سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:16 

هنري سلاسر

سنڌيڪار: شگفته شاه

 

 

 

اصل ترڪيب

 

هن جو رڌڻو ڪنهن سائنسدان جي تجربيگاهه جو ڏيک ڏيندو هو يا جمبوجيٽ جي اوزارن جو ڪو سلسلو. هر پاسي ڊائل، سُيون ۽ والوَ نظر پيا ايندا هئا. اهي شيون باهه کي مرضيءَ مطابق وڌائڻ ۽ گهٽائڻ لاءِ هيون. رڌڻي جو هڪ حصو لائبرريءَ وانگر هو. هڪ سنهي ۽ چار فوٽ اوچي الماري هئي، جنهن ۾ ننڍا ننڍا خانا هئا. انهن ۾ خوبصورت ڪارڊن تي دنيا جي سوادي/لذيذ کاڌن جا آزمايل نسخا درج هئا. انهن ڪارڊن کي نهايت سهڻي ترتيب سان رکيو ويو هو ته جيئن جنهن به ڪارڊ جي ضرورت پوي ته اهو اک ڇنڀ ۾ سامهون اچي وڃي.

ورجينا، گوشت علائقي جي سڀني کان سٺي دڪان تان وٺندي هئي. ڪاسائي، ورجينا کي ڏسي ڊڄي ويندو هو. ٻوٽيون صحيح وڍيل نه هونديون هيون يا ٻوٽين جي وزن ۾ ٿورو به فرق ٿيندو هو ته ورجينا سڄو گوشت سندس اُڇلي هڻندي هئي. ڪاسائي سندس اها ’جارحيت‘ ماٺ ڪري سهي ويندو هو ڇو ته ورجينا کيس گوشت جا پئسا پنجويهه سيڪڙو وڌيڪ ڏيندي هئي. ورجينا لاءِ گوشت تيار ڪرڻ مهل ڪاسائي جوهري نظر ايندو هو. ڳولهي ڳولهي بهترين گوشت ڪڍندو هو. بيحد احتياط ۽ باريڪيءَ سان ان جي صفائي ڪندو هو ۽ پوءِ هم وزن ۽ سهڻيون ٻوٽيون تراشيندو هو ڄڻ ڪنهن نيڪلس لاءِ هيرا تراشيا هجن.

ورجينا جي مڙس جو نالو ليري هو. ليري جي ماءُ جو کاڌي پچائڻ ۾ ڪو به ثاني نه هو. اها دعويٰ ليريءَ جي هئي. ليري رات جو آفيس مان ايندو هو ته ورجينا دروازي تي سندس پُرجوش مرحبا ڪندي هئي. ليري کيس ڀاڪر ۾ ڀريندو هو. ورجينا پنهنجن هٿن سان سندس ڪوٽ لاهيندي هئي ۽ پوءِ ليري غسل خاني ۾ گهڙي ويندو هو. کيس صفائيءَ جي عادت نه پر هير هئي. هُو پنهنجي منهن کي مهٽي مهٽي ڌوئيندو هو. غسل خاني مان اهڙا آواز ايندا هئا ڄڻ ليري پندرهن پيرن واري ڪنهن تمام وڏي مڇيءَ سان ملهه وڙهندو هجي. هٿ منهن ڌوئي هُو کاڌي واري ميز ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهي ڏاڍي اُميد سان رڌڻي جي دروازي کي تڪڻ لڳندو هو. ورجينا رڌڻي مان پليٽون کڻي ايندي.

ماني تيار ڪرڻ ۾ کيس چار ڪلاڪ لڳندا هئا. هوءَ هر شيءِ کي ايتري ئي باهه ۾ پچائيندي هئي جيتري گهرج هوندي هئي. نه هڪ درجو گهٽ نه هڪ درجو وڌ. ساڳيءَ ريت هوءَ وقت جو به خيال رکندي هئي. کيس ڄاڻ هئي ته ڪهڙي شيءِ ڪيتري دير ۽ ڪيتري گرميءَ جي درجي ۾ رڌڻ گهرجي. ران جو گوشت هڪ ڪلاڪ چاليهه منٽ ۽ پنجويهه سيڪنڊن تائين هڪ سئو پنجاهه ڊگري گرمي درجي تي پچندو آهي. مجال نه هئي جو چوويهه يا ڇويهه سيڪنڊ ٿي وڃن ساڳي طرح گرميءَ جو درجو هڪ سئو ايڪونجاهه يا هڪ سئو اڻونجاهه ٿئي.

سندس شادي، جي اٺن مهينن کانپوءِ جو ذڪر آهي جڏهن هڪ رات ورجينا معمول مطابق نهايت سليقي سان کاڌو تيار ڪري رکيو. اڄ هن پنهنجي گهر واري جي تواضع اسٽو سان ڪرڻ پئي چاهيو. ٻوٽيون پليٽ مٿان نگينن وانگر چمڪي رهيون هيون. کنڀين جي هيٺان گجر جا سونهري ڇلا ليئو پائي رهيا هئا. پوري ڪمري ۾ سوادي کاڌي جي خوشبوءِ پکڙيل هئي. ورجينا، ليريءَ جي اڳيان خالي پليٽ رکي ۽ سندس چهري تي نظرون کپُائي ڇڏيون. سندس گلابي ڳل باهه جي تپش سان ٻري رهيا هئا. ليري پليٽ ۾ اسٽو ڪڍيو ۽ پهريون گرهه وات ۾ وجهي آهستي آهستي چٻڻ لڳو. ورجينا شوق مان پڇيو:

”ڪيئن رڌو آهي؟“

”تمام سٺو.“

”ڪيترو سٺو؟“

”ايترو سٺو جو اهو کاڌو ڪنهن بادشاهه کي پيش ڪجي ته هُو توکي هيرن ۾ توري ڇڏي.“

”بس؟“

”اوهه..... ڊارلنگ!... ڇا وري ساڳيو بحث ٿيندو؟“

”ها!“ ورجينا ضد مان چيو.

”ٻڌ!....“ ليري چيو: ”آءٌ توسان ڪوڙ به ڳالهائي سگهان ٿو، پر پوءِ تون منهنجي ڳالهه جو اعتبار نه ڪنديئن.“

”گهمائي ڦيرائي ڇو ٿا ڳالهه ڪريو؟“
ورجينا مايوسيءَ مان چيو.

”صاف چئي ڇڏيو ته منهنجو رڌل اسٽو ايڏو سٺو ڪونهي جهڙو توهان جي ماءُ رڌيندي هئي.“

ليريءَ چيو: ”تنهنجي پچايل اسٽو جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ آهي، پر منهنجي ماءُ جي رڌل کاڌن ۾ هڪ خاص خوشبوءِ هوندي هئي جيڪا تنهنجن کاڌن ۾ نه هوندي آهي.“

”منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي....“ ورجينا جو آواز روئڻهارڪو هو.

”آءٌ بهترين گوشت، صاف سٿريون ڀاڄيون ۽ مهانگا مصالحا خريد ڳنهندي آهيان. رڌڻي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم ڪندي آهيان. مون وٽ جديد چُلها ۽ مشينون آهن ۽ کاڌي پچائڻ جون بهترين ترڪيبون آهن پوءِ به منهنجن کاڌن ۾ اها خاص خوشبوءِ ڇو نٿي اچي؟ آخر توهان جي ماءُ کاڌن ۾ ڪهڙي خوشبوءِ ڪهڙو عطر وجهندي هئي؟“

”ڪاش مون کي خبر هجي ها.“ ليريءَ چيو.

”مون کي ته فقط اها خبر آهي ته سندس وفات کانپوءِ مون کي وري اهڙو کاڌو نصيب نه ٿيو. خير....... ڇڏ ان ڳالهه کي مون کي تنهنجا رڌل کاڌا به پسند آهن. جيستائين منهنجي ماءُ جو سوال آهي ته هن جهڙيون عورتون دنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن ئي جنم وٺنديون آهن.“

”ليري ڊيئر! آءٌ هر معاملي ۾ تنهنجي دل کٽڻ ٿي چاهيان. مون کان اهو برداشت نٿو ٿئي ته فقط هڪ معاملي ۾ توهان جي ماءُ کي مون تي فوقيت حاصل هجي. هن جي وفات بعد به.“

اهو سلسلو ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهيو ورجينا کي اها ئي دماغ ۾ ڳالهه هوندي هئي ته هوءَ کاڌو ٺاهڻ ۾ سندس مرهيات سَسُ کي شڪست ضرور ڏيندي.

هوءَ نوان نوان منصوبا ٺاهيندي هئي. نوان نوان تجربا ڪندي هئي، ايستائين جو هوءَ کاڌن ۾ مشرقي جڙي ٻوٽيون به مهارت سان استعمال ڪندي هئي. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته هوءَ انتهائي سوادي کاڌا ٺاهيندي هئي. ليري اهي کاڌا رغبت سان پيٽ ڀري کائيندو هو، پر جڏهن ماءُ ۽ زال جي مهارت جو مقابلو ڪندو هو ته ڳالهه ساڳي خوشبوءِ تي ئي اچي ختم ٿيندي هئي.

هڪ ڏينهن ورجينا مارڪيٽ مان سيڌو سامان وٺي نڪتي پئي، ته اوچتو کيس پنهنجي سرتيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

”اڙي ورجينا! تون ڪٿي آهين؟ ڇا تنهنجي مڙس توکي خوابگاهه ۾ قيد ڪري رکيو آهي؟

ورجينا ٿوري دير لاءِ پنهنجو ڏک وساري مُرڪڻ لڳي ۽ چيائين:

”خوابگاهه ۾ ته نه پر رڌڻي ۾ قيد ڪيو آهي.“

”اڇا!.... آءٌ ليريءَ کي ته، اهڙو ماڻهو نه سمجهندي هُيس. هن تو جهڙي گڏيءَ کي راڌو بڻائي ڇڏيو آهي؟“ هن هڪ گهرو ساهه کنيو.

”هيءُ مرد ڏاڍا ظالم هوندا آهن. ڏسڻ ۾ ته سادا سودا پر اندر ۾ چالاڪ. سندن اصليت ته شاديءَ کانپوءِ کُلندي آهي.“

”نه مارٿا! منهنجو ليري اهڙو ڪونهي.“

”ٿورو پنهنجو پاڻ کي ته ڏس، تون ته ڏاڍي نفاست پسند هوندي هئين. هاڻي توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ اچ ته ڪٿي ويهي ٿوري ڪچهري ڪريون. پوءِ مون کي پنهنجا وار سيٽ ڪرائڻ لاءِ وڃڻو آهي.“

ٻئي گڏجي ڀرسان هڪ ريسٽورنٽ ۾ وڃي ويٺيون.

ورجينا گهر پهتي ته شام ٿي چڪي هئي. سوا ڇهه پئي ٿيا. سندس ٽوپي مٿي تي پنجيتاليهه ڊگريءَ جي زاويي تي جُهڪيل هئي ۽ اکين ۾ هڪ جارحانه چمڪ هئي. اها ليريءَ جي خوشقستمي هئي جو هُو جلدي گهر نه آيو هو، نه ته اڄ ورجينا جيئن ئي گهر ۾ قدم رکي ها ته گهر جنگ جو ميدان بنجي وڃي ها. مارٿا جي ڳالهين کيس شينهِڻ بڻائي ڇڏيو هو. ورجينا منهن ڌوئڻ لاءِ غسل خاني ۾ وئي. ليريءَ جا ڪپڙا اتي ايڏانهن هوڏانهن پيا هئا. ورجينا کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، مارٿا سچ ٿي چيو مرد ان لائق هوندا ئي نه آهن جو کين خوش رکڻ لاءِ پنهنجي جان ڏئي ڇڏجي. خاص ڪري، اهي مرد جن ۾ عورتن جي ڪاوشن کي ساراهڻ جي صلاحيت به نه هجي.

ليري گهر آيو ته ورجينا سَيون اٻرندڙ پاڻيءَ ۾ وجهي رهي هئي. هن جو موڊ خراب هو. ليري محتاط لهجي ۾ ڳالهايو:

”هيلو ڊارلنگ! اڄ مون ڪيترا ئي ڀيرا فون ڪيو، پر ڪنهن نه کنيو. ڇا فون خراب هو؟“

”آءٌ ٻاهر ويل هيس.“

”ٻاهر ڪٿي هئين؟“ ليريءَ نرم لهجي ۾ پڇيو.

ڪيڏانهن به وئي هجان. توکي ڇا؟ ڇا آءٌ توکي هڪ هڪ لمحي جي رپورٽ پيش ڪريان؟“

”نه.... نه..... منهنجو اهو مطلب نه هو.“ ليري کيس عجب مان ڏسندي پٺتي ٿي ويو.

”آءٌ شيري پئي رڌيان“، ورجينا سختي سان چيو ”انهن کي بار بار چکڻو پوندو آهي، نه ته اُهي ڪڙيون ٿي وينديون آهن.“

ليري منهن ڌوئڻ لاءِ هليو ويو. ورجينا الماري کولي ٿانوَ ڪڍڻ لڳي. ٽماٽن جي چٽڻي چلهه تي رکي. اتفاق سان چلهه تيز پئي ٻري انڪري چٽڻي سڙي وئي. ورجينا جلدي چلهه بند ڪئي ۽ سڙيل چٽڻي ڪڍي سَيُن تي رکڻ لڳي. اهو ڪم ڪري هن لت هڻي رڌڻي جو دروازو کوليو ۽ کاڌي جي ميز ڀرسان پهتي. اڄ هوءَ ليريءَ جي سامهون ڪرسيءَ تي نه ويٺي، پر بيٺي رهي. هوءَ فيصلو ڪري چڪي هئي ته سندس کاڌي بابت ليريءَ جي زبان مان هڪ به تنقيدي لفظ نڪتو ته هوءَ به خاموش نه رهندي.

ليري سڙيل چٽڻي هيٺان ڪانٽو وجهي سَيُن جو پهريون گرهه وات ۾ رکيو ۽ ڏاڍي ڌيان سان ٻه ٽي چاٻا ڏنا. ورجينا جون نظرون هن جي چهري تي ڄميل هيون. اوچتو ليريءَ رڙ ڪئي:

”ورجينا!“

”ڇا ڳالهه آهي؟“ ورجينا ڪاوڙ مان چيو.

”تو اڄ کاڌي ۾ ڇا ملايو آهي؟ تون ڪامياب ٿي وئين ڊارلنگ!.... سئو سيڪڙو ڪامياب ٿي وئينءَ.“

”ڪامياب؟“ ورجينا کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.

”ها واقعي! اڄ ته تو ڪمال ڪري ڇڏيو. بالڪل منهنجي ماءُ جي رڌل کاڌن جهڙو کاڌو ٺاهيو آهي. ساڳيو مزو، ساڳِي خوشبو هن کاڌي ۾، اهو سڀ ڪجهه موجود آهي جيڪو منهنجي ماءُ جي ٺاهيل کاڌن ۾ هوندو هو.“

ورجينا سک جو ساهه کنيو ۽ ليريءَ جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي رهي. هوءَ سوچي رهي هئي ته سندس حسن جي تازگي برقرار رکڻ لاءِ ٻنپهرن جو آرام ڪرڻ ضروري آهي. هاڻي هوءَ روز آرام سان سمهندي ڇو ته آخر کاڌو ساڙڻ ۾ دير ئي ڪيتري لڳندي آهي!! کيس سَسُ جي ’خوشبودار‘
کاڌي جي اصل ترڪيب ملي وئي هئي.

 

ڊاڪٽر ريحانه نظير

 

 

 

 

 مـــايـــا

 

گرائونڊ تي ماڻهن جو ميڙ ڏسي غنيءَ سمجهيو ته شايد ڪو سرڪس هلي رهيو آهي، پر ٻي گهڙيءَ تي کيس خيال آيو ته جيڪڏهن هن ننڍڙي شهر ۾ سرڪس لڳي ها ته ان جو اطلاع پهريان ئي پڙهو گهمائي ڪيو وڃي ها،. هميشه ائين ئي ٿيو آهي، پر هتي اهڙو اعلان مون ته ڪونه ٻڌو آهي ۽ نه کي وري مان ٻن ٽن ڏينهن کان ڪو ٻئي شهر ويو آهيان. اهو سڀ سوچي هُو موٽر سائيڪل روڊ جي پاسي تي بيهاري ۽ ميڙ ڏانهن وڌيو.

هن کي پري کان آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا، پر نظر ڪجهه نه پئي آيس، هُو تڪڙو ميڙ ڏانهن وڌڻ لڳو ته آواز چِٽا ٿيندا ويا.

”اڙي نشي ۾ اٿئي.“

”ها ها.“

”نه نه خوشيءَ مان بُلَ پئي هڻي.“

ها ها!! ها ها!!

”اڙي ڊرامو پئي ڪري.“

”آهي ڪير؟“

”فقيرياڻي آ، ماڻهو ڏسي ڊرامو پئي ڪري.“

”نه نه مون کي ته پيتل پئي لڳي.“

”ها ها سچ ٿو چوين، مون ڇوريءَ کي ڏٺو آهي.“

غني ماڻهن جا جملا ٻڌندو ميڙ کي ڇڏي اندر داخل ٿيو، هن ڏٺو ته 13-14 سالن جي ننڍڙي ڇوڪري جنهن جا وار مُنجهيل ۽ ڪپڙا هنڌن هنڌن ڦاٽل هئا، ماڻهن جي هجوم ۾ رڙيون ڪري رهي هئي ۽ هوءَ ڪيڏي مهل زمين تي ڦٿڪي رهي هئي ته ڪيڏي مهل ننڍڙي پنڌ سکندڙ ٻار وانگر اُٿڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، ۽ ماڻهن جي سوالن جا جواب اڌوگابري جملي ۾ ڏيئي رهي هئي، شايد نشي سبب هنن جي زبان وڦلي پئي وئي.

”نه نه شراب نه.“

”مون نه.“

”هنن هو (مقبول) سجو (سجاد) پياريو آ، هنن مون کي… هنن مون سان هي ڪيو آهي.“

غنيءَ پوتڙو (جيڪو هن جي ماءُ گرمي سبب هن جي مٿي تي رکيو هو جڏهن هُو گهران ڀاڄي وٺڻ لاءِ نڪتو هو.) لاهي هن جي اڌ اگهاڙي بدن تي وِڌو ته رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، ”ابا امان هنن ته مون کي ڏاڍو ماريو آهي مون سان اَبا اَبا.“

ڪيڏو درد هو هِن جي رڙين ۾، ۽ هن جي رِيهُن ۾.

”ڇا ڪيو آ هنن توسان؟“

غنيءَ هن کان آهستي پڇيو.

”هنن مون سان مون سان…“ هوءَ جملو پورو چئي نه سگهي.

هُو سڀ سمجهندي آهستي آهستي پوئتي هٽندا ويا پئي. غنيءَ هنن کي غضبناڪ نظرن سان ڏسندي چيو. ”توهان کي شرم اچڻ گهرجي، هن جي ههڙي حالت ڏسي هن تي کِلو پيا ڄڻ ته ڪو تماشو ڏسڻ لاءِ مليو آهي اوهان کي.“

”اسان ڇا ڪيو آ؟ هِن نشو ڪري وچ روڊ تي پئي ابتا ستبا بُل ڏنا سو اسان به ڏسڻ لاءِ آياسين. “

”توهان کي هن جو هراسيل مُنهن ۽ هيءُ حال ڏسي لڳي ٿو ته هوءَ خوشيءَ ۾ پئي ڪُڏي ۽ هن تي چٿرون پيا ڪيو.“ غنيءَ ڏاڍيان ڳالهائيندي چيو. اهو ٻڌي سڄو ميڙ ٽڙي پکڙجي ويو.

”اڙي بي حسو، بي شرمو منهنجي مدد ڪيو ته هن کي اسپتال کڻائي هلون.“ غني رڙيون ڪندو رهيو، پر سڀ هليا ويا.

”هلو هلو سڀ، پوليس ڪيس آهي، پاڻ بي گناهه پڪڙ جي وينداسين.“

ٿوريءَ دير ۾ پوليس جي موبائيل به اچي پهتي.

”سائين هن سان زيادتي ٿي آهي، هن کي اسپتال کڻي هلو.“ غنيءَ پوليس وارن کي پاڻ ڏي ايندي رڙ ڪري چيو.

”ها ها هل ڪانڀو خان تون وات ڳاڙهو اسان کي ٿو ٻڌائين ته اسين ڇا ڪريون.“

”کڻو ڇوري وجهو موبائيل ۾. ڇورا تون به هل جاءِ واردات تي، تنهنجو هئڻ، ڪا ڳالهه ضرور هوندي.“ پوليس واري ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو.

”نه نه سائين هيءَ ڏسو منهنجي بائيڪ بيٺي آهي. مان ڀاڄي وٺي موٽي رهيو هوس، ته ماڻهن جو انبوهه ڏسي هتي آيس.“

”ها ها پوءِ اهو انبوه ڪٿي آهي ڇورا. بائيڪ به ڪنهن ٻئي جي کڻو بائيڪ به وجهو، ان کي به موبائيل ۾.“

”سائين مان بيگناهه آهيان مون ڪجهه ڪونه ڪيو آهي.“ غني رڙيون ڪندو رهيو.

مايا جون اکيون دهشت ۾ سڄيون کُلي ويون. هُوءَ گاڏي روڊ تي هلندي هلندي ڏسي بيهوش ٿي ويئي.

مايا کي جيئن هوش آيو، هُوءَ هڪ وڏي ڪمري ۾ پَٽ تي ليٽي پئي هئي، هن پنهنجي چؤڦير نظر ڦيرائي ته بيڊن تي هن کي وڏن وڏن پيٽن سان مايون سُتل نظر آيون جيڪي درد ۽ تڪليف جي شدت کان رڙيون ڪري رهيون هيون.

مايا کي ڪجهه به سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته هوءَ ڪٿي آهي.

”پٽ ڄائو آهي، هڪ ننڍڙو ٻار.“ هڪ نرس کڻي اندر آئي، جيڪو رت ۾ ٻڏل هو، مايا اهو ڏسي رڙيون ڪرڻ لڳي.

”نه نه مون کي ٻار ڪونهي مون کي ڇڏيو، مون کي ڇڏيو، مون کي ٻار ڪونهي.“

هن جي رڙين تي نرس ڊُڪندي آئي ۽ هن کي دڙڪا ڏيڻ لڳي، ”بس ڪر هيءُ ليبر روم آ ڏسين ڪونه ٿي ته مايون سُتيون پيون آهن رڙيون نه ڪر، نه ته ڊاڪٽر اچي سُئي هڻندئي.“

”نه نه مان سئي نه هڻائينديس، مان ٺيڪ آهيان مون کي ڪجهه ڪونه ٿيو آهي، مون کي ڇڏيو… بابا بابا.“ هوءَ رڙيون ڪري ٻاهر نڪري آئي.

در کان ٻاهر هن کي پيءُ بيٺل نظر آيو ۽ هن ڊوڙندي وڃي ان کي ڀاڪر پاتو. جنهن جا ڪپڙا ڦاٽل هئا، پهراڻ جنهن جو ٻيڙيون لڳل ڪونه هيون ۽ گوڏ ٻڌل هئس. هن جي اکين مان پاڻي وهي رهيو هو. هن مايا کي ڀاڪر پائي زور سان ڍڍڪريون ڪري روئڻ شروع ڪيو.

”مايا منهنجي ڌيءَ مان ڪيڏو جهليندو هوسانءِ ته انهن لوفرن سان گڏ نه ويهه. امان، پر تو منهنجي هڪ به نه ٻڌي.“ مايا جي پيءُ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

”بابا مان مقو ۽ سَجو سان ننڍي هوندي کان گڏ کيڏي آهيان، مون کي ڪهڙي خبر ته اڄ هُو مون سان ائين ڪندا بابا هنن مون کي ڏاڍو ماريو آ… بابا هنن مون سان…“

”بس امان بس، مون کي خبر آهي.“

مايا جي پيءُ کي پوليس جا چيل لفظ ياد آيا.

”اڙي ڇا نالو اٿئي.“

پوليس واري رڙ ڪري پڇيس. ”سائين موهن.“ هن ڊڄي ڊڄي چيو.

”ها ها سچ ٻڌاءِ ڇوريءَ ڪڏهن کان نشو ڪرڻ شروع ڪيو هو.“

”سائين جڏهن هن جي ماءُ مري ويئي تڏهن انهن ڇورن جي ئي چوڻ تي هن نشو واپرائڻ شروع ڪيو هو، ڇو جو انهن هن کي چيو ته نشي ڪرڻ سان تنهنجو ڏک گهٽجي ويندو.“

”اڙي پئسا ڪير ڏيندو هو، ڇوري کي شراب ڪو سستو ته ڪونهي اسان کي ٿو سمجهائين.“ پوليس واري هن کي دڙڪا ڏيندي چيو هو.

”سائين جيڪو به پنڻ مان ملندو هوس، ان جو شراب وٺندي هئي، نه ته اهي نڀاڳا پئسا ڏيندا هئس.“

”مطلب ته ڇورن سان ٺهيل هئي پهريان کان ئي چئبو ٻيو نه ته ڇا.“ ٻئي پوليس واري اک هڻي پهرين پوليس واري جي ها ۾ ها ملائي.

سائين منهنجي ڌيءُ جي حالت ڏسو. هن سان ظلم ٿيو آهي، نڀاڳن منهنجي ڌيءُ جي اهڙي حالت ڪئي آهي. اسپتال مان آيو آهيان چون ٿا ته بيهوش آهي سائين.“

”سائين ماڻهو چون ٿا ته ڇوري هنن سان ٺهيل آهي.“ هڪ سپاهيءَ جمعدار کي ڪن ۾ چيو.

”سائين ماڻهو ڇا به چون، توهان هن غريب جي F.I.R ته ڪٽيو نه.“ غني جنهن کي موقعي واردات تان پوليس کنڀي کڻي آئي هئي، پر جڏهن ان کي خبر پئي ته هو هڪ سماجي ڪارڪن آهي تڏهن ان جي زور ڀرڻ تي مايا کي اسپتال روانو ڪيو هئائون، ۽ پوءِ مايا جو پيءُ جيئن اسپتال پهتو هو، تيئن غني ان کي وٺي ٿاڻي تي آيو هو F.I.R ڪٽرائڻ، تنهن جڏهن پوليس وارن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن چِڙ مان ڳالهائڻ لڳو.

”توهان جو ڪم آهي جانچ ڪرڻ، سا ته ڪونه پيا ڪريو، مٿان وري هن غريب جي نياڻيءَ تي الزام مڙهي رهيا آهيو.“

”سائين ناراض نه ٿيو، اسان به خبرون رکون ٿا، پڇو هن جي پيءُ کان ته شراب پيئندي هئي يا نه، اڙي سچ ٻڌاءِ.“

سائين پيئندي هئي، پر مون اوهان کي ٻڌايو ته انهن نڀاڳن جي چوڻ تي، پر سائين هينئر ته منهنجي ڌيءُ سان ظلم ڪيو اٿن، سائين اوهان به ٻچن وارا آهيو، ڪا ڪهل ڪيو، نياڻي اڃا تائين هوش ۾ ڪانه آئي آهي توهان منهنجي رپورٽ لکو.“

”نه جيستائين ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ ڪانه ايندي، تيستائين ڪيئن خبر پوندي ته هن سان ڪجهه ٿيو آهي يا نه؟“

”مطلب توهان رپورٽ ڪونه لکندا.“ غنيءَ چِڙ مان چيو.

”نه سائين ڊاڪٽر جي رپورٽ کان سواءِ ممڪن ناهي.“ پوليس واري غنيءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو.

”هل چاچا اسپتال هلون، هتي صرف اميرن کي انصاف ملندو آهي.“ غنيءَ چِڙ مان چيو.

مايا جو پيءُ انهن خيالن ۾ گم هو ته هن کي گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. هن ڏٺو ته هڪ شخص جي پويان 30-20 ماڻهو اسپتال اچي رهيا آهن ۽ چئي رهيا هئا. مايا جي ڏوهارين کي سزا ڏيو، مايا کي انصاف ڏيو. ماڻهن جي هجوم کي پاڻ ڏانهن ايندڙ ڏسي مايا رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.

”بابا هيءُ ڪير آهن؟“ اُهي منهنجو نالو ڇو پيا وٺن. بابا مون کي بچاءِ بابا.“ مايا رڙيون ڪندي وري بيهوش ٿي ويئي. نرسون هن کي کڻي اندر هليون ويون.

”توهان هن جو اڃا تائين ميڊيڪل چيڪ اپ ڇو نه ڪيو آهي.“ سڀ کان اول بيٺل سياسي نمائندي ڊاڪٽر کان پڇيو.

”سائين ڇوڪري جيئن کڻي آيا هئا تيئن بيهوش هئي، هاڻي هوش آيو هوس، ته توهان کي ڏسي وري بيهوش ٿي وئي.“

”اڙي اسان کي ڏسي ڇو بيهوش ٿيندي، اسان ته هن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ نڪري آيا آهيون، ڪالهه کان سوشل ميڊيا تي هن ڇوڪريءَ سان ڪيل ويڌن ڏسي رهيا آهيون، وري تون به ٿو اسان کي سمجهائين.“

سياسي ماڻهوءَ ڊاڪٽر کي اُلر ڪندي چيو.

”سنڀالي ڳالهاءِ مان ڊاڪٽر آهيان توهان جو نوڪر ڪونه آهيان.“

”تون به سنڀالي ڳالهاءِ ڇوڪري نڌڻڪي ڪونه آهي، جلدي ان جي چڪاس ڪريو، نه ته اسپتال وڄائي ڇڏيندوسانءِ.“

”تون مون کي ڌمڪيون ٿو ڏين جيستائين ڇوڪريءَ کي هوش نه ايندو، تيسين چڪاس ڪونه ڪنداسين، اهو ميڊيڪل ڪوڊ جي خلاف آهي.“ ڊاڪٽر هن جي منهن ۾ چِتائي چيو.

”اڙي هي ائين ڪونه مڃيندو. ڀڃو هن اسپتال کي، سڀ ڪارڪن اسپتال ۾ گهڙي آيا، جنهن کي جيڪو ڪجهه هٿ آيو، ان کي ڀڃڻ لڳو. ٽي.وي چينل وارا پهچي ويا، اسپتال جو عملو مريض سڀ هجوم بنجي ڏسڻ لڳا. ڪي خوف هراس مان اسپتال کان ٻاهر ڀڄڻ لڳا.

مايا کي هوش آيو ته رڙيون ڪرڻ لڳي، ڇوڪريءَ کي هوش اچي ويو آ، چڪاس ڪريو.“ ان جي ڪارڪن بلند آواز ۾ چيو.

”نه نه بابا مون کي وٺي هل بابا.“

مايا جي رڙين تي هن جي پيءُ ڊوڙي وڃي ان کي ڀاڪر پاتو، هوءَ سڄي ڏڪي رهي هئي.

”نه نه اسان چڪاس ڪونه ڪرائينداسين.“
مايا جي پيءُ رڙيون ڪندي چيو.

”نه نه چاچا تون پريشان نه ٿي، اسين توسان گڏ آهيون.“ سياسي نمائندي هن جي پُٺي ٺپيندي چيو.

”نه نه اسان کي ڇڏيو، اسان کي چڪاس ڪونهي ڪرائڻي.

”ڏسو پيا جيستائين وارث رضامندي نه ڏيندا، اسين ميڊيڪل بورڊ ڪونه ويهارينداسين.“

هنن کي ڪهڙو عقل آ توهان ڪاغذ ڏيو مان ٿو سائن ڪري ڏيان توهان کي، هنن کي ڇڏيو.

”ائين ڪونه ٿيندو.“ ڊاڪٽر رڙ ڪري چيو.

”ڇو نه ٿيندو؟“ ايستائين پوليس به پهچي ويئي. گوڙ هنگامي کان پوءِ ڊاڪٽر فائيل کڻي آيو ته مايا کان يا هن جي پيءُ کان سائن يا آڱوٺو هڻايون ته جيئن چيڪب ٿئي.

انهيءَ مهل ڊاڪٽر، سياسي نمائندو ۽ غني ڪاغذ (فائيل) کڻي وارڊ ۾ ويا، ته نه مايا هئي ۽ نه وري ان جو پيءُ، ٻنهي مان ڪوبه نظر ڪونه آيو، بيڊ تي رت جا ڪجهه نشان ڏسي ڊاڪٽر ڪنڌ ورائي سياسي نمائندي ڏانهن ڏٺو.

غني ڊوڙندو ٻين وارڊن مان پڇي آيو، پر ڪٿي به هن کي مايا ۽ هن جو پيءُ نظر ڪونه آيو، سائين ڪٿي به ڪونهن الاءِ ڪاڏي هليا ويا:

”ڄٽ ماڻهو اجايو اسان جو وقت وڃاين.“ اهو چئي سياسي نمائندو ڪارڪنن سان گڏ ٻاهر هليو ويو.

”اسان ته پهريان ئي چيو هو ته ڇوري چالو آهي، سائين توهان کي يقين نه آيو.“ پوليس اهو چئي هلي وئي.

غني ٿڪل قدمن سان اسپتال کان ٻاهر نڪتو ته چوڪيدار هن کي ٻڌايو ته سائين ڇوڪريءَ جو پيءُ ڇوڪريءَ کي ڪلهي تي رکي رڪشا تي هليو ويو، هُو چوندو پئي ويو ته اسان کي انصاف نه کپي. اسان کي انصاف نه کپي، اسان جو انصاف الله ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org