رسول ميمڻ
نِدا
اهو ڪمرو هڪ پُراسرار حقيقت هو. ڪمرو ڇا هو؟ روحن
جو پڃرو هو. مٿي ڄارا لڳل هئا، جن ۾ ڪوريئڙا مئل
هئا ۽ کين پتنگ کائي رهيا هئا. کٻي پاسي ڀت کي ٽيڪ
ڏئي الماري ائين بيٺل هئي، جيئن ڪو خاموشي ۽ افسوس
مان کاڏيءَ تي هٿ رکي ان پلنگ کي ڏسندو هجي جنهن
تي ڪڏهن اسڪول ماستر نورالامين نوروز پنهنجيءَ زال
سان سُتل هوندو هو. ڀت ۾ بلب ڀرسان گهڙيال به
ساڳيو هو، جنهن جو پينڊوليم ڍلي سلوار جي اڳٺ جيان
پئي لڙڪيو، ۽ گهڙيال هيٺان ماستر نورالامين نوروز
جو فوٽو، جيڪو پتل جي مضبوط فريم ۾ ڪوڪن سان ائين
لڳل هو، جيئن ڀت جي پلستر سان ملي هڪ ٿي ويو هجي.
ماستر نورالامين نوروز جو رنگن کان عاري اڇو ڪارو
فوٽو ائين ڏسبو هو، جيئن واقعي ئي اهو ڪنهن مئل
ماڻهوءَ جو هجي. اڇي پڳ ۽ ڪاري ڪوٽ وچ ۾ ڦاٿل منهن
ڪبوتر جي آکيري جيان هو، جنهن ۾ ٻه اڇا آنا ۽ ڇڳل
کنڀ لڙڪي رهيا هئا.
پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ نواب الدين نوروز
ماءُ جي فوٽوءَ کي ڳولهڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، جيڪو
سائيز ۾ لڳ ڀڳ هن جي پيءُ جي فوٽوءَ جيترو هو،
سندس پيءُ اهو فوٽو ڪٿي لڪائي رکيو هو، ڇو جو ان
جي نظر جڏهن فوٽوءَ تي پوندي هئي ته صدمي کان سندس
آهه نڪري ويندي هئي. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته هن جي
ماءُ ان وقت دنيا ۾ موجود سڀني عورتن کان حسين
هئي، ڇو جو اهڙي گواهي نواب الدين نوروز جون اکيون
ڏئي رهيون هيون، جيڪو تڏهن ڇهن سالن جو مس هو ۽
اِها اهڙي عمر هوندي آهي، جنهن ۾ ماءُ جهڙي هستي
دنيا ۾ ٻي ڪا موجود نظر نه ايندي آهي.
نواب الدين نوروز جي بدقسمتي هئي، جو هن ننڍپڻ ۾
ماءُ کي دهشت گردن هٿان مرندي ڏٺو. مارڻ کان اڳ
انهن جڏهن ماءُ سان زبردستي ڪئي ته پيءُ کين التجا
ڪئي. ”اهڙي عمل کان اڳ مون تي رحم کائي، گولي هڻي
ڇڏيو.“ پر دهشتگردن هن تي رحم نه کاڌو ۽ گولي نه
هنئي، پيءُ جيئري مري ويو. اهي ڪراچيءَ جا بدترين
نسلي فساد هئا جن کان کارادر اهو آغا خاني گهراڻو
متاثر ٿيو. انهن فسادن ۾ نورالامين نوروز جي ڇهن
سالن جي ڌيءَ ’ندا‘
وڃائجي وئي. زال جي دکدائڪ موت ۽ معصوم ڌيءَ جي
وڇوڙي کانپوءِ نورالامين نوروز به گهڻو وقت رهي نه
سگهيو. هڪ ڏينهن گهر کان نڪتو، رات تائين واپس نه
آيو. ٻيو ڏينهن ٿيو ۽ وري ٽيون ڏينهن، نيٺ چوٿين
ڏينهن هن جو لاش آيو، سندس منهن مڇيون کائي ويون
هيون ۽ چمڙيءَ هيٺان مڇين جهڙا نفرت جا ڪنڊا ظاهر
ٿي رهيا هئا. چچريل چهري ڪري کيس پاتل واچ مان
سڃاتو ويو، جنهن جا ڪانٽا هلي رهيا هئا.
اها واچ هاڻي نواب الدين نوروز جو سڀ کان وڏو
سرمايو هئي جيڪا الماريءَ جي خاني ۾ هڪ ننڍڙي
پيٽيءَ اندر سرد لاش جيان رکيل هئي ۽ جڏهن نواب
الدين نوروز پيٽي کولي ان کي هٿ ۾ کڻندو هو ته
آٽوميٽڪ واچ جون سُيون هن جي دل ۾ موجود نفرت ۽
بدلي جي باهه جيان ڀڙڪي ائين ڊوڙڻ لڳنديون هيون،
جيئن جسم جو رت، جنهن ۾ سڀ نفرتون، اَذيتون، ۽
اَلمناڪيون ڪنهن ٻوڏ ۾ لڙهنديون، رڙيون ڪنديون،
ٻاڏائينديون وينديون هجن.
نواب الدين نوروز جڏهن ڌڪا کائي جوان ٿيو ته هن
ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا. سڀ کان پهريون ڌڪو پاڻ کي ڏنو،
جنهن ۾ هن جو ضمير هيٺ ڪِري روڊ تي هلندڙ ٽرالر جي
ڦيٿي هيٺان چيڀاٽجي مري ويو. هن ٻيو ڌڪو اهڙي عورت
کي ڏنو، جيڪا ان ساڳي پلنگ تي ڪِري جنهن تي ڪڏهن
هن جي ماءُ سان ڏاڍائي ڪئي وئي هئي.
گهر جي ان واحد ڪمري ۾ هاڻي ڪوبه نه هو سواءِ
خاموشي ۽ اوندهه جي، جنهن ۾ نواب الدين نوروز جون
سِسڪيون اُڀرنديون هيون. هن جون آهون ائين
اُڀرنديون هيون جيئن سانوڻ جو سج، جنهن ۾ صرف
سوجهري جو احساس هوندو آهي ۽ سج پاڻ ڪڪرن پِويان
لڪيل هوندو آهي. هن جي سڏڪن ۾ ميِنهَن ڪڻين جو
آواز سمايل هو ۽ هن جو انتقام اهڙي وڄ جنهن پويان
ڏک گجگوڙ ڪندو آهي. پلنگ سامهون لڳل سندس پيءُ جي
فوٽوءَ ۾ ڪڏهن ڪا جنبش پيدا نه ٿي. ان ڪمري جي ڇت
کي لڳل ڄارو نواب الدين نوروز جي ذهن مان نڪتل
تاندورا هئا، جن ۾ يادن جا ڪوريئڙا وچڙي وقت جو
کاڄ ٿي ويا. هُو فلٽر وارو سگريٽ پي سوچي نه
سگهندو هو. جڏهن فلٽر ڀڃندو هو ته پوءِ سوچڻ جي
قابل ٿيندو هو.
هڪ ڏينهن هن آندل اوڻويهن سالن جي عورت جي ويجهو
اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس حيرت جي ڪا حد نه رهي. هن
جا جذبا سرد ٿي ويا. ان جو سبب سندس پلنگ سامهون
لڳل پيءُ جو فوٽو هو. هن جڏهن عورت کي ڇُهڻ جي
ڪوشش ڪئي، کيس لڳو پويان ڪنهن آواز ڏنو هجي. هن
ڏٺو سامهون لڳل پيءَ جي فوٽوءَ ۾ جنبش ٿي. هن
محسوس ڪيو سندس پيءُ ڄڻ فوٽوءَ ۾ جيئرو ٿي پيو
هجي. اهو پهريون دفعو هو جو هن سامهون اهڙو لقاءُ
رونما ٿي رهيو هو. هن کي فوٽوءَ مان پيءُ جون
اکيون گهوريندي نظر آيون. انهن ۾ ناراضگيءَ جو
اظهار هو. ۽ کيس محسوس ٿيو فوٽوءَ جو فريم لڏي ويو
هجي. جڏهن ته اهو فريم ڀت ۾ تمام مضبوطيءَ سان لڳل
هو. هن کي لڳو ڪمري ۾ ڪو روئندو هجي. هُو اٿيو ۽
غور سان ڏٺائين کيس محسوس ٿيو ڄڻ فوٽوءَ جي اکين
مان ڳوڙها وهندا هجن. فوٽوءَ ۾ پيءُ جي اکين کي
ڇُهي ڏٺائين، هن جون اکيون آليون ٿي ويون. کيس
حيرت ورائي وئي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پراڻي
فوٽوءَ مان تازا ڳوڙها وهندا هجن.
هُو واپس پلنگ تي موٽيو ۽ هن ڏٺو عورت جا ڳل وڌيڪ
روشن هئا. اهي ڳوڙهن جي پاڻياٺ ۾ چمڪي رهيا هئا.
هن سوچيو نماشام آهي. شفق جي روشنيءَ ۾ ماڪ پنهنجو
اثر ڏيکاري رهي آهي. سمنڊ ويجهو آهي. هر شيء اندر
گهم سمائجي ان کي آلو ڪري ڇڏيو آهي. نواب الدين
نوروز پنهنجن جنسي جذبن کي گڏ ڪري عورت جي ويجهو
آيو ته کيس احساس ٿيو ته پويان هن جي پيءُ جون
اکيون کيس ڏسي رهيون آهن.
هُو ڀت ۾ لڳل فريم ويجهو آيو ۽ پنهنجن هٿن سان
فريم کي پٽڻ شروع ڪيائين. فريم مضبوطيءَ سان لڳل
هو ۽ ڀت جي پلاسٽر ۾ ڄميل هو. هُو وحشي ٿي پيو ۽
سوچيائين فريم پٽي ان کي اونڌو ڪري ڇڏي، جيئن پيءُ
جي نظر هن تي نه پوي. نيٺ هن فريم کي لوڏي ڪوڪن
سوڌو ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان کي اونڌو ڪري ڏٺائين ته هن
کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. پويان هن جي ماءُ جو
فوٽو هو، جيڪو سندس پيءُ اتي لڪائي ڇڏيو هو. ماءُ
جو فوٽو ڏسي سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. مُڙي
پلنگ تي ويٺل عورت جي معصوم منهن کي ڏٺائين. ان جي
شڪل هوبهو هن جي ماءُ جهڙي هئي. فوٽوءَ ۾ ان جي
ماءُ جو چهرو اهڙو ئي خوبضورت ۽ جوان هو جهڙو ان
پلنگ تي ويٺل عورت جو. هُو وڌيڪ ڏسي نه سگهيو. ڀت
۾ فريم جو، پيءُ وارو پاسو ٽنگي واپس مڙيو ته کيس
پيءُ جي نظرن کان خوف محسوس ٿيو. ڏڪندو پلنگ تي
آيو ۽ اتي ويٺل عورت پويان لڪي ائين ڳوڙها ڳاڙڻ
لڳو، جيئن ڪڏهن شرم کان ماءُ پويان لڪندو هو.
ابراهيم کرل
خوابَ-
اکيون
گل لاله جي اکين تان ڊاڪٽر جڏهن آهستي آهستي پٽي
لاهي رهيو هو، ته سامهون سندس ڪراڙو پيءُ علم
الدين بيٺو هو، جنهن جي هٿن تي مَرُ چڙهيل هئي،
اکين جي هيٺيان پيل گهنج، اڌ صديءَ جي اهنجن کي
ائين پئي نروار ڪيو، جيئن ايڪسري ۾ ٽاٽجي پيل
هڏيون بيڪ لائيٽ پوڻ سبب ظاهر ٿي پونديون آهن.
سندس اکين ۾ چمڪ هئي، هُو پُر اميد هو، ته هاڻي
سندس اڪيلي ۽ سڪيلڌي ڌيءَ هن خوبصورت دنيا کي ڏسي
سگهندي، سندس هڪ اهڙي خواب ساڀيان پئي ماڻي، جنهن
کي هُو مسلسل 20 سالن کان ڏسندو پئي آيو، پر وٽس
ايترو ڌَنُ ڪونه هو جو ڌيءَ جي اکين ۾ روشني آڻي
سگهي. هن وَسَ ته ڏاڍا ڪيا هئا، اسپتالن جا چڪر
ڪاٽيا هئا، ڊاڪٽر جي پيرين پيو هو. پارليامينٽ جي
ٻاهران مختلف سرنديءَ وارن وزيرن، ايم.اين.ايز
اڳيان پنهنجو حال رکيو هو، پر سندس غريبيءَ تي
ڪنهن کي به ڪهل ڪونه آئي هئي. هن مسلسل ڏهه سال
ڪمند جي ڳنن مٿان ڇلهون لاهي فٽ پاٿ تي مشين هڻي
ڪمند جو رس کپايو هو ۽ کپائي رهيو هو، پر صرف پيٽ
جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني ئي سندس نصيب
۾ لکجي سگهي هئي.
اسلام آباد جي ٻاهران سندس ابي ڏاڏي جي ٿوري زمين
هئي، جنهن تي به سندس وڏي ڀاءُ گل محمد پنهنجو حق
ظاهر ڪري ڪاغذن تي آڱوٺا هڻايا هئا، ته پيءُ جي
پڇاڙڪن ڏينهن ۾ گل محمد ئي سندس علاج ڪرايو هو.
علم الدين زال کي وٺي شهر ۾ هڪ ڪارخانيدار جي
ڪارخاني جو چوڪيدار ٿي سندس ئي عطا ڪيل سرونٽ
ڪواٽر ۾ اچي رهيو هو. گل بيبي پاڙيوارن بنگلن ۾ ڪم
ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ هن ڪارخاني جي چوڪيداري شروع
ڪئي هئي. ڪجهه مهينن کان پوءِ سندن گهر ۾ گل لاله
جو جنم ٿيو هو، گل لاله جو چهرو ڏسي مٿس اهو نالو
رکيو هئائين. پر افسوس جو ان سهڻي گل کي اکين جي
ديد ڪونه ملي هئي. سندس وڏو ڀاءُ گل محمد جڏهن گهر
واريءَ سميت وٽس آيو هو ته گل لاله جو چهرو ڏسي
کيس چيو هئائين ته گل لاله منهنجي گهر جو روشن
چراغ بڻجي، پوءِ جڏهن کيس سڌ پئي هئي ته گل لاله
اکين جي نور کان محروم آهي، ته هن پنهنجا پير جهلي
ڇڏيا هئا ۽ ڇٺي ڇهه ماهي ڀاءُ سان ڪارخاني ۾ ملي
ويندو هو پر گهر جو در نه ڏٺو هئائين. گل محمد کي
هڪ پٽ خان بابا هو، جنهن تي هن پنهنجي ڏاڏي جو
نالو رکيو هو.
اڄ جڏهن گل لاله جي اکين تان ڊاڪٽر اڪبر پٽي لاهي
رهيو هو ته سندس پيءُ علم الدين سامهون بيٺل هو،
نه گل محمد هو، نه خان بابا هو، نه سندس چاچي هئي
۽ نه ئي سندس ماءُ هئي.
گل بيبي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي چار سال اڳ فوت
ٿي وئي هئي. پنهنجي آخري ڏينهن ۾ شوڪت خانم اسپتال
جي وارڊ ۾ هن گل محمد کي گهرايو هو ۽ گل لاله جو
هٿ وٺي سندس هٿ ۾ ڏيندي چيو هو ته ”ادا مان پنهنجي
گهر جو هيءُ سهڻو گل تنهنجي حوالي ڪيان ٿي، اميد
اٿم ته توهان هن کي اڪيلو نه ڇڏيندؤ. گل محمد هٿ
ڇڏائڻ جي ڪئي هئي پر ڏيندڙ هٿ ان وقت بي ستو ٿي
سيني تي ڪري پيو هو ۽ ٽئي هٿ هڪٻئي کان جدا ٿي ويا
هئا.
گل بيبي دفن ٿي وئي ۽ اها ڳالهه به دلين ۾ دفن ٿي
وئي.
ڊاڪٽر اڪبر، گل لاله جي اکين تي ٻڌل پٽيءَ جو آخري
وڪڙ کوليو ۽ هڪ ڦوٽو کڻي سندس سامهون بيٺو ”گل
لاله اکيون کولِ.“
گل لاله اکيون کوليون ته مُرڪي پئي ”بابا مان ڏسي
سگهان ٿي.“ پيءُ وڌي کيس ڀاڪر ۾ ڀريو.
”پر هي ڪير آهي؟“ گل لاله ڊاڪٽر اڪبر جي هٿن ۾
جهليل ڦوٽوءَ ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو.
”هي اهو شخص آهي، جنهن جون اکيون توهان کي مليون
آهن.“ ڊاڪٽر اڪبر جواب ڏنو. مُرڪندڙ چهرو اکين جي
مٿان اڇو چشمو پهريل ڄڻ کيس مبارڪ ڏيندو هجي.
”واهه ته هي اکيون مون کي مليون آهن، مان انهن ئي
اکين سان کيس ڏسي رهي آهيان.“ گل لاله جو چهرو سرخ
ٿي ويو.
علم الدين جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي.
گل لاله، ڊاڪٽر کان تصوير وٺي سيني سان لڳائي ٿي
ڇڏي.
”ڪاش امي زندهه هجي ها ۽ منهنجون اکيون ڏسي سگهي
ها ۽ مان اميءَ جي خوشيءَ کي هنن اکين سان ڏسي
سگهان هان.“
ڊاڪٽر اڪبر وڌي وڃي دريءَ جو پردو هٽائي ڇڏيو،
جنهن جي ساون شيشن مان سامهون پيڊ تي، گلن جون
ڪونڊيون پيل هيون، جن ۾ ڳاڙها، نيرا ۽ پِيلا گل
لڳل هئا، جن تي پوپٽ لامارا ڏئي رهيا هئا.
گل لاله اهڙو منظر ڏسي سيني تي پيل ڦوٽوءَ کي چمي
ڏني ۽ ٿڌو ساهه ڀريو. ”مون کي ائين ٿو لڳي ته مون
اهي منظر اڳ به ڏٺا آهن،“
”هي ڪير آهي ڊاڪٽر صاحب؟“
”هي سنڌ جو شاعر هو، وڏي ڳالهه ته هي ڊاڪٽر به هو،
فطرت سان کيس پيار هو، گل، ٻار ۽ پوپٽ کيس وڻندا
هئا، حسن ۽ فطرت جي عڪاسي ڪندڙ هي شاعر سنڌ ۾
”ورڊس ورٿ“ جي لقب سان سڃاتو ويندو هو.“
”هاڻي ڪٿي آهي؟ منهنجو پڇڻ جو مطلب، ته سندس تدفين
ڪٿي ٿي؟ ڇا هي اکيون سنڌ مان هت آيون؟“ گل لاله
پنهنجو موقف چٽو نه رکي سگهي، هوءَ گهٻرائجي
وئي......
”مون کي به ائين ئي لڳي ٿو ته هو پنهنجون اکيون
عطيو ڪرڻ اسلام آباد آيو هو ڇو ته هو هتان جو
مستقل رهاڪو ڪونه هو، سندس پٽ قائداعظم
يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيندو رهيو آهي، جيڪو لاهور ۾
به ليڪچر ڏئي ٿو ۽ هو ٻاهرئين ملڪ مان اعليٰ تعليم
حاصل ڪري آيو آهي، کيس هڪڙو ئي پٽ آهي، جنهن سان
هن زندگيءَ جون آخري گهڙيون گڏ گذارڻ ٿي چاهيون،
جن گهڙين لاءِ هن کي پنهنجي سنڌ ڇڏڻي پئي. سندس
روح جو رشتو سنڌ سان جڙيل هو، جنهن کان چڱو ته
سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.“
گل لاله جي انهن اکين ۾ لڙڪ تري آيا جيڪي شاعر جون
اکيون هيون، احساس گل لاله جا هئا ۽ اکيون شاعر
جون. هن اکيون بند ڪيون ته سندس ذهن جي اسڪرين تي
کجين جا وڻ، گيڙو رتا لباس، جن جي هٿن ۾ طنبورو،
چپڙيون هيون ۽ هو ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل قبن
واري درگاهه آڏو رقص ڪري رهيا هئا.
سندس ڪنن ۾ الستي آواز گونجڻ لڳا ”ڳليان پريم
ننگرديان حضرت عشق گهايم جوڳي رمزالايم“. کيس لڳو
ڄڻ اهي ٻول هن ڪيترائي ڀيرا ٻڌا آهن، انهن صوفي
سنگ جي فقيرن کي ور ور ٻڌو آهي.
گل لاله اکيون کوليون ”بابا سنڌ ڪٿي آهي؟“
علم الدين سندس مٿي تي هٿ رکيو ”سنڌ هتي ئي آهي،
تنهنجي دل ۽ دماغ ۾ آهي.“ ڊاڪٽر مرڪ ڏئي مڙيو ته
گل لاله کيس سڏ ڪيو ”ڊاڪٽر صاحب مون کي معلومات
کپي، ان ماڻهوءَ جي باري ۾، جنهن جون اکيون منهنجي
اونداهين جيون کي روشن ڪري ويون آهن.“
ها هو هتي ئي دفن ٿيل آهي، شايد هو پنهنجي اکين جي
ڪري ئي هت رهي پيو هجي.“
”سچ ڊاڪٽر، هو هتي آهي!“ گلا لاله جي رخ تي
حيرانيءَ جا تاثر ڦهلجي ويا.
”ها هو هتي اسلام آباد ۾ دفن ٿيل آهي.“ ڊاڪٽر
مُرڪي وارڊ مان نڪري ويو.
”بابا مون کي ان جي قبر تي وڃڻو آهي ۽ ڏيئا روشن
ڪرڻا آهن.“ گل لاله نماڻين اکين سان پيءُ ڏي ڏسندي
چيو.
”ها ڇو نه، مان جاچ ڪري توکي ٻڌايان ٿو.“
اها جمع جي رات هئي، قبرستان ۾ اگربتين ۽ گلن جي
پتين جي خوشبوءِ ڦهليل هئي. گلا لاله کي بدن تي
اجرڪ اوڍيل هو جيڪو هن اسلام آباد جي هينڊي ڪرافٽس
شاپ تان خريد ڪري خاص موقعي لاءِ رکي ڇڏيو هو. هن
جڏهن اهو اجرڪ اوڍيو ته لاک جي خوشبوءِ پوري بدن ۾
سمائجندي محسوس ڪيائين، نيري رنگ جي تهه مٿان
ڳاڙهين چوڪڙين ۾ اڇي رنگ جون ڦلڙيون سندس اکين کي
ٿڌاڻ بخشي رهيون هيون. هن شاعر جي قبر مٿان گلاب
جون پنکڙيون وڌيون، ڏيئا ٻاريا، ۽ مٿن کان بيهي
دعا لاءِ هٿ اڀا ڪيا ته سندس ذهن ۾ اڻڄاتو آواز
گونجڻ لڳو ”آءُ اسان وٽ ويهه گهڙي پل ويهه الا او
منهنجا سائين ويهه…“
گل لاله دعا گهرندي گوڏن ڀر ويهي رهي، کيس محسوس
ٿيو ته پيرن جي ترين کي نرم ڇهاءَ جو لمس کيس عجيب
اطمينان بخشي رهيو آهي. گورکن جي لٺ پٿرن تي لڳندي
آواز کي ويجهو کڻي آئي.
”ڌيءَ رات ٿي رهي آهي. تون ڪير آهين؟“ هي قُبو ته
هڪ پرديسيءَ جو آهي. هن نگاهه کڻي گورکن کي ڏٺو
”مان به ان ديس جي ڌياڻي آهيان، هي ڏسين نٿو
منهنجي تن تي ڇا اوڍيل آهي.“
گورکن هٿ ۾ جهليل ٽارچ کي سڌو ڪيو ته اجرڪ جون
اڇيون ڦلڙيون جَرڪي پيون. گورکن گل لاله جي مٿي تي
هٿ رکيو. ”ڌيءَ اويلو وقت آهي، ان ڪري پڇيم.“
”پنهنجا اويلي وقت ۾ ئي ته گڏ هوندا آهن.“ گل لاله
کان ڄڻ بيخياليءَ ۾ جملو نڪري ويو ۽ هوءَ گهٻرائجي
وئي. ٻيا جملا نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. من آڳر تي پري
کان ٻڌندڙ آواز ويجهو ٿيندو ويو. ”سدائين ائين ڪين
گهٻرائبو آ، کُليءَ دل سان ڪڏهن ته ڳالهائبو آ!!“
۽ پوءِ گل لاله گورکن سان ڳالهائيندي قبرستان جي
گيٽ تائين پهچي وئي. هن گورکن ڏانهن ڏٺو جيڪو
چوڌاري ٽارچ ڦيرائي هزارن قبرن مٿان روشني هاريندو
رهيو. هن ڏٺو قبرستان ۾ ٻه ڏيئا شاعر جي آخري
آرامگاهه مٿان ٻري رهيا هئا.
”اِهي ٻئي منهنجا نيڻ ٿئي چاچا، جيڪي ٻري رهيا
آهن. ان قبر تي ڪڏهن به اوندهه ڪونه ٿيندي!!“
گورکن چتائي ڏٺو ته گلا لاله جا نيڻ ٻري رهيا هئا.
خان بابا هاڻي وڏو ٿي ويو هو ۽ ياري، دوستيءَ ۾
ايترو اڳتي نڪري ويو هو جو راتين جون راتيون گهر
کان ٻاهر رهڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن ون ٽوفائيو موٽر
سائيڪل تي ڪوهه مري جي پهاڙن تائين نڪري ويندو هو.
ون ويلنگ سندس شوق هو. ان شوق کيس ڪيترائي ڀيرا
چالان به ڪِرائي وڌو هو. گل محمد کي هميشه اها
ڳڻتي ورائي ويندي هئي، ته خان بابا جا اهي شوق،
ڪنهن ڏينهن کيس ڪنهن وڏي ميصبت ۾ نه وجهي ڇڏينِ،
جنهن جو ذڪر هن پنهنجي گهر واريءَ گل زرين سان به
ڪيو هو، پر ماءُ جي ممتا ۽ اڪيلي پٽ جي خوشين ۾ هن
زهر ڀرڻ نٿي چاهيو. گل زرين جي جسم ۾ زهر ته ان
ڏينهن ئي ڦهلجڻ شروع ڪيو هو جڏهن اسپتال مان ٽيسٽ
ڪرائڻ دوران کيس ڪاري ڪامڻ هجڻ جي تصديق ٿي ملي
هئي. سندس جيرو مڪمل ختم ٿي چڪو هو. حياتيءَ جي
انهن گهڙين ۾ هن پٽ جي خوشي ڏسڻ چاهي ته رئوپيرن
تي رکي هن گل محمد کي پنهنجي ڀاءُ علم الدين ڏانهن
رشتي گهرڻ لاءِ وڃڻ جو زور ڀريو.
علم الدين ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. کيس اهي پل ياد
اچڻ لڳا جڏهن گل بيبي ڪينسر جي اسپتال ۾ موت ۽
حياتيءَ جي جنگ وڙهي رهي هئي. گل بيبي، گل لاله جو
هٿ پڪڙي سندس هٿ ۾ ڏنو هو ۽ پارت ڪئي هئي پر هن
سواءِ مايوسيءَ جي سندس جهول ۾ ڪجهه به نه وڌو هو.
هاڻي هو ڪهڙو منهن کڻي علم الدين جي سامهون وڃي ها
۽ ٺڪرايل رشتي کي پنهنجي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ها!
اهو ضروري به ٿي پيو هو ته اڙيل گهوڙي کي لغام ڏيڻ
لاءِ سندس اڳياڙيون پڇاڙيون ٻڌڻ هڪ شهه گهوڙي سوار
لاءِ لازمي بڻجي پوندو آهي، سو دل تي پٿر رکي اکين
۾ آس جا ڏيئا ٻاري هو ڀاءُ جي در تي هليو ويو. اها
مارچ جي 29 تاريخ هئي، بهار جي ڦوهه جواني رستن ۽
باغيچن ۾ هر طرف گل ٽڙيل هئا. گل لاله حسبِ معمول
شام ٿيندي ئي قبرستان هلي ويندي هئي ۽ ڏيئا ٻاري
شاعر جي قبر تي گلن جون پتيون هاري ايندي هئي.
گل محمد جڏهن ڀاءُ جي در تي پهتو ته بيهي رهيو. هو
فيصلو نٿي ڪري سگهيو ته جنهن گهر جو در هن پاڻ بند
ڪيو هو، اهو ٻيهر ڪهڙي منهن سان کولي اندر داخل
ٿئي ها! ڪمند جي ڳرين تان سڪن پنن جي لهڻ جو آواز
سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو، کيس لڳو اهي سُڪل کَلون ڄڻ
سندس جسم تان لهي رهيون آهن.
الائي ڪيئن علم الدين کيس جهاڙي ورتو، ادا در کليل
آهي، تون ٻاهر ڇو بيهي رهيو آهين، هلي آءُ مون
پنهنجو در کليل رکيو آهي.
گل محمد جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري
بيهي رهيو. علم الدين اچي هٿ سندس ڪلهي تي رکيو.
ڀائر ڪوٽن جون ٻانهيون ٿيندا آهن. منهنجي گهر جون
چار ئي ڀتيون سلامت آهن، اندر هل...“
هن ڀاءُ جي اڇي ٻچي ڏاڙهي تي نظر وڌي ۽ مُنهن ۾
تڪيو، جنهن تي پيل گهنج کيس ماضيءَ جون حقيقتون
ٻڌائڻ لڳا. ڪيئن هن علم الدين کي زمين تان بيدخل
ڪيو هو. ڪيئن گهر ڇڏيندي مهل هن جي اکين مان حياءُ
ڇڏائي ويو هو. هن هٿ ته ڇا پر وات سان به کيس روڪڻ
جي ڪوشش ئي نه ڪئي هئي. اڄ علم الدين جو هٿ سندس
ڪلهي تي هو ۽ مک تي مسڪراهٽ هئي.
”ڀاڄائي ڪيئن آهي؟“ علم الدين جي اهڙي سوال تي هو
ڇرڪي ويو.
”طبعيت ۾ مزو ڪونهيس.“ کوهه جي تري مان ڄڻ آواز
ڀريو هجي.
”الله سائين رحم ڪندو.“ گل بيبي به ائين هلي وئي
جو خبر ئي نه پئي. علم الدين جون اکيون ڀرجي آيون.
”ماڻهوءَ جي هجڻ سان، ان جي قدر جي خبر نٿي پوي،
وئي کان پوءِ اکيون کُلي ٿيون پون. اک جو ڳوڙهو
سُڪي ڪونه ٿو!!“
ٻنهي جا ڪنڌ هيٺ آهن......
”ادا اڄ مان سوالي بڻجي تنهنجي در تي آيو آهيان!“
گل محمد زري گهٽ ڍنڍڪر ڏني ۽ چپ ۾ چڪ وجهي ڀاءُ
آڏو جملو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.
علم الدين ڇڪي کيس سيني سان لاتو ”ڀائر، ڀائرن وٽ
سوالي بڻجي نه پر مالڪ بڻجي ايندا آهن، ائين نه
چئه ادا، مان تنهنجو ننڍو ڀاءُ آهيان!“
”مون کي چوڻ ته نه گهرجي پر گل زرين جي حال کي ڏسي
وري به خالي جهولي تو در کڻي آيو آهيان، منهنجي
جهوليءَ ۾ گل لاله.....“ اڳتي اکر نه اڪليس، نيڻن
مان ڳوڙها وهي ڳلن تان هيٺ ڪِرڻ لڳس.
علم الدين چُپ ٿي ويو، پير جي آڱوٺي سان زمين کوٽڻ
لڳو.
”جواب ڇو نٿو ڏئين علم الدين، مان اڄ ننڍو ٿي تو
وٽ آيو آهيان.“ گل محمد جي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊو ڦاسي
پيو هجي.
”نه ادا تون منهنجو وڏو ڀاءُ آهين، ابي جي جاءِ تي
آهين پر ان ڌيءَ کي ڪهڙو مُنهن وٺي چوندس، جنهن
اونداهيءَ جي گهڙين ۾ پنهنجي ماءُ جي ڪريل هٿ کي
محسوس ڪيو هو ۽ تنهنجي زبان مانَ هڪ اکر به ڪونه
اُڪليو هو!“
”مان مڃان ٿو ان وقت مون کي ائين نه ڪرڻ گهربو هو
پر مان ڇا جواب ڏيان ها توکي ته خبر آهي. خان بابا
جي طبعيت جي، منهنجي ها بعد ۾ پڇتاءَ کان سواءِ
ڪجهه نه هجي ها ڇو ته مون کي خبر هئي ته خان بابا،
گل لاله کي قبول نه ڪري ها! ته پوءِ هاڻي ڇو قبول
ڪندو.“ علم الدين جو ڪنڌ مٿي ٿيو ۽ هن ڀاءُ جي
اکين ۾ حياءَ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. ”ڪهڙا ويهي
دليل ڏيان، ڪهڙيون ويهي ڳنڍيون کوليان، ريشم جي
ويڙهي کي کولڻ به ڪو سولو هوندو آهي ڇا؟ تند تند
جو خيال رکڻو پوندو آهي، علم الدين، پَٽُ ته هونئن
ئي ترڪڻو ڇلڪڻو ۽ تڪڙ ۾ گنجرڻو ٿي ويندو آهي.
منهنجي زال ۽ پٽ جو ڏنل ڳنڍيون مون کان نه کولراءِ
ڀاءُ“...... گل محمد سڀ هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهيا.
”پر مون کي به ته ڪو دڳ ڏي، مون ته هميشه سُٽَ جي
سڳن کي پنهنجو ڪيو آهي. سڀئي پَٽَ تنهنجي حوالي
ڪري پنهنجو آڏاڻو اچي هنيو ۽ هميشه جسم کي ڍڪڻ جي
ڊوڙ ۾ رهيس ۽ ائين سونٽي ڄار کي سلهجائيندو رهيس.“
”تنهنجو چوڻ گل لاله ڪونه موٽائيندي.“ گل محمد،
علم الدين جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
”تنهنجو خان بابا چوڻ موٽائي سگهي ٿو، ته گل لاله
ڇو نه.“
”هوءَ عورت آهي ۽ ان جو اختيار اسان وٽ آهي.“
”ڪنهن ڏنو آ اهڙو اختيار اسان کي؟“
گل محمد مُنجهي بيهي رهيو.
”هر ڪنهن کي پنهنجي زندگي جيئڻ جو حق آهي. مون
تڏهن به ڪنڌ هيٺ ڪري تنهنجي ماٺ کي منهن ڏنو هو ۽
اڄ به ماٺ ڪيان ٿو.“ علم الدين چپ ٿي ويو.
گل محمد اٿيو ”ته پوءِ مان ڇا سمجهان، ان عورت کي
ڪهڙو جواب ڏيان جيڪا موت جي منهن ۾ پئي آهي.“
”موت جي منهن ۾ منهنجي گل بيبي به پئي هئي ۽
منهنجي گل لاله به بي سهارا ٿي زندگيءَ جون
اونداهيون ڪَٽيون، اڄ جڏهن سندس اکين ۾ نور آهي
ته......“ گل محمد اٿيو هليو ويو ته گل لاله اچي
در تي پهتي. هن پنهنجي چاچي کي پُٺيرو ويندي ڏٺو.
پيءُ کي فڪر ۾ ويٺل ڏسي، هن سوال ڪيو.
”بابا خير ته آهي؟“
”ها پٽ تنهنجو چاچو آيو هو.“
”پٽ!... بابا اڄ مان ڌيءَ مان پٽ ڪيئن ٿي ويس.“
”تون منهنجو پٽ ئي ته آهين.“ علم الدين جي اکين ۾
چمڪ اچي وئي.
”ڇا ڳالهه آهي بابا؟“
”هاڻي تون عقل واري ٿي وئي آهين.“
”پر امان ته چوندي هئي ته عقل جي ڏاٺ چاليهن سالن
کانپوءِ نڪرندي آهي!“
”ڪنهن ڏٺي آهي اها ڏاٺ، مڙئي ماڻهين چري هوندي
هئي، تون منهنجي ڀرسان ويهه، ته هڪ ڳالهه
ٻڌايانءِ.“
”جِي بابا.“
”هاڻي تون سمجهدار ٿي وئي آهين، مان چوان ٿو ته
تون پنهنجي گهر جي ٿي وڃ.“
”هاڻي مان ڪنهن ٻئي گهر جي آهيان ابا جو پنهنجي
گهر جي ٿي وڃان.“
”پٽ! منهنجي ڳالهه سمجهندي به ناسمجهه ڇو ٿي
ٿئين؟“
”صحيح ته چوان ٿي بابا، ته مان پنهنجي گهرجي ته
آهيان. ڇا هي گهر منهنجو ناهي؟“
”مون اهو ڪٿي چيو ته هي گهر تُنهنجو ناهي پر عورت
جو گهر ان جي مڙس جي نالي سان هوندو آهي، ۽ هر
عورت کي پنهنجي پنهنجي گهر وڃڻو پوندو آهي.“
”معنيٰ ته عورت کي مڙس جي گهر کان اڳ گهر هوندو ئي
ناهي، اها سوالي گهرن م رهي، سوالي کاڌو کائيندي
آهي، سوالي ڪپڙا پائيندي آهي ۽ ٻين جي رحم ڪرم تي
هوندي آهي.“
علم الدين جون اکيون ڀرجي ويون. هن هٿ مٿي ڪري کيس
ڪجهه چوڻ چاهيو پر چئي نه سگهيو.
”گهر ته بابي جو هوندو آهي، جتي امان به هوندي
آهي، ڀائر به هوندا آهن، ڀينر به هونديون آهن.
بابا تون مون کي ڪهڙو گهر ٿو ٻڌائين، جتي نه بابو،
نه امان، نه ڀينر نه ڀائر.“
هت ڪهڙا ڀائر ۽ ڀينر اٿئي ۽ ڪهڙي ماءُ ويٺي اٿئي،
هڪ اڀاڳو پيءُ، اتي توکي پنهنجا ٻار ٿيندا ويڙهو
وسندءِ، سڄو ڏينهن اکين اڳيان رونق رهندءِ“.
”اَبا اڌ زندگي جتي اوندهه ۾ گذري، اهي هٿن سان
ڇُهيل جايون ڪيئن ڇڏي سگهنديس جن جي گهٽ،گهير،
هيٺائين، مٿاهين، ٻسائپ ڇسائپ هٿن سان ماپيل هجي ۽
ڇهيل هجي. ان کي اکين وارو انسان ته ڏسي درگذر ڪري
سگهي ٿو پرمن سان ڇهندڙ ماڻهو ڪٿي ٿو ڀُلائي
سگهي.“
”پر پٽ هيءَ جڳ جي ريت آهي، ته هر ڪنهن نياڻيءَ کي
پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏڻو پوندو آهي. پيغمبرن،
اوليائن، پيرن، رهبرن پنهنجون نياڻيون پرڻايون ۽
هٿن سان انهن کي الوداع ڪيون.“
”ها پر امان توهان کي ڇا چيو هو، ياد آهي اوهان
کي؟“
”ڇا چيو هو تنهنجي ماءُ.“
”توهان کان وسري ويو.“
”نه پر مان تنهنجي واتان ٻڌڻ ٿو چاهيان.“
”توهان کي امان چيو هو ته منهنجي چنڊ جهڙي ڌيءَ جو
خيال رکجانءِ ۽ پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏجانءِ.“
”ته ڪٿي ڪري رهيو آهيان پري“؟
”ته پوءِ اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟“
”دراصل تنهنجو چاچو گل محمد آيو هو.“
”ها مون ڏٺو چاچا کي“ اڳي ته ڏسي نه سگهندي هيس،
پر افسوس جو چاچا کي مون هميشه تصور ۾ ڏٺو آهي،
اکين سان اڄ سو به پٺيرو.“
”هو ويهي ها پر گل زرين جي طبعيت ٺيڪ ڪانهي.“
”ڇو، ڇا ٿيو چاچيءَ کي؟“
”پٽ ان کي ڪارو ڪامڻ ٿي پيو آهي، سندس جيرو ختم ٿي
ويو آهي.“
”بابا مون کي وٺي هلو، مان چاچيءَ کي اکين سان ڏسڻ
ٿي چاهيان.“
”ها پٽ اسان صبح جو هلنداسين، مان ته اِهو به
سوچيو آهي، ته تنهنجو هٿ ان جي هٿن ۾ ڏئي ايندس،
ٻه چار گهڙيون ته سک جون گذاري.“
”بابا توهان کي ياد آهي جڏهن امان ڪينسر جي اسپتال
۾ هئي ۽ منهنجو هٿ وٺي چاچي گل محمد جي هٿ ۾ ڏئي
پارت ڪئي هئائين، تڏهن ته چاچا انڪار ڪيو هو.“
”هي تون ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين، تون پاڳل ٿي وئي
آهين ڇا؟“
”نه بابا مان پاڳل ڪٿي آهيان، اوهان ئي ته چيو مان
سمجهدار ٿي وئي آهي، ۽ جڏهن ڌيئر سمجهدار ٿي
وينديون آهن، ته پٽ ٿي پونديون آهن.“
”چڱو چڱو هاڻي بس ڪر، ڌيئر جڏهن اهڙيون ڳالهيون
ڪنديون آهن ته اهي سائڪو ٿي وينديون آهن ۽ گوليون
جاڳي پونديون آهن.“
صبح جڏهن گل لاله منهن ڌوئي، وار سنواري بدن تي
اجرڪ اوڍيو جيڪو هن هينڊي ڪرافٽ جي دڪان تان ورتو
هو، ته سندس من ڦلڙيون ڦلڙيون ٿي پيو. آئيني
سامهون بيٺي ته شاعر جون اکيون کيس ڏسڻ لڳيون. هن
پهريون دفعو ائين محسوس ڪيو ته ڪو کيس ڏسي رهيو
آهي.
گهر مان نڪرڻ مهل هن پيءُ سان انگل ڪيو ته قبرستان
مان ٿيندا هلون، خبر ناهي ڪهڙي مهل موٽون، شام
ڏيئا ٻاري به سگهان الائي نه......
علم الدين سندس اکين ۾ ڏٺو ۽ جسم تي اوڍيل اجرڪ کي
ڏٺو. ڳاڙهي اجرڪ ۾ گل لاله واقعي گل جيان ٽڙي پئي
هئي. هن انڪار نه ڪيو. سڌو ٻئي قبرستان پهتا، هنن
قل پڙهيا، گورکن پاڻيءَ جو دٻو ڀري آيو ۽ قبر مٿان
ڇڻڪار ڪيائين ته گل لاله اجرڪ جي ڪنڊ مان سَوَ جو
نوٽ ڇوڙيو. ”چاچا متان مون کي دير ٿي وڃي، شام قبر
تي ڏيئا ضرور ٻارجانءِ.“ متان پرديسي شاعر سوچي ته
ڏيئا ٻارڻ واري گل لاله دير ڪئي.“
علم الدين دعا گهري، گل لاله کي هٿ خالي خالي لڳا.
نه ئي زبان مان ڪي حرف نڪتا، خاموش نگاهن سان هن
قبر کي ڏٺو، جنهن مٿان گلن جون پتيون سرگوشيون ڪري
رهيون هيون، اکيون ٻوٽيائين ته کجين جا باغ، گل،
درگاهون، صوفي راڳي گيڙو ويس نظر آيس. ڪنن ۾ گيت
ٻرڻ لڳس. اسان پنهنجو وارو وڄايون وڃئون ٿا.“
گل محمد دراندران علم الدين ۽ گل لاله جو استقبال
ڪيو. گل زرين بستر تان ڪنڌ کڻي ڏٺو ۽ دل تي هٿ رکي
چيو ”اچي ويا منهنجا پنهنجا اچي ويا“.
گلا لاله وڌي وڃي کيس ڀاڪر ۾ ڀريو. گل زرين
پيشانيءَ تي کيس چمي ڏني.
ايتري ۾ اوچتو زور زور سان درکڙڪيو.
”گل محمد! خان بابا جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي، هو
اسپتال ۾ آهي، جلدي پهچ.“ گل زرين هنيانءَ تي هٿ
هنيو ”يا حسين هيءَ ڪهڙي گهڙي ڦِري آئي.“
گل محمد چپل پائيندي ڪِري پيو، علم الدين کيس
سهارو ڏنو.
”بابا سان به اسپتال هلنديس.“ گل لاله اجرڪ کي
ٺاهيندي چيو.
”نه ڌيءَ تنهنجي چاچيءَ جي طبعيت ٺيڪ ڪانهي، تون
کيس سهارو ڏي، اسان وڃئون ٿا.“
گلا لاله پاڻ روڪي نه سگهي، ۽ پيءُ جي ڪڍ لڳي وئي.
”يوٽرن وٽ خان بابا جو ايڪسيڊنٽ ٿيو. ڏوهه ڪار
واري جو نه هو، خان بابا ٽرن ڪرڻ وقت پوئتي ڪونه
ڏٺو، کيس مٿي ۾ شديد ڌڪ رسيا آهن. ڪار وارو ڪو
ڊاڪٽر هو جيڪو تسلي ڏيئي کيس اسپتال کڻي ويو آهي.“
هڪ همراهه سهڪي به رهيو هو ۽ بيان به ڪري رهيو
هو.
اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پيهه متل هئي، گل لاله
سائيڊ ۾ رکيل بئنچ تي ويٺي. گل محمد ۽ علم الدين
اڳتي وڌي ويا.
”هي آهي خان بابا جو پيءُ گل محمد.“
ڊاڪٽر اڳتي وڌي آيو. ”چاچا منهنجو نالو اڪبر آهي،
منهنجي ڪار سان اوهان جي پٽ جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي.“
”منهنجو پٽ ڪٿي آهي؟“
”چاچا علم الدين توهان هتي؟“ ڊاڪٽر اڪبر
علم الدين سان هٿ ملائيندي پڇيو.
”ها، گل محمد منهنجو ڀاءُ آهي ۽ خان بابا منهنجو
ڀائٽيو......
گل لاله به آئي آهي؟
”ڪٿي آهي“
گل لاله بئنچ تان اٿي اڳتي آئي ۽ ڊاڪٽر جي سامهون
بيٺي. ڊاڪٽر سندس مٿي تي هٿ رکيو.
”توهان مون سان، منهنجي ڪمري ۾ اچو.“
سڀئي ڪمري ۾ آيا.
”دراصل خان بابا کي مٿي ۾ شديد ڌڪ لڳا آهن، رت جي
ضايع ٿيڻ ڪري هو هوش ۾ ناهي. مون رت جو بندوبست
ڪري ڇڏيو آهي. حياتي بچي وئي آهي پر.....“
”پر ڇا ڊاڪٽر توهان چپ ڇو ٿي ويا آهيو، ٻڌايو ڇو
نٿا؟“ گل محمد ڊاڪٽر جي ڳچيءَ تائين پهچي ويو.
”چاچا مان چوان ان ۾ اسان جو ڪو ڏوهه ڪونهي، اسان
هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي پر الله کي ڪجهه ٻيو منظور
هو. سندس اکين کان ڏسڻ واري صلاحيت کسجي وئي آهي.“
”يا خدا هي ڇا ٿي ويو، منهنجو اڪيلو پٽ، هي پهاڙ
زندگي ڪيئن جِي سگهندو؟“
”صبر ڪيو چاچا جيڪو الله کي منظور.“ گل لاله، گل
محمد جي ڪلهي تي هٿ رکيو.
”اهڙي زندگي ڪهڙي ڪم جي جيڪا سهاري سان گذارڻي
پوي.“
گل لاله چاچي جي وات تي هٿ رکيو. ”مايوسيءَ جون
ڳالهيون نه ڪريو الله وڏو آهي.“
”اڙي منهنجي دنيا ئي لُٽجي وئي.“
ڊاڪٽر اڳتي وڌيو ”چاچا هي به ته اوهان جي گهر جي
نياڻي آهي. هن به ته همت ۽ حوصلي سان تڪليفن کي
منهن ڏنو آهي......“
عورت جي ڳالهه ٻِي آهي، اها ته گهر سان نڀائي ٿي
وڃي، هي ته مرد آهي، ڪيئن گذاري سگهندو هي اجگر
زندگي، مان پوڙهو ماڻهو ڪيترو سهارو ڏيئي سگهندو
سانس، منهنجو ته گهر اُجڙي ويو.“
”مان سهارو ٿينديس خان جو، مان اکيون ٿينديس خان
جون....“ علم الدين جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
گل محمد تي سڪتو طاري ٿي ويو.
”مون کي اکيون آهن، جن هميشه ٻين کي اڳتي ڏسڻ
چاهيو آهي، جن ٻين کي ڪجهه ڏيڻ چاهيو آهي. مان
ڪنديس خدمت خان جي.........“
ڊاڪٽر اڪبر شاعر جي تصوير ڪڍي سڀني جي سامهون ٿي
بيٺو ۽ شاعر جو شعر پڙهيو.
”ڪجهه ڏيئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،
ٻور آهيون ڏيئي ميوو ڇڻي وينداسين.“
(تنوير) |