امداد
حُسيني
بيت
اکيون پُوربَ پارَ ڏي، رکيون سَڃي مُون،
جتان ايندين تُون، صبح جِئان اي سُپرين!
پاڻَ ئي لِڪِي پاڻَ کان، پاڻَ کان پئي کاتومِ،
گُونگن ٻوڙن جي اڳيان، گيتُ پِئي ڳاتومِ.
سِيرُون سِيروُن ٻُڪَ ۾، پاڻي پئي پاتومِ،
ڄاڻي جي ڄاتومِ، ته ڪجهه به ڄاتم ڪِينَڪِي!
ڇوريءَ ڇوڙيا وارَ جُهڙَ جُهڙالا ٿي وِئا،
شهرَ ڪراچيءَ تي ڪِئا، ڪڪرن ڪارُونڀارَ،
رُٺا، وُٺا ڪِينَڪِي، پُرئا پِرينِ جي پارَ،
ڇوريءَ ڇُڙيل وارَ وانگُوڙي وئا ويڙهجي!
هر وَٿ جو مُلُ ٿو ٿئي، موکيءَ مَڌُ اَمُلُ،
ڀورا ڀُلَ مَ ڀُلُ، وٽيون پِيءُ وِهَه گاڏِيُون!
ڪَڙهه ڪالهوڻِي ڳالِ کي، اَڄُ اُجاري جِيءُ،*
سُڀاڻَ ڀيڙو ٿِيءُ، نِتِ نئين اُميد سان!
(* گوتم ٻُڌ جو اُپديش)
وائي
لَکَڻ ڪِيمَ لَکيجِ- سنڌڙي جندڙي- جندڙي سنڌڙي!
آءُ اَسُونهون، تون ئي سُونِهين- هٿ ۾ هَٿُ رکيجِ-
سنڌڙي جندڙي- جندڙي سنڌڙي!
لاکَ رَتاڻِي لوئي اوڍي- بڻجي باکَ بَکيجِ،
سنڌڙي جندڙي- جندڙي سنڌڙي!
ڳل تان ڳاڙها ڳوڙها اُگهندي- ٻَکن منجهه ٻَکيجِ،
سنڌڙي جندڙي، جندڙي سنڌڙي!
لَکَڻَ ڪِيمَ لَکِيجِ- سنڌڙي جندڙي- جندڙي سنڌڙي!
وسيم سومرو
غزل
پنهنجو پنهنجو چنڊ ڏسون ٿا،
پنهنجي پنهنجي عيد ڪيون ٿا.
نابينن کي ڪير پڙهائي؟
پڌري نينهن نويد ڪيون ٿا.
پوري پنهنجي ننڊ ڪرڻ لئه،
ڪُوڙا خواب خريد ڪيون ٿا.
لڙڪن اکين ۾ ڏيئا ٻاري،
پنهنجا ياد شهيد ڪيون ٿا.
چمڙن آڏو چڻنگون بڻجي،
راتين جي ترديد ڪيون ٿا.
وعدا ٽوڙي روز تراشي،
روز نئين تجديد ڪيون ٿا.
پيرن جون زنجيرون ٽوڙي،
قيدين تي تنقيد ڪيون ٿا.
جوڙي دل جي واٽ وسيم،
اندر جي تقليد ڪيون ٿا.
وائي
هِڏي هيءَ ٽان ٽان
تنهنجو وات پچي نٿو!
چار ئي پهر پلاند مان
ڇوڙين ٿو مان! مان!
تنهنجو وات پچي نٿو!
ٻاروهي ٻوڙيون اکيون،
ٻاروهي کان! کان!
تنهنجو وات پچي نٿو!
بي تالي ٿين بي سُري،
ڍولڪ جي ڍان! ڍان!
تنهنجو وات پچي نٿو!
پنهنجو ڪريو پاڻ سان،
پاڻ ٻُڌين ڀان! ڀان!
تنهنجو وات پچي نٿو!
امر اقبال
نثري نظم/واندڪائي
واندڪائيءَ ۾
پر چين تي لکيل اڌورن غزلن کي
ڊائريءَ ۾ اُتارجي
ترتيب وڃائي ويٺل ڪتابن کي
پراڻي ترتيب ۾ رکجي
ٽيبل جي سوڙهه وڌائيندڙ
شادين جي پاروٿن دعوتي ڪارڊن
۽ ٻٽونءَ ۾ زوريءَ گهڙي آيل
وزيٽنگ ڪارڊن کي ڦاڙي ڦٽو ڪجي
............ عڪس ۾ گڏ ٿي ويل مئسينجز کي
ڊليٽ ڪرڻ شروع ڪجي
ننهن لاهجن
اڌوراڻا بوٽن کي پالش ڪري رکجي
زال کي چانهن ٺاهي پيارجي
گفٽ ٿيل ڪتابن کي هِتان هُتان پڙهي ڏسجي
شاعر دوست جي ڪتاب جو مهاڳ لکجي
ٻارن کي آئيس ڪريم کارائڻ وٺي وڃجي
ٽيهه سال اڳ ٻڌل گيت ڳولي وري ٻڌجي
پراڻن دوستن جي پراڻن خطن کي کولي
ڇُهي وري رکي ڇڏجي
موبائيل ڪمپنيءَ طرفان مفت ۾ مليل منٽن مان
انهن دوستن سان ڳالهائجي
جن سان ڳالهائي زمانا گذري ويا
وانداڪائيءَ
دل، جيڪو به چاهي، ڪجي
پر
هن بيوفا کي هرگز به ياد نه ڪجي
ڇو ته
ائين ڪرڻ سان
واندڪائي رت هاڻي بڻجي ويندي آهي.
ياسر قاضي
غزل
مان ٻُرِي جاڳَ مُسلسل جهوريان،
ڏاهُه جو ڏيهُه پيو ٿو ڏوريان.
رات کي ناهه مٿي تي ڪو رَئو،
ڀَٽڪندَي چار پهرَ پيو ڀوريان.
سُرت- سُرٻاٽَ سِتارا ٿا ڪن،
بانبڙا چنڊُ ٿو پائي هوريان.
’ڀالوا‘ خاڪَ ۾ سانگينِ جي مهڪَ،
مارئِي ساهه ۾ ساري سوريان.
ساهَه وڻراهه تي ڇڻڪار ڪري،
چاهه جو چنگُ پيو ٿو چوريان.
لفظَ، جُملن ۾ جَڪڙجي سَهڪَن،
ماٺ ورنائين جي، آزيُون اوريان.
ساهمي ساهَه بڻائي ’ياسر‘،
تشنگِي، تانگهَه پيو ٿو توريان.
روبينه ابڙو
غزل
پاتو هو پيارَ وانگر، دل کي آ ياد وانگر!
هيرن جي هارَ وانگر، دل کي آ ياد وانگر!
مَلهارَ ۾ مليو هو، پَن ڇَڻ بنا ڇڻيو هو،
بدليو بهارَ وانگر، دل کي آ ياد وانگر!
هڪڙي نظرَ ۾ ڊوڙي دِلِ ۾ اچي لڳو هو،
تُز هو تَرارَ وانگر، دِلِ کي آ ياد وانگر!
هيڏو وڏو وڇوڙو هڪ لُڙڪَ ۾ لڪايم،
ساهن ۾ سارَ وانگر، دل کي آ ياد وانگر.
پهرين نظر جو ناتو ۽ پيارُ پهريون پهريون،
پهرين اُڏارَ وانگر، دل کي آ ياد وانگر.
دل جي سڄي ايراضي لحظي ۾ ويو لتاڙي،
ڪنهن شهسوار وانگر، دل کي آ ياد وانگر.
منهنجي وجود مان ئي شاخون ڪري ڦُٽي پيو،
ڏاڙهونءَ جي ڏار وانگر، دل کي آ ياد وانگر.
اوڏڻ کي اوڏ وانگي، لامُن کي لوڏَ وانگي،
پنڇين کي پارَ وانگر، دل کي آ ياد وانگر.
غزل
مورڇَل تولاءِ ورتو ڪاسبي جي دَرَ وٽان،
مورَ هو مون ڏي نهاريو مندرن جي ڀَرَ وٽان.
اُڀَ تُنهنجي شهر تان آهي شروع مون لئه ٿيو،
ڀونءِ ڀي ٿي آ شروع مون لاءِ تنهنجي گهر وٽان.
اوچتو تنهنجون اکيون آڪاسَ مان اُڀري پيون،
بادلن کي مون ڳڻيو پئي بازَ جي ٻي پَرَ وٽان.
ڪنهن جي ٽوپيءَ جي ٽِڪُن جا اولڙا پيا اوچتو؟
مون نرا پائي نهاريو، ڪير هو، آڳر وٽان؟
ڪالهه هاريءَ جي هَٿن مان کيتُ هو ٻيهر ڦُٽو،
هارياڻيءَ جو هميشه هنيانءُ هُرٻيو هَرَ وٽان.
سِڪَ جي هُئي سوکڙي توکي ملي مٽيءَ منجهان،
نِينهَن جي مون ڀي نشاني هئي لَڌي نيسرَ وٽان.
تو وري درويش کان هوريان پڇيو تعبير هو،
خواب ۾ ڪوئي خزانو مون لڌو کنڊر وٽان.
امين ڀٽو
غزل
مليو آهين ته هاڻي ڏس سهائي ڪيتري آهي،
ٻڙي جيڏي وئي آ ٿي جدائي ڪيتري آهي.
اسان کي تون نه آن حاصل سمورا رنگ هيڊا هن،
ملن ٿا کوڙ هون ماڻهو خدائي ڪيتري آهي.
مان گهر جا گُل ڏسان پيو ٿو ڇڻن پيا ٿا اڱڻ تي ئي،
سوا تنهنجي لٿي ڏس هيڪلائي ڪيترائي آهي.
بدن تي نانگ جا ڦيرا اُهي جلوا اُهي جانان،
حسين هڪ شخص جي ۽ ياد آئي ڪيتري آهي.
اوهان آڏو اُڀي پيرين ئي بيٺل هون خدا ڄاڻي،
نه جهڪندا هون
ڪٿي ڀي من وڏائي ڪيتري آهي.
غزل
هلڪي هوا سمندر هڪ بئينچ پاڻ آهيون،
اڏرن ٿا وار هر هر هڪ بئينچ پاڻ آهيون.
توکي ويهاري
سامهون هڪ گيت پئي لکيو مون،
وکريا پيا ها ڪاڳر هڪ بئينچ پاڻ آهيون.
تنهنجي هٿن جي کينچل آسيس آ اُڻي ڏس،
ڀاڪر شراب جو ڀر هڪ بئينچ پاڻ آهيون.
تنهنجي اکين ۾ ڏسندي ڍاپان الئه نٿو ڇو،
ڳالهيون
اڃان ڀي تون ڪر هڪ بئينچ پاڻ آهيون.
ڇاتي ته ڪون آ ڄڻ ڇولي حسين آهي،
بيٺو ڀريو آ ساگر هڪ بئينچ پاڻ آهيون.
رحيمداد جوڳي
نثري نظم
اُهوئي ساڳيو تنهنجو شهر
اُهوئي ساڳيو مُنهنجو ڳوٺ
اُهوئي ساڳيو رستو
جيڪو روڊ کان هيٺ لهي ٿو
اُهي ئي ساڳيا تنهنجا پيرا آهن
۽ اُهائي ساڳي مُنهنجي ماءُ آهي
جنهن کي تون
مُنهنجي ڪري گهڻو وڻندي هئينءَ
سالن کان پوءِ
تڏهين
تون مُنهنجي گهر آئي آهين
جڏهن مان مري ويو آهيان!
نثري نظم
ڇوڪريون…
ڳوڙها پي
ٽهڪ کائي
وڏيون ٿينديون آهن!
ڇوڪرا…
راند کيڏي
دڙڪا کائي
وڏا ٿيندا آهن!
ماءُ ڳيچ ڳائيندي آهي
دعائون ڏيندي آهي
پيءُ ڪمائي گهر آڻيندو آهي
۽ رات جو
تارا ڳڻي ننڊ ڪندو آهي!
نثري نظم
چيائين
تنهنجون اکيون
ايتريون خوبصورت ڇو آهن؟
هُنَ کي ڪيئنءَ ٻُڌايان
ته مُنهنجي اکين ۾
تُنهنجا خواب
روز گُلُ ٿي ٽِڙندا آهن!
پيار جو نظم
هن سان پيءُ پيار ڪري ٿو
پنهنجي زال کان به گهڻو
هُنَ سان ماءُ پيار ڪري ٿي
پنهنجي ڀائرن کان به گهڻو
هن سان ڀاءُ پيار ڪري ٿو
پنهنجي پُٽ کان به گهڻو
پَرَ
هوءَ سانوري ڇوڪري
پيار ڪري ٿي
هڪ ڀوري ڇوڪري سان!
گهرَ کي دَرُ ڪونهي!
ڇوڪري
گهر جي دريءَ مان
ڏسي ٿي
سمنڊ جي مٿان
چنڊ اُداس آهي!
ڇوڪري، سمنڊ ۽ شهر به اُداس آهي!
ته اچانڪ
هِڪ اُداس ڇوڪرو ڪاڏي وڃائجي ويو آهي!
ڳوٺ ۾ مينهن وسي ٿو
گهرَ کي دَرُ ڪونهي
هڪ پوڙهي ماءُ
پنهنجي پٽ جي اوسيئڙي ۾
سَڄي رات سُتي ناهي! |