبريا سهروردي.
ان کانسواءِ پروفيسر محمد ايوب قادري پنهنجي ڪتاب
۾ باقي 13 هن مشائخن جا نالا پڻ ڏنا آهن. مخدوم
جهانيان جن کي سلسله چشتيه ۾ خرقه خلافت شيخ
نصيرالدين محمود چراغ کان حاصل ڪرڻ فرمايو.
حضرت سيد جلال الدين (ثاني) جن جو لقب ’مخدوم
جهانيان ۽ جهان گشت‘.
حضرت مخدوم جن جو اسم مبارڪ ته سيد جلال الدين
(ثاني) هو، ليڪن پاڻ اڪثر ’مخدوم جهانيان‘ ۽ ’جهان
گشت‘ جي لقب سان مشهور آهن.
سيرت العارفين ۾ اچي ٿو ته هڪ ڀيري عيد جي رات سيد
جلال الدين ثاني جن حضرت غوث بهاوالدين زڪريا
ملتاني جن جي مزار تي ياد الهي ۾ مشغول هئا ۽
مخدوم صدرالدين عارف ۽ مخدوم شيخ رڪن الدين
ابوالفتح جي مزار تي پڻ حاضري ڀري ۽ عيد جي خرچي
گهري ته ٽنهي مشائخن جي مزارن مان آواز ’مخدوم
جهانيان‘ جو آيو ۽ فرمايو ويو ته اها تنهنجي خرچي
آهي. جڏهن سيد جلال الدين ثاني مقبرن مان ٻاهر
تشريف فرما ٿيا ته هر ڪو ماڻهو کين ’مخدوم جهانيان
مخدوم جهانيان‘ چئي مخاطب پيو ٿئي. ان کانسواءِ هڪ
ڀيري سيد جلال الدين ثاني جن مديني منوره ويا ۽
روضه اطهر تي حاضري ڀري پاڻ روضه اطهر ۾ اندر ويا
ته اتي به کين ’مخدوم جهانيان‘ جي لقب سان نوازيو
ويو، ۽ جڏهن روضي پاڪ مان ٻاهر نڪتا، ته اتي موجود
ماڻهو کين مخدوم جهانيان جي نالي سان سڏڻ لڳا.
لقب جهان گشت:
مخدوم سيد جلال الدين ثاني ’مخدوم جهانيان‘ جن سير
سفر تمام گهڻو ڪرڻ فرمايو. مخدوم جهانيان جن 735
هجري کان اڳ ڪجهه سفر ڪيو ليڪن شيخ رڪن جي وفات
735هه کانپوءِ، آغاز سفر شروع ڪرڻ فرمايو ۽ 751هه
۾ واپس ٿيا يعني 16 سال مسلسل سفر تي هئا. گهڻي
سفر جي ڪري کين ’جهان گشت‘ جي نالي سان پڻ سڏيو
وڃي ٿو.
سيرو في الارض:
مخدوم جهانيان ڪيترائي حج پڙهيا، جن مان 6 حج
اڪبري هئا. هن سيروفي الارض تي عمل ڪري دنيا جو
سير ڪيو. پاڻ مصر، شام، عراقين، بلغ بخارا،
سمرقند، گازرون، بحرين قعطيف، غزنين، دهلي، ملتان،
بکر، الور، ٺٽو، جونپور، يمن ۽ عدن، روهڙيم رائنا
پورو راڻي پور) لاهره وغيره وغيره جو سير ڪيائون.
مخدوم جهانيان سفر جا ڏهه مقصد بيان ڪيا آهن: (1)
تعليم (2) تجارت (3) تفڪر درلطائف آفرنيش باري
تعاليٰ (4) حج (5) جهاد (6) زيارت مدينه (7) زيارت
بيت المقدس (8) ملاقات بزرگانِ دين، (9) زيارت
قبور بزرگان (10) هجرت.
مخدوم جهانيان مڪه مڪرمه ۾ 7 سال ۽ مدينه منوره ۾
2 سال رهيا هئا. پاڻ شام ۾ ڪوه لبنان ڏٺو، مدائن ۾
قديم مسجد ڏٺي، جنهن ۾ وڻ لڳل هو. فارس جي هڪ شهر
شوڪاره به ويو هو جتي شيخ شهاب الدين سهروردي جي
خليفي شيخ شرف الدين محمود سهدروردي رهندو هو،
جنهن کان مخدوم جهانيان عوارف المعارف پڙهيا ۽ سند
حاصل ڪئي. ان وقت شرف الدين تستري جي عمر 130 سال
هئي. مخدوم صاحب ان جي خدمت ۾ 748هه /1347 ۾ حاضر
ٿيو هو.
مخدوم صاحب جن فرمائيندا هئا ته: سالڪ گوشت گهٽ
کائي لاچار هفتي ۾ هڪ ڀيرو. رياضت زياده ڪري ۽
پاڻي گهٽ پيئي، نفس بد کي سڌي راهه تي آڻي. پاڻ
فرمايائون ته:
سالڪ ڏسي ته صرف ڏسڻ جي لائق شيون ڏسي. (اها اکين
جي امانت آهي)
وٺي ته صرف وٺڻ جي لائق شيون وٺي. (اها هٿن جي
امانت آهي)
کائي ته صرف کائڻ جي لائق شيون کائي. (اها وات جي
امانت آهي)
سنگهي ته صرف سنگهڻ جي لائق شيون سنگهي. (اها حواس
نڪ جي امانت آهي)
دل ۾ ڪنهن غير کي جاءِ نه ڏئي، صرف الله ۽ رسول جي
محبت کي جاءِ ڏئي (اها دل جي امانت آهي)
کائي ته حلال کاڌو کائي ۽ ننڍو گره ڀري. (اها
معدي، پيٽ بلڪ ساري جسم جي امانت آهي).
مخدوم جهانيان فرمائين ٿا ته: (1) سالڪ کي ڪوڙ نه
ڳالهائڻ گهرجي (2) غيبت ظاهري پوشيده نه ڪرڻ گهرجي
(3) مخلوق کي نه آزاري (4) هر معاملي ۾ امانت کي
نگاه ۾ رکي.
وڌيڪ فرمائين ٿا ته: سلوڪ جون چار منزلون آهن: (1)
پهرين منزل ناسوت (2) ملڪوت (3) جبروت (4) لاهوت.
ناسوت، حيوانات جو عالم (جهان) آهي. هيءَ نفس جي
صفت آهي ۽ ذمبيه آهي جنهن جي محويت ملڪوت ۾ پهچائي
ٿِي. ملڪوت، فرشتن جو عالم (جهان) آهي، جڏهن سالڪ
هن مان گذري ٿو ۽ عالم جبروت ۾ پهچي ٿو جا خاص روح
جي صفت آهي ۽ ذات الاهي جي قريب آهي.
جبروت، روح جو عالم (جهان) آهي.
لاهوت، بي نشان عالم يعني لامڪان آهي. هيءَ آخري
منزل آهي.
مخدوم جهانيان فرمائين ٿا ته: طالب کي گهرجي ته
ڪنهن هڪ شيخ جو مريد ٿئي. پهرين زماني ۾ ڪنهن شيخ
جا 80 يا 100 مريد هوندا هئا. اڄڪلهه هزارين مريد
هڪ ئي شيخ جا آهن. ليڪن صحبت هڪ به نه ٿو ڪري.
مريد کي مرشد جي پيروي ڪرڻ گهرجي جا ان تي واجب
آهي. طالب کي شريعت جو اتباء، پوري جو پورو ڪري
جنهن سان ان کي طريقت جو رستو ملندو. ۽ ان کانپوءِ
سالڪ کي حقيقت جي منزل ملندي مريد مصاحب کي چئجي
ٿو اگر مرشد جي مصاحبت جو موقعو نه مليو، ته ان کي
متعلق چئجي ٿو. مخدوم جهانيان فرمائين ٿا ته: رد
عمل کانسواءِ نسل بيڪار آهي. حضرت نوح عليہ السلام
جن جو سرڪش پٽ ڪنعان نافرماني جي ڪري غرق ٿي ويو.
هڪ ڏينهن هڪ شخص مخدوم جهانيان جن جي خدمت ۾ آيو ۽
ڪپڙو طلب ڪيو ان وقت ڪپڙو موجود نه هو، ته مخدوم
صاحب لحاف گهرايو ۽ ان کي اڊيڙي ڪپڙو ان سوالي شخص
کي ڏنو ۽ فرمايو ته ڪپهه وڪڻي خانقاه جي خرچ ۾ آڻي
ڇڏيو. جنهن تي خادم چيو ته مخدوم جهانيان جن
ڪيتريقدر شفيق (شفقت ڪندڙ) آهن! ۽ ائين چوندي هي
آيت پڙهي ته ”وَمَآ
اَرْسَلْنٰكَ
اِلَّا رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِيْنَ ١٠٧“
ان وقت حضرت مخدوم جهانيان نماز نفل شروع ڪري چڪا
هئا ته مخدوم صاحب جن نفلي نماز ٽوڙي فرمايو ته:
”هيءَ آيت سڳوري خاص رسول الله صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن جي حق ۾ آهي، ۽ کين ئي خطاب آهي. سندن
(حضور پاڪ) اولاد ان ۾ داخل نه آهي. الله تعاليٰ ”وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ
اَوْلَادُكُ“
نه فرمايو آهي، ۽ ان بعد مخدوم صاحب جن فرمايو ته:
هڪ ڏينهن حسن بصري رحه حضرت امام زين العابدين بن
حضرت حسين عليہ السلام جن وٽ ويا ته ان وقت امام
زين العابدين خانه ڪعبه جو طواف ڪري رهيا هئا ۽
بيحد روئي رهيا هئا ۽ روئندي روئندي بيهوش ٿي ويا،
۽ جڏهن امام زين العابدين هوش ۾ آيا ته کانئن حضرت
حسن بصري رحه جن عرض ڪيو ته: اَي رسول الله صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن جا فرزند! توهان ڇو ٿا
روئو؟ توهان جي ۽ توهان جي ناني رسول خدا جي
درميان توهان جو والد حسين بن علي رضه آهي! ته
امام زين العابدين جواب ڏنو ته: ”اي حسن بصري! ڇا
تون قرآن ڀُلجي ويو آهين؟ ۽ هيءَ آيت پڙهي
”فاذانفخ في الصور فلا انساب بينهم“، اها آيت ٻڌي
حسن بصري رحه خاموش ٿي ويو. مخدوم صاحب فرمايو ته
اسان کي امام زين العابدين جي تقليد ڪرڻ گهرجي.
مخدوم صاحب جن فرمائيندا هئا ته اصحابن سڳورن حضور
نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کان تربيت
حاصل ڪئي آهي، انڪري سندن اتباع ڪرڻ گهرجي. ’خزانه
جلالي‘ جو 14 هون باب آهي ’فضيلت صحابه واهل بيت‘
۾ قلمبند ڪيو ويو آهي. وڌيڪ فرمائين ٿا ته عشره
مبشره اهلِ جنت مان آهن، انهن وڻ جي هيٺان پاڻ
سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي بيعت ڪئي هئي
۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن انهن کي
جنت جي بشارت ڏني هئي ۽ اهي هي آهن:
(1) حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ.
(2) حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنہ.
(3) حضرت غثمان غني رضي الله تعاليٰ عنہ.
(4) حضرت علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنہ.
(5)حضرت طلحه رضي الله تعاليٰ عنہ .
(6) حضرت زبير رضي الله تعاليٰ عنہ
(7) حضرت سعد رضي الله تعاليٰ عنہ
(8)حضرت سعيد رضي الله تعاليٰ عنہ
(9) حضرت عبدالرحٰمن بن عوف رضي الله تعاليٰ عنہ.
(10) حضرت ابو عبيده بن الجراح رضي الله عنہ.
مخدوم صاحب جن فرمائين ٿا ته اصحابِ رسول جو انڪار
نه ڪرڻ گهرجي، انهن مان عيب نه ڪڍڻ گهرجي ۽ نه
بيزاري ڪجي.
حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو فرمايو
آهي ته: ”منهنجا اصحاب مثل ستارن جي آهن، توهان
مان ڪير انهن مان ڪنهن به هڪ جي پيروي ڪئي ته سڌي
راهه حاصل ڪئي. جي ڪنهن جو انڪار ڪيو ته گمراهه ٿي
ويندو.“
مخدوم جهانيان دهلي جي 7 بادشاهن جو دور ڏٺو.
(1) علاء الدين خلجي (ف) (715هه/ 1316ع)
(2) شهاب الدين خلجي (715هه/ 1316ع کان 716هه/
1316ع)
(3) قطب الدين مبارڪ شاهه (716هه/ 1316 کان
1720هه/ 1320ع)
(4) ناصرالدين خسرو (720هه/ 1320ع)
(5) غياث الدين تغلق (721هه/ 1321ع)
(6) محمد تغلق (725هه/ 1325ع)
(7) فيروز شاهه تغلق (752هه/ 1351ع)
حضرت مخدوم جهانيان علاءالدين خلجي جي عهد ۾ پيدا
ٿيا ۽ سندن عمر 8 سال ٿي ته خلجي وفات ڪئي هئي.
درس وتدريس:
درس تدريس جو انتظام باقاعدي ۽ بهترين نموني هوندو
هو. مقامي خواه ٻاهريان طالب العلم اچي ’مدرسه
جلالي‘ ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا. نامور عالم، فقيه ۽
واعظ اچي اهم مسئلا حل ڪرائيندا هئا. قرآن، حديث ۽
ڪتب، تصوف جو درس اچي وٺندا هئا. فجر جي نماز بعد
درس شروع ٿيندو هو. ست ئي قراءتون به
سيکاريون وينديون هيون.
مخدوم جهانيان 7 ئي (ستن ئي) قرائتن جا قاري هوندا
هئا. مخدوم جهانيان ست ئي قرائتون مڪي شريف ۽
مديني منوره ۾ سکيون هيون. ڪجهه عورتون پڻ کانئن
قرائت سکيون هيون. حديث جو باقاعده درس هلندو هو.
صرف ونحو جي تعليم هلندي هئي ۽ ان مطابق تشريح ڪئي
ويندي هئي. پوءِ مشڪل لغات جي شرح ان بعد حل مطالب
فرمائيندا هئا. جامع صغير جو درس پڻ سٺي نموني
هلندو هو. حضرت مخدوم جهانيان فقه ۾ مجتهدانه
حيثيت جا مالڪ هئا. ائمه اربع جي مذهبن تي ڪامل
نگاهه رکندا هئا. درس دوران هر مذهب جو بيان
فرمائيندا هئا ۽ پوءِ فقه حنفي جي جامعيت ذهن نشين
ڪرائيندا هئا. هدايه جو باقاعده درس هلندو هو.
قرآن ڪريم، تفسير مدارڪ، صحا ست، مشارق الانوار،
شرح ڪبير، چهل اسم، مشڪواه المصابيح، رساله مڪيه،
قصيدة الاميه، ڪتاب متفق، عقائد نسخي، شرح نودنه
نامه، فقه اڪبر، عوارف المعارف، اوراد شيخ شهاب
الدين سهروردي وغيره جو باقاعدي درس هلندو هو.
مخدوم صاحب صرف نحو ۽ لغت جي طرف خاص توجه ڏيڻ
فرمائيندا هئا، ته جيئن عربي زبان جي تحصيل آسان ۽
بهتر ٿئي ۽ ان ۾ سٺي مهارت ۽ قدرت حاصل ٿئي.
اڪثر حضرات مخدوم جهانيان کان تسميه خواني جي رسم
ادا ڪرائيندا هئا. هڪ عزيز پنهنجي هڪ ٻار کي سندن
جي خدمت ۾ ان غرض سان آندو ۽ مخدوم جهانيان ان کي
بسم الله پڙهائي ۽ الف- ب هڪ تختيءَ تي لکي ڏني.
معزالدين رسولدار جا ٻار ”رساله نودنه نامه“ حضرت
مخدوم جهانيان کان پڙهيا. شيخ زاده فخرالدين
گازروني مخدوم جهانيان جي خدمت ۾ شرح ڪبير چهل اسم
پڙهندا هئا. ’جامع العلوم‘ جي مرتب علاؤالدين،
مخدوم جهانيان جن کان چار ڪتاب پڙهيا. عبدالرحمٰن
ظفاري، مخدوم صاحب کان اسرارالدعوات پڙهندو هو،
هُو عرب هو ان ڪري ان سان عربيءَ ۾ ئي گفتگو ڪندا
هئا. عبدالله گجراتي، مخدوم جهانيان جي هٿ تي
اسلام آندو ۽ تحصيل علم ڪئي، قرآن پاڪ حفظ ڪيو ۽
مبلغ اسلام بڻيو.
مخدوم جهانيان جن فرمائيندا هئا ته: طالب علم کي
حسن استماع (خيال سان ٻڌڻ) گهرجي ۽ هميشه ادب کي
نگاه ۾ رکي. استاد تقرير ڪري ته خاموش رهي توجه
سان ٻڌي. وچ ۾ سوال نه ڪري بلڪ تقرير (ليڪچر) بعد
سوال ڪري ڇو ته اڳ سوال ڪرڻ ڪري استاد جو توجه هٽي
ويندو. مخدوم صاحب جن درس دوران اڪثر اشعار به
پڙهندا هئا. وٽن هڪ سٺو ڪتب خانو به هو. وٽن عوارف
المعارف جو جو اهو خاص نسخو هو جو شيخ شهاب الدين
سهروردي جي درس ۾ رهندو هو، جيڪو مخدوم جهانيان کي
سندن استاد عبدالله مطري کان مليو هو. مخدوم
جهانيان ڪتابت ۾ وڏا ماهر هئا. پاڻ هڪ قرآن مجيد
لکيو هئائون، هي دستخط قرآن مجيد مخدوم جهانيان
روضه اقدس رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۾
اندر لکي پورو ڪيو هئائون جو خط بهار ۾ لکيل آهي
اهو تحرير ٿيل قرآن مجيد، سجاده نشين اُچ شريف جن
وٽ موجود آهي. ان کانسواءِ پروفيسر محمد ايوب
قادري پنهنجي ڪتاب حضرت مخدوم جهانيان جهان گشت جي
صفحي 206 تي لکي ٿو ته:
”چشتی
طریقہ
کے
بزرگ شیخ
ابراہیم
مرادآبادی
(المتوفی
1081ھ/1670ء) کی
اولاد میں
احسان الحق مرادآبادی
کے
پاس قرآن کریم
کا ایک
قلمی
نسخہ ہے
جو "خط بہار" میں
تحریر
ہے۔
کتاب پر کوئی
سنہ
یا
کاتب کا نام نہیں
ہے
لیکن
احسان الحق کی
تایازاد
بھائی
سلطان الحق بن شمس الحق کی
روایت
ہے
کہ
یہ
قرآن کریم
حضرت مخدوم جھانیان
جھان گشت کی
دست مبارک کا لکھا ہوا ہے
ان میں
کچھ پارے
نہیں
ہیں
اور کچھ پارے
نامکمل ہیں۔
رسم الخط اور کاغذ سے
اندازہ ہوتا ہے
کہ
یہ
نسخہ آٹھویں
صدی
ہجری
کا ہوسکتا ہے۔
قرآن کریم
میں
فارسی
ترجمہ بھی
ہے
اور اردو ترجمہ سرخ روشنائی
سے
لکھا گیا
ہے۔
بعض مقامات پر مختصر تشریح
بھی
ہے۔“
ملفوظات:
ملفوظات جي لفظي معنيٰ ’مقالات يا تقريرون‘ آهن.
هي دراصل صوفين جي تعليم و تربيت جو هڪ رسمي طريقو
آهي. هن ۾ مريد پنهنجي مرشد جي حضور ۾ حاضر رهي،
ڪو عنوان شروع ڪري ڇڏين ٿا ۽ شيخ و مرشد ان عنوان
تي اظهار خيال ڪرڻ فرمائي ٿو. ڪجهه ذهين ۽ علم
وارا مريد مرشد جي ان گفتگو کي نقل ڪن ٿا يا
قلمبند ڪن ٿا ۽ اهي پنهنجي مرشد کي ڏيکارين ٿا
اهڙي طرح اها تحرير درجه استناد حاصل ڪري ٿي.
مخدوم جهانيان جهان گشت وڏا صاحب علم وفضل صوفي
هئا. اسلامي علوم ۾ کين وڏو درجو حاصل هو. سندن
ملفوظات مذهب ۽ تصوف جي دائره المعارف جو درجو رکن
ٿيون. سندن ملفوظات جو ڪجهه ذڪر عرض رکجي ٿو:
(1) اردو ترجمه: خلاصة الالفاظ جامع العلوم
الدارالمنظوم: هي ’جامع العلوم‘ جي نالي سان مشهور
آهي. هن جو مرتب ابو عبدالله علاوالدين علي بن سعد
بن اشرف دهلوي آهي جو 777هه/1375ع ۾ مخدوم جهانيان
جو اچي مريد ٿيو ۽ دهلي ۾ رهي 9 مهينا ملفوظات جمع
ڪندو رهيو. مخدوم صاحب جن کي خبر پئي ته پوءِ جڏهن
به تقرير ڪرڻ فرمائيندا هئا ته کين مخاطب ٿي
فرمائيندا هئن ته علاوالدين هن تقرير کي قلمبند
ڪر.
(2) سراج الهدايه: هن مجمع کي احمد برني مرتب ڪيو
آهي، 9 بابن تي مشتمل آهي.
(3) مقرر نامه: هن مجموعه ۾ تصوف وسلوڪ جي تعليم
بطور مڪتوبات قلمبند ڪئي وئي آهي.
هي مجموعه 776هه / 1374ع ۾ مرتب ڪيو ويو. هن
مجموعي ۾ 42 مڪتوبات شامل آهن. هر مڪتوب ’مقررباد‘
جي لفظ سان شروع ٿئي ٿو. هن نسخي کي ملااله يار
ڪاتبخاني نقل ڪيو آهي. هي نسخو مسلم يونيورسٽي
عليڳڙهه (2) مولوي تسليم الدين سليم جي ڪتبخاني
سليم منزل جيپور ۾ آهي (3) سينٽرل لائبرري
حيدرآباد دکن ۾ (آندهرا پرديش)
(4) خزانه جلالي: هن مجموعي جو اصل نالو ’خزانة
الفوائد الجلاليه‘ آهي ليڪن ’خزانه جلالي‘ جي نالي
سان گهڻو مشهور آهي جنهن کي مخدوم جي هڪ مريد احمد
المدعوبه بهاءُ بن حسن بن محمود بن سليمان تلنبي
مرتب ڪيو آهي. هي علوم معارف جو هڪ نادر نخسو آهي.
هي 17 بابن تي مشتمل آهي.
(5) جواهر جلالي: ملفوظات جو هي به هڪ ضخيم دفتر
آهي، جنهن جو مرتب فضل الله بن ضياء العباس آهي جو
مخدوم جهانيان جو خليفو ۽ مريد هو.
(6) مظهر جلالي: مخدوم جهانيان جي هن ملفوظات جي
مرتب جو نالو سرورق يا مقدم ۾ لکيل نه آهي. هن
320 ورق آهن.
(7) مناقب مخدوم جهانيان: مخدوم جهانيان جي
ملفوظات جو هي مجموعه تمام نادر آهي ان جو هڪ قلمي
نسخو ’ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال‘ (ڪلڪته) جي
لائبرري ۾ آهي. هيءَ ملفوظات، تمام اهم آهي. هن ۾
عهد فيروزي جا اڪثر واقعات سياسي، مهم ٺٽو ۽ بعاوت
گجرات وغيره جو ذڪر آهي.
(8) ترجمه فارسي رساله مڪيه: شيخ قطب الدين دمشقي
پنهنجي زماني ۾ نامور صوفي شيخ هو، جنهن تصوف جي
مسئلن تي هڪ مختصر مگر جامع رسالو مڪي شريف ۾
تاليف ڪيو ان ڪري ان رسالي جو نالو ’رساله مڪيه‘
رکيو ويو. ان جي تڪميل دمشق ۾ ٿي هي رسالو، مصنف
شيخ قطب الدين دمشقي خود، مخدوم جهانيان ڏي موڪليو
هو. مخدوم جهانيان ان رسالي جو عربيءَ مان فارسيءَ
۾ ترجمو ڪرڻ فرمايو ۽ ان جو نالو ’ترجمه فارسي
رساله مڪيه‘ رکيو ويو. مخدوم جهانيان جو هيءُ
رسالو (قلمي نسخو) ڪيمبرج يونيورسٽي ۽ پرنسٽن
يونيورسٽي آمريڪا وغيره ۾ موجود آهي. پرنسٽن
يونيورسٽي جي ڪيٽالاگ ۾ ان جو نالو ’رساله مڪيه
جلاليه‘ درج آهي.
هي رسالو، مخدوم جهانيان مڪه مبارڪ ۾ مرتب ڪيو هو
۽ درس ۾ شامل رکندا هئا.
(9) اربعين صوفياء:
(10) اسرارالعارفين وسيرالطالبين: هي ڪتاب، مخدوم
جهانيان سالڪن، فقرائن ۽ عارفين جي باري ۾ لکيو
هو.
(11) اعمال واشغال فوائد: هي مخدوم جهانيان جي
اقوال ۽ اوراد جو مجموعو آهي، جنهن جو جامع، حضرت
جعفر بدرعالم بن جلال الدين مقصود عالم آهي.
(12) فوائدالمخلصين: (احوال و ملفوظات مخدوم
جهانيان) مؤلف محمد جعفر توماسي ذخيره شيراني ۾ هي
مخطوطه موجود آهي.
(13) ترجمه قرآن ڪريم: منسوب حضرت مخدوم جهانيان،
جنهن جو مٿي ذڪر اچي چڪو آهي.
مخدوم جهانيان جي ازدواجي زندگي ۽ اولاد:
’جامع العلوم‘ ۾ مخدوم جهانيان جن جي رفيقه حيات
جو ذڪر ڪيترين جاين تي اچي ٿو. جنهن مان معلوم ٿئي
ٿو ته مخدوم صاحب جن جي رفيقه حيات نهايت
عبادتگذار، عابده و زاهده بلڪ واصل حق هيون. هڪ
دفعي مخدوم جهانيان پنهنجي رفيقه حيات جو ذڪر ڪندي
فرمايو ته: ’هڪ رات هوءَ عبادت ۾ مشغول هئي ته
عبادت ڪندي بيهوش ٿي وئي ۽ بيهوش ٿيندي سجدي ۾ هلي
وئي. هوش ۾ آئي ته سجده مان اُٿي. جڏهن کين وضوع
ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته پاڻ فرمايائون ته مون کي
بيهوشي نه هئي بلڪ مون دل جي اکين سان حق تعاليٰ
کي ڏٺو. انڪري دل سجده ڪيو. تهجد جي نماز لاءِ
مخدوم صاحب کان اڳ اٿندي هئي. جڏهن تهجد جي نماز
جي تياري ڪري ٻه رڪعتون نماز (تهجد) ادا ڪري چڪي
هوندي هئي، ته پوءِ حضرت مخدوم جهانيان سجاڳ ٿيندا
هئا. ’شرح ڪبير‘ چهل اسم جو ورد ڪرڻ فرمائينديون
هيون. شرح ڪبير جو هڪ دفتر حرم محترمه وٽ هوندو
هو. علم جو به اهو درجو حاصل هوندو هين جو حرم
محترمه ’عوارف المعارف‘ جو باقاعده درس ڏينديون
هيون.
مخدوم جهانيان جن کي ٽي فرزند ۽ هڪ نياڻي هئي.
سندن فرزندن جا نالا مبارڪ: (1) محمود ناصرالدين
(2) عبدالله (3) محمد هئا.
مخدوم جهانيان جو اولاد و احفاد (پوٽاڻ) ۾ تمام
برڪت ٿي ۽ هيءُ خاندان جهانيان گهڻو وڌيو. هندوپاڪ
جو شايد ئي ڪو مرڪزي شهر اهڙو هجي جتي مخدوم صاحب
جو اولاد نه هجي. مخدوم جهانيان جي اولاد هندو پاڪ
۾ علوم وفنون ۽ ارشاد ۽ تبليغ جا وڏا ڪارناما
سرانجام ڏنا.
تبليغ اسلام:
مخدوم جهانيان تبليغ لاءِ وڏا ڪوشان رهندا هئا.
شيخ الاسلام جي دوران ته تبليغ پاڻ تي فرض سمجهندا
هئا. پاڻ سنڌي ۽ هندي ۾ اڪثر ڪري تبليغ ڪرڻ
فرمائيندا هئا. اُچ شريف، سنڌ ۽ گجرات ۾ دين اسلام
جي گهڻي تبليغ ڪيائون. هزارين ڪافرن سندن حسن سلوڪ
جي ڪري سندن هٿ تي بيعت ڪيائون، خاندانن جا خاندان
بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته حسن سلوڪ جي ڪري کانئن متاثر ٿي
قبيلن جا قبيلا مڪمل مسلمان ٿي پوندا هئا. هڪ ڀيري
کين پيٽ ۾ سور ٿيو، ان لاءِ هڪ هندو طبيب علاج
لاءِ آيو، ته پاڻ ان جي اچڻ تي ڏاڍا خوش ٿيا ۽
مخدوم صاحب جن ان هندو طبيب جي حق ۾ دعا گهري ته
هو اسلام تي ايمان آڻي ۽ رب ڪريم مخدوم صاحب جن جي
دعا قبول ڪرڻ فرمائي ۽ ان هندو طبيب اسلام قبول
ڪيو. سلطان فيروز تغلق به مخدوم جهانيان جي سلسله
ارادت ۾ منسلڪ ٿيو هو.
ٺٽي ۾ فيروز تغلق جي مهم دوران مخدوم جهانيان جو
سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان همدردانه ۽ محبت ڀريو
ورتاءُ:
ٺٽي جي مهم دوران جڏهن فيروزشاهه وڏي تياري ڪئي ۽
لشڪر سان ٺٽي تي چڙهائي ڪئي ته ٺٽي جي آسپاس چوگرد
پڪل فصل تي قبضو ڪري اهل ٺٽي وارن کي بک مارڻ جو
منصوبو رٿيو ۽ خان جهان وزيراعظم دهلي ۽ صوبائي
مرڪزي مقامات کان وڌيڪ فوجي امداد فراهم ڪري ٺٽي
موڪلي. بادشاهه چار هزار ٺٽي جي ماڻهن کي قيد ڪيو
ته ڄام جوڻو ۽ ڄام ٻاڀڻيو هيءَ صورت حال ڏسي سخت
پريشان ٿي ويا ۽ مخدوم جهانيان جن جي خدمت ۾
درخواست عرض رکي ته پاڻ مخدوم صاحب جن بادشاهه سان
مصالحت ڪرائين. مخدوم جهانيان اُچ شريف کان شاهي
لشڪر ۾ تشريف فرما ٿيا تمام لشڪر سندن جي قدمبوسي
ڪئي ۽ مخدوم صاحب جن بادشاه جي دربار جي قريب پهتا
ته بادشاه نهايت خلوص ۽ احترام سان ۽ وڏي اعزاز ۽
اڪرام سان پيش آيا ۽ پنهنجي لشڪر ۾ وٺي آيا ۽
مخدوم صاحب جن سمن سردارن ۽ بادشاه وچ ۾ صلح
ڪرايو. غرض مخدوم جهانيان جن جي وچ ۾ اچڻ ڪري شاهي
ڀرم به رهجي آيو ۽ اهلِ ٺٽه به پنهنجي مراد کي
پهتا. ٻئي ڄام بادشاه وٽ حاضر ٿيا. بادشاهه ٻنهي
ڄامن کي معاف ڪيو ۽ ٺٽي جي حڪومت ڄام جوڻي جي
فرزند ۽ ڄام ٻانڀڻي جي ڀاءُ ڄام تماچي جي حوالي
ڪئي. فيروز شاه تغلق جيتوڻيڪ ٺٽو فتح ڪيو ليڪن
دوري هئڻ ڪري امراء ٺٽه دهلي جي اثر کان آزاد ئي
رهيا ۽ جلدي ڄام تماچي مرڪزي حڪومت جي اطاعت کان
بغاوت ڪئي ۽ بادشاهه ڄام جوڻي کي فساد ختم ڪرڻ جي
غرض سان ٺٽي موڪليو ۽ هن ڀيري به مخدوم جهانيان
جهان گشت جن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. اتفاق سان
مخدوم جهانيان جن ان وقت دهليءَ ۾ ئي هئا ۽ ڄام
تماچي کي مخدوم صاحب دهلي وٺي آيا ۽ مخدوم جهانيان
بغير ڪنهن جنگ و جدل جي تماچي کي دهلي وٺي آيو.
ڄام تماچي جاءِ تي ڄام جوڻي (علاوالدين) کي ٺٽي جي
حڪومت ملي ۽ 782هه/ 1380ع تائين ڄام جوڻو ٺٽي جو
حاڪم رهيو. انهن واقعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم
جهانيان جو سنڌ جي عام وخاص تي ڪيترو اثر هو ۽
مرڪزي حڪومت سان به سندن سٺا تعلقات هئا. بادشاهه،
مخدوم صاحب جن جي وڏي عزت ۽ احترام ڪندا هئا.
مولانا رحيم داد ’مولائي شيدائي‘ پنهنجي مضمون
’سنڌي بزرگن جو سياست ۾ حصو‘ ۾ لکي ٿو ته:
”764 هجري ۾ سلطان فيروز شاهه تغلق 80 هزار لشڪر ۽
هاٿين جو وڏو ٽولو ٻيڙين تي چاڙهي مهراڻ جي رستي
سنڌ تي ڪاهي آيو. ڄام ٻانڀڻي جي حڪم سان سنڌ جي
زميندارن پنهنجا فصل برباد ڪري ڇڏيا، جنهنڪري سنڌ
۾ ڏڪار پئجي ويو. ڄام ٻانڀڻي مخدوم جلال الدين
جهانيان جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي صلح لاءِ عرض ڪيو ۽
مخدوم صاحب سلطان فيروزشاهه ۽ ڄام ٻانڀڻي جو صلح
ٿيو ۽ سنڌ، دهليءَ جي چنبي مان آزاد ٿي وئي.“ وڌيڪ
مولائي شيدائي لکي ٿو ته:
”سلطان فيروزشاهه سيوهڻ جو علائقو مخدوم جهانيان
کي جاگير طور ڏنو، پر مخدوم صاحب جاگير وٺڻ کان
انڪار ڪيو.“
(روزانه ’هلال پاڪستان‘ جي اخبار هفتيوار مئگزين
’هلال مئگزين‘ سيپٽمبر 1982ع).
وصال مخدوم جهانيان جهان گشت:
مخدوم جهانيان باوجود وڏي عمر جي، آخري عمر ۾ به
تمام ورد وظائف پابنديءَ سان ادا ڪرڻ فرمائيندا
هئا. 24 ڪلاڪن ۾ پهريان 500 رڪعتون نفل پڙهندا
هئا، جڏهن ته آخري عمر ۾ انهن کي وڌائي 100 رڪعتون
نفل روزانه ڏينهن رات ۾ پڙهندا هئا. ذڪر جهر ڪرڻ
فرمائيندا هئا. رمضان المبارڪ جون تراويحون پڻ
پڙهندا هئا ۽ رمضان شريف جي آخري عشره (ڏهي) ۾
اعتڪاف ۾ پڻ وهندا هئا. پاڻ 77
سال، ٽي مهينا ۽ 25 ڏينهن جي عمر ۾ 10 ذوالحج 785
هجري مطابق 3 فيبروري 1384ع تي 2 رڪعتون نماز
شڪراني جون پڙهي سج لهڻ وقت (اربع ڏينهن شام)
عيدالاضحيٰ جي ڏهاڙي تي واصل باالله ٿي ويا. سندن
مزار مبارڪ اُچ شريف اڳوڻي رياست بهاوالپور ۾ آهي.
سندن مزارمبارڪ مٿان مقبرو ديره غازي خان جي والي
سنه 857 هجري ۾ تعبير ڪرايو، جتي هر سال سندن عرس
مبارڪ ملهايو ويندو آهي. دروازي تي هيٺيون ڪتبو
لڳل آهي.
تاريک گشت جمله جهان بي جمال شاهه.
تاريخ بود و هفت صد وَهشتاد وپنج سال
.
تبرڪات:
مخدوم صاحب جن جي خانقاه تي موجود:
(1) محبوب مصطفيٰ حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن جي ’دستارمباڪ‘.
(2)رسول اڪرم حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن جو ’رومال مبارڪ‘.
(3) خاتون جنت حضرت بيبي فاطمة الزهرا رضي الله
عنها جن جي ”چادر مبارڪ“.
(4) حضرت امام حسين عليہ السلام جن جي هٿن مبارڪن
سان لکيل ’قلمي قرآن پاڪ‘.
(5) حضرت امام حسن عليہ السلام جن جي هٿن مبارڪن
سان لکيل ’قلمي قرآن مجيد‘.
(6) حضرت امام حسن عليہ اسلام جن جي ’تلوار
مبارڪ‘.
(7) حضرت امام حسين عليہ اسلام جن جي ’تلوار
مبارڪ‘.
(8) حضرت يونس عليہ السلام جن جي ”تسبيح“ جا مڇيءَ
جي پيٽ ۾ پڙهي هئائون.
(9) حضرت امام زين العابدين جن کي ڪربلا واري
واقعي بعد پارايل زنجير ۽ طوق.
(10) حضرت بيبي سڪينه عليہ السلام ابن حسين عليہ
السلام جن جون ’واليون مبارڪ‘.
(11) اصحابه رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم
حضرت سلمان فارسي رضي الله عنہ جن جي ’چادر
مبارڪ‘.
(12) حضرت سيد جلال الدين سرخ پوش بخاري جن جو
’ڪاٺ جو وَٽو‘ ۽ ’دستار مبارڪ‘.
(13) حضرت سيد جلال الدين ثاني المعروف مخدوم
جهانيان جهان گشت جن جي هٿن مبارڪن سان لکيل ’قرآن
مجيد قلمي‘
(14) حضرت علي اصغر ابن امام حسين عليہ السلام جن
جي ’قميص مبارڪ‘.
مخدوم جهانيان جن جو ننڍو ڀاءُ: مخدوم صدرالدين
راجو قتال:
مخدوم صدرالدين بن سيد احمد ڪبير بن سيد جلال سرخ
پوش بخاريءَ جي ولادت 26 شعبان المعظم 720هه ۾ ٿي.
راجوقتال مڪمل تعليم پنهنجي والد ۽ پنهنجي وڏي
ڀاءُ حضرت مخدوم جلال الدين مخدوم جهانيان جهان
گشت کان پڻ خرقه خلافت ڍڪيائون ۽ مخدوم جهانيان جي
وصال بعد پاڻ مخدوم راجو قتال مخدوم جهانيان جا
سجاده نشين مقرر ٿيا. مخدوم راجوقتال جي حالات ۾
حاجي حامد گنج بخش هڪ ڪتاب ’مناقب الولايت‘ لکيو،
جيڪو خليفي الهه داد خان جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
ان ڪتاب ۾ مصنف لکي ٿو ته: ”راجوقتال جو قتال لفظ
نه آهي پر راجوڪتال آهي. ڪتال جي معنيٰ آهي بزرگ
جو سرياني ٻوليءَ جو لفظ آهي. جڏهن ته ٻين تذڪرن ۾
سندن رعب ۽ جلال جي سبب قتال سڏيو ويو آهي. قتال،
نفس کي نهوڙيندڙ ۽ قتل ڪرڻ به مراد ورتي ويندي
آهي. راجو قتال جنهن غير مسلم کي مسلمان ڪندو هو،
ته ان جي تعليم ۽ تربيت جو به بندوبست ڪندو هو.
’مناقب الولايت‘ ۾ هڪ واقعو هن طرح لکيل آهي ته هڪ
هندو، مخدوم قتال جي آخري لمحن (گهڙين) ۾ عيادت جي
لحاظ کان اچي حاضر ٿيو ۽ مخدوم راجوقتال جي گفتگو
ٻڌي اهو مسلمان ٿي پيو، جنهن جو نالو دين محمد
رکيو ويو. مخدوم سندن تعليم و تربيت جو بندوبست به
ڪرڻ فرمايو ۽ کيس اجازت ۽ خلافت کان به نوازيو، ۽
کيس سهروردي طريقي ۾ داخل ڪرڻ فرمايو. حضرت مخدوم
راجو قتال جيتوڻيڪ صاحبِ اولاد هو، تنهن هوندي به
پنهنجو سجاده نشين فضل الدين بن ناصرالدين محمود
بن مخدوم جلال الدين ثاني مخدوم جهانيان جن کي
مقرر ڪرڻ فرمايو.
حضرت راجو قتال کي چار فرزند: (1) جلال خواجه (2)
شيخ روح الله (3) عبدالعزيز ۽ (4) ابواسحاق هئا.
ابوسحٰق ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي والد بزرگ جي
نقش قدم تي هلندا هئا ۽ ننڍپڻ کان ئي تبليغ دين
اسلام شروع ڪيائون. صاحب ’مناقب الولايت‘ لکي ٿو
ته: ابواسحٰق ننڍپڻ ۾ ئي 72 ڪافرن کي مسلمان ڪرڻ
فرمايو. حضرت مخدوم راجوقتال 16 جمادي الآخر 827
هجري مطابق 1424ع تي وصال ڪرڻ فرمايو. سندن مزار
اچ شريف ۾ ئي آهي. سندن ڪيترائي خلفاء ڪرام آهن.
ª
|