سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:7 

ميرزا دبير

 

 

 

ديوان گل جي اشاعت تي آخوند گل محمد هالائيءَ

جي چيل  قطعه تاريخن جو فني جائزو

”ديوان“ فارسي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ“. ادبي اصطلاح ۾ ڪنهن شاعر جي الف- ب واري قافيي تي جوڙيل غزلن جي مجموعي کي ديوان چئجي ٿو[1]. لفظ ”ديوان“ جي وصف لغت ۾ هِن ريت ڄاڻايل آهي:

A complete series of odes or other poems by one author, running through the whole alphabet; the rhymes of the first class terminating in ا, the second in ب, the third in ت, &c. also the collection of the works of one author in prose, as well as verse, especially after he is dead[2].

سنڌ ۾ غزل جي صنف تي ديوان جوڙڻ جي شروعات، مغل دؤر کان ٿي ڀانئجي، پر ان گھڻو زور ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دؤر ۾ ورتو ۽ اُن دؤر جي ڪيترن ئي شاعرن فارسي ۾ غزلَ چئي پنهنجا ديوان جوڙيا. سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون صاحبٖ ديوان شاعر آخوند گل محمد هالائي آهي، جنهن سنڌيءَ جي پنهنجي ترتيب ڏنل، 55 اکرن تي مشتمل آئيويٽا تي سنڌيءَ ۾ پهريون غزلن جو ديوان جوڙي، 07- جمادي الثاني 1275هه/12- جنوري 1859ع تي بمبئيءَ مان ڇپرايو[3]. هِن ديوانَ متعلق گنگارام گرگ لکي ٿو:

A collection of Sindhi Ghazals composed by Gul Mohammad Akhund (q.v.). This Diwan occupies an important place in Sindhi poetry, because of the first Diwan ever published in this language[4].

ديوان گل متعلق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڏَسائي ٿو:

خليفي صاحب کان پوءِ ئي سنڌي ديوانن ۽ ڪلياتن لکڻ جو رواج پيو. هن وقت ديوان قاسم، ديوان بلبل، ديوان فاضل، ديوان سانگي، ديوان قليچ، ديوان خاڪي، ديوان نجفي، ديوان واصف، ديوان حافظ، ديوان احسن ۽ ديوان قادري وغيره موجود آهن، پر انهن سڀني جو پيش رو ”ديوان گل“ آهي[5].

آخوند گل محمد پنهنجي جوڙيل ديوان جي منڍ ۾ ”قانون شناخت حروف سندهي و فارسي و عربي“ کي ”چِٽَائِي“ جو عنوان ڏنو آهي ۽ انهيءَ موضوع کي سمجھائڻ لاءِ هُن، ان کي يارهن بابن ۾ ورهايو آهي ۽ هرهڪ باب کي ”واٽ“ سڏيو اٿس؛ جيڪو ڏهن صفحن تي مشتمل آهي. يارهين صفحي تي ديوان گل جي اشاعت جي قطعه تاريخ ڏنل آهي ۽ صفحي ٻارهين تي ڪتاب جي فهرست ”مُهَڙُ ديوان گل جو“ جي عنوان سان ڏني وئي آهي. ان کانپوءِ ديوان شروع ٿئي ٿو، جيڪو 87 صفحن تي مشتمل آهي ۽ آخري ٽن صفحن تي صاحبٖ ديوان جون، ديوان لکي پوري ڪرڻ تي 08 سنڌي، 06 هندي ۽ 11 فارسيءَ ۾ چيل قطعه تاريخون ڏنل آهن.  ”ديوانٖ گل“ نه فقط سنڌي غزل جو پهريون ديوان آهي، پر ”ديوانٖ گل“ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن جي اشاعت تي ديوان جي آخر ۾ سنڌي، هندي ۽ فارسيءَ ۾ 25 قطعه تاريخون ڏنيون ويون آهن، جنهن مان 1270ھ جو سن حاصل ٿئي ٿو.

سنڌي ادبي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ قطعه تاريخ جي فن تي عموماً ۽ آخوند گل محمد جي تاريخ گوئيءَ تي خصوصاً ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي. هُو نه فقط سنڌي غزل جو وڏو ۽ باڪمال شاعر هو، پر کيس تاريخ گوئيءَ تي به خاصو مَلڪو حاصل هو ۽ هُن سنڌي توڙي فارسي ۽ هنديءَ ۾ قطعه تاريخون چئي پنهنجي سخنوري جا جوهر پَسايا آهن، پر کيس تاريخ گو جي حيثيت ۾ اُهو مقام حاصل نه ٿي سگھيو، جنهن جو هُو حقدار هو.

آخوند گل محمد پنهنجو ديوان سنه 1270 هجريءَ ۾ لکي پورو ڪيو ۽ پوءِ ديوان جي مڪمل ٿيڻ تي پاڻ ئي سنڌيءَ سان گڏ هندي ۽ فارسيءَ ۾ قطعه تاريخون چيون، جن ۾ سن 1272ھ لکيو ويو آهي، پر انهن تاريخن مان ابجد جي قاعدي موجب 1270ھ جو سن حاصل ٿئي ٿو. ان کان سواءِ قطعه تاريخن مان سنڌيءَ جي 2، 4 ۽ 5، هنديءَ جي 1، 2 ۽ فارسيءَ جي 1، 4، 5، 6، 7، 11 تاريخن کي ”رباعي“ لکيو ويو آهي، پر علمٖ عروض ۾ رباعيءَ جا 24 اوزان مقرر ڪيا ويا آهن[6] ۽ اِهي تاريخون رباعيءَ جي بحر ۾ نه ٿيون اچن، تنهنڪري هِنن کي قطعه ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

”ديوانٖ گل“ جون قطعه تاريخون ڏيڻ کان پهرين، هِتي قطعه تاريخ جي فن جو مختصر تعارف ۽ جمل جي قاعدي موجب ابجد جي مقرر ٿيل اکرن جي مُلھ بابت ڄاڻ ڏيڻ به ضروري آهي.

”قطعه تاريخ“ علمٖ بديع جي صنعتن مان هڪ صَنعتَ آهي، جنهن ذريعي مُتَڪَلِم ڪنهن لفظ، مصرع يا ان کان وڌيڪ ڪنهن عبارت مان واقعي جو سال ظاهر ڪري ٿو ۽ اُهو هجري يا عيسوي سال انهن اکرن جي عددن مان جُمل جي حساب مطابق ظاهر ٿئي ٿو. سيد فاضل شاهه قطعه تاريخ جي تعريف ميزان شعر يعني ڏوهيڙن جي تارازي ۾ هن ريت لکي آهي:

تاريخ اُها غزل وانگي ۽ قصيدي وانگي ۽ رباعي طرح به ٿئي. پر پوئين مصرع مان انهيءَ جي، عدد وٺي ابجد جا، سن ڪڍجي. پوءِ يا ته اُها تاريخ هوندي ڄمڻ جي يا شادي جي يا اڏپ جي يا مرڻ جي. پر جي پوئين مصرع سڄي جي عددن مان سن پورو نه نڪتو ته تڏهن يا عدد وڌي ويا هوندا ته پوئين بيت ۾ ڪو اهڙو اشارو ڪبو جنهنڪري پوئين مصرع مان انهي جي، ڪاٽي پورو سن ڪبو ۽ جي عدد ورهه کان کٽل هوندا ته ٻيا وجھي سن پورو ڪبو[7].

مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

ظاهر انگن ڏيڻ جي بدران اهڙا بامعنيٰ لفظ يا جملا يا آيتون يا شعر ٿا ڏجن، جن مان اکرن جي ملهه ٻڌڻ ۽ جملي ڪرڻ سان گھربل تعداد موجود ٿئي ٿو. ڪي ڪي ته اوچتو اهڙا عجيب لفظ ۽ جملا ايندا آهن، جو حيرت لڳي ويندي آهي[8].

ميرزا فتح علي بيگ وري هن طرح بيان ڪئي آهي:

تاريخ گوئي اُهو نظم آهي. جنهن جي مخصوص لفظ، جمله يا مصرع مان ابجد جي طريقي سان شهادت، انتقال، ولادت، شادي، عمارتن جي تعمير ۽ ڪتابن جي تصنيف و تاليف ۽ مشهور واقعات جي آغاز ۽ اختتام تي نمايان طرح سال ڄاڻايو وڃي ٿو[9].

قطعه تاريخ“ جي فن جو بنياد جمل جي حساب تي آهي ۽ جمل جي قاعدي موجب ابجد جي ترتيب مطابق هرهڪ اکر جو مُلھ مقرر ڪيو ويو آهي. ابجد جي انهن اکرن کي ٽن يا چئن اکرن جي گروهه ۾ گڏ ڪري، انهن جي عددن جي اعتبار کان اهڙي ريت ترتيب ڏنو ويو، جو پهرين ڏهن اکرن جا عدد ايڪن ۾ 01 کان 10 تائين، پوءِ اٺن اکرن جا عدد ڏهاڪن ۾ 20 کان 90 تائين ۽ باقي ڏهن اکرن جا عدد سَؤن ۾ 100 کان 1000 تائين مقرر ڪيا ويا آهن. جمل جي قاعدي موجب ابجد جي اٺن لفظن جو مُلهه هِن ريت مقرر ڪيل آهي:

ابجد

هوز

حطي

ڪلمن

سعفص

قرشت

ثخذ

ضظغ

ا: 1

ھ: 5

ح: 8

ڪ: 20

س: 60

ق: 100

ث: 500

ض: 800

ب: 2

و: 6

ط: 9

ل: 30

ع: 70

ر: 200

خ: 600

ظ: 900

ج: 3

ز: 7

ي: 10

م: 40

ف: 80

ش: 300

ذ: 700

غ: 1000

د: 4

 

 

ن: 50

ص: 90

ت: 400

 

 

جيئن ته ابجد جا اکر عربي حروف تهجي مان ورتل آهن، انڪري ان ۾ اُهي اکر شامل نه آهن، جيڪي سنڌي الف-ب ۾ موجود آهن. سنڌيءَ ۾ تاريخ چوڻ لاءِ انهن اکرن جو استعمال ٿئي ٿو، تنهنڪري انهن اکرن جا عدد مقرر ڪرڻ ضروري هئا، جنهنڪري فن جمل جي ماهرن اِنهن اکرن کي آئيويٽا جي ترتيب مطابق، ابجد جي اَٺن لفظن ۾ آيل هر اکر جي عدد برابر ان کان پوءِ واري اکر جا عدد مقرر ڪيا. مثال طور: ”ب“ کان پوءِ وارن اکرن ”ٻ“، ”ڀ“ ۽ ”پ“ جا عدد ”ب“ جي عدد برابر ٻه ٿيندا ۽ اهڙيءَ ريت ٻين اکرن جا به عدد مقرر ڪيا ويا، جن کي آخوند گل محمد هالائيءَ سال 1275هه/1859ع ڌاري بمبئيءَ ۾ ڇپايل پنهنجي ديوانَ ”ديوانٖ گُل“ جي ”چِٽائي“ جي واٽ يارهين ۾ تشڪيلي صورت ڏني. سندس مقرر ڪيل اکرن جو مُلهه هِن ريت آهي:

اکر

انگ

ڳَڻِتُو

اکر

انگ

ڳَڻِتُو

اکر

انگ

ڳَڻِتُو

اء

1

هِڪِڙو

ڊ

4

چار

ڦ

80

اسي

ب

2

ٻَه

ڍ

4

چار

ق

100

سو

ٻ

2

ٻَه

ڌ

4

چار

ڪ

20

ويهه

پ

2

ٻَه

ڏ

4

چار

ک

20

ويهه

ڀ

2

ٻَه

ذ

700

ست سؤ

گ

20

ويهه

ت

400

چار سؤ

ر

200

ٻه سؤ

گھ

20

ويهه

ٺ

400

چار سؤ

رھ

200

ٻه سؤ

ڳ

20

ويهه

ٽ

400

چار سؤ

ڙ

200

ٽي سؤ

ڱ

20

ويهه

ٿ

400

چار سؤ

ز

7

ست

ل

30

ٽيهه

ث

500

پنج سؤ

ژ

7

ست

لھ

30

ٽيهه

ج

3

ٽي

س

60

سَٺ

م

40

چار

جھ

3

ٽي

ش

300

ٽي سؤ

ن

50

پنجاهه

ڄ

3

ٽي

ص

90

نَـوّي

نھ

50

پنجاهه

ڃ

3

ٽي

ض

800

اٺ سؤ

ڻ

50

پنجاهه

چ

3

ٽي

ط

9

نَنوَ

و

6

ڇهه

ڇ

3

ٽي

ظ

900

نَنوَ سؤ

هه

5

پنج

ح

8

اٺ

ع

70

ستر

ي

10

ڏهه

خ

600

ڇهه سؤ

غ

1000

هزار

 

 

 

د

4

چار

ف

80

اسي

 

 

 

آخوند گل محمد هالائي جي ترتيب ڏنل  آئيويٽا

آخوند گل محمد هالائي جي ترتيب ڏنل  آئيويٽا ۽ انهن جو مُلهه

آخوند گل محمد پنهنجي ترتيب ڏنل آئيويٽا ۾ ”ء“ کي شمار نه ڪيو آهي، پر ابجد جي تشڪيل ڏنل پَٽيءَ ۾ ”ء“ کي ”ا“ سان گڏ لکي، اُن جو ملهه ”ا“ جي برابر هڪ مقرر ڪيو آهي. جيئن ته همزو (ء) عربي حروف تهجي ۾ ڪونهي، انڪري قاعدهء ابجد ۾ ان جو ڪو عدد مقرر ناهي. پر سنڌي ۽ اردو ۾ ڪن عالمن ”ء“ جو مُلهه هڪ(1)، ته ڪن وري ڏهه (10) مقرر ڪيو آهي. پر عربي گرامر ۽ لسانيات جي ماهرن جي نقطئه نگاھ ۾ همزو (ء) ”الف“ جو قائم مقام آهي. جيئن مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي وياڪرڻ“ جي جلد ٻئي ۾ لکي ٿو:

متحرڪ الف کي اڪثر عربيءَ ۾ ”همزو“ چون ٿا ۽ الف رڳو ساڪن الف يا حرف علت کي ٿا سڏين[11].

نواب عزيز جنگ ولا پنهنجي ڪتاب ”غرائب الجمل“ ۾ لکي ٿو:

جو الف عربوں اور فارسیوں کے پاس ہمزہ سے موسوم اور داخل حروف ہے، اس کو اہل جمل نے الف ہی کہا ہے۔[12]

انڪري چئي سگهجي ٿو ته، آخوند گل محمد هالائيءَ عربي ۽ فارسي حروف تهجي ۾ همزي (ء) جي استعمال جي پَرک ڪندي، اُن جو عدد هڪ مقرر ڪيو. آخوند صاحب پنهنجي جوڙيل هِن ديوان ۾ ابجد جي عددن کي نظم جي رنگ ۾ به هِن ريت بيان ڪري ٿو:

الف بي جيم دال هي پنج حرف

هڪ ٻه ٽي چار پويون ٿيو پنج

[13]

__

ابجد هڪ ٻه ٽي وٺ چار نوي ڏهه رکي اڳ پوءِ

سٺو منجھ قاف سؤ دل کان آهي هت هت هوالحق حق[14]

آخوند گل محمد کانپوءِ، ميرزا غلام حيدر بيگ ’قنبر‘ ابجد جي اکرن ۽ عددن جي باهمي ڳانڍاپي کي نظم ۾ هِن ريت بيان ڪري ٿو:

هڪ الف جو ٿيّو، ب جا ٻه عدد آهن ٿيا،

ج جا ٽي ٿيا عدد، دال جا چار آهن بجا.

ھ جا پنج، و جا ڇھ، ز جا ست بيشڪ،

ح جا اَٺ، ط جا نَو َ، ي جا ٿيّا ڏھ صاف صفا.

ڪ جا ويھ عدد، ل جا ٿيا ٽيھ عدد،

م جا چاليھ ۽ ن جا پنجاھ سدا.

سَٺ ٿيا س جا ۽ ع جا ستر ٿيا عدد،

اسّي ف جا ٿيا ۽ ص جا نوّي وھ وا.

ق جا سؤ ٿيا ر جا ٻه سؤ آهن ته عدد،

ش جا ٽي سؤ، چار سؤ ت جا، بجا.

پنج سؤ ث جا ٿيا، خ جا ٿيا ڇھ سؤ خوب،

ذ جا ست سؤ ۽ ض جا اَٺ سؤ ٿيا ادا.

نو َ سؤ ظ جا ۽ غ جو ٿيو هڪڙو هزار،

ماهرن علم جي هي عدد مقرر ئي ڪيا.

مثل ب، ٻ ۽ پ ۽ ڀ جا عدد آهن ٻه،

چ ۽ ڃ، ڇ ۽ جھ جا ٽي جيئن ٿين ج جا ٿا.

د جيئن ڌ ۽ ڏ، ڊ ۽ ڍ جا چار عدد،

ک ۽ گ، گھ ۽ ڳ، ڱ جا عدد ويھ سدا.

ن جيئن ڻ جا پنجاھ، اسي ڦ جا جيئن ف،

ٻه سؤ ڙ جا ۽ ژ جا ٿيا آهن حقا.

مثل ت، ٽ جا ۽ ٺ، ٿ جا عدد چار سؤ،

ٿيا هِن ۾ نه ڪنهين شڪ جا نه ڪا شبھ جي جا.

الف ممدوه جو ۽ همزه جو هڪ هڪ ٿيو عدد،

قاعدو ياد هي ’قنبر‘ جي رکن، تن لئي دعا. [15]

هاڻي ”ديوانٖ گل“ جي لکي پوري ٿيڻ تي، گُلَ جون چيل تاريخون ڏجن ٿيون:

تاريخون سنڌي ۽ هندي ۽ فارسي منجهه وَرِھَ پوري ٿيڻ دِيوَانَ گُلَ جي

آخوند گل محمد جيڪي قطعه تاريخون چيون آهن، سي اڪثر ”معنوي“ صورت ۾ آهن. معنوي جي لغوي معنيٰ آهي: معنيٰ وارو. سمجھاڻي وارو. ڳجھو. لڪل[16]. تاريخ گوئي جي اصطلاح ۾ ڪنهن اکر، لفظ يا لفظن جي مجموعي مان جمل جي قاعدي موجب گھربل سن حاصل ٿئي، ته اهڙي تاريخ کي معنوي تاريخ چئجي ٿو[17]. معنوي تاريخ چوڻ لاءِ ان ڳالهه جو خيال رکڻ ضروري آهي، ته معنوي تاريخ لاءِ اهڙا لفظ استعمال ڪجن، جن جو واقعي سان تعلق يا ان ڳالهه سان ڪا نسبت هجڻ ضروري آهي ۽ گُلَ به پنهنجي نالي جي نسبت سان پنهنجي ديوان کي به ”گل“ سان مشابهت ڏئي، جيڪي تاريخون اخذ ڪيون آهن، تن مان سندس فڪري بلاغت کي پَرکي سگهجي ٿو.

سنڌي قطعه تاريخون:                                1

نظمَ سنڌيءَ ۾ جڏهن ديوان گُلُ

لُطفَ حق جي ساڻُ ڦُلَ وانگر ڦُليو

گُلَ وَرِھَ تاريخَ اُن جي ۾ چيو

آهِ هي گُل باغ حق جي جو کُليو.

 

1270هه

2

پيو جڏهن ٻاهرِ ٽِڙي رِيَ ٺاھِ گُلُ

ڪيو خدا مقبول رِيَ لَھُ لاھِ گُلُ

منجهه کُلَڻَ تاريخَ اُن جي وَرِھَ ۾

خوب چَئو گُلَ باغَ رب جو آه گُلُ

 

                     1270هه

3

مِڙِنِ اَکَرَن جي مٿي دِيوَان گُلُ

ٿيو چڱو خوش گُل محمد جو ڦُليلُ

منجهه ٽِڙَڻَ تاريخَ اُن جي خوب گُلَ

چئو سدا گُلُ باغَ احمد جو کُليلُ

 

      1270هه

4

مَنجهه بَاغَ سنڌي کُليو صفا گُلُ

منجهه نظم ملوڪ خوش لقا گُلُ

تاريخ ٽِڙڻ جي گُلَ چڱي چئي

گُل باغ محمدي سدا گُلُ

 

1270هه

 

مَنجهه باغَ نظم کُليو صفا خُوبُ خُوبُ گُلُ

منجهه ڏينهن رات صبح مسا خوبُ خوبُ گُلُ

ڪاغذ سَندي چمن تي قلم گُل بنايو

تاريخ ان جي چئي گل ڇا خوب خوب گل

 

1270هه

سنڌ جي ڪن شاعرن، شاعريءَ جي ڪن ٻين صنفن ۾ به مادهء تاريخون چيون آهن، جن مان ميرزا مراد علي بيگ ’سائل‘ ۽ سيد ثابت علي شاهه جا نالا مُهَڙَ ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا، جن جي چيل ڪلام مان مرثيي ۽ مثنويءَ ۾ مادهء تاريخ جو عنصر نظر اچي ٿو. آخوند گل محمد به ”غزل“ جي گھاريٽي ۾ قطعه تاريخ چئي آهي:

غزل:                                          6

ٿيو جڏهن پورو کُلي ديوانُ گُلُ

طبعَ جي مُکِرِيَ منجهان هي ٽِڙيو ڦُلُ

گُل محمد سانوڻيءَ هالن اندر

خوش بنايو باغُ جنهن جو نانھ تُلُ

ڏينهن ڪي رمضانَ ڪي شوالَ جا

منجهه مهيني ڏيڍ ٿئڙو راسِ ڪُلُ

پَٽِ اکيون طالبَ ڏسي گُلَ واسُ ڳُنڌ

ڌيانَ دل جي سان مڪر هئي هائي هُلُ

ورهَ پُورَتِ جي ۾ چيٺي فڪر سان

گُلَ چئي تاريخ چو تاريخ گُلُ

 

                              1270هه

قطعه تاريخ جو هڪ قسم صنعت معما به آهي، جنهن ۾ تاريخ ڳجھن يا لڪل لفظن ۾ بيان ڪئي ويندي آهي[18]. سنڌي شاعريءَ ۾ ”صنعت معما“ ۾ تاريخ چوڻ جو سهرو آخوند گل محمد جي سر آهي. هِن قطعه تاريخ ۾ گُل ديوان جي تڪميل جو سن ”سو ٻارهَ سَٺ ساڍي آهي پويون ڏِهو شوال جو“ مان 1270ھ اخذ ڪيو آهي؛ ساڍي سَٺ معنيٰ ستر[19] ۽ ”پويون ڏِهو شوال جو“ يعني شوال مهيني جي آخري تاريخ.

قطعه مُعَمَّا:                                   7

نظم سنڌيءَ ۾  جڏهن ديوان گُلُ گُلَ ڪيو تمام

ڪِئَين لکي اُن ۾ بيان ڪو ذڪر پنهنجي حال جو

منجهه وَرِهَ ۽ ماهَ پڻ تاريخ گل ڏِسُ خوب چِي

سو ٻارهَ سَٺ ساڍي آهي پويون ڏِهو شوال جو.

 

       1270ھ

هيءَ قطعه تاريخ به صنعت معما ۾ چيل آهي، پر موجوده وقت ۾ قطعه تاريخ جي ان قسم کي ”صنعت تخرجه“ چئجي ٿو. ”تخرجو“ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ مادهء تاريخ جي وڌاءَ کي درست ڪرڻ آهي[20]. فن جمل جي اصطلاح ۾ تخرجه اُهو فن آهي، جنهن ذريعي ماده تاريخ ۾ وڌيل عددن کي گھٽائڻ واري طريقي کي ”تخرجه“ چئجي ٿو.

8

ٿيو کُلي گُلُ گُلُ جڏهن ديوان گُلَ منجهه نظم گُلُ

سڀ چئو ري ٺاهَ آهي گُلُ حقيقي باغ جو

منجهه ٽڙڻ تاريخ پورت جي ۾ گُل گُل واه گُلُ

گُلَ چيو ري لاهه آهي گُلُ حقيقي باغ جو

 

                       1270هه =     36   -     1306

هندي قطعه تاريخون:                           1

جب کے دیوان گل بنا گل خوب

سندھی بولی میں وہ اچھا گل خوب

اُن کی تاریخ میں کہا گل نے

گلشن علم کا کلا[1] گل خوب

 

1270ھ

2

جب کٹا گل دک جفا کے باغ کا

تب بنا گلبن صفا کے باغ کا

اسکے کھلنے کے برس میں گل کہا

کہ کلا اب گل وفا کی باغ کا

 

1270ھ

3

کلا یوں کب گل ديوان سندهی

کسی گلزار میں ایسا کو کم ہے

تماشا دیکھ کے تاریخ اس میں

کہا ہاتف نے وه باغ ارم ہے

 

1270ھ


 

[1] يعني”کهلا“

آخوند گل محمد هالائي سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي شاعرَ جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس ديوانَ کي ”سنڌي غزل جي پهرين ديوان“ جو شرف به حاصل آهي، پر آخوند گل محمد هڪ تاريخ گو جي حيثيت ۾ به پاڻ مڃايو آهي، جنهن جو مثال سندس چيل قطعه تاريخن مان پَرکي سگھجي ٿو.

حوالا:

1)      انوشہ، حسن:  (1997ع)، ”فرھنگنامہء ادبي فارسي“ (جلد دوم)، تھران: سازمان چاپ و انتشارات، ص 602.

2)      Richardson, John: (1806). A Dictionary, Persian, Arabic and English (Vol:I). LONDON. P:453.

3)             ہاشمي، عبدالقدوس: (1987ع)، ”تقويم تاريخي“ (قاموس تاريخي)، اسلام آباد: ادارهء تحقيقات اسلامي، ص 319.

4)      Garg, Ganga Ram: (?). International Encyclopedia of Indian Literature (Vol. VIII- Sindhi). New Dehli: Mittal Publications.

5)      ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي، (1972ع)، ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي“، ٽماهي ”مهراڻ“ رسالو، (2/1972ع)، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي، ص 169.

6)      صائب، عبدالقيوم: (2013ع)، ”عروض جا اهڃاڻ“، حيدرآباد: زيب ادبي مرڪز، ص 439.

7)      فاضل شاه، سيد: (1883ع)، ”ميزان شعر يعني ڏوهيڙن جي تارازي“، ڪراچي: وديا ونود، ص 6-7.

8)      قليچ بيگ، مرزا: (2006ع)، سنڌي وياڪرڻ“، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ، ص 76.

9)      شاهد، فتح علي بيگ، ميرزا: (2008ع)، ”تاريخي قطعات، روهڙي: بيدل يادگار ڪاميٽي، ص07.

10)  هالائي، گل محمد، آخنمبر 12، ص 113.

18)  ڏسو حوالو نمبر 12، ص 162

19)  بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: (2007ع)، جامع سنڌي لغات (جلد ٻئو)، حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ص 1112.

20)  سرهندي، وارث: (1993ع)، ”جامع علمي اردو لغت“، لاهور: علمي ڪتاب خانه، ص 439.

21)  ڏسو حوالو نمبر 10، ص 11.

22)  ڏسو حوالو نمبر 10، ص 87.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org