اياز عمراڻي
ڀرم!
اُهو برکا رُت جو صبح هو، آڳر ۾ اڃان بوند وسي
پئي، رات تيز مينهن پيو هو، گهٽيون ۽ روڊ پاڻي سان
ڀريل هئا، گپ چِڪ ۾ ڪنڊون پاسا وٺي هلڻ اوکو هو.
شازي ۽ سندس بيمار ماءُ پاڻي جهاڳي گپ چِڪ مان پار
پئي، الائي ڪيئن سانول جي گهر پُڳيون هيون. شازي،
سانول ۽ سندس گهر ڀاتين سان دعا سلام ڪري سندس
سهڪندڙ ماءُ حميدان کي صوفي تي ويهاري پاڻ ئي وڃي
فرج مان پاڻي ڪڍي آئي، ماءُ کي پاڻي پياريائين ته
سندس ساهه ڪجهه سولو ٿيو
شازي سندس ماءُ جي ڀر ۾ صوفي تي سانول جي سامهون
ويٺي هئي. سندس ڪنڌ هيٺ هو. هوءَ ڊِنل ۽ گهٻرايل
هئي. لُڙڪ اکين مان ڇڻي هن جي پنبڻين ۾ اٽڪي پيا
هئا.
حميدان بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇليو. ”اوهان جا اسان
تي الاهي احسان آهن، هڪڙو ٻيو احسان به ڪريو.“
حميدان اڻپوري ڳالهه ڪري چُپ ٿي ويئي.
سانول آهستگيءَ سان پڇيو- ”ڪهڙو احسان ڪرڻو آهي
مون کي ٻڌايو؟“ سانول سواليه نظرن سان شازيءَ
ڏانهن ڏٺو.
شازيءَ ڏڪندڙ آواز ۾ وراڻيو ”مجھے
دے
دو…“
ڳالهه جو ڳوڙهو جيتوڻيڪ شازي جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو
هو، پر سندس اڻپورو جملو منجنيق جي گولي وانگر وڃي
سانول جي دل تي ڪِريو. سانول جي بُت مان ساهه نڪري
ويو. سانول لاءِ شازيءَ جي اڻپوري ڳالهه کي سمجهڻ
اوکو نه هو. هي شازيءَ جي اڌ اکري کان چڱي ريت
واقف هو، پر اڄ شازيءَ جيڪو گهريو هو، اهو ڏيڻ
سانول جي وس ۾ نه هو.
شازيءَ ۽ سانول جي وچ ۾ اڌ عمر کان به وڌ وِٿي
هئي. سندن پهرين ملاقات هڪ خانگي اسڪول ۾ ٿي هئي،
جتي شازي هيڊمسٽريس هئي، سانول سندن اسڪول جو
ساليانو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ ويو هو. رڪارڊ ۾ الاهي
اوڻايون هيون، سانول کيس ضروري سمجهاڻيون ڏئي
موڪلايو ٿي، ته هن معصوماڻي انداز ۾ چيو: ”مون کي
اهو سيکاريو نه… مون کي اهو ٺاهڻ نٿو اچي… رڳو ٿي
غلطيون ڪريان.“ شازيءَ جي اکين ۾ التجا هئي. سانول
سندس اکين ۾ ڀرجي آيل معصوميت کي نظر انداز ڪري نه
سگهيو.
”ٺيڪ آهي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي پڇو.“ سانول
چيو.
اوهان ويهو نه. مان پينسل سان ڪم ڪريان ٿي، اوهين
ڏسو جتي غلطي ڪريان اوهين
سمجهايو.“ شازيءَ معصوميت مان سانول جي منهن ۾
ڏسندي چيو.
”چڱو ٺيڪ آهي.“ سانول ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، چئن
سالن جو رڪارڊ هو، هڪڙي سال جو رڪارڊ هنن گڏجي
درست ڪيو. هنن وچ ۾ سواءِ اسڪول رڪارڊ جي ٻي ڪابه
ڳالهه ٻولهه نه ٿي.
موڪلائڻ وقت شازيءَ، سانول کي سندس فون نمبر ڏنو ۽
سانول جو نمبر ورتائين.
ٻئي ڏينهن صبح جو سانول جي فون تي شازيءَ جي نمبر
تان صبح جو سلام آيل هو. سانول به روايتي طرح کيس
گڊمارننگ ميسيج ڪيو.
هنن ٻن چئن ڏينهنِ ۾ اسڪول جو رڪارڊ تيار ڪري
ورتو. ڪو ٽيڪنيڪل مونجهارو ٿيو ٿئي، ته شازيءَ فون
تي سانول کان مدد ورتي ٿئي.
هڪ ڏينهن سانول وڃي رڪارڊ چيڪ ڪيو ته اهو سليقي
سان ٿيل صاف سٿرو ۽ درست هو. واپس وڃڻ ويل شازي
خوشيءَ سان ڀرپور فاتحاڻي انداز ۾ سانول ڏانهن ڏسي
مُرڪي سانول جو ٿورو مڃيندي چيو-
”اوهان نه هجو ها ته مان هي هرگز نه ڪري سگهان
ها.“
”ان ۾ اوهان لاءِ ڪابه مشڪل ڳالهه ڪونه هئي، اوهين
ته ڏاڍيون ذهين آهيو.“ سانول مُرڪندي ڏانهس ڏٺو ته
ڪونڊين ۾ پيل رنگ رتا گل به مُرڪي پيا.
هيءَ اسڪول جي گيٽ تائين سانول سان گڏ آئي. هن
اڳتي وڌي دروازو کوليو ۽ سانول جي نيڻن ۾ نهاري
چيو: ”مهرباني ڪري ايندا رهجو.“
هن سادڙي سٻاجهڙي پر انتهائي ذهين ڇوڪريءَ جي مشڪي
رنگ ڏي مائل ڪڻڪائين رنگ تي وائل جو وڳو دلڪش
ڪنٽرا سٽ ڪري بيٺو هو. سندس چپن هيٺان وڌيل کاڏي
سندس سونهن کي منفرد بڻايو ٿئي. سندس معصوم چهري
تي چيروين اکين جي ترڪش ۾ تکا تير هئا، جيڪي روح
جي بدن مان آر پار اُڪري ٿي ويا.
شازيءَ ۽ سانول وچ ۾ فون تي صبح جو سلام وارو تعلق
حال احوال اورڻ تائين وڌيو. هي هڪ ٻئي سان ڳالهيون
ڳرهڻ لڳا.
هڪ ڏينهن اسڪول جي اونر سان گپ شپ ۾ شازيءَ جو ذڪر
نڪتو ته هن سانول کي ٻڌايو. شازي هڪ غريب ۽ خودار
ڇوڪري آهي. سندس ماءُ بيمار بلڊپريشر جي مريض،
سندس رڪشو هلائيندڙ ڪمزور پيءُ کان هاڻ رڪشو به
نٿو هلي. ڀيڻ ڀائرن جي ڪفالت لاءِ هٿ پير هڻڻا ٿا
پون. بس پگهار مان گهر وارن جي مدد ڪري ٿي.
سانول اسڪول اونر کي پگهار وڌائڻ لاءِ زور ڀريو،
پر هن پنهنجي بيوسي ڏيکاري. نيٺ ٻنهي وچ ۾ طئي ٿيو
ته شازيءَ جي پگهار ٻيڻي ڪئي ويندي. مٿيان پئسا
سانول ڏيندو ۽ انهيءَ جي شازيءَ کي پروڙ نه پوندي.
شازيءَ جي پگهار ٻيڻي ٿي وئي، پگهار ۾ سانول جي هٿ
هجڻ جي خبر، سال کن هُن کي نه هئي.
هڪ ڏينهن شازيءَ فون تي ڏوراپو ڏيندي سانول کي
چيو: ”اوهان اسڪول اونر معرفت منهنجي مدد پيا
ڪريو، اها سڌي طرح ڪريو ها ته وڌيڪ خوشي ٿئي ها.“
سانول هي راز فاش ٿيڻ تي هڪو ٻڪو ٿي ويو. وٽس چوڻ
لاءِ ڪجهه به ڪونه هو.
وقت سان گڏ شازي ۽ سانول جو تعلق دوستيءَ جي ڳنڍ ۾
ڳنڍجي ويو. خيالن جي ڏي وٺ هم آهنگي پيدا ڪندي
وئي. ٻئي هڪٻئي کي ڏينهون ڏينهن وڌ اهميت ڏيندي
وڌيڪ ويجهو ٿيندا ويا.
هڪ ٻئي جي گهر اچڻ وڃڻ، گڏ گهمڻ ڦرڻ، مينهن ۾ لانگ
ڊرائيو تي نڪري وڃڻ سندن معمول بڻجي ويو. ٻئي
هڪٻئي جي ضرورت بڻجي ويا.
شازيءَ جي مزاج جي انتها پسندي سانول کي ڪڏهن
بيزار نه ڪيو، جو هيءَ ٻين ڳالهين ۾ سون سريکي
هئي. اڪثر نه ٿيڻ جهڙا ڪم ڪري هيءَ خوش ٿيندي هئي.
هڪ ڏينهن هيءَ اوچتو سانول جي آفيس ۾ اچي نڪتي.
پرس مان ٻن ڇوڪرين جا پرائمري پاس سرٽيفڪيٽ ڪڍي
سانول کي ڏيندي چيائين: ”هنن جا ڊوميسائيل ۽
پي.آر.سي اڄ کپن ٿا.“ حيرت مان ڏانهس ڏسندي سانول
چيو: ”اڄوڪي ڏينهن ۾ ڪيئن ٿي سگهندو، ڪاغذ به پورا
ناهن.“ چيائين:
”اهو تنهنجو مسئلو آهي، مون شرط رکيو آهي. منهنجو
ڀرم رکڻو اٿئي، زور آڏو زاري سانول کڻي ماٺ ڪئي.
سانول قانوني ماڻهو، ڀڄ ڀڄان ۾ سڀئي ڪاغذ پورا
ڪري، لاڳاپيل آفيسرن کان هٿوهٿ صحيحون ڪرائي
ڊوميسائيل ۽ پي.آر.سيون ٺهرائي آڻي سندس هٿ ۾ ڏنا
ته شازي مکڙيءَ وانگر ٽڙي پئي.
”منهنجي سهيلين ۾ منهنجي لئي ٿي وئي.“ سانول کي
ڳراٽڙي پائيندي شازيءَ چيو ته سانول جا سڀ ٿڪ لهي
ويا.
شازي غيرمعمولي ڇوڪري هئي. سندس حرڪتون ۽ ڪم
غيرمعمولي هئا.
هڪ ڀيري ضد ڪيائين، مون کي هن سال ئي
CT ڪرڻي آهي. اها به
A گريڊ ۾.
سي.ٽي جي امتحان جو ٽائيم ٽيبل توڙي سلپون اچي
چڪيون هيون. هن جي ته داخلا به نه هئي.
سانول چيو: ”يار اهو ناممڪن آهي.“ چيائين: ممڪن به
ته بڻائيندين. بس پوءِ سانول کي اهو به ممڪن
بڻائڻو پيو. انهيءَ سال ئي شازيءَ امتحان ڏنو ۽
A گريڊ ۾ CT
پاس ڪئي.
شازي، سانول کان ڪا گهڙي غافل نه هوندي هئي. روبرو
ميل جول، فون ڪال ميسيج سانول سان پل پل رابطي ۾
هوندي هئي. ٻنهي جي پل پل جي هڪ ٻئي کي خبر هوندي
هئي ته ڪير ڪٿي ۽ ڇا ڇا پيو ڪري. سانول جا دوست،
مٽ مائٽ شازيءَ کي سڃاڻندا هئا ته شازي سندس
سهيلين سرتين توڙي مٽن مائٽن سان سانول کي به
ملائيندي هئي. سندن وچ ۾ دوستي جا قصا عام جام
هوائن جي رٿ تي سفر ڪري رهيا هئا. ڪي سندن وچ ۾
مثالي محبت ڏسي خوش ٿيندا هئا ته ڪي حاسد وري حسد
ڪندا هئا.
شازيءَ جي سڄي فيمليءَ ۾ سانول جو اچڻ وڃڻ هو.
سندس هڪ چاچو دبئي ۾ رهندو هو، اهو وطن ورندو هو
ته هيءَ سانول کي ساڻس ملائيندي به هئي ۽ ٻڌائيندي
هئي ته هو سانول کي پسند نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته سانول
سنڌي آهي. هيءَ سندس اڳيان سانول جي وڪالت ڪندي
هئي. انهي ڳالهه تان سندن گهر ۾ تڪرار ٿيندو هو.
شازيءَ جا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا گهر ڀاتي سانول جو پاسو
کڻندا هئا.
هڪ ڀيري هن سانول کان مطالبو ڪيو ته هو جلد کان
جلد سندس ڀاءُ کي نوڪري ڏياري جو هن سندس چاچي کي
شيهه ڏيڻ ٿي چاهيو.
اتفاق سان سانول جي هڪ واسطيدار ايم.اين.اي جي
ڪوٽا ۾ نوڪريون آيل هيون ۽ هن جي ڀاءُ کي آسانيءَ
سان نوڪري ملي وئي. سندس مطالبو بنا دير پورو ٿي
ويو.
سانول ڪو ايڏو وڏو ماڻهو ڪونه هو، پر اهو شازيءَ
جو ئي بخت هو جو سانول جي هٿ پير هڻڻ سان سندس هر
ڪم ٿِي ٿي ويو.
شازي، سانول ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم ٿي پيا
هئا. ايترا بيباڪ جو بازار ۾ هٿ ۾ هٿ ڏئي هلندا
هئا ته کين ٻي دنيا جي سمڪ ئي نه رهندي هئنِ. مرڪن
۾ به گڏ، لڙڪن ۾ به گڏ، ٻئي هڪٻئي جي مُرڪن ۾
مهڪندا هئا. ٽهڪن ۾ ٽِلندا هئا. ڄڻ ته پيدا ئي
هڪٻئي لاءِ ٿيا هئا. جيئن سانول شازيءَ جي هر حڪم
مڃيندو هو، تيئن شازي به سانول تي سِر قربان ڪندي
هئي.
شازي هڪ بهادر، پراعتماد ۽ باصلاحيت ڇوڪري هئي،
سانول کي ڏسي هن ۾ به تقريرون ۽ ڪمپيئرنگ جو شوق
جاڳيو. موقعا فراهم ٿيا ته سانول کان سٺي ڪمپيئرنگ
۽ سانول کان سُٺيون تقريرون ڪرڻ لڳي. ڪو پروگرام
مئنيج ڪرڻ هن لاءِ مسئلو نه هو.
شازي ۽ سانول جي سنگت کي چار سال ٿي چڪا هئا. هي
ٻئي هڪٻئي جي هر ادا کان واقف هئا. ڏينهن جا ڏينهن
ڪڏهن به هڪٻئي مان ڪَڪَ نه ٿيا.
هڪڙي ڏينهن ڪٿان موٽندي رستي ۾ هن کي ريچڪ آيو.
”مون کي توسان شادي ڪرڻي آهي.“
شازيءَ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي سانول کي چيو: سانول
وٽ انڪار هوئي ڪونه.
”جي ها بلڪل ڪنداسون مون لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي
خوشيءَ جي ڳالهه ٿي نٿي سگهي.“
ڪجهه سوچي، گاڏي جي سامهون ايندڙ تيز رفتار ڪار ۾
گهوريندي چيائين: ”شادي اڄ ڪرڻي آهي، بندوبست ڪر.“
”اهڙي ڪهڙي تڪڙ آهي.“ سانول مرڪندي چيو.
شازي، سانول جي هٿ ۾ فون جلهرائيندي چيو: ”هينئر
جو هينئر فون تي بندوبست ڪر. هتان سڌو هلي نڪاح
ڪنداسون. سانول کيس ٿڌي ڪرڻ لاءِ ڊرائيور کي ٿاڌل
جي دڪان تي بيهڻ لاءِ چيو.
ٿاڌل جا گلاس آيا ته هن ٻئي گلاس کڻي روڊ تي زور
سان اُڇلايا ته روڊ ڪاوا ڪاوا ٿي ويو.
سانول دڪان واري کي پئسا ڏئي ڊرائيور کي هلڻ لاءِ
چيو.
گاڏي اسٽارٽ ٿيندي ئي سانول پنهنجي دوست وفا کي
فون ڪري چيو: ”يار جتي به هجين پنهنجي اوطاق کولي
ويهه ۽ مولوي صاحب کي به ويهار، اسان اچون پيا
شادي ڪرڻي آهي.“ هن مهل جي مڙس ماڻهو به دير ڪونه
ڪئي. سانول وارن جي پهچڻ تائين بندوبست ٿي ويو.
وفا جي اوطاق تي نڪاح ٿيو، جيڪو سندس والد پڙهايو،
حافظ صاحب شهر جو نامور مولوي هو. سانول ۽ شازي
ٻئي مولوي صاحب جي سامهون ويٺا. مولوي صاحب نڪاح
پڙهيو. سانول جي وڪيل دوست اقبال ڪاغذي ڪاروائي
پوري ڪئي، شازي سندس بيان رڪارڊ ڪرايو. اهڙي طرح
شازي ۽ سانول، زال مڙس ٿي ويا.
سانول جو خيال هو شادي کي ڪجهه وقت ڳجهو رکجي،
پوءِ ٻنهي خاندانن جي رضامندگيءَ سان شاديءَ جون
رسمون ادا ڪجن. انهيءَ ڳالهه ۾ شازي سهمت ته ٿي،
پر شازي جو ته مزاج ئي منفرد هو، جنهن به دعوت يا
تقريب ۾ سانول سان گڏ هوندي هئي، اتي پاڻ کي مسز
سانول طور متعارف ڪرائيندي هئي.
رسم کان اڳ شادي جي ڳنڍ کُلي ته مهڪ مشتهر ٿي وئي.
هڪ طرف شازيءَ جي چاچي ٻارڻ ٻاري ڏنو، ته ٻئي طرف
سانول جي خاندان رخصتي روڪڻ لاءِ سازشن جو ڄار
وڇائڻ شروع ڪيو. شازيءَ تي سختيون وڌي ويون. سانول
سان ملڻ جلڻ به گهٽجي ويو. سازشن ۾ سانول جي ماروٽ
جو گهر شامل ٿيو ته ڌڪ هنڌائتو وڃي لڳو جو سختي
وارن ڏينهن ۾ سانول ۽ شازي جو ميل ميلاپ اتي ٿيندو
هو. سانول جي فتني خور ماروٽ جي مٺين مٺين ڳُڙ
چڙهيل ڳالهين تي شازيءَ جو اعتبار وڌندو ويو.
سانول کي لڳو ته شازي کانئس ڳالهيون لڪائڻ لڳي
آهي، پر هن ان خيال کي پنهنجو وهم سمجهيو.
سانول جي هڪ دوست طلال، سانول جا ڪن ڀريا ته
انهيءَ شادي تان هٿ کڻ، اهو تنهنجي خاندان جي مفاد
۾ آهي. سانول انهيءَ ڳالهه کي محض دل لڳي سمجهي
چيو ته شادي ايتري ڪچي ڪونهي. طلال چيو اجازت ڏين
ته اسين منٽ ڪري وٺون. سانول چيو ڀلي گهوڙا ڊوڙائي
ڏسو، ڪجهه نه ٿيندو. سانول ڳالهه کي محض مذاق
سمجهيو پر طلال جو سانول جي ڀاءُ نادر سان انهيءَ
سلسلي ۾ رابطو هو. سازشون ڪهڙيون ۽ ڪيئن ٿيون.
سانول کي سندس ڪڙڪ مزاجي جي خوف ۾ ڪنهن ڪجهه نه
ٻڌايو.
اها 2014ع جي برکا رات اچي وئي، سڄي رات زوردار
مينهن وٺو هو. شازي رات الائي ڪيئن گذاري، سمهي ته
سانول به ڪونه سگهيو هو. هانءَ تي ڪو اڄاتو بار
هو. صبح ويل حميدان سميت سانول جون ٻئي زالون روئي
رهيون هيون ۽ شازي، سانول کان ڪجهه گهري رهي هئي ۽
اهو پهريون دفعو هو جو شازيءَ ڪجهه گهريو پئي ۽
سانول نٿي ڏنو.
۽ سانول جي نه ڏيڻ سان ڪو فرق نه پيو، ڀرم ٽُٽي
پيو، شازي نيٺ پرائي ٿي وئي.
عباس سارنگ
کِلڻ جي ڳولا ۾
بيمار آهيان مان… ! کلي نٿو سگھان، کلڻ جي
جيتري به ڪوشش ڪيان ٿو، پر ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي.
سوچيان ٿو ان لاءِ به ميڊيڪل سائنس ڪو ڪيپسول ٺاهي
ته ڪيترو نه ڀلو ڪم ٿي وڃي… سڀئي چون ٿا تون کلي
نٿو سگهين ته ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکار… اصل ۾ ڪنهن به
ڳالھ تي مون کي کل نٿي اچي…
ماڻهن جون ڪافي کل جهڙيون ڳالهيون ٻڌان
پيو، پر کل منهنجي چهري تي نظر ئي نٿي اچي، مان ڇا
ڪيان… ڪهڙي ڊاڪٽر کي ڏيکاريان…؟ لکي ته وري به
اينٽي بايوٽڪ ڏيندو، ڇو ته اينٽي بايوٽڪ کپائڻ جي
هڪ شاندار واپار ڊاڪٽرن کي زمين تان کڻي آسمان تي
پهچايو آهي…
اهوئي ته هڪ مسيحا هو، جيڪو هاڻي اسان کي
رڳو پيسن سان ئي ڏسي سگھي ٿو، سکڻي ماڻهو جي نبض
تي هٿ رکڻ هن کي ايندو ئي نه آهي، ائين ڏسڻ ڄڻ ته
هن لاءِ پاپ هجي…
پر اينٽي بايوٽڪ منهنجو پيٽ خراب ڪري
وجھندي آهي. تنهنڪري ڊاڪٽر کي ڪونه ڏيکاريندس…
ڀلا ڪنهن مسخري سان ڪچهري ڇونه ڪجي، پاڙي
وارو خدا بخش مسخرو به ڪو گھٽ مسخرو ته ڪونهي نه…
پر اهو مسخري ڪندي پاڻ ته ڪڏهن ڪونه کِليو آهي،
اڃا ته هڪ ڀيري کيس مون پاڻ روئيندي به ڏٺو هو… بس
سمجھي ويو هوس ته هن جي اندر ۾ ڇا آهي… پر خدا بخش
مسخري جون مسخريون منهنجي لاءِ بي اثر بڻجي ويون
آهن.
ڪالھ وڏي ماما به مون کي ٽوڪيو هو ۽ امان
کي چيو هئائين:
”ادي! هن کي ڇا ٿيو آهي، جو صفا کلي ئي نٿو؟“
امان چيو هوس:
”ادا! خبر پوي ئي ڪونه ٿي، ته الائي ڇا ٿيو اٿس؟“
امان به صفا سادي عورت آهي، ڀلا هر وقت
وات پٽي کلڻ به ڪا چڱي ڳالھ ته ناهي. ڀلا کلڻ
ايترو چڱو ڪم آهي ڇا جو سڀني کي کلڻ جي فڪر ورتو
آهي...دنيا جا سمورا ماڻهو روئيندي دنيا ۾ اچن ٿا.
اڄ تائين ڪهڙو مائيءَ جو لعل آهي، جيڪو کلندي هن
دنيا ۾ آيو هجي. خوامخواهه اچي مون مٿان خواري وڌي
اٿن ۽ بدنام ڪري وڌو اٿن ته مان کلان ڇو نٿو....
ٺيڪ آهي مان به کِلندس اُها مهل به ايندي
۽ آئي ته پوءِ مان به خوب کِلندس، بس ڳالھ به
ايتري نه ...
اڄ صبح گھر واريءَ چيو:
”جاني! ڪڏهن کِلندو به ڪر!“
ان ئي وقت مون پنهنجي چهري کي آئيني ۾ ڏٺو
۽ زال کي چيم:
”ڇو کلڻ کان سواءِ منهنجو چهرو ڀلو نٿو
لڳئي ڇا؟“
موٽ ۾ هوءَ ماٺ رهي، مان به آفيس هليو
آيس.
آفيس ۾ ويٺي هڪ فائل کي پڙهيم پئي ته زال
جي ڳالھ ياد اچي ويم، فائل ۾ پنهنجي چهري کي لڪائي
کلڻ جي ڪوشش ڪيم، ته کلي نه سگھيم...فائل جي اندر
ايتري دير چهرو لڪائي رکڻ تي پٽيوالو نثار ڀڄندو
آيو.
”صاحب! خير ته آهي نه!“
منهنجي چهري تي ڪي به تاثرات ڪونه هئا ۽
مون پٽيوالي کي ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، ته هُو به
مجبور ٿي هليو ويو. لڳي ائين رهيو آهي ته هاڻي مان
سڄي حياتي کِلي نه سگهندس جيڪڏهن سڄي حياتي کِلي
نه سگھندم، ته بيمار ٿي پوندم ڇو ته کِلڻ به
صحتمند هجڻ جي هڪ نشاني آهي، پر هتي صحتمند آهي
ڪير؟ پر ماڻهو کِلن ته ٿا نه....پوءِ مان ڇو نٿو
کلان....آخر مان ڇو نٿو کِلان....مان کِلندس...ها
ضرور کِلندس اڄ کان پوءِ منافق ٿيندس، پر کِلندس
ضرور، ها ها ها… |