اويس ڀٽو
سماجي ڌُٻڻ
”توهان جي ڏنل آرڊر تي عمل ڪندي استاد بشوءَ کي
دود پتي چانهه ٺاهڻ لاءِ دٻايو، ان دٻائڻ ڪري مون
کي دير ٿي وئي، هن جون مس ڪالن مٿان مس ڪاليون
لڳل
هيون…“
”پر توکي هن سان هن وقت ڳالهائڻ ڀلا ڪهڙو ضروري
آهي بخشو! ڳالهائڻ لاءِ سڄي
رات ڀلا کُٽي
آهي ڇا؟“
منهنجي دوست سعيد کيس چيو.
بخشڻ چانهه جي چينڪ سان گڏ ٻه ڪوپ بينچ تي رکندي
چيو.
”نه ابا! هيءَ مون واري
مائي
ڪٿي سڪينا سان ڳالهائڻ ڏيندي، ايئن هجي ها ته پوءِ
ٽيڪيل نه هجان ها….“ بخشڻ
چيو.
”نڀاڳا ڀلا هيءَ چانهه ته ساڳي آهي، سٺي
ڇو
ڪونه ٺهيل آهي.“
مون موضوع کي مٽائي چانهه جو ڍڪ ڀريندي چيو.
”چڱو يار جيڪي ٿئي، اها ٿئي، مان هلان ٿو، هن
سڪينا جي هاڻي به مس ڪال آئي آهي.“
بخشڻ
کاٻي ڪلهي تي پيل انگوشي کي ڇنڊي موبائيل ۾ نظرون
کپائي هليو ويو.
بخشڻ ڳوٺ جي مشهور هوٽل استاد بشُوءَ وٽ بيٺل آهي.
هن کي ڏهاڙي هڪ سؤ ويهه روپيا ملندا آهن. پنجن
ٻارن جو پيءُ بخشو هن هوٽل تي محنت ڪري پيٽ جو
گذران ڪندو آهي. اسان هر روز چانهه پيئڻ
وٽس
ويندا آهيون. مان ته سندس ايترو ويجهو هوندو آهيان،
جو هُو
مون کان ڪابه ڳالهه نه رکندو آهي،
ڏک سک ۾ به
آءٌ
هر وقت سندس مدد ڪندو آهيان، پر مون کي ان ڳالهه
تي ڏاڍي حيرت ۽ تعجب آيو ته هن کي الائي ڪهڙي
سڪينا پنهنجي سڪ ۾ سوگهو ڪيو آهي،
جنهن سان هُو
موبائيل تي ڳالهائي ٿو. مون کي سندس سڄي
خبر آهي، هن الائي ڪيئن روپيو روپيو گڏ ڪري
سيڪنڊ هينڊ
موبائيل ويجهڙ ۾ ورتي هئي،
پر هيءُ غريب به موبائيل جو اوترو ئي استعمال ڪري
پيو، جيترو اڄ جو هر خوش ماڻهو ڪري پيو.
ٻي ڏينهن تي
مان هن سان
مليس ۽ کانئس ان ڳالهه جي باري ۾ پڇيو. بخشڻ ٻڌايو
ته:
”يار
مان سڪينا جي
عشق
۾ ڏاڍو پاڳل ٿي ويو آهيان،
اصل ڳالهه نه پڇ.“
”پر تو اهو نمبر ڪٿان هٿ ڪيو.“
مون
کانئس پڇيو. هن چيو ته:
”يار
اهو آدم ايزي لوڊ وارو ناهي، ان چيو ته بخشو!
موبائيل تو قسمتي ورتي آهي سو هاڻي ان کي قيمتي به
بڻاءِ.“
مون هن جي ڳالهه کي نه سمجهندي هن کان پڇيو ته اهو
ڀلا ڪيئن؟ هن چيو ته پنج سؤ روپيا ڏي ته هڪ
پوپريءَ جو نمبر ڏيانءِ پوءِ بس رڳو ان سان
ڳالهائي پيو روح رهاڻ ڪر….“
مون سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ته:
”بخشو
تون به وڏو ڪو نادان آهين، توکي خبر آهي ته آدم
جهڙو ڳوٺ ۾ ڪو ٻيو
بدمعاش،
ٺڳ ۽ ڦورو نه آهي. ايزي لوڊ جي بهاني ڪڌا ڪم ڪندو
آهي
۽ تون به هن جي چنبي ۾ اچي وئين.“
”يار مڙئي سڪينا سان ڳالهيون ڪندي دل وندرائيندو
آهيان، باقي آدم جي
مون کي خبر آهي...“
بخشڻ چيو.
”ڇا توکي ان جي خبر آهي….“ مون پڇيو.
”ها ته هُو
وڏي بدمعاش ۽ ….“ مون سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو:
”توکي هن شخص جي ڪا خبر نه آهي بخشو.
هيءُ
وڏو ٺڳيندڙ ماڻهو آهي تو جهڙن کي ته هُو
گهمائي لاهيندو آهي.
اهڙا گراهڪ ته هن حراميءَ
جو هڪڙو گرهه آهن.“
”پر
يار تون منهنجي ڳالهه ته ٻڌ نه.“
هن چيو. ”نه مون کي پهريان اهو ٻڌاءِ ته جنهن سان
تون ڳالهائين پيو،
اهو مرد آهي يا عورت؟….“ ”اڙي يار مرد وري ڇا جو….
سڪينه آهي.
سڪينه معنيٰ عورت!“ هن چيو.
اڙي
چريا!
اهو سڀ ڪجھه ڪوڙ ۽ غلط اٿئي،
اهو آدم ماڻهن کي جيڪي به نمبر ڏيندو آهي،
اصل ۾ اهي ڇوڪرين جي آواز ۾ ڇوڪرا هوندا آهن،
جيڪي عورتاڻو آواز ڪڍي ڳالهائيندا آهن ۽ ماڻهن کان
پيا بيلنس ڦريندا
آهن، ان مان اڪثر ته آدم جا يار آهن، جن کي آدم
ائين ٽڙڪائي
ڇڏي ٿو. باقي ڪجھه اهڙا ڇڏيل اٿس جن سان ملي ڀڳت
اٿس. ونڊ ورهاست ڪري ماڻهن کي بيوقوف بڻائي ٺڳي ۽
بدمعاشي جو وهنوار هلائيندا آهن. انڪري توکي ان
ٺڳيءَ جي ڄار کان بچڻ گهرجي بخشو! ڇو ته تون غريب
آهين ۽ ٻچڙي وال آهين، اهي چار پئسا به پنهنجي
ٻارن مٿان خرچ ڪر ته ڀلو، جنهن سان تون به خوش،
ٻار ٻچا به خوش. وڏي ڳالهه اها ته ڌڻي به خوش!! ڇو
ته فضول خرچيون فرد جي فصل کي کٽائينديون آهن.
تنهنجي اها ڏهاڙيءَ
واري روزي تنهنجي ٻچن جي رزق جو وسيلو آهي ان رزق
۾ رهزنن جي چنبي ۾ اچي رنڊڪ نه وجهه،
نه ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندين.“
مون کيس سمجهائيندي چيو.
”اهو ته صحيح آهي يار، پر هاڻ مان ڇا ڪريان،
هن سان منهنجي ايتري ته دل لڳي وئي آهي،
جو جيڪا گهڙي ملي ٿي، اصل بٽڻ کي دٻائڻ جي دير
آهي،
سڪينا سان سر لڳي يار! مان روزاني
جي
ڏهاڙي هِن
جي قرب مٿان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“. بخشڻ
چيو.
مون کيس چيو ته:
”روزانو
توکي هڪ سؤ ويهه روپيا ملن ٿا، انهن مان سڀ جا سڀ
جيڪڏهن تون ايئن فضول خرچ ڪندين ته تنهنجي ڏهاڙيءَ
تي ٻرندڙ چلهه وسامي ويندي. خدارا پنهنجن انهن
ننڍڙن معصوم ٻاڙن
تي رحم ڪر، جن جي جيئدان جو صرف هڪ تون ئي ذريعو
آهين. جيڪڏهن تون انهن جي سار نه لهندين، ته ڪير
لهندو؟ توکي گهرجي ته ان ڳالهه کان بعض اچ“.
بخشڻ منهنجي
مڙئي
ڳالهين کان نابري واري ويٺو. سڪينا جي سڪ ۽ سار
کان هو مڙڻ جو نالو نه وٺي رهيو هو. هن هر حال ۾
پنهنجي ان الفت کان اڪيلي نه ٿيڻ جو ڄڻ ڪو پڪو پهه
ڪري ڇڏيو هو،
آءٌ
ڪافي ڀيرا بخشڻ سان ملي کيس ان ڳالهه کان پاسو ڪرڻ
۽ بچڻ جون بي انت ڳالهيون ڪيون،
پر هُو
هميشه جيان پنهنجي ان ڪرت کي ڪمال تائين پهچائڻ جا
پُر
عزم خيال، ارادا ۽ وعدا ڪندو هو.
ڪجهه
ڏيڍ کان پوءِ مون وارو دوست سعيد مون سان مليو.
سندس گهر بخشڻ جي گهٽيءَ ۾ ئي آهي.
هن ٻڌايو ته بخشڻ جي گهر واري ۽ ٻار گهر ڏانهن بي
ڌياني سبب ڪڏهن ويلو کائين
ٿا ته ڪڏهن وري هڪ ويلي لاءِ پاڙي وارن ڏانهن
واجهائين ٿا. اڄ به سندس گهر واري
منهنجي
سندس ٻارن جي خرچيءَ لاءِ اڌارا پئسا وٺي پنهنجي
ٻارن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن کي اُگهي
کين سرچايو.
سندس گهر واري جي بقول ته هُو
هاڻ گهر ۾ پنهنجي ڪمائيءَ
مان اڌ به ڪونه پيو ڏئي. ڪمائيءَ جا سڄا پئسا هڪ
نئين مائيءَ ڏانهن موبائيل ۾ ايزي لوڊ ڪرائي ۽
ساڻس راتين جون راتيون ڳالهائيندو وتي ٿو. يار مون
واري زال ٻڌائي پئي ته بخشو جي گهر واري روز ڳوڙها
وهائي ٿي ۽ سندس
مڙس
آڏو ٻڙڪ به ٻاهر نه ٿي ڪڍي سگهي.
هن
پاڻ کان وڌيڪ سندس ٻارن جون فڪر آهي ته هو هاڻي
روزانو رات جو بکئي پيٽ سمهن ٿا.
سعيد جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي منهنجي اکين مان به
بي اختيار لڙڪ لڙي پيا ۽ سعيد کي چيو:
”يار پيار ته اهو جذبو آهي، جنهن جي پاڪيزگيءَ تي
سموري دنيا قربان ڪري سگهجي ٿي،
پر ڇا بخشڻ جو اهو پيار آهي؟ ڇا سندس پيار ۾ اها
پاڪيزگي آهي،
جنهن مٿان هو جهان ته ٺهيو پر پهريان گهر ٻار
قربان ڪري پيو. نه نه! اها سندس ناداني ۽ ڀُل آهي
پر يار ان آدم
کي ڪو الله پڄي،
جو اهو ماڻهن کي مڪاريءَ
۾ ڦاسائي کين گمراهه ڪري ٿو.
ڪجھه وقت گذرڻ کان پوءِ بخشڻ
مليو ۽ چيائين ته ”يار صادق! تو جيڪو چيو هو سو
صحيح چيو هو،
اها سڪينا نه پر سُڌير
هو. اها سڌ استاد بشُوءَ جي ڀائٽي ڏني،
هن ٻڌايو ته جيڪا توسان سڪينا ٿي ڳالهائيندي آهي،
خبر اٿئي اها ڪير آهي؟ اها ڪا عورت نه پر مرد آهي،
جنهن جو نالو سُڌير
آهي. يار! هُو
مون کان ان عورتاڻي آڙ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان
ايزي لوڊ ڦريندو
رهيو تان جو ڪنگالي اچي ڪاهي پئي، کيس روزانو ايزي
لوڊ ڪرائڻ لاءِ استاد بشوءَ کان ايڊوانس ۾ پئسا
وٺي ان جو قرضي ٿيس، هاڻي ته هن هوٽل مان به مون
کي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن آدم کان اوڌر تي
ايزي لوڊ وٺي وٺي، سندس ڏهن هزارن جو قرضي ٿي ويو
آهيان. هاڻي هُو
چوي پيو ته ان ڏهن هزارن عيوض پنهنجي ڌيءَ نوران
ڏئي ڇڏ، نه ته مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو بڇڙو نه
ٿيندئي. مون کيس اهو به چيو ته تون مون کي جيڪو
ڇوڪري جو نمبر ڏنو هو،
اهو ته مرد هو. اهڙي ساري بدمعاشيءَ کي هُو ڪنهن
به قيمت ۾ مڃڻ لاءِ تيار ناهي. چوي پيو ته پٽ هاڻي
وڃي پاڻ ڄاڻ! يار صادق! مان ڇا ڪيان ڪاڏي وڃان! هي
ٺڳ منهنجي اها نياڻي گهري ٿو جيڪا اڃا مس تيرهن
سالن جي آهي.
مان
کيس ڪيئن ڏيان!؟“
بخشڻ زارو قطار روئي رهيو هو…
جڏهن مون توکي پهريائين ئي منع ڪئي هئي ته تڏهن
تون ڇو نه مڙيو هئين،
توکي ته پنهنجي ان پيار تي وڏو اعتماد هو بخشو!
توکي خبر نه آهي ته حد کان وڌيڪ
انڌو اعتبار،
برباديءَ
جو سبب بڻجندو
آهي.“
مون کيس چيو.
ٽن ڏينهن کان پوءِ سعيد مليو،
ٻڌايائين ته ”آدم، بخشو جي ڌيءُ
کي سندس اوڌر عيوض بخشوءَ
جي گهران ڏاڍ جي بنياد
تي
کڻائي ويو…“
|