سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:22 

اياز ابڙو

 

 

 

طارق اشرف ۽ نثار حسينيءَ جي ياد ادبي ميڙاڪو

سنڌي ادب جي ويجهڙائي واري ماضيءَ تي نظر وجهڻ سان اسان کي ادبي حوالي سان ڪيترائي مڻيادار ماڻهو اهڙا نظر اچن ٿا، جن پنهنجي فڪري صلاحيتن جي بنياد تي سنڌي ادب جي اوسر ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ادبي تاريخ انهن جي ذڪر کان سواءِ اڻپوري رهندي. اهڙن ئي اَملهه ماڻهن جي ميڙ ۾ طارق اشرف ۽ نثار حسيني به شامل آهن، جيڪي نه صرف تمام وڏا ليکڪ، پر پنهنجي دور جا انتهائي سگهارا پبلشر به هئا.

70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان پوءِ ماهوار ’سهڻي‘ ۽ ’آگم پبليڪيشز‘  ادب جي اشاعت جي حوالي سان تمام وڏا اشاعتي ادارا هئا، جن ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي روشناس ڪرايو. اهڙين نامور ادبي شخصيتن کي سارڻ ۽ نوجوان نسل تائين انهن بابت درست معلومات پهچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

ان اهم ضرورت کي محسوس ڪندي 26 جولاءِ 2019ع تي ’نئين دنيا پبليڪيشن‘ شڪارپور پاران ’سونهان منهنجي سنڌ جا‘، جي عنوان هيٺ طارق اشرف ۽ نثار حسينيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌي لينگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ هڪ ادبي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. هن ادبي ميڙاڪي جي صدارت نامياري ڪهاڻيڪار، صحافي ۽ ليکڪ مدد علي سنڌيءَ ڪئي جڏهن ته ڪيلاش، نصير مرزا، نياز پنهور ۽ تاج جوئي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ تقريب جي ڪاروائي، ماهوار
’سرتيون‘ جي ايڊيٽر محترمه گلبدن جاويد مرزا هلائي.

 

 

صدارتي تقرير ڪندي مدد علي سنڌيءَ چيو ته: طارق اشرف ۽ نثار حسيني سنڌي ٻوليءَ جا جهونجهار ۽ برک ليکڪ هئا، جن جي ادبي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. جس آهي اياز ابڙي کي، جنهن پنهنجو فرض نڀائيندي اڄ هيءُ ميڙاڪو ڪوٺايو آهي. هن نثار حسينيءَ کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته نثار حسيني کاٻي ڌر سان واڳيل اهڙو آدرشي انسان هو، جنهن پنهنجي سموري حياتي فقيريءَ واري رنگ ۾ گذاري. هُو هڪ تمام وڏو ڊراما نگار، ليکڪ ۽ پبلشر هو، جنهن ’آگم پبليڪيشن‘ پاران ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپائي سنڌي ادب ۾ واڌارو آندو. 70 واري ڏهاڪي ۾ طارق اشرف جي سهڻي پريس ۽ ماهوار سهڻي رسالي جي آفيس، حيدرآباد ۾ سنڌي اديبن جو مرڪز هئي. هن دور ۾ نه صرف سهڻي پريس پر  سيد ظفر حسن جي پرفيڪٽ پريس به بند ڪئي وئي ڇو ته اهي ٻئي پريسون سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جي ڇپائيءَ جو مرڪز هيون. هن اهو به چيو ته بنگال ۽ سنڌ جي اديبن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي بقا لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان دور جي اخبارن ۽ رسالن جي ڀيٽَ ڪبي ته اسان کي واضح فرق نظر ايندو، اخبارون ڪجهه به نه لکنديون هيون، پر اهو ڪم رسالا ڪندا هئا. ادب سان واڳيل نوجوانن کي ان دور جي ادبي تاريخ ضرور پڙهڻ گهرجي.

ليکڪ ۽ صحافيءَ نياز پنهور چيو ته: طارق اشرف ۽ نثار حسيني مثالي انسان هئا، جن نوجوان نسل لاءِ وڏو ادبي ذخيرو ڇڏيو آهي، جيڪو نئين نسل کي پڙهڻ گهرجي. طارق اشرف هڪ بهادر انسان هو، هن سهڻي رسالي جي اشاعت سبب تمام گهڻيون تڪليفون سَٺيون، جيل ڪاٽيا، پر ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. هُو 22 مهينا جيل ۾ به رهيو، جتان هُو ڪيتريون بيماريون به ساڻ کڻي آيو، پر وڪامڻ پسند نه ڪيو. هن اهو به چيو ته منهنجي نظر ۾ سهڻي واحد ادبي رسالو آهي، جنهن جي سرڪيوليشن، طارق اشرف جي لکيل ايڊيٽوريل ڪري وڌندي رهي. اهڙا ايڊيٽوريل ٻئي ڪنهن رسالي ۾ نه ڇپيا. ’سهڻي‘ رسالو هن جي گذر سفر جو ذريعو هو، جنهن تي 1976ع ۾ پابندي وجهي سهڻي پريس به بند ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ادبي حوالي سان نثار حسيني هڪ وڏي شخصيت هو. هن نَونِ اديبن ۽ شاعرن جي همت افزائي ڪئي ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ جو گَس فراهم ڪيو.

س ا س جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جوئي ويچار ونڊيندي چيو ته: ’نئين دنيا پبليڪيشن‘ شڪارپور جي اياز ابڙي کي جَس هجي، جنهن طارق اشرف ۽ نثار حسينيءَ جهڙين ٻن وڏين ادبي شخصيتن تي حيدرآباد ۾ ادبي ميڙاڪو ڪوٺايو آهي. هن طارق اشرف کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته: طارق اشرف باضمير ليکڪ ۽ خوددار ايڊيٽر هو، جنهن ’سهڻي‘ رسالو ريگيولر ڪڍيو، جيڪو هر مهيني جي پهرين تاريخ تي مارڪيٽ ۾ موجود هوندو هو ۽ ٽِن ڏينهن ۾ وڪرو ٿي ويندو هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ 8 ڪتاب لکيا، پر ڪنهن به ڪتاب تي مهاڳ نه لکرايو. سندس پنج ڪتاب جيل ياترا جا لکيل آهن، جنهن ۾ هن پنهنجي جيل جي ساٿين کي به ساريو آهي. هن جو جيل مان لکيل خط ان دور جو هڪ وڏو سچ آهي. هن اهو به چيو ته طارق اشرف سنڌي ادب جو ٽرينڊ سيٽر هو.

نامياري شاعر ۽ ليکڪ نصير مرزا ڳالهائيندي چيو ته، نثار حسيني منهنجو استاد هو، جنهن مون کي سنڌ سان پيار ڪرڻ ۽ اسٽيج تي ڳالهائڻ ۽ ويهڻ سيکاريو. هن ڪيترن ئي نَونِ اديبن کي متعارف ڪرايو، جن ۾ نورالهديٰ شاهه به شامل آهي. نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’جلاوطن‘ به آگم پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو هو. هن اهو به چيو ته مون کي جنم ته منهنجي ماءُ ۽ پيءُ ڏنو آهي، پر منهنجي ذهني آبياري ۽ پرورش نثار حسينيءَ ڪئي آهي.

ليکڪ ۽ شاعر ڪيلاش پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته: طارق اشرف ۽ نثار حسيني تمام گهڻين خوبين وارا انسان هئا، جن پنهنجي دور ۾ سنڌي سماج کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ادبي جاکوڙ ڪئي. هي ٻئي ڄڻا اسان جي ادبي تاريخ جون اهي شخصيتون آهن جن سماج کي تبديل ڪرڻ ۽ ان کي سڌارڻ لاءِ قومي سوچ ۽ طبقاتي جدوجهد کي سياست بدران ادبي ۽ فني نوعيت واري انداز ۾ اڳتي وڌايو. اسان کي انهن جي ڪيل ادبي ڪم مان سکڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته هن پروگرام ۾ نثار حسينيءَ جا ڊراما ڏيکاريا وڃن ها ۽ ٻنهي شخصيتن جا رڪارڊ ٿيل انٽرويو به ڏيکاريا وڃن ها. ٻنهي شخصيتن تي هڪ پروگرام ۾ تفصيلي طور تي ڳالهائڻ ڏکيو آهي.

ليکڪ ۽ ڪالم نويس محمود مغل چيو ته: طارق اشرف انتهائي بااصول ۽ سخت مزاج وارو انسان هو. هُو ڪنهنجي به گِلا ٻڌڻ پسند ڪونه ڪندو هو. مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هن مون کي سندس رسالي ’سهڻي‘ ۾ ڪهاڻي لکڻ لاءِ خط لکيو هو ۽ منهنجي اها ڪهاڻي ’سهڻيءَ‘ ۾ شايع ڪئي هئي، جيڪا هڪ ٻئي رسالي جي ايڊيٽر مون کي واپس موڪلي هئي.

تقريب کي خطاب ڪندي اديب ۽ دانشور ادريس جتوئيءَ چيو ته: ماهوار سهڻي پنهنجي دور جو مزاحمتي رسالو هو. سهڻيءَ جا نسيم کرل، شيخ اياز ۽ امر جليل نمبر سنڌي ادب جا رفرنس بوڪس آهن، جن مان نوجوان لکندڙن کي لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي. نثار حسينيءَ جي گاڏي کاتي ۾ ’آگم پبليڪيشن‘ جي آفيس سنڌي اديبن جو مرڪز هو. هن نه صرف نَونِ سنڌي اديبن جا ڪتاب ڇپايا پر ناٽڪ نگاريءَ ۾ به وڏو نالو پيدا ڪيو. نثار حسيني پبليڪيشن آرٽ جو وڏو ڄاڻو هو. علي بابا توڙي نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو به نثار حسينيءَ ڇپايو هو. نصير مرزا جو ڪتاب ’منهنجو سائين‘ نثار حسينيءَ جي زندگيءَ بابت هڪ اهم ادبي دستاويز آهي. نثار حسينيءَ جي مثبت ذهني سوچ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، هن سنڌي اديبن کي اپيل ڪئي هئي ته هُو پنهنجا اختلاف وساري گڏجي ڪم ڪن.

شاعره ۽ ليکڪه زيب نظاماڻيءَ چيو ته: نثار حسينيءَ اسٽيج ڊرامن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن ڀٽائيءَ جي سورمين کي اسٽيج ڊرامن ذريعي نروار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته: ’آگم پبليڪيشن‘ جي آفيس سنڌي اديبن جي هائيڊ پارڪ هوندي هئي، جتي قومي ۽ انقلابي تحريڪ تي نظرياتي بحث ٿيندا هئا. هن نوجوانن ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي.

ناول نگار منظور ٿهيم ڳالهائيندي چيو ته: طارق اشرف پنهنجي دور جو تمام وڏو پبلشر هو. هُو هاڻي واري دور جي پبلشرن کان گهڻو مختلف هو. هُو 70 واري ڏهاڪي ۾ ادب ۽ سياست جو ڪيس بهادريءَ سان وڙهيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن معاملي تي سوديبازي نه ڪئي.

پروفيسر زوار نقويءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته: طارق اشرف پنهنجي دور جو تمام وڏو ليکڪ ۽ ايڊيٽر هو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان ڪمپرومائيز نه ڪيو. هن وقت ضروري آهي ته ان دور جي يادگيرين کي سهيڙيو وڃي، جيئن نئين ٽهيءَ کي ڄاڻ ملي سگهي. نثار حسينيءَ بابت ڳالهائيندي هن چيو، ته هُو هڪ آدرشي انسان هو، جنهن مون سميت ٻين ڪيترن کي سماج ۾ سڃاڻپ ڏني. هن چيچ کان وٺي اسان کي هلڻ سيکاريو. هن اهو به چيو، ته آگم پبليڪيشن نوجوان اديبن جي آبياري ڪئي ۽ سنڌي ادب کي هٿي وٺرائي.

هن موقعي تي منصور قادر جوڻيجي تقرير ڪندي چيو ته: نثار حسيني ۽ طارق اشرف، سنڌي ادب جا تمام وڏا نالا آهن، جن ادب جي اوسر لاءِ اشاعتي ادارا قائم ڪيا ۽ هنن نوجوان اديبن جون تخليقون شايع ڪري کين همٿايو. هن اهو به چيو ته ماهوار ’سهڻي‘ سنڌي ادب جو اهو مهندار رسالو هو، جنهن جي پڙهڻ جو هر اديب ۽ سياسي ڪارڪن کي انتظار رهندو هو. ماهوار سهڻيءَ جا ايڊيٽوريل سنڌي ادب جو هڪ اهم باب آهن.

شفيع چانڊئي چيو ته: سنڌي ادب جي دنيا ۾ طارق اشرف ۽ نثار حسينيءَ جي ڪيل ڪم کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. نثار حسينيءَ نوجوان نسل کي سنڌي ادب سان روشناس ڪرايو ۽ هنن ۾ لکڻ جي همٿ پيدا ڪئي. هن اهو به چيو ته: نثار حسيني پنهنجن ادارن ۽ ادب کي بچائڻ لاءِ هميشه ويڙهه ڪئي ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو نه جهُڪيو.

نامياري ڪهاڻيڪار سليم چنا، طارق اشرف جي باري ۾ پنهنجو لکيل مضمون پڙهيو، جنهن ۾ طارق اشرف جي ذاتي زندگيءَ بابت اهم معلومات ڏنل هئي.

هن موقعي تي خليل سمو، حامد رضا، خديجه سمو، ۽ سرور سخيراڻيءَ مختلف شاعرن جي شاعري سُر ۾ پڙهي ٻڌائي ۽ نويد منتظر پنهنجو نثري نظم پڙهيو . جڏهن ته پروگرام جي مُنڍَ ۾ ’نئين دنيا پبليڪيشن‘شڪارپور پاران اياز ابڙي آيل مهمانن ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪيل سهڪار جا ٿورا مڃيندي آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته: طارق اشرف ۽ نثار حسيني منهنجا ته آئيڊيل آهن ئي سهي، پر هتي ويٺل سڀني ماڻهن جا به هُو آئيڊيل هوندا. هن اهو به چيو ته طارق اشرف ۽ نثار حسينيءَ سنڌي ادب جي اوسر ۽ نوجوان اديبن کي همٿائڻ وارو تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته اسان جي ادبي ادارن کي هنن ٻنهي شخصيتن تي الڳ الڳ ۽ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائڻ گهرجي، جيڪا وقت جي اهم ضرورت ۽ هنن انمول شخصيتن جو حق به آهي، جيئن ادب سان واڳيل نوجوان نسل سندن ادبي ڪم ڪار کان واقف ٿي سگهي.

سليم جروار

 

 

 

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران

رعايتي ڪتابي ميلو

سنڌي ٻوليءَ جي بااختياري اداري پاران منعقد ڪيل ستن ڏينهن جو ’رعايتي ڪتابي ميلو‘ منعقد ڪيو ويو ۽ ڪتابي ميلي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت ۽ مختلف موضوعن جا سوين ڪتاب وڪرو ٿيا. 26- آگسٽ کان 30 آگسٽ 2019ع تائين لڳندڙ ’رعايتي ڪتابي ميلي‘ ۾ استادن، شاگردن ۽ ليکڪن جي بيحد اصرار بعد، ان ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪري، پهرين سيپٽمبر جي رات ڏهين وڳي تائين وڌايو ويو. ’رعايتي ڪتابي ميلي‘ جو افتتاح سيڪريٽري ثقافت ۽ اداري جي چيئرمين پرويز احمد سِيهڙ، ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر انورفگار هڪڙي ۽ اداري جي سيڪريٽريءَ شبنم گل ڪيو. رعايتي ڪتابي ميلي ۾ 70/60 سيڪڙو تائين رعايت ڏني وئي هئي، تنهنڪري شاگردن خصوصي طور تي وڏي دلچسپيءَ سان شرڪت ڪئي، ۽ ان سان گڏ ڪتابي ميلي ۾ ليکڪن، استادن ۽ ڪتاب سان چاهه رکندڙن ڀرپور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪاليجن ۽ اسڪولن جي استادن شاگردن سميت پڻ شرڪت ڪئي. ستن ڏينهن ۾ مجموعي طور هزارين ماڻهن جي شرڪت رهي ۽ ٻوليءَ جي مختلف موضوعن سميت لغات، انسائيڪلوپيڊيا، ڊڪشنرين ۽ ٻاراڻي ادب سميت مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب وڪرو ٿيا. ۽ هن ڪامياب ڪتابي ميلي جي حوالي سان سيڪريٽري شبنم گل سنڌ واسين کي مبارڪون ڏيندي چيو ته حيدرآباد جي ليکڪن، استادن ۽ شاگرد  ۽ علم سان عشق ڪندڙ ماڻهن ڪتابي ميلي ۾ شرڪت ڪري ڪتاب سان محبت اهميت جو ثبوت ڏنو آهي، ان ۾ اداري جي عملدارن ۽ ڪارڪنن پڻ ٽيم ورڪ طور ڪم ڪري اداري جي بنيادي مقصد کي اُجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته اداري جو مقصد ئي سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن کي عام پڙهندڙ تائين پهچائڻ آهي، ان مقصد هيٺ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ علائقن ۾ هن قسم جا رعايتي ميلا منعقد ڪنداسين ته جيئن رعايت ۽ آسانيءَ سان ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچي سگهن. ان کان اڳ ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪندي سيڪريٽري ثقافت ۽ اداري جي چيئرمين پرويز احمد سيهڙ چيو ته تعليم ۽ ادب جي اهميت ۽ رسائي هن دور ۾ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته علم ۽ ادب انسان جو شعور جي اک کولرائي ٿو ان سان ئي قومن کي ترقيءَ جا گس ملي سگهندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اٿارٽيءَ رعايتي ڪتابي ميلي جي نوجوانن ۽ شاگردن جو ڪتاب وٺڻ ۽ پڙهڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، اهو تمام وڏو ڪم آهي. ان موقعي تي ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر انورفگار هڪڙي چيو ته هن انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن مان پڙهڻ جو رجحان ختم ٿي رهيو آهي. ان وقت رعايتي ڪتابي ميلو لڳائڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو اهم قدم آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران منعقد ڪيل هن ڪتابي ميلي مجموعي طور هڪ نئون ٽرينڊ پيدا ڪيو آهي، جنهن سان نوجوانن جو ڪتاب طرف ڌيان وڌيو آهي، اُميد ته ٻيا علمي ادبي ادارا پڻ ان طرف ڪوششون ڪندا.

صدف شيخ

 

 

 

کُماچ: سنڌي ادب جو هڪ وڻندڙ ناول

 

ناول افسانوي ادب جي هڪ اهم ترين صنف آهي، جيڪو نه فقط انساني سماج جي سماجي پاسن پر ان سان گڏوگڏ ان جي نفسياتي روين جو به احاطو ڪندو آهي.  ناول جهڙي گهڻ رخي صنف ئي پڙهندڙ کي ماڻهو جي اندر توڙي ٻاهرين دنيا جي باري ۾ ٻڌائيندي آهي.

سنڌي ادب ۾ هن وقت ناول واري صنف هڪ ڀيرو وري پنهنجون پاڙون پختيون ڪري رهي آهي. اهوئي سبب آهي، جو اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه سالن کان لاڳيتو ناول پڙهڻ لاءِ ملي رهيا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مون اڪبر سومري جو ناول کماچ پڙهيو جيڪو پڙهي مون کي انتهائي خوشي محسوس  ٿي ته سنڌي ادب ۾ به اهڙو ادب لکجي پيو يا وري ائين چئجي  ته سنڌي ادب کي چمڪائڻ وارا ستارا اڃا موجود آهن. هيءُ ناول هڪ سٺي ناول جي سمورين گُهرجن تي پورو لهي ٿو. مون کي ناول  ۾ گهڻيون شيون  وڻيون ۽ دل وري وري پڙهڻ لاءِ چيو. اهو ناول  جيترا دفعا به پڙهيم ڄڻ مون کي هر وقت نواڻ پئي محسوس ٿي.

هونئن ته ناول جي معني ئي آهي ته نواڻ پر اڪبر سومري هن کي تعريف جي حساب سان  ڀيٽيو آهي. ناول انساني جذبن سان گڏوگڏ قومي زندگي جو عڪس پڻ هوندو آهي.

هن ناول جو نالو ڪلاسيڪل سُر کُماچ تان ورتو ويو آهي ۽ اڪبر سومري  هن ناول ۾ ڪراچيءَ جو لائيف اسٽائيل، ڪراچي جو ڪلچر  ۽ اُتان جي ماڻهن جي سيڪس لائيف کي بيان  ڪيو آهي. هن ۾ جيڪي به ڪردار ڄاڻايا ويا آهن،  اهي اڄڪلھ جي ماڊرن ڪلٌچر جي سڃاڻپ آهن. جن ۾ عماد، روميسا، انس، ربيعه، مونا، زارا جا ڪردار شامل آهن. اهي اڄڪلھ جي سماج جي عڪاسي ڪن ٿا.

 ان کانسواءِ روميسا جيڪا  عماد جي گهر واري آھي، سا وري مڙس جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ  ڊوپليس تي باربار وڃڻ کان نه ٿي ڪيٻائي، روميسا ان ڳالھ کان ناواقف  رهي ٿي ته مرد پنهنجي دل وارن خانن ۾ ننڍن ننڍن بتن جي تلاش  ۾ ڀٽڪيل رهندو آهي، هڪ بت جي پرتش تي ڪڏهن به خوش نه ٿو رهي.  پر پوءِ به عماد هڪ اهڙو جادوگر  آهي جيڪو پنهنجي جادوءَ سان هر نئين ڇوڪريءَ کي پنهنجي وس ۾ ٿو ڪري.

۽ وري  ذارا جيڪا عماد جي عشق ۾ پنهنجي جان ڏئي ڇڏي  ٿي، اها هڪ مظلوم سان گڏ بيوقوف عورت  پڻ ڏيکاري وئي آهي. زارا  سماجي، روايتي ۽ رسمي  زنجيرن ۾ جکڙيل پڻ ڏيکاري وئي آهي. هوءَ سٺي فيمليءَ  سان تعلق رکڻ کانپوءِ به هڪ اڻپڙھ ۽ ڄٽ سان شادي  ڪرڻ لاءِ پريشان رهي ٿي. جڏهن ته زارا جو ڀاءُ مرضي سان زندگي  گذارڻ وارو هڪ آزاد مرد آهي. هتي ڪجھ  منٽن لاءِ اهائي عورت نظر اچي ٿي جيڪا  چاهيندي به پاڻ کي ڪڏهن لبرل ڪري نه ٿي سگهي.

ان کانسواءِ ناول ۾ هڪ ٻيو ڪردار جيڪو انس جي آهي. انس جو ڪردار  مون کي ڪٿي ڪٿي سٺو لڳو. هن جو پنهنجائپ سان ڳالهائڻ ۽ ملڻ پڻ مون کي سٺو لڳو هو. اڪيلو ۽  ڏکن  سان ڀريل زندگيءَ  کي انجواءِ  ڪرڻ لاءِ مارشا ۽ مونا جو سهارو  وٺندو آهي.  هر  وقت  انگلش پلس اردو ڳالهائيندو آهي. ناول ۾ انس جو ڪردار ائين بيان ٿيل آهي ته هنن ۾ موالين وانگيان عقيق ۽ فيروزي جون منڊيون، جينس مٿان بيبي بيڪ قميص ۽ ڪارائيءَ ۾ برائون ليدر ڪف ۽ بريسليٽ پاتل هئي.

هو ان شيءِ  کان باخبر هو ته مونا هن سان هميشه ڪوڙ ڳالهائي پئسا وٺي ويندي  آهي پر تنهن هوندي به هُو هن سان خوش رهي ٿو.

انس (گَي) هجڻ سان گڏوگڏ گٽار وڄائڻ ۽ جانور پالڻ ۽ بي پي ايچ پيئڻ جو پڻ شوقين هو.

انس کان پوءِ  هن ناول ۾ مونا جو ڪردار اچي ٿو. مونا هڪ اهڙي عورت آهي جيڪا  ڪنهن ڪلب ۾ پيانو وڄائي زندگيءَ جو گذر سفر ڪري ٿي. هوءَ ڪافي نانگن ۽ واڳن جي وات مان ٿي موٽي ايندڙ عورت  ڏيکاري  وئي آهي، جيڪا ان کان پوءِ  به مزدورن سان تعلق  رکڻ کان نه ٿي ڪيٻائي، هو انس ۽ عماد سان پنهنجا لاڳاپا جوڙي رکي ٿي ۽ پنهنجي هر ضرورت  پوري ڪري اڳتي وڌي ٿي. مونا بس مان لهندي  هڪ حادثي ۾ مري وڃي ٿي. ناول نگار مونا جو ڪردار  هڪ ٽوم بواءِ جيان ڏيکاريو آهي،  هن جو اسٽائيل ۽ ڪپڙا مرداڻه هوندا آهن ۽ هُو به انس جيان هر قسم جو نشو واپرائي ٿي. مونا جهڙين ڇوڪرين جو ڪردار به اسان وٽ آهن، جيڪي  هر قسم جي آزادي  هوندي به پنهنجي زندگي  مان ناخوش آهن ۽ آئون سمجهان ٿي  عورت ڪيتري  به آزاد ٿي وڃي،  پر هو پنهنجو عورت پڻو ڪڏهن  به نه ڇڏيندي آهي.

ان کانسواءِ ناول ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل جي 2007ع وارا حادثا بيان ٿيل آهن، جنهن وقت ڪراچي بم، بارود ۽ هڙتال جي ور چڙهيل هو هر وقت ٻاهر وڃڻ واري شخص کي پنهنجي  جان جوکي ۾ وجهي آفيس  پڄڻو هوندو هو، تنهن هوندي به هر وقت نيوز چينل تي هڪ دل ڌوڏيندڙ خبر پئي اکين آڏو گردش ڪندي هئي. ان دور ۾ هر ماڻهوءَ جو ساھه مُٺ محسوس پيو ٿيندو هو. ناول ۾ اڪبر صاحب ڪراچيءَ  جي حالتن سان گڏوگڏ ماڻهن جا خيال،  هنن جو زندگيءَ گذارڻ ۽ سوچ جي سٺي عڪاسي  ڪئي آهي ۽ هن ماڊرن دور کي سٺي  طرح پروڙيو آهي. ناول نگار اسان احساس ڏياري  ٿو ته اسين هڪ ماڊرن  دور ۾ ساھ کڻي  رهيا آهيون، ان  کان سواءِ ناول ۾ اهو محسوس ٿئي ٿو ته ناول نگار ڪٿي ڪٿي  هروڀرو انگريزيءَ  جي گهڻائي ڪري ويو آهي، غير ضروري  انگريزي جا لفظ به جام  استعمال  ڪيا اٿس  ۽ ٻي ڳالھ ته هر عورت توڙي  ڇوڪريءَ  لاءِ رڳو ڊوپليس پارلر جي چونڊ ڪئي اٿس. جڏهن  ته گهمڻ  لاءِ هن اڻ کٽ  ۽ نيون جايون  ڄاڻايون آهن، پر خبر ناهي جو هن ڊوپليس کي هار سينگار  ۽ بهتر  قرار ڏنو آهي.

ناول جون ڪئين سٽون اهڙيون آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي موهي وجهن ٿيون.

  • دنيا  ۾ مظلوم عورت جو وجود  ته ٿي سگهي ٿو، پر مظلوم زال جو شايد  ڪوئي وجود ڪونهي.

  •  زندگي کوھ جي نار ۽ لوٽن جيان ماڻهوءَ  کي گهمائي ٿي، پر اڪثر  ان جو هر لمحو ماڻهوءَ کي خوش رهڻ جا ٻيا ڪئين موقعا مهيا ڪندو ٿو رهي

  • دنيا  بي پناهيءَ  جي برف باري ۾ ٿڙڪي  رهي آهي. پناھه ڪٿي به ناهي ڪنهن به جاءِ تي نه.

  • ربيعا ٻيهر ٽهڪ ڏنو جيڪو ڪافي دوستاڻو هو. هن جي چهري تي لڄ اچي ويئي. هن ريڊنگ گلاسز مان ماکيءَ رنگ اکين سان عماد ڏانهن چتائي نهاريو. عماد محسوس  ڪيو ته ربيعا جي ٽهڪ مان هڪڙو شاهي  پوپٽ  ٺهيو ۽ هو سڄي بوگي ۾ اڏامڻ لڳو.

  • عورت  ۾ ڪائناتي خصوصيتون  لڌيون وڃن ٿيون مرد ٽوڙيندڙ  ۽ عورت گنڍيندڙ آهي.

  • ماڻهوءَ جي اندر ۾ الائجي ڪيڏا وڏا غار آهن؟ الائجي ڪيتريون  گفائون جيڪي ڀرجن ئي نٿيون.

  • ڪائنات ۾ موجود بليڪ هولس جي ڊيگھ ويڪر جي به ڪنهن کي ڪا خبر ڪانهي.

  • ماڻهن جون ٻوليون ۽ ڪلچر ته مختلف آهن پر دل جي دانهن ۽ دک  سان ساڳيا آهن.

  • ڪي ماڻهو چاڪليٽ جهڙا ٿين پر ڪي ماڻهو ٿوم جهڙا به ٿيندا آهن زهر ڳالهائين ۽ زهر اوڳاڇين.

  • ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو راڪاس ٽهڪ ڏيئي ڪالي ماتا جيان رت هاڻي زبان ڪڍي چنگهاڙي رهيو هيو.

  • عورت  ۽ ٻين جا علائقا ڦٻائيندڙ ملڪ ۾ ڪو فرق ڪونهي.

  • دنيا  ۾ ڪافي  ماڻهن جي اندر ۾ ماکي  ڀريل هوندي آهي

  • زال ۽ مڙس ميدان ۾ وڙهندا اهڙا گليڊ يئٽرس هوندا آهن جيڪي  وڙهندي وڙهندي به هڪ ٻئي کي ڪيس ڪرڻ نه وساريندا آهن.

  • ڌيءَ کان پهرين پائي وٺ ۽ ننهن کان پهرين کائي وٺ.

  • ماڻهو ڪيترو نه ڪمزور آهي ڪيڏو نه سٺو هجي ها جيڪڏهن ماڻهو پنجاھ سالن جي عمر  گذاري پوءِ Hibernation  ۾ هليو وڃي ها.

  • زارا انهن ماڻهن مان هئي، جن جي اندر  ۾ گل گئونچ ٽڙيل هوندا آهن، گلن جي پنکڙين جهڙي ڪو ملتا ۽ خوشبوئون ڀريل هونديون آهن.

  • محبت نه رڳو ماڻهوءَ جي جسم جي پر روح جي به ڪائناتي ٽيوننگ آهي.

  • محبت دراصل لالچ جو هڪڙو قسم آهي.

  • هر ڪا ٻڪري  پنهنجي  ڦائي ٽنگبي.

  • اهي جملا پوءِ سفر ڪندا اپارٽمنٽ جي ڏاڪڻن تان ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ تير تيز  قدمن سان لهندا، اڏامندا گند جي ڍير تائين هليا ويا، جتي ڪجھ ئي ڏينهن اڳي هڪڙو مئل ٻار لڌو ويو هو.

  • دنيا فوڊ چين کانسواءِ ڪجھ به ناهي هر شي ءِ پاڻ کان وڌيڪ طاقتور شيءِ جو کاڄ آهي.

سلطانه جمالي

چونڊ تحقيقي مضمون

 

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي عالمن، دانشورن ۽ مؤرخن تحقيقي مضمون لکيا، جيڪي وقت بوقت ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي هڪ ديني عالم ۽ استاد جي حيثيت سان تحقيقي ڪم ۾ رهبري ڪرائيندا رهيا، پر ان سان گڏوگڏ پاڻ به تحقيقي ڪم سان وابسته رهيا. علامه صاحب نه صرف سنڌ جي لائبررين پر پوري پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ به تحقيقي ڪم جي ڇنڊڇاڻ ڪيائون ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۽ ٻولي محفوظ ٿي سگهي ۽ تحقيق لاءِ هڪ نئين راهه هموار ٿئي ان مقصد کي اڳيان رکي، علامه صاحب مختلف علومن ۽ ڪيترن ئي تحقيقي پهلوئن جو جائزو وٺي تحقيق ڪندا رهيا. سندس لکڻين ۾ ماضيءَ جي اوج کان وٺي شاندار علمي ۽ ادبي ورثي جو ذڪر ملي ٿو.

پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو ته: ”سنڌ جا ٻين قومن سان لڳ لاڳاپا، سنڌي تهذيب ۽ تمدن جون خوبيون، سنڌي ٻولي ۽ ٻوليءَ تي تحقيقي ڪم، سنڌ جي ڪتبخانن ۾ مشهور عالمن جي باري ۾ گهرائيءَ سان لکيل تحقيقي مضمون ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ارتقا ۽ ان جي باري ۾ دنيا جي اهم عالمن جي نظريات کي جنهن عرق ريزيءَ سان گڏ ڪري پنهنجي راءِ شامل ڪري لکيو ويو آهي، تنهن مان خبر پوي  ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق جي هڪ پراڻي روايت آهي، جنهن ۾ نه صرف سنڌي عالمن بلڪ بغداد، ايران، مصر، مراڪش توڙي ٻئي عالم اسلام جي اَڪابرين جون خدمتون به شامل آهن. خاص ڪري حڪيم زڪريا رازيءَ کان شاهه ولي الله محدث دهلوي تائين جهڙن عالمن، مفڪرن ۽ سندن علم تي روشني وڌي وئي آهي. اهو علامه قاسميءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي تحقيقي مضامين جي نهايت گهڻي کوٽ رهي آهي جن ۾ اصل ماخذن جي آڌار تي تحقيق ڪيل هجي.“

جيئن ته هن ڪتاب ۾ ڪيترائي تحقيقي مضمون شامل آهن، جهڙوڪ: سنڌو درياء جو ذڪر عربي جاگرافين ۾، سنڌ ٽين صدي هجريءَ ۾، سنڌ چوٿين صدي هجري ۾، سنڌي صورتخطي، سنڌي ادب ۾ نعتيه ڪلام ۽ مولود شريف، سنڌ تي تحقيق جا مسئلا، سنڌي نثر جي تاريخ، شاهه جي شاعريءَ جا سرچشما، شاهه لطيف جو فلسفه الاهيات، ميين شاهه عنات جو ڪلام، بزرگ بن شهريار ۽ ٻيا اهم مضمون پڻ شامل آهن.

علامه صاحب جي سڄي زندگي علم حاصل ڪرڻ  ۽ ان کي ڦهلائڻ ۾ وقف ٿي. پاڻ سنڌي ادب جي تاريخي مواد پروڙڻ، پرکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي هٿ اکرين کي محفوظ ڪندا رهيا. ان ڏس ۾ پاڻ برصغير جي ڪيترن ئي درسگاهن، مڪتبن ۽ ڪتبخانن سان لهه وچڙ ۾ رهيا. ان لحاظ کان سندس لکڻين ۾ جيڪو تاثير ملي ٿو سو علمي، ۽ ادبي ۽ تحقيقي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي. پاڻ هر معلومات کي تاريخي حوالن، مستند راين سان پڙهندڙن تائين پهچايو اٿنِ.

هن ڪتاب کي پڙهي حيرانگي ٿي ٿئي ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو علم ڪيترو وسيع هو، جو هو علم ارضيات جا به ماهر هئا، ته اسلامي علوم جا به ماهر هئا. ان سان گڏ سنڌ جي ماضي، ندين، جبلن، ڍنڍن ڍورن جو ذڪر ۾ ڪيو اٿن، جنهن مان سندن تاريخ جي علم تي دسترس جي خبرپوي ٿي ته سنڌ جي مذهبي توڙي ڪلاسيڪي ادب، نثر توڙي شاعريءَ سان به لڳاءُ ٿو نظر اچي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري سندس فلسفي الاهيات، رسالو غلام محمد خانزئي، جيڪو هڪ نهايت ڏکيو ڪم هئو، حافظ غلام محمد هالائي کان ماستر الله بچايو سمون تائين ڪيترين اهم ادبي شخصيتن جو ذڪر ڪيو اٿس،

 ليڪن سڀ کان اهم سندن مضمون هڪ نهايت قديم تاريخي شخصيت بزرگ بن شهريار تي مضمون هڪ نهايت وڏي اهميت جو حامل آهي.

بزرگ بن شهريار جو حوالو ته ڪيترن مورخن ڏنو آهي، ليڪن جنهن تفصيل سان علامه صاحب هن جو ذڪر ڪيو آهي ان مان سندن علمميت جي وسعت ۽ قديم نسخا هٿ ڪري پڙهڻ جي شوق جو اندازو ٿئي ٿو.

علامه صاحب سنڌ جي قديم لائبررين جو به نهايت تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ۽ جيئن مون اڳ چيو ته علامه صاحب هڪ همه گير شخصيت هو، جنهن جي لکيل ڪتابن ۽ سندن تعليم کي جيڪڏهن محفوظ ڪيو ويندو ته يقيناً اهي اڳتي سنڌ ۾ اسلامي علوم جي هڪ تاريخ ثابت ٿيندا.

هن ڏس ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر قائم ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جيڪي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، اهو علامه صاحب جي علم کي ته محفوظ ڪندو پر خود به ان جو نالو رهندو، دنيا تائين قائم رهندو.

هن ڪتاب کي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جي 16 ڪتاب هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 23 تحقيقي مضمون ۽ صفحا 223 شامل آهن، ڪتاب کي سهيڙيندڙ ڊاڪٽر قاضي خادم آهي، جيڪو چيئر جي ٺهڻ يعني جولاءِ 2004ع کان اعزازي ڊائريڪٽر آهي.

ادبي ۽ فني حوالي کان ادبي تنقيد به هڪ اهم ۽ بنيادي موضوع آهي، جنهن جو نه رڳو ادب ۽ فن جي اوسر ۾ اهم ڪردار ٿئي ٿو، پر ان کي خالص ادب جي حيثيت پڻ ڏني ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته ادب ۽ فن ۾ پڻ جتي روشن خيالين، عقليت پسنديءَ، جماليات، ترقي پسند سماجي شعور ۽ احساساتي سگهه ۽ سونهن آهي، اُتي ادب ۽ فن ۾ رجعت پرستي، توهم پرستي، عقيده پرستي ۽ جاهلانه خيال ۽ زندگيءَ مان ويساهه کڻائيندڙ احساس پڻ عام هوندا آهن. اِهو سوال ته ادبي تنقيد ڇا کي چئجي ٿو؟ ۽ اِها ڇو ضروري آهي؟ ان جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا پاسا ٿين ٿا؟ ان جا ادب تي ڪهڙا اثر پون ٿا ۽ ان جا همعصر توڙي ايندڙ ادب لاءِ ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا؟ اِهي تمام بنيادي ۽ اهم سوال آهن، جن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ اديبن، شاعرن توڙي ادب جي پرک ڪندڙن لاءِ بيحد ضروري آهي. ادبي تنقيد هڪ ڏاڍو وسيع، تخليقي، فڪري ۽ فني موضوع آهي. ان جو فلسفي سان به ڏاڍو گهرو تعلق آهي ته ٻوليءَ، سماجيات، جماليات، سياست، سماجي لسانيات، انسانيت، نفسيات ۽ تاريخ سان پڻ گهڻ- طرفو لاڳاپو آهي. ادبي پرک يا تنقيد ان لاءِ به ضروري آهي ته اهو ڏسجي ته ادب جي تصورن، فڪري ماخذن، لاڙن، قدرن ۽ محرڪن توڙي ان جي ٻولي، فن ترڪيبن، گهاڙيٽن ۽ انهن جي مجموعي معيار ۽ سماجي ڪارج بابت پرک ۽ ڇنڊڇاڻ جو عمل ڪهڙا دَڳَ ۽ گَسَ اختيار ڪري رهيو آهي.

جامي چانڊيو

                                         ڪتاب: (ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج)

ص 53-54 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org