مرزا ڪاظم رضا بيگ
غزل
وفائن جي زماني ۾ اگر ڪا بندگي ناهي،
دلين ۾ ڪنهن جي لئه ڪنهن کي محبت تازگي ناهي.
خدا ۽ انبيائن، اوصيائن اوليائن سان،
محبت کانسواءِ ڪا بندگي ۽ زندگي ناهي.
محبت آهي بس انعام خالق جو ته انسان لاءِ،
محبت جيڪڏهن ناهي ته گويا زندگي ناهي.
اُهو ڪردار دنيا ۾ ٿو بنجي پيروي قابل،
ڪه جنهن ۾ بيوفائي جي سرمُو گندگي ناهي.
چڙهي ويو دار تي، ظالم اڳيان سرخم نه ڪئين پنهنجو،
اهوئي دار تي چئي مون کي ڪا شرمندگي ناهي.
ٿئي محتاج ڇو هي دردِ دل، تسڪين خاطر جو،
پيان پيو شربتِ ديدار پوءِ ڪا تشنگي ناهي.
گذاريان ڏينهن ٿو محبوب جي ڪوڙن ئي وعدن تي،
اهو پڻ ڄاڻندي هن ۾ ته ڪا شائستگي ناهي.
ڪري ٿو وصل جو وعدو ڦري ٿو قول تان پنهنجي،
چوي ٿو همنوائن کي مون کي شرمندگي ناهي.
زوال آهي ته بيشڪ حسن کي ئي چنڊ ۽ سج وانگر،
وَهي گذري وئي اڌ پوءِ رهي ڪا تازگي ناهي.
جا پهرين هُئي سندم زلفن ۾ جڪڙيل زندگي هن جي،
اُها پر عشق ۾ هن جي سندم وارفتگي ناهي.
اُهي ئي عشق ناز و ادا، رعنايون، جلوه،
مگر عاشق لئه دل ۾ سندس ڪا سادگي ناهي.
نقاب آهي پيو رخ تي نه پيڪر ٿيو حيا جو، پر،
چون ڀل سڀ پيا ڪردار ۾ بي پردگي ناهي.
سڄڻ وعدو وفائي جو ڪيو وعدي تي وعدو پر،
مگر وعدو نڀائڻ ۾ وٽس سنجيدگي ناهي.
جيئون ٿا آسري تي روز شب الله جي ’ڪاظم‘،
محبت ئي حقيقت، پر حقيقي بندگي ناهي.
بيتابُ ناپر
غزل
کَسيل غذا ٿي ڳولي، ٿَر منجهه ڪامڻي ڪا،
ٺاهي رهي آ ’غُربت‘ هن هنڌِ ڇانوڻي ڪا.
مُلهه دار سَون وانگي، پاڻي هِتي مهانگو،
جَرَ بي وفا ويا ٿي، بَرسي نه سانوڻي ڪا.
ٿَر جا گُلابَ، موتئا، ڪَليون ڇڏي رهيا هن،
سُڏڪا هوا کي ڏَيون، بيٺي آ ڀاڳڻي ڪا.
ڏَس! اي ڌڻي! اسان جو آهي اَناجُ ڪاٿي!؟
پنهنجي حصي جي ماني، کائي به پالڻي ڪا.
اکڙيون مُقامُ آهن، خوابن جا لاش آهن،
تقدير کي اسان جي، ننڊ ئي نه هُئي وڻي ڪا!!
ڌرتي، اَمڙ! ٿڌي تون اَڄُ جي ته ڏِينهُن ٿي وَڃُ!
صحرا جي سيج لاشا، سِجَ ۾ آ ٽامڻي ڪا.
پکين جي چُهنب آنديون، ڪي کارڪون به ناهن،
پکين جي ذاتِ پنهنجي فرياد نه سُڻي ڪا.
غزل
تُنهنجو گُذر نه آهي، گهٽيون بيمارُ آهن،
هن شهرَ ۾ هَوائون، لٿيون بيمارُ آهن.
پئي ٿي خبر ته توسان، تعلق سڀن جو آهي،
مهتابُ بي مزي آ، ڪَتيون بيمارُ آهن.
ٿَر واسين جا ٻچڙا هَر روزُ موت هَنج ۾،
جن جي مرڻ تي اَمڙيون، بيٺيون بيمارُ آهن.
ڪو نانگُ ڪارو توکي، کائي وڃي ڙي، غُربت!
هت پيٽُ خالي خالي، پُٺيون بيمارُ آهن.
هر ڦولَ مُرجهيل تي، نوحو پڙهن ٿا ڀؤنرا،
ڪَليون بيمارُ آهن، مُکڙيون بيمارُ آهن.
تون آءُ ڪرڻ چونڊو، فرحت فصل کي ٿيندي،
تنهنجي هَٿن جون پوکيل ڦُٽيون بيمارُ آهن.
سَجدي جي جاءِ رَت سان، ريٽي شهيد وڇڙيا،
قاتل شمر بڻيو آ، تسبيحُون بيمارُ آهن.
ياسين ڪنڀر
غزل
باوفا به، بي وفا به، يارُ به غدار به،
يار مون سان ٿو ڪري اقرار به انڪار به.
هُو ڇڏي ڏي ٿو ڪڏهن روئندو رڻن ۾ راهه ۾،
ٿو رهي لاغرض اڪثر، ٿو ڪري سهڪار به.
مُوڊ هن جو آف آ، بعضاً ڪڏهن آ مُوڊ ۾،
ٿو لڳي، گُل هُو ڪڏهن ۽ ٿو لڳي هُو خارُ به.
اُٺ جيڏو ماڻهو به پوندو آ بڻجي بي عقل،
ڪِٿِ ڪري وِجهندو آ سهڻي ڳالهه ننڍڙو ٻارُ به.
ڀر ۾ ويهاري ڪڏهن مون کي ڌڪاري ٿو ڇڏي،
گڏ رهڻ جو ٿو ڪري مون سان ڪڏهن اسرارُ به.
جنهن جي گهر ۾ کاڌو هو، اتڙان ڪري چوري ويو،
ٿي پيو اڄڪلهه ڪٿي مهمان آ مردار به.
مون ٻڌو آ هُئي لڳي ميرن کي گهر مان دوستو،
کاٽُ هڻندو آ ڪڏهن گهر منجهه پهريدار به.
زال جي چئي تي ڪيو هن ماءُ جيجل کي جدا،
بي حيا پُٽ پاڻ کي سمجهي پيو هوشيار به.
ربَّ چاهي، جهوپڙي مسڪين جي سالمُ رهي،
مون ڏٺا شاهن سندا ٿيندي مَحل مَسمار به.
ڪو ملاوٽ ٿو ڪري پنهنجي ڪري روزي حرام،
ڪو ڪري ايمانداري ساڻ ٿو واپار به.
ڪُنوار آ سورهن ورهين جي گهوٽ آ سَٺ جو ڪڏهن،
ڪاڏي مُنهن مريم جو ۽ ڪاڏي ٽنڊوالهيار به.
سِمَ وانگر يارَ جي گر، بايوميٽرڪ ٿئي ’ڪنڀر‘،
آڱوٺو پنهنجو هڻي شل مان خريديان پيارُ به.
غزل
هن کي چئو ته مون کان هڪڙو دفعو وڃي ٿي،
مان بي قرار آهيان مون کان سگهو وڃي ٿي.
ڌرتي ڌُڏي وڃي ٿي موسم وڃي ٿي مَٽجي،
آئيني سامهون بيهي، آرس جڏهن ڀڃي ٿي.
هن کي به پيار آيو مون تي ڪڏهن ذرو هو،
جهٽ پل جي لاءِ به ٿي، محبت اها مڃي ٿي.
مون آڏو ويهي آلا هِن زلف ها سُڪايا،
مدهوش ٿي وڃان ٿو، جي ياد هُوءَ اچي ٿي.
گهر جي پڌر جي وچ تي ڀاڪر ڀري چُميو هُن،
اڄ به چپن مان منهنجي خوشبو سندس اچي ٿي.
محبوب ڇَڏ وڇوڙا، اچ زندگي ۾ مل تون،
’ياسين‘ هيءَ حياتي روزانو پئي کُٽي ٿي.
غزل
اقرار ڪري سُهڻا، انڪارُ ڪيو تو ڇو؟
هي هيڏو وڏو مون سان آزارُ ڪيو تو ڇو؟
دل منجهه ويهاري وري دل مان تو ڌِڪاري ڇڏيو،
محبت جو محل منهنجو مِسمارُ ڪيو تو ڇو؟
مون تنهنجي يادن کي مَسَ مَسَ ته ڀُلايو هو،
پر مون سان ملڻ جو وري اسرارُ ڪيو تو ڇو؟
هڪ طرفي محبت به ڪيڏي ٿي اذيت ڏي،
بيدرد سان دل جو دِل اِظهار ڪيو تو ڇو؟
هُو ملي نه مِلي ليڪن مهڻا نه ڏبا آهن،
’ياسين ڪنڀر‘ آخر پوءِ پيارُ ڪيو تو ڇو؟
عثمان فقير کوسو
غزل
نڪي راس آئي بهارن جي دنيا،
نصيب ۾ ناهي قرارن جي دنيا.
جوانيءَ جون خوشيون ويا درد ڀيلي،
آ گردش ۾ يارو ستارن جي دنيا.
وئي يار تقدير منهنجي بدلجي،
تڏهن دور مون کان ٿي پيارن جي دنيا.
پيو درد دلبر جو کائي اندر کي،
وئي آهي وسري قرارن جي دنيا.
مٺا ديس موٽي آ ڪاڇو وُٺو ٿَئي،
اچي ڏس خوشين ۾ سنگهارن جي دنيا.
اي ’عثمان‘ ڪنهن کي متان بددعا ڏين،
هجي شال آباد يارن جي دنيا.
غزل
بي رحم بي وفا جيئن ويو آن ڇڏي،
هر صبح ٿو ڏيئي غم جا تحفا سڏي.
غم زده راتيون ڏينهن هِن ڏک ڀريا،
ڪيئن ڪجي ڏَس ڀلا راحتون ويون لڏي.
زندگيءَ ۾ هاڻي ڪو قرار ئي نه آ،
بي قراريءَ سان ويو آن اسان کي گڏي.
هُو نه هو تنهنجو هو بس سهارو مٺا،
بي سهارو ڪري دل ڇڏي ٿئي ٿڏي.
هر گهڙي آ مون لئه ڄڻ قيامت مِثل،
روح تولئه رڙي روز واڪي وڏي.
هُت بهارن ۾ ٿو پاڻ ماڻين مزا،
مان خزائن ۾ گهر بس ويٺو هان اَڏي.
عمر ’عثمان‘ گذري عذابن ۾ آ،
زندگيءَ جي سفر ۾ ايڏا غم نه ڏي.
غزل
هي درمئڪدن جا نه ڪر بند ساقي،
ٿا مئڪش به جاڳن ناهِن ننڊ ساقي.
پيئارين جي پنهنجي هٿن سان اسان کي،
وڄن وجود ۾ ٿي رڳون تند ساقي.
امانت رکي ڇڏ پياڪن جا پيالا،
وري ايندا تو وٽ پيئڻ مڌ ساقي.
ملن عشق سان ٿا وڃي روبرو هو،
ڀري ڏي انهن کي پيئن رند ساقي.
اگر ڪنهن به سوري تي پيڪر سڏايا،
ته ڏيندا خوشي مان اچي قند ساقي.
جنهن کي پيارڻ جو آهي سليقو،
زماني ۾ هوندا اهڙا چند ساقي.
نشي جو آ عادي هي ’عثمان‘ تنهنجو،
ڪري ڏِس ڪٿان آيو آ پنڌ ساقي.
مستقيم بازيدپوري
غزل
ها اکين جي اکين سان ريتَ ساڳي آ،
اي پرين تو ساڻ به ته پريت ساڳي آ.
تون کَٽين يا کَٽان مان فرق ناهه ڪوئي،
هار پنهنجي ساڳي، جيتَ ساڳي آ.
ٿا اَڃا، چارڻ سُرَن جون صدائون هڻن،
ساز ڀي ساڳيو، سنگيت ساڳي آ.
مامرو سارو ته ماڻهن جي مزاجن جو آ،
ساڳيو مَن مَندر ۽ مَسيت ساڳي آ.
وائي
سِگهو آ ساجُهر اُٿي سوير،
سَدا واهه جي ڪَپ تي.
ڪيون ڳالهيون ڪي ئي ڳنڍير،
سَدا واهه جي ڪَپ تي.
لَنوَن ٿا پکي لاتيون مِٺيون،
هُڳاءُ ڪيڏو آهي اڄ ته هِيرَ،
سَدا واهه جي ڪَپ تي.
نوان نِت رنگ ڀَري انگ انگ ۾،
سَوين ڪن ٿيون سُهڻيون سيرَ،
سَدا واهه جي ڪَپ تي.
ڇڏي وَڳ وٿاڻن ڪِٿان آيا،
مِڙي سڀ هي ميهرن جا ميڙ،
سَدا واهه جي ڪَپ تي.
پَري کان پنڌ پيا پيئڻ لاءِ،
سُڃاتا پيا ڪَن سندا مون پيرَ،
سَدا واهه جي ڪَپ تي.
سَوائي سُرڪَ ڏي سِڪايلن کي،
نه ڀَڃُ ائين ته هيراڪن هيرَ،
سَدا واهه جي ڪَپ تي.
جيئند علي مهر
احساسُ محرومي!!
(نثري نظم)
سوچن ۾ پاڳلپڻو
هَٿ خالي خالي
ڀاڳن جي لڪيرَن تي
سواليه نشانيون؟؟؟
اکين ۾ ظاهر بيٺيون هِن!
ڪيڏي نه خوشين جي
قاتل آ!!
احساس محرومي!!
ڪاش!
ڪنهن نڌڪڻي جي مٿان،
ٻاجهه جو هَٿُ نه کڄي!
شالَ ڪنڌُ نه ڀڄي قربتن جو!!
ڀُليلَ هِن زماني اڳيان!!
(نثري نظم)
مُنهنجي اُداسين جي ڳوٺ ۾!
اڪثر راتيون…
ننڊ کي گهُٽا ڏيندي،
اوجاڳن جون ٻانهُون،
سيرانديءَ ڏئي
سُڏڪنديون هِن!!
چنڊَ جي پوئين پاڇي مَنجهه،
درد جي ڪِرڀَ ڪُڏي پئي…
اڪيلائين اُلڪن ۾ آ وِڌو
ساٿ تُنهنجي جي خوشبوءِ
ساهه ٿي وجهيو ڇڏي،
مُنهنجي انتظار ۾!!
زماني جي مُنهن تان،
مِهڻن جو ماسُ لهي ئي نٿو!!
ڪارا لٽا ڪيئن لاهيان مَنَ…
اکڙين جو هي احتجاجُ،
بينرَ کنيو بيٺو آ!
بدلجي ويو آن تون ڀي،
ڀُليلَ هِن زماني وانگيان!!!
مير مختيار ٽالپر
غزل
ڪنهن شخص دوکو ڏنو، دوستي جي روپ ۾،
مان شڪست کائي ويٺس، زندگي جي روپ ۾.
تو چيو مونکان پري ٿي، مون سمجهيو اهو آ مذاق،
مان ويتر ويجهو ٿيندو ويس، شاعري جي روپ ۾.
حسن
ته بنجي ئي پوي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن دل جو خدا،
عشق به دل ۾ ٿو رهي، پر بندگي جي روپ ۾.
تنهن کي
ڀيٽي چنڊ، گل سان، بيوقوفي ڇو ڪيان،
جو لڳي ٿو، ڪعبو، قبلو، سادگي جي روپ ۾.
مان مڃان ٿو توسوا، منهنجي حياتي ڪجهه نه آ،
تنهنجو رتبو يار رهندو، رهبري جي روپ ۾.
مان مٺا تو تئين پڄان،
تنهنجي محبت ماڻي سگهان،
ڪاش! ائين ٿي پئي، جادوگري جي روپ ۾.
غزل
ڪيان ديدار ڪيئن تنهنجو نقابن کان ته پاسو ڪر،
محبت ۾ نه شرماءِ حجابن کان ته پاسو ڪر.
امن جا آشيانه جي، اُجاڙين پنهنجي عقل سان،
انهن ويرين جي راين ۽ ڪتابن کان ته پاسو ڪر.
اسان دلڙي توسان لائي، پنهنجي جند جان توکي ارپي،
اسان وٽ ڇا بچيو آهي، حسابن کان ته پاسو ڪر.
محبت جي عيوض اُلفت، اها جي ڪار ناهي تو وٽ،
پريت جو جام نه پيارج پر، عذابن کان ته پاسو ڪر.
’مختيارمير‘ کي تحفو ڏيڻ چاهين ته مرڪي ڏي،
نازڪ هٿڙا ڪندئي زخمي، گلابن کان ته پاسو ڪر.
غازي جمالي
نعت
کيڪار ڪئي ڪڪرن زلفن جو ڏسي جلوو،
چانڊاڻ به شرمايو ڳلهڙن جو ڏسي جلوو.
هڪ رات جي اونداهي ۽ مُرڪي پيو سهڻو،
سا رات ٿي روشن پئي چپڙن جو ڏسي جلوو.
ڪن رقص هوائون پيون مدهوش ٿي خوشبو تي،
مرسلؐ جي پگهر وارن موتين جو ڏسي جلوو.
نِب نير وهائي ٿي هن عشق محبت ۾،
عربيؐ جي ثنا وارن لفظن جو ڏسي جلوو.
ساڀيان ٿي پيا تن جي سڪ سار جا اوسيئڙا،
گس ويٺا ٿا واجهائن قدمن جو ڏسي جلوو.
جيئن پيار آ پوپٽ جو ڳولي ٿو چمي گل گل،
ديوانه ها پڄندا ائين رَندن جو ڏسي جلوو.
اي ’غازي جمالي‘ ڇا ڇا تن جا نصيب لکان،
راحت جي رسيا هوندا نيڻن جو ڏسي جلوو.
غزل
اوهان جي نظر جو نظر سان ملي ٿي،
نظر هڪڙي ڀي درد سارا ڌڪي ٿي.
نشو نينهن سڪ جو اوهان کان ملي ٿو،
خماريل سدائين حياتي رهي ٿي.
سڀئي خواب گهوري اوهان تي ڇڏياسي،
رڳوئي حَسين ياد من ۾ ڦِري ٿي.
قبوليون سي ارڏايون ساريون اوهان جون،
اسان کي اوهان جي عنايت کپي ٿي.
محبت جا سارنگ ته شب روز برسن،
گهڙي هجر واري صدي جي لڳي ٿي.
اچو سياهه راتين جي آغوش ۾ هِت،
پئي انتظاري جي شمع ٻري ٿي.
بهارن جي لهرن ۾ ’غازي جمالي‘،
هي تاتن جي ڪوئل نوان سُر لنوي ٿي.
غزل
شهر ويم پرين جي مگر هو نه آيو،
رهيس انتظاري ۾ پر هو نه آيو.
چيو هو انهي تون به اچ مان به ايندس،
پڳم شام جو اُن پهر هو نه آيو.
اُداسي هيا نيڻ درشن لئه آتا،
سڄي رات وئي ٿي سحر هو نه آيو.
گذاريون گهڙيون ان جي اوسيئڙي ۾،
هو ڪجهه وقت جي لئه ڇڏي گهر نه آيو.
مان ويٺو رهيس ان جي گهر جي ته ڀر ۾،
نه ڪرڻو هيس ڪو سفر هو نه آيو.
کُتل ديد دلبر جي در ۾ هئي منهنجي،
کليو ڪونه دلبر جو در هو نه آيو.
ڇا سمجهان هي مجبوري يا بي وفائي،
نهاريم گهڻوئي نظر هو نه آيو.
چيو آهي ’غازي‘ ته اڳ ۾ به جاني،
پڳو خيرپور پر سکر هو نه آيو.
ڪاشف ميمڻ
غزل
تو چپن ۾ سانت کي ويڙهي رکيو،
وار ويڙهي رات کي ويڙهي رکيو.
چنڊ تارا قيد چوٽيءَ ۾ ڪري،
تو سڄي ڪائنات کي ويڙهي رکيو.
تنهنجي ڳلڙن تان پگهر ٽِمندو ڏسي،
بادلن برسات کي ويڙهي رکيو.
ڪا گهڙي ڏسندو رهيس توکي پرين،
ڪا گهڙي مون بات کي ويڙهي رکيو.
هجر جا ’ڪاشف‘ ٻڌايان ڇا قصا،
درد جي سوغات کي ويڙهي رکيو.
خواب
تنهنجي
حاصلات جا خواب
عيسيٰ جيان
صليب تي
ٽنگيل آهن
۽ آئون
انتظار ڪيان ٿو
ڪنهن معجزي جو
حسن جو زوال
چانڊوڪيءَ رات جو
هڪ پوڙهي
ستارن سان سجايل
آسمان جي هيٺان
گهر جي اڱڻ ۾
کٽ تي ليٽيل
رکيل وار
جنهن ۾، وقت جي بيرحم هوائن
ڄڻ اڇو چونو ٻُرڪيو هو
چهرو گهنجهيل
اکين جي چوڌاري ڪارا دائرا
هوءَ پنهنجي جوانيءَ ۾
حسن جي زور تي
چنڊ تي چٿرون ڪندي هئي
مگر اڄ!!!
چوڏهين جو چنڊ
چوڏهن سالن جي نئين سمايل
ڪنواري ناريءَ جي جوانيءَ جي جهڙي جوڀن ۾ آ
هوءَ اُداس ۽ خاموش……
چنڊ کي گهوري رهي آ
۽ چنڊ!!!
هن تي چٿرون ٿو ڪري.
بيواهه خواب
هن جي
ڪنوارين
اکين جي
خوابن جون
تعبيرون……
مري ويون آهن
يعني……
هن جا خواب هاڻي
بيواهه……
بڻجي چڪا آهن……
ڪهاڻي ادب جو وسيع موضوع آهي ۽ اُن جا ڪيترائي قسم
آهن، ڪهاڻين جون مختلف صورتون آهن، پر ڪهاڻيءَ سان
هتي اسان جي مراد مختصر ڪهاڻي
(Short Story)
آهي جنهن کي اسان عام طرح افسانو يا ڪهاڻي چوندا
آهيون.
ڪهاڻي دراصل داستان ۽ لوڪ ڪهاڻي
(Folk-Lore)
جي ترقي يافته صورت آهي، اِهي داستان ايترائي
پراڻا آهن. جيتري پراڻي انساني تهذيب جي ڪهاڻي
آهي. هر ڪهاڻيءَ اندر ڪيئي ڪهاڻيون آهن ۽
ڪهاڻيءَ اندر ڪردار ڳالهائن ٿا. هن ڪائنات جو جُڙڻ
به هڪ ڪهاڻيءَ جو روپُ آهي، وري ان ڪائنات اندر
لکين ڪروڙين ڪائناتون آهن ۽ ڪيئي گرهه آهن جن مان
هيءَ اسان جي ڌرتي به هڪ گرهه آهي، جتي جيئرن
جاڳندڙن ڪردارن ذريعي ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون.
جيئن سنڌ جي مَهاڪهاڻيڪار اَمر جليل چيو ته: ”هڪ
انسان جي زندگي جنم کان سندس موت تائين مرڪزي
ڪهاڻي هوندي آهي.“ جنهن مان حالتن پٽاندڙ ننڍڙيون
ننڍڙيون اَنيڪ ڪهاڻيون ڦُٽي نڪرنديون آهن.
ڪهاڻيءَ جي اهميت جو اندازو اوهين هن حقيقت مان
لڳائي سگهون ٿا، جو سمورن مذهبن جا ڪتاب ڪهاڻين
تي مشتمل آهن. سڀني ڪتابن ۾ قصا آهن، ڪٿائون آهن،
هر ملڪ جي انفرادي تاريخ کان وٺي انسانذات جي
مجموعي تاريخ تائين، هر تاريخ هڪ دور جي عروج ۽
زوال جو قصو آهي. ويندي جو سائنسي ايجادون به
ڪهاڻي وانگر دلچسپ ڇرڪائيندڙ تجسس پيد اڪندڙ ۽
سوچڻ تي مجبور ڪندڙ هونديون آهن.
اُن ڪري انسان جي ڪهاڻيءَ سان اُنسيت به تمام
پراڻي آهي. ڪنهن نه ڪنهن (فارميٽ) شڪل صورت ۾
ڪهاڻي موجود رهي آهي. ڪهاڻي جا پيرا کڻبا ته وڃي
داستان تائين پهچبو. هونئن ته ڪهاڻي هر
ماڻهو ٻڌائيندو آهي ۽ لکندو آهي، پر ڪجهه ماڻهن جي
ٻڌائڻ جو انداز ٻين کان مختلف ۽ متاثر ڪندڙ هوندو
آهي. ان ڪري ويجهي ماضيءَ واري زماني ۾ قصو گويا
داستان گو هوندا هئا. جنهن جي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي سَحر
۾ ماڻهو زَمان ۽ مَڪان جي سرحدن کي پار ڪري ويندا
هئا. اڄڪلهه جا داستان گو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار
آهن.
سنڌي ڪهاڻيءَ جو بنياد وجهڻ وارن ۾ ته آسانند
مامتوراءِ، اَمر لعل هڱوراڻي ۽ نادر بيگ مرزا
وارا آهن، پر ان کان پوءِ ڊگهو سلسلو آهي،
جيڪو اڄ تائين هلندو ٿو اچي.
ڪهاڻي اندر پلاٽ موضوع، ٻولي، ماحول، واقعا،
اِشوز، ڊائيلاگ، ڪلامي، خودڪلامي، ڪردار ۽
ڪلائيمڪس/ نتيجو اهي سڀ جديد ڪهاڻيءَ جون گهُرجون
آهن.
گوهر سنڌي
ڪتاب: ’ريڙهه پيڙهه‘ ص 10-11 تان کنيل |