جبار’تاثير‘ سومرو
غزل
دادلي درياءَ جي هر هستي ڪٿي،
ساڳي آ مهراڻ ۾ مستي ڪٿي.
ڇوهه ڇولين ۾ نه ٿو ڏسجي اُهو،
ڪاهجي هاڻي ڀلا ڪَشتي ڪٿي.
ڌُوڙ ٿي اُڏري ڏِسئون ويٺا پيا،
ٿي وئي ويران آ وَستي ڪٿي.
ڪي گهرو دل سان دعائون دوستو!
شل ٿئي آباد ڪابه بستي ڪٿي.
گلشن مهراڻ جو اُجڙڻ ڏسي،
آ رُنو آڪاش ۽ ڌرتي ڪٿي.
سيرَ کان وڇڙي ڪُنن کان پار ٿي،
ڇولي ڇولي پاڻ ۾ پرتي ڪٿي.
هوريان هوريان لهر کان وڇڙي لهر،
ڄڻ ڪناري سان وڃي پرتي ڪٿي.
ٿو ٿيان ’تاثير‘ اڄ حيران مان!
ٿي وڪامي سنڌ هيءَ سستي ڪٿي.
مستقيم بازيدپوري
غزل
جِدت جي جهان ۾ جيئڻ جي ڄاڻ ڏي،
اداسيءَ سندي، نه اکين ۾، آلاڻ ڏي.
روايتن جي، قيد مان نڪري آزاد،
پرين ڪا، حياتيءَ کي، تون نواڻ ڏي.
گهڻئي جام، پيتو، رندن جي هٿان آ،
ڀري آ، هٿن سان ڪجهه ته تون پاڻ ڏي،
سَموري وجود کي، جا ڇڏي واسي،
عشق ڪا ته اهڙي اندر ۾ اَڇاڻ ڏي،
کپي ٿي، خيال کي، پڻ تقاضا نئين،
۽ ڏات کي به، وسعت ڏانءَ ساڻ ڏي،
نه روڪ ساقي پيئڻ ڏي، اڄ جيئڻ ڏي،
سوائي سرڪ تون سگهو ڪا آڻ ڏي،
ورهايون، وجود بي رنگيني، گڏي سَڏي،
اچي ويهه ويجهو، لبن جي لالاڻ ڏي.
غازي جمالي
غزل
نوان جذبا گلابي شام جاڳايا بهارن ۾،
کٿوري سان مون دڳ تولاءِ مهڪايا بهارن ۾.
ڀنل نيڻن صدائن جا ترنم دلڙي کي ارپيا،
جڏهن تنهنجا ربابي ٻول ياد آيا بهارن ۾.
ڪِري جو چڻنگ چاهت جي بدن منهنجي سندي رُت تي
ته پورن دل سندا دروازا کڙڪايا بهارن ۾.
نهاريو تو جڏهن سرمئي نيڻن سان پرين مون ڏي،
ته مايوسي خزان جا ويس پارايا بهارن ۾.
جواني واري چانڊوڪي لڪي غم جي گهٽائن ۾،
حياتي تنهنجي سارن جا ٿي سرڳايا بهارن ۾.
تون آ خوشيون کڻي’غازي‘ جمالي ڏي پرين پيارا،
ڏي تنهن کي دلربا تون پرت جي مايا بهارن ۾.
غزل
لکي ٿو شعر تولئه روئي هڪ مجبور، شاعرو!
لڇي تڙپي ٿو تولئه، ۽ سهي ٿو سور، شاعرو!
سڻين تون ڪونه ٿو دانهون ڀلا هو دانهن ڏئي ڪنهن
کي،
پڪا دل جا آ تنهنجي پيار ۾ مخمور، شاعرو!
سچي ڏَس تون مٺا توکي ڀلا احساس ڇو ڪونهي،
گهري ٿو پيار توکان هڪڙو هي مهجور، شاعرو!
صبح سانجهي ٿو ساري توکي تنهنجو هڪڙو ديوانو،
آ تنهنجي چاهه ۾ ساجن هي چڪنا چور، شاعرو!
کڻي وئين سڀ خوشيون هڪڙي نظر سان سونهن جا پيڪر،
ڪري وئين جنهن کي مستانو سو ڪر مسرور، شاعرو!
انهيءَ جو نانءُ آ ’غازي‘ جمالي ذات جو آهي،
جو تنهنجي پيار ۾ آهي رهيو مشهور شاعرو!
غزل
سونهن تنهنجي گلابي گلابي سڄڻ،
چال تنهنجي غزالي غزالي سڄڻ.
تنهنجي البيلي نيڻن ۾ جادو ڀريل،
تو ڏٺو وئِي ڀڄِي رُت عذابي سڄڻ.
سي هڻن ڏنگ ٿا بي حجابي سڄڻ.
پيار جو ولولو سي وڌائين پيا،
ٽهڪڙا جي ڏنا تو ربابي سڄڻ.
چاندني چاهه جي هاري اي دلربا،
ٿو ڪرين لمحا تون ماهتابي سڄڻ.
ٿي ويو ’غازي جمالي‘ هي ديوانو آ،
ديد تنهنجي ملي جو شرابي سڄڻ.
غزل
مهڪ منهنجي من ۾ آهي پيارا تنهنجي پيار جي،
تڙپ تن ۾ ٿي رهي تنهنجي سدا ديدار جي.
پريت تنهنجي جا هي نغما ڳائي ٿي دلڙي سدا،
ڇو جو هي آهي دوا هن برهه جي بيمار جي.
چنگ چاهت جا چريا هر پل وڄن ٿا سيني ۾،
توڙي ڀوڳيان ٿو اڳي ڇا ڳالهه ڪيان تنهن سار جي
تو هٽائي مک تان پردو ڪئي گلابي مند آ،
دلنشين لمحن ڪئي ساراهه ان سينگار جي.
روپ جي رم جهم ڦٽايو آ محبت جو چمن،
ساهه ۾ سرهاڻ هردم آهي تنهن گلزار جي.
ڇانئجي ماحول تي ويو مرڪ تنهنجي جو اثر،
’غازي‘ ٿيو لاچار آهي ساراهه لاچار جي.
سيما عباسي
نظم
منزلون منھنجي سفر جون
ضبط سان درويش دل،
مضطرب
ٿي باوضو.
سور سان سجدو ڪيو.
عشق جي اونھي اندر ۾،
روح جون رمزون جڙيون،
پيڙ جون پل پل
پڪارون.
اک جي پاڻيءَ
هون پسيون،
پرک جي پيڙا
نه
اجري،
عزم جو ٿڪجي سفر پيو.
درد جو دامن هو
پکڙيو،
روح جون رولاڪ رمزون،
۽ پٿون پيرا سفر جا.
منزلون هون لامڪان
ڏي،
هجر جا هاڃا
به
هلندڙ،
وصل جون وسريل
لڪيرون.
محبتن جي مقتلن ڏي،
عشق جا پيرا کڄيا ها،
۽ ظرف ڪنهن بدنيت جا.
تهمتن ڏي پئي هليا
ها،
مرڪندي پر ضبط
منهنجي ،
سرت کي ساٿي ڪيو هو.
روح جي مسند مٿاهين،
عزم جو زخمي اندر پر،
برف
جذبن جون صدائون.
گونگي ٻوڙي هر سماعت،
شهر جون انڌيون اکيون سڀ،
جن
نه
جذبن جي اندر ۾.
پاتي هئي جهاتي ڪڏهن،
وجد جي هن بيخوديءَ
۾،
مون مگر مولا پسيو هو.
بخت جي بازي کٽي هئي،
مرڪندي آزي
مڃي
هئي،
عشق جي ان آگهيءَ
۾.
نيٺ ھو ماڻيو
خدا کي،
بيخوديءَ
جا بي بھا سڀ،
سرخرو سجدا ٿيا ها.
جيت جذبن کي ملي ۽،
منزلون منھنجي سفر جون،
نيٺ ھون مرڪي پيون،
نيٺ ھون مرڪي پيون.
بيتابُ ناپر
غزل
ديپَ کي ٻيهر ٻاريُون!
هارَ هڪدم ڇو واريُون!
ها، آهن! ڪارا ڪَڪَر،
ڪين هن بُوندُون ڪاريُون.
خُون پنهنجي سان خويش!
باهه ٻرندڙ کي ٺاريُون!
موٽندا آخر پَکي،
ٻهڪنديُون ٻيهر ٽاريُون!
ارڳ ۾ آهن مرد،
نرڳ ۾ آهن ناريُون!
درد آهي ته آهي،
مُرڪ کي ڇالئه ماريُون!
بند نَڪُ پنهنجو ڪري،
گندَ ۾ ڇالئه گهاريُون!!
غزل
پاڻ کي لَهرُن ۾ آڻي ٿي ته ڇو!
موت کي نه موتُ ڄاڻي ٿي ته ڇو!
ماهيت ڄاڻڻ بنا مَهراڻ جي،
تيزُ تر تُرهي کي تاڻي ٿي ته ڇو!
ڪين تُنهنجي مَرڻ جي آهي عُمر،
موت سان ميلاپُ هاڻي ٿي ته ڇو!
گُلُ ڪري، خوشبوءِ ڌري تو ۾ ڌڻيءَ،
مانُ پنهنجو نه سُڃاڻي ٿي ته ڇو!
شاعرن هوندي، ستارن ڏانهن سَکي!
لفظ موتيئڙا اُماڻي ٿي ته ڇو!
ڪنهن مهل ته پاڻُ به ساراهِه تُون!
چنڊ کي ويٺي واکاڻي ٿي ته ڇو!
مان چوان ٿو اَڄُ ڀٽائيءَ تي هَلؤن،
تون چئين پيئي سُڀاڻي ٿي ته ڇو!
روشن شيخ
نثري ٽُڪرا
حسابن ڪرڻ سان محبت هلي ويندي
زندگيءَ ۾ ڪيترا غم مليا،
ڪيتريون خوشيون،
ڪنهن بيوفائي ڪئي،
ڪنهن ڪک ۾ خنجر هنيو،
ڪنهن چرچي صورت ۾،
”صورت وڃائي“
ڪنهن لاءِ آئون
”عام هيس“
ڪنهن لاءِ وري ”خاصُ“
ڪنهن خلوص جو غلط مطلب ڪڍيو،
انهن چڪرن ۾ آئون،
ان ڪري به پئجي ناهيان سگهندو،
جو آئون حسابن ۾ جڏو ئي رهيو آهيان،
۽ بقول ڪنهن شاعر جي:
حسابن ڪرڻ سان،
محبت هلي ويندي آ.
زين کوسو
وائي
چاهه ڏنا جي ڏنڀ،
سيني ۾ سڀ سانڍيم.
ڪامون، لڪڙا، ٿوڻيون،
درد بڻيا هن ٿنڀ،
سيني ۾ سڀ سانڍيم.
اُڏري
ويون هن ساريون،
خوشيون بڻجي کنڀ،
سيني ۾ سڀ سانڍيم.
ڪنهن ڀي ٻڌيون ڪينڪي،
ريهون ۽ رنڀ،
سيني ۾ سڀ سانڍيم.
غزل
اڄ ڀي دل آ ڇاڻي ڇاڻي،
ڪانهي من جي آڳ اجهاڻي.
مک تي آهي مرڪ سجايل،
اکڙين ۾ آ پاڻي پاڻي.
دولت خاطر ماريو ويو آ،
پنهنجن پاران ڄاڻي واڻي.
پنهنجا پاپي پيٽ ڀرڻ لئه،
اڳواڻ هٿان قوم وڪاڻي.
بيت
بک ڪيو بدحال، ڏڪر ڏڪايو ڏيهه کي،
ڇا هي نئون سال، آڻيندو ان مان آجپو.
ڏڪر ڏڪايو ڏيهه کي، آندي بک بدحالي،
هر ڪا اک آلي، مرڪي ٿي هت مفلسي.
هر ڪا اک آلي، مارو مرن وگهي بک،
ڏيهين جا هي ڏک، گهٽبا ڪڏهن ڪينڪي؟
هر دم هانء هڄي، جهرندو ڏسي جهانگيئڙن کي،
ڀورا ٿيء ڀڄي، محل هن جا ماڙيون.
ڪڻ ڪڻ وسيو مينهن، ڪيڏو وڌيو سيء آ،
ڀڙڪو کائي نينهن، جاڳيو آهي جوش سان.
ڪڻ ڪڻ وسيو مينهن، جاني جذبا جاڳيا،
نهٺو منهنجو نينهن، پڌرو ٿي پيو پرار کان.
کنگهي پيو کٽ تي، مرڪي مٿس مفلسي،
جوء پئي پٽ تي، مرندو ڏسي مڙس کي.
مرڪي مٿس مفلسي، غربت بڻيس گار،
ڪيئن وڻيس سنسار، جوٺي هن جهان ۾.
جهوٽا جهوٽا جاڳ ۾، جاڳ به جهڙو اجاڳ،
ماڻينداسين ڪيئن ماڳ، آهي جو ننڊ نڀاڳ جي.
وجهڻ سٽن منجهه ساهه، سولو ناهي سامري،
اياز بخاري شاهه، سرت ڏني سنڌ کي.
سرت ۽ ساڃاهه، سولي ناهي سامري،
ڀٽڪيل کي راهه، ڏکيو آهي ڏيکارڻ.
گوري ڏاٽو هٿ ۾، لوسڻ ويٺي ٿي لڻي،
ساهيلين جي سٿ ۾، ٺهي ڪيڏو ٺاهوڪڙي.
پنهنجي انا جي آڙ ۾، رمشا ماري تو،
ماڻهپو ۽ مردانگي، تو ۾ رهي ناهي ڪو،
ظلم ڪيئي ڇو، نياڻي نماڻي مٿان.
ياسين ڪنڀر
غزل
پاڻي
سنڌ سُڪي ٿي پاڻي ڪونهي!
ملڪ ۾ راڻو راڻي ڪونهي.
پاڻيءَ تي به پهرا آهن،
هيڻن جو ڪو ساڻي ڪونهي.
ٻچڙو ٻچڙو اُڃ ۾ بُک ۾،
سک ۾ ڪائي نياڻي ڪونهي.
هاري ڪُڙمي لڙڪن لارون،
مُرڪ نماڻن ماڻي ڪونهي.
هرڪو ماندو آ هيڪاندو،
ڪنهن جي درد ڪهاڻي ڪونهي؟
ڌاريو آخر ڌاريو آهي،
ان کي آس اَباڻي ڪونهي.
قوم ڪري ٿي واڪا ڪوڪون،
پر ٿي دانهن اگهاڻي ڪونهي.
پاڻي آ ”ياسين“ پري پر،
ڳالهه اها ٻاراڻي ڪونهي.
منهنجي ڪهڙي عيد
منهنجي ڪهڙي عيد آ ڀاءُ،
منهنجي جيئري ناهي ماءُ.
اڳ ۾ هي احساس نه هو،
ڇاهي سير يا ڇاهي پاءُ.
هاڻي آ محسوس ٿيو،
جيون گهرو آهي گهاءُ.
جلدي يار وسامي ويو،
رحمت شفقت جو درياءُ.
اڳ ۾ هير ڏکڻ جي هئي،
هاڻي آهي ڪوسو واءُ.
ماءُ هئي سنسار هيو،
هاڻي ناهي رهيو سڀاءُ.
دير سان ايندو هوس گهر ۾،
امڙ لهندي هُئي سماءُ.
عيد پڙهي جي قبر تي ويم،
قُلَ پڙهي مان روئي پيم.
عيد مبارڪ ڪنهن کي ڏيان،
امڙ کي مان ڪيئن چوان.
عيد به منهنجي ڏُک ۾ آ،
ساهه نه منهنجو سُک ۾ آ.
آ ”ياسين“ اهو سوداءُ،
منهنجو سَرَهو ناهي ساهُه،
منهنجي ناهي جيئري ماءُ.
کيم چند شرما
نثري ٽڪرا
تنهنجي
جواني واري
شاعري!
مون کي
ڪنهن نيڪ بزرگ جي
چاندي
جهڙي
مقدس
سفيد سنواري
جهڙي لڳي!!
تنهنجي
پوڙها پڻ واري شاعري
الائجي ڇو؟
سفيد وارن تي
لڳل خضاب جهڙي لڳي!!
علي اصغر لاڙڪ
حمدِ باري تعاليٰ
الله ٿو هلائي سموري جهان کي،
سجدو ڪبو خدا کان سوا ڪنهن نه خان کي.
پرور جي ذات پاڪ کي آهي رڳو بقا،
باقي نه ڪجهه به رهندو رهندو سڀ فنا،
قائم رکي ٿو جيڪو زمين و زمان کي.
يادِ خدا ۾ دل جو دوامي سڪون آ،
ذڪر خدا سان صاف ٿئي ٿي ته دل صفا،
تازو سدائين رکجي ذڪر سان زبان کي.
ڳڻجن ڳڻي نه سگهبيون خدا جون نعمتون،
انسان نيڪ لاءِ قبر ۾ به رحمتون،
روزي خدا ڏئي ٿو ڪراڙي ۽ جوان کي.
”اصغر“ گذار نيڪ ڪمن ۾ تون زندگي،
نيڪين سان ميٽجي ٿي گناهن جي گندگي،
روشن ڪندو خدا پو قبر جي مڪان کي.
فيض الله مڱريو ”فنائي“
وائي
ويٺي نير مان وهايان،
توکي ساري سڄڻ ڙي.
ٿي لڙڪ لوڪان، لڪايان،
توکي ساري سڄڻ ڙي.
منهن جو مون کان مَٽي وئين،
ڏيئن جيان پاڻ جلايان،
توکي ساري سڄڻ ڙي.
منهنجو ته سڀڪجهه تون ئي هان،
پنڌ تُنهنجا پئي ته پُڇايان،
توکي ساري سڄڻ ڙي.
مڱريئي اڱڻ جي اچين اڄ،
ته گيت خوشيءَ سندا ڳايان،
توکي ساري سڄڻ ڙي.
ڪاشف ميمڻ
ٿريءَ جي دانهن
آئون ٿري
هيسايل ظلم جو
ڏتڙيل بُکن جو
اُڃايل پاڻيءَ جو
منهنجو پيٽ پُٺي سان لڳو آ
بُکن تي
منهنجا چپ خشڪي هڻي ويا آهن
اُڃ تي!
منهنجا سَنڌَ ڏُکن ٿا
بدن ۾ ساهه ناهي رهيو
آئون احتجاج ڪيئن ڪيان
ظلم خلاف،
قدم ڳورا،
کڻي نٿو سگهان
سگهه ناهي رهي
ٻه قدم به اڳتي وڌڻ جي
آئون واجهايان ٿو
اديبن ڏي
دانشورن ڏي
شاعرن ڏي
منهنجي حق ۾ اُٿن
مون کي زبان آهي
منهنجو آواز بڻجن
مون کي پير آهن
منهنجون وِکون ٿين
مون لاءِ احتجاج ڪن
منهنجا حق گهُرن
مگر سڀ
گُم…
اُترادي به ڪو ظاهر ناهي
ٻڌو ٿم انهن مان جِنَ به ڪڪ
پر آئون ڀاءُ لاءِ
سڀ چپ
چپن کي تالا لڳل
آئون روز مور، هرڻ ۽ مال مرندي ٿو ڏسان
آئون روز
پنهنجي ٻارن جا جنازا ٿو کڻان
ٿيڙ کائيندي
ڪو ڪلهي ڏيڻ ۾ به شريڪ ناهي
نه ڪوئي تعزيت ڪري
ڪوڙ……
دلاسو ڏيڻ ٿو اچي
پنهنجي گڏ هجڻ جو
نه اديب
نه دانشور
نه شاعر
نه ئي ڪوئي اُترادي.
*
رابيل
تنهنجي
ڪارن ڪجلين
اکين مان
ڳوڙها…
جي…
ٿر جي بنجر ڌرتيءَ تي
ٽِمندي ڪِرن
ته ان ڌرتي مان
رابيل ڦُٽي پون.
افسانو
(Short Story)
جنهن کي سنڌيءَ ۾ مختصر ڪهاڻي ٿا سڏين، نثري ادب
(Fiction)
جي سڀ کان دلچسپ صنف سمجهي وڃي ٿي، جيڪا 1820ع کان
پوءِ يورپي ادب يعني انگريزي، فرانسيسي، روسي،
اٽالين ۽ اسپينش ادب ۾ شروع ٿي، ۽ گڏوگڏ امريڪن
ادب به ان ۾ پير پاتا، جتي ان جو پهريون نشان
واشنگٽن ارونگ
(Washington Irving)
1858-1837 جي ڪهاڻي
(Rip Von Winkle)
کي امريڪا جي پهرين مختصر ڪهاڻي چيو ويندو آهي.
حالانڪ هن کان آڳاٽو امريڪي ليکڪ ايڊيگرايلن پو
آهي، ليڪن هن جون اوائلي ڪهاڻيون انگلينڊ ۾ لکيل
هيون، جن ۾ اُتي جي ماحول جي عڪاسي ڪيل آهي. هن جي
مشهور ڪهاڻي
(Pit and Pendolim)
به انگلستان جي نوابي ماحول جي عڪاسي ٿي ڪري، جنهن
کي مون ريڊيائي تشڪيل ڏني هئي ۽ اهو ڊرامو
’مهراڻ‘ رسالي ۾ شايع ٿيو هو.
فرانس ۾ ان جو بنياد وجهندڙ بالزاڪ ۽ موپاسان هئا،
جن 1840-1820 ۾ تمام بهترين ڪهاڻيون لکيون، جڏهن
ته روس ۾ هنن جي همعصر پشڪن، چيخوف، دوستوفڪسي،
گورڪي، ترگنيف ۽ ٻيا ماسٽر ڪهاڻيڪار پنهنجو نالو
ڪڍي ويا. حالانڪه اٽليءَ جي مشهور ليکڪ گيواني
بوڪيشو جو مشهور ڪتاب، ڊي ڪيمريون
(Decameron)
(1375) جيڪو الف ليليٰ جي طرز تي لکيل آهي، هنن
کان گهڻو آڳاٽو لکيل هو ليڪن اهي ڪهاڻيون فني لحاظ
کان افساني کان مختلف هيون.
برصغير ۾ جڏهن بين الاقوامي ادب، ترجمن جي صورت ۾
متعارف ٿيو ته هندي ۽ بنگالي ڪهاڻيڪارن سان گڏ،
انگريزي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن، جن ۾ ئي
نئشنل هاٿورن، جنهن جي ڪهاڻي ٽوائس ٽولڊ ٽيل
(Twice told Tale)
کي امرلعل هڱوراڻي ته سنڌي رنگ ۾ ’آبِ حيات‘ جي
نالي سان صرف ڪردارن جا نالا ۽ ماحول مقامي بنائي
لکيو، هن ئي موپاسان جي افساني مون لائيٽ
(Moon Light)
کي ’هيءَ به رانجهو سندي رمز‘ جي نالي سان ماخوذ
ڪيو، ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ مقام حاصل ڪري ورتائين.
اهڙيءَ طرح ڪلڪتي جي فورٽ وليم ڪاليج ۾ پروفيسر
جان گلڪرائسٽ جي زيرنگراني بين الاقوامي ٻولين جا
هندوستاني ٻولين ۾ تمام گهڻا ترجما ٿيا جن ۾ ناول
به هئا ۽ افسانا ۽ ڊراما به، جن جو اثر لازمي طرح
بنگال ۾ پهرين پهتو ۽ اتي ڪيترائي مشهور ليکڪ انهن
ڪاوشن جي زيراثر افسانا لکڻ لڳا جن ۾ شرت ڪمار
چيٽرجي، بينڪ بينرجي، جهڙا ليکڪ شامل آهن، جن
افساني جي صنف ۾ بنگال جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي
جيوت جو احوال تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو، ۽
انهن بنگالي شهپارن جي اثر هيٺ هندي ٻوليءَ ۾ به،
منشي پريم چند (1880ع) ۾ فسانه نگاريءَ جي شروعات
ڪئي، جنهن پڻ معاشرتي مسئلن تي قلم آزمائي ڪئي ۽
هندستان ۾ افساني جو بنياد وجهندڙ سڏجڻ لڳو.
ڊاڪٽر قاضي خادم
ڪتاب: ”اندر جي عدالت“ (مهاڳ) ص 8-9 |