ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي
موتين مُٺِ
هن جديد دور ۾ پاڻ کي محقق، مؤرخ ۽ نقاد سڏائيندڙ
سيد مهدي شاهه سنڌي ادب ۾ هڪ نئون نالو آهي. هن جو
ايترو ڪم ته ادب ۾ ظاهر ڪونه ٿيو آهي، ليڪن سندس
هڪ ڪتاب ”ابڙو وڏ وڙو“ جو نالو مون ٻُڌو آهي. خبر
نه آهي ته ان ۾ هن محقق ڪيترو ۽ ڪيئن ڪم ڪيو آهي ۽
ڪيترو ڪامياب ويو آهي، سا سُڌ سندس کي ئي آهي.
ڪجهه سال اڳ يعني 2006ع کان هن جو قسطوار ”ڳالهه
يا جُٺ“ جي عنوان تي هڪ طويل ڪالم ماهوار ”سوجهرو“
ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيو آهي. مون کي اهو سمورو مواد ته
ميسر ٿي نه سگهيو، مگر جيڪو مهيا ٿيو آهي، ان کي
مون پڙهيو آهي. ان قسطوار ڪالم جون چند ڪاپيون
2009-02-06 تي خود مهدي شاهه منهنجي ڳوٺ (جوڻاڻي
شريف) مون وٽ اچي، تحفي طور ڏنيون، جن مان ڪجهه
قسطون کُٽل آهن.
هن پنهنجي مقالي جي ابتدا تحقيق جي انداز ۾ ڪتابن
جا حوالا ڏنا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو
ڪتاب ”علم تحقيق“ ۽ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جي ڪتاب
”تحقيق جو فن“ تان استفادو ڪيو ٿو ڏسجي. اهڙيءَ
ريت انهن ٻن محققن جي ڪتابن جي ورق گرداني ڪندي
پنهنجي عنوان ”ڳالهه يا جُٺ“ موضوع بنايو آهي، ۽
ان تي ئي پنهنجي تحقيق ۽ تنقيد جو مدار رکيو اٿس.
تحقيق جي تشريح ڪرڻ کان پوءِ وضاحت ڪندي لکي ٿو:
”تحقيق جي معنى ۽ وصف جي ابتڙ خاص ڪري ورهاڱي
(1947ع) کان پوءِ سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جي نالي ۾
اهڙو غير معياري ڪم ٿيو آهي، جنهن سان سنڌ جي
تاريخ جون سچيون حقيقتون پڌريون ٿيڻ بجاءِ، ويتر
گهڻو مشڪوڪ بڻجي ويون آهن. اهو سڀ ڪجهه اسان جي
هاڪارن محققن، پروفيسرن، ڊاڪٽرن جي اونڌن ابتن
راين، تصحيحن، توضيحن، تشريحن، ترجمن، حاشين وغيره
سبب ٿيو آهي. جيڪڏهن اڄ جو محقق انهن وڏن نالن جي
سحر ۾ ڦاسي انهن پاران تحقيق جي نالي ۾ ٿيل ڪم تي
ڀاڙي ويهي ته هُو سج جي روشني حاصل ڪرڻ بجاءِ،
اهڙيءَ اونداهيءَ کڏ ۾ وڃي ڪرندو، جتي اک نه ڏسي،
گوڏي کي!
جن محققن، ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ اسڪالرن سنڌ جي مادر
علمين، تعليمي ادارن ۽ وڏن وڏن تحقيقي ادارن ۾
ويهي سنڌ جي تاريخ سان ويل وهايا آهن ۽ عام ماڻهن
کي غلط ۽ بي بنياد ڄاڻ مهيا ڪري ساڻن، تاريخي
سماجي ظلم ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر ايم.ايڇ پنهور،
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، مولانا
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ڊاڪٽر عبدالخالق راز
سومرو، ڊاڪٽر پروفيسر غلام محمد لاکو ۽ ٻيا اڃا
حال حيات آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ تي ساڳئي روايتي
انداز ۾ تحقيق جي نالي تي ڪم جاري رکيو اچن ٿا.
ذڪر ڪيل حال حيات محققن کان علاوه پير حسام الدين
راشدي، مولانا غلام رسول مهر، رحيمداد خان مولائي
شيدائي ۽ ٻيا اهڙا محقق ٿي گذريا آهن، جن سنڌ جي
تاريخ تي ورهاڱي کان پوءِ اهڙا تجزيا ڪيا، جنهن
سان سنڌ جي حقيقي تاريخ جو نه رڳو روح تڙپي اٿيو،
پر ان جو خوبصورت چهرو به چچرجي ويو.“
]سوجهرو،
15/اپريل، 2006ع[
پهرين ڳالهه ته مهدي شاهه، ايم.ايڇ پنهور کي ڊاڪٽر
سڏي ٿو، سو ايم.ايڇ پنهور ڊاڪٽر هوئي ڪونه! باقي
هن اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن جو ڪو مثال ئي
نه ٿو ملي. هن جي ڪم کي ڪافي مڃتا ملي چڪي آهي، ڇو
ته هن محقق جي تحقيق جو انداز ٻين ڪيترن ئي محققن
جي تحقيق کان نرالو ۽ سائنسي طرز تي آهي. جيڪڏهن
هن جي ڪنهن به ڪتاب کي پڙهبو ته ان ۾ کوڙ ساريون
نيون ڳالهيون ملنديون ۽ معلومات ۾ پڻ اضافو ٿيندو.
ڪوبه محقق يا مؤرخ حرف آخر نه آهي، ۽ ڪوبه هڪ هنڌ
خوبين ۽ خاصيتن جو مالڪ نه هوندو آهي ۽ خوبين سان
گڏ منجهس خاميون به ضرور هونديون آهن، جيڪا مون
تحقيق ڪئي آهي، ان کي ايندڙ محقق وري پنهنجي تناظر
۾ ڏسندا. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن، محقق جي هڪ خامي
هوندي ته ان جون ٻيون سوين خوبيون بيڪار ته نه
چئبيون نه! مون هڪ پرائمري ٽيچر جي حيثيت ۾ رهي پي
ايڇ. ڊي ڪئي آهي. مگر منهنجو ڪم ٻين محققن جي ڪم
کان جداگانه آهي. وقت گذرڻ ۽ حالتن بدلجڻ ڪري به
تحقيق جو انداز به بدليو وڃي. مثال ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلي صاحب 1956ع ۾ تحقيقي انداز ۾
ايم.اي جو مونوگراف لکيو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي
ته سال 1956ع ڪٿي ۽ سال 2013ع ڪٿي! اها هڪ وڏي وٿي
آهي. ان طويل عرصي ۾ ڪافي تبديليون آيون ٿيون
ڏسجن، اگر اهو مقالو ان دور ۾ شايع ڪيو وڃي ها ته
ان تي هن وقت مٿس تحقيق ڪري ۽ واڌارو ڪري نوان
رايا ۽ نيون وضاحتون ڪيون وڃن ها ۽ مٿس تنقيد به
ڪئي وڃي ها. ائين نه ڏٺو وڃي ها ته وقت ڪيترو
گذريو آهي ۽ حالتون ڪيتريون بدلجي ويون آهن. مهدي
شاهه کي به تنقيد براءِ تنقيد نه ڪرڻ کپي ها.
تنقيد اها بهتر چئبي آهي جيڪا اصلاح طور هجي. آءٌ
ٻين محققن جي باري ۾ ڪابه راءِ قائم نه ٿو ڪريان،
ليڪن هڪ محقق ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ڪم جي تناظر ۾
مهدي شاهه جي ڪيل تنقيد تي ٻه لفظ ضرور عرض ڪندس.
مهدي شاهه کي جيڪا ڳالهه سامهون آئي آهي، ان اها
لکي آهي، ان کان علاوه هن نهايت سخت ٻولي ۽ لهجو
استعمال ڪيو آهي. انسان غلطين جو گهر آهي، غلطيون
انسان کان ٿينديون آهن.
منهنجي مطالعي هيٺ مهدي شاهه جي ڪالم/ڳالهه يا جُٺ
جون (قسط ڇهين/ سيپٽمبر 2006ع، قسط اٺين/ڊسمبر
2006ع ۽ قسط نائين/ جنوري 2007ع) ٽي قسطون آهن.
ستين قسط موجود نه آهي. باقي مٿين ٽن قسطن جو
جائزو وٺڻ جي ممڪن ڪوشش ڪندس ته آخر حقيقت ڪهڙي
پاسي آهي. علامه تارڪ تي منهنجو ڪم ٿيل آهي ۽ اڃا
به تحقيق جاري آهي. منهنجو اڀياس ديوان نجفي ته نه
آهي، پر ديوان تارڪ، ڪليات تارڪ (قلمي) سنڌي،
مثنوي برهان الواصلين، چمڪندڙ گوهر، آثار العرفان
ترجمه سورة الفرقان، راز اظهار ترجمه، بسيرنامه
عطار، نظم مقبول ترجمه مثنوي بهلول وغيره جن جون
ڦوٽو ڪاپيون هن فقير وٽ آهن، جن تي ڪم ڪرڻ جو
ارادو رکان ٿو.
اصل ڳالهه اها آهي ته مهدي شاهه وٽ ديوان نجفي ۽
ديوان تارڪ کان سواءِ ڪو ٻيو ذريعو نه آهي. ديوان
نجفيءَ کي بنياد بنائي، ڊاڪٽر نواز علي شوق تي هن
بيجا ڇوهه ڇنڊيا. ٺوس ثبوت هٿ ڪري پوءِ ڪنهن تي
رنجش ۽ ڪاوڙ لاهبي آهي. باقي خواه مخواه تنقيد ڪرڻ
۽ ڇوهه ڇنڊڻ ڪٿان جو انصاف آهي يا اهو تنقيد ڪرڻ
جو معيار درست ته نه آهي!
ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ادب ۾ ٿيل ڪم ڪارائتو آهي،
اڃا به ان راهه ۾ رنڊا روڙيندو رهي ٿو. حالانڪه
تنقيد ته سڀ ڪنهن جو حق آهي پر تنقيد اها ڪارائتي
۽ شانائتي چئبي، جيڪا جاکوڙ ۽ جستجوءَ تي ٻڌل هجي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق جي تحقيق ته ڪا گهٽ درجي جي
تحقيق ڪانه آهي. شوق صاحب علامه تارڪ کي گمناميءَ
جي گوشي مان ڪڍي روشناس ڪرايو آهي. سڀ کي ڄاڻ آهي
ته ڊاڪٽر نواز علي شوق علامه نجفي تارڪ تي تحقيقي
مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي سَنَدَ حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر
شوق جي اڳيان علامه تارڪ جا هٿ اکر لکيل چاليهارو
مسودا اڀياس هيٺ رهيا. انهن مان هڪ مسودو ڪليات
تارڪ سنڌي به اهم آهي، جنهن تان استفادو ڪري،
ديوان تارڪ ترتيب ڏيئي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان
ڇپرايو آهي. ديوان تارڪ ته ڪليات تارڪ جو هڪ حصو
آهي. ڪليات تارڪ ۾ غزل، ماده تاريخ، قصيدا،
ڪافيون، بيت، جهولڻا، شبد ۽ ٿورو سرائڪي ڪلام، اچي
وڃن ٿا. ديوان نجفيءَ جو مڪمل مواد، ڪليات تارڪ ۾
علامه تارڪ خود درج ڪيو آهي، جنهنڪري ديوان نجفي
جي ضرورت نه ٿي رهي. علامه تارڪ نجفي تخلص بجاءِ
تارڪ تخلص ڪتب آندو آهي. جيڪڏهن اهو ساڳيو نالو
”نجفي“ ڪليات تارڪ ۾ تخلص طور استعمال هيٺ آڻي ها
ته ڪليات تارڪ نه سڏجي ها. اهڙي ئي لحاظ کان چئجي
ٿو ته مهدي شاهه جي ٻن ڪتابن جي بنياد تي ڊاڪٽر
شوق تي ڪيل ٽيڪا ٽپڻي اڇاتري ۽ بيجا آهي.
مهدي شاهه پهريون ئي حوالو علامه تارڪ جي جنم جو
ڏنو آهي. علامه نجفي شهر لالو رانئڪ ۾ جنم ورتو ۽
ابتدائي تعليم پڻ اتي ئي پڙهيو. علامه تارڪ جي
استادن جو به ذڪر مهدي شاهه زيرِ غور آندو آهي.
مهدي شاهه کي ڪابه وڌيڪ ڄاڻ نه آهي، هو صرف ٻن
ڪتابن جي ورق گرداني ڪري اڳتي وڌيو آهي. علامه
تارڪ تي مولوي محمد عظيم شيدا ۽ حافظ احسن چنا ۽
ٻين جا مضمون آيل آهن، اهي به مهدي شاهه کي پڙهڻ
گهرجن ها ۽ بعد ۾ لکي ها. باقي مهدي شاهه ته خواه
مخواه جا تنقيدي انبار ڊاڪٽر نواز علي شوق جي مٿان
اڇلايا آهن. مٿين مضمونن کان علاوه ٻيا به ڪافي
مضمون ۽ مقالا ملن ٿا، جهڙوڪ: ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي جو مضمون، ڊاڪٽر اياز قادريءَ جو مضمون ۽
ٻيا کوڙ سارا مضمون آهن. مهدي شاهه ڪابه تڪليف ۽
جستجو نه ڪئي آهي هڪ هنڌ ويٺي، ڊاڪٽر شوق کي سڌو
نشانو بنائي مٿس اجائي تنقيد جا تير وسايا آهن.
علامه تارڪ تي هڪ ڪتاب ”لالوءَ جو لال“مون ڳچ عرصو
اڳ ترتيب ڏنو هو، اهو ڪتاب مون پنهنجي ذاتي خرچ تي
سال 2011ع ۾ اشاعت هيٺ آندو آهي. ان کي پڙهڻ سان
سڀ شڪ شبها دور ٿي سگهن ٿا. علامه تارڪ جي به ۾
مولوي محمد عظيم شيدا جي مضمون مان ٻه چار سٽون
حوالي طور پيش ڪجن ٿيون، هُو لکي ٿو:
”آڳاٽو شهر کنڊو (تعلقو وارهه) ۾ مولانا استاد سيد
عبدالعزيز شاهه خارانيءَ جو مدرسو هو، آءٌ ٻين
شاگردن سان گڏ اتي تعليم وٺندو هوس. هڪ ڏينهن
استاد کان زليخا جو سبق پيو وٺان، اچانڪ هڪ
خوبصورت نوجوان قدوقامت سان منهنجي هم عُمر، ڪتابن
۽ بستري سان اچي سهڙيو، سلام ڏئي مولوي صاحب جن
سان تعظيم سان مليو، پنهنجي احوال ۾ ٻڌايائين ته
’بنده جو نالو هدايت علي، فقير الهداد جو فرزند،
ذات جو علوي تونيو، لعلو جي رانئڪ جو رهاڪو آهيان.
سنڌي پڙهي اٿم، فارسي ڪجهه ڄاڻان، هينئر زليخا کان
مٿي هن مدرسي ۾ پڙهڻ جي ارادي سان حاضر ٿيو
آهيان.‘ اسان جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت ٿي وئي ۽ گڏجي
زليخا شروع ڪئي سون.“ مولوي محمد عظيم شيدا اڳتي
لکي ٿو ته:
”اسان اڃا زليخا ختم ئي نه ڪئي ته نجفي صاحب جن
مدرسو ڇڏي هليا ويا. باقي فارسي، عربي مولوي محبت
الله تنيي وٽ پڙهيا.“
(ص 30- لالو جو لال/2011ع)
مهدي شاهه جي مقالي مان ڪي چند گوشا کڻي هتي اپٽار
ڪريان ٿو. مهدي شاهه جي چوڻ موجب ته شمس الدين
’بلبل‘، علامه تارڪ جو استاد نه آهي.
اسان جڏهن ڳالهايون ٿا ته ڪڏهن واحد کي جمع ۽ جمع
کي واحد ۾ ڪتب آڻيندا آهيون. مثال طور: قرآن پاڪ ۾
هڪ ٻن هنڌن تي آيو آهي ته ”بيشڪ اسان نوح عليہ
السلام کي پنهنجيءَ قوم ڏانهن موڪليو.“ هن مان
ظاهر آهي ته واحد کي جمع ۾ آندو ويو آهي، پر اسان
جو مضبوط ۽ پڪو پختو ايمان آهي ته خدا تعالى واحد
آهي! پر هن جملي ۾ جمع طور آيو آهي. اهي صيغا ۽
گردان ڦرندا رهندا آهن.
هتي سوال آهي ته ”استادما“ جي معنى ٿئي ٿي، اسان
جو استاد. يعني گهڻن جو استاد. اهو به صحيح چئبو،
پر ”استادما“ واحد طور به استعمال ٿيندو آهي، ۽ ٿي
به سگهي ٿو. علامه تارڪ، بلبل جي وفات تي فارسيءَ
۾ هڪ ماده تاريخ هن ريت لکي آهي، جنهن جي عبارت
آهي:
”قطع تاريخ وفات رئيس مسٽر شمس الدين بلبل استاد
صنف“.
چون رئيس آن شمس الدين رحلت نمود
شد دل احباب ازين رحلت دونيم
آن رئيس نامدار نيکنام
سالک فرزانه باطبع سليم
مشغل بودي بشغل دنيوي
هم براه شرع بودي مستقيم
شاعر زيرک خردمند اوسخي
بافراست بود و باقلب صميم
ازمد ذوالحج روز هفدهم
صبح شنبه گشت درجنت مقيم
يالاهي بهر مقبولان تو
مسکن اوکن بگلزار نعيم
باکرم چون بود سال رحتلش
گفت ”نجفي“ بلبل باغ کريم
هن قطع جي عنوان مان ظاهر آهي ته بلبل کي علامه
تارڪ استاد تسليم ڪري ٿو. جنهنڪري مهدي شاهه جي
لکت تي ازخود پاڻي ڦري وڃي ٿو. هن کان پوءِ جيڪا
ڳالهه سامهون اچي ٿي سا وري سلطان علي سالڪ جي
بابت آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته سلطان علي سالڪ کي
علامه تارڪ استاد سڏي ٿو، ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق
درست نه لکيو آهي. اهو درست آهي ته سلطان علي
سالڪ، علامه تارڪ جو استاد هو. اهو مون خود حضرت
علامه تارڪ جي ان وقت جي سجاده نشين فقير قادر بخش
المعروف قادن فقير (علامه تارڪ جو سڳو ڀاڻيجو) کان
معلوم ڪيو هو، جنهن سندس وفات کان پوءِ سندس
درگاهه جو ڪم سنڀاليو ۽ آخري عمر تائين اتي ئي
رهيو ۽ هر اسلامي مهيني جي سترهين تاريخ ڌام ڌوم ۽
وڏي عقيدت ۽ محبت سان ملهائيندو هو. راڳ ويراڳ
ٿيندو هو، جنهن ۾ گهڻو ڪلام علامه تارڪ جو ڳايو
ويندو هو. اهڙيءَ ريت فنڪارن ۽ موسيقارن کي وڏو
داد ملندو هو. ان کان پوءِ هر سال سترهين، ارڙهين
۽ اڻويهين (ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون) محرم تي وڏو
ميلو مچندو هو. اهو سڀ ڪجهه فقير قادن رنگ
رچائيندو هو. مون به فقير قادن سان سندس محبت ۾
رهي ڳچ عرصو گذاريو، ۽ علامه تارڪ جي متعلق ڪيئي
ڳالهيون کانئن ٻڌيون. اهڙيءَ ريت علامه تارڪ جي
استادن بابت پڻ معلومات ملي. ٿورن لفظن ۾ مهدي
شاهه لکيو آهي ته ”علامه تارڪ جو ميان سلطان علي
سالڪ استاد نه هو ۽ ميان سلطان عليءَ جي ولادت ۽
وفات جا ماده تاريخ علامه تارڪ نه لکيا آهن.“
(سوجهرو-9/SEP-2006ع)
فقير قادن اهو واضح طور ٻڌايو ته ميان سلطان علي،
علامه تارڪ جو فارسيءَ ۾ استاد هو، جنهنڪري مهدي
شاهه جي تنقيد بنهه بيڪار رهجي وڃي ٿي. ميان سلطان
علي جي ولادت ۽ وفات جا ٻه ٽي ماده تاريخ/قطعه
تاريخ علامه تارڪ ڪڍيا آهن، جيڪي ڊاڪٽر نواز علي
شوق جي تحقيق کان اوجهل رهيا، اهي قطع تاريخ مون
کي علامه تارڪ جي لکيل بياض مان مليا ۽ اهو بياض
حاجي احمد نواز پيچوهي جي حق ملڪيت آهي. ان بياض
مان ڪافي عرصو اڳ مون ڦوٽو/ نقل ڪاپي ڪري رکيا
آهن. علامه تارڪ ميان سلطان علي جي ولادت ۽ وفات
جا ماده تاريخ هنن لفظن مان ڪڍيا آهن.
ميان سلطان علي کيا خير مولود
1288هه
فضل خواهان ميان سلطان علي
1924ع
ميان سلطان علي آمد بما اهل نجات
سال توليد ش چنين گوئي وسيله مخلوقات
1288هه
ميان سلطان علي گوهر نثار
1343هه
سال فوت از نام تعريفش شمار
باز سال فوت از روشندلي
گو-قدم فرخنده سلطان علي
1343هه
هم بماه عيسوي کردم خيال
شد مطابق دهم اکتوبر وصال
عيسوي سالش چوکرم فکرباز
ناگهان آمد بگوشم اين اواز
سال فوت اکتب تو باکلک جلي
مظهر و حدر ميان سلطان علي
سلطان علي جي والد جو نالو عاقل محمد شائق هو، نه
ڪي فائق! ڇو ته اها پروف جي غلطي آهي، ۽ پروف جون
چُڪون ته ڪتاب ۾ ڪافي آهن. جن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ
جا منتظمين جوابده آهن.
فائق تخلص سان هن خاندان مان هڪ ٻيو شاعر آهي،
جنهن جو نالو آهي ميان غوث بخش تونيو. ميان غوث
بخش جي وفات تي علامه تارڪ هڪ طويل قطع تاريخ لکيو
آهي، جنهن مان ٻه چار سٽون پيش ڪجن ٿيون.
که پير صداقت ميان غوث بخش
شد از دار دنائي دون ناگهان
ده يک ز تاريخ ذي الحج بريد
بيک شنبه شد سه بجه دين و آن
امير و شريف و نجيب و اديب
بجمله خصائل سر همسران
زنجفي چو خواهي سن رحتلش
بگو-فائق آمد بباغ جنان
1337هه
مهدي شاهه لکي ٿو ته ”فقير نجفي تارڪ ۽ ميان سلطان
علي سالڪ جي وچ ۾ تعلق جوڙڻ لاءِ هڪ معاف نه ڪرڻ
جهڙي حرڪت ڪئي آهي.“
(سوجهرو-10/سيپٽمبر 2006ع)
ان ۾ ڪوبه ڏوهه ڊاڪٽر شوق جو نه آهي ۽ نه وري ڪا
هن حرڪت ڪئي آهي. خواه مخواهه ڪير ٿو ڪنهن جي وچ ۾
تعلق جوڙي سگهي، جو ڊاڪٽر شوق ڪندو. مهدي شاهه ته
اجائي ضد ۽ اينگهه کان ڪم ورتو آهي ۽ ڊاڪٽر شوق کي
لفظن جي شمشير جو نشانو بنايو آهي. ديوان تارڪ جي
حوالي سان ص 181 تي هڪ غزل جو آخري مقطع ڏئي ٿو.
جي نڪته دان رمز حق آهين ته کولي پڙهه سبق،
شائق جو دفتر هڪ طرف، تارڪ جو دفتر هڪ طرف.
ديوان نجفيءَ ۾ ”عرفيءَ جو دفتر هڪ طرف، نجفي جو
دفتر هڪ طرف“ جيئن مان اڳ ۾ به واضح ڪري چڪو
آهيان، ته ديوان نجفيءَ جو سمورو مواد (ڪجهه غزلن
کان سواءِ) ڪليات تارڪ ۾ علامه تارڪ درج ڪيو آهي،
جنهنڪري ديوان نجفيءَ جي ضرورت نه ٿي رهي ۽ ڪليات
تارڪ جي صفحي نمبر 215 تي اهو لکيل آهي، جيڪو
ديوان تارڪ ۾ درج آهي، سو درست آهي.
عاقل محمد شائق جي ولادت متعلق علامه جو هڪ قطع
تاريخ ملي ٿو. سندس وفات متعلق اهڙو قطع نه ٿو
ملي. ٿي سگهي ٿو، ڪنهن ٻئي نسخي ۾ هجي. نجفي لکي
ٿو: ”ولادت باسعادت حضرت عاقل محمد صاحب عليہ
الرحمة اين است.“
چو تاريخ توليد جوئي اگر
بفرحت کشالب بگو-نيک منظر
1270هه
مهدي شاهه ديوان تارڪ جي حوالي سان لکيو آهي، ته
علامه تارڪ کي پنهنجي ڪلام تي نظرثاني ڪرڻ جو
موقعو نه ملي سگهيو آهي. اهو به ڪي قدر درست قرار
ڏئي سگهجي ٿو ته بلڪل علامه تارڪ ڪٿي ڪٿي پنهنجي
ڪلام تي نظر وڌي آهي ته وري ڪٿي نظرثاني نه ڪئي
اٿس، ڇو ته ٿوري عمر جي عرصي ۾ علامه تارڪ ايترو
ڪجهه لکيو آهي، جنهن جو ڪو جوڙجيس ئي نه ٿو ملي.
جيڪڏهن سڀ ڪلام تي ويهي نظرثاني ڪري ها ته شايد
ايڏو وڏو ڪم سرانجام ڏيئي نه سگهي ها. جيئن مرزا
قليچ بيگ جو هيءُ شعر آهي:
اسان جو ڪم گهڻو ۽ عمر ٿوري
اجل ڪاهي اچي پيو زوري زوري.
هيءُ شعر، علامه جي ڪم ۽ سندس عمر جي لحاظ کان خوب
دلالت ڪري ٿو.
علامه تارڪ ”عرفي“ جي بجاءِ ”شائق“ ڪم آندو آهي،
جنهنڪري ان ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ڪوبه عمل دخل
نه آهي. اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته علامه تارڪ
جهڙي عظيم شاعر ۽ اديب، عالم جي ڪلام سان ڊاڪٽر
شوق جهڙو هڪ ذميدار اديب ۽ نقاد هٿ چراند ڪري
سگهي؟ علامه تارڪ مرزا قليچ بيگ جي مٿئين شعر
وانگر گهڻو ڪم ڪيو آهي، جو لکڻ کان سواءِ وٽس ٻي
ڪار نه آهي، جيئن پاڻ عطار جي قصيدي جي مُنڍ ۾ چوي
ٿو:
ٿو لکان مون قصيدهء عطار،
جو مُنکي ري لکڻ نه آهي ڪار.
مهدي شاهه پاڻ کي عالم، اڪابر ۽ نقاد ظاهر ڪري،
ڊاڪٽر شوق جي ڪم تي ڇسي ناقدانه نظر رکي ڪنهن وڏي
ڪاوڙ ۽ عناد جي ور چڙهي ويو آهي. مهدي شاهه، ديوان
نجفي ۾ رديف ”نون“ جو هڪ غزل رديف ”نوان نوان“ ملي
ٿو، ۽ ديوان تارڪ ۾ ”اي نازنين“ ملي ٿو. ڊاڪٽر شوق
بلڪل پنهنجيءَ جاءِ تي صحيح آهي. ڇو ته هن جيڪو
ديوان مرتب ڪيو آهي، سو ڪليات تارڪ تان ترتيب ڏنو
آهي. اهو رديف ”اي نازنين“ ڪليات تارڪ جي 246 صفحي
تي خود علامه تارڪ جي هٿ اکرين لکيل آهي.
مهدي شاهه لکي ٿو ته: ”ديوان نجفي (1922ع) ۾ رديف
الف ۾ 10 غزل ۽ ديوان تارڪ ۾ رديف الف ۾ سورنهن
غزل ڏنا ويا آهن. سٽاء جي لحاظ کان ڏهين نمبر تي
آيل غزل کي ديوان تارڪ ۾ پهرئين نمبر تي رکيو ويو
آهي. ديوان نجفي ۾ پهرئين نمبر تي آيل غزل کي
ديوان تارڪ ۾ ٽئين نمبر تي رکيو ويو آهي.“
(سوجهرو-20/ڊسمبر2006ع)
اهو ٽئين نمبر وارو غزل ”ڪليات تارڪ“
۾ ڏهين نمبر تي رکيو ويو آهي. ديوان نجفي واري
صورتخطيءَ کي خود علامه تارڪ جوئي تبديل ڪيل آهي،
نه ڪي نواز علي شوق جو، جيئن مهدي شاهه لکيو آهي.
مهدي شاهه مطابق، ديوان نجفي ۾ صفحي نمبر 4 تي آيل
غزل جي مطلع واري شعر جي ٻي مصرع اصل ۾ هن ريت
آهي:
”هر اکر ۾ هر انگ ۾ بيرنگ ٿيو جلوه نما.
منجهه هر اکر، هر انگ ۾ بيرنگ ٿيو جلوه نما.“
(ديوان تارڪ، ڪليات تارڪ)
هيءُ شعر لکي ٿو:
جمشيد سندي جام کون تنهنجو آ جام وڏو،
ان ۾ تون عڪس پنهنجو به ڏيکار ساقيا.
(سوجهرو-20 ڊسمبر2006ع)
جمشيد سندي جام کان تنهنجو ٿيو جام وڌ.
ان ۾ تون عڪس پنهنجو ڪو ڏيکار ساقيا.
(ديوان تارڪ-ڪليات تارڪ)
ديوان نجفي ۾ ٻئي نمبر تي آيل غزل جي ٻئي شعر جي
پهرين مصرع هن ريت آهي.
ڪيئي عاشق عشق جي ايذاءَ کان مقتول ٿيا.
(سوجهرو-20/ڊسمبر2006ع)
ديوان تارڪ ۾ هن ريت آهي.
ڪيئي عاشق عشق جي ايذاءَ سبب مقتول ٿيا.
(ديوان تارڪ، ڪليات تارڪ)
ديوان نجفي ۾ ٽئين غزل جي ٽئين شعر جي پهرين مصرع
هن ريت آهي.
جيڏي دل جو رهي رايو،
اکيون ڀي ٿيون ڏسن اوڏنهن.
(سوجهرو-20 ڊسمبر2006ع)
هن غزل جي سٽ جيڪا ديوان نجفيءَ ۾ آهي، اها ئي
ساڳي مصرع، ڪليات تارڪ ۾ پڻ درج ٿيل آهي. هن مصرع
لاءِ خود ڊاڪٽر نواز علي شوق کان پڇاڻو ڪري سگهجي
ٿو، ته اها مصرع ڪيئن تبديل ٿي. ديوان تارڪ ۾ هن
طرح آهي.
ٿو جاڏي دل جو رايو ٿئي،
اکيون ڀي ٿيون ڏسن اوڏانهن.
هن غزل جي مقطع تبديل آهي. تنهن هوندي به آءٌ مقطع
جو سڄو بند ڏيان ٿو، ته جيئن حقيقت کي هٿي ملي.
ديوان نجفيءَ ۾ آهي ته
”ملن جي مرقدن تي ڪينڪي ”نجفي“ ڏٺم ميلا.
(سوجهرو-20 ڊسمبر2006ع)
ديوان تارڪ ۾ آهي:
”نه ملن جي مزارن تي ڏٺم ”تارڪ“ ڪڏهن ميلا“.
ڪليات تارڪ ۾ وري هن طرح آهي:
شهيدا عشق جا مرقد مدامي رب ڪيا روشن
مُلن جي مرقدن تي ڪيني ”تارڪ“ ڏٺم ميلا.
ساڳئي غزل جي مطلع ۾ اصل لفظ
”اربيلا“ کي تبديل ڪري ”البيلا“ لکيو ويو آهي.
(سوجهرو، 20- ڊسمبر2006ع)
اربيلا ۽ البيلا، حالانڪ ساڳي معنى ٿا رکن، انهن ۾
ڪو ايڏو تفاوت نه آهي، پر هن کي پروف جي غلطي قرار
ڏئي سگهجي ٿو.
مهدي شاهه لکي ٿو ته: ”ديوان نجفي (1922ع) رديف
الف منجهان کنيل باقي ترتيبوار غزلن 4-5-6 ۽ 7 ۾
پڻ ڊاڪٽر شوق لفظن جون تبديليون ڪري ديوان تارڪ ۾
شامل ڪيا آهن. اهڙا غزل ڊاڪٽر شوق پاران مرتب ڪيل
ديوان تارڪ جي صفحي 32-33 ۽ 34 تي ڏسي سگهجن ٿا.
(سوجهرو-20 ڊسمبر 2006ع)
مهدي شاهه کي بار بار ٻڌائڻو ۽ هتي لکڻو ٿو پوي ته
ڊاڪٽر شوق ديوان تارڪ ۾ ڪابه ردو بدل نه ڪئي آهي،
ڇو ته ڊاڪٽر شوق جي اڀياس هيٺ علامه تارڪ جا
چاليهارو کن قلمي مسودا رهيا آهن. هن ڪهڙي قلمي
مسودي يا ڪنهن نسخي تان کنيا آهن. اهو هن واضح ته
نه ڪيو آهي، باقي ديوان تارڪ ۾ ئي لکيو اٿس ته
”ديوان تارڪ“، ڪليات تارڪ جو پهريون حصو آهي ۽ آهي
به ائين ئي!
رديف/ب:
مهدي شاهه لکي ٿو ته: ”رديف الباء ۾ ست غزل آهن ۽
ديوان تارڪ ۾ صفحي 28 کان 43 تائين به ساڳيا غزل
آندا ويا آهن.“ هِتي مهدي شاهه کان سهوَ ٿي آهي.
اها هيءَ ته ص 28 تي رديف الف جا غزل آهن، نه ڪي
رديف، ب جا، ڇو ته رديف الف صفحي 37 تائين آهي، ۽
ب 38 کان 43 تائين آهي، جنهن ۾ ست غزل ڏنا ويا
آهن.
رديف ’ب‘ جي اٺين شعر جي ٻي مصرع ۾ اصل لفظن ”هي
مرض“ کي اڳتي پوئتي ڪريمرض هي“ لکيو ويو آهي. اها
پروف جي غلطي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته مهدي شاهه به صفحي
38 کي 28 ڪري لکيو آهي. ڀلا ان ۾ به ڊاڪٽر نواز
علي شوق جو قصور!
رديف ”ب“ جي ٽئين غزل جي سٽ مهدي شاهه هن ريت لکي
ٿو:
آءٌ مام هن عرف جي عشاقن جي واسطي.
(سوجهرو، 20- ڊسمبر 2006ع)
ديوان تارڪ ۽ ڪليات تارڪ ۾ اها سٽ هن طرح آهي، پر
هيءَ سٽ ديوان تارڪ ۾ آيل ٻئي نمبر غزل جي مصرع
آهي.
ٿي مام من عرف جي فقيرن جي واسطي.
اڳتي لکي ٿو، ساڳئي غزل جي چوٿين مصرع جي پهرين
مصرع ديوان نجفيءَ ۾ هن ريت آهي.
وساري پاڻ تون پس پاڻ ۾ پاڻان ٿيءُ روشن.
(سوجهرو، 20- ڊسمبر 2006ع)
چوٿون غزل ديوان تارڪ ۾ ٽئين نمبر تي آهي. مٿين
مصرع ۾ هن صاحب ”من“ جي جاءِ
”هن“ لکيو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي ۽ هيٺين سٽ
جنهن کي ساڳيو غزل ٿو چوي، اها مهدي شاهه جي ڀُل
آهي. اهو غزل ديوان تارڪ ۾ ٽئين نمبر تي آهي ۽ ان
جي مصرع آهي، جنهن ۾ اختلاف ٿو ڏيکاري، اها مصرع
ٺيڪ هن طرح آهي ۽ ڪليات تارڪ ۾ پڻ اهائي درج ٿيل
آهي، جيڪا ديوان تارڪ ۾ آهي.
”وساري پاڻ تون پس پاڻ ۾ تان پاڻ روشن ٿئي.“
ديوان نجفي ۾ ستين نمبر تي آيل غزل جي مصرع هن ريت
لکي ٿو:
حالت حلاج نجفي ان کي حاصل ٿي ٿئي.
جنهن کي آهي صلح سڀ سان خاص فقرا جي طلب.
]سوجهرو،
20- ڊسمبر 2006ع[
ديوان تارڪ ۾ غزل جو جيڪو مصرع آهي، اهوئي ڪليات
تارڪ ۾ آهي، اهو مصرع هن طرح آهي:
حالت حلاج تارڪ ان کي حاصل ٿي ٿئي،
جنهن جي صورت
جي رهي سڪ اهلِ معنيٰ جي طلب.
مهدي شاهه کي ڄاڻڻ گهرجي ته حالت جي ت کي زير
اضافت ۽ حلاج جي ”ل“ تي شَد ايندي ۽ وزن ۾ پڻ شعر
تڏهن ئي پورو ٿي سگهندو، نه ته اڻپورو چئبو ۽
معنيٰ ۽ مطلب ۾ به فرق ايندو.
مهدي شاهه اڳتي لکي ٿو ته: ”شاعر نجفي تارڪ جي اصل
لفظن جي مرتب ڊاڪٽر شوق پاران ڪيل تبديلي پڙهندڙن
جي سامهون آهي. اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر شوق، ديوان نجفي
جي رديف ’ب‘ منجهان کنيل غزل ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي
لفظن جون تبديليون پڙهندڙن جي سامهون آهن. اهڙيءَ
ريت ڊاڪٽر شوق، ديوان نجفي جي رديف ’ب‘ منجهان
کنيل غزلن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي لفظن جون تبديليون
ڪيون آهن.“
]سوجهرو،
20- ڊسمبر 2006ع[
مهدي شاهه کي وري وري چوڻ ۽ سمجهائڻ ۾ ڪو حرج ته
ڪونه آهي، کيس اهو سمجهڻ ۽ سوچڻ گهرجي ته ڊاڪٽر
شوق علامه تارڪ جي ڪلام/غزلن ۾ ڪيئن ٿو هيرا ڦيري
۽ ردوبدل ڪري سگهي. علامه تارڪ جي ڪلام جي اِهو
اصلاح ڪري سگهندو، جيڪو علامه جي درجي کي پهتل
هوندو. يا ائين کڻي چئجي ته علامه تارڪ جي خيالن
کان واقف هوندو. باقي نواز علي شوق جهڙو ذميدار
نقاد علامه نجفيءَ جي ڪلام ۾ تبديل جو سوچي ئي نه
ٿو سگهي.
رديف ٻ:
هن رديف ۾ هڪ غزل آهي، جنهن لاءِ مهدي شاهه وٽ ڪو
ٻيو ذريعو ئي نه آهي، جنهن جي آڌار تي ڪا مستند
راءِ جوڙي سگهي، هو لکي ٿو:
ڊاڪٽر شوق، هن غزل جي مقطع ۾ شاعري اصل تخلص
”نجفيا“ کي تبديل ڪري ”تارڪا“ تخلص آندو آهي. مرتب
پاران ڪيل اهڙي هٿ چراند سبب شعر جي تجنيس حرفي
واري سونهن ۾ بگاڙ آيو آهي، جيئن اصل شعر آهي:
ڇو لڪين ٿو لوڪ کان لڄ ڇو ڪرين؟
نازنين وٽ ”نجفيا“ نروار ڦٻ.
]سوجهرو،
20- ڊسمبر 2006ع[
اهو ساڳيو ئي مقطع ڪليات تارڪ ۾
”تارڪا“ تخلص سان علامه تارڪ خود ئي استعمال ڪيو
آهي، جنهن لاءِ ڪنهن ٻئي کي قصور وار نه ٿو ٺهرائي
سگهجي. اها مصرع يا بند جيئن آهي، تيئن ئي ڊاڪٽر
شوق ”ديوان تارڪ“ ۾ قلمبند ڪيو آهي. باقي ڊاڪٽر
شوق کي ڪهڙي مجال جو لفظن جون اصل صورتون مسخ ڪري
۽ بگاڙ پيدا ڪري!
اهو مٿيون مقطع ”ڪليات تارڪ“ ۾ هن ريت آهي:
ڇو لڪين ٿو لوڪ کان لڄ ڇو ڪرين؟
نـــــــازنيـــــن وٽ ”تـــــارڪـــــا“
نـــــروار ڦٻ.
رديف ڀ:
هن رديف ۾، ديوان نجفي ۾ ٽي غزل آهن، ديوان تارڪ ۾
به ساڳيا ئي ترتيبوار ٽي غزل آهن، مهدي شاهه لکي
ٿو: ”ڊاڪٽر شوق شاعر نجفي تارڪ جي رديف ’ڀ‘ وارن
ٽنهي غزلن ۾ لفظن ۽ جملن جي تبديليءَ واري هٿ
چراند ڪئي آهي. جيئن رديف ڀ ۾ پهرئين غزل جي مطلع
جي ٻي مصرع هن ريت آهي:
صفائي منجهه ظلمت آهه اڻ لڀ.“
]سوجهرو،
20- ڊسمبر 2006ع[
ديوان تارڪ ۾ ’صفائي ساڻ ظلمت آهه اڻ لڀ‘ آهي ۽ هن
۾ ’منجهه‘ ۽ ’ساڻ‘ لفظن جي مٽا سٽا ڪيل آهي. ڪليات
تارڪ ۾ ”صفائي ساڻ ظلمت آه اڻ لڀ“ جتان ڊاڪٽر نواز
علي شوق کنيو آهي، ساڳئي غزل جي پنجين نمبر شعر جي
پهرين مصرع ديوان نجفي ۾ هن ريت لکيل آهي:
جهان سارو آهي ماتم ڪده ٿيو.
ديوان تارڪ ۾ هن مصرع کي اڳتي پوئتي ڪري لکيو ويو
آهي. جيئن:
جهان سارو ٿيو ماتم ڪده آه.
]سوجهرو،
20- ڊسمبر 2006ع[
اها مصرع جيئن ديوان نجفي ۾ جيئن لکيل آهي، تيئن
ئي ڪليات تارڪ ۾ درج ڪيل آهي. منهنجي خيال ۾ ته
اها پروف جي غلطي ٿي سگهي ٿي. ان ۾ ڊاڪٽر شوق تي
ڪو حرف نه ٿو اچي.
اهڙيءَ ريت مهدي شاهه لکي ٿو: ”ساڳئي غزل جي ستين
شعر جي ٻي مصرع هن ريت آهي:
عشاقن جي سا قسمت آهه اڻلڀ.
۽ ديوان تارڪ ۾ آهي:
سا مشتاقن جي قسمت آهه اڻلڀ.“
]سوجهرو،
20- ڊسمبر 2006ع
[
جيئن ديوان تارڪ ۾ آهي، تيئن ئي ڪتاب تارڪ ۾ درج
آهي:
سا مشتاقن جي قسمت آهه اڻلڀ.
رديف ڀ ۾ ٻئي غزل جي مطلع جي پهرين مصرع ديوان
نجفي ۾ هن ريت لکيل آهي:
منجهه محبت جي مرڻ هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ.
۽ ديوان تارڪ ۾ آهي:
عشق الفت ۾ مرڻ هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ.
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
هتي ڊاڪٽر شوق کان سهوَ ٿي وئي آهي، ڇو ته اِن شعر
کي ڪنهن مٽايو آهي يا خود ڊاڪٽر شوق جي ردو بدل
ڪيل آهي، ته اهو جواب ڊاڪٽر شوق ئي ڏئي سگهي ٿو.
ڇالاءِ ته ڪليات تارڪ ۾ پڻ ”منجهه محبت جي مرڻ
هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ“ لکيل آهي.
رديف ڀ جي ٽئين غزل جي ٽئين شعر جي ٻيو نمبر مصرع
ديوان نجفي ۾ هن ريت آهي:
ڪين پر تو سو پرين چوندي ٿيا لاچار سڀ.
هيءَ مصرع جيئن ديوان نجفيءَ ۾ آهي، تيئن ڪليات
تارڪ ۾ داخل ڪيل آهي، ديوان تارڪ ۾ آهي:
پر نه پرتو سو پرين چوندي ٿيا لاچار سڀ.
صحيح مصرع جيڪا آهي، اهائي ڪليات تارڪ واري آهي،
اِن لاءِ به ڊاڪٽر شوق کان پڇاڻو ڪري سگهجي ٿو ته
هي مصرعون ڪيئن تبديل ٿيون.
رديف ت:
رديف ت ۾ ديوان نجفي ۾ 14 غزل ۽ ديوان تارڪ ۾ 13
غزل، ديوان تارڪ ۾ 2، 12 ۽ 13 نمبر ڪليات تارڪ مان
کڻي داخل ڪيا ويا آهن. جيئن مان اڳ ۾ به چئي چڪو
آهيان ته ديوان تارڪ ۾ آيل غزل، ڪليات تارڪ تي ئي
مدار رکن ٿا. مهدي شاهه کي هروڀرو اچي ديوان تارڪ
۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي لڳي آهي، جنهن وٽ ڪا ٺوس
معلومات ئي نه آهي.
مهدي شاهه لکي ٿو ته: ”ديوان نجفي ۾ غزل نمبر:
I،
جو چوٿون نمبر شعر هن ريت لکيل آهي:
پير کڻ پِر جو پٺيءَ پنڌ تا پهچين وڃي،
سڪ کڻي
سونهي سڄڻ ڏي صدق ڪر سر ساهه ست.
ديوان تارڪ ۾ هن ريت آهي:
پير کڻ پِرَ جو پُٺيءَ پنڌ تان پهچين وڃي،
سڪ کڻي
سونهين سڄڻ ڏي صدق ڪر سر ساهه ست.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
جيڪو ديوان تارڪ ۾ لکيل آهي، اهوئي ڪليات تارڪ ۾
آهي ۽ ڪليات تارڪ تي ئي ديوان تارڪ جو مدار آهي.
رديف ت
جي ساڳئي غزل ۾ پنجين شعر جي پهرين مصرع هن ريت
آهي:
اندر ۾ آتڻ وجهي، چرخو چلائج چت سندو.
ديوان تارڪ ۾ آهي:
من اندر آتڻ وجهي، چرخو چلائج چت سندو.
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
اها مصرع ڪليات تارڪ ۾ هن ريت آهي:
منجهه اندر آتڻ وجهي چرکو چلائج چت سندو.
ساڳئي غزل ۾ مقطع جي ٻي مصرع ديوان نجفي ۾ هن ريت
لکيل آهي:
هاڻ اي اغيار منجهان جاڙجي ويڳاڻو وت.
ديوان تارڪ ۾ آهي:
هاڻ اي اغيار تون تنهن ساڙ ۾ ويڳاڻو وت.
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
هن مصرع جي باري ۾ ڊاڪٽر شوق کان پڇي سگهجي ٿو، ته
اِها ڪيئن تبديل ٿِي!
مهدي شاهه لکي ٿو: ”ديوان نجفي ۾ ٻئي نمبر تي آيل
غزل کي ديوان تارڪ ۾ ٽئين نمبر تي رکيو ويو آهي،
هن ۾ هيٺين لفظن کي ڦيرايو ويو آهي:
1. غزل جي ٽئين شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل ”تنهنجي“
بجاءِ ”سندءِ“ آندو ويو آهي.
2. غزل جي پنجين شعر جي ٻيءَ مصرع ۾ ”سڌارين“ کي
”اجارين“ ڪيو ويو آهي.
3. غزل جي ڇهين شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل لفظ
”آشيان“ کي ”گلشن“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
4. مقطع جي مصرع ”تڏهن يڪدل ٿي قرب قديري حاصل“ کي
تبديل ڪري:
ڪرين يڪدل، ٿي تڏهن قرب قديري حاصل.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
مهدي شاهه جيڪي ڀيٽا ڪئي، سا جيئن ديوان تارڪ ۾
آهي، اهائي درست آهي، ڇو ته علامه تارڪ، ڪليات
تارڪ ۾ خود درج ڪيو آهي.
1. ”سندءِ“، 2. ”اجارين“، 3. ”گلشن“ ۽ 4. ”ڪرين
يڪدل ٿي تڏهن قرب قديري حاصل“، برابر آهن.
مهدي شاهه لکي ٿو، ديوان نجفي ۾ ٽئين نمبر تي آيل
غزل کي ديوان تارڪ ۾ چوٿين نمبر تي رکيو ويو آهي،
هن ۾ هيٺيون تبديليون ڪيون ويون آهن:
1. غزل جي چوٿين شعر جي ٻي مصرع ۾ اصل لفظ ”ماهرو
جي منهن اڳيان“ کي ديوان تارڪ ۾ تبديل ڪري ”رشڪ مہ
منهن اڳيان“ لکيو ويو آهي.
2. ”مرد جي آهين تون نجفي ڪنهن جي منت ڪيم کڻ“
هيءَ مقطع واري شعر جي پهرين مصرع آهي.
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
1- غزل جي چوٿين شعر جي مصرع ”رشڪ مہ جي منهن
اڳيان“ درست آهي.
2- مرد جي آهين تون ”تارڪ“ ڪنهن جي منت ڪيم کڻ.
]ڪليات
تارڪ قلمي[
مهدي شاهه لکي ٿو: ”ديوان نجفي ۾ چوٿين نمبر تي
آيل غزل کي ديوان تارڪ ۾ صفحي 50 تي پنجين نمبر تي
رکيو ويو آهي، هن غزل ۾ هيٺيون تبديليون آهن:
1) غزل جي ٻئي شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل لفظن
”ڏنهن“ کي تبديل ڪري ”منجهان“ لکيو ويو آهي.
2) غزل جي ٽئين نمبر شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل لفظن
”سان آ“ کي تبديل ڪري ”۾ ٿيو“ لکيو ويو آهي.
3. غزل جي مقطع واري شعر جي پهرين مصرع اصل ۾ هن
ريت آهي:
اڳتي نه چئي ’نجفي‘ ٿو مستيءَ کان سخن ڪو.
ديوان تارڪ ۾ هن ريت ڊاڪٽر شوق لکيو آهي:
اڳتي چئي تارڪ نٿو مستيءَ کان سخن ڪو.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
درحقيقت ڊاڪٽر شوق کي قصور وار نه ٿو چئي سگهجي.
اچو ته ڪليات تارڪ کي ڏسون ته ان ۾ ڇا لکيل آهي:
1. هن شعر جي مصرع ۾ ”ڏنهن“ بجاءِ
”منجهان“ لکيل آهي.
2. ٽئين نمبر شعر جي مصرع ۾ ”سان آ“ جي جاءِ تي ”۾
ٿيو“ آهي.
3. غزل جي مقطع واري شعر جي پهرين مصرع هن ريت
آهي:
اڳتي چئي تارڪ نه ٿو مستيءَ کان سخن ڪو.
هاڻي ٻڌايو ته ڊاڪٽر شوق جو ڪهڙو ڪم جو علامه تارڪ
جي غزلن کي مَٽائي.
”ديوان نجفي ۾ اٺين نمبر تي غزل کي ديوان تارڪ ۾
ڇهين نمبر تي رکيو ويو آهي. هن غزل جي مقطع واري
شعر جي ٻي مصرع ۾ اصل لفظ ”هوڻ“ کي تبديل ڪري،
انهيءَ جڳهه تي ”پاڻ“ لفظ رکيو ويو آهي.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
”پاڻ“ لفظ بلڪل درست آهي ۽ ڪليات تارڪ ۾ پڻ اهوئي
درج ٿيل آهي.
مهدي شاهه لکي ٿو ته: ”ديوان نجفي ۾ نائين نمبر تي
آيل غزل کي ديوان تارڪ ۾ 51 صفحي تي ستين نمبر تي
رکيو ويو آهي. هن غزل ۾ ڊاڪٽر شوق پاران شاعر فقير
نجفي تارڪ جي شاعريءَ سان جيڪا جُٺ ڪئي آهي،
انهيءَ جا تفصيل هن ريت آهن:
ديوان نجفي ۾ هن غزل جي ٻئي نمبر شعر جي ٻي مصرع
اصل ۾ هن طرح آهي:
قصد مان ڪوڙائيون ريش و بروت.
ديوان تارڪ ۾ هن طرح لکي وئي آهي:
کان قصد ڪوڙائي سي ريش و بروت.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
هن ۾ ڊاڪٽر شوق جو ڪوئي ڏوهه ڪونهي، مهدي شاهه
خواه مخواه مٿس اُلرون ۽ جُلهون ڪيون آهن، هن
پنهنجي عنوان ’جُٺ‘ سان پاڻ ئي جُٺ ڪئي آهي جو
هيڏي وڏي جَهول ۾ کڻي پاڻ کي وڌو اٿس. صد آفرين
آهي ڊاڪٽر نواز علي شوق کي، جنهن مهدي شاهه کي ڪو
جواب ئي نه ڏنو آهي، ڇو ته هيءَ بيجا ۽ خواه مخواه
جلهه آهي، تنقيد نه آهي، ان خساري ۽ ڏي وٺ واري
حساب کان پاڻ کي پري ڪيو اٿس.
”ساڳئي غزل جي پنجين نمبر شعر جي ٻي مصرع ۾ اصل
لفظ ”نظر پيئه“ کي ڦيرائي ”ڏسين تون“ لکيو ويو
آهي.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
ڪليات تارڪ ۾ ”ڏسين تون“ آهي، جنهن ڪري ديوان تارڪ
۾ آيل درست آهي.
مهدي شاهه لکي ٿو: ”ديوان نجفي ۾ ڏهين نمبر تي آيل
غزل کي ديوان تارڪ ۾ اٺين نمبر تي رکيو ويو آهي.
هن غزل جي مطلع جي ٻي مصرع اصل ۾ هن ريت آهي:
ڪيا سي ڪفر دين کان دور وحدت.
ديوان ۾ آهي:
رهن سي روز شب مامور وحدت.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
ڪليات تارڪ ۾ اصل اِها ئي مصرع آهي، جيڪا ”رهن سي
روز شب مامور وحدت“ ديوان تارڪ ۾ آهي ۽ بهتر آهي.
مهدي شاهه لکي ٿو: ”ساڳئي غزل جي ٻئي شعر جي ٻي
مصرع اصل ۾ هن ريت آهي:
ڪيا مستيءَ ۾ جي مخمور وحدت.
غزل جي ٽئين نمبر شعر جي ٻي مصرع اصل ۾ هن ريت
آهي:
انهن کي شش جهت منظور وحدت.
ديوان نجفي ۾ ساڳئي غزل جي چوٿين شعر جي ٻي مصرع
اصل ۾ هن ريت آهي:
ڪيو آءِ جن کي چڪنا چور وحدت.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
ديوان تارڪ ۾ مٿيون مصرعون هن ريت لکيل آهن:
1. رهن مستيءَ ۾ سي مخمور وحدت.
2. سي سڀ هردوجهان منظور وحدت.
3. رهن جي روز شب مسرور وحدت.
هي ٽيئي مصرعون جيئن هتي آهن، تيئن حرف به حرف
ڪليات تارڪ ۾ داخل آهن، جن لاءِ شوق صاحب کي آجو
قرار ڏئي ٿو سگهجي. ڇو ته شوق جو ڪوبه قصور ڪونهي،
جو ديوان تارڪ ايڏي مٽا سٽا ڪري.
مهدي شاهه سوجهري جي اٺين قسط ۾ لفظ به لفظ کڻي
اڳيان بيٺو آهي، پر سندس محنت ته رائگان آهي، ۽ نه
وري ڪارگر! مهدي شاهه لکي ٿو ته: ”ديوان نجفي ۾
يارهين نمبر تي آيل غزل کي ديوان تارڪ ۾ نائين
نمبر تي رکيو ويو آهي، هن غزل ۾ جن لفظن کي تبديل
ڪيو ويو آهي، انهن جو تفصيل هن ريت آهي:
1) غزل جي ٽئين نمبر شعر جي ٻئي مصرع ۾ اصل لفظ
”جي“ جي جاءِ تي ”سان“ رکيو ويو آهي.
2) غزل جي چوٿين نمبر جي پهرين مصرع ۾ اصل لفظ
”هن“ جي جاءِ ”ٿيا“ رکيو ويو آهي.
3) غزل جي پنجين شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل لفظ
”شرع“ جي جاءِ تي ”ادب“ رکيو ويو آهي.
4) ساڳئي غزل جي مقطع واري شعر جي پهرين مصرع ۾
اصل لفظ ”منجهه“ کي ”کان“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع
[
هي جيڪي به لفظ مَٽايا ويا آهن، سي ڪليات تارڪ تان
کڻي ديوان تارڪ ۾ درج ڪيا ويا آهن، ڇو ته ديوان
تارڪ جو مدار ڪليات تارڪ (قلمي) تي آهي. هن ۾
ڊاڪٽر شوق جو ڪوبه قصور ڪونهي.
مهدي شاهه لکي ٿو: ”ديوان نجفي ۾ تيرهين نمبر تي
آيل غزل کي ديوان تارڪ ۾ ڏهين نمبر تي رکي وئي
آهي. هن غزل ۾ هيٺيون غلطيون/تبديليون ڪيون ويون
آهن.
1. غزل جي پنجين شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل لفظ
”صنم“ کي ”بُت“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
2. غزل جي ڇهين نمبر جي ٻي مصرع ۾ اصل لفظن
”ڪوٺاءِ ان کي“ جي بدران ”ڪوٺائين تن کي“ لفظ آندا
ويا آهن.
3. غزل جي مقطع واري شعر جي آخري مصرع اصل ۾ هن
ريت آهي:
نڪته چين جاچيندا جڏ شعرا سندو اشعار جت.
ڊاڪٽر شوق غزل جي هن مصرع کي ديوان تارڪ ۾ هن طرح
آندو آهي:
شاعرانِ نڪته چين جاچيندا جڏهن اشعار جت.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع[
مهدي شاهه کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڊاڪٽر شوق، ديوان
تارڪ سان ڪابه هٿ چراند ڪانه ڪئي آهي، اها مهدي
شاهه جي ڀُل آهي. مهدي شاهه جيڪي تبديليون ٻڌايون
آهن، سي هن ريت آهن، جي ڪليات تارڪ جي روشنيءَ ۾
لکجن ٿيون.
1. غزل جي پنجين شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل لفظ
”صنم“ کي ”بُت“ ڪري ڪم آندو ويو آهي.
2. ”ڪوٺاءِ ان کي“ جي بدران ”ڪوٺائين ان کي“
استعمال هيٺ آندو ويو آهي.
3. غزل جي مقطع ۾ شاعرن جو نڪته چين جاچيندا جڏهن
اشعار جت.
”ديوان نجفي ۾ چوڏهين نمبر تي آيل غزل کي ديوان
تارڪ ۾ يارهين نمبر تي رکيو ويو آهي، هن غزل جي
ڇهين نمبر شعر ۾ اصل ’ڪالهه تا‘ کي تبديل ڪري
’ڪالهه ته‘ لکيو ويو آهي.
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع[
هن ۾ به ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ڏوهه ڪونهي، ڇو ته
اها پروفن جي غلطي آهي، ڇو ته ڪلياڻ تارڪ ۾ ئي
”ڪالهه تا“ لکيل آهي ته ڊاڪٽر شوق ان کي ڪيئن ٿو
مٽائي سگهي. جڏهن ته ڊاڪٽر شوق مدد ئي ڪليات تارڪ
تان ورتي آهي.
رديف ٿ:
”ديوان نجفي (1922ع) ۾ رديف ”ٿ“ ۾ رڳو هڪ غزل شامل
آهي. ديوان تارڪ (1989ع) ۾ به ساڳيو هڪ غزل آندو
ويو آهي. ديوان نجفي ۾ هن غزل ۾ ست اشعار ڏنا ويا
آهن. ديوان تارڪ ۾ هن غزل ۾ پنج اشعار ڏنا ويا
آهن، هن غزل ۾ ڊاڪٽر شوق جيڪا ڦيرڦار ڪئي آهي، اها
هن طرح آهي، غزل جي مطلع هن ريت آهي:
آهي جلوه نما ٿيو يار جت ڪٿ.
ديوان تارڪ ۾ هيءَ مصرع هن ريت لکي وئي آهي:
ٿيو جلوه نما آيا رجٿ ڪٿ.
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع[
ڪليات تارڪ ۾ به هن غزل جا ست بند آهن جيڪي ديوان
نجفي ۾ آهن، غزل جي مطلع جي پهرين مصرع هن ريت
آهي:
آهي جلوه نما ٿيو يار جت ڪٿ.
ٻه بند جيڪي ديوان تارڪ ۾ نه آهن، اهي ڪليات تارڪ
۾ هن ريت داخل ٿيل آهن:
رهي اثبات حق جي اکين ۾
ڏسي سو دوست جو ديدار جت ڪٿ.
محبت کان نه خالي آهه ڪا دل،
رهي ٿو عشق جو آثار جٿ ڪٿ.
]ڪليات
تارڪ قلمي[
رديف ٽ:
”ديوان نجفي ۾ هن رديف ”ٽ“ ۾ چار غزل ڏنا ويا آهن.
ديوان تارڪ ۾ به ساڳيا چار غزل آهن. ساڳئي ديوان
نجفيءَ واري ترتيب سان ملن ٿا، پر ديوان تارڪ ۾
ساڳين ڪجهه غزلن ۾ ڪجهه اشعار گهٽائي ڏنا ويا آهن.
ديوان نجفي ۾ رديف ٽ جي سلسلي ۾ پهرئين غزل ۾ جيڪي
تبديليون ڪيون ويون آهن، انهن جو تفصيل هن ريت
آهي:
1) غزل جي ڇهين نمبر شعر ۾ اصل لفظ ”اهڙو“ کي
تبديل ڪري ”هردم“ لکيو ويو آهي.
2) غزل جي اٺين نمبر سٽ جي مصرع اصل هن ريت آهي:
جدا جاني نه آهي جستجو بيجا ۾ جيءَ نا ڦٽ.
ديوان تارڪ ۾ هن ريت آهي:
جدا جانيءَ کان ناهين ڪي، پري ڳولڻ ۾ جيءَ نا ڦٽ.
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع[
اصل ۾ هن غزل ۾ ڊاڪٽر شوق ڪابه تبديلي نه ڪئي آهي،
هيءُ جملو مهدي شاهه جو غلط آهي، اهو هيءُ ته
”ساڳين ڪجهه غزلن ۾ ڪجهه اشعار گهٽائي ڏنا ويا
آهن.“ جڏهن ته هن رديف ۾ آهن ئي ڪجهه غزل يعني
چار! ڪو وڏو انگ نه آهي. مهدي شاهه کي ائين لکڻ
گهربو هو ته هڪ ٻن غزلن جا ڪجهه اشعار گهٽائي لکيا
ويا آهن، جيڪو درست آهي:
1. هن غزل ۾ ”اهڙو“ جي جاءِ تي ”هردم“ آهي.
2. هن غزل جي مصرع هن ريت آهي، جيڪا ديوان تارڪ ۾
آهي:
جدا جانيءَ کان ناهين ڪي پري ڳولڻ ۾ جيءُ نا ڦٽ.
]ڪليات
تارڪ قلمي[
ديوان نجفي ۾ آيل ٻئي نمبر غزل ۽ ديوان تارڪ ۾
صفحي نمبر 58 تي آهي، جنهن ۾ هيٺيون تبديليون ڪيون
ويون آهن:
1. غزل جي ٽئين نمبر شعر لفظ ”مٿس“ کي بدلائي
”اٿس“ ڪيو ويو آهي.
2. ساڳئي شعر جي ٻيءَ مصرع ۾ اصل لفظ ”کي“ کي
بدلائي ”لئي“ ڪيو ويو آهي.
3. غزل جي چوٿين نمبر شعر ۾ ”جيئن سڪ وڌي ٿي“ لفظن
کي تبديل ڪري ”جيئن شڪ وڌي ٿي“ لکيو ويو آهي.
4. غزل جي مقطع ۾”علما“ کي مٽائي”زاهد“
ڪيو ويو آهي. اصل ۾ ڊاڪٽر شوق غزلن جي لفظن جي مٽا
سٽا جو ذميوار نه آهي، اچو ته ڪليات تارڪ جي
روشنيءَ ۾ مٽاسٽا کي جاچيون ته حقيقت ڪهڙي پاسي
آهي.
1. ”مٿس“ جي جاءِ تي ”ٿس“ لکيل آهي.
2. ”کي“ جي بدران ”لئي“ لکيل آهي.
3. ”جيئن سڪ وڌي ٿي دل ۾“ درست آهي. سڪ جي ’س‘ کي
’ش‘ ڪيو ويو آهي. يعني شڪ ڪيو ويو آهي، جيڪو غلط
آهي. هن ۾ پروف جي غلطي آهي.
4. ”عُلما“ جي جاءِ تي ”زاهد“ لکيل آهي.
]ڪليات
تارڪ قلمي[
”ديوان نجفي ۾ رديف ٽ جي ٽئين نمبر غزل کي ديوان
تارڪ ۾ به ٽئين نمبر تي رکيو ويو آهي. هن ۾ هيٺيون
تبديليون ڪيل آهن:
(1) غزل جي ٽئين نمبر جي پهرين مصرع ۾ ”زخم دل“ کي
مٽائي ”کي اثر“ ڪيو ويو آهي.
(2) غزل جي چوٿين نمبر شعر جي پهرين مصرع ۾
”ماهروين“ کي ”ماهر ويان“ ڪيو ويو آهي.
(3) غزل جي پنجين شعر جي پهرين مصرع جي اصل لفظن
”سهڻن جي اڳيان“ کي تبديل ڪري ”تن جي روبرو“ لکيو
ويو آهي.
(4) غزل جي ستين شعر جي ٻي مصرع جي اصل لفظ
”ڦٿڪائين ٿو نيڻن جو نٽ“ کي تبديل ڪري ”ويتر ٿي
ڏسي نيڻن جو نٽ“ لکيو ويو آهي.
(5) غزل جي اٺين شهر جي ٻي مصرع ۾ اصل لفظن ”دل
صفا ڪاري جو“ کي تبديل ڪري ”دل ڪري اطهر جو“ لفظ
لکيا ويا آهن.
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع[
درحقيقت جيڪا لفظن جي مَٽ سَٽ ڪئي وئي آهي سا
علامه تارڪ جي ڪيل آهي، نه ڪي ڊاڪٽر شوق جي! ڪليات
تارڪ ۾ هن ريت آهي:
1- ”زخم دل“ جي بجاءِ ”کي اثر“ آهي.
2- ”ماهروين“ جي جاءِ تي ”ماهرويان“ لکيل آهي.
3- ’سهڻن جي اڳيان‘ ان جي روبرو“ آهي. ديوان تارڪ
۾ ”تن جي روبرو“ غلط آهي. منهنجي سوچ مطابق، اها
به پروف جي چُڪ آهي.
4- ”ڦٿڪائين ٿو نيڻ جو نٽ“ جي بدران ”ويتر ٿي ڏسي
نيڻن جو نٽ“ آيل آهي.
5- ”دل صفا ڪاري جو“ جي بجاءِ ”دل ڪري اطهر جو“
لکيل آهي، درست آهي.
”ديوان نجفي ۾ چوٿين نمبر غزل کي ديوان تارڪ ٽئين
نمبر تي رکيو ويو آهي. ديوان نجفي ۾ هن غزل ۾ ست
شعر آهن. جڏهن ته ديوان تارڪ ۾ هن غزل ۾ ڪل ڇهه
شعر ڏنا ويا آهن. غزل جي مقطع واري شعر ۾ شاعر جو
تخلص ”نجفي“ مٽي
”تارڪ“ ڪيو ويو آهي. هن ۾ ٻي ڪابه ڦيرڦار نه ڪئي
وئي آهي.“
]سوجهرو،
21- ڊسمبر 2006ع[
هن غزل ۾ ڪليات تارڪ ۾ پڻ ست شعر علامه تارڪ درج
ڪيا آهن ۽ نجفيءَ جاءِ تي تارڪ لکيو اٿس، جيڪو
درست آهي.
رديف ”ٺ“:
مهدي شاهه لکي ٿو: ”ديوان نجفي ۾ هن رديف ۾ چار
غزل ۽ ديوان تارڪ ٽي غزل ديوان نجفي وارا ٽي غزل
ترتيب سان رکيا ويا آهن، رديف ٺ جو پهريون غزل
ديوان تارڪ ۾ صفحي نمبر 61 تي آهي. هن غزل ۾ جيڪي
تبديليون آنديون آهن، سي هي آهن:
1) غزل جي پنجين شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل لفظ
”آءٌ“ کي بدلائي ”مان“ لکيو ويو آهي.
2) غزل جي ڇهين شعر جي مصرع ۾ اصل لفظ ”اٿي“ کي
تبديل ڪري ”اٿئي“ لکيو ويو آهي.
3) غزل جي ڇهين شعر جي ٻيءَ مصرع ۾ لفظ ”تا“ ضمير
جواب موصول طور ڪم آيل آهي.
پر ديوان تارڪ ۾ ”تا“ لفظ کي ڪٽيو ويو آهي.
4) غزل جي مقطع ۾ شاعر جو اصل تخلص
”نجفي“ بدلائي ”تارڪ“ لکيو ويو آهي.“
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
هي ته ٿيون، لفظن جون تبديل ٿيل صورتون جيڪي مهدي
شاهه جون لکيل آهن. ليڪن ائين نه آهي، جيئن مهدي
شاهه ٿو سمجهي، اچو ته ڏسون ڪليات تارڪ ۾ ڇا لکيل
آهي.
1. اصل لفظ ”آءٌ“ جي جاءِ تي ”مان“ درج ٿيل آهي.
2. اصل لفظ ”اٿي“ کي ”اٿئي“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي،
پر درست لفظ ”اٿي“ آهي. هن ۾ پروف جي چُڪ ٿي سگهي
ٿي.
3. ”تا“ لفظ ڪڍيو ويو آهي، پر ائين نه ٿو ٿي سگهي،
اهو به پروف ريڊر جو ڪم آهي. ان ۾ ڊاڪٽر شوق جو
ڪوبه عمل دخل نه آهي.
4. ’نجفي‘ جي جاءِ تي ’تارڪ‘ استعمال ڪيو ويو آهي،
جيڪو درست آهي.
رديف ’ٺ‘ جي ٻئي نمبر غزل ۾ مهدي شاهه هيٺيون
تبديليون ظاهر ڪيون آهن.
1) غزل جي مطلع جي ٻي مصرع ۾ اصل لفظن ”ناز ڀريا“
کي ديوان تارڪ ۾ ”ناز وارا“ لکيو ويو آهي.
2) غزل جي چوٿين شعر جي مصرع ۾ اصل لفظ ”آ“ کي
مٽائي ”ٿي“ لکيو ويو آهي.
3) نجفي جي جاءِ تي ”تارڪ“ تخلص لکيو ويو آهي.
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
ٿورن لفظن ۾ ته جيڪي ديوان تارڪ ۾ لکيل آهي، سوئي
ڪليات تارڪ ۾ درج ٿيل آهي، انهن لفظن ۾ ڊاڪٽر شوق
پاران ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي.
”هن غزل کان پوءِ رديف ٺ جو ٽيون غزل ديوان تارڪ
جي صفحي 62 ۽ 63 تي آيل آهي. ڊاڪٽر شوق پاران هن
غزل ۾ ڪيل ڦيرڦار جا تفصيل هن ريت آهن:
(1) غزل جي پهرين شعر جي مصرع ۾ اصل لفظ ”آءٌ“
بجاءِ ”مون“ لکيو ويو آهي.
(2) ٻي مصرع ۾ اصل لفظ ”مان“ کي ڦيرائي ”مون“ لکيو
ويو آهي.
(3) غزل جي چوٿين شعر جي پهرين مصرع ۾ ”اٽ“ لفظ کي
ڦيرائي ”مون“ ڪيو ويو آهي.
(4) غزل جي مقطع ۾ شاعر جو اصل تخلص ’نجفي‘ مٽائي
’تارڪ‘ ڪيو لکيو ويو آهي. جڏهن ته شعر جي ٻي مصرع
۾ ”ماهروين“ کي مٽائي ”ماهرويان“ لکيو ويو آهي.
هن غزل جون مهدي شاهه چار غلطيون نروار ڪيون آهن،
پر انهن ۾ جيڪا ڦيرڦار ڪيل آهي، سا خود علامه تارڪ
طرفان ڪيل آهي، اِن ۾ به ڊاڪٽر شوق جو ڪوبه قصور
ڪونهي. جيئن ديوان تارڪ ۾ لکيل آهي، تيئن ڪليات
تارڪ ۾ ئي درج ڪيل آهي.
مهدي شاهه ٽئين نمبر پيرا ۾ ”اٽ“ لفظ لکيو آهي،
جيڪو غلط آهي. اهو لفظ ”اُت“ ٿي سگهي ٿو. هن لفظ
جي بدران ”مون“ درج ٿيل آهي، ڪليات تارڪ ۾ اهي
چارئي صورتون درست ٿيل داخل آهن.
رديف ث:
مهدي شاهه لکي ٿو: ”ديوان نجفي ۾ ”رديف الثاء“ ۾ 2
عدد غزل موجود آهن. ديوان تارڪ ۾ به ٻه عدد غزل
ملن ٿا، جن ۾ پهريون غزل ساڳئي ديوان نجفي وارو
آهي، جيڪو ديوان تارڪ جي صفحي نمبر 64 تي موجود
آهي. جڏهن ته ٻيو نمبر غزل ديوان نجفي وارو نه
آهي.“
ديوان نجفي مان کنيل غزل ۾ ڊاڪٽر شوق جيڪا ڦيرڦار
ڪئي آهي، اها هن ريت آهي:
1. غزل جي ٻئي نمبر شعر ۾ پهرين مصرع ۾ اصل لفظ
”غربال“ کي مٽائي ”ڇاڻي“ لکيو ويو آهي.
2. غزل جي چوٿين شعر جي پهرين مصرع ۾ ديوان نجفي ۾
اصل هن ريت آهي:
روز شب منجهه انتظاري تو سندي.
ڊاڪٽر شوق، شاعر جي مٿئين مصرع کي تبديل ڪري لکيو
آهي.
تنهنجي اوسيئڙي ۾ دلبر رات ڏينهن.
اهڙيءَ ريت غزل جي مقطع واري شعر جي پهرين مصرع
’ديوان نجفي‘ ۾ هن ريت لکيل آهي:
3. ٿو ڪري تيلاهون دانهون تنهنجي در.
ڊاڪٽر شوق، شاعر جي هن مصرع کي مٽائي هن ريت لکيو
آهي:
تنهنڪري دلبر رهي ٿو تنهنجي در.
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
هن غزل ۾ جيڪي تبديليون ڪيون ويون آهن، تن لاءِ
ڊاڪٽر شوق کان پڇاڻو ڪري سگهجي ٿو. مثال طور:
”غربال“ کي مٽائي ”ڇاڻي“ لکيو آهي، سو غلط آهي.
”غربال“ درست آهي ۽ ڪليات تارڪ ۾ پڻ ”غربال“ لکيل
آهي.
2. ديوان نجفي ۾ ”روز شب منجهه انتظاريءَ تو سندي“
درست آهي.
ڊاڪٽر شوق غلط لکيو آهي ۽ ڪليات تارڪ ۾ پڻ ديوان
نجفيءَ واري مصرع درج ٿيل آهي.
3. جيڪا مصرع ديوان تارڪ ۾ آهي، سا مصرع ڪليات
تارڪ ۾ پڻ.
”تنهنڪري دلبر رهي ٿو تنهنجي در“. درست آهي.
رديف پ:
”ديوان نجفي ۾ چار غزل ملن ٿا، ديوان تارڪ ۽ ديوان
نجفيءَ وارا ساڳيا چار غزل آهن. ڊاڪٽر شوق هن رديف
’پ‘ جي غزلن ۾ ڪهڙي ڦيرڦار ڪئي آهي؟ اهڙا تفصيل
هيٺ ڏجن ٿا:
ڊاڪٽر شوق ديوان تارڪ ۾ هن رديف جو پهريون غزل
صفحي نمبر 67 تي آندو آهي.
1) هن غزل جي چوٿين شعر جي ٻي مصرع ۾ اصل لفظ ’ڪفر
ڪلمون ڀر‘ آهن جيڪي ديوان تارڪ ۾ رڳو ’ڪفر ڀر‘
لکيل آهن.
2) غزل جي مقطع ۾ نجفي کي مٽائي ”تارڪ“ تخلص لکيو
ويو آهي. “
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
1- ”ڪفر ڀر“ درست آهي.
2- نجفي جي جاءِ تي ”تارڪ“ درست آهي. اهي ٻيئي
صورتون ڪليات تارڪ ۾ موجود آهن.
رديف پ جو ٻيو غزل ديوان تارڪ ۾ صفحي نمبر 67 ۽ 68
تي آيل آهي، جنهن جي ٽئين شعر جي ٻي مصرع ۾ اصل
لفظ ”تڏه“ کي بدلائي ”پوءِ“ ڪيو ويو آهي.
3. غزل جي چوٿين شعر جي ٻي مصرع جي اصل لفظن
”ملائي هڻن ٿا“ کي ڦيرائي ”ملائي ڪن ٿا“ ڪيو ويو
آهي.
4. غزل جي پنجين شعر جي ٻي مصرع ”هئن ڪرڻ گهرجي نه
هرگز مال مسڪين هڙپ“ آهي.
ديوان تارڪ ۾: هيئن ڪرڻ گهرجي نه توکي مال مسڪينان
هڙپ.“
5. نجفي کي مٽائي ’تارڪ‘ ڪيو ويو آهي.
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
ڊاڪٽر شوق ته ڄاڻي واڻي لفظ يا مصرعون ڪونه مٽايون
هونديون. جيڪي ديوان تارڪ ۾ آهن، سي ڪليات تارڪ
تان نقل ڪيون ويون آهن، پر جيڪي هڪ ٻئي سان لفظ يا
مصرعون نه ٿيون ملن، تن جي مان نشاندهي ڪندو پيو
وڃان.
1) ’تڏه‘ جي جاءِ تي ’پوءِ‘ لفظ آندو ويو آهي،
جيڪو غلط آهي، ڪليات تارڪ ۾ ’تڏ‘ لکيل آهي.
2) ”ملائي هڻن ٿا“ غلط آهي ”ملائي ڪن ٿا“ درست
آهي.
3) ”هيئن ڪرڻ گهرجي نه توکي مال مسڪينان هڙپ“ درست
آهي.
4) نجفيءَ جي جاءِ تي ”تارڪ“ درست آهي.
هڪ لفظ مقطع کان اڳ ۾ لکيل آهي. ان ۾ غزل جي پنجين
شعر جي ٻي مصرع ۾ اصل لفظ ”تڏ“ کي ڦيرائي ”پوءِ“
ڪيو ويو آهي. ’پوءِ‘ لفظ غلط آهي، ’تڏ‘ درست آهي،
ڇو ته ڪليات تارڪ ۾ ’تڏ‘ لکيل آهي.
رديف پ جي ٽئين غزل جي ڇهين مصرع ديوان نجفي ۾
لکيل آهي.
منجهه شبِ فرقت مُنکي آيو نظر ۾ ٿي ائين.
ديوان تارڪ ۾ هن طرح لکيل آهي:
هجر واري رات مون کي ٿي نظر آيو ائين.
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[“
جيڪا مصرع ديوان نجفيءَ ۾ آهي، سا ڪليات تارڪ ۾
آهي، جيڪا درست آهي. ان لاءِ ڊاڪٽر شوق کان پڇي
سگهجي ٿو، ته اها مصرع ڪيئن تبديل ٿي، ان جو ڪارڻ
خود ڊاڪٽر شوق صاحب ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
”رديف پ جي چوٿين غزل ۾ ڇهين نمبر مصرع ديوان
نجفيءَ ۾ هن ريت ملي ٿي:
عطر لائي ٿي دفع بدبوءِ ڌپ.
غزل جي مقطع، ”دنيا مؤن ڇٽي ڪين نجفي سگهيو.“
ديوان نجفي ۾ آهي ۽ ديوان تارڪ ۾ ”ٿئي عطر کان دور
بدبوءِ ڌپ.“
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
مهدي شاهه کي هن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ ضروري گهرجي
ته ڊاڪٽر شوق جيئن ديوان تارڪ هي مصرعون لکيون آهن
۽ ڪليات تارڪ گواهه آهي، جنهن ۾ چٽيءَ طرح مٿيون
مصرعون آهن.
رديف ”ڦ“:
مهدي شاهه لکي ٿو: ديوان نجفيءَ ۾ هڪ غزل ۽
ساڳيوئي غزل ديوان تارڪ ۾ آهي. ڪليات/ديوان تارڪ
جي مرتب: ڊاڪٽر نواز علي شوق، هن غزل ۾ جيڪي
تبديليون ڪيون آهن، انهن جا تفصيل هن ريت آهي:
(1) غزل جي مطلع واري شعر جي ٻيءَ مصرع ۾ اصل لفظ
”سڄڻن“ کي مٽائي ”دلبر“ لکيو ويو آهي.
(2) غزل جي ٻئي شعر جي پهرين مصرع ديوان نجفي ۾ هن
ريت لکيل آهي:
جا ڪون جدا تون آنهه ٿيو تاڪون آءٌ جيءُ جڏو.
ديوان تارڪ ۾ انهيءَ مصرع کي هن ريت ڦيرايو ويو
آهي:
جاڪون جدا ٿيو آهين تاڪون ٿيا جيءَ جڏا.
(3) غزل جي چوٿين شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل لفظ
”کٽونس هوڏ“ کي تبديل ڪري ”لهيس هوڏ“ ڪيو ويو آهي.
(4) غزل ۾ مقطع ۾ شاعر جو اصل تخلص ’نجفي‘ مٽائي
’تارڪ‘ لکيو ويو آهي.
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
اچو ته ڪليات تارڪ کي ڏسون ته ان ۾ ڇا لکيل آهي؟
1. غزل ۾ ”سڄڻ“ کي ”دلبر“ ڪري لکيو ويو آهي، سو
بلڪل ٺيڪ آهي.
2. غزل جي ٻئي شعر جي مصرع ”جاڪون جدا ٿيو آهين
تاڪون ٿيا جيءَ جڏا“ درست آهي.
3. ”کٽونس هوڏ“ ۽ ”لهيس هوڏ“ ٻئي غلط آهن. ديوان
تارڪ ۾ ”لهيس لاڏ“ لکيل آهي ۽ ڪليات تارڪ ۾ پڻ
”لهيس لاڏ“ درج ڪيل آهي. جيڪو صحيح آهي.
4. تخلص نجفي کي مٽائي ”تارڪ“ تخلص ڪيو ويو آهي
جيڪو بلڪل درست آهي.
رديف ”ج“:
مهدي شاهه لکي ٿو: ”ديوان نجفي ۾ هن
”رديف ج“ ۾ ڪل ست غزل آهن. ديوان تارڪ ۾ به ”رديف
ج“ ۾ ست غزل ملن ٿا، جن جا ترتيبوار 1 کان 6 تائين
غزلن جي ترتيب ساڳي ديوان نجفيءَ واري آهي، جڏهن
ته ديوان نجفي ۾ شامل ستين نمبر غزل کي ديوان تارڪ
۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. هن رديف ”ج“ جي غزلن ۾
ڊاڪٽر شوق جيڪا ڦيرڦار ڪئي آهي، انهن جا تفصيل هن
ريت آهن:
1) غزل جي چوٿين نمبر مصرع ۾ اصل لفظ ”تار مطلب ۾“
کي مٽائي ”تار منجهه طلب“ ڪيو ويو آهي.
2) غزل جي ڇهين نمبر شعر جي ٻيءَ مصرع ۾ اصل لفظن
”اهڙو نه سوال ڪج“ کي ڦيرائي ”نه اهڙو سوال ڪج“
لکيو ويو آهي.
3) غزل جي اٺين نمبر شعر جي پهرين مصرع ديوان نجفي
۾ هن ريت لکيل آهي:
آءٌ درد دل جو ظاهر ڪيو يار جي اڳيان.
ديوان تارڪ ۾ آهي:
”مون درد دل جو پيش ڪيو يار جي اڳيان.“
4) غزل جي مقطع جي پهرين ديوان نجفي ۾ هن ريت آهي:
تارڪ جي نقد جان ڏئي بازار عشق ۾.“
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
مهدي شاهه کي مون جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪو
منهنجي علم ۾ آهي، سو شائقين ۽ ادب جي گهڻگهرن
اڳيان حاضر ڪيو اٿم. مهدي شاهه هن غزل ۾ چار نقص
نروار ڪيا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
(1) ديوان تارڪ ۾ ”تار طلب نه“ بلڪ ”تار منجهه
طلب“ آهي، جيڪو درست آهي.
(2) ديوان تارڪ ۾ ”نه اهڙو سوال ڪج“ درست آهي.
(3) ديوان تارڪ ۾ ”مون درد دل جو پيش ڪيو يار جي
اڳيان آهي“ سو بلڪل ٺيڪ آهي.
(4) ”تارڪ جي نقد جان ڏئي بازار عشق ۾“ سو صحيح
آهي.
ڪليات تارڪ ۾ ائين درج ڪيل آهي، جيئن ديوان تارڪ ۾
داخل آهن. انهن ۾ ڪوبه ڦير نه آهي. ”هن رديف ج جو
ٻيو غزل ديوان تارڪ ۾ 72 صفحي تي ملي ٿو.
1- هن غزل جي ٻئي نمبر شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل ۾
لفظ ”مچٽ“ کي مٽائي ”مچ“ لکيو ويو آهي.
2- غزل جي مقطع ۾ شاعر جو اصل تخلص ’نجفي‘ مٽائي
’تارڪ‘ لکيو ويو آهي.
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[“
مهدي شاهه جي جواب ۾ ته ”مچٽ“ جي بجاءِ ”مچ“ ڪيو
ويو آهي، سو درست آهي.
غزل جي مقطع ۾ ”نجفي“ جي بدران ”تارڪ“
لکيو ويو آهي. سو بلڪل صحيح آهي.
”هن رديف جو ٽيون غزل ديوان تارڪ ۾ صفحي نمبر 72 ۽
73 تي آيل آهي. هن ۾ هيٺيون غلطيون آهن:
(1) ديوان نجفي ۾ آهي: مهجور مرن جيڪي، جاني اهي
جيارج.“
ديوان تارڪ ۾ مٿين مصرع هن طرح آهي:
”مهجور جي مرن ٿا جاني اُهي جياريو.“
(2) هن غزل جي مقطع ديوان نجفي ۾ آهي: ”جي چوڪ شعر
نجفي ۾ نڪته چيين ڏسين ڪا.“
ديوان تارڪ ۾ هن ريت آهي: ”ڪا چوڪ جي شعر تارڪ ۾
نڪته پين ڏسين ڪا.“
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
مهدي شاهه پهرين مصرع جيڪا لکي آهي، سا ديوان تارڪ
۾ درست آيل آهي.
غزل جي مقطع جي پهرين مصرع ڪليات تارڪ ۾ هن ريت
داخل ٿيل آهي، جيڪا درست آهي.
جي چوڪ شعر تارڪ ۾ نڪته چين ڏسين ڪا.
ڪليات تارڪ جو اڀياس ڪندي معلوم ٿيو ته پهرين مصرع
درست آهي ۽ ان ۾ لفظ جياريو آيو آهي سو جيارج صحيح
آهي. اها پروف جي غلطي چئي سگهجي ٿي. باقي مقطع جي
مصرع ڪليات تارڪ ۾ ائين لکيل آهي، جيڪا مٿي پيش
ڪئي اٿم. اهڙيءَ ريت مهدي شاهه هڪ مصرع ”نڪته چين“
۽ ٻيءَ ۾ ”نڪته پين“ لکي آهي، سا بلڪل غلط آهي. ٿي
سگهي ٿو ته اها پروف جي غلطي هجي. وڌيڪ مهدي شاهه
کي ئي علم آهي.
”هن رديف جو چوٿون نمبر غزل ديوان تارڪ جي صفحي
نمبر 73 تي موجود آهي.
(1) غزل جي پنجين شعر جي ٻي مصرع ديوان نجفي ۾ هن
ريت لکيل آهي:
منجهه سمهڻ اٿڻ ويهڻ منجهه ڪرڻ ڪنه حاج.
ديوان تارڪ ۾ هن ريت آهي:
منجهه جاڳ اُٿڻ ويهڻ منجهه ننڊ ڪرڻ حاج.
(2) غزل جي مقطع ۾ نجفي مٽائي تارڪ ڪيو ويو آهي ۽
ٻي مصرع ۾ اصل لفظ ”ڏنهن“ کي مٽائي ”کان“ ڪيو ويو
آهي.“
]سوجهرو،
9- جنوري 2007ع[
مهدي شاهه جي جواب ۾ ته جيڪا مصرع ديوان تارڪ ۾
آهي، سا ڪليات تارڪ ۾ هن طرح آهي:
منجهه جاڳ اُٿڻ ويهڻ منجهه ننڊ ڪرڻ هاج.
غزل جي مقطع ۾ ”تارڪ“ ۽ ”کان“ لفظ آهن، ڪليات تارڪ
۾ پڻ ائين ئي آهن، جيڪي صحيح آهن. اِن ۾ ڊاڪٽر
نواز علي شوق جو ڪوبه قصور ڪونهي.
”رديف ج جو پنجون نمبر غزل ديوان تارڪ جي صحفي
نمبر 73 ۽ 74 تي آيل آهي.
1- غزل جي مطلع واري شعر جي پهرين مصرع ديوان نجفي
۾ هن طرح آيل آهي:
سمجهه سريءَ جي سير کي هن جيم جان مؤن ڪري عروج.
ڊاڪٽر شوق ديوان تارڪ ۾ ساڳي مصرع هن ريت لکي آهي:
سمجهه سر جي سير کي هن جسم جان مؤن ڪر عروج.
2- غزل جي ٻئي نمبر شعر جي پهرين مصرع ديوان نجفي
۾ هن ريت لکيل آهي:
آئيو جنهن جاءِ تؤن آن واري وچ اوڏاهين وري.
ڊاڪٽر شوق ديوان تارڪ ۾ هيءَ مصرع هن ريت ڦيرائي
لکي آهي:
آئيو تون جنهن کان آهين وري اوڏاهين وچ.
3- غزل جي مقطع واري شعر ۾ اصل لفظن ’آنهه نجفي‘
کي ڦيرائي ’آهين تارڪ‘ ڪيو ويو آهي.“
]سوجهرو،
10- جنوري 2007ع[
مهدي شاهه جيڪي تبديليون ٻڌايون آهن، تن ۾ ڊاڪٽر
نواز شوق کي قصور وار قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.
(1) غزل جي مطلع واري شعر جي پهرين مصرع ڪليات
تارڪ ۾ هن طرح آهي، جيڪا ديوان تارڪ ۾ آهي:
(2) هي مصرع ڪليات تارڪ ۾ هن طرح آهي:
آيو تون جنهن جاءِ کان آهين وري اوڏاهين وڃ.
(3) غزل جي مقطع واري شعر ۾ ڪليات تارڪ ۾ ”آهين
تارڪ“ لکيل آهي.
مهدي شاهه لکي ٿو: ”رديف جو ڇهون نمبر غزل ديوان
تارڪ جي صفحي نمبر 75 تي ملي ٿو.
1) غزل جي ٽئين نمبر شعر جي ٻي مصرع ۾ اصل لفظ
”وگر“ کي مٽائي ”ويا“ لکيو ويو آهي.
2) غزل جي چوٿين نمبر شعر جي ٻيءَ مصرع ۾ اصل لفظ
”سڃي“ کي بدلائي ”ڪنجوس“ لکيو ويو آهي.
3) غزل جي مقطع ۾ تخلص ”نجفي“ کي
”تارڪ“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.“ ]سوجهرو،
10- جنوري 2007ع[
ڊاڪٽر شوق ڪابه تبديلي ڪانه ڪئي آهي، جيئن مهدي
شاهه لکيو آهي، ديوان تارڪ جي حوالي سان، تيئن ئي
ڪليات تارڪ ۾ آهي. جنهنڪري ڊاڪٽر شوق جو ڏوهه ئي
ڪونهي.
رديف ”ڄ“:
مهدي شاهه لکي ٿو: ”ديوان نجفي ۾ هن ”رديف ڄ“ ۾ ڪل
ٽي غزل آهن، ديوان تارڪ ۾ به ساڳي ترتيب سان
ساڳيائي ٽي غزل آندا ويا آهن. ڊاڪٽر شوق هنن غزلن
۾ تبديليون ڪيون آهن، انهن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا:
رديف ڄ ۾ پهريون غزل ديوان تارڪ جي صفحي نمبر 76
تي موجود ”ملڪي“ ٿو. (صحيح لفظ ”ملي ٿو“.)
1) هن غزل جي ڇهين نمبر شعر جي پهرين مصرع ديوان
نجفي ۾ هن ريت لکيل آهي:
”وجهي بگاڙ ٿي معشوقن عاشقن.
ديوان تارڪ ۾ هن ريت آهي:
وجهي بگاڙ ٿي هردو فريق جي دل ۾.“
]سوجهرو،
10- جنوري 2007ع[
هي ٻيئي صورتون غلط آهن، هنن ۾ وڏو تضاد ۽ بگاڙ
آهي، انهن جي بدران علامه تارڪ ڪليات تارڪ ۾ هن
ريت داخل ڪئي آهي:
وجهي بگاڙ ٿي معشوقن عاشقن ۾ روز.
]سوجهرو،
10- جنوري 2007ع[
2) هن غزل جي ستين نمبر شعر جي ٻيءَ مصرع ۾ اصل
لفظ ”وڌاسون“ کي ڦيرائي
”وڌيسين“ لکيو ويو آهي.
]سوجهرو،
10- جنوري 2007ع[
اهو لفظ ڪليات تارڪ ۾ ”وڌاسون“ لکيل آهي.
3) غزل جي اٺين شعر جي ٻيءَ مصرع ديوان نجفيءَ ۾
اصل هن ريت لکيل آهي:
حياءُ شرم چؤ ڪنهه کي ٿا ۽ ڇاهي لڄ.
4) ڊاڪٽر شوق ديوان تارڪ ۾ هن غزل جي مقطع شامل نه
ڪئي آهي، جيڪا ديوان نجفي ۾ هن طرح ملي ٿي:
پڇاءِ دوست جو ديرو وڃي پهچ ’نجفي‘،
پڇو نه جن لڄ لاهي ڇڏيا سي لڄ.
]سوجهرو،
10- جنوري 2007ع[
هيءَ مصرع ديوان تارڪ مان غائب آهي، اهو سنڌي ادبي
بورڊ کان پڇاڻو ڪري سگهجي ٿو، نه ڪي ڊاڪٽر شوق کان
ڇو ته ڊاڪٽر شوق مصرع ڪيئن ٿو ڪڍي سگهي!
اِها مصرع ڪليات تارڪ ۾ علامه تارڪ سائين هن ريت
درج ڪئي آهي:
پڇائي دوست جو ديرو وڃي تون تارڪ رس،
پڇو نه جن لڄ لاهي ڇڏيا سي راهي لڄ.
”رديف ڄ جو ٻيو نمبر غزل ديوان تارڪ جي صفحي 77 تي
ملي ٿو.
(1) هن غزل جي مطلع واري شعر جي پهرين مصرع ۾ اصل
لفظ ”ٽئي“ کي مٽائي ”رهي“ لکيو ويو آهي.
(2) غزل جو ٻيو نمبر شعر جي پهرين مصرع ديوان نجفي
۾ اصل هن طرح لکيل ملي ٿي:
ٿي ڏسجي سنبل جي جعد ڀي پريشان ڀي.
اها مصرع ديوان تارڪ ۾ هن طرح لکيل آهي:
(3) غزل جي ساڳئي ٽئين شعر جي ٻيو نمبر مصرع ديوان
نجفي ۾ هن طرح لکيل آهي:
جو بعد مرڻ پئي ان جي دلبرن ۾ روڄ.
هن مصرع کي ڊاڪٽر شوق ديوان تارڪ ۾ هن ريت لکيو
آهي:
جوتن جي موت کان پئي ان جي دلبرن ۾ روڄ.
(4) غزل جي پنجين نمبر شعر جي پهرين مصرع ديوان
نجفي ۾ هن ريت لکيل آهي:
جنهين کي منهن نه ڏيکاريو اٿي مرڻ جي وقت.
ڊاڪٽر شوق ديوان تارڪ ۾ هيءَ مصرع هن طرح بدلائي
لکي آهي:
مرڻ جي وقت نه جن کي تو منهن پسايو هو.
(5) غزل جي اٺين نمبر شعر جي ٻي مصرع ديوان نجفي ۾
هن ريت لکيل آهي:
وگر نه پنهنجو غم پئي ٿو مرد و زن ۾ روڄ.
ڊاڪٽر شوق ديوان تارڪ ۾ هيءَ مصرع هن ريت لکي آهي:
وگر نه موت تي پوندو آهي مرد و زن ۾ روڄ.
(6) غزل جي مقطع ۾ شاعر جو اصل تخلص نجفي مٽائي
تارڪ لکيو ويو آهي.“
]سوجهرو،
10- جنوري 2007ع[
مهدي شاهه جي جواب ۾ ته:
1- ٿئي، جي جاءِ تي ’رهي‘ لکڻ غلط آهي، ڪليات تارڪ
۾ ’ٿئي‘ آهي، درست آهي.
2- غزل جي هيءَ مصرع ڪليات ۾ هن طرح داخل آهي:
ٿي ڏسجي سنبل جي جعد ڀي پريشان ڀي.
جيڪا ديوان نجفي ۾ آهي، سا درست آهي.
3- هيءَ مصرع ڪليات تارڪ ۾ علامه تارڪ سائين هن
طرح درج ڪيو آهي:
جو انجي موت کان پئي ان جي دلبرن ۾ روڄ.
هيءَ مصرع ديوان نجفي ۽ ديوان تارڪ ۾ جيڪا آهي، سا
غلط آهي.
4- ڪليات تارڪ ۾ هيءَ مصرع هن ريت داخل آهي:
’جني کي منهن نه ڏيکاريو اُٿي مرڻ جي وقت‘. درست
آهي
5- هيءَ مصرع هن ريت علامه تارڪ ڪليات تارڪ ۾ جمع
ڪئي آهي.
وگر نه پنهنجي غم پئي ٿو مرد زن ۾ روڄ.
6- مقطع ۾ نجفي بجاءِ تارڪ آهي، سو تارڪ درست آهي،
ڇو ته ڪليات تارڪ ۾ ئي ائين لکيل آهي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن غزل ۾ جيڪي به غلطيون
سامهون آيون آهن، تن ۾ ڊاڪٽر شوق جو جوابدار هئڻ
غلط آهي ڇو ته ديوان تارڪ ’ڪليات تارڪ‘ جو هڪ حصو
آهي، پر جيڪي غلطيون يا ڪچايون ڦڪايون ۽ مٽاسٽا
ڪئي وئي آهي، ان لاءِ ڊاڪٽر شوق کي بورڊ وارن کان
پڇڻ گهرجي ها، مگر ڊاڪٽر شوق ائين ڪرڻ مناسب نه
سمجهيو هوندو، جنهنڪري 1989ع کان وٺي اڄ تائين چُپ
چاپ ۾ رهيو، تان جو مٿس تنقيد جا پهاڙ ڪيرايا ويا،
تڏهن به اِهو طويل عرصو نهايت ماٺ ۾ گذاريائين.
منهنجون ته ساڻس ڪافي ڪچهريون به ٿيون آهن، ليڪن
اِن معاملي يعني مهدي شاهه جي ڪيل تنقيد ۾ ڪجهه به
نه ڪڇيائين.
ڊاڪٽر شوق جي متعلق مهدي شاهه لکي ٿو:
”ڊاڪٽر شوق پاران مرتب ڪيل ”ديوان تارڪ“ جي رديف
الف کان رديف ڄ تائين رديف وار غزلن ديوان نجفيءَ
جي روشنيءَ ۾ تنقيدي جائزو پيش ڪيو ويو، جنهن مان
معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر شوق، مرتب جي حيثيت ۾ شاعر
فقير هدايت علي نجفي تارڪ جي شاعريءَ ۾ لفظن،
مصرعن، قافين، رديفن ۽ تخلص جون تبديليون ڪري،
ڪيتري وڏي ادبي خيانت ڪئي آهي. ڊاڪٽر شوق هڪ طرف
مواد کي غلط نموني پيش ڪري ڪراچي يونيورسٽيءَ کان
پي ايڇ.ڊي حاصل ڪري قانوني ڏوهه ڪيو آهي ته ٻئي
طرف سنڌي ادب ۾ فقير هدايت علي نجفي تارڪ جي شخصيت
۽ شاعريءَ بابت غلط ۽ بي بنياد ڄاڻ تي مبني ڪتاب
’ديوان تارڪ‘ جو واڌارو ڪري قومي ۽ اخلاقي ڏوهه
ڪيو آهي.“
]سوجهرو،
10- جنوري 2007ع[
مهدي شاهه وٽ صرف ٻه ڪتاب ديوان نجفي ۽ ديوان تارڪ
آهن، جن جي سهاري هيٺ پنهنجي عنوان ”ڳالهه يا جُٺ“
سان نيبهه ڪيو آهي، مهدي شاهه کي اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ
گهرجي ته ڊاڪٽر شوق نه اناڙي آهي نه اڻڄاڻ! هو
علامه تارڪ جي ڪم کان بلڪل واقف آهي ۽ هو ڪنهن به
قسم جي ڪا تبديلي نه ٿو ڪري سگهي پر اهڙي مٽاسٽا
جو سوچي به نه ٿو سگهي، جنهن کي علامه تارڪ جي ڪم
جي خبر نه هجي، اهوئي اهڙو تبديليءَ وارو ڪم ڪري
سگهي ٿو. |