سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:16 

نورنبي راهوجو

 

 

 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو:

          شاگرد سياست کان ٻولي ماهر تائين

 

اها 1978ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون ميٽرڪ جو امتحان ڏنو هو ۽ اڃا رزلٽ جي انتظار ۾ هئس، فارغ وقت هجڻ سبب قنبر لڳ پنهنجن عزيزن جي ڳوٺ راهو جا ۾ ويس، اتي ئي پنهنجي ويجهي رشتيدار خان محمد جي معرفت قنبر شهر جي لاهي چاڙهي بازار جي هڪڙي حجامڪي دڪان تي ڪيترن ئي نَوَن ماڻهن سان ملاقات ٿِي. ان ملاقات منهنجي زندگيءَ تي تمام گهرا ۽ اڻمٽ نشان ڇڏيا.

اهو منهنجي زندگيءَ جو اهم ڏينهن ۽ اهم ملاقات سان گڏوگڏ ”گڏپ“ جو به عجيب ۽ انوکو مثال هو. ننڍڙو حجامڪو دڪان نوجوانن سان کچا کچ ڀريل هو، جن ۾ سڀ کان نمايان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هو، جنهن جي وڏي ڀاءَ رستم عليءَ جو اهو دڪان هو، جتي نه رڳو قنبر شهر جا پر ڪيترن ئي آس پاس جي ڳوٺن جا نوجوان پڻ اچي ويهندا ۽ ڪچهرين ۾ شامل ٿيندا هئا.

حجامڪي دڪان جي اها عام ڊاڙن ڊشن، کل ڀوڳ يا چرچن گهٻن جي ڪچهري نه هئي، بلڪ اها هڪڙي خالص علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري ويهڪ هئي، جنهن ۾ سنڌ، پاڪستان، ايشيا ۽ سڄي دنيا جي ڏاهپ تي گرما گرم بحث مباحثا ٿيندا هئا ۽ دوستاڻي چٽا ڀيٽي ٿيندي هئي.

منهنجي پهرين ڏينهن جي ڪچهري جو موضوع هو ”خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ اڏڻ ڪيئن ممڪن آهي.“ ۽ ڳالهائيندڙ هو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو.

هيءَ ڪچهري مون لاءِ ان ڪري به انوکي ۽ نرالي هئي جو ان کان اڳ مان ذاتي طور تي اهڙي ڪنهن به ڪچهريءَ جو حصو نه رهيو هئس. توڙي مِٽن مائٽن يا استادن جي گرما گرم بحث مباحثن جو مشاهدو ضرور هو، جنهن ۾ دليل بازين ۽ سنجيدگيءَ بجاءِ جلهون ۽ الزام تراشيون وڌيڪ هونديون هيون ۽ اُهي بحث مباحثا سکڻ سيکارڻ بجاءِ، ڏي جواب ۽ وٺ جواب ۽ سکڻي لٻاڙ هوندا هئا.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جنهن ڏاهپ، سنجيدگي، تسلسل، دليلن مثالن، شعرن، ٽوٽڪن ۽ لطيفن سان موضوع کي عام فهم، دلچسپ ۽ سولو بنائي پيش ڪيو هو. سو منهنجيءَ دل ۾ گهر ڪري ويو ۽ مون کي لڳو ته مون کي هڪڙو گس ۽ رستو ملي ويو آهي، جنهن سان آءٌ پاڻ به پنهنجين صلاحيتن کي اُجاگر ڪري سگهان ٿو.

ايئن ڪيترن ڏينهن تائين اهو ڪچهرين جو سلسلو هلندو رهيو. منجهند جو حجامڪي دڪان تي ڪچهرين ٿينديون هيون، جنهن ۾ منجهند جي ماني مقامي دوست پنهنجي گهرن مان پنهنجي پنهنجي حصي جي کڻي ايندا هئا، جيڪا سڀ گڏجي کائيندا هئا. گهڻن گهرن مان ماني اچڻ سبب اهو مانجهاندو به ڄڻ ته هڪڙي ”ست رشتي“ دعوت بڻجي پوندو هو. اها ڳالهه به مون لاءِ نئين ۽ انوکي هئي، ڇو ته ٻهراڙيءَ جي ٻار هجڻ سبب مون وٽ اهو ئي تصور هو ته جنهن گهر جا مهمان ايندا آهن ته کاڌ خوراڪ جو وزن به اُن ئي هڪڙي گهر تي هوندو آهي، پر هيءُ عجيب ”گڏپ“ وارو سرشتو هو، جنهن ۾ يا ته ڪير به ڪنهن جو مهمان نه هويا ته سڀ ئي هڪ ٻئي جا مهمان هئا. چانهه پاڻيءَ جو به ساڳيو ئي سرشتو هو، يعني سڀني جي شراڪت، سڀني جو حصو پتي. مطلب ته ڪير به ڪنهن تي وزن نه هو، سڀ ڪنهن پنهنجو حصو ڳنڍيو ٿي، جنهن ڪري ڪنهن به هڪ تي وزن نه هو. اهڙي طرح شام جون محفلون وري بس اسٽاپ جي هڪڙي هوٽل تي مچنديون هيون ۽ چانهه جي اڌ ڪوپ تي رات جو دير تائين هلنديون هيون. چانهه جي اڌ ڪوپ يا ڪَٽَ جو رواج به مون پهريون ڀيرو قنبر ۾ ئي ڏٺو.

انهن ڪچهرين جا ڪيترائي قسم هئا، جيڪي به مون اتي ئي ڏٺا. مثال طور ڪچهريءَ ۾ موجود سمورا دوست ٻن مختلف سياسي تنظيمن ۾ ورهائجي هڪ ٻئي سان پوري ايمانداريءَ ۽ ذميواريءَ سان بحث ڪندا هئا ۽ پنهنجي نظرياتي لائين جي حمايت ۾ دليل ڏئي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

ڪڏهن ڪو فڪري سوال اٿاريو ويندو هو ۽ ڪچهريءَ ۾ موجود هر فرد پنهنجيءَ ڄاڻ موجب ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجا خيال پيش ڪندو هو، جنهن سان محفل جي سمورن ساٿين کي نه رڳو ڳالهائڻ جو موقعو ملندو هو پر سندن تربيت پڻ ٿيندي هئي. آخر ۾ سڀ دوست ان ڏينهن جي ڪچهريءَ تي تبصرو ڪندا هئا ته انهن ان ڪچهريءَ مان ڇا سکيو، ڪهڙيون نيون ڳالهيون ٻڌيون، سندس ذهن ۾ ڪهڙا نوان خيال آيا ۽ انهن کي عملي طور لاڳو ڪرڻ لاءِ هو ڇا ٿو سوچي، وغيره.

انهن ڪچهرين جو مکيه محرڪ گهڻي ڀاڱي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ئي هوندو هو. ڇاڪاڻ ته هو سڀني جو فڪري ۽ نظرياتي استاد هجڻ سان گڏوگڏ سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر پڻ هو. توڙي جو ان محفل ۾ ڊاڪٽر ظفر قادري، ڊاڪٽر عبدالرحمان سومرو، سائين عظيم سومرو ۽ ڀائو در محمد ٻرڙو جهڙا نظرياتي ۽ سرگرم ڪارڪن پڻ موجود هوندا هئا.

انهن ئي ڪچهرين ۾ ٺٽي جي ساٿين: مامي عارب (گل حسن ڪيڙانو)، جبل جاني، (رسول بخش ڏيٿو) ۽ پانڌي (ايوب انڙ) سان پهريون ملاقاتون ٿيون.

انهن ڪچهرين مون کي لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين ان محفل جو حصو بڻائي رکيو ۽ مون قومي جدوجهد، طبقاتي جدوجهد، جمهوري جدوجهد، سامراج مخالف جدوجهد، شاگرد کي سياست ۾ ڇو حصو وٺڻ گهر جي، انقلاب ۾ هارين جي حصيداري، مزدور اڳواڻيءَ جو سوال، روسي، چيني ۽ ويٽنامي انقلابن ۾ انقلابي پارٽين ۽ اڳواڻن جي اهميت، قومي، عوامي جمهوري انقلاب، هندوستان جو ورهاڱو، اوڀر پاڪستان جو بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ، بلوچ، سنڌي ۽ پختون قومن جي مظلوميت، پنجاب جو بالادست ۽ ڦورم قوم وارو ڪردار ۽ جمهوري مرڪزيت جا بنيادي اصول وغيره جا بنيادي سبق انهن ڪچهرين ۽ محفلن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کان ٻُڌا ۽ سکيا، انهن ئي محفلن ۾ ڊاڪٽر بخت جمال شيخ، صحبت ٻرڙو، نثار ٻرڙو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر نظير شيخ ۽ محفوظ شيخ سان واقفيت ۽ واسيطيداري ٿي.

ميٽرڪ جي رزلٽ اچڻ کان پوءِ منهنجي داخلا سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ٿي وئي ۽ بابا سائينءَ جي نوڪريءَ سبب  ڄام شورو ڦاٽڪ تي رهائش سبب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي معرفت منهنجي واقفيت ڊاڪٽر خليل قاضي، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر علي نواز ڪلوئي، ڊاڪٽر ولي عباسي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر ايوب جروار ۽ ٻين دوستن سان ٿِي.

ڄام شوري جي شوخ ۽ چنچل هوائن ۾ هڪڙي شام ويلا ۾، جڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙو البيروني هال جي ڇت تي لغڙ اڏائي رهيو هو ته مون کانئس سوال ڪيو ته: سياسي ڪارڪن جي وصف ڇا آهي؟

هن مرڪندي جواب ڏنو هو ته: ”هر فن مولا يعني جيڪڏهن دنيا جي سڄي ڏاهپ، حسن، سچائي، ايمانداري، وفاداري، سهپ، رواداري ۽ قربانيءَ جي جذبن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ان منجهان ڪو سلڇڻو، باڪردار ۽ باعمل انسان ٺاهي سگهجي، ته اهو سياسي ڪارڪن هوندو.“ سندس ڪارڪن لاءِ اها تشريح اڄ تائين نه رڳو منهنجي ذهن ۾ زندهه آهي پر مون ڊاڪٽر محبت کي زندگيءَ جي هر موڙ تي ڪارڪن جي ان تشريح جي حقيقي روپ ۾ ڏٺو. هو هر فن مولا شخص هو، باڪردار هو، ايماندار ۽ وفادار هو، باشعور ۽ باضمير هو، سرگرم ۽ سهڪاري هو، هو پنهنجي سِرشتِ ۾ پنهنجن ئي خيالن وارو سياسي ڪارڪن هو. هُو لطيف جي ان سٽ:

گندي ۽ گراهه جن به سانڍيو ساهه سين،

تنين کان الله، اڃا به آڳاهون ٿيو.

جي هوبهو ڦوٽو ڪاپي هو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا 1972ع ۾ ٿي. هيءُ اهو دور هو، جڏهن پاڪستان وڏي عرصي کان پوءِ، ڊگهي سياسي سازش ۽ مارشل لائي آمريت کي خيرآباد چئي، پنهنجي تاريخ جي پهرين صاف ۽ شفاف، بالغ راءِ دهي تحت اليڪشن ڪرائي چڪو هو، ان کان اڳ ون يونٽ ٽُٽي چڪو هو ۽ ذوالفقارعلي ڀٽو، هن خطي جو وڏو شعلهء بيان مقرر ۽ عوامي اڳواڻ طور سامهون اچي چڪو هو، سندس زورِ خطابت ۽ فڪري سبز باغن ڪيترن ئي ترقي پسند ۽ سوشلسٽ اڳواڻن جا ٽپهريءَ تي روزا ٽوڙي وڌا هئا ۽ کين پنهنجي اُميدن جي ساڀيان ڀٽي صاحب جي سياست ۾ نظر اچڻ لڳي هئي.

تعليمي ادارن ۾ هڪ طرف ڀُٽي جي سحر انگيز قيادت ۾ سپاف ميدان مارڻ جي جوش جذبي سان لٿل هئي، ته ٻئي طرف ايس. اين. ايس. ايف ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ڪميونسٽ ۽ قومپرست ڌڙن جي شڪل ۾ سامهون اچي چڪي هئي ۽ تعليمي ادارن ۾ قومپرست ڌڙو جي. ايم. سيد جي رهبريءَ هيٺ جساف جي نالي ۾ منظم ٿيڻ لڳو هو آزادي جو رومانس ۽ مهم جوئي جي جذبي گڏجي شاگرد سياست ۾ هڪڙو هيجان آڻي ڇڏيو هو.

جڏهن 1970ع جي آزاد اليڪشن جا نتيجا، اسٽيبلشمينٽ جي منشا موجب نه آيا ته ملڪي سياست م هڪڙو وڏو ڀونچال اچي ويو هو ۽ غالب امڪانَ اِهي هئا ته ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر مارشل لا جي آمريت جي ور چڙهي ويندو. بنگالين جي پرامن جمهوري جدوجهد رياستي ڏاڍ سبب آهستي آهستي پنهنجو رنگ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ اها ڏاڪي به ڏاڪي عليحدگي ۽ قومي آزاديءَ طرف وڌي رهي هئي. حڪمرانن جي هوڏ ۽ هندستان جي مدد ٻرندڙ تي پيٽرول جو ڪم ڏنو ۽ اوڀر پاڪستان آخر بنگلاديش ٿي ويو.

گاهه کائي، آخري گوليءَ ۽ آخري سپاهيءَ جي ساهه تائين وڙهڻ جي دعويٰ واريءَ گهرڙن وانگر، هوا جي هڪڙي جُهوٽي تي ڊهي پٽ پئجي وئي. جنرل نيازيءَ جي ڪمانڊ هيٺ نوي هزار فوجين وڏي شان بي نيازيءَ سان پنهنجي سموري جنگي ساز و سامان سان گڏ هندستاني جنرل اروڙا اڳيان هٿيار ڦِٽا ڪري سرينڊر ڪيو، جيڪو منظر سڄيءَ دنيا پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو. پاڪ فوج بنگالين سان ڪهڙا ڪَلُور ڪيا ۽ ڪهڙيون قيامتون برپا ڪيون، سو هاڻ تاريخ جو حصو ٿي چڪو آهي.

جي.ايم.سيد ان سڄي صورتحال کان متاثر ٿيندي پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ هڪڙي نئين نعري جو اضافو ڪندي سنڌوديش جو پروگرام ڏئي ڇڏيو.

ان سڄي صورتحال ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو خاموش تماشائي نه هيو پر سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ٽئي ڌريون کيس پنهنجي معيار مطابق نه ٿي لڳيون، تنهنڪري هُن مطالعي طرف وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽ وچ وچ ۾ علمي ۽ ادبي سرگرمين کي وقت ڏيڻ شروع ڪيو. هن مختصر ڪهاڻيون تبصرا ۽ مضمون لکڻ کي ترجيح ڏني ۽ مطالعي کي وسيع ڪرڻ لڳو.

هو لطيف جو پارکو هو ۽ سندس سياسي فلسفي جو پوئلڳ هو، تنهنڪري کيس ڪٽر قومپرستي، ڪوڙي ڪميونسٽي ۽ ڪنٽرولڊ ناٽڪي جمهوريت متاثر نه ٿي ڪيو بلڪ سندس آئيڊيل لطيف جون هي سٽون هيون:

سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي محبتن جو مرڪز سنڌ، سنڌي عوام ۽ انسانيت هئي. تنهنڪري هن جي ذهن ۾ جنهن سياست جو تصور سنڌ ۽ سنڌي عوام کان شروع ٿي سڄي ڪائنات جي سمورن مظلومن، محڪومن، پيڙيل، ماريل، هيسايل، ڊيڄاريل ۽ غلام بنايل قومن، طبقن ۽ انسانن جي آزادي، خوشحالي ۽ خودمختياريءَ وارو هو. جڏهن کيس سندس ذهن واري سياست جو پرتوو عوامي تحريڪ جي سياست ۾ نظر آيو ته هن ان سياست تي ڇانيل ڌُنڌ ۽ ٻاٽ اوندهه ۾ ”اميد جو ترورو“ سمجهيو، تڏهن هو پنهنجيءَ پوري سگهه، صلاحيتن ۽ سٿ سميت ان پارٽيءَ ۽ سندس شاگرد محاذ ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ ۾ شامل ٿي ويو.

شروع ۾ کيس ايل.ايم.سي يونٽ جو آرگنائيزر ۽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پوءِ مرڪزي نائب ڪيو ويو. جڏهن ته صدر/ ڪنوينر ڊاڪٽر ظفر قادري ۽ جنرل سيڪريٽري جيجي زرينه بلوچ جهڙي ٻهڳڻي ماءُ جو بهادر پٽ ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي هو، ڪجهه وقت کان پوءِ کيس سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر ۽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ سمجهڻ ۽ سوال اٿارڻ جي عادت ته ننڍپڻ کان ئي هئي ويتر جو کيس سياسي عمل ۾ عملي طور شامل ٿيڻ جو موقعو مليو ته هن پنهنجي مطالعي کي اڃا به وڌيڪ اهميت ڏيڻ شروع ڪئي ۽ مارڪيٽ ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ موجود مارڪس ازم، لينن ازم ۽ فڪرِ مائوزي تونگ جو وسيع ۽ گهرو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو.

سندس شاگردي جي زماني جي مکيه وندر، هاسٽل جي ڇت تي لغڙ اڏائڻ، وسيع مطالعو ڪرڻ ۽ پڙهيل ڪتابن تي دوستن سان تفصيلي تبصرا ڪرڻ، ناشتي ۾ ميس تان بُسري پچرائي کائڻ، انگريزي فلمون خاص طور تي بروسلي جون مارشل آرٽ واريون فلمون ڏسڻ ۽ سياسي سرگرميون ڪرڻ، تنهن ۾ به خاص طور تي ڪارڪنن جي سياسي نظرياتي تربيت ڪرڻ هئي، جنهن سبب ٿوري ئي عرصي ۾، سندس شمار پارٽيءَ جي پهرين صف جي لکيل، پڙهيل ۽ نظرياتي ساٿين ۾ ٿيڻ لڳو، بلڪ ڪن حالتن ۾ کيس پارٽي جي سربراهه رسول بخش پليجي کان پوءِ جيڪي چند وڏا نظرياتي استاد سمجهيا ويندا هئا، انهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به شامل سمجهيو ويندو هو.

ڄام شوري ۾ پڙهائي دوران سندس سياسي ۽ ادبي سرگرميون گڏوگڏ هلنديون هيون. ادبي محاذ تي منصور عالم ابڙو ۽ ڊاڪٽر خان محمد پنهور سندس ساٿي ۽ دوست هئا ته سياسي ميدان ۾ ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي ۽ ڊاڪٽر خليل قاضي سندس ساٿي ۽ ڀرجهلا هئا.

هو ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ محفلن جو مور به هو ته مطالعي جو به جنون جي حد تائين شوقين هو. هو اڪثر ڪري رات جو دير تائين دوستن سان ڪچهريون ڪندو هو ۽ پوءِ وري پرهه ڦٽيءَ تائين پڙهندو هو. هو اڪثر ڪري پرهه ڦٽيءَ جو پڙهائي پوري ڪري، ڄام شورو ڦاٽڪ تي ”ملواري“ جي هوٽل تان چانهه ۽ اوڦراٽو کائي، پوءِ وڃي ننڊ ڪندو هو.

اڪثر ڪري سفر ۾ ساڻس ضروري شين سان گڏ ڪتاب به ساڻ هوندا هئا. اهي ڪتاب ڏيکارڻ واري فيشن تحت نه بلڪ زندگيءَ جي هر پل کي ڪارائتو بنائڻ لاءِ هوندا هئا. هو بس، وين ۽ ريل گاڏيءَ ۾ به مطالعو ڪندو هو، جيڪا عادت به کيس ننڍپڻ کان ئي هئي.

هو علمي ۽ ادبي رسالن: شاگرد ميگزين، سنڌي پبليڪيشن، انجيڪشن پبليڪيشن ۾ مضمون، ڪهاڻيون ۽ تبصرا به لکندو هو ته انجيڪش پبليڪيشن جو ڪاتب به پڻ هو. سندس هٿ اکر موتين جي مالها لڳندا هئا. کيس سياسي بحث مباحثي جو تمام وڏو فن هو، هو ٿوري ئي دير ۾ پنهنجي ڀرپور دليلن سان مخالفن کي يا ته قائل ڪري پنهنجو حمايتي بڻائي ويندو هو يا کين کُٽائي بس ڪرائي ڇڏيندو هو. سندس ساڳِي شوخي ۽ دليلن جي پختگي سندس تحريرن ۾ به نمايان طور نظر ايندي، خاص طور تي سندس تنقيدي ڪتاب ”جيڪو سچ چوي“ سندس شوخ، اڪابر ذهن جو اعليٰ نمونو ۽ هڪڙو لازوال شاهڪار آهي. هن جي لکڻ جو پنهنجو ڍنگ ۽ اسلوب هو، هُو جڏهن تنقيد ڪندو هو ته سندس لفظن ۽ دليلن جي چونڊ ڪنهن ”نشتر“ کان ڪنهن به طور گهٽ نه هوندي هئي.

سندس شاگرديءَ جي زماني ۾ ڪيترائي وڏا واقعا پڻ ٿيا، جن شاگرد سياست توڙي عام سياست ۾ وڏا ٿرٿلا آڻي ڇڏيا هئا. انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪنووڪيشن ۾ ان وقت جي وفاقي وزير قانون ۽ تعليم عبدالحفيظ پيرزادي کي چماٽ لڳڻ، محترم نصرت ڀُٽي جي موجودگيءَ ۾ بيگم رعنا لياقت علي خان جي ساڙهيءَ تائين شاگردن جا هٿ پڄڻ ۽ ان کان پوءِ ستت ئي ان دور جي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ مسٽر زيديءَ جو سنڌ يونيورسٽي لڳ اغوا ٿيڻ، شاگردن جون هڪ ٻئي سان خونريز جهڙيون ٿيڻ ۽ سيد علي مردان شاهه جو قتل ٿي وڃڻ، تمام وڏا واقعا هئا جيڪي شاگردن جي مهم جوئي جو نتيجو هئا، پر ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ڪڏهن به ان سياسي رومانس جو نه رڳو حصو نه رهيو پر انهن کان متاثر به نه ٿيو ڇو ته هن وٽ سياست جو تصور ئي ڄاڻ ۽ ڏاهپ سان هو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنهنجي ميڊيڪل جي پڙهائي پوري ڪري ٻن سالن لاءِ لازمي ملٽري سروس ۾ هليو ويو ۽ جڏهن هو ڊاڪٽر ڪيپٽن جي نوڪري ڇڏي واپس آيو ته سنڌ جي صورتحال ۽ سياسي وايومنڊل ڪافي تبديل ٿي چڪو هو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته سياسي پارٽيون جن شين جون فڪري طور تي مخالف هونديون آهن، وقت گذرڻ سان گڏ انهن ئي شين جون چيمپئن بڻجي پونديون آهن. تيئن عوامي تحريڪ جيڪا شخصيت پرستي، جهالت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي مخالف هئي، نين ۽ شاندار روايتن جي امين هئي، گڏيل قيادت ۽ گڏيل ڏاهپ جي قائل هئي، سوال اٿارڻ ۽ دليل ڏيڻ طرف راغب هئي، سا ڏاڪي به ڏاڪي انهن ئي شاندار روايتن جي مخالف ڏس طرف وڌڻ لڳي ۽ رات وچ ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ کي لڪ ڇپ ۾ طلاق ڏئي ساڳي ئي روايتي سياست جي مروج مزاج جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ لڳي ۽ لوڻ جي کاڻ ۾ لوڻ بڻجڻ لڳي هئي.

اهو عمل روسي انقلاب جي بحران سبب هيڪاري تيز ٿي ويو ۽ ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا، نام ڪَٺيا انقلابي اڳواڻ توبهه تائب ٿي جُوڻ مٽائڻ جي ڪرت سان لڳي ويا. ڪن وڃي تبليغي جماعتون ۽ فيروزي فرقن ۾ پناهون ڳوليون ته ڪن ڳچين ۾ توا ٽنگي، ترقي پسنديءَ کي در، در تي گيسيون ڪرائي معافيون ۽ تلافيون وٺڻ شروع ڪيون.

اهڙي ماحو ۾ به ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنهنجي پوري سگهه ۽ استقامت سان ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ جو حامي ۽ حمايتي رهيو. هن ڪڏهن به پنهنجي فڪري واٽ تي حرف اچڻ نه ڏنو ۽ نه وري ڪو پڇتاءُ ڪيو، ڄڻ ته هو انهن فڪري ڄامڙن کي چئي رهيو هجي ته:

     سي ڪانئر ڪڙم ڪنهن ٻئي منجهان،

     جــــــــي لائـــــــي نينهـــــــن پڇتــــــائــــن ٿـــا. (اياز)

عالمي صورتحال جي تبديليءَ سان گڏ سندس پارٽي جون ترجيحون به بدلجي چڪيون هيون، پر ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو خيال هو ته عالمي صورتحال جو سنڌ ۽ ملڪ جي حالتن تي ڪو به مثبت اثر نه پيو آهي، جنهن سبب ساڳيوئي ڦرلٽ ۽ مارا ماري وارو نظام نه رڳو جيئن جو تيئن برقرار هو پر مظلوم ۽ محڪوم طبقن جون معاشي، سياسي ۽ سماجي حالتون اڳ کان به وڌيڪ خراب ٿي چڪيون هيون، ان ڪري قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جو سوال ۽ سامراجي مداخلت ۽ جمهوريت جي حقيقي بحالي، اڳ جيان ئي اهم سوال هئا، ته ٻئي پاسي مذهبي انتهاپسندي ۽ لساني دهشتگرديءَ کي رياستي سرپرستيءَ ۾ پروان چاڙهيو پئي ويو.

اهو ئي سبب هو جو هن اهي سوال مرڪزي ادارن ۾ پيش ڪرڻ ۽ انهن تي مدلل بحث ڪرڻ شروع ڪيو ته ”پارٽيءَ جي اسٽيبلشمينٽ“ ۽ سربراهه کي اهي نظرياتي بحث خطري جي گهنٽي محسوس ٿيڻ لڳا ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ سازشي رٿائون جُڙڻ شروع ٿيون ۽ انهن تي عمل ڪندي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ ڪيترن ئي ٻين نظرياتي سرگرم ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي غداريءَ جا ٺپا هڻي، کين پارٽيءَ مان نيڪالي ڏني وئي.

ان صورتحال ۾ به ڊاڪٽر محبت ماٺ ڪري ويهڻ بجاءِ روزانو ”جاڳو“ ۽ ”سنڌ“ اخبار ۾ ڪيترائي ڪالم لکي پارٽيءَ جي تبديل ٿيندڙ پاليسين، حڪمت عملين ۽ پارٽي جي قيادت جي ٻه چاپڙائيءَ واري ڪردار کي عوام آڏو وائکو ڪيو. جڏهن کيس يقين ٿي ويو ته سندس سموريون سفارتي ۽ سياسي ڪوششون بيڪار آهن ۽ سندس لاءِ سياست جون بند گهٽيون اڃا به وڌيڪ سُڪڙجي سوڙهيون ۽ اونداهيون ٿي چڪيون آهن، تڏهن هن مايوس ٿي قوم کي بيقدري هجڻ جون گاريون ڏيڻ بجاءِ پنهنجي خدمتن جو رخ تبديل ڪري علمي، ادبي، سياسي، سماجي ڪمن ۽ لکڻين طرف ڌيان ڏنو. سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا جي نالي سان هڪڙي وڏي رٿا جوڙي ۽ ان تي ڪم ڪرڻ لڳو. ان لاءِ هن ذاتيون ۽ ديهون، پسون، راڳ، ساز، ڳهه، زيور، ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙا، وڻ، ٻوٽا، ڀاڄيون، گاهه، پرزا، اوزار ۽ ليکڪن جون لسٽون ٺاهيون، جيڪي الف اکر تائين مڪمل ڪيون هيون ۽ ان رٿا هيٺ مواد سهيڙڻ جي مهم پڻ هلائي، توڙي جو کيس اها به ڄاڻ هئي ته هيڏي وڏي رٿا، فرد بجاءِ ادارن جو ڪم آهي پر پوءِ به هن ان اصول کي رهنما بنائيندي ته: سٺي ڪم جو جيترو ۽ جيڪو به ڪم ڪري سگهجي ٿو، سو ضرور ڪرڻ گهرجي.

ان ڪم دوران کيس اهو به محسوس ٿيو ته سائنسي اصطلاح سازيءَ کان سواءِ انسائيڪلوپيڊيا جو ڪم اڻپورو آهي، تڏهن هن سائنسي اصطلاح سازي تي پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جيئن سنڌي ٻوليءَ جي اها کوٽ پوري ڪري سگهجي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح سازي ڪرڻ ۽ لفظ گهڙڻ لاءِ بنيادي گس ٺاهيا. هن ”ٻول گهاڙيٽو“ مضمون ۾ پنجاهه مختلف موضوعن جا سيٽ ٺاهي پيش ڪيا ۽ ٻئي مضمون ”سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاح سازي“ ۾ سنڌي، اصطلاحن لاءِ انگريزي توڙي فارسي ۽ سنڌي ترتيبن تي بحث ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گڻن کي پڻ نروار ڪيل هو. سندس ان تحقيق کيس هڪڙي اڳرائي لاءِ اتساهيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن ”ٻول جو بڻ“ ۽
”ٻوليءَ جو بڻ“ جهڙين اهم تحقيقن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي سنڌي علم و ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، هن علمي ۽ تحقيقي ڪم کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ ٿي چاهيو. ان ڪري سندس گهڻو وقت تحقيق ۽ مشاهدي ۾ گذرڻ لڳو. هن سنڌي ٻولي جي سٽاءَ ۽ سنڌي لفظن جي باطن ۽ جوڙجڪ کي سمجهي ورتو هو، جنهن جو اظهار سندن هيٺين مضمونن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. (1) هر هڪ لفظ هيري کاڻ، (2) ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي، (3) استدلال جو اهو طريقو غلط آهي، (4) هِڪُ: حقيقت ڇا آهي، (5) جامع سنڌي لغات جو جائزو، (6) الفابيٽ/ رسم الخط/ اسڪرپٽ: ڪجهه اعتراض ۽ ڪجهه انومانَ.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي شاگردن لاءِ هڪڙو سولي سنڌيءَ ۾ ”ڌرتي منهنجو گهر“ ڪتاب پڻ لکيو. هن علم الانسان (اينٿروپالاجي) ثقافت، سوشيالاجيءَ، جاگرافيءَ ۽ ٻين موضوعن تي پڻ مضمون لکيا، جن مان ڪجهه مضمون ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ ڪتاب ۾ شامل آهن.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان هن وقت تائين مختلف موضوعن تي هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:

تصنيفون:

1.       انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا- محبت ٻرڙو، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر (1998ع).

2.      ماڻهو ۽ ماڻهپو (مضمون)- محبت ٻرڙو، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر (1999ع).

3.      اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون- محبت ٻرڙو (گرامر)، ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي، (2000ع).

4.      يادون ۽ سڪون (ڪهاڻيون)- محبت ٻرڙو، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، (2001ع).

5.      ٻوليءَ جو بڻ (لسانيات)- محبت ٻرڙو، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر (2002ع).

6.      سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت (لسانيات، گرامر)، محبت ٻرڙو، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، (2003ع).

7.      شعور (فڪري مضمون)- محبت ٻرڙو، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر (2004ع).

8.      سنڌ: حڪمران، ايم.ڪيو.ايم ۽ سنڌي عوام (سياسي مضمون)، محبت ٻرڙو، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، (2006ع).

9.      ٻول جو بڻ (لسانيات)- محبت ٻرڙو، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، (2007ع).

10.       ڌرتي منهنجو گهر (سائنسي مضمون)- محبت ٻرڙو، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، (2009ع).

11.   فلسفو: هڪ مطالعو، محبت ٻرڙو، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، (2012ع).

12.  ضميري پڇاڙيون (گرامر)- محبت ٻرڙو، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، (2013ع).

13.  فطرت، سائنس ۽ سماج- محبت ٻرڙو، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، ( (2015ع).

14.  محبت جا خط- محبت ٻرڙو، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، (2016ع).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org