سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:17 

غلام محمد لاکو

 

 

 

شڪارپور جون چار صديون

 

شڪارپور جي تاريخي شهر کي هن سال، چار صديون مڪمل ٿيون. اڄ جو هيءُ ميڙاڪو شهر جي چئن صدين مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان منعقد ٿي رهيو آهي. اهڙي علمي جلسي ڪرڻ تي، شڪارپور جي اديبن، دوستن، عالمن ۽ صحافين کي جَس هجي!

آءٌ خليل موريائي صاحب، نذير احمد شاڪر بروهي ۽ محترم اياز ابڙي جو ٿورائتو آهيان، جن مون تي بار بار زور وڌو ته، آءٌ نه رڳو شڪارپور جي چئن صدين مڪمل ٿيڻ تي، ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيان، ليڪن ان جلسي جي صدارت جو شرف به مان حاصل ڪريان. اهڙي عزت، آڌرڀاءَ، ۽ همت افزائيءَ لاءِ سچ ته آءُ انهن دوستن جو شڪرگذار آهيان.

جلسو لڳ ڀڳ چار ڪلاڪ هليو آهي. ڪافي دوستن شڪارپور شهر جي تاريخ، تهذيب، تعليم، ادب، ريتن رسمن تي گفتگو ڪئي آهي. ان ريت شهر جي تاريخي اهميت، وڌيڪ اُجاگر ٿي آهي. محترم زُبير سومري جلسي جي ڪاروائي، تمام صبر سان ۽ سهڻي نموني سان هلائي، ان لاءِ هيءُ نوجوان جَس لهڻي.

هن علمي مجلس ۾ شڪارپور جي بنياد واري سال تي به بحث ٿيو آهي. منهنجي خيال ۾ شهر جي بنياد واري سال يعني ته، سن 1026هه/1617ع کي تڪراري نه بنائڻ گهرجي. اگر ان حوالي سان ڪا ٺوس علمي ڄاڻ حاصل ٿئي ته پوءِ، ان تي بحث ڪري نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.

مير علي شير قانع پهريون لکندڙ آهي، جنهن ڪلهوڙا دور جي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ شڪارپور شهر جو ذڪر ڪيو.

آءٌ تاريخ جو شاگرد آهيان، انڪري ماضي پرست آهيان. ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ شاهه فقيرالله علوي، جيڪو آيو ته اولهه کان هو، پر شڪارپور جي شهر ۾ اچي ٽِڪيو. وفات بعد هن جو ڪفن دفن به هن شهر ۾ ٿيو. تصوف جي حوالي سان هن جون لِکتون، خاص اهميت رکن ٿيون. علوي مرحوم جا ڪتاب ڪابل، قنڌار، ڪوئيٽا ۽ پشاور مان شايع ٿيندا رهن ٿا. هن جا لکيل خط، سنڌ جي سياسي ۽ علمي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. اهي خط، فارسيءَ ۾ آهن ۽ ”مڪتوبات شاهه فقيرالله علوي“ جي نالي سان ڇپيل آهن.

1843ع کان پوءِ انگريزن جي دور ۾، فارسي- عربي ٻولين جي جاءِ، سنڌي- انگريزي زبانن کي ملي. ان هوندي به شڪارپور جي منشي عطا محمد، پنهنجي دور جي اتهاس کي فارسي زبان ۾ ”تاريخ تازه نوائي معارک“ جي نالي سان لکي محفوظ ڪيو. هن ڪتاب ۾ ميرن- ٽالپرن جي دور، ان دور جي افغانستان جي حالتن ۽ سنڌوماٿر طرف انگريزن  جي وڌندڙ دلچسپيءَ بابت گهڻو مواد موجود آهي. کرڙيءَ جي جنگ جي باري ۾، هن جي ڏنل ڄاڻ ڪافي مفيد آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، منشي عطا محمد کي افغان لکندي، هن جي باري ۾ اڻ وڻندڙ گفتگو ڪئي آهي. جَس هجي پروفيسر امين الله علوي صاحب کي، جنهن بعد ۾ مضمون لکي ثابت ڪيو ته عطا محمد، افغان نه هو، پاڻ سنڌي هو ۽ ذات جو ٻگهيو هو. هن (عطا محمد) پنهنجي ڪتاب ۾، هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾، ان وقت سِنڌ ۾ جيڪو سياسي ڀونچال هو، سنڌي عوام وڏي آزار ۾ هو، ۽ خاص ڪري شڪارپور ۽ اتي جو عوام، جنهن مصيبت مان گذريو ٿي، ان سڄي ماجرا کي منشي صاحب محسوس ڪيو، ۽ تاريخي ڪتاب لکي محفوظ ڪيو. هيءُ ڪتاب فارسي زبان ۾، آقا عبدالحئي حبيبي افغانيءَ ايڊٽ ڪيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي 1959ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب جي ڇپرائڻ ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشديءَ جي گهڻي دلچسپي هئي. جڏهن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڇپيو ته، ان مان ڪي حصا خارج ڪري، تاريخ جو وڏو نقصان ڪيو ويو.

ديني تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان، ويجهي ماضيءَ ۾، شهدادڪوٽي عالمن جي هڪ شاخ جو سلسلو، ۽ ٻيو همايوني استادن جي شاخ جو سلسلو، نه رڳو سنڌ ۾ خدمت ڪندو رهيو، ليڪن انهن جي شاگردن ۽ پوئلڳن جو سلسلو، پنجاب ۽ بلوچستان تائين پکڙيل هو. انهن عالمن جون جاري ڪيل مذهبي فتوائون، فارسي زبان ۾ آهن. ڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيل، ته ڪي اڻ ڇپيل حالت ۾ ملن ٿيون. هي ٻئي ديني تدريسي سلسلا، شڪارپور جي اڀياس ۾ خاص اهميت رکن ٿا. انهن جو ذڪر مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، پنهنجي لکتن ۾ ڪيو آهي.

سنڌ ۾ انگريزن جي دور ۾ نئون تعليمي سرشتو وجود ۾ آيو. پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، ۽ اعليٰ تعليم لاءِ ڪاليج کُليا. سنڌ ۾ ابتدائي طور ٽي ڪاليج کُليا. اهي ٽي ڪاليج سنڌي هندو سيٺين، ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي ڪوشش ۽ ڏوڪڙن سان وجود ۾ آيا.

شروع ۾ ڪراچي، پوءِ حيدرآباد ۾ ڪاليج شروع ٿيا. هنن ٻن ڪاليجن کان پوءِ، سنڌ ۾ ٽيون ڪاليج سال 1933ع ۾ شڪارپور ۾ برپا ٿيو. هيءُ ڪاليج ٻن سيٺين: چيلا سنگهه سترامداس بجاج ۽ سيتلداس تيرٿداس پنجابي، پنهنجي ذاتي رقم مان ٺهرائي تيار ڪيو. اڄ تائين هيءُ تعليمي مرڪز: سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور (C and S,  College) جي نالي سان موجود ۽ مشهور آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ماڻهو، سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾، اعليٰ تعليم ۾ اڳڀرا رهيا.

جديد سنڌي ادب ۾ شڪارپور جو نمايان ڪردار آهي. انهن مان هرهڪ ڪردار پنهنجي جاءِ تي چنڊ وانگر روشن آهي. لطف الله بدوي مرحوم، شيخ اياز، ثميره زرين، نياز همايوني، آغا سليم، حبيب الله ڀٽو، محمد حنيف صديقي، آغا بدر عالم دراني، نورالدين سرڪي، شمس سرڪي، مولانا محمد قاسم، مولانا محمد ابراهيم (ڳڙهي ياسين جا بزرگ) ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي، ادبي دنيا جا تمام وڏا نالا آهن. اڄ هِتي انهن کي ياد نه ڪرڻ وڏي زيادتي ٿيندي. ناليري عالم مولانا دين محمد وفائيءَ جو تعلق به، هن ضلعي سان هو.

ادب ۽ اديبن جي ذڪر ۾، ڪتب خانا موجود هئا، ليڪن ڳڙهي ياسين ۾ آغا بدر عالم دراني، مولانا محمد قاسم، مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا محمد ابراهيم جا ڪتب خانا به وڏي اهميت وارا هئا. مون کي خبر نه آهي ته انهن ڪتب خانن جي ڇا صورتحال آهي؟ انهن ماڳن ۽ ڪتب خانن کي ڏسڻ لاءِ، جرمن خاتون اسڪالر ڊاڪٽر انيميري شمل ۽ مولانا اعجازالحق قدوسي، مشهور عالم پير حسام الدين راشديءَ سان گڏ، شڪارپور ۽ ڳڙهي ياسين جا ڀيرا ڪندا هئا.

انگريزن جي دور ۾ برصغير ۾، جديد صحافت جا بنياد پيا، ڇاپخانا لڳا، اخبارون جاري ٿيون، ۽ ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا. اوائلي دور ۾ شڪارپور جي مرزا مخلص علي ۽ سندس خاندان، فارسي ۽ سنڌي اخبارون جاري ڪيون. انهن اخبارن جا نالا: مفرح القلوب، ۽ مطلع خورشيد هئا. هيءُ اخبارون هند ۽ سنڌ کان علاوه، ايران ۽ افغانستان تائين به وينديون هيون. مرزا مخلص علي 1877ع ۾ وفات ڪئي. هن جي خاڪي جسم کي شڪارپور جي مِٽيءَ، ابدي آرام لاءِ جاءِ ڏني.

پريس جو ذڪر نڪرندو ته پبلشرز جو حوالو به ايندو. ان ڏس ۾ به شڪارپور جو چڱو ڀلو ڪردار آهي. منشي پوڪرداس، مولوي محمد عظيم اينڊ سنز، توڙي اڄ جي دور ۾ مهراڻ اڪيڊمي، سنڌي ادب، ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جي خدمت ۾ سرگرم آهن. هنن ادارن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي آهي.

تمام وڏو علمي ڪم جيڪو موجوده دور ۾، شڪارپور جي پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب ڪيو آهي، ان جو ذڪر نه ڪجي ته آءٌ پاڻ کي گنهگار سمجهندس. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو سيرت طيبه ”سيرت هاشمي“ جي نالي سان ڇپرايو آهي. هيءَ رڳو ترجمو ڪونهي، پر تخريج، تقديم، تشريح ۽ تحقيق وارو نهايت عُمدو ڪم آهي. هڪ هڪ لفظ تي، نالي ۽ ماڳ مڪان تي زير، زبر، پيش ڏيڻ سان، ڪتاب جي وڏي اهميت ٿي پئي آهي. سچ هيءَ آهي ته آءٌ ڪنهن ڊگري ڏيندڙ اداري جو سربراهه هجان ها ته، هن ڪم تي اسرار احمد علوي صاحب کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيان ها.

شڪارپور جي شهر چئن صدين جو سفر طئه ڪيو آهي. شهر جي تاريخ تي لکندي ”مهر“
قبيلي جي ڪردار ۽ دور کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن جلسي ۾ ان قسم جو ذڪر ٿيو آهي ته، دائودپوٽن جو ڪردار ظاهري طور، ڪلهوڙن سان ويڙهه جي
پس منظر ۾ سامهون اچي ٿو، پر اسان کي کپي ته تحقيق ڪندي، مهرن جي جاکوڙ کي به ظاهر ڪجي. البت هيءَ خاطري آهي ته، شڪارپور جي شهر ۽ ماڻهن، انگريزن جي سنڌ فتح کان پوءِ (1843ع) سُک، ترقي، توڙي امن امان جا ڏينهن ڏٺا. جديد تعليم، تجارت جي واڌ ويجهه، ۽ ريلوي لائين جي اچڻ سان، هيءُ شهر ترقيءَ جي رستي تي گامزن ٿيو. چارلس نيپيئر نئين سنڌ جي نقشي ۾، صرف ٽي ضلعا وجود ۾ آندا. ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. ان مان هن شهر جي اهميت جي خبر پوي ٿي. ليڪن سال ٻن ۾ انگريزن کي هن علائقي جي سرحدي اهميت ۽ بدامنيءَ کي ڏسندي، هڪ وڌيڪ ضلعو ٺاهڻو پيو. ان ضلعي کي اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ (جيڪب آباد) نالو ڏئي، ان لاءِ جان جيڪب کي عملدار مقرر ڪرڻو پيو. نئين ضلعي جي اهڙي ته جوڙجڪ ڪئي وئي جو، ان جو تعلقو ڳڙهي خيرو، جهڙوڪ: شڪارپور جي حفاظت جو فرض سرانجام ڏيندو هجي. ان پس منظر ۾ هن شهر جا سيٺ ۽ ڪاروباري ماڻهو، ڪابل قنڌار کان نڪري، سمرقند بخارا تائين وڃي پهتا، ۽ پوءِ پنهنجي واپار کي سڄي دنيا ۾ کڻي ويا. ان ڪري جڏهن ڪلاڊ مارڪووٽس ڪتاب لکيو، تڏهن شڪارپور- حيدرآباد جي واپارين کي، سڄي دنيا ۾ ڳوليندي، هڪ بهترين ڪتاب تيار ڪيائين، ان جو نالو هن طرح آهي:

Claude Markovits: "The Global world of Indian Merchants", Cambridge University Press, 2000

مارڪووٽس سنڌي سيٺين کي هندستاني واپاري لکيو آهي. سنڌين کي هندستاني لکڻ زيادتي آهي. ڪتاب جا سنڌي ۽ اردو ترجما ڇپجي چڪا آهن.

نئين دور ۾ سياسي جماعتون اُڀريون ۽ سياستدان پيدا ٿيا. هن مجلس ۾ شهيد الهه بخش سومري جو ذڪر ڪرڻ لازم آهي. سندس شهادت سان، سنڌي ماڻهو يتيم ٿي ويا، ۽ اسان اڄ به سياسي يتيم آهيون. نورالدين سرڪي صاحب، ليو ٽالسٽاءِ جو ڪتاب ترجمو ڪيو. هيءُ ڪتاب ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ نالي سان ڇپيل آهي. سچ هيءُ آهي ته اسان سنڌي، اڄ جتي بيٺا آهيون، ان ڪري اهو سوال اڃا به موجود آهي!

اوهان جي وڏي مهرباني. مون اوهان جو گهڻو وقت ورتو!!

(26 نومبر 2017ع تي، شڪارپور ۾ منعقد ٿيل علمي سيمينار جي موقعي تي، ڪيل صدارتي تقرير)

مبارڪ علي

سنڌيڪار: اظهر آزاد مغل

 

 

 

 

يورپي دانشور ۽ اوڀر

 

ايشيا ۽ يورپ، بنيادي طور تي سماجي، تھذيبي ۽ تاريخي طرح ھڪ ٻئي کان مختلف رھيا آھن. ماحول ۽ آبھوا ۾ فرقن، ٻنھي کنڊن جي پنھنجي پنھنجي رواجن، مذھبي رسمن، تھذيبي عادتن ۽ مشقن، سماجي آدابن ۽ رھڻي ڪھڻي جي ڪسوٽين جوڙيو ۽ ٺاھيو آھي.

قديم وقتن دوران، ٻنھي ملڪن جا ماڻھو ھڪ ٻئي کان چڱي طرح واقف نه ھئا. پوءِ به، ھيءُ عمل تبديل ٿيڻ شروع ٿيو، جڏھن پندرھين صدي عيسويءَ ۾ ڳانڍاپي جا ذريعا مضبوط ٿيا ۽ يورپي سياح، واپاري، تبليغي ۽ سفارتڪار ايشيائي ملڪ گھميا. انھن مان ڪجھ مطالعي جي مقصد ۽ ايشيائي سماجن جي ثقافتن کان روشناس ۽ عادي ٿيڻ لا۽ وڏي عرصي لاءِ ترسي پيا. انھن پنھنجي وطن ورڻ کان پوءِ ڪتاب لکيا ۽ پنھنجي مشاھدن ۽ تجربن جي تاريخ کي قلمبند ڪيو. انھن ماڻھن ھي ڪتاب وڏي چاهه ۽ شوق سان پڙھيا، جيڪي اولھ جي اسرارن ۽ رازن جو پتو لڳائڻ جي جستجو ۾ بيچين ھئا.

يورپ جا دانشور خاص طور تي سياسي نظامن ۾ دلچسپي رکڻ وارا ھئا، جيڪي ايشيائي سماجن ۾ مروج ھئا ۽ اُنھن ھِنن ثقافتن ۾ حڪمران طبقن جي ڪردار کي سمجھڻ ۾ گھري دلچسپي ورتي. ھنن سياحن ذريعي انھن کي جيڪا معلومات مھيا ٿي، سا انھن کي پنھنجي سياسي نظامن ۽ ثقافتي قدرن سان گڏوگڏ متوازي ۽ ٻين نظامن جي خاڪي ڪڍڻ لاءِ ڪافي ھئي.

اورينٽل ازم اينڊ اسلام جي عنوان سان لکيل پنھنجي ڪتاب ۾ يورپي دانشور ڊيسپاٽزم ان دي مڊل ايسٽ اينڊ انڊيا واري باب ۾ مائيڪل ڪرٽسز اسلام ۽ ڪجھ ٻين ملڪن ۾ سياسي نظامن جي باري ۾ يورپي دانشورن جي راءِ جو تجزيو ڪري ٿو. ھن آرٽيڪل ۾، اسان اولھ جي ٽن دانشورن جو تجزيو پيش ڪنداسين جن اوڀر ۾ زندگيءَ جي طور طريقن متعلق پنھنجي نُڪتئه نظر جو اظھار ڪيو: مونٽيسڪيو، ايڊمنڊ برڪ ۽ اليڪسي ڊي ٽاڪ ويل. ھنن دانشورن پنھنجي سياسي ماحول جي عينڪ ذريعي اوڀر جي سياست جو جائزو ورتو.

مونٽيسڪيو، ھڪ فرانسيسي دانشور ۽ دي اسپرٽ آف دي لاز جي ليکڪ، سلطنت عثمانيہ، ايراني بادشاھت ۽ مغل دؤر جو مطالعو ڪيو. مونٽيسڪيو مطابق، ھيءَ سڀئي سلطنتون ظالمانه ھيون ڇاڪاڻ جو حڪمراني ڪندڙ فرمانروا جي اختيار کي للڪارڻ لاءِ ڪي سياسي ادارا نه ھئا.

ھُو ان ڳالھ تي پڪو ويساهه رکندو ھو ته جابرانه حڪومت کي ضابطي ھيٺ رکڻ لاءِ انتظاميہ، عدليه ۽ قانونساز ادارن کي ھڪ ٻئي کان الڳ ۽ ڌار ٿيڻ گھرجي.

مونٽيسڪيو ٽن سياسي نظامن ۽ سياست ۾ ادا ڪيل ڪردارن جو جائزو ورتو ۽ تجزيو ڪيو. شھر جي جمھوريه ۾، ماڻھو سياسي معاملن ۾ حصو وٺندا ھئا ۽ سياسي جھيڙن جي نبيري ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا ھئا. بادشاھت ۾، حڪمرانن کي اشرافيه جي سھڪار ۽  حمايت جي ضرورت پوندي ھئي، جيڪي رياست جي معاملن کي ھلائڻ ۾ مدد ڪندا ھئا.

جابرانه نظام ۾، حڪمرانن کي لامحدود طاقت ۽ اختيار ھوندا ھئا ۽ ڪنھن به طبقي يا اداري کي انھن جي حڪومت ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ھوندي ھئي،

جيڪي رياستي معاملن کي ھلائڻ ۾ مدد فراھم ڪندا ھئا.

مونٽيسڪيو، سلطنت عثمانيه، ايراني ۽ مغل حڪمرانن جي مشابھت ۽ شناخت ظالمانه حڪومت سان ڪئي، جن وڏي قوت ۽ سگھه کي اثرائتي نموني استعمال ڪيو ۽ پنھنجي اقتدار مٿان مڪمل ۽ غيرمشروط مزو ماڻيو.

مذھب انھن جي حڪومتن جي وڌيڪ تائيد ۽ مدد ڪئي، جنھن ماڻھن کي پنھنجي حڪمرانن سان سچي ۽ وفادار ٿيڻ تي زور ڏنو. جڏھن کان سموري زرعي زمين حڪمرانن جي ميراث ۽ ملڪيت بڻي، ھنن ملڪن جي جاگيردار طبقي انھن تي انحصار ڪيو ۽ انھن وٽ انھن حڪمرانن جي اختيار کي للڪارڻ جي ڪا سگھه نه ھئي. ھيءَ جابرانه رويو سماج تي اثرانداز ٿيو ۽ جن وٽ رعايت، استحقاق ۽ طاقت ھئي، تن مطلق العنان جھڙو رويو رکيو.

خانداني ڍانچي ۾، مردن کي زوراور شخصيتون سمجھيو ويو، انھن خاص طور عورت جي ڪنھن به نافرماني ۽ بغاوت کي برداشت نه ڪيو. اڪثر منظرنامن ۽ خاڪن ۾، عورتن کي خانداني معاملن ۾ ڳالھائڻ جو موقعو نه ملندو ھو ۽ خاموشيءَ سان پنھنجي مرد سربراھن جي اطاعت ڪنديون ھيون. ڪنھن به قسم جي مخالفت کي منھن ڏيڻ ۽ بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ مثالي سزائون ڏنيون وينديون ھيون. نتيجي طور، سماج ۾ خوف جو غلبو ۽ راڄ ھوندو ھو ۽ فرد جي قدرتي ۽ تخليقي صلاحيتن کي ظاھر ڪرڻ جا ڪي به موقعا موجود نه ھوندا ھئا. وڌ کان وڌ جابرانه حڪومت ماتحت، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪنھن به قسم جي ترقي جي اميد ڪرڻ ممڪن نه ھوندي ھئي.

جهڙي طرح ماحول جو ماڻھن جي مزاجن تي اثر ھو، مونٽيسڪيو ان تي پڻ تحقيق ڪئي. گرم موسم ۾، ماڻھن جو ڪي قدر ھڏ حرام، ڪاھل ۽ بنجر ٿيڻ ڏانھن لاڙو ۽ رجحان ھوندو ھو. انھن مان گھڻن ۾ آغاز ۽ امنگ جي ڪمي ھوندي ھئي ۽ للڪارڻ بغير مطلق العناني کي برداشت ڪرڻ لاء غير متحرڪ ۽ ماٺيڻا بڻجي ويندا ھئا.

جيئن ئي ھُو ھنن ٽنھي ايشيائي رياستن کي مطلق العنان قرار ڏئي چڪو ھو، مونٽيسڪيو اھو ٻڌايو ته ھن يورپي نظام کي ترجيح ڏني، ڇاڪاڻ جو اھو وڌيڪ روشن خيال ۽ لبرل ھو. پوءِ به ڪجھ محقق عالمن مونٽيسڪيو تي ڇوھه ڇنڊيا ۽ ھن تي اڻپوري معلومات ۽ تڪڙن راين جي روشني ۾ ايشيا جي سياسي نظام متعلق ڪاٿا ۽ اندازا لڳائڻ جو الزام ھنيو. انڪري ھن جا مشاھدا مڪمل طور تي ڀروسي ۽ اعتبار جوڳا نه ھئا.

مغل حڪومت متعلق برطانوي پارليامينٽ ۾ ان وقت بحث ڇڙيو جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي پھرين گورنر جنرل وارن ھيسٽنگس جو انڊيا ۾ سندس بدعنوان ۽ جابرانه فعلن ۾ ملوث ھئڻ ڪري مواخذو ڪيو ويو. ايڊمنڊ برڪ، جيڪو برطانوي پارليامينٽ جو نمايان ۽ نامور ميمبر ھو، تنھن ھن سلسلي ۾ ھيسٽنگس جي مخالفت ۾ ڀرپور نموني سان سلسليوار الزام ھنيا. ھائوس آف ڪامن ۽ ھائوس آف لارڊز پنھنجي ڪيل تقريرن ۾، برڪ دليل ڏنو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني پنھنجي قائم ڪيل انھن روايتن کي للڪاري ڇڏيو ھو، جن انڊيا کي معاشي طور خوشحال ۽ سياسي طور پرامن رکيو.

ھن ھيسٽنگس تي سياسي غلطين ڪرڻ جا الزام لڳايا، خاص طور تي انھن الزامن جي روشني ۾ جيڪي مھاراجا نندا ڪمار لڳايا ته ھيسٽنگس ھن کي رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. مھاراجا نندا ڪمار بعد ۾ ھن کي ڪلڪتہ ڪورٽ پاران سنگين جرم جو مرتڪب ٿيڻ تي سزا ڏني. ھيسٽنگس کي بيت سنگھه جو استحصال ڪرڻ، نواب آف اوڌ جي بيواھن کان ڀتو وٺڻ ۽ روحاليز خلاف اوڌ جي حڪمران جي مدد ڪرڻ جا وڌيڪ الزام لڳايا ويا. برڪ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي راڄ کي ننديو، ڇاڪاڻ جو ان ھندستان جي سياسي نظام کي غير مستحڪم ڪيو ھو.

ھيسٽنگس جي وڪيل اھو دليل ڏيندي ھن جو دفاع ڪيو ته مغل حڪومت تيمور گورگان جي دؤر کان وٺي موجوده حڪمران تائين جابر، بيرحم ۽ غير مروت ھئي. انڪري، ھيسٽنگس ھندستان تي حڪمراني ڪرڻ لاء مغل روايتن کي مانُ ڏيڻ ۽ پيروي ڪرڻ جو پھه ڪيو. ھندستان جا ماڻھو مغل حڪومت جي سختي ۽ سفاڪي جا ھيراڪ ۽ عادي بڻجي چڪا ھئا ۽ روشن خيال ۽ لبرل نظام کي مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئا جيڪو يورپ ۾ پنھنجون پاڙون مضبوط ڪري زور وٺي ويو ھو. ائين ان ڳالھ تي وڏو بحث مباحثو ڪيو ويو ته مغل حڪومت پنھنجي مزاج ۾ ظالم ھئي يا نه، ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪردار ۽ ان جي استبدادي اختيار جي استعمال جي پڻ نندا ۽ مذمت ڪئي وئي.

ٽيون دانشور اليڪسي ڊي ٽاڪويل آھي، جنھن ڊيموڪريسي ان آمريڪا اينڊ دي فرينچ رووليوشن ڪتاب تحرير ڪيو. ھو دانشور ھئڻ سان گڏوگڏ سياستدان پڻ ھو، جنھن اھم سياسي فيصلا سازيءَ ۾ انتھائي اھم ڪردار ادا ڪيو. ھي سامراجيت جو دؤر ھو ۽ يورپي طاقتون تھذيب جي نالي ۾ آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن کي بيٺڪيتون بنائڻ واري ڪم ۾  مصروف عمل ھيون.

1830ع ۾ فرانس، الجيريا تي حملو ڪري ان کي پنھنجي بيٺڪيت بڻايو. ٽاڪويل ھن عمل جي مڪمل طور حمايت ۽ مدد ڪئي. الجيريا واري معاملي ۾، بيٺڪيت جو فرانسيسي طريقيڪار بلڪل مختلف ھو. رڳو ملڪ کي بيٺڪيت بنائڻ ۽ ان جي وسيلن جي زبردستي ڦرلٽ ڪرڻ واري ڳالھ تي زور نه ھو، پر الجيريا جي تشخص کي مسخ ڪرڻ ۽ مٽائڻ ۽ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان ان کي فرانس ۾ جذب ڪرڻ تي زور ھو. فرانسيسي ترڪ وطن ۽ مھاجرن جي الجيريا ۾ زميني ملڪيت تي قبضو ڪرڻ خاطر رھائش اختيار ڪري مقامي آبادي مٿان مڪمل ريت غلبو ڪرڻ واري عمل جي
حوصله افزائي ڪئي وئي.

ٽونسڪيو ان رٿ جي حمايت ڪئي، جنھن ۾ الجيريا کي فرانس جو صوبو بنائڻ واري جي گھر ڪئي وئي ۽ الجيريا ان (فرانس) جي ٻولي، مذھب ۽ شناخت اپنائي ۽ پنھنجو پاڻ کي فرانسيسي تھذيب ۾ سمائيو. ھن بار بار اھو دليل ڏنو ته بيٺڪيت ھجڻ ڪري فرانس جي عظمت جو عڪس بلند ۽ چٽو نظر آيو. اهڙي طرح، ھن فرانس جي ان عمل جي ھمت افزائي ڪئي، جنھن ۾ بيٺڪيت واري پاليسي تان ھٿ نه کڻڻ جي ڳالھه شامل ھئي.

ٽاڪويل جي ذھن ۽ دماغ ۾ ان وقت گھڻو ڪري آمريڪي نمونو ھو، جڏھن ھن ھيءَ تجويز ڏني ھن نموني ھيٺ، مقامي آمريڪي آبادي خدشن تائين محدود ھئي ۽ سڄي ملڪ کي آمريڪي بنايو ويو. ساڳي طرح، ٽاڪويل الجيريا جو تشخص مٽائڻ چاھيو، ۽ اهڙي طرح، زندگي جي سمورن پھلوئن ۽ نظامن ۾، فرانسيسي حڪومت جي غلبي تي اسرار ڪيو.

دؤر حاضر جي تاريخ ۾، اھو ظاھر آھي ته الجيريا جي ماڻھن کي فرانسيسي حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاء آزادي رت سان رڱيل جنگ وڙهڻي پئي. فرانس کي الجيريا تان ھٿ کڻڻ ۽ اُتان نڪرڻ لاءِ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان مجبور ڪيو ويو.

ھنن ٽن مفڪرن سان گڏوگڏ، ٻين يورپي دانشورن پڻ پنھنجي قلمي ڪم ذريعي پنھنجي پنھنجي تعصب ۽ نسلي برتري جي نشاندھي ڪئي آھي. اڪثر دانشورن سامراجيت جي حمايت ڪئي ۽ ان جي جابرانه حڪومت کي جائز قرار ڏنو. مشرقي مطلق العناني يورپي ضابطي کي مختلف بيٺڪيتن مٿان مضبوط ڪيو ۽ آبادڪارن جي درندگي ۽ بربريت وارن عملن جي پٺي ٺپي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org