سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:6 

اشتياق انصاري

 

 

 

 

گهاڙ   واهه

سنڌو درياهه سورهن هزار فوٽ بلندي تان ڪنهن جابلو جهرڻي جيان ڪري ٿو. هو ڪئلاش پربت جي ڪلهن تان ڪرڻ بعد، سنڌ ديس ڏي، رخ رکي ٿو. هو پوري سنڌ مان ٽالارا ڪندو نيٺ پنهنجو ٿڪ وڃي عربي سمنڊ ۾ ڀڃي ٿو. ان ساري سفر دوران ڪيترائي نديون، نالا ۽ چشما، سنڌوءَ جو جهول ڀرن ٿا. ساڳي وقت سنڌو ماتا، ان سڄي پنڌ دوران، بکايلن ۽ اڃايلن ۾ ونڊ ونڊيندي ٿي اچي. مطلب ته اوائلي زماني کان هيءُ درياهه جبل جهاڳڻ ۽ ميدان مارڻ مهل ڪيترن واهن، واهڙن ۽ ڦاٽن ذريعي ٻين علائقن سان گڏ، سنڌ سونهاري جي به ڪک سائي ڪندو اچي ٿو.

اهڙي طرح صديون اڳ جنهن مهل سنڌو لاڙڪاڻي ۾ پير پائيندو هو ته سندس ٻنهي پاسراٽين کان وڏا وڏا قدرتي ڦاٽ (Inaundation canals) هن سرزمين کي سيراب ڪندا هئا. انهن ڏينهنِ ۾ واهن ۾ پاڻي جي مقدار جو دارومدار درياهه اندر پاڻيءَ جي لهڻ ۽ چڙهڻ تي هوندو هو. مٿي جبلن تي جڏهن برف جام پگهرجندي هئي يا وڏيون برساتيون سيلاب جي شڪل اختيار ڪنديون هيون. ساڳي وقت ڪڏهن واهن جي منهن تي ڪا به رڪاوٽ ڪانه هوندي هئي ته واهه پاڻيءَ سان تارون تار وهندا هئا ته وري ڪڏهن ان جي ابتڙ واهن ۽ واهڙن ۾ پاڻي وڃي ترو وٺندو هو. پاڻي جي ان لاهين چاڙهين ڪري، هتان جي فصلن تي به تمام خراب اثر پوندو هو. ڪڏهن ته پاڻي جي اٿل ڪري چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي هئي ته ڪڏهن وري پاڻيءَ جي ڪميءَ ڪري ڪِرڙ ڪانڊيرا به مشڪل سان ساهه کڻندا هئا. ان دور ۾ زمين جو وڏو تعداد غير آباد ۽ بنجر هوندو هو. سراسري طرح 25 في صد کان 30 في صد زمين تي هاري هر هلائي مشڪل سان ان کي آباد ڪري سگهندا هئا. البت ان زماني ۾ هيءُ علائقو جهنگ ۽ جهر سان ڀريو پيو هوندو هو. جهنگلي وڻن ۽ ٻوٽن جي جهجهائيءَ ڪري هت جهنگلي جيوت جام نظر ايندي هئي.

قدرتي ڦاٽ (Inaudation Canals) :

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اهڙا، پنج وڏا ڦاٽ هئا ۽ جيڪي سنڌو درياهه جي مختلف هنڌن تان منهن ڪڍي هن ضلعي جي آبياري ڪندا هئا. اهي مشهور ڦاٽ هيءُ هئا:

(1) عيدن واهه

(2) سکر واهه

(3) نصرت واهه

(4) الهندو نارو واهه

(5) گهاڙ واهه

عيدن واهه:

عيدن واهه بيگاري واهه مان ڳڙهي خيري  شهر وٽان ان جي پڇڙي مان نڪرندو هو. بيگاري واهه به هڪ ڦاٽ هو، جيڪو سنڌونديءَ مان شڪارپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ ڳڙهي تيغو خان جي اوڀر طرف کان نڪرندو هو. عيدن واهه جي ڪل ڊيگهه 30 ميل هئي. شروع وارا 5 ميل ضلعي جيڪب آباد کي سيراب ڪندو هو. باقي 25 ميل لاڙڪاڻي ضلعي جي شهدادڪوٽ مان وهندو هو. عيدن واهه ڳڙهي خيري شهر کان نڪري ڳوٺ محمد خان ڀٽو، امام بخش جمالي، قبو سعيد خان، بگو دڙو کان اڳتي پهچي ختم ٿيندو هو. عيدن واهه جا پراڻا نشان اڃا به ڪٿي واضح آهن. ڳڙهي خيري شهر کان 8 ميل تائين اڃا به بيگاري واهه مان نڪرندڙ واهه کي عيدن واهه سڏيو وڃي ٿو. قبي سعيد خان ۽ بگي دڙي وٽ اڄ به انسپيڪشن بنگلا موجود آهن.

سکر واهه:

سکر واهه سنڌو درياهه مان پراڻي سکر شهر جي اتر کان ڪجهه مفاصلي تي نڪرندو هو. هي واهه لکي، ڳاهيجا، ڊکڻ، رتوديرو، عرضي ڀٽو، سجاول، سنجر ڀٽي کان ٿيندو ڳوٺ محمد خان ڀٽو جي ڏکڻ ۾ ختم ٿيندو هو. واهه ويڪرو ۽ اونهو هئڻ ڪري آمدرفت لاءِ ڪارآمد هو.

سکر واهه لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري تعلقي، ميرو خان تعلقي يا تعلقي شهدادڪوٽ جي زمينن کي آباد ڪندو هو. سن 1932ع به سکر بئراج پوڻ ڪري هي واهه ختم ٿي ويو.

نصرت واهه:

نصرت واهه درياهه سنڌ مان، نصرت ريلوي اسٽيشن جي اوڀر ڏکڻ پاسي کان نڪرندو هو بهڻ ڳوٺ هن واهه جي ڪناري تي هو. هيءُ واهه 12 ميل ڊگهو هو، ۽ رتيديري تعلقي جي اوڀر پاسي واريون زمينون آباد ڪندو هو. هي واهه بهڻ ڳوٺ، ميرپور ڀٽو، مسو جلباڻيءَ کان اولهه ۾ ڪجهه فاصلي تي ختم ٿيندو هو. اڄ به ڪٿي ڪٿي هن واهه جا نشان ملن ٿا.

الهندو  نارو  واهه:

الهندو نارو واهه لاڙڪاڻي شهر جي اوڀر عاقل ڳوٺ کان سنڌوءَ مان وهندو هو. هن واهه کي گهڻا وڪڙ هئا. هيءُ واهه درياهه مان نڪري باقراڻي، ڏوڪري، بگي ٻنڊي، ٽاٽڙي، سيهڙ شهر، راڌڻ وليج، ٿرڙي محبت، ٻٽ سرائي، ٻيٽو جتوئي، گهاڙي، راوت لغاري، گوزو ٿرڙي، جادوشهيد ۽ جوهيءَ کانپوءِ وڃي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هيءُ واهه لاڙڪاڻي ضلعي مان وهندو هو. ان وقت سيوهڻ تائين لاڙڪاڻو ضلعو هو. هيءُ وڏو ۽ اونهو واهه هئڻ ڪري واپار لاءِ ڪارآمد هو. انڪري ٻيڙين ذريعي واپار ٿيندو هو. هن واهه تي وڏيون موريون ٺهيل هيون. اڄ به هڪ موري باقراڻي شهر ڀرسان يادگار طور بيٺي آهي.

گهاڙ واهه:

هيءُ قدرتي ڦاٽ، سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي کان نڪري لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي ايراضي کي سيراب ڪندو هو. ان قدرتي ڦاٽ جي پهرين باضابطه کوٽائي، ابڙا ذات جي ماڻهن ڪرائي، انڪري شروع ۾ ان واهه جو نالو ’ابڙا واهه‘ هو. جيڪو اڳتي هلي ڪلهوڙا دور ۾ ’گهاڙ واهه‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. جيئن ته اسان جو موضوع گهاڙ واهه آهي. انڪري هت اسان لاڙڪاڻي ضلعي مان سنڌو مان نڪرندڙ ٻين قدرتي ڦاٽن کي ڇڏي، صرف گهاڙ واهه جو تفصيلي ذڪر ڪنداسين. چيو وڃي ٿو ته شروعاتي دور ۾ ان ’ابڙا واهه‘ جي ٻنهي پاسن تي ابڙا، سانگي، پنهور ۽ مهاڻا وغيره آجها اڏي ويٺا هئا.

ٻولي جي ماهرن جو خيال آهي ته درياهه جي ڀڪ تي رهڻ ۽ پاڻيءَ جي ويجهڙائي ڪري، اتي رهندڙ ماڻهو ابڙا، سانگي، پنهور سڏائجڻ لڳا. ڇو جو انهن ماڻهن جو سنئون سنڌو گذر معاش پاڻي سان وابسطه هو. جيئن چيو وڃي ٿو.

لفظ ’ابڙو‘ فارسي لفظ آب تان ٺهيو آهي ’آب‘ معني ’پاڻي‘ يعني پاڻي وارو يا پاڻي جو. پاڻي وارن علائقن تي اهي ماڻهو ويهندا هئا، جي مالوند ۽ ڀاڳيا هوندا. اها فطري ڳالهه آهي ته جن وٽ مال هوندو اهي مال جي چاري خاطر جوءِ به مٽائيندا. جڏهن هنن جوءِ مٽائي ته ٿيا ’سانگي‘. سانگي جي معنيٰ آهي سانگ ڪندڙ، سانگ وارو مال جي خاطر هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ جوءِ مٽائيندڙ هونئن به زندگي پاڻي کان سواءِ ناممڪن آهي، پر ڪن قبيلن جو واسطو رهيو ئي پاڻيءَ سان آهي، ته اهڙن ماڻهن جي قبائلي سڃاڻپ به پاڻي سان ٺهي وئي آهي، جيئن ماڇي، ميربحر، ملاح وغيره جي به ساڳي ڪُڙم جا لوڪ آهن.

اهڙي طرح لفظ پنهور جو ڌاتو ’پنهئر‘ مان معلوم ٿئي ٿو. هن جي معنيٰ پاڻي وارو پاڻي جو پنڙو... پنئر ۽ پينئر ٺيٺ سنڌي لفظ آهي. لفظ پنهور بظاهر ته ٻن لفظن ’پهون‘ ۽ ’ور‘ جو جوڙ/ ڳنڍ آهي، پر هن لفظ جو ڌاتو پنور يا پنئر ۾ آهي ڇو ته ’پهون‘
پهرون يعني ٻڪريون/ رڍون به ماڻهو اتي ئي جهليندو جتي پاڻي هوندو.

هن بحث مان خبر پوي ئي ته لفظ ’پنهور‘ ۽
’ابڙو‘ هڪ ئي ڪُڙم جون سڃاڻپون آهن. ديسي سڃاڻپ ۾ پنهور ۽ فارسي زدهه سڃاڻپ ’ابڙو‘ پر هن لفظن جي پس منظر ۾ ٿورو فرق اهو ٿيو جو هنن ماڻهن مان جن پَهون سنڀاليون سي ٿيا پنهور ۽ جن زراعت سنڀالي سي سڏيا ابڙا، اها به هڪجهڙائي آهي، جيڪي ماڻهو زراعت سان لاڳاپيل هوندا آهن. اهي ڀاڳيا سڏبا آهن ۽ ڀاڳيا زراعت ڪرڻ سان گڏ چوپايو مال به پاليندا آهن. هيءَ ڳالهه  فطري آهي ته جن وٽ مال هوندو ته اهي مال جي حفاظت لاءِ هٿيار به رکندا. حقيقت ۾ هٿيار رکڻ جو تصور به مال رکڻ دوران پيدا ٿيو. دراصل لفظ هٿيار به پنهوار لفظ سان گڏ ٺهيو آهي. تنهنڪري انهن ٽنهي لفظن جو مطلب ٿيو ’پاڻي تي گذر ڪندڙ‘ يا ’مال تي گذر ڪندڙ‘. (1)

ابڙا پهريان ڪڇ ۾ رهندا هئا، جتي هُو زمين کيڙي پنهنجو گذرسفر ڪندا هئا. بعد ۾ هُو لڏپلاڻ ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. ان لاءِ مهدي شاهه لکي ٿو ته ”ابڙا سلطان علاوالدين خلجي ۽ سومرن جي آخري دور ۾ ڪڇ کان سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ سما دور جي پڄاڻيءَ تائين سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي ۽ ڪڇي (جيڪا هاڻي بلوچستان ۾ آهي) واري علائقي ۾ هڪ سگهاري قبيلي جي حيثيت ۾ پکڙيل هئا. ابڙن جي اڪثريت پوکي راهي ۽ زمينداري ڪرڻ سان لاڳا پيل هئي. (2)

مغل دور جي مؤرخه يوسف ميرڪ ڪتاب
’مظهر شاهجهاني‘ ۾ لکيو آهي. مغلن جي هن درٻاري مؤرخ اها تاريخ 1044هه/ 1634ع ۾ قلمبند ڪئي آهي. يوسف ميرڪ ان ڪتاب ۾ چانڊڪا (لاڙڪاڻي) پرڳڻي ۾ رهندڙ ابڙن، سانگين ۽ ٻين قبيلن کانسواءِ ان علائقي جي شادابي جو ذڪر ڪيو آهي.

ٻيو پرڳڻو چانڊڪا جو آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي سرسبز پرڳڻو ليکيو وڃي ٿو. هتي سميجا، بڪيجا، سانگي ۽ ابڙا رهن ٿا. هي سڀ طاقتمند قبيلا آهن هنن مان ابڙا ۽ سانگي پڻ پاڻ کي سميجا سڏرائين ٿا. چوٿين قوم مهديجي شيخن (ڪلهوڙن) جي آهي. (3)

ڪمرو ابڙو:

انهن قبيلن مان ابڙو ذات مان ڪمر ابڙو عرف کبڙ ابڙو هڪ مشهور زميندار ٿي گذريو آهي.

ڪمر ابڙو عرف کبڙ ابڙو، هندوستان جي مغل شهنشاهه همايون جي ڀاڄڙ وارن آخري سالن دوران 1553ع ۾ ڄائو ۽ مغل اعظم شهنشاهه اڪبر جو سمورو دور ( 1556ع- 1605ع) هن جي اکين اڳيان گذريو.

ابڙن جي ناناڻن، عمرڪوٽ جي سوڍن پاران همايون بي دربدريءَ وارن ڏينهنِ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ همايون پاران هندوستان جون ٻيهر واڳون سنڀالڻ کانپوءِ اَڪبر جي دور ۾ سنڌ جي فتح وقت ڪمر خان عرف کبڙ ابڙي عبدالرحيم خانخانان جي ’مرزا جاني بيگ‘ خلاف مدد ڪئي هئي. جنهنڪري کيس مغل حاڪمن جي مقرر ڪيل جاگيردارن پاران سما دور واري اَبڙن جي پراڻي زمينداري واپس ڏني ويئي هئي.

”ڪمرخان عرف کبڙ ابڙو اتر سنڌ جو پهريون زميندار آهي. جنهن مغل دور ۾ رعايتون ملڻ شرط اترسنڌ جي زمينن کي ايتري قدر آباد ڪيو جو بٺَ ملڪ جا ڏتڙيل ماڻهو هن علائقي طرف گذرمعاش لاءِ رجوع ٿيڻ لڳا..... هن مغل شهنشاهه جهانگير جي دور 1611ع ۾ وفات ڪئي. کيس ميرمحمد ابڙو ۽ صديق ابڙو نالي ٻه پٽ هئا.“ (4)

کبڙ ابڙي اڳتي هلي ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي مريدي اختيار ڪئي. ڪلهوڙا پهريائين سري طرف رهندا هئا. جتان کبڙ ابڙي وڏي عقيدت منجهان ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي لڏائي لاڙڪاڻي ۾ آڻي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو.

آخر هن خانخانان مرزا عبدالرحيم کي اولهندي ناري واري ڪجهه زمين ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو، جيئن آدم شاهه ان مان پنهنجي خانقاهه جو خرچ پکو هلائي سگهي. ان باري ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو.

”ميان آدم شاهه جي تعريف ٻڌي، درويشن جي دهليز تي پهتو ۽ دعا گهري، رواني ٿيڻ وقت ’کبڙ‘
ابڙي مريد فقير جي لنگر جي خرچ لاءِ گهُر ڪئي، جنهن تي مرزا عبدالرحيم چانڊڪو پرڳڻو، ميان صاحب کي لکي ڏنو، جو چانڊيه ٻروچ قوم جي ملڪيت هو. قنبر لاڙڪاڻو ۽ نصير آباد چانڊڪا پرڳڻي ۾ شامل هئا.“ (5)

ڪمر ابڙو عرف کبڙ ابڙو جو پڳدار پٽ مير محمد خان شهنشاهه اڪبر جي دور 1580ع ۾ ڄائو.

کبڙ ابڙي جي 1625ع ڌاري وفات بعد سندس پٽن مان ميرمحمد ابڙي 1628ع ۾ ان درياهي ڦاٽ کي هڪ بهترين گذرگاهه بنائڻ لاءِ ان جي کوٽائي ڪرائي. جيئن ان مان بار ڍوئيندڙ وڏا ٻيڙا سولائي سان هڪالي سگهجن. ان وقت گهاڙ جي ٻنهي ڪنڌن تي آباد ٿيندڙ باغ ۽ ٻنيون ٻارا اَبڙن جي ملڪيت هئا. پاڻيءَ جي گهڻائي ۽ ڪڙمين جي محنت ڪري ان سرسبز علائقي ۾ اناج ۽ ميوو تمام گهڻو پيدا ٿيندو هو. مير محمد ابڙي جو خيال هو ته خشڪيءَ جي ڀيٽ ۾ هو ان آبي گذرگاهه جي ذريعي پنهنجو مال سولائيءَ سان سکر (بکر) پهچائي سگهندو. سکر ان دور ۾ سنڌ جي وڏي واپاري منڊي هوندي هئي. اهڙيءَ طرح ان واهه جي کوٽائي بعد ابڙن پنهنجو مال ترت ۽ سولائيءَ سان مارڪيٽ تائين پهچائي وڏو ناڻو ڪمايو ۽ خوشحالي ڏٺي. انڪري اهو واهه ’ابڙو واهه‘ جي نالي سان جڳ مشهور ٿي ويو. مير محمد ابڙو جي کوٽايل واهه ’ابڙو واهه‘ جي ڪري هن علائقي جي زراعت ۾ انقلاب آيو. پوکي راهي وڌڻ ڪري هن جوءِ ۾ پيٽ گذر لاءِ ٻيا قبيلا به اچي آباد ٿيا. اهڙي طرح نوان نوان ڳوٺ ٻڌجڻ لڳا. ان صورتحال بابت يوسف ميرڪ لکي ٿو ته:

”محمد علي بيگ بندري (متوفي 1066هه) جيڪو نواب آصف جاهه پاران 1038هه ۾ بکر جو فوجدار هو. تنهن جي زماني ۾ مير نالي چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙي زميندار درياهه مان وڏو واهه ڪڍرائي غير آباد زمين ۾ آندو هو. جنهنڪري انهن پٽن ۾ جتي چرندن پرندن توڙي آدم ذات جو ڪو اير پير ئي نه هو. اتي نيون وستيون آباد ٿي ويون. انهن مان ’جوکي هرڻي‘ ۽
’منهه‘ نالي وارا ڳوٺ مير ابڙي جا ٻڌرايل هئا. ساڳيءَ ريت نندي ابڙي ’پوپٽي‘ نالي ڳوٺ ٻڌرايو هو. ابڙن جي مرشد شاهه علي ڪلهوڙي جيڪو مهديجو سڏائي ٿو. تنهن ’ڪوٽلي‘ (ڪوٽ علي ڪلهوڙو) نالي ڳوٺ آباد ڪيو. اهڙي ريت چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙن، سانگين ۽ سميجن واهه کوٽائي انهن جي ڪنارن سان نوان ڳوٺ ٻڌرايا. نتيجو اهو ٿيو جو جتان ڪٿان جا ڏتڙيل ماڻهو انهيءَ پاسي رجوع ٿيندا ويا. سارين ۽ جوارين جي خريف واري پوک ۾ واڌارو اچي ويو. هن جي آبادي لکن جريبن تائين وڃي پهتي. سواءِ ربيع واري پوک جي، جنهن ۾ ڪڻڪ، جو، چڻا ۽ سرنهن وغيره شامل آهن.“ (6)

مظهرشاهجهانيءَ ۾ بيان ٿيل آهي ته ’جوڪي هرڻي‘ ۽ ’منهه‘ نالي ٻه ڳوٺ مير محمد خان ابڙي آباد ڪرايا انهن ڳوٺن مان هڪ کي اڄ ڪلهه نائچ ڳوٺ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس اڏايل پراڻي ڳوٺ جي دڙن مان وڏي تعداد ۾ چانورن ۽ توتڙن ڌار ڪرڻ وارا جنڊ مليا آهن....

مير محمد خان 1638ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار نائچ ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سندس نالي پٺيان سڏجندڙ. ’مير ابڙي جو مقام‘ ۾ موجود آهي. (7)

ايم.ايڇ. پنهور ’مظهرشاهجهاني‘ ڪتاب کي نظر ۾ رکندي، ان دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي صورتحال نقشن ذريعي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

”ايم.ايڇ. پنهور جي (1608ع کان 1700ع تائين) سنڌ جي انتظامي نقشي ۾ بکر سرڪار اٺن پرڳڻن: ساڄي ڪپ (1) جتوئي پرڳڻو (2) چانڊڪا پرڳڻو (3) ٽڪر پرڳڻو (4) فتح پور پرڳڻو. کاٻي ڪپ: (1) ماٿيلو پرڳڻو (2) اروڙ پرڳڻو (3) ڪاڪڙي پرڳڻو (4) درٻيلو پرڳڻو.

سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري تي آباد جتوئي، چانڊڪا، ٽڪر ۽ فتح پور پرڳڻي مان چانڊڪا سڀ کان وڏو پرڳڻو ڏيکاريل آهي.

ايم.ايڇ پنهور پنهنجي نقشي ۾ بکر سرڪار جي سڀ کان وڏي پرڳڻي چانڊڪا ۾ مدئجي شهر جي ڏکڻ پاسي درياهه سنڌ ۾ نڪرندڙ واهه کي ابڙا واهه Abra canal ڪري ڏيکاريو آهي. جيڪو ميرخان ابڙي 1038هه (1628ع) ۾ درياهه کان کوٽايو هو. (8)

ان ’ابڙا واهه‘ لاءِ ايم.ايڇ پنهور پنهنجي هڪ مضمون ڪلهوڙن جي عروج و زوال تي ماحوليات جو اثر ڏيکايو ته ’گهاڙ واهه‘ قدرتي ڦاٽ لڳي ٿو ۽ بعد ۾ ڪلهوڙن پاران وهرايل ٿو ڀانئجي يا سمن جي دور جو ’ابڙو واهه‘ ٿي سگهي ٿو.“ (9)

گهاڙ  واهه:

کبڙو ابڙو جي معرفت مهمان ٿي آيل آدم شاهه ڪلهوڙي جي اولاد اڳتي هلي جڏهن بزرگي ۽ مرشدي وارو روپ اختيار ڪيو ته هر جائز ۽ ناجائز طريقي سان پنهنجي مال ملڪيت ۽ زمينداري ۾ اضافو ڪندا ويا. ساڳي وقت هن کي پنهنجي وڌايل زمينداريءَ کي سرسبز رکڻ لاءِ وڌيڪ پاڻيءَ جي ضرورت محسوس ٿي، ڇو جو هاڻي ڪلهوڙا پاڻ وڏا زميندار پوکي راهي سان گڏ آبپاشي جا ماهر ٿي ويا هئا. ڪلهوڙن مان جڏهن شاهل محمد گادي تي ويٺو. ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو آبپاشيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. هن پنهنجي ٻنين ٻارن کي آباد رکڻ لاءِ پراڻي ’ابڙو واهه‘ جي نئين سري سان کوٽائي ۽ گهڙائي ڪرائي، ان گهڙاوت ڪري، اهو ابڙو واهه آهستي آهستي گهاڙ واهه جي نالي مشهور ٿي ويو. تاريخ جي مختلف دورن ۾ هن کي گهاڙ واهه سان گڏ ’گهاڙ ڪئنال‘، ’شاهه واهه‘ ۽ وڏو واهه جي نالي به سڏيو ويو آهي.

ڪيترن محققن جو به اهو ئي خيال آهي ته ميرمحمد ابڙو جو کوٽايل ابڙو واهه ئي دراصل گهاڙواهه آهي. جنهن جي مزيد وضاحت مهدي شاهه هن طرح ڪئي آهي.

”اسان هيٺين بنيادن تي مير ابڙي جي درياهه مان کوٽايل واهه کي گهاڙ واهه قرار ڏئي رهيا آهيون.

(1)”ايم.ايڇ پنهور پاران جوڙيل مظهرشاهجهاني واري جاگرافيائي ڏسڻي ۾ نقشي ۾ ’ابڙا واهه‘ جو منهن (Mouth) مدئجي کان هيٺ ڏکڻ طرف درياهه مان آهي. پنهور صاحب نقشي ۾ ’ابڙا واهه‘ کان مدئجي شهر کي ايترو پري ڏيکاريو آهي. جيترو ’گهاڙ واهه‘ جي منهن کان موجودهه ۽ ٽين مدئجي شهر آهي. جڏهن ته مدئجي متعلق روايتون آهن ته موجوده مدئجي کان اڳ ٻه شهر درياهي اٿل پٿل سبب اجڙي ويا هئا ۽ هي (هاڻوڪو) ٽيون شهر آهي.“

(2) 7- مارچ 1903ع ۾ ’گهاڙ واهه‘ جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ انڊس رائيٽ بئنڪ ڊويزن جي سپريٽيننڊنٽ انجنيئر جي صحي سان جاري ڪيل گهاڙ ڪئنال ڊسٽرڪٽ جي نقشي ۾ جهلي بند تي قائم مدئجي انسپيڪشن چوڪي کان سر ڏکڻ، چئن ميلن جي مفاصلي تي ’گهاڙ واهه‘ جو منهن آهي. هن نقشي ۾ جهڙي طرح ’گهاڙ واهه‘ لاڙڪاڻي جي اترين پاسي کان گذرندي ڏيکاريو ويو آهي. بلڪل اهڙي طرح ايم. ايڇ پنهور واري نقشي ۾ ’ابڙا واهه‘ (گهاڙ واهه) لاڙڪاڻي جي اترين پاسي کان گذرندي ڏيکاريل آهي.

(3) يوسف ميرڪ مير ابڙي جي درياهه مان کوٽايل واهه کي وڏو ۽ ويڪرو واهه سڏيو آهي. ’گهاڙ واهه‘ به درياهه مان نڪرندڙ وڏو ۽ ويڪرو واهه هو. جنهن ۾ واپاري ٻيڙا هلندا هئا ۽ گهاڙ واهه مان نڪرندڙ سمورا ’واهه‘، ’گهاڙ واهه‘ جي پيٽ ۾ واهيون آهن.

(4) مير ابڙي 1038هه (1628ع) درياهه مان واهه کوٽايو. يوسف ميرڪ ’مظهر شاهجهاني‘ 1044هه (1633ع) ۾ لکيو. ايم.ايڇ پنهور مظهر شاهجهاني تي جاگرافيائي ڏسڻي ۽ 1608ع کان 1700ع تائين سنڌ جو انتظامي نقشو جوڙيو.

’مظرشاهجهاني‘ ۾ ابڙن جو ذڪر آيو آهي، پر ڪلهوڙن جو ذڪر ڪونهي. ايم.ايڇ. پنهور 1608ع کان 1700ع تائين سنڌ جي انتظامي نقشي 1500ع کان 1700ع تائين سنڌ جي قبيلائي نقشي ۾ ابڙن جي آبادي ڏيکاري آهي ته مير ابڙي پاران 1628ع ۾ کوٽايل واهه به ڏيکاريو آهي. جڏهن ته پنهور صاحب 1656ع ۾ قتل ٿيل شاهل محمد ڪلهوڙي ڏانهن منسوب ڪنهن به واهه يا درياهه مان نڪرندڙ ٻئي ڪنهن واهه جي نشاندهي نه ڪئي آهي.

(5) ميجر گولڊ سمٿ ابڙن جي سردار مير محمد ابڙي عرف مير ابڙي کي بقاپور فتح پور ۽ خانواهه ٽن تپن جو مالڪ لکيو آهي ۽ مير ابڙي جي پوٽي جلال خان ابڙي کي شريف پور يعني نئون ديرو، جلال پور (هاڻوڪو نوشهرو ابڙو) آمد جي، مدئجي، اورنگ آباد ۽ امروٽ وارن علائقن جو مالڪ سڏيو آهي. انڪري اهو چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ڪرڻ کپي ته ’ابڙا واهه‘ ۽ ’گهاڙ واهه‘ هڪ ئي واهه آهي. ۽ 1038هه 1628ع ۾ ابڙن جي سردار مير محمد ابڙو جو کوٽايل آهي. مٿي ڏنل حقائق جي بنياد تي اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ نهري نظام جا باني ڪلهوڙا نه پر ابڙا آهن. (10)

ڪلهوڙا اڳتي هلي جڏهن سنڌ جا حاڪم ٿيا ۽ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جنهن مهل سنڌ جو واڳون سنڀاليون ته هن واڳون سنڀالڻ سان ئي ان ’ابڙو واهه‘ جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائي.

شاهل محمد ڪلهوڙو ۽ مقامي زميندار:

جنهن لاءِ غلام رسول مهر تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور) ۾ گهاڙ واهه ۽ ميان شاهل محمد جي حوالي سان مختلف تاريخدانن جا حوالا پڻ ڏنا آهن.

تحفة الڪرام: هن جي (ميان شاهل محمد) دور ۾ مريدن جو تعداد اڳئين کان به وڌي ويو. کيتيءَ جي ڌنڌي ۾ خوب ترقي ٿي. لاڙڪاڻي وارو واهه انهي کوٽايو. واهه جي ٻنهي ڪنارن جي زمين سانگي ۽ ابڙا قومن کان خريد ڪري پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ۾ ورهايائين. هُو پاڻ جيتاني/ حبيباڻي) ڳوٺ ۾ رهندو هو.

گولڊ سمٿ: هن زراعت ڏانهن پورو ڌيان ڏنو. ان ۾ کيس چڱي ڪاميابي ٿي. ان سان گڏ پيري مرشدي به وڌندي رهي. لاڙڪاڻو سندس محنت ۽ مشقت جو خاص ميدان هو.

خابهادر خداداد خان: هُو وڏو متقي ۽ پرهيزگار شخص هو. مشهور آهي ته گهاڙ واهه جو لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ وڃي ٿو. سو هن جو کوٽايل هو. هن سانگي ۽ ابڙا قومن کان سندن زمينون کسي ورتيون. انهي ڪري ميان صاحب ۽ انهن قومن ۾ هٿياربند لڙائي لڳي.

سيد علي محمد راشدي: ميان آدم شاهه جي پوين مان ميان شاهل محمد کي هڪ نهايت سرگرم ڪارڪن مڃيو وڃي ٿو. هن پنهنجي زمينداري ملڪيت ۾ تمام گهڻو واڌارو آندو. چيو وڃي ٿو ته گهاڙ واهه به هن ئي کوٽايو هو. سانگي ۽ ابڙا قومن کان ڪيتريون ئي زمينون کسي ورتائين جنهن تان آخر لڙائي لڳي.“

ايٽڪن: ميان آدم شاهه جي پوٽي شاهل محمد کي زراعت جي ڪاروبار سان خاص دلچسپي هئي ۽ لاڙڪاڻي جو واهه شروع ۾ ان کوٽايو هو.

سيٽن: هن (ميان شاهل محمد) لاڙڪاڻي جو واهه کوٽايو. واهه جي ٻنهي ڪپن تي ابڙن ۽ سانگين جون جيڪي زمينون هيون، سي کانئن ڦري، پنهنجي ڀائرن کي ڏنائين.....“(11)

اهڙي طرح جنرل هيگ به پنهنجي ڪتاب
’سنڌو جو ڇوڙ وارو علائقو‘ ۾ ڪلهوڙن جي زراعت سان دلچسپي ۽ سندن محنت مشقت جي تعريف سان گڏ چانڊڪا پرڳڻي کي سنڌ جو گلزار بنائڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

هنن (ڪلهوڙن) ڏاڍ ۽ ڦرلٽ سان گڏ زراعت کي به همٿايو. اهي پهريان ماڻهو هئا، جن لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ گهاڙ نالي هڪ واهه کوٽايو ۽ چانڊڪا پرڳڻي کي سنڌ جو باغ بڻائي ڇڏيو هو. جن جن علائقن ۾ هر لاقانونيت ۽ آپيشاهي پکيڙيندا ويا. تن علائقن ۾ پاڻي جو ڏاڍو ڪارائتو استعمال ڪندا هئا. سندن اهڙن ڪارنامن مان ائين محسوس ٿي رهيو هو، نه کيت کيڙي ملڪ کي سائو ۽ شاداب بڻائي زوريءَ هٿ ڪيل زمينن جو ڄڻ هڪڙو جواز پيدا ڪري رهيا هئا. پر هو ائين ڪري به زمينن جي اصل مالڪن کي راضي ڪري ڪونه سگهيا. رهندو منجهن ويڇا ۽ وٿيون پئجي ويون.“ (12)

نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جو گهاڙ واهه کوٽائڻ سان گڏ اتان جي مقامي زميندارن جي ساڻس اختلافن جو به ذڪر ڪيو آهي. هُو ٻڌائي ٿو ته ”شاهل محمد کي زراعت سان گهڻي دلچسپي هئي. هن گهاڙ واهه کي نئين سر کوٽائي هڪ ڦاٽ مان وڏو عاليشان واهه بڻايو، انهي ڪري آبپاشي جو طريقو سڌريو ۽ تمام سٺا فصل ٿيڻ لڳا.... هن گهاڙ واهه تي آباد ٿيندڙ زمين جي زمينداري ابڙن ۽ سانگين کان کسي پنهنجي عزيزن ۾ ورهائي ڇڏيائين. انهي ڪري ابڙن ۽ سانگين ۾ وڏي ناراضگي پيدا ٿي ۽ اها ڳالهه لڙائيءَ جو باعث بڻجي ويئي. آخرڪار ابڙا قوم جي وڏيرن ڄام صديق ۽ ڄام جلال خان مريديءَ وارو حق ڇڏي انهن زميندارن جو ساٿ ڏنو. جيڪي ميان صاحب سان لڙڻ لاءِ تيار هئا. ڪيتريون لڙايون ٿيون. بکر جي مغل ناظم چانڊڪا پرڳڻي جي زميندارن جو ساٿ ڏنو.“ (13)

اها پڻ حقيقت آهي ته اسان ڪلهوڙا دور جي حڪمراني مان ميان شاهل محمد جي کوٽايل گهاڙ واهه وارو باب خارج ڪري ڇڏيو ته اسان کي ڪلهوڙا دور جي تاريخ نامڪمل لڳندي، گهاڙ واهه جي ڪري سنڌ ۾ خوشحالي آئي ۽ ڪيترائي نوان واهڻ وستيون ۽ ڳوٺ آباد ٿيا. خاص ڪري لاڙڪاڻي شهر جي بنياد کان وٺي ان جو معاشي، سماجي ۽ سياسي عروج گهاڙ ڪناري تي ٿيو. ان باري ۾ ڪن ماهرن جو وري خيال آهي ته جتي گهاڙ واهه جي کوٽائي ڪري لاڙڪاڻو ڪر کڻي اُسريو، اتي ان واهه جي کوٽائيءَ مقامي ماڻهن ۾ بيچيني به پيدا ڪئي. گهاڙ واهه ۾ ڪوڏرون، ڪيڻيون وهائڻ ڪري صدين کان وٺي هت کيتي باڙي ڪندڙ ڪڙمين کان جڏهن ڪنهن حيلي بهاني سان، سندن اباڻيون زمينون کسيون ويون ته مجبور هنن ڪات ڪهاڙا هٿ ۾ کنيا. انڪري گهاڙ واهه جي ميرانجهڙي پاڻيءَ ۾ مقامي ماڻهن جي ريٽي رت سان گڏ سندن ٿوٿريل لاش به ترندي ڏٺا ويا.

شاهل محمد جي انهن زيادتن ۽ روين نيٺ هڻي هنڌ ڪيو. شاهل محمد ۽ هتان جي سانگي ۽ ابڙن سردارن جي وچ ۾ اختلاف تمام وڌي ويا. مظلوم عوام ۾ به ميان شاهل محمد خلاف نفرت چوٽ چڙهي وئي. هن جي خاص مريدن ۽ تر جي ابڙن جي سردارن ڄام صديق ۽ جلال خان به سندس مريدي ترڪ ڪري ڇڏي. ابڙن جي انهن سردارن پوءِ آسپاس جي مڪامي قبيلن جا چڱا مڙس ۽ زميندار گڏ ڪري ميان شاهل محمد جي زيادتين خلاف دانهون ڪوڪون ڪيون. جڏهن ڪو به کڙ تيل نه نڪتو ته سنڌ جا هي قومي سردار بکر جي مغل نواب خواجه عبدالواحد وٽ شڪايت کڻي ويا. بکر جو مغل نواب عبدالواحد مقامي سردارن جي دانهن ٻڌي پاڻ به شاهل محمد جي وڌندڙ طاقت کان گهٻرائجي ويو. هُو شاهل محمد جو اهو اثر ۽ داٻو ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. ان لاءِ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي ۽ خواجه عبدالواحد جي وچ ۾ لڳل جنگ جي باري ۾ لکي ٿو:

”سانگين ۽ ابڙن قومن جي سردارن گڏجي بکر جي مغل نواب خواجه عبدالواحد کي انهن سڀني مٿين حالتن کان واقف ڪيو. ساڳئي وقت، کانئس اڳ جي مغل فوجدارن جي انهي ڏس ۾ ڪيل ڪوشش ۽ خدشن کان به اگاهه ڪيو. خواجه عبدالواحد، مقامي قومي سردارن جي مشوري سان، ميان شاهل محمد جي خلاف هڪ مضبوط شاهي فوج تيار ڪئي. جنهن ۾ مقامي سردارن جا ماڻهو به شامل هئا. خواجه عبدالواحد، ميان جي تنبيهه واسطي چانڊڪا پرڳڻي ۾ پوپٽي ڳوٺ وٽ پنهنجي لشڪر سان پهتو ميان شاهل محمد ۽ بکر جي فوجدار خواجه عبدالواحد جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه لڳي. ’تاريخ نوابين بکر‘ جي مؤلف انهيءَ جنگ جو نقشو هن طرح چٽيو آهي:

”خواجه عبدالواحد، بکر جو حاڪم مقرر ٿي اچڻ کان ڪجهه پوءِ، پنهنجي بخشي سيد مير بزرگ سميت هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري، شاهل زميندار جي تنبيهه لاءِ چانڊڪا پرڳڻي طرف روانو ٿيو ۽ انهي علائقي جي ڳوٺ ’پوپٽي‘ وٽ اچي منزل ڪيائين. ٻئي طرف ابڙا قوم جا ماڻهو ۽ سردار به انهي جنگ ۾ اچي شريڪ ٿيا. هوڏانهن شاهه علي فقير پنهنجن مريدن جي هڪ جماعت ساڻ وٺي جنگ لاءِ سنبري آيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي. انهي جنگ ۾ مير بزرگ ۽ ست ٻيا سرڪردا شهيد ٿيا. ديوان ڌرمداس قانون گر ۽ ٻيا ڪيترائي سپاهي مارجي ويا. ابڙا قوم جا پڻ ڪيترائي ماڻهو انهي ويڙهه ۾ مارجي ويا.“ (14)

”هن جنگ ۾ شاهه علي فقير جي طرف جا صرف ڪجهه ماڻهو مارجي ويا. بکر جي فوجدار خواجه عبدالواحد باقي بچيل لشڪر سميت جنگ جي ميدان مان فرار ٿي ويو ۽ سندس سپاهين ۾ ڦوٽ پئجي وئي. ٻئي ڏينهن خواجه عبدالواحد باقي ڪجهه ماڻهن سميت سکر ۾ وڃي پناهه ورتي.“ (15)

مغل نواب عبدالواحد جي شاهل محمد ڪلهوڙي هٿان شڪست جي خبر دهلي درٻار ۾ به پهچي وئي. مغل درٻار پنهنجي نواب عبدالواحد کي هٽائي ان جي جاءِ تي پلاند ڪرڻ لاءِ شيخ احمد کي بکر جو نواب ڪري موڪليو. شيخ احمد بکر جو نواب مقرر ٿيڻ سان ئي ميان شاهل محمد کان انتقام وٺڻ لاءِ پنهنجي سپاهين کي تياريءَ جو حڪم ڏنو.

ڊاڪٽر قريشي حامدعلي خانائي، ميان شاهل محمد ۽ بکر جي نواب شيخ احمد جي وچ ۾ جنگ جي باري ۾ ذڪر ڪيو آهي ته ”خواجه عبدالواحد جي بکر جي حاڪم جي عهدي تان موقوف ٿيڻ کان پوءِ سن 1066هه/ 1656ع جي آخري ڌاري شيخ احمد بکر جو فوجدار مقرر ڪيو ويو. هن سنه 1067/ 1656ع جي اوائل ۾ حڪومت جي واڳ سنڀالي، نواب شيخ احمد، هن کان اڳ ٻن سالن (سن 1064/ 1654- 1065هه 1655ع تائين بکر جو فوجدار رهي چڪو هو.

شيخ احمد، بکر ۾ وارد ٿيڻ کان پوءِ هڪدم ميان شاهل محمد طرف توجهه ڏنو ۽ ساڻس هڪ فيصله ڪن جنگ لاءِ تياري ڪئي. انهي واقعي جي پس منظر ۾ ميان بيگ محمد ’نامي‘ لکي ٿو: ”شيخ احمد جي دل ۾ شاهه علي فقير کان انتقام وٺڻ لاءِ باهه ڀڙڪي رهي هئي. ايتريقدر جو انتقام جي اها سندس طبيعت مان ظاهري طرح صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي. حاڪم مقرر ٿي اچڻ کان پوءِ هن چانڊڪا پرڳڻي تي چڙهائي ڪئي ۽ پوپٽي نالي ڳوٺ وٽ منزل ڪيائين. انهي وچ ۾ سيادت پناهه مير عبدالاول ٽياڪڙ بڻجي، شاهه علي فقير کي شيخ احمد وٽ ملاقات لاءِ وٺي آيو.“ (16)

بهرحال ان ٽياڪڙي بعد جنگ جا بادل هٽي ويا. ميان شاهل محمد ملاقات لاءِ شيخ احمد وٽ پهتو. شيخ احمد پورا ٻه ڏينهن شاهل محمد سان ملاقات ڪا نه ڪئي. آخر ٽئين ڏينهن هن سان مليو. چيو وڃي ٿو شاهل محمد جيئن ئي شيخ احمد سان ملاقات ختم ڪري پٺي ڏني ته پويان شيخ احمد خنجر سان حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. ميان بيگ محمد ’نامي‘ ۾ ان واقعي جو ذڪر هن انداز سان ڪيو آهي.

”سيد مير عبدالاول وچ ۾ پيو. قهر ۽ غذب هيٺ آيل شاهه علي فقير کي نواب شيخ احمد وٽ ملاقات لاءِ وٺي آيو. پورن ٻن ڏينهن جي انتظار کان پوءِ مير عبدالاول شاهه علي فقير کي شيخ احمد جي اڳيان پيش ڪيو. شاهه علي فقير جڏهن نواب شيخ احمد سان ملاقات ڪري ٻاهر اچي رهيو هو ته عين ان وقت نواب شيخ احمد مٿس پٺيان تيز خنجر سان حملو ڪيو ۽ مسلسل وار ڪري کيس قتل ڪري وڌو. شاهه علي فقير جو روح روحن جي مالڪ ڏانهن پرواز ڪري ويو. ان کانپوءِ نواب شيخ احمد سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري، چوڌري تيرٿداس نالي هڪ شخص جي ذريعي درٻار شاهي ڏانهن موڪلي ڏني.“(17)

چيو وڃي ٿو ته شاهل محمد جو اهو سِر مبارڪ هڪ صندوق ۾ وجهي لاهور جي گورنر ڏي موڪليو ويو. لاهور جي گورنر اهو سِر پنهنجي سپاهين ذريعي دهلي جي شهنشاهه اورنگزيب ڏانهن اُماڻيو. شهنشاهه ان سِر جون ڪرامتون ٻڌي ان کي دهلي ۾ دفن ڪرائي ان مٿان هڪ مقبرو تعمير ڪرايو. انڪري روايت آهي ته ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي مزار 3 جڳهن تي آهي. (1) فتح پور (سنڌ) (2) لاهور (پنجاب) (3) دهلي (انڊيا). (18)

ڪلهوڙا دور ۾ پوکي راهي:

ڌرتي وڌيا جا ماهر ڪلهوڙن جا آبپاشي نظام ۾ ڪيل سڌارن کي پاسيرو رکي ان دور ۾ سنڌ ۾ خوشحالي ۽ زراعت سان گڏ آدمشماريءَ ۾ واڌ جو وڏو سبب وري ماحوليات جي تبديلي ڏسن ٿا.

ارضيات جا ماهر ڪلهوڙا دور کي يعني سترهين صديءَ جي شروعات کي قدرتي طور زرخيز ۽ آبادي وارو زمانو سڏين ٿا. جنهن کي هو 1950ع کان وٺي 1700ع تائين ٿڌ وارو زمانو (The little lce Age) ڪوٺين ٿا. چيو وڃي ٿو ته ان دور ۾ هماليه جبل تي برف ڳرڻ ۾ صرف پندرهن کان ٽيهه ڏينهن دير ٿي وئي. انڪري درياهن ۾ پاڻي گهٽجي ويو. ان کانپوءِ ايندڙ صدي 1701ع کان وٺي 1758ع تائين درياهن جي پاڻيءَ ۾ ڪافي واڌ آئي. جنهن جو ذڪر ايم. ايڇ. پنهور ڪيو آهي ته ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ تبديلي آئي. ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙن تائين پهچائي. ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي.“ (19)

ڌرتي وڌيا جي ڄاڻن جي ان راءِ مان ظاهر آهي ته ڪلهوڙا دور ۾ ماحولياتي ڦير گهير ڪري درياهه سنڌ ۾ پاڻي جي جهجهائي ڪري، سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ فصل ٻيڻا ٿيا، ساڳي وقت ان عرصي دوران هتان جي آدمشماريءَ ۾ به ڪافي واڌارو آيو. ڊاڪٽر ايس.پي. ڇٻلاڻي، ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ اناج ۽ ان مان حڪومت کي ملندڙ ڍل جو ڪاٿو هن ريت لڳايو آهي.

”ڪلهوڙن جي دور ۾ زمين جي ڍل 3. 53 لک رپيا ڪئي ويئي آهي. انڪري ڪل پيداوار جو ملهه زمين جي ڍل جي ٽيڻ يعني اٽڪل 160 لک رپيا ٿيندي ۽ ڏهين آني في مڻ جي حساب سان ڪل پيداوار اٽڪل 156 لک مڻ ٿيندي. زمين جي سراسر پئدائش 12 مڻ في ايڪڙ فرض ڪندي. ان مان اهو معلوم ٿيندو ته ان وقت پوک هيٺ ايندڙ زمين سالياني 21 لک ايڪڙ هوندي ۽ ڪنهن به حالت ۾ ويهه لک ايڪڙن ۾ ڪافي واڌ آئي جنهن جو ذڪر ايم.ايڇ. پنهور ڪيو آهي ته ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ تبديلي آئي. ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙن تائين پهچائي. ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. (20)

جيئن ته ان ڪلهوڙا دور ۾ گهاڙ واهه به هڪ آبپاشي جو شاهڪار هو انڪري مختلف ماڻهن گهاڙ واهه جي سنڌو مان شروعات جدا جدا هنڌن تان ٻڌائي آهي. جيئن امام راشدي لکيو آهي ته.

”گهاڙ واهه جي شروعات نئون ديري شهر کان پندرهن ڪلوميٽر پري اوڀر طرف ’نصرت‘ اسٽيشن کان ڏکڻ طرف هڪ تاريخي ڳوٺ ’دوسودڙن‘ کان سنڌو درياءَ مان ٿئي ٿو، پر ڪن روايتن موجب ’گهاڙ واهه‘ جي شروعات مدئجي شهر جي سامهون درياءَ جي ڪناري تمام جهوني ڳوٺ ’آدمجي‘ کان ٿئي ٿي. ان جي تصديق پراڻن نقشن مان به ملي آهي. جيئن ته گهاڙ واهه هڪ آڳاٽو قدرتي ڦاٽ هو ۽ ايم.ايڇ پنهور جي راءِ موجب ’گهاڙ واهه‘ سمن جي دور سان آهي. تنهنڪري اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته جڏهن ميان شاهل محمد ڪلهوڙي گهاڙ واهه جي نئين سر کوٽائي ڪرائي. تڏهن ان جو منهن ’دوسودڙن‘ ڳوٺ کان ڪرائي، ان کي سدا واهه جي صورت ۾ بدلائي ڇڏيو. اهڙا آثار اڄ به موجود آهن“ (21)

ميان شاهل محمد چانڊڪا ۾ گهاڙ واهه کوٽائي هن علائقي کي گل وگلزار بڻايو. هونئن به آبپاشي جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ ڪلهوڙا حاڪمن جو اهم ڪردار رهيو آهي. خاص طور تي هن ميدان ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو سڀني کي ميدان ماري ويو. هن خطي ۾ ميان نور محمد کي ئي جديد آبپاشي نظام جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو، ڇو جو هن گهاڙ واهه مان ڪيتريون ئي شاخون ڪڍي چوڦير واهه ۽ واهڙ وهايا. ان لاءِ ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻي لکي ٿو ته ”گهاڙ واهه جون ٽي مکيه شاخون آبپاشي جي عظيم معمار (ميان نور محمد) ڪري وجود ۾ آيون. ’نور واهه‘ تي اهو نالو به هن جي پٺيان پيو (جيڪو 10 ميل ڊگهو هو) ’شاهه جي ڪڙ‘ وري هن جي نامياري وزير شاهه بهاري کوٽايو)  (جيڪو 20 ميل ڊگهو هو) اتي ساڳي شاهه بهاري ’جندوک‘ (هاڻوڪو لاڙڪاڻو) واري حصي ۾ ڪيترائي واهه کوٽايا ۽ ’ڏاتي جي ڪڙ‘ (جيڪو 20 ميل ڊگهو هو) جيڪا هينئر موجود ڪونهي. ميان نورمحمد جي ئي وقت ۾ ڏاتو کهڙو نالي هڪ شخص کوٽايو، جو پنهنجي وقت ۾ هڪ دولتمند ماڻهو هو ۽ واهن کوٽائڻ ۾ چڱو نالو ڪڍيو هئائين“. (22)

گهاڙ واهه جي ان ٽن مکيه شاخن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي واهه نڪرندا هئا. جيئن ’نصرت واهه‘ (جنهن کي مٺو واهه ۽ قادر واهه به چيو وڃي ٿو.) ميان نور محمد ڪلهوڙي جي خاص امير نصرت خان چانڊيي کوٽايو هو. ’مير واهه‘ هن کي ’دودو واهه‘ به چيو ويندو هو. ’فيض واهه‘ هن کي ’انڌو واهه‘ به سڏيو وڃي ٿو. ’خانواهه واهه‘، ’ٽڳڙ ڊاهه‘، ’هير واهه‘، ’آبڙو واهه‘،
’سرائي واهه‘، ’ڳورڙو شاخ‘، ’نصير واهه‘، ’ڪور هاشم‘، ’ذاتي بي ڪور‘، ’شاهه جي ڪور‘، ’ڪور متل‘، ’گٺ واهه‘، ’سهنڙو چيلو‘ ۽ ٻيا ڪيترائي واهه قابل ذڪر آهي.

ان کان علاوه گهاڙ واهه مان ٻيا به ڪيترا ننڍا وڏا واهه اتان جي مقامي زميندارن جا کوٽايل هوندا هئا، جيڪي مختلف طرفن ڏي وهي آبادي ڪندا هئا. پڙمل ڳوٺ کان گهاڙ واهه مان وري هي ٻيا به واهه نڪرندا هئا، ڦلپوٽو واهه، ڪانڌڙا واهه، وڏو واهه، بشارت واهه، لنڊو واهه، سانڀل واهه، مڱيون واهه، ۽ جلباڻي واهه وغيرهه اهي سڀئي واهه گاجي کهاوڙ شهر ڀرسان وڃي ختم ٿيندا هئا. گهاڙ واهه تي ابڙا هڪڙا، کهاوڙ، اسراڻ، تنيا، ڪاٺيا، مسڻ، ڪانڌڙا، ڦلپوٽا، کوسا ۽ ڏيپر زميندار هئا.(23)

چانڊڪا ۾ گهاڙ واهه سان گڏ ايترن گهڻن واهن ۽ واهڙن جي وڇايل ڄار ڪري هتان جي ماڻهن جي خوشحاليءَ جو ذڪر ڪيترن سياحن پڻ ڪيو آهي.

هينري پاٽينجر 1809ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو. هُو لاڙڪاڻي جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته

”اڄ ڪلهه (ٽالپرن جي زماني ۾) سنڌ جو مکيه شهر لاڙڪاڻو آهي. جيڪو ساڳي نالي واري واهه تي آهي، يعني گهاڙ واهه کي ’لاڙڪاڻو واهه‘ سڏي ٿو. هيءُ واهه سنڌ جي اميرن وٽ وڏي اهميت رکي ٿو. ڇاڪاڻ جو جيڪي واپاري سندن حڪومت جي حدن ۾ داخل ٿيندا آهن. انهن کان هتي محصول ورتو ويندو آهي. ان کانپوءِ ڪاڇي ۽ گندا واهه مان بلوچن جي حملي کي روڪڻ لاءِ هتي وڏي قلعي ۾ بچاءَ وارو لشڪر رهي ٿو.“ (24)

اليگزينڊر برنس مير مراد علي خان جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو، هن پنهنجي سفرنامي ۾ ٻن ٽن هنڌن تي لاڙڪاڻي واري پرڳڻي جو ذڪر ڪيو آهي.

”لاڙڪاڻو جيڪو گهاڙ واهه جي اولهندي ڪناري تي ٻڌل آهي ۽ چانڊڪا پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اٽڪل ڏهه هزار کن آدم شماري ٿيندي.“ (25)

رچرڊ برٽ انگريزن جي فتح ڪرڻ بعد 1844ع ۾ سنڌ آيو. هو "Sindh and Races that inhabit in Sindh" ۾ لاڙڪاڻي بابت لکي ٿو.”سيوهڻ کان پوءِ لاڙڪاڻو مکيه شهر آهي. هن علائقي ۾ پاڻي جهجهو آهي ۽ آبادي به سٺي ٿئي ٿي. ڪراچي کي ڇڏي باقي سنڌ جي سڀني هنڌن جي ڀيٽ ۾ وڌ ۾ وڌ سرسبز علائقو آهي. هن علائقي کي آبڪلاڻي جي موسم ۾ درياءَ مان نڪرندڙ واهه سيراب ڪري ٿو. لاڙڪاڻي جو علائقو حسين ڳوٺن تي جڙيل آهي.“ (26)

انهن سياحن جي بيانن مان معلوم ٿئي ته گهاڙ واهه ۽ ٻين واهن ۾ پاڻي جي گهڻائي ڪري  هي سارو علائقو ساوڪ سان ٿيل ۽ سبرسبز هو. آبي گذر گاهن ۽ پتڻن جو انگ وڌڻ ڪري واپار ۾ به واڌ آئي. اضافي محصولن جي وصولي ڪري حڪمرانن جا کيسا به سدائين ڏوڪڙن سان سٿيل هوندا هئا. رزق جي ڪشادگي ڪري شهر ۾ نوان نوان چهرا نظر اچڻ لڳا. جنهنڪري آدمشماري پَر پکيڙڻ شروع ڪيا. آبڪلاڻي جي موسم ۾ ته هن علائقي جي رونق ڏسڻ وٽان هوندي هئي. خاص ڪري سانوڻيءَ ۾ جڏهن وڏي اهتمام سان شهر جي ڪنهن معزز بزرگ کان درياهه جو منهن کولائي گهاڙ ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو هو ان لاءِ پير علي محمد راشدي لکي ٿو:

”اپريل جي مهيني ۾ گهاڙ واهه جو درياهه مان منهن کولي منجهس سانوڻيءَ جو پاڻي ڇڏيندا هئا. ان موقعي تي خيراتون ٿينديون هيون ۽ محفلون لڳنديون هيون. سڀئي ضلعي جا ڪامورا اچي ڪٺا ٿيندا هئا. گهاڙ جو منهن اسان جي ڳوٺ بهڻ کان ٿورو پنڌ تي هوندو هو. لاهورين جو ديوان لالچند هوندو ڇڙو داروغو هو، پر پبلڪ سان سندس رسائي ۽ رهائي اهڙي هوندي جو سندس سکڻي سڏ تي ماڻهن جا هشام اچي گڏ ٿيندا هئا.

مهمانن جي مانيءَ جو بار خود لالچند تي هوندو هو. واهه جو منهن کولڻ لاءِ پهريون لپو ڪنهن بزرگ کان هڻائيندا هئا ۽ اهو بزرگ هوندو هو ديوان ليلا رام لاڙڪاڻو هاءِ اسڪول جو سفيد پوش هيڊ ماستر“ (27)

ليفٽيننٽ هيو جيمس به 1847ع ڌاري هڪ رپورٽ ۾ گهاڙ واهه ۾ اپريل مهيني ڌاري پاڻي ڇڏڻ جو ذڪر ڪيو آهي. هن ان سان گڏ ان زماني ۾ گهاڙ واهه جي اهميت جي باري ۾ به ٻڌايو آهي:

”گهاڙ واهه گهڻو ڪري اپريل ۾ پاڻي وهايو ويندو آهي. ۽ اهو واهه نومبر مهيني تائين سڪي وڃي ٿو. مئي کان سپٽمبر  تائين گهاڙ جي پاڻي جي سراسري گهرائي 10 فوٽ هوندي آهي. اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڪجهه سال اڳ تائين گهاڙ ۾ سارو سال پاڻي موجود هوندو هو. ايتري قدر جو اڪثر پاڻي اُٿل کائي ڪنارن کان به ٻاهر وهي ايندو هو. انڪري ٻوڏ کان بچڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي پراڻي ڪوٽ جي چوڦير، ندي کان 150 والن تي کاهي کوٽي ڇڏي هئائون. ضلعي ۾ گهاڙ جو گهڻو پاڻي ان مان نڪرندڙ شاخون کڻن ٿيون. باقي بچيل پاڻي هيٺائين وارن کڏن کوٻن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. ساري چانڊڪا پرڳڻي جي پوکي راهي هن ندي جي پاڻي تي ئي ٿئي ٿي.“ (28)

گهاڙ واهه جيئن مون ڏٺو:

اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ گهاڙ واهه کي پاڻيءَ سان ڀريل ڏٺو هو. جڏهن ته ان ۾ باقاعده ڪو وهڪرو نه هو. پر اهو پاڻي جو هڪ وڏو ڍورو بڻجي چڪو هو. ڇو جو ان کي ڀرسان وهندڙ سنڌو درياهه ۽ دادو ڪئنال جي سيمي جو پاڻي ڀري رکندو هو. شايد ان ڍوري ۾ دادو ڪئنال جو پاڻي به وهايو ويندو هو. گهاڙ واهه وارو اهو ڍورو سنڌوءَ جي ڦاٽ وٽان شروع ٿي لاڙڪاڻي شهر ۾ داخل ٿيندو هو. ڪافي عرصي تائين شهر ۾ ڪن هنڌن تي اهي ننڍڙا ننڍڙا ڍورا نظرايندا هئا.

اسان جو بابا سائين انيس انصاري مڇيءَ جي شڪار جو شوقين هئڻ ڪري هُن جي ڍنڍن ڍورن، واهن ۽ واهڙن سان گهڻي لڳندي هئي. هُو جنهن به نئين هنڌ بدلي ٿي ويندو هو ته سڀ کان پهريائين اتي مڇيءَ جي شڪار جا گهٽ گهيڙ ڳوليندو هو. پوءِ اڪثر موڪل واري ڏينهن ۾ انهن نيرائين پاڻي ۾ شڪار ڪندي نظر ايندو هو. ان دور ۾ چڱن ڀلن ماڻهن جي مک سواري سائيڪل هوندي هئي. اسان جون سائيڪلون به اهڙن ڍنڍن ڍورن تائين پهچڻ لاءِ اڪثر سنهڙن پيچرن تي ڊوڙنديون رهنديون هيون.

جيئن ته ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جي ڀرسان پاڻيءَ جو وڏو ۽ قديمي وهڪڙو گهاڙ هو. جيڪو اسان جي سانڀر ۾ به شهر کان ڪجهه ميل اوڀر مان وهندڙ سنڌو درياهه مان نڪري شهر جي پاسي مان لنگهندو  هو .

اسان جي سير وتفريح جو ميدان گهڻو ڪري گهاڙ واهه هو سنڌوءَ جي ڪک مان منهن ڪڍڻ کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ پير پائڻ تائين يعني جيلس بازار تائين هوندو هو.

اچو ته اڄ کان اڌ صدي اڳ تاج خان جتوئي ڳوٺ (لڌڙو واڻي جو پتڻ) کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ لاهوري محلي ڀرسان رائيس ڪئنال ۾ ڪرندڙ گهاڙ واهه جو سير ڪندا هلون.

لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ پير شير کان ڪجهه ڪلوميٽر پرتي تاج محمد جتوئي جو ڳوٺ آهي. اهو ڳوٺڙو موجوده وقت به گهاڙ واهه جي ساڄي ڪناري ساوڪ جي چادر اوڍي هر آئي وئي کي ڀليڪار ٿو ڪري.

تاج جتوئي ڳوٺ:

اڳي هن جتوئي ڳوٺ ۾ هندو گهڻا رهندا هئا. هت هڪ مشهور پتڻ هوندو هو. جيڪو ’لڌڙو واڻي‘ جو پتڻ سڏبو هو. ان پتڻ تي ٻيڙين جي اچ وڃ ڪري سدائين رونق رهندي هئي. ڳوٺ ۾ هندن جي اڪثريت ڪري هت هڪ مسڻ به هو.

هيءُ علائقو شروع کان وٺي سرسبز رهيو آهي. جيئن ته گهاڙ واهه جو پيٽ ۽ وهڪرو عام زميني سطح کان هيٺ هوندو هو ته ماڻهو نارن يا ايٽ ذريعي گهاڙ مان پاڻي ڇڪي پوکي راهي ڪندا هئا.

ان کانسواءِ هتان جي زميندارن گهاڙ ڀرسان ئي اونها کوهه کوٽي ڇڏيا هئا. هنن کي ’کهاڏو‘ سڏيندا هئا. انهن کوهن جو قطر ست اٺ فوٽ هوندو هو. جڏهن گهاڙ واهه جي اٿل يا نار سان اهي کهاڏو ڀربو هو ته ڪڙمي هٿن ۾ دٻا کڻي ان دٻن جي مدد سان کهاڏو مان پاڻيءَ کي ننڍڙن واهن ۽ واهڙن ۾ ڌڪيندا هئا. اهڙي طرح هُو پوک ۽ باغن کي پاڻي ڏيندا هئا. اهڙن دٻن جي مدد سان پاڻ ڏيڻ کي پراڻي دور ۾ ’جهڙڪو‘ سڏيندا هئا.

هت انبن جا باغ گهڻا هئا. جن ۾ خاص ڪري سنڌي انب، چيهو، ٻائو طوطا پوري انب جام ٿيندا هئا، پر پوءِ آهستي آهستي ماڻهن انبن جي جاءِ تي زيتون پوکڻ شروع ڪيا. چيو وڃي ٿو ته هن علائقي ۾ زيتون سڀ کان پهريائين ڀلو واڻي آڻي پوکيا هئا. ان کانسواءِ هت ڪنڊي جو وڏو جام هوندو هو.

ان لڌڙو پتڻ تي هڪ پراڻو ريسٽ هائوس به هو. جتي ڪامورا ڪڙا اچي رهندا هئا. ان کانسواءِ گهاڙ جي ڪپر سان هڪ ريسٽ هائوس پير شير وٽ ۽ ٻيو لاڙڪاڻي بندر وٽ جوڙيل هو.

هونئن ته هاڻي سارو گهاڙ لٽجي ويو آهي. البت اڃا تائين ڪجهه هنڌن تي گهاڙ جا باقي ڇڏيل ڍورا لهرون هڻندي ملن ٿا. انهن ۾ هڪ مشهور ڍورو ديهه جنيد جتوئيءَ ۾ ۽ ٻيو ديهه بائيد سانگيءَ ۾ آهي. ان کانسواءِ عاقل ڳوٺ ڀرسان به هڪ ڍورو آهي. هنن کي گُڪو سڏيو وڃي ٿو. مشهور آهي ته محمد ايوب کهڙو ان ڍوري کي گُڪو جي نالي سان سڏيندو هو.

موجوده وقت 2011ع ۾ به تاج جتوئي ڳوٺ ڀرسان ڍوري جي ڪنارن سان گهاٽا ۽ قداور وڻ عجيب نظارو پيش ڪن ٿا. خاص ڪري کجيءَ جا ڊگها وڻ جڏهن هوا تي جهولن ٿا ته ان جهومندڙ وڻن جو عڪس گهاڙ جي نيرائين پاڻيءَ تي مدهوش ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

ان ڍوري کي دادو ڪئنال ڪٽي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو آهي. اتي دادو ڪئنال تي هڪ ريگيوليٽر ٺهيل آهي. جنهن ڀرسان ئي بنگلي ۾ پوليس جو ٿاڻو قائم آهي. دادو ڪئنال جي پُل پار ڪرڻ بعد ماڻهو پير شير جي حدن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو.

پير شير:

پيرشير هن علائقي جو مشهور پير آهي، جيڪو ٻه صديون اڳ گمبٽ مان لڏي اچي هت رهيو هو. سندس اصل نالو قطب الدين هو، پر چون ٿا ته هُن جي زيارت تي هڪ شينهن پڻ ايندو هو. انڪري هُو پير شير جي نالي سان مشهور ٿي ويو. هن جي مزار به عمارت سازيءَ جو شاهڪار آهي. خاص ڪري هن جي مٿان بيهاريل اُڀو گنبذ منفرد انداز جو لڳي ٿو. مقبري جي مهاڙيءَ تي پراڻو ڪاشيءَ جو ڪم به جاذب نظر آهي. اڳي پير شير وارو سارو علائقو ساون گهاٽن وڻن سان جهنجهيل هو. وڻن جو ڇانورو ايڏو ته ڳتل هوندو هو، جو ڪٿان به سج ظاهر نه ٿيندو هو خاص ڪري مقبري جي آسپاس ڦهليل نيرن ۽ اَڇن گلن واريون وليون روح کي راحت ڏينديون هيون. پير شير جي مزار وٽ ڪيترائي پاڻيءَ جا ڀريل دِلا ۽ مَٽ پيا هوندا هئا. ڪچي ۽ آسپاس ڳوٺن جا راهرو اتي ڪجهه دير آسيس حاصل ڪري وري پنهنجي منزل ڏي رخ رکندا هئا. اتي زيارتن ۽ مسافرن جي رهڻ لاءِ هڪ مسافر خانو به هوندو هو. ان کانسواءِ روضي اندر اگربتن جي ڦهليل خوشبو ۽ پراڻن گلن جي سڳنڌ جو واس زيارتن جي ساهن ۾ سمائجي ويندي هئو.

هن تر جي ماڻهن ۾ پير شير جو ميلو مشهور آيو. جيڪو هر سال ارڙهين کان ويهين ذوالحج ڌاري لڳي ٿو. ان ميلي لاءِ پيرعلي محمد شاهه راشدي تقريباً هڪ صدي اڳ احوال هن ريت لکيو آهي. جڏهن هن اٺن سالن جي عمر ۾ اهو ميلو ڏٺو هو.

پيرشير جي درگاهه جو سجادهه نشين انهن ڏينهنِ ۾ پير نالي چڱو مرحوم هوندو هو. ميلي ۾ هزارين ماڻهو اچي شامل ٿيندا هئا. ناچو، ڳائڻا، ڳائڻيون ملڪان ملڪون اچي ويندا هئا. بي تحاشا ننگر هلندو هو. رات ڏينهن راڳ جون مجلسون هونديون هيون. پير صاحب پاڻ مير مجلس بڻجي ويهندو هو. راڳ هلندي ماڻهو مٿانهن گهوران گهور روڪڙ ڳائڻين ڏانهن اڇلائيندا هئا. ٽي ڏينهن ميڙو متل رهندو هو. لاڙڪاڻي جا سمورا ديسي آفيسر مدعو هوندا هئا.“

منهنجي به (راقم الحروف) شاگرديءَ دوران (1972ع پير شير جي گادي نشين جي فرزند علي ڏنو شاهه سان دوستي ٿي وئي. علي ڏنو شاهه ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر هو. هن سان واقفيت ڪري اڪثر سندن ڳوٺ اچڻ وڃڻ رهندو هو. ان وقت گادي نشين علي ڏنو جو والد پير شير هوندو هو. اڪثر ميلي جي موقعي تي علي ڏنو شاهه دوستن کي دعوت ڏئي وٺي ايندو هو.

مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو پير شير جي ميلي جي موقعي تي چند دوستن سان گڏ ڪنهن ناچڻيءَ جو رقص به ڏٺو هو. ايترن مردن جي وچ ۾  هڪ ڇوڪريءَ کي رقص ڪندي ۽ ماڻهن جي هٿن مان پئسا وٺندي عجيب لڳو هو. مون کي ايترن شڪاري نظرن جي گهيري ۾ پيسن جي ٻل تي ناچڻيءَ جي تذليل ڏسي الائي ڇو ان غريب ڇوڪريءَ تي رحم پيو اچي. زندگيءَ ۾ پوءِ مون اهڙي ناچ ڏسڻ کان توبهه ڪئي. افسوس اسان جو دوست علي ڏنو شاهه هڪ هنگامي خيز زندگي گذاري وچولي وهيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو.

بهرحال ذڪر پي هليو اسان جي ننڍپڻ ۾ ڏٺل گهاڙو واهه جي موج ۽ مستين جو. اسان اڪثر سير تفريح ۽ مڇيءَ جي شڪار تي ايندي ويندي گهڻو ڪري پير شير جي ٿڌي ٿانئري ماحول ۾ ڪجهه دير وسرام ڪري، وري لاڙڪاڻي طرف پنهنجو واپسيءَ جو پنڌ شروع ڪندا هئاسين. پير شير لاڙڪاڻي جي وچ ۾ هڪ خوبصورت وڻن جي ڇٽيءَ سان ڍڪيل شاندار ٽاپ (سڙڪ) هوندي هئي. جنهن کي ڪو ادارو وڏي ايمانداريءَ سان سنڀاليندو هو. ٽاپ تي هر روز تازو ڇنڪار ٿيل هوندو هو. ٿوري ٿوري فاصلي تي بيلدار ۽ ٻيو عملو بالٽن سان ڇنڪار ۽ صفائي ڪندي نظر ايندا هئا. انڪري آلي مٽيءَ جي خوشبوءِ چوڏس ڦهليل هوندي هئي.

اسان جي ساڄي پاسي نانگ جيان وراڪا ڪندو گهاڙ جو خوبصورت وهڪرو وهندو هلندو هو. گهاڙ جو سينو 100 فوٽ کان 200 فوٽ چوڙو هئڻ ڪري پرين ڀڪ تي گهاٽن باغن ۽ ڪنارن تي بيٺل باغائي سولائي سان سڃاڻي سگهبا هئا. خاص ڪري جهار هڪلڻ مهل هنن جون هڪلون ”ها.... ٻلا..... هو...... هو....... ۽ کانڀاڻن مان ڇڏيل گليليءَ جا ٺڪاءَ ڪنن ۾ پيا ٻرندا هئا. اتي ٻين پکن جي لاتين مان گڏ طوطن جي ٽيون.... ٽيون نمايان هوندي هئي. انبن جي باغن ڪري هت طوطا گهڻا هوندا هئا. طوطا انبن جي پُورن ۾ ئي ٻچا ڏيندا هئا. انڪري هن علائقي ۾ هزارن جي تعداد ۾ طوطا ئي طوطا هوندا هئا. اسان ان وڻن جي وچ ۾ ڦاٿل سرنگ نما سڙڪ اندر ٽالارا ڪندي جڏهن گهاڙ جي لهرن تي ڪا ونجهه واري ٻيڙي ترندي ڏسندا هئاسين ته ڪجهه دير بيهي ان دل ٺاريندڙ منظر مان لطف اندوز ٿيندا هئاسين. وڻڪار جي وچ ۾ نيرائي پاڻيءَ ۾ ترندڙ ٻيڙي ڄڻ ڪنهن چترڪار جي لافاني تخليق لڳندي هئي. اهي ٻيڙيون ڪچي مان ڀاڄيون ۽ باغن مان انب ۽ زيتون ۽ چانور کڻي شهر تائين پهچائينديون هيون. پير شير کان پوءِ ڀيڏن جي پتڻ تي اڪثر ٻيڙيون نظر اينديون هيون.

سڙڪ جي ٻنهي پاسن تي خاص ڪري گهاڙ ڪپر وڻن، ٻوٽن ۽ چهچ سائي ڇٻراٽي سان ڍڪيل هوندو هو. ماڻهو چاهي ته ڪنهن به هنڌ قدرتي سائي ڇٻراٽي جي بستري تي چيلهه سڌي يا آرام ڪري سگهندو هو. گهاڙ جا ڪي ورن وڪڙن وارا منظر من کي موهيندڙ هوندا هئا. ڪنارن تي بيٺل قداور کجيءَ جا وڻ ۽ انهن جا پاڻيءَ ۾ پوندڙ پاڇولا خوابي ماحول پيش ڪندا هئا.

گهاڙ واهه جي ڦاٽ کان وٺي لاڙڪاڻي تائين رستي ۾ گهاڙ جي کاٻي ڪناري سان آگاڻي، شيخ ڳوٺ، پارو ڀٽو ڳوٺ، عاقل، گهانگهڙو، جتوئي تاج خان ڳوٺ، پير شير، ڀيڏا، جمالي ۽ ڀٽن جا ڳوٺ ۽ واهڻ ايندا هئا. مسافر گهڻو ڪري انهن ڳوٺن يا باغن ۾ ٻه ٽي ڍڪ پاڻي جا يا گهاٽي لسيءَ جا ٻه ٽي وٽا پي تازا توانا ٿي وري سفر جاري رکندا هئا.

اهي ڳوٺاڻا باغن کان سواءِ سايون ڀاڄيون به جام پوکيندا هئا. اسان به تازين ڀاڄين ۽ ميوون جي وٽَ وٺڻ لاءِ هنن ڏي لڙي ويندا هئاسين. اهي مهمانواز ماڻهو زيتونن کانسواءِ تازيون گجرون، گوگڙو، گوبي وغيره به کائڻ لاءِ آڻي اڳيان رکندا هئا. ويچارا قرب مان ڪڏهن ته ڳنڍ ڀري زوري گهر جي ڀاڄي ڀتيءَ لاءِ به ڏيندا هئا.

رستي ۾ ڪن هنڌن تي گلاب جي پوک به ڪئي ويندي هئي. گلابن تائين پهچڻ کان اڳ ئي مدهوش هوا گلابن جي خوشبو ڪلهن تي کڻي ميلن تائين آڌرڀاءَ لاءِ پهچي ويندي هئي. اهو سارو علائقو خوشبوءِ سان واسيل هئڻ ڪري ماڻهو هروڀرو اتان آهستي آهستي گذرندو هو.

هونئن به هن خطي کي سارين جو ديس چيو ويندو آهي. هتان جا چانور صدين کان وٺي ديس و پرديس مشهور آهن. گهاڙ واهه جي لڙاٽيل پاڻي تي پيدا ٿيندڙ سُڳداسي چانورن جي لذت ۽ خوشبوءِ جي تعريف ته هر ڪنهن ڪئي آهي. انيس انصاريءَ ان لاءِ لکيو آهي ته:

”لاڙڪاڻي جا سڳداسي چانور ته ملڪان ملڪ مشهور هئا. گهر ۾ رڌجندا هئا ته پاڙي وارن کي پتو پئجي ويندو هو. هن وقت به ٻج ساڳيو آهي. مٽي به ساڳي، آبهوا به ساڳي، پر سڳداسيءَ ۾ اها سڳنڌ ڪانه آهي ڇو؟ شايد اهو اثر گهاڙ واهه جي پاڻيءَ جو هو. جتان جتان وهندو پي آيو، اتان جي مٽيءَ جو هڳاءُ پاڻ ۾ سميٽي لاڙڪاڻي جي ٻنين ۾ پي نڇاور ڪيائين. بئراج کلي گهاڙ واهه بند ٿيو.“ (29)

ان دور ۾ ايترو ته امن امان ۽ محبتي ماحول هوندو هو، جو گهاڙ ڪناري وک وک تي ڪيترائي مڇيءَ جا شڪاري پاڻيءَ ۾ ڪنڊيون وجهيون ڪنهن ٻگهه پکي جيان مڇيءِ جي تاڙ ۾ ويٺا هوندا هئا. انهن مڇي جي خفتين ۾ اڪثريت مهاجرن جي هوندي هئي.

اسان به شڪار لاءِ بابا ۽ سندس دوستن سان گڏجي، ساري ڏينهن جو کاڄ پيڄ ۽ رڌ پچاءَ جو سامان سرڙو کڻي اچي گهاڙ جي ڀِڪ جهليندا هئاسين پوءِ گهڻو ڪري ماريل مڇيءَ کي اتي ئي ڀڃڻي ڏئي مهاجر دوستن جا آندل چَٽ پٽا مصالحا، ان تي ٻرڪي چڙهه ڪندا هئاسين. گهاڙ مان ڪرڙو، ٿيلهي، موراکي، گندڻ، سينگاري، پوٽڪي، شاڪر وغيره جام مرندا هئا. ڪيترا خفتي ته سيني تي هٿ هڻي فخر سان ٻڌائن ٿا ته هنن هتان مڻ مڻ جو ڪرڙو به ماريو آهي.

گهاڙ جي آسپاس رهندڙ ڪيترن شوقين قاز ۽ بطخون به پالي رکيون هيون. اهي قاز ۽ بطخون صبح جو ڳوٺان پنڌ ڪري سارو ڏينهن پيون پاڻيءَ ۾ ٽٻيون ڏينديون هيون. پاڇا وَرندي ئي وري واپس وڃي پنهنجي مالڪن کي منهن ڏيکارينديون هيون ڪڏهن ته پر ڦهلائي ڪنهن چوڪيدار جيان آواز ڪنديون، اسان کي به پنهنجي جُوءِ مان ڊوڙائي ٻاهر ڪنديون هيون. اسان سياري جي آمد مهل ان گهاڙ واهه جي بلوري پاڻيءَ تي ڪيترائي نيراڻ ساواڻ خاڪي، سليٽي، ڳاڙها ۽ ناسي رنگ جا سائبريائي پکي لهندي ڏٺا هئا. جيڪي گهاڙ جي مستو مست موجن تي من مستيون ڪندي ۽ ٽٻيون هڻندي نظر ايندا هئا. اسان اتي پنهنجي اکين سان رنگ برنگي ڊگهوش نيرڳ، ڪَرڙو، ٿرهندو، ڪهنگ جا ولر ترندي ڏٺا. خاص ڪري ان پاڻي ۾ ٻهڻو، ڪانيرو کانسواءِ آڙي گهڻي تعداد ۾ نظر ايندي هئي، جنهن کي ٻولهڙي به سڏيندا هئا. آڙيءَ کي مقامي ماڻهو ’ڍنڍ جي راڻي‘ به چون. ڪاري رنگ ۽ اَڇي چنهب واري اها آڙي اسان کي ٽيڏي اک سان ڏسي وري پاڻيءَ ۾ گهت هڻي ويندي هئي.

گهاڙ مان باغن ۽ ٻنين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪيترن هنڌن تي ماڊول به ٺهيل هوندا هئا. پري کان ئي ماڊولن ۾ وهندڙ پاڻيءَ جو مڌر آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. جيئن جيئن ويجهو پهچبو هو تئين اهو سريلو آواز جلترنگ جيان سرور ڏيندو هو. وري جڏهن ماڊول جي پاڻيءَ مان گذرندڙ مڇيون ديوارن سان ٽڪرائڻ مهل ڇرڪ ڀري پاڻيءَ کان ٻاهر ٽپا ڏينديون هيون. اهو لقاءُ ڏسڻ وٽان هوندو هو. گهاڙ ۾ پاڻي جي مٿاڇري تي هرهنڌ خاص ڪري ڪناري سان جتي وهڪرو ڪجهه قدر ماٺو هوندو آهي. اتي هڪ سائي رنگ جي ننڍي پاڙ واري وَل به ترندي نظر ايندي آهي. ان ناڙو (Convolvulus) خاندان ۾ توتاري جهڙا اڇا گل ڦٽن ٿا. ائين لڳندو آهي ڄڻ قدرت پاڻيءَ مٿان اڇن گلن واري سائي چادر وڇائي ڇڏي آهي. ناڙو جي پاڙ پاڻيءَ جي سطح کان صرف ٻه انچ کن هيٺ ٿئي ٿي. اهو ناڙو پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي رکبو ته جلد ئي سڪي ويندو. چيو وڃي ٿو ته ناڙو جو اهو قسم شايد انگريزن ٻاهران هت آندو هو. ان ول ۾ اها خوبي آهي، جو اها پاڻيءَ کي صاف ڪري ٿي. يعني پاڻي فلٽر ڪرڻ جو ڪم ڏئي ٿي.

اسان کي پير شير کان واپس ورندي اڪثر سج سامهون ڏلاهه ۾ کيرٿر جي اوٽ ۾ لهڻ جا سانباهه ڪندو ملندو هو. ان سمي هڪ هانوَ ٺار ماحول جڙندو هو. لهندڙ سج جا لالاڻ مائل ڪرڻا، عروسي وڳو اُوڍي پاڻيءَ سان لائون لهندا هئا. ان ويلي وڻن جا ڊگها ڊگها پاڇولا هلڪي هوا جي تال تي رقص ڪندي نظر ايندا هئا. پکي پکڻ به پنهنجي واهيرن ڏي ٿاڪوڙا پرڙا هڻندا، مٺيون ٻوليون ٻوليندي ورندا هئا.

ڌوٻي گهاٽ:

ماڻهو جيئن ئي لاڙڪاڻي طرف گامون هڻندو ايندو هو ته سڀ کان پهريائين پري کان سوين رنگ برنگي ڪپڙا جهنڊين جيان هوا ۾ لهرائيندي سندن استقبال ڪندي نظر ايندا هئا. جيئن اڄ ڪلهه سياسي جلسن ۾ جهنڊا ۽ جهنڊيون لهرائيندي نظر اينديون آهن. اهي رنگ برنگي ڪپڙا دراصل لاڙڪاڻي جي مشهور ڌوٻي گهاٽ تي پهچڻ جي نشاني هوندي هئي. سڄي شهر جا ڌوٻي ڪپڙا کڻي اچي گهاڙ ڪناري ڌوئيندا هئا. گهاڙ ڪناري ڌوٻن جا ڪيترائي ڦرها ۽ حوض ٺهيل هئا. هُو ڪپڙا سٽي ڪُٽي صاف ڪرڻ بعد اُس تي سڪائڻ لاءِ اتي ٽنگيل رسين ۽ سڪل گاهه تي وڇائيندا هئا.

ڌوٻي ڪپڙن کي داٻيلي يا ڦرهي تي سٽڻ مهل وات مان ڇو.... ڇو جو آواز به ڪڍندا هئا. ڇُو.... ڇُو.... جو اهو آواز ۽ داٻيلي تي ڪپڙي لڳڻ جو ڌڌڪو ميلن تائين پيو ٻڌبو هو. خاص ڪري ڀنڀراڪي ويلي ننڊاکڙي ٿڌڙي هير اها وڻندڙ ڌن پنهنجي پنبڻين تي کڻي گهر گهر پهچائيندي هئي.

لاڙڪاڻي جو  بندر:

ڌوٻي گهاٽ کان ٿوريون وکون وجهڻ سان لاڙڪاڻي شهر جون رونقون شروع ٿي وينديون هيون. شهر جو دروازو کڙڪائڻ کان پهريائين شهر جي مکيه بندر وٽ اچي پير ڇنڊبا هئا. هيءُ بندر موجوده ميونسپل ڪميٽيءَ جي آفيس جي مشرق ۾ هو. اسان جي ننڍپڻ ۾ به ڪجهه ٻيڙيون اتي لنگر هنيون بيٺيون هونديون هيون، جن تي حمالي مال لاهيندا ۽ چاڙهيندا هئا. بندر جي ڀرسان ئي مال برداري لاءِ گڏهه گاڏا، اُٺ گاڏا ۽ ٽانگا مُچو ڪيو بيٺا هوندا هئا. جيڪي مسافرن سان گڏ ٻيڙين تان ڪچي مان آندل مال، آسپاس جي بازارن ۾ پهچائيندا هئا.

لاڙڪاڻي پتڻ جي پاڙي ۾ ان وقت ڊي. سي. اسڪول جي عمارت هئي. چيو وڃي ٿو ته اڳي ان عمارت اندر ڊاڪٽر سرلاديوي پنهنجي اسپتال هلائيندي هئي. ڊاڪٽر سرلاديوي بعد ۾ گهاڙ واهه ڪناري اها ڪشادي ڪمرن واري اسپتال مفت ۾ هڪ اسڪول کي Donate ڪئي هئي، جتي موجوده وقت به ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اسڪول هلي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾ گهاڙ واهه واپار ۽ آمدورفت جي دنيا ۾ شهه رڳ واري حيثيت رکندو هو. پاڻيءَ جي اها شاهراهه لاڙڪاڻي مان نڪري هڪ طرف سکر حيدرآباد، ٺٽي مان ٿيندي وڃي سمنڊ ۾ دنگ ڪندي هئي. ٻي طرف اها آبي گذرگاهه پنجاب کان مٽيندي وڃي ڪشمير کي ڇهندي هئي. انڪري لاڙڪاڻي جو هي بندر بين القوامي حيثيت رکندڙ هو. ان بندر تي خشڪي ذريعي ايندڙ سيلاني قافلن ۽ ٻيڙائتن لاءِ قافله سراءِ پڻ ٺهيل هئي. لاڙڪاڻي جي هن بندر تي ٻيڙين جي گهماگهمي ۽ ڀيڙ جو اندازو ان روائت مان لڳائي سگهجي ٿو ته  ”هڪ دفعي هڪ برک تارو نوجوان گهاڙ ۾ ٽٻيون هڻندي هڻندي اچي پتڻ وٽ ٺهڪيو، جتان به ٻاهر منڍي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سندس مٿو وڃي ٻيڙيءَ جي تري سان ٿي لڳو. ۽ اهڙي طرح لڳاتار ڪوشش بعد آخر ساڻو ٿي ساهه ڏنائين، گهاڙ جو اهو اوج ڪلهوڙن جي دور ۾ هو.“

چيو وڃي ٿو ته گهاڙ واهه تي لاڙڪاڻي بندر کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي اهم بندر ۽ پتڻ هئا، جن ۾ لاڙڪاڻي کانپوءِ ٻيو وڏو پتڻ نئون ديرو جو هو. امام راشديءَ انهن پتڻن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي.

نئون ديرو پتڻ:

نئون ديرو شهر ۾ به گهاڙ واهه تي اهم پتڻ هو. جتي ڪچي کان مال ايندو هو ۽ پوءِ هتان ٻيڙا ڀرجي ويندا هئا. ٻيا پتڻ ان دور ۾ مشهور هي هئا.

عيسو  ڪلهوڙو  پتڻ:

عيسو ڪلهوڙو پتڻ سڳداسي چانورن جو اهم مرڪز به هو.

گڏي پتڻ:

هي پتڻ منزلگاهه، فوجي مرڪز ۽ انتظاميا جي لحاظ کان نهايت اهميت وارو ڏسجي ٿو.

آتڻ پتڻ:

هي پتڻ جيتوڻيڪ گهاڙ واهه جو نه آهي، پر ان جو سنئون سڌو تعلق گهاڙ واهه سان ضرور آهي. هي پتڻ ڊگهه ڍنڍ جو پتڻ هو، جتان پڻ ٻيڙيون سامان کڻي نورواهه رستي وڃي گهاڙ واهه ۾ پونديون هيون.

آتڻ ميان پتڻ:

’اتڻ‘ جي سامهون هوندو هو. جتي سُٽ جا وڏا آڏاڻا هئا ۽ وڏيون ٻيڙيون سُٽ سان ڀرجي ٻين شهرن ڏانهن اماڻيون وينديون هيون. ’آتڻ مياڻي‘ جي ايريا ۾ ووئڻن جي پوک جام ٿيندي هئي. اهڙي ريت ٻيا به ننڍا پتڻ موجود هئا. (30)

گهاڙ واهه جو عروج رونق ۽ اهميت جو ذڪر ته هتان جا بزرگ وڏي فخر سان ڪندا هئا. حسام الدين راشدي به ان واهه جي جو پتڻ ۽ سونهن جي واکاڻ هن انداز سان ڪئي آهي. ”گهاڙواهه جو تن ڏينهن ۾ اوج هو. ٻنهي ڪنارن تي وڻڪار، شهر ۾ ٻُٽ هوندي ته به گهاڙ ڀڪ تي پئي هير هلندي. وهڪري ۾ سهنجو ۽ سانتيڪو ڏاڍي سنجيدگي ۽ متانت سان اوڀر کان پيو ايندو ۽ اولهه ڏانهن پيو ويندو. صبح سانجهيءَ، اڌ رات منجهه رات، هر اوڀاريون هر لهواريون ٻيڙين ۽ ڍونڍن جي اچ وڃ هوندي ننڍن بنيلن کان وٺي اٺ خرارين ٻيڙين تائين سکر کان مال هلندو قمبر کان هيٺ پيو پهچندو. کارڪن جي موسم هوندي ته انهن جو وڻج واپار هلندو. انبن جي موسم ۾ انب گدرن ۽ هنداڻن جي موسم هوندي هئي. ورنه ان ۽ ٻئي مال جي آمدرفت ته هميشه رهندي هئي. اڄ لاريون ڍوئن ٿيون. انهي زماني ۾ گهاڙ اها چاڪري ڏيندو هو. پوک به ٻنهي ڪنارن سان پچائيندو هو.“ (31)

بهرحال لاڙڪاڻي جي شاهي بندر کانپوءِ گهاڙ واهه جو باقي بچيل وهڪڙو شهر جو اُتر پاسو ڏئي گذرندو هو. ايستائين پهچندي پهچندي واهه جو وهڪرو ڪجهه قدر ماٺو ٿي ويندو هو، ڇو جو ڪافي پاڻي رستي ۾ ئي باغن ۽ ٻنين ۽ جندبندر ايندو هو. اسان جي ننڍپڻ ۾ ئي بندر جي آسپاس ۽ گهاڙ ڪناري ڪيتريون جايون ۽ پاڙا ٺهي چڪا هئا، جن ۾ گجڻ پور مشهور پاڙو هو. گجڻ پور پاڙي جو بنياد چيو وڃي ٿو ته گجڻ مل رکيو هو. جنهن جو شفاخانو جيلس بازار ۾ مشهور هو. ان وقت هي پاڙو ٿورڙن هندو خاندانن سان ڀريل هوندو هو، پر پوءِ اهو محلو بندر جي ويجهو هئڻ ڪري تڪڙو ئي آباد ٿيندو ويو. انڪري گجڻ پور ۾ ڪيترن مسلمان گهراڻن به اچي اَجها اَڏيا.

پُل:

بندر کان ٿوري فاصلي تي واهه مٿان هڪ پل ٺهيل هوندي هئي. جنهن جو نالو به گجڻ پور واري پل هو. ڪتابن ۾ ان پُل جو ذڪر هن طرح لکيل آهي.

”هيءَ پُل جيلس بازار جي اُتر ۽ اوڀر واري ڪنڊ تي گهاڙ واهه مٿان اڏيل هئي. هن پُل جي وچ تي ٻنهي پاسن کان سنگ مرمر جا ٻه وڏا بورڊ نصب ٿيل هئا، جن تي افتتاح ڪندڙ جي نالي جي تحرير ۽ سن وغيره سنڌي ۽ انگريزي ۾ اُڪريل هو. انهن سنگ مرمر جي بورڊ مٿان بجليءَ جا وڏا شمعدان گاسليٽ تي ٻرندا هئا، ڇو ته ان رقت اڃا بجلي شهر ۾ ڪا نه آئي هئي. هن پل جو نظارو ان وقت ڏاڍو سهڻو لڳندو هو. منجهائنس چار رستا نڪرندا هئا. هڪ جيلس بازار ڏانهن ٻيو گجڻ پور ڏانهن ٽيون ميونسپل آفيس ڏانهن ۽ چوٿون چاليهي جي آستاني ڏانهن.(32)

هڪ پراڻي تصوير ۾ سِرن جي ٺهيل هيءَ پل چئن پيل پاون تي بيهاريل آهي، جن مان ٻه پيل پاوا گهاڙ واهه جون ٻئي ڀڪون جهليون بيٺا آهن. باقي ٻه پيل پاوا وهڪري جي وچ ۾ آهن انهن چئن پيل پاون مٿان ٽن محرابن واري پل اڏيل آهي.

تفريح گاهه:

ان پُل ڀرسان ئي چيو وڃي ٿو ته وڻن سان جهنجهيل هڪ خوبصورت تفريح گاهه هوندو هو. ان آستاني تي راندين روندين کانسواءِ راڳ روپ به ٿيندو هو. هندو مسلم بغير ڪنهن متڀيد جي اتي اچي گڏ ٿيندا هئا. ان ميڙاڪي واري هنڌ کي ’چاليهي جو آستان‘ سڏيندا هئا. ان لاءِ گدا علي منگي لکي ٿو ته ”چاليهي جو آستان هڪ فرحت بخش جڳهه آهي. منجهس تنبوءَ جهڙا وڏا وڻ بيٺل هئا ۽ گلن جي گلڪاري به ڏاڍي هئي. شهر جي ماڻهن جي آرام ۽ تفريح لاءِ هيءَ ڏاڍي سٺي جڳهه هئي. ڏاڍن جهولن ۽ گرمين ۾ شهر جا ماڻهو فرحت جو وقت اتي اچي بسر ڪندا هئا. ملهون ۽ ڪشتيون يا ڪٻڊي راند کيڏندا هئا. انهي ميدان تي طوائفن جا ناچ گانا، گوين جا راڳ ۽ ڀڳتون پڻ پونديون هيون. ماڻهن جي آرام ۽ رهڻ لاءِ وڏا ٿلها ٺهيل هئا. چاليهي جو آستان هڪ هندو فقير سنڀاليندو هو، جيڪو هڪ ٽنگ کان معذور هو. هتي هندو ۽ مسلمان هڪ جهڙو فائدو وٺندا هئا (33)

شهر اندر گهاڙ واهه تي جدا جدا هنڌن تي ماڻهن جي تفريح لاءِ گهاٽ پڻ ٺهيل هئا، جتي شهر جا ماڻهو واندڪائيءَ جي وقت اچي ڪچهريون ڪندا هئا. ڪي ته ڪجهه جهٽ آرام به ڪري وٺندا هئا. اونهاري ۾ ته اهي گهاٽ ماڻهن سان سٿيا پيا هوندا هئا. هو ڏينهن جو گرم وقت تي اچي ٽٻيون هڻندي گذاريندا هئا. گهاٽن وٽ ماڻهن جي سهولت لاءِ گهاڙ جي پاڻي ۾ هيٺ لهڻ ۽ چڙهڻ لاءِ ڪنارن لاءِ ڏاڪڻيون ٺهيل هونديون هيون. عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ تڙ ٺهيل هوندا هئا. عورتن جي گهاٽن کي پردي لاءِ چوڌاري ديوارون ڏئي بند ڪيو ويندو هو. انڪري اهو هڪڙو جدا سوئمنگ پول ٺهي ويندو هو.

گجڻ پل پار ڪرڻ بعد گهاڙ واهه تي ٻيو رونق وارو هنڌ ’شيوا منڊلي‘ وٽ هوندو هو. ان منڊليءَ جا نوجوان بيمارن لاءِ خيراتي اسپتال کانسواءِ، ٻوڏ، باهه وسائڻ يا ڪنهن ٻئي اوچتي حادثي مهل شهرين جي مدد لاءِ هميشه تيار هوندا هئا.

ان شيوا منڊلي ڀرسان به عورتن جي وهنجڻ لاءِ هڪ جدا گهاٽ هوندو هو. هنن کي ’رام جهروڪو‘
سڏيندا هئا. ان رام جهروڪي وٽ لاڙڪاڻي جون حسين ۽ خوبرو ناريون ٽوليون ٺاهي اچي تڙڪنديون هيون.

جنهن تڙ دوڙون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪيو،

اچن ڀؤنر ڀنڀوليا پاڻيءَ تنهن ڀُونِ،

رَاول رَنو رُون، ڪو وَهه لڳو واسن

(مول راڻو)

جتي چمن ۾ سهڻا گل ٽڙندا آهي ته ڀونرا پڻ ڀنڀلائيندا آهن. انڪري حسين جسمن کي جرڪائيندڙ رام جهروڪا کان ٿوري ئي پنڌ تي نوجوانن لاءِ به سنان گهاٽ ٺهيل هوندو هو. اهو گهاٽ جتي هاڻي بينڪ اسڪوائر آهي. اتي حبيب بينڪ واري هنڌ هوندو هو.

”موهن فقير جو آستان به گهاڙ واهه جي ڪپ تي هو. موهن فقير نوشهري فيروز جي صوفي بزرگ شاهه نصير جو مريد ۽ معتقد هو. ان درويش اتي اچي واسو ڪيو. هيءَ جڳهه به ڏاڍي فرحت بخش هئي. منجهس ڏاڍا انبن جا وڻ هئا. جن جا وڏا ڏار گهاڙ واهه ۾ اچي پئي ويا. انهن ۾ پينگهون ٻڌل هيون جن ۾ ماڻهو لڏندا به هئا وهنجهندا به هئا. هن آستاني جو سنڀاليندڙ به هڪ هندو خيراج فقير نالي هيو. خيراج فقير لاڙڪاڻي جي باعزت هندو گهراڻي سان تعلق رکندو هو. ۽ موهن فقير جو معتقد صوفي طريقو رکندو هو.“ (34)

گيان باغ:

ان پراڻي دور جي مردن جي سنان گهاٽ کان يعني موجوده بينڪ اسڪوائر کان ٿوري مفاصلي تي گهاڙ مٿان هڪ ننڍڙي پل ٺهيل هوندي هئي. اها پل پار ڪري ماڻهو سنڌ جي حسين ۽ خوبصورت باغ ’گيان باغ‘ ۾ داخل ٿي ويندو هو. هيءُ باغ لاڙڪاڻي جي گيانچند نالي هڪ امير واپاري پوکايو هو. گيانچند جو پيءُ ديوان چانڊومل به لاڙڪاڻي جو مشهور ۽ معزز وڪيل هوندو هو. گيان چند پنهنجي زندگيءَ جي شروعات تار گهر ۾ نوڪري مان ڪئي. بعد ۾ ريل کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. آخر اتان استعفيٰ ڏئي ڌنڌي ڌاڙي ۾ مصروف ٿي ويو. ابتدا ۾ هن جرمنيءَ مان ٽارچون گهرائي ان جو واپار شروع ڪيائين. پهرين مهاڀاري لڙائي هئڻ ڪري هن کي ٽارچن واري خريد و فروخت ۾ زبردست فائدو پيو. هن پنهنجي شهر واسين جي راحت ۽ سير و تفريح لاءِ گيان باغ ٺهرايو. هن ان زماني ۾ ڏيهه ۽ پرڏيهه مان ڪيترائي گل، ٻوٽا ۽ وڻ گهرائي وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ان باغ ۾ پوکايا هئا.

اسان به ننڍپڻ ۾ گيان باغ جي بهاري ڏٺي هئي. مختلف ٻارن ۾ ورهايل باغ ۾ ڪيترائي رنگ برنگي گل ۽ ٻوٽا جهومر لايون اکين کي تراوت ڏيندا هئا. ٻارين جي وچ ۾ چهل قدميءَ لاءِ پيچرا هئا. پارڪ جي مرڪز ۾ اٺ ڪنڊي گول گنبذ واري ڇٽيءَ وٽ سڀ رستا اچي ملندا هئا. اها ڇٽي ٿوري تبديلي سان اڄ به موجود آهي. باغ جي هڪ پاسي تي زمين دوز جاءِ ڏسي تعجب ٿيندو هو. هڪ وسيع ٻاري ۾ تمام وڏن پرن وارو پکو پيو هلندو هو. جنهن جي سامهون ماڻهو ويهي پگهر سڪائيندا هئا. افسوس جو اهو باغ به آهستي آهستي ڪليمن جي ور چڙهي ويو. هاڻي باقي بچيل باغ کي ذوالفقار باغ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

لاڙڪاڻو هونئن به شروع کان وٺي سرسبز ۽ شاداب رهيو آهي. هن جي خوبصورتيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو جو هن کي "City of Gardens" به ڪوٺيو ويو آهي. جنهن جو ذڪر انسائيڪلوپيڊيا برٽيٽنڪا ۾ ٿيل آهي. هتي ڪيترائي مشهور باغ هئا، جيڪي سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل هئا. انهن باغن ۾ گيان باغ، تجرباغ، ڪرمان باغ، ريالي باغ، ڌرمي جو باغ، ٿانور جو باغ، تولاڻي جو باغ، لاهوري جو باغ وغيره مشهور هئا. تجر باغ کي پوءِ جناح باغ جي نالي سان سڏيو ويو ۽ گيان باغ جيڪو ديوان گيان چند تمام گهڻي خرچ سان ٺهرايو هو. بعد ۾ اهو ذوالفقار باغ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. اهي ٻئي باغ اڃا تائين موجود آهن. انهن کان علاوه ڪرمان باغ ۽ ريالي باغ هن وقت لاڙڪاڻي جا مشهور پاڙا آهن. انهن باغن ۾ مختلف قسمن جي ميون جا وٽ هوندا هئا. جنهن مان برطانيه جي شاهي خاندان ڏانهن تحفي طور موڪليا ويندا هئا. مٿين خوبين جي ڪري لاڙڪاڻي کي ’سنڌ جو شيراز‘ يا ’سنڌ جو عدن‘ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو.“ (35)

اسان پاڻ گيان باغ گهمڻ لاءِ گهاڙ واهه تي ٻڌل ننڍڙي پل پار ڪندا هئاسين. پل جي آسپاس اڪثر پاڻيءَ ۾ بطخون ترندي نظر اينديون هيون. اتي شاهي پپر جي ڇانوري ۾ ڪاڙهي ماريل جانور وڏي قرار سان ويٺا اوڳر ڪندا هئا. گهاڙ واهه جي باقي بچيل وهڪري جي ٻنهي ڪنارن سان ڪيتريون ڪکائون جهوپڙيون هونديون هيون. جهوپڙن جو اهو سلسلو اولهه طرف هلندو وڃي ريلوي پل سان لڳندو هو. ان ڪچي آبادي جي وچ مان گهاڙ جي ٻنهي ڪنارن سان پيچرو وهندو هو. اسان ڪڏهن اتان گذري لاهوري محلي ڏي ويندا هئاسين.

انگريزن جڏهن ڪوئيٽا لاءِ ريلوي لائين وڇائي هئي ته هنن ريل گذارڻ لاءِ هڪ لوهي پل ٺاهي ان هيٺان واهه جو وهڪرو وهايو هو. جيتوڻيڪ هاڻي گهاڙ ختم ٿي ويو آهي، پر اڄ به 70 فوٽ کن ويڪري اها سڪ پل يادگار طور بيٺي آهي هاڻي به ان سڪ پل جي ويڪر ڏسي ڪنهن زماني ۾ اتان وهندڙ گهاڙ واهه جي پيٽ جي موڪر جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

ان پل جي ڀرسان گهاڙ جي موج ۽ مستي واري زماني ۾ لاڙڪاڻي جي زندهه دل ڀائي بندن هڪ گهاٽ پڻ ٺهرايو هو. جنهن کي ’پهلاج گهاٽ‘ سڏيندا هئا. پهلاج گهاٽ تي سنان کانسواءِ پرڀات ويلي ڪيترائي ’درياهه پنٿي‘ مرد توڙي عورتون اچي، اکو پاڻي ۽ پوڄا ڪنديون هيون.

لاڙڪاڻي ۾ راندين جو پهريون اسٽيڊيم به گهاڙ جي باقي بچيل وهڪري جي ساڄي طرف يعني واهه جي وهڪري جي سڄي هٿ تي ٺاهيو ويو آهي. اسان به ان ڍوري ۾ اڪثر پاڻي ڏٺو هو. آرڪيٽيڪ تمام هوشياري سان واهه جو وهڪرو اسٽيڊيم جي چوديواري اندر داخل ڪري اسٽيڊيم جا ٻئي مک دروازا ان ڍوري مٿان پليون ٺاهي ان تي بيهاريا آهن.

گهاڙ جو اهو وهڪرو اسٽيڊيم ۾ اوڀر کان داخل ٿي اولهه پاسي کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. انجنيئر وڏي مهارت سان اسٽيڊيم مان گذرندڙ واهه کي سيمنٽ سان پڪو ڪري ان مٿان خوبصورتي لاءِ ٻه محرابدار سهڻيون ۽ پتڪڙيون پليون پڻ ٺاهيون آهن. ساڳي وقت وهڪري جي ٻنهي پاسن کي گلن ۽ ٻوٽن سان سينگاريو آهي.

جيئن ته هاڻي شهر مان گذرندڙ ساري گهاڙ جا نشان وغيره لٽجي چڪا آهن. ماڻهن گهاڙ جي پيٽ ۾ ڀَراءُ ڪري اتي روڊ رستا ۽ جايون جوڙي ڇڏيون آهن. شهر اندر صرف ان تاريخي واهه جو اسٽيڊيم وارو خشڪ ٽڪرو  محفوظ آهي.

بهرحال گهاڙ واهه جو اهو وهڪرو اسٽيڊيم مان اولهه پاسي کان ٻاهر نڪرڻ بعد ايس.ڊي.ايم. آفيس جو پاسو ڏيندو وڃي رائيس ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هاڻي ته ان وهڪري مٿان اسٽيڊيم کان وٺي رائيس ڪئنال تائين پيپلز ڪالوني ۽ نيو لاهوري محلو وغيره ٺهي ويا آهن.

بهر ڪيف 1932ع ۾ انگريز سرڪار پاران سکر بئراج ۽ ٻيا واهه کوٽڻ بعد گهاڙ واهه جو زوال شروع ٿيو. ان جي جاءِ دادو ڪئنال سنڀالي. اسان ٽي ڏهاڪا اڳ به گهاڙ جا هلڪا وهڪرا شهر مان گذرندي ۽ رائيس ڪئنال ۾ ڪرندي ڏٺا، جن جو ٿورو گهڻو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.

البت هاڻي ته گهاڙ واهه ڦاٽ کان وٺي لاڙڪاڻي تائين پنهنجو وجود وڃائي چڪو آهي. شهر ۾ ته ان جون نشانيون به نه ٿيون ملن. باقي هينئر رائيس ڪئنال مان لاهوري ريگيوليٽر وٽان نڪرندڙ گهاڙ واهه جي هيٺ تي اها پراڻي حيثيت ڪجهه نه ڪجهه برقرار آهي. امام راشدي جنهن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”لاڙڪاڻي کانپوءِ ’گهاڙ واهه‘ کي، ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي مقبري کان ٿورو هيٺ 34 نمبر ريگيوليٽر تائين ’گهاڙ واهه‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان کان هيٺ ’گٺ‘ ريگيوليٽر لڳ
’شريفاڻي‘ ڳوٺ تائين ’نورنگ واهه‘ سڏجي ٿو ۽ ان کان هيٺ ويندي ڇوڙ تائين ’چيلو‘ سڏجي ٿو. اهڙي طرح ’گهاڙ واهه‘ گاجي کهاوڙ جي حدن اندر ختم ٿي وڃي ٿو. هت اها ڳالهه به ڌيان جوڳي آهي ته 34 نمبر ريگيوليٽر کان گهاڙ واهه ٻن اهم حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. ٻئي حصي کي نور واهه چيو وڃي ٿو. جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو واهه ميان نور محمد ڪلهوڙي کوٽايو هو. جيڪو جاگير علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.“ (36)

ان گهاڙ واهه جي ڪناري پيدا ٿي نه صرف ڪيترن لاڙڪاڻي واسين سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو، پر ان واهه جي وهڪري لڳ ڪيترائي نوان ڳوٺ پڻ پروان چڙهيا.

انهن ڳوٺن ۾ شاهاڻي ڳوٺ، بهمڻ ڳوٺ، ڀونڀٽ ڀور ڳوٺ، ڦلپوٽا ڳوٺ، نئون ديرو شهر، پير جو ڳوٺ، گنوهر ڀٽي ڳوٺ، ٽڳڙ ڳوٺ، ميتلا ڳوٺ، آگاڻي، ڪيهر، شاهه پور، پنجو ديرو، لاڙڪاڻو، وليد، شاهه آباد، ميان شاهل محمد ڪلهوڙو، شريفاڻي، پکو ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ شامل آهن. (37)

سکر  بئراج:

1922ع ڌاري رائل انجنيئرس بمبئي پاران
’سروالٽر اسڪاٽ‘ سکر بئراج جي تعمير جي تجويز ڏني، جا 1923ع ۾ منظور ٿي ۽ 1926ع ۾ بئراج جو ڪم شروع ٿيو. ’سر آرنولڊمسٽو‘ جي سربراهيءَ ۾ بيراج 9 سالن ۾ جڙي راس ٿي. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته 1907ع ۾ هڪ تحقيقات ڪاميٽي هن ڪم کي ناممڪن قرار ڏنو هو. بهرحال 60 هزار مزدورن ڪاريگرن هٿان جڙيل هن بئراج جي پل جي ڊيگهه 4965 فوٽ آهي ان تي 60 فوٽ ويڪرا ڪل 66 دروازا ڏنل آهن. انهن مان پهريون ۽ آخري دروازو آمدرفت لاءِ ٺهيل آهي. باقي 64 دروازا پاڻيءَ ۾ اندر ٺهيل آهن. انهن مان 10 دروازا لٽ هيٺ آيل آهن. هيءَ بئراج سنڌ ۾ تقريباً 78 لک ايڪڙ سيراب ڪري ٿي. هن بئراج مان نڪرندڙ واهن جي ڊيگهه اٽڪل 10750 ميل آهي.

پهريان ٽي واهه سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري کان، پويان چار واهه کاٻي ڪناري کان نڪرن ٿا. انهن ستن واهن مان وري ڪيترا واهڙ ۽ شاخون نڪرن ٿيون. هت اسان کي رڳو لاڙڪاڻي جي گهاڙ واهه جو ذڪر ڪرڻو آهي.

موجوده دور ۾ گهاڙ واهه:

1932ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ کانپوءِ، نوان واهه وهڻ لڳا. هن پراڻي گهاڙ واهه جي موج مستي مري وئي. لاڙڪاڻي شهر مان ته گهاڙ واهه جو وجود ئي ختم ٿي ويو. ان مٿان قديم ۽ سهڻيون پليون ڊهي ويون. ان اوائلي گهاڙ واهه جي وهڪري جي جاءِ تي هاڻي دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال وهڻ شروع ڪيو. البت رائيس ڪئنال مان هن نئين گهاڙ واهه جو منهن لاڙڪاڻي شهر کان هڪ ريگيوليٽر مان ٺاهيو ويو. جنهنڪري نئين ديري کان وٺي لاڙڪاڻي تائين پراڻو گهاڙ واهه پنهنجو وجود وڃائي ويٺو، پر هاڻي رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ نئين گهاڙ واهه کي تقريباً ساڳي گهاڙ جي پراڻي وهڪري مان وهايو ويو. نئين گهاڙ واهه تي نوان ريگيوليٽر ۽ موريون ٺاهيون ويون آهن. پراڻا زميندارن جا کوٽايل واهه ختم ٿي ويا آهن. جيڪي اٺن کان وئي ڏهن ميلن تائين ڊگها هوندا هئا. هاڻي ان جي جاءِ تي ننڍڙا واهه ۽ ٿوري ايراضي وارا وڃي رهيا آهن.

گهاڙ واهه رائيس ڪئنال مان، لاڙڪاڻي شهر کان 255. R.D لاهوري ڪراس ريگيوليٽر وٽان نڪري ٿو. گهاڙ واهه جي ڊيگهه 23 ميل ڊسپارج 3283 ڪيوسڪس آهي. هن واهه تي 26772 ايڪڙ زمين رکيل آهي. گهاڙ واهه مان 110 واهه نڪرن ٿا. هن ڪراس ريگيوليٽر کانپوءِ گهاڙ واهه پراڻي گهاڙ واهه مان وهي ٿو. گهاڙ واهه مان هيٺيون شاخون ۽ واهه نڪرن ٿا.

(1) گهاڙي مائنر: گهاڙي مائنر، گهاڙ واهه مان 25. R.D وٽان کٻي طرف کان نڪري ٿو. هن مائنر جي ڊيگهه 2.6 ميل آهي. ڊسچارج 8. 24 ڪيوسڪس اٿس. هن مائنر تي 1561 ايڪڙ زمين رکيل آهي. گهاڙي مائنر مان 13 واهه نڪرن ٿا.

(2) گهاڙي شاخ: گهاڙي شاخ، گهاڙ واهه مان 31. R.D کان کٻي طرف نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهه 0. 8 ميل آهي. ۽ ڊسچارج 6. 122 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 6696 ايڪڙ زمين رکيل آهي. گهاڙي شاخ مان 46 واهه نڪرن ٿا.

(3) ڪور ڏاتو برانچ: ڪور ڏاتو برانچ گهاڙ واهه مان 34. R.D کان کٻي طرف نڪري ٿي. هن برانچ جي ڊيگهه 11 ميل ڊسچارج 8. 220 ڪيوسڪس آهي. هن تي 13281 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ڪور ڏاتو برانچ مان 70 واهه نڪرن ٿا.

(4) دو آبو شاخ: دو آبو شاخ گهاڙ واهه مان 41. R.D کان نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهه 8. 3 ميل ڊسچارج 87. 54 ڪيوسڪس آهي هن شاخ تي 2860 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن شاخ مان 72 واهه نڪرن ٿا.

(5) نور واهه: نورواهه گهاڙو واهه مان 51. R.D ان نڪري ٿو. هن واهه جي ڊيگهه 12 ميل ڊسچارج 8. 798 ڪيوسڪس آهي. نورواهه تي 471، 17 ايڪڙ زمين رکيل آهي. نورواهه مان 74 واهه نڪرن ٿا. هي نورواهه سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي گهاڙ واهه مان ڪڍرايو هو.

- حاصلا مائنر: حاصلا مائنر نورواهه مان 10. R.D کان نڪري ٿو. هن مائنر جي ڊيگهه 7 ميل ڊسچارج 30. 116 ڪيوسڪس آهي. هن مائنر تي 6174 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان وري 43 واهه نڪرن ٿا.

- ڪلر مائنر: ڪلر مائنر، نورواهه مان 24. R.D کان نڪري ٿي. ڪلر مائنر جي ڊيگهه 2. 6 ميل آهي. ڊسچارج 30. 133 ڪيوسڪس اٿس. هن مائنر تي 7323 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 43 واهه نڪرن ٿا.

نور مائنر: نور مائنر نورواهه مان 25. R.D کان نڪري ٿي. هن مائنر جي ڊيگهه 5 ميل ڊسچارج 40. 77 ڪيوسڪس آهي. هن مائنر تي 3991 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 20 واهه نڪرن ٿا.

(1) ڪنڊو مائنر: ڪنڊو مائنر نور مائنر مان 0. 12 R.D مان نڪري ٿي هن مائنر جي ڊيگهه 6. 1 ميل ڊسچارج 40. 14 ڪيوسڪس آهي. هن تي 917 ايڪڙ زمين رکيل آهي. ڪنڊو مائنر مان 10 واهه نڪرن ٿا.

- ڦتومل واهه: ڦتوهل واهه، نور واهه مان 31 R.D کان نڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 4. 5 ميل آهي ۽ ڊسچارج 8. 78 ڪيوسڪس آهي. ڦتوهل واهه تي 4519 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 30 واهه نڪرن ٿا.

(6) آبڙي مائنر: آبڙي مائنر گهاڙ واهه مان 70. R.Dکان سڄي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 0. 3 ميل، ڊسچارج 3. 43 ڪيوسڪس آهي. آبڙي مائنر تي 2370 ايڪڙ زمين رکيل هي. هن مان 12 واهه نڪرن ٿا.

(7) راڄ واهه: راڄ واهه گهاڙ واهه مان 73. R.D کان نڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 2. 3 ميل، ڊسچارج 3. 51 ڪيوسڪس آهي. راڄ واهه تي 2985 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 23 واهه نڪرن ٿا.

(8) ڪورمتل مائنر: ڪورمتل مائنر گهاڙ واهه مان 90. R.D کان سڄي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 3. 6 ميل، ڊسچارج 0. 92 ڪيوسڪس آهي. ڪورمتل مائنر تي 5172 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 33 واهه نڪرن ٿا.

(9) نصير برانچ: گهاڙ واهه مان 93. R.D کان سڄي طرف نڪري ٿي هن جي ڊيگهه 12 ميل، ڊسچارج 467 ڪيوسڪس آهي. نصير واهه تي 12916 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 63 واهه نڪرن ٿا. هن واهه کي گٺ واهه به چوندا آهن. جيڪو بئراج کان اڳ پراڻي گهاڙ واهه مان وهندو هو.

(a) وڳڻ مائنر: وڳڻ مائنر نصير برانچ مان 13. R.D کان کٻي طرف نڪري ٿي. وڳڻ مائنر جي ڊيگهو 6. 3 ميل ۽ ڊسچارج 2. 98 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 5421 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن شاخ مان 24 واهه نڪرن ٿا.

(b) آچا مائنر: آچا مائنر، نصير واهه مان 29. R.D مان نڪري ٿي هن جي ڊيگهه 6. 3 ميل، ڊسچارج 5. 45 ڪيوسڪس آهي. آچا مائنر تي 2424 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 12 واهه نڪرن ٿا.

-c ڪور رتو مائنر: ڪور رتو مائنر نصير واهه مان 34. R.D کان کٻي طرف نڪري ٿي. هن مائنر جي ديگهه 7. 2 ميل، ڊسچارج 7. 49 ڪيوسڪس آهي. ڪور رتو مائنر تي 1506 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 10 واهه نڪرن ٿا.

سردار مائنر: سردار مائنر ڪور رتو مائنر مان 5. R.D کان نڪري ٿي. هن مائنر جي ڊيگهه 74. 2 ميل، ڊسچارج 92. 29 ڪيوسڪس آهي. سردار مائنر تي 1889 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 16 واهه نڪرن ٿا.

(10) ڪمبائينڊ چيلو شاخ: ڪمباٽيڊ چيلو شاخ گهاڙ واهه جي پڇڙي 118. R.D کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 2. 1 ميل، ڊسچارج 360 ڪيوسڪس آهي. هن تي 393 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 6 واهه نڪرن ٿا.

(11) چيلو شاخ: چيلو شاخ گهاڙ واهه مان پڇڙي کان 118. R.D وٽان نڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 7 ميل ڊسچارج 170 ڪيوسڪس آهي. هن تي 6048 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 31 واهه نڪرن ٿا.

(a) ڪورهاشم: ڪور هاشم ڪمباٽينڊ چيلي واهه مان 6. R.D کان سڄي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 8 ميل. ڊسچارج 172 ڪيوسڪس آهي. هن تي 3808 ايڪڙ زمين رکيل آهي هن مان 41 واهه نڪرن ٿا.

(b) لنڊي مائنر: لنڊي مائنر ڪور هاشم شاخ مان 31. R.D کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهه 5. 5 ميل ڊسچارج 4. 52 ڪيوسڪس آهي. هن تي 4782 ايڪڙ زمين رکيل آهي. لنڊي مائنر مان 32 واهه نڪرن ٿا.

(12) ميرواهه: ميرواهه ڪمبائينڊ چيلي واهه مان 6. R.D کان سڄي طرف نڪري ٿو. ميرواهه جي ڊيگهه 12 ميل، ڊسچارج 16. 81 ڪيوسڪس آهي. ميرواهه تي 8919 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 80 واهه نڪرن ٿا.

(13) سنهڙو چيلو واهه: سنهڙو چيلو واهه، چيلي واهه مان 35. R.D کان نڪري ٿو. هن واهه جي ڊيگهه 26. 7 ميل ۽ ڊسچارج 72 ڪيوسڪس آهي. سنهڙي چيلي واهه تي 4187 ايڪڙ زمين رکيل آهي. هن مان 26 واهه نڪرن ٿا. (38)

حوالا

(1) دين محمد ڪلهوڙو، ”قنبر- شهداد ڪوٽ ضلعو“، قنبر- شهداد ڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2001ع، ص 57.

(2) محمدي شاهه- ”ابڙو وڏوڙو“ شاهه لطيف اڪيڊمي شڪارپور 2005ع، ص 209.

(3) ميرڪ يوسف نمڪين. ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ مترجم. نياز همايوني ڇپائيندڙ. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1979ع، ص 102.

(4) مهدي شاهه- ابڙو وڏوڙو شاهه لطيف اڪيڊمي شڪارپور 2005ع، ص 557

(5) مولائي شيدائي. تاريخ تمدن سنڌ تاريخ سکر.

(6) ميرڪ يوسف نمڪين. ”تاريخ مظهر شاههجهاني“ مترجم. نياز همايوني ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1979ع، ص 122.

(7) مهدي شاهه ’ابڙو وڏوڙو“ شاهه لطيف اڪيڊمي شڪارپور 2005ع، ص 558.

(8) ساڳيو، ص 224.

(9) ايم.ايڇ. پنهور/ الهرکيو ٻٽ (سنڌيڪار) ڪلهوڙن جي عروج وزوال تي ماحوليات جو اثر (مضمون) ٽماهي مهراڻ 4-3/ 1984ع، ص 22.

(10) مهدي شاهه ”ابڙو وڏوڙو“ شاهه لطيف اڪيڊمي شڪارپور 2005ع، ص 267.

(11) غلام رسول مهر. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور جلد پهريون سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1963ع، ص 143.

(12) جنرل هيگ. ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“ سنڌي بااختيار ادارو حيدرآباد 1995ع، ص 168.

(13) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، ميونسپل ايمپلائيزيونين. لاڙڪاڻو 1984ع ، ص 8.

(14) ”نامي“ بيگ محمد ”تاريخ نوابين بکر“ (قلمي فارسي) ص 138- 137 بحوالا ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي. ٽه ماهي مهراڻ 2/ 1995 سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

(15) ساڳيو.

(16) ساڳيو.

(17) ساڳيو.

(18) دين محمد ڪلهوڙو ”قنبر- شهداد ڪوٽ ضلعو“ قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2001ع، ص211.

(19) ايم. ايڇ. پنهور. ”سنڌو درياهه جا گذريل پنجن هزارن سالن ۾ غير معمولي ڪارنامه“ ٽه مهاهي مهراڻ
4/ 1996ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص35.

(20) ڊاڪٽر ايس.پي. ڇٻلاڻي ”سنڌي اقتصادي تاريخ“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1995ع، ص 68.

(21) امام راشدي. ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي 2002ع، ص 97.

(22) ڊاڪٽر ايس.پي.ڇٻلاڻي سنڌ جي اقتصادي تاريخ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1995ع، ص 38.

(23) امام راشدي ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي 2002ع، ص 99.

(24) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. ”لاڙڪاڻو صدين کان“ لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي 1995ع، ص 35.

(25) ساڳيو.

(26) ساڳيو، ص 37

(27) پيرعلي محمد شاهه راشدي. ”لاڙڪاڻو صدين کان“ لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي 1995ع، ص 100.

(28) Lieutenant Hugh James, Purguna of Chandookh Karim sons Karachi 1979, p 715.

(29) ايس انصاري لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو. ميونسپل ايمائيز يونين لاڙڪاڻو- 1984ع، ص 129.

(30) امام راشدي ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي 2002ع، ص 100.

(31) حسام الدين راشدي- حوالو امام راشدي ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي 2002ع، ص 102.

(32) گدا علي منگي لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو- ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو- 1984ع، ص146.

(33) گدا علي منگي لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو. ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو- 1984ع، ص 147.

(34) ساڳيو، ص 148.

(35) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”لاڙڪاڻو صدين کان“
لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي 1995ع، ص 80.

(36) امام راشدي ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي 2002ع، ص 98.

(37) ساڳيو، ص 101.

(38) شاهه محمد ڪانڌڙو (قلمي صفحو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org