سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:6 

پروفيسر مظهر علي قريشي

 

 

 

علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ

مترجم ۽ مفسر

علامه محمد هدايت علي قريشي علوي المعروف تونيو ساڪن لعلورانئڪ تعلقو وارهه ضلع قنبر- شهدادڪوٽ تخلص ’نجفي‘ ۽ ’تارڪ‘
جيتوڻيڪ هفت زبان شاعر، نثرنويس، عالم ۽ صوفي بزرگ جي حيثيت سان ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي، پر کيس هڪ نئين روپ يعني مترجم، مفسر ۽ شارح قرآن جي حيثيت سان پيش ڪرڻ تمام ضروري آهي، ته جيئن حقيقت کان سڀ واقف ٿي سگهن

علامه تارڪ جي مادري زبان سنڌي هئي، پر هُو سرائڪي، هندي، اردو، عربي، پارسي ۽ پشتو ٻولين جو به وڏو ماهر هو ۽ انگريزي ٻوليءَ جو به سٺو ڄاڻو هو. شاعر جي لحاظ کان جهڙس اڄ سوڌو ڪوبه هفت زبان شاعر پيدا ڪونه ٿيو آهي. سندس شاعري مٿين مڙني ٻولين کان علاوه پارسي، انگريزي گڏيل لفظن تي مشتمل آهي. شاعري توڙي راڳڻين جي سڃاڻپ ۽ مهارت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس ڪلام ۾ جيڪي به خاص خصوصيتون آهن، تن مان هڪ اهم خاصيت هي آهي جو ڪٿي ڇهن زبانن جي گڏيل ڪلام تي تمام انوکي انداز ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن مان علامه تارڪ جو مذڪوره ٻولين تي مڪمل طور عبور حاصل هجڻ جو پتو پوي ٿو.

علامه تارڪ شاعريءَ جي ميدان ۾ جيتوڻيڪ هفت زبان شاعر آهي، پر نثرنويس جي حيثيت سان ڏسبو ته پاڻ تقريباً نثر جي هر صنف تي قلم کي تحرڪ ۾ آندو آهي. مذهبي لحاظ کان علامه تارڪ جون ڪيل خدمتون ڪنهن به طرح سان وسارڻ جوڳيون نه آهن. جن مان وڏو ڪارنامو نه رڳو قرآن پاڪ جون ٽي قلمي تختيون لکڻ هو، جن مان هڪ سعودي عرب موڪليل چئي وڃي ٿي ۽ ٻه تختيون لعلو رانئڪ ۽ پيچوها ڳوٺ ۾ اڄ سوڌو صحيح سالم موجود آهن، پر قرآن شريف جو منظوم سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمو وڏيءَ اهميت جو حامل آهي. ليڪن افسوس! جو سندس راهه ربانيءَ ڏانهن رواني ٿيڻ بعد پشتو ڪلام سان گڏ بيقدر بادشاهن جي ور چڙهي ويو ۽ اهي ماڻهو اڄ سوڌو ڪنهن به طرح تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. علامه تارڪ قرآن شريف جي منظوم ترجمي کان علاوه مختلف سورتن جي آياتِ الاهيءَ جو منظوم تفسير ۽ تشريح هڪ اهڙي عجيب ۽ انوکي صوفيانه رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڪئي آهي، جنهن جيان اڳ توڙي هن وقت تائين ڪنهن به ٻئي عالم ۽ صوفي بزرگ اهڙي صوفيانه انداز ۾ تشريح ڪانه ڪئي آهي، ان ڏس ۾  علامه صاحب جو هڪ قلمي ڪتاب ”برهان الواصلين“ هڪ منفرد مقام جو حامل آهي، علامه صاحب جي جنهن مسودي تان ”برهان الواصلين“ ورتو ويو آهي، ان ۾ سندس ٻه ٻيا ڪتاب ”نظم مقبول ترجمہ مثنوي بهلول ۽ راز اظهار ترجمئه بيسر نامہِ عطار“ منظوم مثنويءَ ۾ آهن. ان کان ٻين شاعرن جو سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ ڪلام درج ٿيل آهي. هيءُ نسخو علامه تارڪ جي هٿ اکرين لکيل آهي ۽ حاجي احمد نواز پيچوهي جي پوين وٽ محفوظ آهي. نظم مقبول جو منظوم سنڌي ترجمي ۾ تحرير ڪيل آهي.

برهان الواصلين ڪتاب ۾ قرآن شريف جي مختلف سورتن مان چند مختلف آيات ڪريمه جو تمام دلڪش، دلنشين ۽ دلپذير پيرائي ۾ سنڌي منظوم ترجمو ۽ تفسير 9 آڪٽوبر 1932ع ۾ تحرير ڪري مڪمل ڪيو ويو آهي. هن جي آخر ۾ علامه تارڪ”خاتمة الڪتاب“ جو عنوان ڏيئي ان کي منظوم صورت ۾ 32 بيتن تي مشتمل مذڪوره آيتن جي تفسير جي تاريخ قمري توڙي شمسي سنن جي اکرن ۾ آندي آهي. علامه تارڪ اهو سمورو ڪتاب پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪتابت ڪيو آهي. جنهن مان سندس جفاڪشي ۽ اسلامي خدمات لاءِ دلي لڳاءَ جو پتو پوي ٿو. سندس خوشخطي تمام وڻندڙ ۽ خوشنما آهي، مذڪوره ڪتاب اڄ سوڌو قلمي صورت ۾ موجود آهي.

علامه تارڪ ڪتاب برهان الواصلين ۾ جن به آيتن جو تفسير ڪيو آهي، اهو هڪ جداگانه صوفيانه رنگ ۾ رتل آهي، جنهن ۾ هڪ انوکو ۽ عجيب انداز اختيار ڪيو ويو آهي. سندس اختيار ڪيل طريقه ڪار اهڙو آهي جو ٻين مفسرن کان بلڪل نيارو ۽ نئون آهي. علامه تارڪ سڀ کان پهريائين مذڪوره ڪتاب جي ص 298 تي سڀني آيتن آيات ڪريمه کي يڪجاءِ تحرير ڪيو آهي، جيڪا هڪ نموني ۾ فهرست جو ڪم ڏئي ٿي، ان کان پوءِ صفحي 300 تي ”برهان الواصلين“ عنوان لکڻ بعد ان جي پاسي ۾ ”خدا جي وڏائي“ عنوان تحرير ڪيو آهي. هن ۾ جملي 44 بيت ’حمد‘ جا چيل آهن. حمد کان بعد نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ساراهه ۾ به بيتن جو ساڳيو تعداد چيل آهي. حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ثنا کان بعد سندن معراج ماڻڻ بابت 71 بيت ڏنا ويا آهن. معراج کان پوءِ چئن يارن جي واکاڻ ۾ 80 بيت چيا ويا آهن. هنن بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته علامه تارڪ اهلِ سنت و جماعت جو هجڻ سان گڏ اصحابه ڪرام ۽ امامن جو به عاشق صادق هو، جنهنڪري سندس مسلڪ جي لحاظ کان ائين چئي سگهجي ٿو ته هُو ڪنهن سان به بغض ڪين رکندو هو، مطلب ته علامه تارڪ حسد ۽ بغض کان بلڪل پاڪ ۽ پري هو. چئن يارن جي واکاڻ کان پوءِ ”ٻارهن امامن جي مدح“ جي باري ۾ جملي 73 بيتن چوڻ بعد ”سيدنا مخدوم عثمان قلندر قطب الدين لعل شهباز سيوهاڻي“ جي نسبت ۽ تعريف ۾ 45 بيت ۽ پنهنجي مرشد جي مدح ۾ 51 بيت چوڻ کان پوءِ ”ساقي نامون“ تحرير ڪيل آهي، جنهن ۾ 59 بيت چيل آهن.

مٿين سڀني عنوانن مان صاف واضح آهي ته علامه تارڪ نبين، رسولن، صحابن، اوليائن ۽ بزرگن ۽ مرشد ڏانهن ڪيتريقدر عقيدتمند هو
”ساقي نامون“ جنهن جو موضوع آهي ”شراب آڻي ڏيندڙ/شراب پياريندڙ يعني محبوب ۽ معشوق.“ هن ۾ بيت هڪ کان 18 تائين عاشق صادق صرف ساقيءَ کان شراب گهرندو رهي ٿو ۽ ان کي سڏي ٿو. بيت نمبر 19 کان 25 تائين قدرتي مناظر يعني آسمان تي ڪارن ڪڪرن، کِنوڻ، گجگوڙ ۽ پورب پار جي برسات ۽ بوند پوڻ سبب نمودار ٿيل نرمل نظاري جو نقش چِٽيو ويو آهي، جنهن کي اهڙي ته ادائگيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي، ڄڻڪ آسمان تي ساڳي من موهيندڙ مينگهه ملهار ۽ ساڳيو هوبهو دلڪش نظارو موجود آهي. يعني ته علامه تارڪ تمام خبرداريءَ سان عاليشان محاڪات کان ڪم ورتو آهي، جو پورب کان پوندڙ برسات سبب سڪل ڌرتيءَ تي گاهن سان پيدا ٿيل گلزاريءَ جو نقشو اکين اڳيان اچيو بيهي ٿو. اهڙيءَ طرح آسمان توڙي زمين تي باغ و بهاريءَ واري پياري ۽ من موهيندڙ موسم ۾ محبوب ۽ عاشق جي وصل واري وڻندڙ نرمل نظاري پيش ڪرڻ بعد وري وري بيت 31 کان 59 تائين ٻيهر ساقيءَ کي سڏي ٿو ۽ کيس مخاطب ٿيندي کانئس شرابِ طهورا جي طلب ڪندو رهي ٿو، جنهن جو اظهار هن طرح ڪري ٿو:

2-

مئي ڏي ساقي، آيو وه فصل بهار،

جو گلن سان باغ ڀرجي ٿيو تيار.

4-

مئي ڏي ساقي، ٿيون وسن بوندان عجب،

گلشنِ عالم تي آهي، فضل رب.

19-

آسمان تي ٿيا ڪڪر ڪارا تمام،

گاج کنوڻ آهي مٿس ڪئي ڌوم ڌام.

21-

خوب اڄ پورب سندي برسات آهه،

مئي ڏي ساقي مئڪشيءَ جي تات آهه.

28-

بوسئه شيرين ڏي مون کي دلربا،

مئي جي تلخيءَ کي وڃائج مهلقا.

59-

ساقيا مئي ڏي ڪريان هي نظم بند،

پايان مون ’تارڪ‘ ٿي وحدت جو ڪمند.

مترجم جي حيثيت سان ڏسبو ته علامه تارڪ ڪيترن ئي اسلامي عربي ڪتابن جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو آهي، جنهن جو احوال ديوان تارڪ م قلمبند ٿيل آهي. علامه تارڪ پنهنجا تخلص، نجفي ۽ تارڪ پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن. مصنف جي لحاظ کان تارڪ وڏو مصنف به هو، جنهن ترجمي ۽ تاليف کان سواءِ ڪيترن طبعزاد ڪتابن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ تحرير ڪيو آهي، جن مان گهڻو تعداد مختلف سنڌي خواندن توڙي سندس مائٽن جي ٽجوڙين جي نزاڪت بڻيل آهن. سندس اهڙن قلمي ڪتابن مان ڇپيل ڪتابن جو تعداد ٿورو ۽ اڻڇپيل ڪتابن جو تعداد تمام گهڻو آهي. جيڪي اڃا تائين قلمي صورت ۾ آهن، سندس سمورا ڪتاب ڪانن يا ڪانهه جي ڪِلڪ ۽ ڪاري ٺاهيل مس سان لکيل آهن. بهرحال مترجم جي حيثيت ۾ ڪيترائي اسلامي ڪتاب سنڌي زبان ۾ ترجمو (ڪي نثر ۾ ته ڪي نظم ۾) ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي سموري زندگي اسلام جي خدمت ڪرڻ ۾ صرف ڪندو رهيو.

هن مضمون ۾ علامه تارڪ جي قلمي ڪاوش کي مختصر نموني پڙهندڙن ۽ عوام جي فائدي لاءِ مثال طور پيش ڪيو وڃي ٿو.

علامه تارڪ قرآن شريف جي چند آيات ڪريمه جو جيڪو صوفيانه طرز تي مشتمل سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم سنڌي تفسير ۽ ناياب تشريح پيش ڪئي آهي، ان مان سندس ذهانت، فهم و فراست، تخيلات، اسلام سان عقيدت عربي ٻوليءَ تي عبور هجڻ ۽ شاعريءَ جي لوازمن ۽ فصيح ۽ سليس زبان ڪم آڻڻ جي ڏانءَ جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

’برهان الواصلين‘ ۾ ابتدائيه بيتن کان بعد ’سورة بقرة‘ جي رڪوع 20 مان آيت. (سورة البقرة، آيت 164)

ترجمو: (بيشڪ آسمان ۽ زمينن جي پيدا ڪرڻ ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦِرڻ گهِرڻ ۽ انهن ٻيڙين (جهازن) ۾ جيڪي سمنڊ ۾ هلن ٿيون، جنهن سان انسانن کي فائدو پهچائين ٿيون ۽ (انهيءَ برسات جي) پاڻيءَ ۾ جنهن کي الله تعاليٰ آسمان تان لاٿو (وسايو) پوءِ انهيءَ (پاڻيءَ) سان زمين کي سندس مرڻ (غيرآباد ٿيڻ) کان پوءِ زنده (آباد) ڪيائين ۽ انهيءَ (زمين) ۾ هر نموني جا چرندڙ (حيوان) پکيڙي ڇڏيائين ۽ هوائن جي بدلجڻ ۾ ۽ ماڻهن لاءِ ضرور نشانيون آهن، جيڪي عقل رکن ٿا).

علامه صاحب مذڪوره آيتن جو جيڪو صوفيانه طرز تي منظوم تفسير ڪيو آهي، ان مان چند بيت مثال خاطر هيٺ ڏجن ٿا:

1-

تانڪ ٿيو تحقيق منجهه پيدا ٿيڻ،

آسمانن ۽ زمينن جي هجڻ.

2-

قدرت ايزد تعاليٰ جو اثر،

آه ظاهر جو چوڻ کان ٿيو ٻهر.

3-

رات باطن آهه ظاهر ڏينهن ڄاڻ،

ٿيو انهن پردن ۾ ظاهر يار پاڻ.

4-

۽ ڏسو ٻيڙي هلي ٿي بحر تي،

ڪاٺ قدرت ساڻ پاڻيءَ تي تري.

5-

ڄاڻ ٻيڙي آهه ۽ دل بحر آه،

سمجهه ۽ ويچار واري رک نگاهه.

6-

هن مون ماڻهن کي رسي ٿو فائدو،

فائدو آهي گهڻو ڏاڍو وڏو.

7-

حق چيو مون ڍور ڌرتيءَ تي ڇڏيا،

مومنو ان کي ڏسو جالِن بَجا.

8-

۽ کان ڦيرائڻ هوائن جي گهڻو،

پڻ ڪڪر وسندڙ وسن ٿا جي جهجهو.

9-

هي سڀئي آهن نشانيون برملا،

قوم جي لئي جنهن کي هوئي عقل ۽ ذڪا.

10-

هن نشانين ۾ ٿيو موجود پاڻ،

آهه عبد ۽ عابد ۽ معبود پاڻ.

11-

تارڪ مستانه هي برهان پسي،

ليس في الدارين غيري بات چئي.

مذڪوره پهرين آيت جو تفسير 93 بيتن ۾ ڪيو ويو آهي، ان کان بعد ص 316 کان 318 تائين سورة آل عمران جي رڪوع 2 مان آيت جو منظوم تفسير علامه ساڳئي صوفيانه رنگ ۽ ڍنگ ۾ جنهن نموني نروار ڪيو آهي، ان مان سندس علمي ذهانت، ڄاڻ، تخيل ۽ ڪشاده قلبيءَ سان گڏ دين ۽ مذهب، اسلامي ۽ خدائي اسرارن پروڙڻ جو پتو پوي ٿو. علامه تارڪ هن آيت ڪريمہ جو تفسير 63 بيتن ۾ ڪيو آهي، جنهن کي پڙهي ٻيا عالم حضرات به دنگ رهجيو وڃن ٿا ۽ بي اختيار سندس لاءِ ساراهه جون سُرڪيون ۽ ڍُڪ ڀريندا رهن ٿا. مذڪوره منظوم تفسير سان ڪجهه بيت ڏجن ٿا:

1-

ٿو گواهي ڏئي اِها رب العلا،

ناهه ڪو الله ٻيو منهنجي سوا.

15-

مون سوا موجود ڪونهي ڪو خدا،

سڀ ۾ مون مشهود آهيان دائما.

16-

مون سوا موجود ناهي ڪائنات،

مون ٿيس منجهه ذات مون ٿيس منجهه صفات.

20-

هيءَ گواهي حق ڏني مون ري نه آهه،

جو ڪري دعويٰ ته مون آهيان الله.

21-

۽ گواهي هيءَ ڏني مَلڪن مِڙي،

ناهه ڪو الله هيءَ ڏني آهه عالمن.

31-

سي لدّني علم جا عالم عليم،

قائِمَا بِالقِسط، جي فائق فهيم.

62-

هيءَ گواهي تن ڏني دل جان سان،

آهه هڪ حضرت خدائي دوجهان.

63-

هي ٻُڌي تارڪ ڪلام خوشگوار،

ٿيو چوڻ اِني اناالله باوقار.

ساڳئي ص 318 کان 320 تائين سورة انعام جي رڪوع پهرين جي آيت سڳوري جي منظوم تشريح ۽ تفسير هڪ تمام دل لڀائيندڙ پيرائي ۾ ڪيو ويو آهي. علامه تارڪ منظوم تفسير شايد انڪري ڪيو آهي جو نثر جي ڀيٽ ۾ نظم سڀ ڪنهن انسان جي دل تي تمام سٺو ۽ تمام جلد ديرپا اثر رکي ٿو. نظم ياد ڪرڻ ۾ تمام آسان آهي ۽ پڙهندڙن توڙي ٻُڌندڙن کي به جلد دل تي ويهي وڃي ٿو. بهرحال مذڪوره آيت سڳوريءَ جو صوفيانه رنگ ۾ منظوم تفسير 70 بيتن ۾ ڪيو آهي. هن آيت جي تفسير مان چند بيت مثال خاطر پيش ڪجن ٿا:

1-

مدح ۽ ساراهه بيحد بيشمار،

صدق سان اخلاق سان ۽ بار بار.

31-

حمد ان جو ڪر سدا دل جان سان،

تان لهين اسرار تون سبحان کان.

32-

ساڻ قدرت تنهن ڪيا ست آسمان،

ريءَ ٿنڀين ٿوڻي مٿان ٿيا سائبان.

39-

۽ ڪيون پيدا زمينون ست خدا،

پهرين هيءَ ڀونءَ آهه ظاهر اي فنا.

43-

۽ اپايو آهه ان ظلمات کي،

مثل ان جو ڄاڻ ڪاري رات کي.

44-

قلب جي ڪارنهن به ان جو ٿيو مثال،

ان سندو مظهر تون اي اهل ضلال.

45-

ڪفر ان جي شاخ آهي برملا،

شرڪ بدعت ان سندا آثار ٿيا.

54-

قلب مومن نور ذات پاڪ آه،

نور کان مومن سدا هشناڪ آه.

55-

سورة النور آه جا فرقان ۾،

مصدر ان جي آه تنهنجي جان ۾.

69-

ياالاهي! ڏي پناهه از ڪافران،

جي وٺن ٿا ڪين راهِ مرسلان.

70-

تن جي سنگت کان گهري تارڪ پناهه،

ٿو رهي منجهه سايئه قربِ الٰہ.

صفحي 320 کان 322 تائين ساڳيءَ سورة انعام جي رڪوع 12 جي تفسير ۾ 66 بيت چيا آهن.

تفسير:

1-

خالقِ هردوجهان رب الرحيم،

ملڪ جو مالڪ حڪيم آهي عليم.

2-

داڻو ۽ ککڙي ڄمائي پاڻ ٿو،

ٻج منجهان سلڙا اپائي پاڻ ٿو.

3-

قلب داڻو پاڻ ڪيئن ککڙيءَ مثال،

تن مون پيدا ڪيئين حقيقت جو نهال.

4-

عبديت عابد بڻيو معبود ٿيو،

اصل ان جو پاڻ خود موجود ٿيو.

5-

ڪيئي تارڪ ڪيئي عالم ڪيئي رند،

مست ڪي ديوانه ۽ ڪي هوشمند.

6-

هن طرح جيئرو مُئي مون رب ڪڍي،

مومن کي پنهنجو ويسهه ٿو ڏئي.

7-

مخرج الميت من الحي آهه پاڻ،

ان کي ثابت ٿئي رکي جو حق جا ڄاڻ.

8-

حّي حضرت نوح ميت ٿيس پسر،

جو نه آندئين پيءُ مٿي ايمان اپر.

9-

صحبتِ مرشد مون جنهن کي ڪجهه نه ٿيو،

مخرج الميت جو مثل آهي اهو.

10-

هي نشان قدرت جا حق پيدا ڪيا،

تا ڪري توبهه وٺو راهه هُديٰ.

12-

جذبئه وحدت تي سر گهوري وجهو،

مال ۽ اولاد سڀ صدقي ڪريو.

13-

اوج احديث ۾ گم ڪيو جان تن،

ٿيو فنا اندر خدائي ذوالمنن.

14-

موتيٰ قبل ان لاءِ ٿيو اي مومنو،

حّي في الدارين، ٿيو ان کان سگهو.

15-

اقتلوا في حب ذات الله تمام،

تخلقوا اخلاق ان جي سان مدام.

صفحي 322 کان 325 تائين علامه تارڪ سورة يونس جي رڪوع پهرئين مان چئن آيتن جو منظوم تفسير جملي 97 بيتن ۾ ڪيو آهي، جن مان ڪجهه بيت پيش ڪجن ٿا:

تفسير:

1-

سو اوهان جي آهه رب اللعالمين،

جنهن ڪيا پيدا اُڀ ۽ جوڙي زمين.

2-

منجهه ڇهين ڏينهن ڪيائين سڀ تيار،

عرش تي ويهي رهيو پوءِ ڪردگار.

3-

جنهن کان برجا ٿي رهي هيءَ ڪائنات،

جنهن کان برپا ٿي رهي هيءَ ممڪنات.

4-

جي اذن پنهنجو ڏئي ڪنهن کي کڻي،

سو ڪري سگهندو شفاعت جهٽ گهڻي.

5-

وعدو رباني سمورو ٿيو سچو،

ڪوڙو ڄاڻي تنهن کي ڪنهن پر ڪونه ڪو.

6-

کير ٿوهر جو اهي پيئندا حميم،

تنهن سوا ٿيندو عذاب ان کي اليم.

7-

آهه سو الله اوهان جو ۽ ڌڻي،

روشني لئي سج کي پيدا ڪيئين کڻي.

8-

چنڊ سج جوڙيائين پورا جوڙ سان،

ڪونه نقصان تن کي ٿئي هڪٻئي منجهان.

9-

ماهه تاريخون نٿيون تن مون ڳڻي،

ڪم ۾ سگهجن آڻي سڀ پُرزي ذري.

10-

چؤطرف نُور اِلاهي آه منير،

اهل وحدت لاءِ جلوهء دلپذير.

11-

اهل تقويٰ لاءِ حق اظهار ٿيو،

ورع وار و محو منجهه ديدار ٿيو.

12-

ڇا ڪجي تارڪ بيانِ ڪبريا،

قل هو الله احد ۽ من خدا.

ساڳيءَ سورة جي رڪوع چوٿين ٻن آيتن سڳورين جو تفسير صفحي 325 کان صفحي 326 تائين جملي 53 بيتن ۾ ڪيو ويو آهي، جن مان چند بيت پيش ڪن ٿا:

مذڪوره ٻنهي آيتن جو صوفيانه رنگ ۽ ڍنگ ۾ رتل منظوم تفسير:

1-

چئو اوهان کي ڪير ڏئي ٿو رزق روز،

کائي خوش ٿا ٿيو سڀئي کان نان فور.

2-

آسمان کان ۽ زمين کان ٿو ڏئي،

جنهن کان هرڪو جانور خوش ٿو ٿئي.

3-

چئه ته سو الله آهي ڪار ساز،

رزاق ۽ خلاّق ۽ بنده نواز.

4-

دل مُئل مون نام موليٰ جو اچي،

نام موليٰ جي کان مُئي دل ٿي پري.

5-

ثَمَ وَجہُ الله لُوَّلُوا اَينَمَا،

نَحَنُ اَقرَبُ آه مِن حَبلِ الوَرَيٰ.

6-

ٿيو جڏهن روشن هو يدا پاڪ حق،

ٿيو ضلال ان کان سوا ٻيو سڀ سبق.

7-

يار کي هڪ ٿي، ڇڏيو اغيار کي،

سان حلال آهيو ڇڏيو مردار کي.

8-

ٿا وڃو ڪاڏي ڇڏي الله کي،

سڀ وحدت سندي ويساهه کي.

9-

وڃ نه تارڪ وصل جي خلوت کان دور،

قُم بِاذِنِيءَ جو دل اندر رک شعور.

سورة يوسف مان رڪوع 12 جي آيت سڳوري جو منظوم ترجمو ۽ تفسير صفحي 327 تي جملي 33 بيتن تي مشتمل صوفيانه انداز ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن مان ڪجهه بيت نموني خاطر ڏجن ٿا:

1-

ڪيتريون آهن اسان جون آيتون،

آيتون آهن اسان جون ڪيتريون.

2-

ڏس پکي ڪيئن ٿا اڏامن منجهه هوا،

ڪين ڌرتيءَ تي ڪِرن ٿا کان سما.

3-

ريءَ ٿنڀي ٿوڻي اڏيل ٿيو آسمان،

جنهن کي هرگز هٿ نه لائي اهل جان.

4-

۽ سَلو ڪيئن ٿو ڦُٽي ڌرتيءَ منجهان،

نر ۽ مادي پيٽ ۾ ڄاڻي نه خان.

5-

توڻي هردم ٿا ڏسن ذاتي نشان،

ڪونه ڪو ته به آڻين ٿا ان تي ڌيان.

6-

بي خبر هردم رهيا توحيد کان،

ٿا ڏسن توڙي نشانِ حق عيان.

7-

تن کان تارڪ خوب گوشي تي گذار،

عين ربي ساڻ آيا تون نهار.

هن کان پوءِ علامه صاحب سورة نحل جي رڪوع 7 مان ٽن آيتن جو منظوم سنڌي تفسير صفحي 328 کان 332 تائين جملي 153 بيتن ۾ ڪيو آهي، تفسير:

1-

اُڀ ۽ ڌرتيءَ ۾ ڏسو ٿا اوهين،

آهه سو الله رب العالمين.

2-

اُڀ ۽ ڌرتيءَ تي ڏسو ٿا جو لقا،

اُڀ ۽ ڌرتيءَ تي ڏسو ٿا صفا.

3-

آهه سو الله ذاتِ ذوالجلال،

لاءِ قادر خالق ايزد تعال.

4-

ٿو چوي عادل مون آهيان بي ربا،

عدل منهنجو جاري تا روزِ جزا.

5-

ڏن نذر دعوت جا گهورا روز شب،

جُبّه ۽ دستار جي جن کي طلب.

6-

ڪُن فڪان جو سر ڄاڻين صالحين،

مام ماينطق سڃاڻين صادقين.

7-

تنهن کان پوءِ اسرار صورت جو ڏسن،

جلوو برڪت جو ۽ نعمت جو ڏسن.

8-

ٻاهران ٿيا دين ملت جي مقيم،

اندران بدعت جي قربت تي سقيم.

9-

ڏنگ مارن نانگ ڪاري جيئن نهان،

مثل نوڙي گرچه ڏسجن ضعف کان.

10-

تن کان تارڪ ڀڄ طرف الله جي،

ياد ڪر نَصرٌ مِنَ اللهِ رمز کي.

صفحي 332 کان 336 رائين سورة نحل جي رڪوع 11 جي ڇهن آيتن جو منظوم جملي 150 بيتن ۾ تحرير ڪيل آهي، جن مان ڪجهه بيت مثال طور ڏجن ٿا:

1-

ٿو چوي آگو ايئن قرآن ۾،

سو هنڊايو پنهنجي دل ۾ جان ۾.

2-

حق اوهان کي پيٽان مائُن جو ڪڍيو،

جن ويچارين ڏاڍي محنت سان ڄڻيو.

3-

پيٽ ان جا ٿيا بطون بي مثال،

جن مون پيدا ٿيا عجائب خوش جمال.

4-

ڇا ڏسو ٿا ڪين منجهه اُڀ جي فضا،

ٿا پکي ڪيئي اُڏامن منجهه هوا.

5-

جعفر طيّار جيئن طيّار سي،

منجهه بهشتن جو اُڏامن پر ڪري.

6-

عارفن ۽ عاشقن جا روح طير،

منجهه فضائي آسمان ڪن ٿا سي سير.

7-

۽ اوهان جا گهر وِهڻ جون جايون جي،

گل مون چوپاين جي آگي ٺاهيون سي.

8-

فائدا چيزون ڏسو ٿي بيشمار،

وقت هڪڙي تائين آهن باوقار.

9-

حق سڃاڻي پوءِ ٿا منڪر ٿين،

اهڙا تن ۾ ٿا گهڻا ڳوليا لڀن.

10-

ڪافرن کي ڪفر، اسان کي دين ڏي،

دين جي تلقين ۽ تلوين ڏي.

11-

غيرالله کان ٿي تارڪ تون جدا،

پڙهه هُوالحق ليس غيرڪ ماسويٰ.

علامه صاحب بني اسرائيل سورة جي رڪوع 2 جي هڪ آيت جو سنڌي منظوم تفسير صفحي 337 کان 338 تائين جملي 49 بيتن ۾ ڪيو آهي. هن آيت جي تفسير وارن بيتن مان چند بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا:

1-

۽ اسان ڪيو رات کي ۽ ڏينهن کي،

ٿيا نشان لئي اهلِ عالم جي ٻه سي.

2-

رات آهي ڪفر ٿيو اسلام ڏينهن،

رات لٿي آغاز ۽ انجام ڏينهن.

3-

رات باطن ڏينهن ظاهر جي مثال،

رات اول ڏينهن آخر جي مثال.

4-

رات ڪثرت ڏينهن وحدت ڄاڻ تون،

رات رحمت ڏينهن رحمت ڄاڻ تون.

5-

ڏينهن ۽ راتيون ۽ هفتا ماهه سال،

آڻيو ڳاڻاٽي ۾ آهين جال.

6-

غوثيت قطبيت ۽ اوجِ علوم،

دنيا دنيا سيم زرگوشو ۽ ڌوم.

7-

آهه دنيا پوک ٿي لئي آخرت،

جيڪي پوکيندو سو لڻندو عاقبت.

8-

جي ڪوئي نمرود ابراهيم ٿئي،

ٿئي ڪو مفڪر يا منجهه تسليم ٿئي.

9-

ڪونه شافع ٿيندو مون ريءَ ڪنهن جي لاءِ،

ڪنهن جو ڪونهي مون سوا ڪاٿي خداءِ.

10-

عشق پنهنجو توکي ڪيم ’تارڪ‘ عطا،

ڏس تون وجہ الله جلوو جابجا.

سورة طٰہٰ جي رڪوع 2 مان ٻن آيتن جو منظوم تفسير صفحي 338 کان صفحي 339 تائين 50 بيتن ۾ ڪيو آهي، جن مان ڪي شعر هن طرح آهن:

1-

جنهن اوهان لئي ڪيو زمين کي بسترو،

ڇا زمين ان جو ڪريان ظاهر ذرو.

2-

بادشاهه توڻي گدا ان تي رهن،

انبياء ۽ اولياء ان تي گهمن.

3-

آسمان تان ٿو وسايان مينهن کي،

مون ڪيو نروار اهڙي نينهن کي.

4-

ٿيا نشان اُن ۾ گهڻا توحيد جا،

ٿيا نشان ان ۾ حقيقت جا وڏا.

5-

عقل وارن لئي ڪيم اظهار راز،

عقل جو جنهن ۾ ٿئي گم ترڪتار.

6-

باوجود عقل ’تارڪ‘ ڪر سجود،

سر اِنا احمد کي تون مسيح ڇڏ حجود.

 

سورة مومنون جي رڪوع 4 مان ٽن آيتن جو منظوم تفسير 39 بيتن تي مشتمل ص 340 کان 341 تائين تحرير ڪيل آهي:

1-

آهه سو الله ۽ قادر ڪريم،

هردوعالم جو اَجهو آگو عليم.

2-

۽ انهيءَ پيدا اوهان جون ڪيون اکيون،

پڻ اکين ۾ حڪمتون ڏاڍيون رکيون.

3-

ٿا اکين سان پيا ڏسو سارو جهان،

ڇا جهان پر هي سڀئي ڪون و مڪان.

4-

ٿا ٻُڌو آواز ڪيئي سان ڪَنن،

جن جي ٻُڌندي ٿا مزا ڏاڍا ٿين.

5-

شڪر گهٽ جيڪو ڪندو ٿيندو زبون،

کائي پي حق جون گهڻي ئي نعمتون.

6-

نيت ويندا سڀ مري ڌرتيءَ اندر،

۽ وري ٿيندا قيامت ۾ ٻهر.

7-

رات ڏينهن جي ٿو ڪري مَٽ سَٽ اهو،

اهڙو ڪم ان ريءَ ڪري ٿو ڪونه ٻئو.

8-

جي نه ڄاڻو ٿا وڃو وٽ عارفن،

جي اوهان کي رمز کان آگاهه ڪن.

9-

’تارڪ‘ اندر صحبتِ عارف گذار،

راز اِن الله ينطق ڌيان ڌار.

سورة فرقان جي رڪوع 6 مان ٻن آيتن سڳورين جو منظوم تفسير صفحي 341 کان صفحي 342 تائين 41 بيتن ۾ تحرير ڪيل آهي. مثال خاطر ڪجهه بيت ڏجن ٿا:

1-

سو مبارڪ آهي جنهن منجهه آسمان،

برج ٻارنهن خوبتر ٺاهيا عيان.

2-

تن ۾ ڪو خاڪي ته ڪو بادي ٿيو،

آتشي ڪوئي ته ڪو آبي ٿيو.

3-

برج ٻارنهن تن ۾ ڪيائين هڪ ڏيو،

هڪ قمر روشن منور ٿي ويو.

4-

هي اهوئي آهي رب العالمين،

روز شب ڪيئين هڪ ٻئي جا جانشين.

5-

بي ڌيان آهي خدا جي رهه کان رد،

ڪانه تنهن کي ٿي ملي رب جي مدد.

6-

جو ڪري شڪرانئه پروردگار،

سو ڏسي آثار بيچون بار بار.

7-

برج ڇاهِن چنڊ سج ڇاهي عيان،

رات ۽ ڏينهن آهه ڇا آيا ڪٿان.

8-

عارفن لئي ’تارڪ‘ آهن هي مثل،

قل هو الله ۽ ڇڏي ڏي قيل قال.

علامه صاحب مذڪور ڪتاب ۾ آخري منظوم تفسير صفحي 342 کان صفحي 343 تائين سورة الشعراء جي رڪوع 2 مان ڇهن آيتن جو جملي 24 بيتن ۾ ڪيو آهي. انهن مان ڪجهه بيت مثال لاءِ پيش ڪجن ٿا:

تفسير:

1-

هيئن چيو فرعون رب العٰلمين،

ڪير آهي ڪيئن ٿيو آهي مبين.

2-

ان کي موسيٰ چيو ته رب دوجهان،

اُڀ ۽ ڌرتيءَ ۾ رهي ٿو جو عيان.

3-

خود اوهان ۽ جي اوهان جا ٿيا وڏا،

جمله جو رب آهي سو رب العلا.

4-

چيائين اوڀر اولهه ۽ جيڪي منجهن،

آه تن جو رب بيشڪ ذوالمنن.

5-

جي رکو ٿا عقل ۽ هوش ۽ خرد،

دل سان لايو قول الله الصمد.

6-

ختم ڪر ’تارڪ‘ هتي پنهنجو ڪلام،

چؤُ نبي ۽ آل ان جي تي سلام.

مٿي ذڪر ڪيل 13 رڪعتن مان مختلف آيات ڪريم جي منظوم تفسير پيش ڪرڻ بعد علامه صاحب ساڳئي ڪتاب جي آخر ۾ ”خاتمہ الڪتاب“
جي عنوان سان ڪل 32 بيت چيا آهن. انهن بيتن ۾ مذڪوره آيتن جو تفسير لکيل پورو ڪرڻ جي تاريخ وغيره پڻ تحرير ٿيل آهي، جنهن مان ڪجهه بيت مثال خاطر ڏجن ٿا:

1-

مون ڪيو پورو لکي هي خوش ڪتاب،

هي ڪتاب مستطاب آه لاجواب.

2-

ختم ٿيو تفسير آياتِ مبين،

سان مدد الله ربّ العٰلمين.

3-

ڏينهن آچر جو ۽ وقت نيمروز،

هيءُ پُنو منهنجو ڪتابِ دلفروز.

4-

ٿيو جمادي الثاني ماهِ نيڪ تر،

۽ ستين تاريخ ان جي معتبر.

5-

سال تيرنهن سؤ ۽ ايڪونجاهه هو،

مثنويءَ کي مون چئي پورو ڪيو.

6-

ماه آڪٽوبر سندو هو نائون ڏينهن،

جنهن ۾ ٿيو سندو هو نائون

7-

سال پڻ اڻويهه سؤ ٻٽيهون هو،

هي ڪلام دلربا جنهن ۾ پُنو.

8-

جو پڙهي مون کي ڪري تهدل دُعا،

پڻ سنواري جي ڏسي ڪاٿي خطا.

9-

مان نه آهيان شاعر اهڙو نامور،

شهر جنهن جي ۾ نه ٿئي گهٽ وڌ اکر.

10-

مون پڇي تاريخ پي جامِ نبيد،

مون کي چيو هاتف چئه شغل جديد.

1351هه

21-

سروَ جي موسم ۾ پورو ٿيو سخن،

واهه عاليءَ جي ڪپر تي ٿيو وطن.

30-

ختم ڪر ’تارڪ‘ تون شعر بي بها،

ٿيو نگهدار ان جو هردم ڪبريا.

31-

پڙهه محمّد تي صلواتون ۽ درود،

بردر يزدان تون ڪر صدقاً سجود.

32-

بند ڪر پنهنجو ڪتاب لاجواب،

ڄاڻ تون الله اعلم بالصواب.

علامه صاحب منظوم تفسير ۾ سنڌي آسان ٻولي ڪم آڻڻ ۽ ان کي قديم نموني جي صورتخطيءَ ۾ تحرير کان ڪم ورتو آهي. سندس اکر نهايت سٺا ۽ پڪا آهن، جنهن ۾ قديم عربي، سنڌي تحرير ۽ موجوده سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪافي فرق آهي، جنهن جا ڪي مثال هن ريت آهن:

قديم تحرير

جديد تحرير

1) جهن

جنهن

2) ٻيءَ

ٻِئي

3) ڏيهن

ڏينهن(هڪ ڏينهن)

4) ٻيِ

ٻئي

5) تهن

تنهن

6) ٿيءَ

ٿئي

7) پيء

پَئي

8) مون

مان (منجهان)

9) ڏنئن

ڏنئين (ڏنائين)

10) تن کي

تن کي- تنکي

11) بخشيا۽

بخشيائين

مختصر ته مٿي ٻڌايل ڪارنامو ڪنهن به طرح معمولي ڪارنامو نه آهي، پر سندس پورهيو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. تارڪ کي وڏو جَس آهي جو ايترا سارا نثري ڪتاب، ترجمو توڙي طبعزاد ۽ منظوم ڪتاب مٿي ٻڌايل سڀني ٻولين ۾ پنهنجي هٿن سان پاڻ تحرير هيٺ آندا آهن. سندس هيءُ ڪارنامو انڪري به وڏي وقعت ۽ اهميت جو حامل آهي جو اهڙو ڪارنامو ٻئي ڪنهن بزرگ طرفان تحرير ڪيل منظر تي نه آيو آهي. سندس تحرير ڪيل ڪتابن جي ايتري تعداد کي نظر ۾ رکي ايئن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو، پر اها هڪ حقيقت چئبي ته ”علامه تارڪ به سنڌيءَ جو وهائو تارو هو.“ پاڻ وڏو جفاڪش، عالم، هفت زبان شاعر، قرآن شريف جو مفسر ۽ شارح، وڏو نثر نويس توڙي نظم نويس هجڻ سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ دينِ اسلام جو وڏو بي تعصب شيدائي هو، جنهن پنهنجي پوري ڄمار اسلام ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندي گذاري ۽ هر لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر توڙي نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪري سنڌي ادب کي مالامال ڪري ڇڏيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org