سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:11 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 

 

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ جعفر لغاريءَ ۾ 1917ع ۾ جنم ورتو. هُو سنڌي علم ادب، تهذيب ۽ ثقافت، آثارِ قديمه، سنڌي موسيقي، تاريخ، لطيفيات، لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جهڙن موضوعن کي قلم جي گرفت ۾ تحقيق جي پئماني سان پروڙي پيش ڪندڙ هڪ اڻ ورچ محنتي محقق هو. ڊاڪٽر صاحب جون علمي ۽ ادبي خدمتون ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون نه آهن. ورهاڱي کان پوءِ جي تحقيقي ۽ علمي ميدان جو سرواڻ کين سڏجي ته بيجا نه ٿيندو. سندن تحقيقي ڪم به گهڻو آهي. هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو، خاص طور لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جي ڪم تي روشني وجهجي ٿي.

ڊاڪٽر صاحب جي تصنيفن ۾ ’جامع سنڌي لغات‘، ’سنڌي اردو لغت‘، (ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سان گڏ) ’فارسي لغت‘ اهم آهن. آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي لکيل ’جواهر لغات اڪيچار‘ کي ايڊٽ ڪري، شايع ڪرايائون. ان کان سواءِ لطيفيات ۾ ’شاهه جي رسالي جا سرچشما‘، ’شاهه جي رسالي جي ترتيب‘، ’شاهه عبداللطيف تحقيقي مضمون‘،
’سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ‘ ۽ ’شاهه جو رسالو‘
 (ترتيب 10 جلد) آهن.

ڊاڪٽر صاحب جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو سندن اڻ ٿڪ محنت جو ثمر آهي. هن رسالي جي تياريءَ ۾ کين وڏو عرصو لڳو. 6020 صفحن تي مشتمل هيءُ منفرد لطيفي ايڊيشن 50 قلمي نسخن کي ڀيٽي تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڌارئي ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. جدا ڪيل اهم ڪلاسيڪل شاعريءَ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ الڳ جلد ۾ محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ مشڪل لطيفي لفظن جي لغات ’روشني‘ جي نالي سان ترتيب ڏني ويئي آهي. هن رسالي ۾ شاهه جي سوانح، ڪلام ۽ راڳ جي باري ۾ مفصل مقدمو آهي ۽ شاهه جي ڪلام جي پرک لاءِ اَٺ معياري اصول پڻ ڄاڻايل آهن، جن تحت دليلن سان ڌاريو ڪلام جدا ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ لطيفيات جا ڪتاب پڻ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيا آهن، جن ۾ لطيف سالگرهه مخزن جا ڪافي نمبر آهن. ازانسواءِ ’لطائفِ لطيفي‘ (مير سانگي) ۽ ’احوال شاهه عبداللطيف‘  (قليچ بيگ) جي ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ ترتيب ڪئي اٿن. گهڻن ڪلاسيڪل شاعرن جو ڪلام ترتيب ڏيئي ڇپرايو اٿن، جن ۾ ’ڪليات حمل‘، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، ’شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘، ’قاضي قادن جو رسالو‘، ’ميين شاهه عنايت جو ڪلام‘، ’شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘، ’راڳ نامو صوفي صادق فقير‘، ’ڪليات سانگي‘، ’رسالو خان محمد زئي‘ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام شامل آهي. انهن ڪتابن جا بلوچ صاحب جا لکيل مهاڳ ۽ مقدما معلوماتي آهن. ايئن پاڻ مختلف علمي، ادبي، تاريخي ۽ ٻين موضوعن جي ڪتابن جا ڪيترائي مقدما لکيا اٿن، جيڪي ڪتاب بابت مفصل ۽ جامع ڄاڻ ڏين ٿا.

تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان سندن ڪم اهم آهي. ”فتح نامه سنڌ“ (چچ نامو)، ’تاريخ معصومي‘،
’تحفة الڪرام‘ جهڙن ناياب ڪتابن کي ايڊٽ ڪري، شايع ڪرايائون. سندن ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ مشهور ۽ مستند حواله جاتي ڪتاب آهي.
’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘، ’سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘ ٻوليءَ جي باري ۾ لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ڇپيل ڪتاب آهن. انيڪ مضمون، مقالا ۽ تقريرون مختلف موضوعن تي پيش ڪيا اٿن، جن مان ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏيئي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب گهڻن تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، جن جو تعداد ڪافي آهي. سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي ڪتابن کي ايڊٽ ڪري، مقدما لکي شايع ڪرايو اٿن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي سندن خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترن اوارڊن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ ’ستاره قائداعظم‘، ’پرائيڊ آف پرفارمينس‘ 1979ع، ’اعزازِ ڪمال‘ 1991ع، ’ستاره امتياز‘ 2001ع ۽ ’صدارتي اوارڊ‘ شامل آهن.

بلوچ صاحب جي باري ۾ ذاتي احوال سندن ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ (ٽي ڀاڱا) ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ لوڪ ادب ۽ تحقيقي ڪمن لاءِ ڪيل مسافريون، محنتون، ماڻهن سان ملاقاتون ذڪر ڪيل آهن ته مختلف موضوعن تي سندن ويچار ڊائريءَ جي صورت ۾ آهن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ’ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مطالعو‘ ۽ تاج جويي جو ’ڊاڪٽربلوچ هڪ مثالي عالم‘ (جنهن ۾ ڪيترن ئي اهلِ قلم جا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي باري ۾ لکيل ليک آهن) اهم ڪتاب آهن. مٿي ته هُو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو تعارف، پر هڪ اهڙو تحقيقي ڪم آهي، جو جيڪڏهن عمل ۾ نه اچي ها ته يقيناً سنڌي ادب کي وڏو نقصان ٿئي ها، اهو آهي لوڪ ادب کي سهيڙڻ، هيءُ صدري خزانو هوند ضايع ٿي وڃي ها، جيڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي رٿا مطابق ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب جي علم کي ڪاغذ جي ڪينواس تي منتقل نه ڪرائين ها.

لوڪ ادب ڪنهن به ملڪ جي ادب جي سڃاڻپ ۽ ان جو اصل ۽ نسل آهي. هيءُ ادب، عوام جي اُڌمن، اُمنگن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندڙ آهي، جنهن جو بقا فقط ۽ فقط حافظي جي قوت تي آهي. جيڪڏهن ان کي تحريري طور محفوظ نه ڪيو وڃي ها ته ڪيترن بزرگن، سگهڙن، سياڻن، شاعرن ۽ سڄاڻن جي هن دنيا مان موڪلائڻ سبب اهو علم ضايع ٿيندو وڃي ها. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جَرَ جهنگ جهاڳي، ڪشالا ڪاٽي، ڪئين سلسليوار مسافريون ڪري، هيءُ انمول خزانو تحريري طور سنڌي ادب ۾ محفوظ ڪيو آهي.

”لوڪ ادب کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون نثري حصو ۽ ٻيو نظمي حصو. نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون ۽ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري“. (1)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب مٿين ٻنهي صنفن ۾ ڪل ٽيتاليهه ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب رٿا (1956ع) تحت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مواد سهيڙي، سالن جي اڻ ٿڪ محنت سان تيار ڪيا، جن ۾ لاڳاپيل موضوعن تي تفصيلي مقدما پڻ ڏنل آهن.

لوڪ ڪهاڻين جي ستن جلدن ۾ ڪافي ڪهاڻيون آيل آهن. هر جلد کي ان جي مناسبت سان عنوان ڏنل آهي. بادشاهن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڪهاڻيون، جنن پرين جون ڪهاڻيون، پکين ۽ جانورن جون ڪهاڻيون، درويشن ۽ فقيرن جون ڪهاڻيون، شهزادن ۽ شهزادين، راڻين جون ڪهاڻيون، مطلب ته سنڌ ۾ مروج ڪيترين ئي آکاڻين/ ڪهاڻين کي ڪتابي شڪل ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري آندو ويو آهي. ٻين ڪتابن ۾ ’لوڪ گيت‘، ’ڪافيون‘، (3 جلد) ’پروليون‘، ’ڏٺ ۽ معما‘، ’مداحون ۽ مناجاتون‘،’مناظرا‘، ’بيت‘، ’ڏور‘،
’ٽيهه اکريون‘، ’ڳيچ‘، ’ڳاهن سان ڳالهيون‘، ’هنر‘،
’ڳجهارت‘، ’معجزا‘، ’سينگار‘، ’مولود‘، ’هفتا ڏينهن ۽ راتيون ۽ مهينا‘، ’ڏهس‘، ’جنگ ناما‘، ’لاکو ڦلاڻي‘، ’هرگنيو‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ’ٻيلاين جا ٻول‘ لس ٻيلي جي شاعرن جي شاعريءَ جي باري ۾ ڪتاب پاڻ انهيءَ لوڪ ادب رٿا کان اڳ لکيو هئائون.

هيٺ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تيار ڪرايل لوڪ ادب جي چند ڪتابن جو مختصر احوال ڏجي ٿو.

’مداحون ۽ مناجاتون‘ سنڌي ادبي بورڊ 499 صفحن جي هن ڪتاب جي اشاعت نومبر 1959ع ۾ ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي اهم شاعرن جو مدحي ڪلام ۽ مناجاتون شامل آهن. خدا پاڪ جي واکاڻ ۽ مٺي محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي مدح ۽ مناجات سان گڏ چئن خليفن، پير بادشاهه غوثِ اعظمؒ، شاهه محمد مڪيرح، غوث بهاءُ الدينؒ ۽ ٻين اوليائن جي شان ۾ عقيدت سان ڪلام چيل آهي. شاعرن ۾ جمن چارڻ، ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو، ثابت علي شاهه، فتح فقير، مخدوم عبدالله، شيخ محمد حسن، حسين فقير ديدڙ، حمل فقير لغاري، اميد علي شاهه، محمد صديق مسافر، ميون عيسيٰ، اسدالله شاهه فدا ۽ ٻين جو مدحيه ڪلام ڏنل آهي. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي چيل مدح سندس ڪتاب ’ابيات سنڌي‘ مان ورتل آهي.

مناجات:

پاڪ ڌڻي پروردگار، مالڪ ملڪن جو مـختـار،

در قدرت جو ڪلتار، جوڙون جوڙي رب جــــبار،

محمد گهوٽ ڪيو مهندار، ساري عالم جو آڌار. (2)

مولود: لوڪ ادب جي سلسلي جو هيءُ چوٿون نمبر ڪتاب چار سؤ ويهن صفحن تي مشتمل 1961ع ۾ شايع ٿيو. لفظ ’مولود‘ جي تفصيلي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ’صنف شعر جي حيثيت ۾ مولود‘، ’وائي‘ يا ’ڪافي‘، واري دفعي ۾ شامل آهي. قالب ۽ هيئت کان منجهن فرق ڪونهي، پر معنيٰ توڙي موسيقيءَ جي لحاظ کان مولود وائيءَ کان نرالي حيثيت رکي ٿو“. (3)

سندن موجب مخدوم عبدالرؤف ڀٽي پهريون آڳاٽو سنڌي شاعر آهي، جنهن گهڻي ۾ گهڻا مولود چيا آهن، جيڪي اڄ به عام رائج ۽ مشهور آهن ۽ مخدوم صاحب کان سواءِ ڪتاب ۾ جن شاعرن جا مولود آهن، انهن ۾ مخدوم محمد اسماعيل، ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو، پير محمد راشد روضي ڌڻي، سچل سائين، فتح فقير، حسين فقير ديدڙ، جانڻ سونارو، غلام محمد گدا، مخدوم الله بخش، احسان فقير، نواب علي احمد لغاري ۽ ٻيا شامل آهن. سڀني شاعرن جو تعارف پڻ ڏنل آهي.

ٽيهه اکريون: ٽيهه اکريون ٻن جلدن تي مشتمل لوڪ ادب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ڇهون نمبر ڪتاب آهي. ٻيو جلد چار سؤ ستهٺ صفحن تي آڌاريل 1961ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ٽيهه اکريءَ جي صنف جا 62 شاعر ڪلام جي مثالن سان ذڪر ڪيل آهن. موضوع تي مفصل مقدمو لوڪ ادب جي سڀني ڪتابن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڏنو آهي جو ڪتاب جي پويان انگريزيءَ ۾ پڻ ڏنل آهي. ڪجهه سرائڪي ٽيهه اکرين جو ڪلام پڻ شامل آهي. ٽيهه اکريءَ جو موضوع مناجات، نصيحت، سلوڪ ۽ مدح نموني جو هوندو آهي. پيش ڪيل مواد جي وضاحت ۾ ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته ”نظم جي اندروني فني نزاڪت، ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ فصاحت توڙي معنيٰ ۽ بلاغت جي خيال کان گهڻيون ٽيهه اکريون معياري آهن“. (4)

شاعرن ۾ حافظ سليمان ’سائل‘، رکيل شاهه، علي محمد قادري، محمد عثمان ميمڻ، نوح پنهور، ڄام خان چانڊيو، طالب پلي، عثمان کٽي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، احمد خان ’آصف‘، سرائيڪي شاعرن ۾ روحل فقير، حسين فقير ديدڙ، حمل لغاري، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين جو ڪلام آهي.

هفتا، ڏينهن راتيون ۽ مهينا: جولاءِ 1961ع ۾ شايع ٿيل چار سؤ ويهن صفحن جو هيءُ لوڪ ادب جي سلسلي جو ڪتاب اشاعتي ترتيب ۾ ستون نمبر آهي. نئين قسم جي عنوان واري هن ڪتاب ۾ شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ ڪلاسيڪل داستانن ذريعي فراق ۽ سڪ جو وڇوڙو ڏينهن، راتين، هفتن، مهينن، مُندن ۽ سالن جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ منتخب ڪلام کي الڳ ترتيب سان جمع ڪري، مٿيون عنوان ڏيئي شايع ڪيو ويو آهي.

حاصل مطلب ته هن فراق، وڇوڙي ۽ يادگيريءَ جي ڪلام ۾ گذرندڙ لمحن ۽ وقت کي ياد ڪيو ويو آهي. شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حمل فقير لغاري، حسين بخش خادم، هدايت علي ’تارڪ‘، صوفي آسورام، بخش علي جتوئي ۽ ٻين جو ڪلام شامل آهي.

مناظرا: مناظرو لوڪ شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ انيڪ مناظرا موجود آهن. هيءُ ضخيم ڪتاب 714 صفحن تي آڌاريل آهي، جو اپريل 1961ع ۾ شايع ٿيو. شاعرن ۾ شاهه محمد ديدڙ، شيخ ابراهيم، طالب پلي، گل محمد کوسو، قاضي الهورايو، خيرشاهه، دائم لغاري، غلام رسول رند، شيرمحمد لغاري ۽ ٻين ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن جا مناظرا شامل آهن. مناظرو هڪ قسم جو ’منظوم سانگ‘ يا ڊرامو آهي، جنهن ۾ ٻن ڪردارن جي وچ ۾ بحث مباحثو ۽ دليل بازي ٿيل هوندي آهي. مناظري ۾ طنزيه ۽ مزاحيه شاعري به ٿئي ٿي ته اديبانه ۽ فلسفيانه ڪمال پڻ موجود آهي. هن ڪتاب ۾ ’دلي ۽ طالب‘، ’شاهه محمد ديدڙ‘، ’ٽوپي ۽ پڳ‘ خير شاهه، ’سَسُ ۽ ننهن‘، ’مهروءَ جا مناظرا‘ دلچسپ آهن. ڊاڪٽر صاحب هن صنف جي هيئت تي لکي ٿو ته:

”مناظرا، عام سنڌي شاعريءَ جو نج ۽ نادر نمونو آهن. اڪثر مناظرا ٻن ڌرين جي وچ ۾ زباني جهيڙا آهن. ڪي وري محبتن وارا آمهان سامهان سوال جواب آهن، جن ۾ جهيڙي جو ذڪر ڪونهي. مناظري جي اندروني سٽاءَ ۾ ٻن منهن مقابل ڌرين جو هجڻ لازمي آهي“.(5) مناظرا سهڻن لفظن، اصطلاحن، قرآني آيتن ۽ حديثن سان سينگاريل هئڻ ڪري معياري سنڌي ادب جو اهڃاڻ آهن.

پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول: 1965ع ۾ لوڪ ادب جي سلسلي جو هيءُ ٻارهون نمبر ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو تيرهن بابن ۽ ٻه سؤ ٻيانوي صفحن تي مبني آهي. هن ۾ پرولين جا قسم، ڏٺون، معما، سگهڙپائيءَ جا ٻول ۽ عاقلاڻا قول کولي سمجهايا ويا آهن.

مٿين صنفن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي، جنهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ڪافي مشڪل امر هو، ته به جَس آهي سائين نبي بخش بلوچ جي محنتن کي، جو پاڻ لوڪ ادب جي تقريباً هر صنف تي مواد گڏ ڪيو اٿن. ڪتاب ۾ هن موضوع تي ڪافي مثالي مواد ڏنل آهي.

پروليءَ جي فن تي لکن ٿا ته: ”پروليون انسان ذات جي ذهانت ۽ ذڪاوت، ظرافت ۽ فقاهت جا آڳاٽا آثار ۽ نمايان نشان آهن“. (6)

مثال طور:

سون پرکجي ڪسوٽي، رپو پرکجي باهه،
ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪي ڳالهاءِ.
ڏور: جنوري 1970ع ۾ ڏور جي بيتن تي مشتمل 738 صفحن جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو. ’ڏور‘ جي جنس جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ”ڏور جي عبارت تمثيل تي اڏيل آهي. ڏور جو مستقل قالب ”بيت“ آهي“. (7)

ڏور جي بيتن جا پنج قسم آهن:

(1)   قدرت يعني اهڙا بيت جيڪي خدا پاڪ جي قدرتي معجزن بابت هجن، جيئن ڪنڀار جي آويءَ ۾ ٻليءَ جي ٻچن جو زنده سلامت نڪري اچڻ.

(2)   سوا لک هن قسم ۾ حضرت آدم عليہ السلام کان نبين، اوليائن، جيڪي سوا لک ٿي گذريا آهن، جي باري ۾ بيت ٿين ٿا.

(3)   پنجتن پاڪ. هن قسم ۾ رسول پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي پنجتن سلسلي بابت بيت شامل ٿين ٿا.

(4)   امامت بابت، اهڙو بيت، جيڪو امام حسن، امام حسين ۽ ٻين امامن بابت هجي.

(5)   ولين بابت، رسول پاڪ ۽ سندن اصحابين کان سواءِ ٻين ولين ۽ درويشن جي ڪارنامن بابت بيت هجي.

هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب جن ڏور جي هيئت، معنيٰ، اصطلاح، شاهدي ڏيڻ، ڏور جي ڪچهريءَ جا قانون، موجوده دور ۾ ڏور جي ڪچهريءَ جي حيثيت ۽ مختلف سگهڙن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. ڪجهه سگهڙن جون تصويرون به ڏنل آهن. هيٺ ڏور جي شاعريءَ جو هڪ مثال ڏجي ٿو. حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي اشهد آڱر جي اشاري سان چنڊ تابعدار ٿي ٻه اڌ ٿيو. سگهڙ ڏور جي بيت ذريعي اها تمثيل هن ريت بيان ڪئي آهي.

سهڻيون مڙيئي سهڻيون، پر سهڻيءَ مٿان ڇَٽ،
انهيءَ جاءِ جانڻ چئي، ڍوليءَ ڍاريو ڍَٽ،
سارو ٿر ٿيلهي آئي، وينگس وجهي وَٽ،
انهيءَ مومل ڇٽ، ٻي ڪامڻ ڪا ٿيندي ڪانه ڪا.

سهڻيون= آڱريون، ڍٽ = چنڊ، ٿر = آسمان، مومل= اشهد آڱر.

مراد: رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي اشهد جي آڱر جي اشاري سان آسمان ۾ چنڊ ٻه اڌ ٿيو. اهي اڌ هڪ ٻئي کان پري ٿي بيٺا ۽ اها آڱر مبارڪ مرتبي ۾ ٻين آڱرين کان مٿي ٿي. (8)

لوڪ گيت: لوڪ سلسلي جو سترهون نمبر هيءُ ڪتاب، آڪٽوبر 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي اسلاميه پرنٽنگ پريس مان شايع ڪرايو. 405 صفحن جي لوڪ گيتن جي هن ڪتاب ۾ 57 گيتن جي نمونن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ جمالو، مورو، ڇلو، لولي، همرچو، ڪرهو، لاڻو، ڪَجليو، گولاڙيو ۽ ٻيا گيت شامل آهن، جن جي موضوعن جي وضاحت ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏني آهي ته اهو به ڄاڻايو اٿن ته اهي ڪهڙن علائقن سان منسوب آهن. لکن ٿا ته، ”ڪي گيت سنڌ جي قديم عشقيه داستانن کان متاثر ٿي ڳاتا ويا آهن، جيئن راڻو، مومل، ڪرهو وغيره جيڪي سومرن جي دور سان تعلق رکن ٿا“.

مورو اصل ۾ سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جو لوڪ گيت آهي، پر ان جي مقبوليت جو دائرو ڪوهستاني علائقن کان ٻاهر، لس ٻيلي، قلات ۽ مڪران تائين آهي. لولي، ڇلو وغيره سڪ ۽ محبت جا گيت آهن. لوڪ گيت عوام جي اجتماعي زندگيءَ جا اهڃاڻ آهن، جيڪي خوشين ۽ محبتن جا امين ۽ ڪجهه اهم واقعن ۽ قصن کان متاثر ٿي جوڙيا ويا آهن“. (9)

بيت: سنڌي شاعريءَ جي قديم ترين صنف بيت تي مشتمل 522 صفحن جو هيءُ ڪتاب 1971ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي 156 شاعرن ۾ قاضي قادن، ميون علي شيرازي، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، اشرف شاهه، ڇتو سانگي، رمضان ڪنڀر، صاحبڏنو شيخ، گل حسن لغاري ۽ ٻيا شامل آهن.

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب بيت جي قدامت، بنيادي سٽا ۽ ارتقا، هيئت، فني خوبيون، معنوي ارتقا ۽ مواد جي ترتيب سمجهائي آهي ۽ گڏ ڏيڍ سؤ شاعرن جي شاعريءَ جي مثالن کان علاوه انهن جي سوانح حيات تي روشني وڌي ويئي آهي، جنهن ۾ اساسي شاعريءَ سان گڏ نئين دور جي شاعرن جي شاعري به شامل آهي. سندن موجب ته، ”اوائلي سنڌي بيت ٻه تڪو هو، جو پنهنجي هيئت ۽ سٽاءَ توڙي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان ارتقائي دور طئي ڪري، موجوده اعليٰ سطح تي پهتو“. (10)

عارفن ۽ ولين هن صنف کي اهميت وٺرائي. عارفانه شاعريءَ جو ثبوت سمن جي دور کان ملي ٿو. سومرن جي دور جا بيت ڳاهون ٿي شمار ٿيا آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب موجب ته، ”بيت جي ڊيگهه ۾ اضافو ۽ فني لحاظ کان وڌيڪ خوبيون شاهه لطف الله قادريءَ جي رسالي ۾ ملن ٿيون. ان کان علاوه ميين شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به ڊگها بيت ملن ٿا. لس ٻيلي جي ٻن هم عصر شاعرن- شيخ محمد ابراهيم ۽ ڪبير شاهه ڊگهن سنڌي بيتن کي اوج ۽ عروج تي پهچايو“. (ڊگهي سنڌي بيت جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’نڙ جا بيت‘ جي مقدمي ۾ وڌيڪ تفصيل سان ڪيو آهي.)

ڪافيون: ڪافي سنڌي شاعريءَ جي مقبول ترين صنف آهي. لوڪ ادب جي هن سلسلي ۾ ڪافين جا 3 جلد بالترتيب 1985ع، 1987ع ۽ 1990ع ۾ شايع ٿيا آهن، جيڪي ڪل 1532 صفحن تي آڌاريل آهن. ٽنهي جلدن ۾ دورن جي حساب سان ورهاست ڪري ڪافين جو مواد ڏنل آهي. پهرئين جلد ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ميون شاهه عنايت، صاحبڏنو فاروقي، روحل فقير، سچل سرمست، صوفي ابراهيم شاهه، حمل فقير لغاري، سيد فاضل شاهه، ٻئي جلد ۾ خواجه غلام فريد، فيض درياهه شاهه، فقير کٽياڻ، مصري شاهه، سانگي، مير علي نواز علوي، سيد صالح شاهه ۽ ٽئين جلد ۾ سيد احمد شاهه خاڪي، لال فقير هيسباڻي، نبي بخش ڪولاچي، سيد ميران محمد شاهه، رشيد احمد لاشاري، اسدالله شاهه ”بيخود“، محمد اسماعيل عرساڻي ”فدا“ ۽ ٻين جو ڪلام ۽ سوانح شامل آهي. ميران محمد شاهه جي ڪلام مان هي آخري بند جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

سار”ميران شاهه“ جي مانَ لهن، اوٺي اباڻا شالَ اچن،
بند لاهين بار، کِيان مان کاهڙ جون کاريون ڄاريون.  (11)

لوڪ ڪهاڻيون (جلد 3): فيبروري 1964ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ شهزادو گل منير، ڪوڙهيو بادشاهه، وفادار طوطو، عقلمند ڇوڪري، وزير زادو ۽ سوداگرياڻي، سٺيون ڪهاڻيون آهن، جن جو مرڪزي خيال همٿ، محنت، نصيحت تي مشتمل آهي، جنهن مان مرد ۽ عورت جي عقل، ڀاڳ ۽ نڀاڳ، عشق ۽ محبت ۽ ٻين نڪتن جي ڄاڻ پوي ٿي.

ڳاهن سان ڳالهيون: لوڪ ادب جي ڇپائيءَ جي سلسلي جو 29 نمبر ڪتاب 1964ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڏمڻ سوناري، سونل، سڏونت ۽ سارنگا، گامون سچار، وڪيو ڏاتار، جسوڌن بادشاهه ۽ ٻين سان منسوب ڳاهون آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سگهڙن معرفت دستياب ٿيون.

مشهور سنڌي قصا ۽ عشقيه داستان: هيءُ ٽيهون نمبر ڪتاب 1972ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي اهم عشقيه قصن، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي ۽ ٻين جي احوال ۾ روايتن سان گڏ مل محمود، حفيظ تيوڻي، طالب پلي، حاجي فقير جا بيت ڏنل آهن.

رسمون، رواج ۽ سؤڻ ساٺ: چوڏهن بابن تي آڌاريل سنڌ جي ثقافت جي اهم رسمن ۽ ريتن تي مبني هن ڪتاب ۾ گهرو زندگيءَ جي ڪيترن ئي اهم سؤڻن ساٺن ۽ ريتن رواجن کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي، جن ۾ ٻار جي ڄمڻ کان جهنڊَ لهرائڻ، سنڀال، ڇٺي، طهر، سڱ، مڱڻا، شاديون، آداب اخلاق، ڌنڌا، سڀاڳ نڀاڳ، نذر، پِٽَ پاراتو، بيماريون علاج ۽ ٻيا موضوع سنڌين جي نظرين، سوچن جي اپٽار ۽ ريتن روايتن مطابق ذڪر ڪيل آهن. موضوع جي وضاحت تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن لکن ٿا ته،

”رسمن، رواجن، سوڻن ۽ ساٺن جو مطالعو علم الانسان جو هڪ مکيه باب آهي. انهيءَ تحت ئي سنڌي قوم جي ترجماني ڪيل آهي“. (12)

جيڪڏهن هن مقالي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لوڪ ادب وارن مڪمل ڪتابن جو سمورا تفصيل ڏبا ته پوءِ هيءُ مقالو نه، بلڪه هڪ چڱيڙو ڪتاب ٿي پوندو، انهيءَ ڪري مختصراً ڪجهه ڪتابن کي ذڪر هيٺ آندو آهي ته جيئن شاگردن کي اندازو ٿئي ته هن مهربان محقق جون سنڌي ادب ۽ خاص طور لوڪ ادب جي لاءِ ڪيتريون اهم خدمتون سرانجام ڏنل آهن.

ڊاڪٽر بلوچ هڪ منظم زندگي گهاريندڙ نيڪ دل، بااخلاق ۽ بلند ڪردار انسان هو. سندن سادي سڀاءَ ۾ همٿ، عزم ۽ اعليٰ حوصلي سان گڏ نهٺائي ۽ خلوص شامل هو. سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جي حوالي سان سندن خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن.

حوالا:

(1)      سنديلو، عبدالڪريم، ’لوڪ ادب جوتحقيقي جائزو‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1986ع،
ص 2.

(2)      بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، ’مداحون ۽ مناجاتون‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص-5.

(3)      ساڳيو حوالو، ’مولود‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1961ع، ص 2

(4)      ساڳيو حوالو، ’ٽيهه اکريون‘ (جلد ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1961ع، ص 4.

(5)      ساڳيو حوالو، ’مناظرا‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1961ع، (مقدمو).

(6)      ساڳيو حوالو، ’پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع (مقدمو).

(7)      ساڳيو حوالو، ’ڏور‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1970ع، ص 10.

(8)      ساڳيو حوالو، ص 120.

(9)      ساڳيو حوالو، ’لوڪ گيت‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1965ع، ص 1 ۽ 134.

(10)  ساڳيو حوالو، ’بيت‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1971ع، ص 5.

(11)  ساڳيو حوالو، ’ڪافيون‘ (جلد ٽيون)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1990ع.

(12)  ساڳيو حوالو، ’رسمون، رواج ۽ سؤڻ ساٺ‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1978ع (مقدمو)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي نئين موسيقيءَ لاءِ سڀ کان پهريائين هڪ نئون ساز ايجاد ڪيو، جنهن کي ’طنبوري‘ جو نالو ڏنائين. طنبوري جو انتخاب، هندستاني موسيقيءَ جي روايت مطابق هو. ’طنبورو‘ دراصل مصر ۾ ايجاد ڪيو ويو، جتان مشرق وسطيٰ ۽ ايران ۾ پهتو ۽ اُتان وري هن برصغير ۾ رائج ٿيو. آڳاٽا عرب موسيقار جيڪو ساز استعمال ڪندا هئا ان ۾ چار تارون هونديون هيون. ساڳيءَ ريت هن برصغير جو ’طنبور‘ به ’چؤتار‘ ئي رهندو آيو؛ پر شاهه عبداللطيف پنهنجي نئين ’طنبوري‘ ۾ پنجين تار به ڳنڍي. هن نئين طنبوري جي سٽاء هن طرح قائم ڪئي ويئي، جو ان جون  پنج تارون هيٺين ريت آواز ڏيڻ لڳيون. هڪ ڇيڙي کان ٻاهرين تار ”مڌ سپتڪ“ جي ’پنچم‘ جو سُر ڏيڻ لڳي. انهيءَ تار کي ’زبان‘ سڏيو ويو يعني ته اها تار هن نئين طنبوري جي زبان بڻي، جيڪا هر نئين راڳڻي ڇيڙڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي. هن سٽاء موجب ’کرج‘ جي بدران ’پنچم‘ هن نئين راڳ ۾ ڄڻ بنيادي سُر بنيو. هيءُ اصول ’عربي- ايراني‘ راڳ جي روايت مطابق هو ۽ اڃا تائين به عربي ۽ ايراني نغما مٿين لئي ۾ ڳايا وڃن ٿا. طنبوري جي باقي چئن تارن جي سٽاء ٻئي ڇيڙي کان هن طرح قائم ٿي: ٻئي ڇيڙي کان- پهرين تار کي بلوچستاني ’دنبوري‘ جي سٽاء موجب ’گهور‘ سڏيو ويو، اها تار ’مندرسپتڪ‘ جي ’سا‘ تي قائم ڪئي ويئي. ٻيءَ تار ۽ ٽيءَ تار انهن ٻنهي کي ’جاڙيون‘ سڏيو ويو ۽ اهي ’مڌسپڪ‘ جي ’سا‘ تي قائم ڪيون ويون. چوٿين تار (’زبان‘ جي ڀرواري) کي ’ٽيپ‘ سڏيو ويو ۽ اها تار ’سپتڪ‘ جي ’سا‘ تي قائم ڪئي ويئي. اها ’زبان‘ جي ڀر واري تار جيڪا ٻين عام ’طنبورن‘ ۾ ڪانه ٿي ملي، سا شاهه صاحب وڌائي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

       ڪتاب: ’ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا‘

ص 92-93 تان کنيل

غزل

ڳهيريل ڳوٺ جا رستا، هوا پڙهندي، هوا ٿِڙندي،

پرينءَ جا واٽ تي پيرا، هوا پڙهندي، هوا ٿِڙندي.

 

اڃا ڪڻڪن جي ڇيرن سان ڦِٽي ٿي ننڊ پنڇين جي،

سڳيءَ جا ساز هيڪاندا، هوا پڙهندي، هوا ٿِڙندي.

 

ڳهيلي! رات ڪاري ۾ هي ٽاڻو سُس پُسن جو آ،

جَهڪا رک سرد شوڪارا، هوا پڙهندي، هوا ٿِڙندي!

 

دغائن کي خبر ڪهڙي، دغائون هوش ۾ ناهن،

ڪنوارا نيڻ خوابن جا، هوا پڙهندي، هوا ٿِڙندي.

 

اکين جي موهه کان پرتي ڇڻن ٿا ڦُول رڻ پٽ ۾،

سُڃن ۾ مهڪ جا واڪا، هوا پڙهندي، هوا ٿِڙندي.

 

وسيا هو بي چيا بادل، نه پو ڪا دل جهلي سگهبي،

ڀِنل برسات ۾ چولا، هوا پڙهندي، هوا ٿِڙندي.

 

اسان جي عشق جي من ۾ رڙي ٿي روز ڪا مڪلي،

اسان جي درد جا ڪتبا، هوا پڙهندي، هوا ٿِڙندي.

 

نه تو ۾ ڪاسبو مهڪي، نه تو ۾ ڇاڇرو ڇُلڪي،

نه ڪر تون ناز پو ايڏا، هوا پڙهندي، هوا ٿِڙندي.

 

ايوب کوسو

آزاد نظم جي انفراديت، ان جي لئي ۽ ان جي بي پناهه رواني ناهي، پر ان سان گڏ ”جدت“، ”جديد دؤر“ ۽ ”مشيني زندگي“ به انجا اهم عنصر آهن. جدت جي ذريعي گٺل پيٺل خيالن جي ورجاءَ کان بچي ڪُجهه نئون چوڻ جو ساهس ڌاري سگهبو آهي. نظم ۽ آزاد نظم، شهري زندگيءَ کي ڀرپور نموني پاڻ ۾ سمائي، ان جي عڪاسي ڪن ٿا.

”آزاد شاعريءَ کي هڪ پنهنجو نرالو اسلوب ۽ هڪ انوکي قسم جو مواد آهي، جنهن ۾ سياسي، نفسياتي، فڪري، معاشرتي ۽ معاشي مسئلن جو خام مال موجود آهي، جنهن جو رشتو گهڻو تڻو زندگيءَ جي خارجي معاملات سان وابسته آهي، بعض اوقات آزاد شاعريءَ ۾ داخلي ڪيفيت جا به نقش نگار اُڀري اچن ٿا. انهيءَ ڪري آزاد شاعري، هيئت  ۽ موضوع جي لحاظ سان اسان جي روايتي رائج شاعريءَ جي لازمي بنيادي اصولن کان بلڪل بي نياز آهي.

آزاد شاعريءَ ۾ نه فقط قافيي ۽ رديف جي پابنديءَ کان انحراف آهي، پر ان سان گڏ پراڻي اسلوب ۽ فرسوده مواد کان بغاوت ئي صحيح نموني ۾ آزاد شاعريءَ جو فن آهي.

آزاد نظم ۾ جدت، جديديت، جديديت پُڄاڻان جا عڪس، نئون ۽ نواڻ ڀريو اسلوب ۽ پيشڪش جو نرالو ڍنگ هئڻ گهرجي، جن سان آزاد نظم جي انفراديت قائم ٿئي ۽ ان جي اهميت موجوده وقت ۾ وڌي وڃي.

آزاد نظم، موضوعاتي حوالي سان ڪائنات ۽ زندگيءَ وانگي وسيع آهي. تنهنڪري ان ۾ زندگيءَ جا چِٽ اهڙي نموني چٽيا وڃن ٿا، جنهن کي پڙهندي نئين لهجي، نوَن عڪسن ۽ نواڻ جي نون ذائقن کان واقفيت ٿئي ٿي، ۽ ”جديد رنگ“ جو هڪڙو نئون جهان اکين جي آڏو اچي وڃي ٿو.

آزاد نظم رُڳو هيئت جي نواڻ جو ڏيک نٿو ڏئي، پر ان ۾ ”نئين فڪر“ کي نئين ڪُنڊ کان نئين رنگ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. آزاد نظم اها شعري صنف آهي، جيڪا ”نئين فڪر“ ۽ ”جدت“ جي لاءِ نوان رستا هموار ڪندي ٿي رهي.

ان کان علاوه فني حوالي سان ڏسجي ته آزاد نظم ۾ تسلسل ۽ مصرعن جي پاڻ ۾ هم آهنگي ۽ ربط به اهم حيثيت رکي ٿو ۽ آزاد نظم کي انفرادي حيثيت جو حامل بڻائي ٿو. تسلسل جو نه هجڻ يا بي ربطي آزاد نظم جي سونهن، انفراديت  ۽ اهميت کي ضربي وجهي ٿي.

مشتاق گبول

       ڪتاب: (شاعريءَ جون صنفون)

ص 39-40 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org